سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :10

 

فاطمه مرنيسي جي آتم ڪٿا

حدون ٽوڙڻ جا خواب

مترجم: امر سنڌو                                                      حصو 10

”سڌريل دنيائن جي عورت جو سفر پولارن ڏانهن آهي. پر سنڌ جي عورت ايڪهين صديءَ ۾ به ڌرتيءَ جي ڌوڙ جيترو مان، به ماڻي نه سگهي آهي. آجپي ۽ آزادگين جي ڏس ۾ دنيا جون عورتون ڀلي ته سنڌ جي عورت کان گهڻيون اڳتي هجن، پر غلاميءَ جي تاريخ ۾ ٻئي گڏ بيٺل هيون. آزادگي ۽ آجپو فقط خواهشن جي آڌار تي نه ٿو ماڻي سگهجي. عورتن جي جدوجهد جي تاريخ بار بار اهو سبق ورجائي ٿي. دنيا جون ڪيتريون ئي عورتون جيڪي سنڌ جي عورت کان به هڪ قدم پوئتي هيون، اڄ سنڌ جي عورت کي پنهنجي جدوجهد جي حوالي سان گهڻو پوئتي ڇڏي چڪيون آهن. عورت جي حقن لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ اڳڀرين عورتن جو ذڪر، سندن زندگين جو احوال سندن جدوجهد جو داستان ”سرتيون“ ۾ ان ڪري شروع ڪجي ٿو، جيئن اهڙا مثال سنڌ جي عورت جي آجپي واري سفر کي آسان بنائين.

فاطمه مرنيسي، مسلمان فيمينسٽ عورت، جنهن جو تعلق مراڪش جي پوئتي پيل سماج سان آهي، سا اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ ۽ خاص طور تي مسلمان عورتن جي حقن لاءِ واحد علامت بڻيل آهي. سندس آتم ڪٿائي داستان ”سرتيون“ جي پڙهندڙ ڀينرن لاءِ حاضر آهي. (امر سنڌو)

ٻي مهاڀاري لڙائي: اڱڻ مان ڏٺل هڪ منظر

جرمن به يقيناً عيسائي هئا. اهي ڏکڻ ۾ رهندا هئا جنهن کي پاڻ برفاني زمين سڏيون ٿا، چون ٿا ته الله جي رحمت ته عيسائين تي نه هئي. انهن جي موسم ٿڌي ۽ سخت هئي جنهن جي ڪري اهي بدمزاج ٿي ويا هئا. جڏهن ته مهينن تائين سج نظر نه ايندو هو ته گرمي حاصل ڪرڻ لاءِ شراب پيئندا هئا ۽ ويڙها هوندا هئا. پر سندن چانهه، کاري ۽ ساڙيندڙ هوندي هئي. جڏهن ته اسان وٽ چانهه ڦودني ۽ حنا سان واسيل هوندي هئي. زين ڀاءُ جيڪو برطانيا تائين گهمي آيو هو چوندو هو ته اتي چانهه ايتري ته ڪاري ٿئي ٿي جو ان ۾ کير ملائڻو ٿو پوي. ته مون ۽ سمير به کڻي پنهنجي ڦودني واري چانهه ۾ کير وڌو، ڪيترو نه بي سوادي ذائقو هو. پوءِ ان ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهه ٿي ته عيسائي هميشه غمزده رهن ٿا ۽ جهيڙا جهٽا ڳولهي ٿا وٺن.

بهرحال اهو پتو پيو ته جرمني وڏي عرصي کان هڪ خفيه ۽ وڏي فوج تيار ڪري ويٺي آهي ۽ ڪنهن کي به پتو نه هو ته اها اوچتو فرانس تي حملو ڪندي. هنن پئرس تي حملو ڪري ڇڏيو ۽ هر ڪنهن تي ائين حڪم هلائڻ لڳا جيئن فيض ۾ اسان تي فرينچ فوجون ڪري رهيون هيون. اسان خوشنصيب هئاسين ته فرينچن کي اسان جي ابن ڏاڏن وارو شهر پسند نه آيو ۽ انهن پنهنجو نئون شهر اڏي ورتو. مون سمير کان پڇيو ته ”جيڪڏهن کين اسان جو شهر پسند اچي وڃي ها ته ڇا ٿئي ها؟“ هن چيو ته ”پوءِ اهي اسان کي گهرن کان ٻاهر ڪڍي اڇلائين ها ۽ خود اتي رهن ها.“

پراسرار جرمن فقط فرينچن جي خلاف ئي نه هئا پر هنن يهودين خلاف به جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو. يهودين کي سختيءَ سان حڪم هو ته جڏهن به اُهي گهر کان ٻاهر نڪرن ته ڪي زرد ڪپڙا پائي نڪرن ۽ ساڳيو ئي حڪم مسلمانن مردن لاءِ به هو ۽ عورتن لاءِ به ته اهي به برقعو پائي نڪرن جيئن سندن سڃاڻپ ٿي سگهي.

