زبيده ميتلو
تلاشجي
نڪري هڪ شهر کان ٻئي شهر
هلندو هلجي، ڪاهيندو جهنگ جهر
بَرن کان بَحَرَ ۽ ٽڪريءَ ٽَڪَرَ
هيڪر ته تلاشجي!
جيڪر ته تلاشجي!
ڪنهن کي ته تلاشجي!
مٿڀرو، مٿي کان مٿاهين
پاتال منجهه پيل تَر تائين
ڪڍي اَننگ منجهون
بَحَرَ مٿي بَحَرُ، بيهارجي
ڏسي هڪ نظر
نظرن سان ملائي نظر،
نظر نظر مان گهڙي نظر
چاهه مان
چاهتن جا جوڙي شهر ۽ منظر
سونهن کي سوايو سنوارجي
رڳو خراشجي، ويٺو تراشجي
انت، اننت توڻين تراشجي
هيڪر ته تلاشجي!
جيڪر ته تلاشجي!
ڪنهن کي تلاشجي!
زين پروين ڏاهري
خوابن جا پکي
هڪ دفعو وري
خوابن جا پکي
نيڻن جي ٽارين تي
پنهنجا آکيرا اڏڻ ٿا چاهن
ڄڻ! هوا ۾ گهر اڏڻ ٿا چاهن
ڪيڏا نه پاڳل آهن
اهو نٿا ڄاڻن ته!
اهڙا جڙيل آشيانا
ٻيهر آباد نه ٿي سگهندا آهن،
خوابن جي پاڳل پکين کان
وسري ويو آشايد
اکين ۾ جيڪي
تصور جا گهر جوڙيا هئا
حقيقتن جي تيز هوا
تن کي ڪيئن کن پل ۾
تنڪ تنڪو ڪري
اڏري اُجاڙي ڇڏيو
۽ نيڻن جي ٽارين تي
لڙڪن جي چند ماڪ ڦڙن کان سواءِ
باقي ڪجهه به نه بچيو هو.
سحر امداد
سُر ساگر
چاهه اسان جو چانڊوڪيءَ جئن
چمڪيو آ چوڌار
آ ته هلون هن پار!
آ ته خوشيءَ جا نغما ڇيڙيون
سر ساگر جا موتي ميڙيون
ڪريون قول قرار
آ ته هلون هن پار!
چاهه اسان جو چانڊوڪيءَ جئن
چمڪيو آ چوڌار
آ ته هلون هن پار!
لهر لهر ٿي گيت ٻڌائي
تون به انهيءَ سان سُرَ ملائي
ڇيڙي ڇڏ ملهار
آ ته هلون هن پار!
چاهه اسان جو چانڊوڪيءَ جئن
چمڪيو آ چوڌار
آ ته هلون هن پار!
پريت بنا هر ريت اجائي
سڪ ئي آهي ساءِ سجائي گهڙي گهڙي گلزار
آ ته هلون هن پار!
چاهه اسان جو چانڊوڪيءَ جئن
آ ته هلون هن پار!
انڊلٺ وَنگ جان
توسان ونگيس انڊلٺ وانگ جان
کڙي پيس کستوريءَ رنگ جان
هير گهلي ۽ خوشبو پکڙي
جاڳي پيئڙا انگ امنگ جان
پل پل پيڙا جو پاڇولو
عيسى وانگي ٽيساس ٽنگجان
راتيون رُگهه ۽ اونداهيون گهگهه
ٻاريم پنهنجو پاڻ پتنگ جان
تنهنجو منهنجو نينهن ته آهي
سانول سُرهي سَرهي سنگ جان
سيندوري سنجها من موهي
تنهنجي تن جي تانَ تلنگ جان
پيار پراڻو رسجي راڻل
رنگجي اگنيءَ رنگي انگ جان
گهٽ ٻوسٽ ۽ پنڌ اڻ کٽندڙ
جندڙي آهي سوڙهي سُرنگ جان
ماکيون ميوا پر وڻ گهاٽا
تن من جهاڳڻ اوکو جهنگ جان
سروي
نالو: نصرت محمد عرس
شهر: ٽنڊو جان محمد
تعليم؟ انٽر سائنس
ڪهڙي نوڪري ٿيون ڪريو؟ مان في الحال ته
NCHD
(نئشنل ڪميشن فار هيومن ڊيولپمينٽ) ۾ ٽيچر آهيان
پر اها اميد اٿم ته مستقبل ۾ هن ئي اداري جي
DLC
(ڊسٽرڪٽ لٽريسي ڪو آرڊينيٽر)
ٿينديس.
