سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :12

 

شبانه                                                                آخري قسط

جيون _ هٿ، درد _ ريکائون

ڪجهه ڏسي به چپ رهندو هو. پر نميءَ کي ڪومليءَ جو وليءَ سان اهڙو ورتاءُ اصل نه وڻندو هو. گهڻو سمجهايو هئائينس پر ڪومليءَ تي ذرو به چئي ويندي هئس ته، وليءَ سان سڄي زندگي گذارڻي آ توکي. پنهنجو رويو ۽ لهجو درست ڪر. وليءَ سان، صحيح طرح سان ڳالهاءِ، عزت ڪر ان جي ۽ خيال رکينس. پر نميءَ جي اهڙين ڳالهين تي هوءَ ڌيان ئي نه ڏيندي هئي ۽ ويٺي مرڪندي هئي. ڪومليءَ کي ٿورو گهڻو ڊپ هو ته فقط ماسڙ جو. اهو گهر ۾ هوندو هو ته پوءِ ڪوملي ماٺ هوندي هئي. ڪوملي نه ڪاوڙ ڪندي هئي نه ڪنهن ڳالهه تي ضد ڪندي هئي. گهڻو ڪري ڪيڏانهن ويندي ئي ڪانه هئي. ماسڙ اهو سمجهندو هو ته ڪومليءَ جهڙي صالح، نيڪ ۽ ڏاهي ڇوڪري ٻي ڪا نه ٿي سگهي. پڙهائي پوري ڪري وري واپس اچي ويو، پيءُ چيو تون گهر ماءُ وٽ وڃي رَههُ. تنهنجي ماءُ کي تنهنجي ضرورت آ. وليءَ جي واپسيءَ تي ڪومليءَ جو مُنهن سُڄي ويو، ڄڻ ولي پنهنجي گهر نه ڪومليءَ جي گهر موٽيو هو.

نمي سوچيندي هئي ته ننڍي هوندي ٻنهي جو ڪيترو قرب هو پاڻ ۾. هاڻي اهو قرب ڪاڏي هليو ويو هو. نميءَ محسوس ڪيو ٿي ته وليءَ جو ڪومليءَ سان اڃا به پيار قائم هو. هو فقط، ڪومليءَ جي رَويي سبب کانئس پري ٿي ويو هو. پيار ئي ته هو جنهن جي ڪري هن ڪومليءَ جا دڙڪا به سَٺا ته نفرت به.

ماسيءَ چاهيو پئي ته جلد ئي پٽ کي گهوٽ جي روپ ۾ ڏسي. اها ڳالهه جڏهن هن نميءَ سان ڪئي ته ماسيءَ جي آڏو ته نميءَ به خوشيءَ جو اظهار ڪيو پر پوءِ پريشاني وٺي ويس. ڪومليءَ جا لڇڻ ٻڌائي رهيا هئا ته هوءَ مشڪل راضي ٿئي ان شادي لاءِ.

جي ڪومليءَ انڪار ڪري ڇڏيو ته پوءِ، پوءِ ڇا ٿيندو!؟ اهو سوچي نمي گهٻرائجي وئي.

ماسيءَ نميءَ کي چيو، ”جهڙي تون ڪومليءَ جي ڀيڻ آهين، تهڙي وليءَ جي. سڀڪجهه توکي ڪرڻو آهي. ولي تنهنجو ڀاءُ آ، ڇا تون نه چاهيندينءَ ته ڀاءُ جا سهرا ڳايان ۽ خوشي ڪيان.“

”ڇو نه ماسي، مان ته پاڻ ان ڏينهن جي انتظار ۾ هيس ته وليءَ کي موڙ ٻڌان، گهوٽ ٿيندي ڏسان.“ نميءَ هڪدم چيو.“ ته پوءِ تون ڪومليءَ جي مرضي معلوم ڪري ڏينم ته جيئن مان تنهنجي ماسڙ کي شاديءَ جي تياريءَ لاءِ چئي سگهان.“

”ها ماسي، مان پڇندي مانس“، نميءَ آهستي ڳالهايو. نميءَ جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو هو پر هوءَ لڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي. ماسي ايتري خوش هئي جو نميءَ جا لڙڪ نظر ئي نه آيس.

نميءَ جڏهن ڪومليءَ سان اها ڳالهه چوري ته هن صاف انڪار ڪري ڇڏيو.

”ائين نه ڪر ڪوملي، ماسيءَ جا اسان تي وڏا ٿورا آهن. تون ننڍڙي هئينءَ ته هن گهر ۾ آئي هئينءَ. ماسيءَ توکي هيڏو ڪيو آهي. تنهنجا ناز نخرا کنيا اٿس. ماءُ بڻجي نپايو آ توکي ماسيءَ. ڇا تون ان عظيم عورت جي اها ننڍڙي خواهش، ننڍڙي خوشي به پوري نه ٿي ڪري سگهين؟ ڇا تون چاهين ٿي ته هن گهر جون سڀ خوشيون خاڪ ٿي وڃن. وليءَ سان تنهنجي رشتو طيءَ ٿيل آهي.“ نميءَ چيو.

”هو تمام سٺو ڇوڪرو آهي، توکي خوش رکندو. ماسيءَ جو ڪجهه ته خيال ڪر ڪوملي. ائين سندس ارمانن جو خون نه ڪر.“

نمي، هيٺاهين واري لهجي ۾ ڀيڻ کي سمجهائڻ چاهيو.

”تنهنجي ڇا مرضي آ ته مان پنهنجن ارمانن جو خون ڪري وليءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي وڃان، ڇو جو هنن جا اسان مٿان وڏا احسان آهن. ائين نه. ها، مان مڃان ٿي ته هنن اسان تي وڏو ٿورو ڪيو آ، پر ڇا هو ان احسان جي قيمت ٿا وصول ڪرڻ چاهين جو زوريءَ مون تي اهو فيصلو مڙهيو پيو وڃي، اها سراسر ڏاڍائي آ، ظلم آهي. مان ڪڏهن به ان رشتي لاءِ راضي نه ٿينديس.“

ڪوملي ڪاوڙ مان ٻيو به الائي ڇا ڇا چوندي رهي. ”ڪوملي، ڪوملي تون ٿڌي دماغ سان سوچ ته سهي توکي اهو فيصلو غلط لڳندو. ڪجهه ماسيءَ جي عمر جو ئي خيال ڪر. هن عمر ۾ هوءَ اهڙو صدمو سهي سگهندي!؟“

نميءَ، نرميءَ سان وري سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ”مان ڇا ڪريان، ماسيءَ کي صدمي کان بچائڻ لاءِ پاڻ کي ڏکن جي حوالي ڪري ڇڏيان. ائين نه؟ تون چاهين ٿي ته مان قربان ٿي وڃان.پر مون کان ڪونه ٿيندو. مان بلڪل به تيار ناهيان، ان لاءِ.“ ڪومليءَ ٺپ جواب ڏيئي ڇڏيو.

”ڪوملي تو رڳو پنهنجي لاءِ ٿي سوچين. اسان جي توکي ڪا پرواهه ڪانهي. توکي اسان جو احساس هجي ها ته انڪار ڪرڻ جو سوچين به نه ها.“ نميءَ ڏک مان چيو.

”منهنجي شروع کان ئي اها عادت رهي آهي توکي خبر آ. ها، اها ته تون آهين جنهن کي سڀني جو فڪر رهندو آهي.“ ڪومليءَ لاپرواهيءَ مان چيو.

نميءَ کي ڪومليءَ جي راضي ٿيڻ جي ڪا اميد نظر نه آئي. پوءِ به هن همٿ نه هاري. چيائين، ”ڪوملي! آخر تون سمجهڻ جي ڪوشش ڇو ڪانه ٿي ڪرين. وليءَ ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟ سوچ ته سهي، ماسيءَ کي ڪيترو ڏک رسندو.“ ”توکي جيڪڏهن ماسيءَ جو ايترو ئي خيال آ ته پوءِ تون پاڻ ڇو نه ٿي وليءَ سان شادي ڪري ماسيءَ جي ننهن بڻجين.“

”ڪوملي“، نميءَ، هڪ زوردار ٿڦڙ وهائي ڪڍيس. ”توکي ڪو حق نه ٿو پهچي مون کي روز روز مارڻ جو، سمجهيهءِ؟“ ڪومليءَ پنهنجو ڳل مهٽيندي ڪاوڙ مان چيو.

”توکي به ڪو حق ڪانهي روز روز منهنجي بيعزتي ڪرڻ جو.“ نميءَ روئندي وڌيڪ چيو ”توکي خبر آهي ته وليءَ کي مون ڪڇ تي کڻي گهمايو آ، نپايو آهي ۽ ڪيترو ننڍو آ هو مون کان. مون کي پنهنجي سڳي ڀيڻ سمجهندو سڀ ڪجهه به ڄاڻندي به ته اهڙا لفظ چيا. مان توکي ڪڏهن به معاف نه ڪنديس ڪوملي. اڄ تو مون کي ڏاڍو ڏک رسايو آهي، تنهنجو اهو ڏک زندگي ڀر وساري نه سگهنديس.“

ائين چئي روئندي نمي ڪمري کان ٻاهر نڪتي ته در جي ويجهو ماسيءَ کي بيٺل ڏٺائين. ماسيءَ سڀ ٻڌي ورتو هو. نمي، ماسيءَ کي ڀاڪر پائي روئي ڏنو. ”نه روءُ نمي، ڏاهي ٿي. ڪوملي چري آ، ٻار آهي، اڃا ڳالهائڻ ۾ خبر ڪانه ٿي پويس ته ڇا پئي ڳالهائي. تون ان جو ڏک نه ڪر نمي. تو ته سياڻي آهين، سنڀال پاڻ کي.“ ماسي نميءَ جي وارن ۾ هٿ ڦيريندي کيس سمجهائڻ لڳي.

”ماسي مون کي پنهنجو ڏک ڪونهي. ڏک اهو اٿم ته هن شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.“ نميءَ روئندي چيو.