عورت کي نوڪري ڪرڻ کپي؟ منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ڪنهن عورت ۾ نوڪري
ڪرڻ جي صلاحيت آهي ته هُن کي ضرور ڪرڻ گهرجي.
نوڪريءَ جي ڪري گهر وارن ۽ ٻاهر جي ماڻهن جو رويو؟ منهنجي گهر
وارن جو رويو تمام بهترين آهي ۽ ٻاهر وارن جي مون
کي پرواهه نه آهي، ڇو ته اگر آءُ انهن جي پرواهه
ڪنديس ته ڪڏهن به پنهنجي منزل تي نه پهچنديس.
گهر ۾ ڪهڙو ڪم ڪنديون آهيو؟
گهرو ڪم ڪندي آهيان.
ڪو هنر ڄاڻو ٿيون؟ الله تعالى جو شڪر آهي مان چار پنج هنر
ڄاڻندي آهيان جنهن ۾ سبڻ، ڀرڻ، سڳيون ٺاهڻ وغيره.
لباس ڪهڙو ٿو وڻي؟ مون کي سنڌي لباس پسند آهي.
آزاديءَ ۽ ڇڙواڳيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ آزادي هر انسان جو حق آهي.
آزاديءَ کي جيڪڏهن صحيح استعمال ڪجي ته انهيءَ
آزاديءَ جهڙي ڪا نعمت ئي نه آهي، پر جيڪڏهن
آزاديءَ جو غلط استعمال ڪيو وڃي ته ان جهڙي ڪا
نقصانڪار شيءِ نه آهي.
زندگي وري ملي ته ڇا ڪنديون؟ وري زندگي ملي ته ان لاءِ الله
تعالى جو شڪر ادا ڪنديس. ماءُ پيءُ جي خدمت ڪنديس.
ڇو ته انسان ته سڀ آهيون پر سٺو انسان اهو آهي،
جيڪو صرف پاڻ لاءِ نه، پر ٻين لاءِ به سٺو هجي.
ٻين لاءِ جنهن انسان جي دل ۾ همدردي نه آهي اهو
ڪڏهن به سٺو انسان نٿو ٿي سگهي.
رنگ ڪهڙو پسند آهي؟ مون کي اڇو رنگ پسند آهي، ڇو ته اهو
پاڪيزگيءَ جي علامت آهي.
خوشبو ڪهڙي پسند آهي؟ خوشبوءِ جا گهڻا ئي قسم آهن پر مون کي
انهن مان پنهنجي وطن پاڪستان جي مٽيءَ جي خوشبو ئي
وڌيڪ وڻندي آهي.
موسيقي ڪهڙي پسند آهي؟ مون کي غمگين موسيقي پسند آهي. خاص ڪري
لتا جا پراڻا گيت تمام گهڻي شوق سان ٻڌندي آهيان.
گلن ۾ ڪهڙي خوشبو پسند آهي؟ مون کي موتيي جي گل جي خوشبو تمام
گهڻي پسند آهي.
سرتين لاءِ ڪو پيغام؟ سرتين لاءِ منهنجو اهو ئي پيغام آهي ته دل
لڳائي پڙهو. علم شوق سان پرايو. اهو علم ئي انسان
کي انسانيت سيکاري ٿو. غلطي ٿي هجي ته معاف ڪجو.
آءُ امداد حسيني صاحب توهان جي بيحد شڪر گذار آهيان. توهان مون
کي تمام گهڻي عزت ڏني. مون توهان جو نالو ٻڌو هو
پر ائين توهان سان ملاقات ٿي ويندي، ڪڏهن خواب ۾
به نه سوچيو هو. سر يقين ڪريو ته توهان سان ملي
تمام گهڻي خوشي ٿي. نصرت مياڻي.
****
نالو: عائشه خالد
شهر / ڳوٺ: ميرپور خاص
تعليم؟ ايم اي سوشيالاجي
ڪهڙي نوڪري ٿيون ڪريو؟ مان ڊسٽرڪٽ لٽريسي ڪو آرڊينيٽر
نوشهروفيروز آهيان. عورت کي نوڪري ڪرڻ کپي؟ منهنجو
خيال آهي ته عورت کي نوڪري ضرور ڪرڻ گهرجي.
نوڪريءَ جي ڪري گهر وارن ۽ ٻاهر جي ماڻهن جو رويو؟ مون کي نوڪري
جي حوالي سان ايتري مشڪل نه ٿي. جيتري پڙهائي لاءِ
ٿي. من کي اهو چوندي فخر آهي ته مان پنهنجي خاندان
جي پهرين پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪري آهيان ۽ انشاءَ الله
مون کي ڏيئي سان ڏيئو ٻارڻو آهي.