”چري آهين صفا، ان ۾ ڏک ڪرڻ يا روئڻ جي ڀلا ڪهڙي ڳالهه آهي. ڪوملي راضي ناهي ته مان زور ٿورئي ڪنديس. متان ڪوملي اهو سمجهي ته مان کانئس نپائڻ جي قيمت ٿي وصول ڪريان. مان ماءُ آهيان نمي، ۽ ماءُ هميشه پاڻ کي وڌ پنهنجي اولاد جي خوشين جو خيال رکندي آهي. نمي، ماءُ جي ممتا جو ڪومُلهه نه هوندو آهي. ماءُ جو پيار مطلبي نه هوندو آهي.“

”ڪابه ماءُ ڪڏهن به پنهنجي پيار ۽ پورهئي جي قيمت وصول ڪرڻ نه چاهيندي. ڪوملي کڻي ماءُ نه سمجهي مون کي پر منهنجي ته ڌيءَ آهي نه، مان ته ڌيءُ سمجهانس ٿي نه!“ ماسيءَ جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا.

”ڪوملي بدنصيب آ ماسي، تون اسان جي ماءُ آهين. ”نمي اڃا وڌيڪ روئڻ لڳي.

”ماءُ جو چوڻ ڪر نه نمي، روءُ نه. مان توکي روئندي ڏسي نه ٿي سگهان. مان ڪومليءَ کي هاڻي ڪجهه به نه چونديس. اهو ذڪر وري نه ڪنديس. متان ڪوملي سمجهي ته مان سندس سڳي ماءُ ناهيان. مان تنهنجي به ماءُ آهيان، وليءَ جي به ماءُ آهيان ۽ ڪومليءَ جي به ماءُ آهيان. ماءُ، ماءُ هوندي آهي. صرف جنم ڏيڻ واري ئي ماءُ نه هوندي آهي. نمي، نپائڻ واري به ماءُ ئي هوندي آهي.“ ماسيءَ نميءَ کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هو.

ٻئي ڪيتري دير تائين روئينديون رهيون.

انهيءَ رات، ولي نميءَ وٽ اچي ويٺو، نميءَ ڏک کان ساڻس ڪجهه به نه ڳالهايو. اکين ۾ لڙڪ اچي وڃڻ ڪري وليءَ ڏانهن نهاريائين به نه پئي. وليءَ، سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندي چيو: ”ادي، واعدو ڪر تون سڀڪجهه وساري ڇڏيندينءَ. هاڻي ڪومليءَ کي تون ڪجهه به نه چوندينءَ.“

”پر ولي.“ نمي ڳوڙهن هاڻين اکين سان ايترو ئي ڳالهائي سگهي.

”ادي، مان تنهنجو ڀاءُ آهيان نه، تنهنجو سڳو پنهنجو ڀاءُ. ٻڌاءِ ادي، تو منهنجي ڀيڻ آهين نه؟“ وليءَ جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا.

”ها ولي، تو منهنجو ئي ڀاءُ آهين.“ نميءَ روئي ڏنو. ته پوءِ ڀاءُ کان ڀيڻ جي وڌيڪ بيعزتي برداشت نه ٿيندي. منهنجي ڪري ڪومليءَ توکي گهٽ وڌ ڳالهايو. توکي ڪير گهٽ وڌ ڳالهائي اهو مان برداشت نه ڪندس.

”ولي منهنجا ڀاءُ، توکي منهنجو ڪيترو خيال آهي. مون کي اڄ خبر پئي آ تون وڏو ٿي ويو آهين. اڄ ته تون مون کان به وڏو ٿي ويو آهين.“ وليءَ کي ڀاڪر پائي نمي روئندي رهي.

ان ڳالهه کي چڱو وقت گذري ويو. وري نه نميءَ ئي ڪومليءَ سان اهو ذڪر ڪيو ۽ نه ماسيءَ ڳالهه ڪڍي. هاڻي ڪير به ڪومليءَ کي ڪجهه نه چوندو هو. جيئن وڻندو هيس تيئن پئي ڪندي هئي.

هڪ ڏينهن، ڪوملي اندر ستي پئي هئي. ماسي پاڙي ۾ ويل هئي. گهر جي آڳر ۾ پاڇي تي پيل کٽ تي نمي ليٽي پئي هئي ته دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي.

نميءَ، در کوليو، در تي هڪ شخص بيٺو هو. نميءَ جڏهن غور سان ان کي ڏٺو ته اهو شخص کيس اڳ جو ڏٺل لڳو. پر هوءَ کيس صحيح طرح سڃاڻي نه سگهي.“ ڪريم بخش جو گهر هي آهي؟“ ان شخص پڇا ڪئي.

”ها، هيءُ ئي آهي.“ نمي حيرت مان ان شخص ڏانهن ڏسندي رهي جيڪو کيس ڪجهه ڪجهه پنهنجو لڳي رهيو هو.

”تون ڪير آهين، نالو ڇا آهي تنهنجو؟“ ان شخص هن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندي پڇيو.

مان نمي آهيان، نرمل. هوءَ بي اختيار ٻڌائي ويٺي. تون آهين نمي، تو مون کي نه سڃاتو؟ غور سان سان ڏسُ مون ڏي ته مام ڪير آهيان. اهو شخص جذباتي ٿي ويو. غور سان ڏٺو پر وري به سڃاڻي نه سگهيس. نمي تون مون کي نه ٿي سڃاڻين. ننڍي هوندي“ تو جهٽ سڃاڻي ورتو هو مون کي. مان تنهنجو بابا آهيان. ان شخص نميءَ جي مٿي تي هٿ رکندي چيو ته نمي سڃاڻي ويس. هُو اَهو ئي هو جنهن کي هن ننڍي هوندي پنهنجو پيءُ سمجهيو هو. ماءُ جي سمجهائڻ باوجود به ضد ڪندي رهي هئي ته اهوئي سندس بابا آهي.

نميءَ جي دل چيو ته هوءَ کيس ڀاڪر پائي سڏڪا ڀري روئي پوي. هوءَ وساري ويٺي هئي ته هوءَ هاڻي ٻار نه رهي هئي. پر جلد ئي اُهو احساس ٿي ويس ته هاڻي هوءَ وڏي ٿي وئي آهي. اهو به ياد آيس ته هو سندس نه پر ڪومليءَ جو پيءُ آهي.

اچو اندر، توهان ڪومليءَ سان ملڻ لاءِ آيا هوندؤ نه، ڪوملي ستي پئي آهي، مان اٿاري ٿي اچانس.

ائين چئي هوءَ ڊوڙي اندر هلي وئي.

ٿوري دير کان پوءِ اندران تيز تيز آواز اچڻ لڳا. منهنجو ڪوبه  پيءُ ڪونهي. ناهيان مان ڪنهن جي ڌيءُ. جيڪڏهن هُو سچ ۾ به منهنجو پيءُ آ ته پوءِ هيترا سال ڪٿي هو؟ ڇو ڇڏي ويو اسان کي. هاڻي ڇو آيو آ؟ جڏهن اسان کي گهرج هئي تڏهن ڇو ڪونه آيو؟ پيءُ اهڙا ٿيندا آهن، اولاد جي جنم وٺڻ کان اڳ ئي گهر ڇڏي هليا وڃن. اهڙن ماڻهن کي پيءُ سڏرائڻ جو ڪهڙو حق آهي. ڇڏي ئي ويو هو ته پوءِ هاڻي ڇو موٽيو آهي؟ موٽڻوئي هيس ته پوءِ ويو ڇو؟ وڃي چئينس ته نه ٿي اچي ڪوملي. نه ٿي ڏسڻ ۽ ملڻ چاهي پنهنجي اهڙي پيءُ سان جيڪو هن جي ماءُ کي اڪيلو ڪري هليو ويو.

مان جڏهن پيٽ ۾ هيس تڏهن منهنجو خيال نه ٿيس. هاڻي ڇو ۽ ڪيئن ياد پئي آهيانس. مون کي نفرت آ لفظ پيءُ کان. مان نه ٿي ملڻ چاهيانس. ڀلي موٽي وڃي. ”ڪوملي ڏاڍي ڪاوڙيل هئي. نمي ٻاهر آئي ته هُو ڪنڌ جهڪايو بيٺو هو. نميءَ کي پنهنجو پيءُ ياد نه هو. جنهن رات ڄائي هئي ان ئي رات جو گهر ڇڏي ويو هو. جڏهن به پيءُ جو تصور ڪندي هئي ته ان شخص جو ڌنڌلو چهرو ياد اچي ويندو هُيس. نمي کي ان شخص سان ڳالهائڻ جي همٿ ئي ڪونه پئي ٿي. دل چاهيس پئي، چوينس ته منهنجي ماءُ تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو جو تون ان کي ڇڏي وئين. مان ته توسان بي انتها پيار ڪندي هيس. توکي مون تي، منهنجي معصوميت تي به رحم نه آيو. پر نمي هن آڏو ڪڇي هڪ لفظ به نه سگهي. اکين مان ڳوڙها وهيس پئي. نميءَ کي ائين روئندي ڏسي هو وڌي آيو ۽ مٿي تي هٿ رکي چيائينس، ”نمي پٽ! مان تنهنجو، تنهنجي ماءُ جو ۽ پنهنجي ڌيءُ جو گنهگار آهيان. زندگيءَ ۾ ڏاڍو ڀوڳيو آهي مون. پر منهنجي سزا اڃا ختم نه ٿي آهي، جنهن کان معافي وٺڻ ٿي گهريم سا ئي نه رهي آهي ۽ منهنجي ڌيءُ به مون کان نفرت ٿي ڪري. مون لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي سزا ٿي سگهي ٿي. نمي، تون ته مون کي پنهنجو پيءُ سمجهين ٿي نه. مون کان نفرت ته نه ٿي ڪرين نه!؟“ اهو شخص ٻارن جيان روئندو رهيو. نمي کيس پرچائي به نه سگهي.

ماسيءَ، ڪومليءَ کان سندس پسند پڇي ته مون بنان ڪنهن دير جي پاڙي ۾ رهندڙ حميد جو نالو وٺي ڇڏيو. ڪومليءَ جي خوشيءَ خاطر، ماسي پاڻ وڃي ڪومليءَ جي رشتي جي ڳالهه پڪي ڪري آئي.

مڱڻو ٿي ويو ته هنن ڪومليءَ جي ڏاج گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. گهڻو ڪجهه ته ماسيءَ اڳواٽ ئي ٺاهي رکيو هو، جيڪي شيون کُٽل هيون ماسي تن لاءِ پريشان هئي.