نوڪريءَ جو تجربو ڪيئن ٿو لڳي. تمام سٺو به تمام ڏکيو به. اسان
سنڌي ڇوڪرين سان هميشه مسئلو رهيو آهي ۽ اسان جو
ڪم مردن سان هوندو آهي ۽ هيءُ سماج مردن جو آهي.
گهر ۾ ڪهڙو ڪم ڪنديون آهيو؟ مان گهر جا تمام گهڻا ڪم ڪندي هيس
پر هاڻ نه ڪندي آهيان، ڇو ته منهنجي نوڪري اهڙي
آهي.
ڪو هنر ڄاڻو ٿيون؟ مون کي هُرمچ ڀرت ايندو آهي.
لباس ڪهڙو ٿو وڻي؟ مون کي سنڌي لباس وڻندو آهي پر مان قميص،
شلوار به پسند ڪندي آهيان.
رنگ ڪهڙو پسند آهي؟ اڇو ۽ نيرو.
خوشبو ڪهڙي پسند آهي؟ مون کي مينهن کان پوءِ سنڌ ڌرتيءَ جي
مٽيءَ جي خوشبو ۽
For Ever پرفيوم جي خوشبو وڻندي آهي.
موسيقي ڪهڙي پسند آهي؟ مون کي سنڌي
Sad Songs
۽ ماسٽر چندر جا ڪلام خاص طور تي هيءَ دنيا فاني
آهي. ۽ عابده پروين جو ”هن جنم هن جنم لاءِ وچن ٿو
ڪريان“ پسند آهن.
سرتين لاءِ ڪو پيغام؟ تعليم حاصل ڪريو ۽ اوهان پڙهيل آهيو ته
پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم کي وڌايو.
****
نالو: ياسمين سيما
تعليم؟ ايم. اي اسلامڪ ڪلچر
ڪهڙي نوڪري ٿيون ڪريو؟ ڊسٽرڪٽ لٽريسي ڪو آرڊينيٽر.
عورت کي نوڪري ڪرڻ کپي؟ عورت کي نوڪري ڪرڻ گهرجي. نوڪري ڪرڻ سان
عورت ۾ ذميواري جو احساس وڌي ٿو، ان جي روزمره جي
زندگي
Routine
واري ٿئي ٿي. جديد دور جي پُر آسائش زندگيءَ لاءِ
مرد جي ٻانهن ٻيلي ٿئي ٿي. عورت کي پنهنجو پاڻ
مڃائڻ جو موقعو ملي ٿو.
نوڪريءَ جي ڪري گهر وارن ۽ ٻاهر جي ماڻهن جو رويو؟ اسان جي سماج
۾ نوڪري ڪرڻ واري عورت سان عام ماڻهن جو رويو
نامناسب آهي. گهر وارا به نوڪريءَ واري عورت مان
گهڻيون اميدون رکن ٿا،عورت گهر ۾ هجي يا گهر کان
ٻاهر، ان جي ذميوارين ۾ ڪابه گهٽتائي نٿي اچي.
عورت کي نوڪريءَ جي ذميوارين سان گڏو گڏ گهر جي
ذميوارين جي پورائي لاءِ پاڻ کي پتوڙڻو پوي ٿو.
گهر ۾ ڪهڙو ڪم ڪنديون آهيو؟ هڪ گهريلو عورت جيان پنهنجي گهر
واري ۽ ٻارن جي ذميوارين کان پوءِ گهر جي تمام ڪمن
ڪارين ۾ منهنجو حصو اهو ئي آهي جيڪو هڪ عام رواجي
عورت جو هوندو آهي.
نوڪري جو تجربو ڪيئن ٿو لڳي؟
نوڪريءَ جو تجربو تمام سٺو ٿو لڳي. هن نوڪريءَ ۾ مون کي گهڻو
ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو آهي. اڳتي وڌڻ جو جذبو
پيدا ٿيو آهي. ماڻهن سان واسطا وڌيا آهن. هن جذبي
هڪ قوت پيدا ڪئي آهي ته پنهنجي قوم جي پوئتي پيل
عورتن کي تعليمي ميدان ۾ اڳتي آڻي پنهنجي حياتيءَ
کي بامقصد بڻائجي.
ڪو هنر به ڄاڻو ٿيون؟ سبڻ ۽ ڀرڻ / رڌ پچاءُ.
لباس ڪهڙو ٿو وڻي؟ شلوار، قميص ۽ هر اهو لباس جنهن ۾ عورت
باوقار لڳي.
رنگ ڪهڙو پسند آهي؟ اڇو، نيرو.