ماسيءَ کي ڪومليءَ جي لاءِ ايترو فڪر مند ڏسي نميءَ لڪي لڪي رنو پئي. هن ڄاتو ٿي ته ماسي بيحد دُکي هئي پر پوءِ به خوشي خوشيءَ مان ڪومليءَ جي شادي جون تياريون ڪري رهي هئي.

جيئن جيئن شادي جا ڏينهن ويجها ايندا پئي ويا. نميءَ ئي نه پر ماسيءَ به لڪي لڪي روئڻ شروع ڪري ڏنو هو. شاديءَ جي رات نمي. ڪومليءَ کي ڀاڪر پائي خوب پيار ڪيو. سندس چهرو پنهنجي هٿن ۾ وٺي چيائين! ”ڪوملي، ڀينرون ڪڏهن به دشمن نه ٿينديون آهن، مون به تنهنجو ڀلو ئي چاهيو هو. پر تون خود سمجهدار ٿي وئي آهين. پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري سگهين ٿي ته پوءِ مان ڇو هروڀرو تنهنجي راهه جي رڪاوٽ بڻجان. اڄ کان مان توکي ڪجهه به نه چونديس. تون شل سدائين سکي رهين. اها دعا اٿئي منهنجي. ”نميءَ جي اکين مان هڪ ڳوڙهو به نه ڪريو. هوءَ ڪومليءَ وٽان اٿي آئي.

ماسيءَ، ڪومليءَ کي ائين پرڻايو جيئن سڳي ماءُ، ڌيءُ پرڻائيندي آهي. موڪلائڻ مهل ماسي ڪومليءَ کي ڀاڪر پائي ڏاڍي رني ۽ چوندي رهي: ”ڪوملي، مون کي ماسي نه سمجهجانءِ. مان تنهنجي ماءُ آهيان.“ ماسڙ به ڪومليءَ کي مٿي تي چميون ڏيندي روئي پيو ۽ ولي به لڪي لڪي روئندو رهيو.

يڪو نه رني هئي ته نمي، هوءَ سڀني کي روئندي ڏسي رهي هئي پر پاڻ تي ضبط ڪيو ويٺي هئي. ڪومليءَ کان موڪلائيندي به نه رنائين.

جيئن ئي ڪومليءَ پنهنجو قدم در کان ٻاهر رکيو نمي ٻانهون ڀت تي رکي منهن لڪائي سڏڪا ڀري روئي پئي. ياد اچي ويو هيس ته ڪيئن هوءَ ڪومليءَ کي ڪڇ تي کڻي ان در مان اندر داخل ٿئي هئي ۽ اڄ اها ننڍڙي ڪوملي وڏي ٿي ان گهر مان رخصت ٿي رهي هئي. نميءَ کي ڪومليءَ جو ننڍپڻ ياد اچي ويو هو. هوءَ ڪافي دير تائين روئندي رهي.

ڪومليءَ جي شاديءَ کان پوءِ گهر ۾ اداسي ڇانئجي وئي هئي. هنن جي لاءِ پنهنجو گهر اوپرو ٿي پيو هو. ڪنهن کي به مزو نه پئي آيو، ڄڻ ته هنن سڀني جون خوشيون ۽ گهر جون رونقون ڪوملي پاڻ سان کڻي وئي هئي، هنن کي ايترو اداس ڏسي هڪ ڏينهن ماسڙ چيو، گهر کائڻ ٿو اچي ڪومليءَ بنان. ڇو نه ڪجهه وقت ڳوٺ هلي رهون. من اتي روح وندري پوي ۽ هي اداسي دور ٿي وڃي.

ڳوٺ ۾ سندن مائٽ هئا پر تمام گهٽ وڃڻ ٿيندو هئن. ڪافي وقت کان پوءِ ڳوٺ آيا ته سڀني هنن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون.

اتي ماسيءَ کي وليءَ جي لاءِ هڪ ڇوڪري وڻي وئي. نميءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪيائين ته اها ڏاڍي خوش ٿي. ماسيءَ نميءَ کي چيو، هاڻي اهو مان تو تي ٿي ڇڏيان، تون ئي ان ڳالهه لاءِ ڀاءُ کي راضي ڪر.

خوشيءَ وچان نميءَ جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا. نميءَ جڏهن وليءَ سان اهو ذڪر ڪيو ته ان چيو، مون کي تنهنجو ڪيل هر فيصلو قبول آ ادي، جيڪڏهن تنهنجي خوشي ان ۾ آ ته پوءِ مان تيار آهيان.

اهو جواب ٻڌي نميءَ مرڪندي مرڪندي روئي ڏنو. ماسيءَ کي اها خوشخبري ٻڌايائين ته ڏاڍي خوش ٿي. نميءَ سمجهيو ٿي ته ماسي ٻئي ڏينهن ئي هنن جي گهر ويندي ۽ وليءَ جي رشتي جي ڳالهه چوري ايندي. پر ماسي نه وئي، ان ڏينهن ته ڇا پر ٻه ٽي ڏينهن ٻيا به گذري ويا.

نمي سمجهي نه سگهي ته ماسي ڇو نه پئي وئي. جڏهن ته ولي به راضي هو.

نيٺ رهي نه سگهي. ماسيءَ جو پاسو وڃي ورتائين. ماسي، ”وليءَ جي لاءِ سڱَ گهرڻ ڇو ڪانه وئينءِ. ولي راضي آهي، پوءِ تون ڇو پئي دير ڪرين؟ ڇا توکي اهو ڊپ آ ته متان هو انڪار نه ڪري ڇڏين!؟“

”نه نمي، اها ڳالهه ڪانهي.“ ماسيءَ چيو.

”ته پوءِ ڪهڙي ڳالهه آ ماسي جيڪا توهان کي اوڏانهن وڃڻ کان روڪي رهي آهي؟“ نميءَ پڇيو.

ماسيءَ گهڻو نٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر نميءَ به نه ڇڏيس. مجبوراً ماسيءَ کي نميءَ جي آڏو هارَ مڃڻي پئي. بيحد ٿڪل لهجي ۾ چيائين: ”نمي، هنن جي هڪڙي مائي آئي هئي مون وٽ. ڳالهين ڳالهين ۾ رشتي جي ڳالهه ڪڍيم ته هن شرط رکيو.“

ماسي چپ ٿي وئي.

”ڪهڙو شرط ماسي؟“ نميءَ بي صبريءَ مان پڇيو.

”اهو شرط اهڙو آ نمي جيڪو نه مون کي قبول آ، نه تنهنجي ماسڙ کي ۽ نه وليءَ کي.“

نمي، ماسيءَ جي لهجي ۽ چهري جي تاثرن مان سمجهي وئي ته اهو شرط ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. پر پوءِ به ماسيءَ جو هٿن ۾ وٺي پڇيائين: ”اهو ڪهڙو شرط آ ماسي!؟“

”نمي، مون اهو شرط وساري ڇڏيو آهي،“ ماسيءَ چيو. ”نه ماسي، جيڪڏهن ان شرط جو تعلق سڌو سنئون مون سان آهي ته پوءِ توهان کي هنن جو اهو شرط قبول ڪرڻ پوندو. مان راضي آهيان.“

”نه نمي، اسان مان ڪير به ان لاءِ راضي ناهي.“

ماسي، ڇا مان تنهنجي ڌيءُ ناهيان، ڇا ولي منهنجو ڀاءُ ڪونهي. منهنجي جاءِ تي جي تنهنجي پنهنجي پيٽ ڄائي ڌيءُ هجي ها ته ڇا تون ان کان پڇين ها!؟“ نميءَ جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا.

”نمي، تون منهنجي ڌيءُ آهين. هو ڇوڪرو تنهنجي لائق نه آهي، تڏهن مون کي اهو شرط قبول ناهي.“ ماسيءَ چيو.

”ماسي، ڇا منهنجو ايترو به حق ناهي جو مان پنهنجي ڀاءُ لاءِ ڪجهه ڪري سگهان؟ پنهنجي ماءُ جي خوشين جو سبب بڻجي سگهان. تون يقين ڪر ماسي، مان مجبوريءَ ۾ ”ها“ نه پئي ڪريان پر منهنجي خوشي به ان ۾ آهي. منهنجي قسمت ۾ جي سُک لکيل هوندو ته مون کي اتي به ملندو، نه ته ڪٿي به ڪونه ملندو.“ نميءَ روئي ڏنو.

نميءَ جي آڏو سڀ هار مڃي ويهي رهيا، جلدي وليءَ جي شادي ٿي وئي ۽ بدلي ۾ نمي به پرڻجي ساهرين گهر هلي وئي.

نميءَ جا ساهرا ڏاڍا سخت هئا، شڪي مزاج هئا. نمي ڄڻ جيئري ئي دوزخ ۾ داخل ٿي وئي هئي. پر پوءِ به هوءَ خوش هئي جو سندس ماءُ خوش هئي، سندس ڀاءُ خوش هو. وليءَ کي سٺي ڇوڪري ملي وئي هئي.

نمي، صابرين هئي. هر حال ۾ خوش رهڻ واري، صبر شڪر سان زندگي گذاريائين پئي. ڪنهن سان به ڪنهن ڪا شڪايت نه ڪئي هئائين، ماسيءَ ٻه ٽي دفعا پڇيو هيس ته، خوش آهين يا نه؟ هن ماسيءَ کي مطمئن ڪري ڇڏيو هو، ائين چئي ته، ماسي! منهنجو فڪر نه ڪر، مان بيحد خوش آهيان.

نميءَ، نه ٿي چاهيو ته پنهنجي حال کان واقف ڪري ماسيءَ کي پريشاني ڏئي.