خوشبو ڪهڙي پسند آهي؟ موتئي (کٽڻ کٽڻهار) جي.
موسيقي ڪهڙي پسند آهي؟ هلڪي، ميلوڊيس، سُريلي، پاپ نه وڻندي
آهي. ان ۾ سر سنگيت، گوڙ شور وڌيڪ هوندو آهي.
سرتين لاءِ ڪو پيغام؟ زندگيءَ ۾ ڪنهن به مقصد کي ماڻڻ لاءِ جذبي
۽ همت سان اڳتي وڌجي ته ڪاميابي سدائين گڏ هوندي.
ان لاءِ ڪڏهن به نااميد ٿي همت نه هارڻ گهرجي.
****
نالو: صائمه ناز راشد
تعليم؟ ايم اي سوشيالاجي.
نوڪري ڪنديون آهيو، ڪهڙي، ڪٿي؟ مان بالغن کي تعليم ڏيندي آهيان
گهوٽڪي ضلعي ۾.
نوڪريءَ جو تجربو ڪيئن ٿو لڳي؟ نوڪريون ته گهڻيون ئي ڪيون آهن،
هر نوڪريءَ جو تجربو مختلف ۽ سکڻ تي منحصر هوندو
آهي. هر نوڪري مون ٻن سالن تائين ڪئي آهي يا جڳهه
بدلائيندي آهيان يا شعبو، ڇو ته هڪ ئي جڳهه تي
جڏهن سڀ شيون سکي ويندي آهيان ته اتي سيکارڻ جو
عمل ڪندي آهيان. جيئن تجربو ٿي.
گهر ۾ ڪهڙو ڪم ڪنديون آهيو؟ گهر جو هر ڪم ڄاڻان ٿي ۽ ڪري به
ويندي آهيان پر شوق سان ناهيان ڪندي.
ڪو هنر ڄاڻو ٿيون؟ هنر ڪافي اچن ٿا، ڊيڪوريشن جون مختلف شيون
ٺاهي ويندي آهيان. ڊزائننگ ڪري ويندي آهيان، ڀرت
هر قسم جو ايندو اٿم.
توهان ڇا ٿيون ٿيڻ چاهيو؟ سچ پڇو ته هڪ سٺو انسان ٿيڻ چاهينديس،
جيڪو پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جي نقش
قدم تي هلڻ وارو هجي.
لباس ڪهڙو ٿو وڻي؟ جيڪو سنت نبوي صلي الله عليه وآله وسلم جي
مطابق هجي.
رنگ ڪهڙو ٿو وڻي؟ اڇو، ميرون، ڪارو ۽ سمنڊ جهڙو سائو رنگ پسند
اٿم.
خوشبو ڪهڙي پسند آهي؟ هلڪي خوشبوءِ پسند ڪندي آهيان، گهڻو ڪري
گلن جي خوشبو وڻندي اٿم.
موسيقي ڪهڙي ٻڌنديون آهيو؟ موسيقي به هلڪي وڻندي اٿم. ڏک وارو
ڪلام وڌيڪ وڻندا آهن.
سرتين لاءِ ڪو پيغام؟ رسالي ۾ اهڙين عورتن جا انٽرويو ڏيو، جن
تمام گهڻي محنت کان پوءِ ڪو مقام حاصل ڪيو هجي. يا
اهڙيون ڪهاڻيون جيڪي پڙهڻ کان پوءِ ياد رهجي وڃن.
آءُ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ کي هڪ راءِ ڏيڻ چاهيان ٿي جيئن ڪجهه
نظرثاني ٿي سگهي، اها هيءَ آهي ته:
اسان جي اٺين ڪلاس جي نصاب جي ڪنهن به هڪ ڪتاب ۾ اهڙي معلومات
ڏيون جنهن سان سڀني شعبن ۽ انهن تائين پهچڻ لاءِ
ڪهڙن ڪهڙن ڪورسن کي پاس ڪرڻو پوندو.
اهو هيئن ته اسان جي اسڪول ۾ ڪنهن به ٻار کي جيڪڏهن پڇيو وڃي ته
توهان وڏا ٿي ڇا ٿيندؤ ته هڪدم ڊاڪٽر، استاد يا
انجنيئر ٿيڻ لاءِ چوندو. ان کان سواءِ ڪنهن به
شعبي جي باري ۾ ٻارن کي ڄاڻ ڪونهي، ڪاش پنهنجي
روشن مستقبل ٺاهڻ جي لاءِ اسين شروع کان ئي سوچي
ڇڏيون ته اسان کي ڇا ڪرڻو آهي يا ڇا ٿيڻو آهي. |