اوچتو هڪ ڏينهن ڪوملي وٽس اچي نڪتي، روئي روئي کيس دانهن ڏيڻ لڳي ته، مڙس مون کي نه ٿو ڀانئي، منهنجو ذرو به احساس نه اٿس. هون مون تي شڪ ٿو ڪري. سس ۽ نڻانون به مون سان وڙهن ٿيون. مان هاڻي واپس نه وينديس. تو وٽ رهنديس يا ماسيءَ جي گهر وڃي رهنديس. ڪوملي کي روئندي ڏسي نميءَ جي دل درد سان ڀرجي وئي. چاهيائين ته پنهنجي ننڍي ڀيڻ  کي ڀاڪر ۾ ڪري خوب پيار ڪري پرچائي، هن ڀيڻ جوگهر برباد ڪرڻ نه ٿي چاهيو. دل تي پٿر رکي سخت لهجي ۾ چيائينس: ”ڪوملي، نه هيءُ تنهنجو گهر آ. نه ماسيءَ جو گهر تنهنجو پنهنجو آهي. تنهنجو گهر اُهو آهي جيڪو تون ڇڏي آئي آهين. شاديءَ کان پوءِ، عزت جي لاءِ مڙس جو گهر ئي پنهنجو هوندو آهي. هاڻي اهي ئي تنهنجا پنهنجا آهن. تون واپس هلي وڃ. مون وٽ تنهنجي لاءِ جاءِ ڪونهي. تون جي هنن جو خيال رکندينءَ ته و ڇو ڪونه تنهنجو خيال رکندا. گهر کي گهر ۽ مڙس کي مڙس ڪري سمجهه. سَسُ سهري جي عزت ڪرڻ سک، نڻاڻن سان قرب ڪر. ائين ڪندينءَ تڏهن ئي تون به عزت حاصل ڪري سگهندينءَ.

نميءَ جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي ويندي ويندي ڪوملي چوندي وئي. ”تون ته چاهين ئي اهو ٿي ته مان تڪليف ۾ گذاريان. جيئن مون کي احساس ٿئي ته مون غلط فيصلو ڪيو آهي. تون ڀيڻ ناهين، دشمن آهين، تون ڪڏهن به نه چاهيندينءَ ته مان خوش گذاريان.“

نميءَ جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا. آهستڙي آواز ۾ چيائي، ڀيڻون ڪڏهن به دشمن نه ٿينديون آهن ڪوملي! توکي خبر ناهي ڇو اها غلط فهمي ٿي وئي آهي؟ ڪومليءَ جي وڃڻ کان پوءِ نمي ڏاڍي رني هئي. نميءَ جي شاديءَ کي گهڻو عرصو نه ٿيو هو ته کيس سس هُن سان وڙهڻ شروع ڪري ڏنو.

هوءَ سڄي گهر جو ڪم ڪندي هئي. پوءِ به سس کي نه وڻندي هئي. ڏيرن جي خدمت ڪندي هئي پوءِ به ڏير مارڻ جي لاءِ هر وقت تيار هوندا هئا. مڙس جي مار ته روز نصيب ٿيندي هئس. روز سَسُ گهر مان نڪري وڃڻ لاءِ چوندي هيس پر هوءَ چپ چاپ گهر جي ڪم لڳي پئي هوندي هئي.

جڏهن سَسُ ته ڏٺو ته هوءَ ائين وڃڻ واري ڪانه آهي ته هن جو سامان ٻاهر ڦٽي ڪري ڌڪا ڏئي گهر مان ڪڍي ڇڏيائينس ۽ اهو به چيائين ته، پاڻ سان گڏ پنهنجو مڙس به وٺيو وڃ، ڪونه ٿو کپي اهو هڏ حرام به. اسان کي ايتري سگهه ڪانهي جو ويهي ٻنهي جا ڀڀ ڀريون!

هوءَ پنهنجو موالي مڙس ساڻ ڪري اچي ماسيءَ وٽ نڪتي. ماسي کي هن ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. ماسيءَ اُهو سمجهيو هو ته هوءَ وٽس گهمڻ آئي آهي، پر جڏهن حقيقت جي خبر پيس ته نميءَ کي ڀاڪر پائي روئي چيائين، ”تنهنجي اهڙي حالت جي ذميوار مان آهيان نمي. مون کي معاف ڪجانءِ منهنجي ڌيءُ.“

”نه ماسي جيڪو منهنجي نصيب ۾ لکيل هو ائين ئي ٿيو آهي. ان ۾ ڪنهن جو به قصور ڪونهي. مان توکان موڪلائڻ آئي آهيان ماسي.“ نميءَ روئي ڏنو.

”ڪاڏي ويندينءَ نمي!؟“ ماسي گهٻرائجي وئي.

”منهنجي ماءُ جو گهر آهي نه، مان اتي وڃي رهنديس.“ نميءَ ڳوڙها اگهندي چيو.

”نمي. ڇا مان تنهنجي ماءُ ناهيان، هيءُ گهر ڇا تنهنجو پنهنجو ناهي!؟“ ماسيءَ روئي چيو.

”اها ڳالهه ناهي ماسي. پر مان زندگيءَ جا باقي ڏينهن ان گهر ۾ گذارڻ ٿي چاهيان، جتي منهنجي ماءُ جون يادون آهن. منهنجي خوشيءَ خاطر، توکي اجازت ڏيڻي پوندي.“

”چڱو نمي، جيڪڏهن ان ۾ تنهنجي خوشي آهي ته مان توکي نه روڪينديس. پر واعدو ڪر مون کي نه وساريندينءَ. “ ماسيءَ پنهنجا ڳوڙها اگهندي چيو.

”ماسي، توهان کي مان ڪٿي ٿي وساري سگهان. ڇا ڌيئرن کان مائرون وسرنديون آهن جو مان وساري ڇڏينديس.“ نميءَ، ماسيءَ کي ڀاڪر پائي چيو. نمي جڏهن مڙس سان گڏ پنهنجي ماءُ جي گهر ۾ گهڙي ته دانهن نڪري ويس. ڪيتري دير تائين ڀتين ۽ دَرَ درين کي ڀاڪر پائي هوءَ روئندي رهي.

نميءَ جي واپس اچڻ تي سڀ ڏاڍو خوش هئا. چاچي نوري مٿي تي هٿ رکندي چيس، ”امان، اسان کي جيئن ئي توهان جو نياپو مليو، اسان اوڏي مهل ئي گهر خالي ڪري ڇڏيو. تون گهر جي مالڪياڻي آهين، توکي تنهنجو گهر مبارڪ هجي.“

اتي اچي نميءَ کي معلوم ٿيو ته ٻه ٽي ڏينهن پهرين هڪڙو پيرسن شخص آيو هو، چيائين پئي ته مان هن گهر جي مالڪياڻيءَجو مڙس آهيان. منهنجي هڪڙي ڌيءَ به هئي، اهو شخص ڏاڍو بيمار هو. هڪڙي رات ان گهر ۾ رهيو ۽ صبح گذاري ويو.

نميءَ کي پنهنجو پيءُ ياد اچي ويو ۽ مُنهن گوڏن ۾ هڻي هوءَ ڪيتري دير تائين روئندي رهي.

نميءَ جڏهن اهو گهر ڇڏيو هو ته هوءَ ننڍڙي هئي ۽ واپس موٽي هئي هڪ شادي شده عورت بڻجي. جنهن جي ڪک ۾ چند مهينن جو ٻار پلجي رهيو هو. پاڙي وارن کي جڏهن اُها خبر پئي هئي ته اهي اڃا وڌيڪ خيال رکڻ لڳا هيس.

نميءَ جو مڙس سڄو ڏينهن نشي جي پويان رُلندو وتندو هو. رات جو اچي ڪرندو هو ته دنيا جهان کان بي خبر سج اڀرئي تائين ستو پيو هوندو هو. نميءَ جي حال جي ڪا خبر ئي نه هيس ته ڪيئن پئي گذارو ڪيائين. ڪهڙين تڪليفن کي منهن ڏيڻو ٿي پيس. ويم جا ڏينهن صفا ويجها ٿيس ته نياپو ڪري ماسيءَ کي پاڻ وٽ گهرائي ورتائين.

هڪڙي آڌيءَ رات جو هن کي سُور ٿيا، ماسيءَ کي وڃي اٿاريائين ته دائيءَ کي گهرائي وٺي.

ماسي، ڇڪي ڇڪي مس مڙسهنس کي اٿاريو ته جيئن هو دائيءَ کي وٺي اچي.

دائي آئي ته ماسيءَ ڪوٺيءَ جو در بند ڪري ڇڏيو. نميءَ جو مڙس ٻاهر کٽ تي ڪرونڊڙو ٿي سمهي رهيو.

فجر مهل، ننڍڙي ٻار جي روئڻ جو آواز اڀريو، گڏئي ڀر واري مسجد ۾ مُلي ٻانگ ڏني. دائيءَ به خدا جو شڪر ادا ڪيو ته مائيءَ جي جان ڇُٽي. ماسيءَ، نميءَ جي ڀرسان اچي چيو، ”نمي! مبارڪ اٿئي، ڏاڍي پياري ڌيءُ ڄائي اٿئي. ”ڌيءُ جو ٻُڌي نميءَ جي دل وسامجي وئي. پيڙا کان اکيون ئي پورجي ويس.

ماسي چوندي رهي، ”صفا توتي وئي آهي. هوبهو نمي ويٺي آهي. ڏس ته، نڪ اکيون، چپ سڀ نقشا توتي ويا اٿس. جهڙي ننڍڙي نمي!!“ پر نميءَ کي ماسيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ نه ٿي آيو. هوءَ ته الائي ڪٿي وڃي نڪتي هئي.

ڪوملي جڏهن ڄائي هئي ته هن ماءُ جي اکين مان ڳوڙها وهندي ڏٺا هئا. نميءَ کي ماءُ جا چيل الفاظ ياد اچي ويا:

نمي، اُهي ڳوڙها تنهنجي ڄمڻ تي به وهيا هئا. اهي ڳوڙها، منهنجي ڄمڻ تي منهنجي ماءُ جي اکين مان به وهيا هوندا. اُھي ڳوڙها، ڌيءَ ڄمڻ تي هر ماءُ جي اکين مان وهندا آهن.

نميءَ، پنهنجي ڀر ۾ ستل ڌيءُ کي ڏٺو ۽ سوچڻ لڳي، هن جو ڇا ٿيندو؟ مون ڪهڙا سَک ڏٺا آهن جو هيءَ ڏسندي. جنهن ٻار جو پيءُ موالي هجي، جنهن کي دنيا جهان جوپتو نه هجي، اهو ٻار ڪهڙا سُک ۽ خوشيون ڏسندو. نميءَ جي ٻنهي اکين ۾ ڪُنڊن مان ڳوڙها وهندا وهاڻي ۾ جذب ٿيندا ويا.

عورت شايد پيدا ئي ڏکن لاءِ ٿيندي آهي. عورت جو نصيب فقط ڏک ئي آهن ٻيو ڪجهه به نه!!

اهو سوچيندي هن جي اکين مان زارو قطار ڳوڙها وهڻ لڳا........

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com