جرمن يهودين جي خلاف ڇو هئا اهو اسان کي ڪوبه ٻڌائي نه سگهيو، جڏهن به دستڪاريءَ جي مشعل چمڪندي هئي ته مان ۽ سمير اهو سوال ڪندا رهندا هئاسين پر جواب نه ملندو هو. امان چوندي هئي ته ”اُهو ئي جيڪو عورتن سان ٿئي ٿو. ڪنهن کي ڪهڙو پتو ته مرد اسان کان زوريءَ پردو ڇو ٿا ڪرائين؟ ڪنهن جي مختلف هئڻ جو خوف انسان کان عجيب ڪم ڪرائيندو آهي. جرمن پنهنجن سان پاڻ کي وڌيڪ محفوظ محسوس ڪندا هئا، جيئن اسان جا مرد مديني ۾. پر اتي جي ڪا عورت اچي ٿي وڃي ته اهي گهٻرائجي ٿا وڃن. ائين يهودي به پنهنجي انفراديت ظاهر ڪن ٿا ته جرمن پريشان ٿي ويندا آهن.....عجيب دنيا آهي...........“

فيض ۾ يهودين جو به پنهنجو علائقو هو، جنهن جو نالو ”ملاح“ هو. اهو اسان جي گهر کان اٽڪل ڪو اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي هو. يهودي اسان وانگي جلابو پائيندا هئا. پر مٿي تي پڳ بجاءِ ٽوپي پائيندا هئا. ملاح ۾ پنهنجي ڌنڌي ڌاڙيءَ کي لڳا پيا هوندا هئا. اهي خوبصورت زيور ٺاهيندا هئا ۽ ڀاڄين جو سٺو آچار وجهندا هئا. امان به ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته انهن جيان ونگن ۽ ننڍن واڱڻن جو آچار وجهي، پر ڪامياب نه ٿي. آخر ۾ تنگ ٿي چوندي هئي ته ”ڪي ٽوڻا ڦيڻا ڪندا هوندا.......“

اسان وانگي يهودي به عبادت ڪندا آهن. اُهي به پنهنجي خدا سان پيار ڪندا ۽ پنهنجو ڪتاب پنهنجي ٻارن کي پڙهائيندا هئا. انهن جو اسان جي مسجد جيان پنهنجو عبادت گهر هوندو هو. اسان جا نبي به ساڳيا هئا. سواءِ محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي (مان نبين جي فهرست ٺاهڻ کان سدائين گهٻرائيندي هئس. منهنجي استاد، لالاتام چوندي هئي ته مذهبي معاملن ۾ غلطي ڪرڻ سان انسان دوزخ ۾ وڃي سگهي ٿو. اهڙي غلطي کي ڪفر چوندا آهن ۽ مان ان کان پاسو ڪندي هئس ڇو ته مون طيءِ ڪيو هو ته مان جنت ۾ ويندس).

هيءَ ڳالهه به يقيني هئي ته يهودي جيڪڏهن ڊگهي عرصي کان عربن سان گڏ رهندا هئا ۽ رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي ابتدائي دور ۾ کيس پسند به ڪندا هئا پر پوءِ کانئن ڪا غلطي ٿي ويئي ۽ انهن فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن ٻن مذهبن سان هڪ ملڪ ۾ گڏ رهڻو آهي ته پوءِ بهتر آهي ته پنهنجي مخصوص علائقن ۾ رهجي. يهودي ڏاڍا منظم هئا ۽ پنهنجي برادريءَ جي تحفظ جي معاملي ۾ ماهر به هئا. اهي اسان کان وڌيڪ ملاح ۾ پنهنجي غريبن جو خيال رکندا هئا ۽ سندن سڀئي ٻار اعلى معيار جي اسرائيلي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندا هئا.

پر مون کي اهو سمجهه ۾ نه ايندو هو ته يهودي جرمنيءَ ۾ ڇا ٿا ڪن، اُهي ٿڌن ملڪن ۾ ڪيئن پهچي ويا. منهنجو ته خيال هو ته عربن جيان کين به گرم موسم وڻندي آهي ۽ اُهي برف کان پري رهڻ پسند ڪن ٿا. پاڻ سڳورن جي زماني ۾ يهودي مديني شهر ۾ عرب جي ريگستان ۾ چوڏهن سَو سال پهرين ئي آباد هئا. ان کان پهرين مصر ۾ آباد هئا جيڪوپڻ مڪي کان پري ناهي ۽ شام ۾ به يهودي عربن جي ويجهو ئي رهيا آهن.

عربن اسپين فتح ڪرڻ وقت جڏهن دمشق جي ماهرن اندلس ۾ باغ ٺاهيا ۽ قرطبه ۽ سيول ۾ محل ٺاهيا ته يهودي عربن سان گڏ ئي رهيا. لالاتام اسان کي اهو سڀڪجهه ٻڌائيندي هئي ۽ ايتري تفصيل سان ٻڌائيندي هئي جو مان ڊڄي ويندي هئس ته اهو ذڪر قرآن پاڪ ۾ آهي.

ڳالهه اصل ۾ اها آهي ته لالا تام اسان کي قرآني آيتن جو مفهوم ٻڌائڻ وساري ويهندي هئي. خميس ڏينهن اسين آيتون پنهنجي پٽيءَ تي لکندا هئاسين ۽ پوءِ ڇنڇر، آچر، سومر، اڱاري تي انهن کي حفظ ڪري وٺندا هئاسين. هرڪو پنهنجي پنهنجي گاديلي تي ويهي پڙهندو هو. پَٽي هنج ۾ رکي جهومندي جهومندي زور زور سان آيتون پڙهندا هئاسين ايستائين جو آيتون حفظ ٿي وينديون هيون. اربع تي لالاتام سبق ٻڌندي هئي. پٽيءَ کي ابتو رکي رٽيل آيتون دهرايون وينديون هيون ۽ جيڪڏهن ڪا چُڪ نه ٿيندي هئي ته لاله تام مرڪي پوندي هئي.

منهنجو وارو ايندو هو ته لالا تام گهٽ مُرڪندي هئي ۽ ڏنڊو منهنجي مٿي تان لوڏيندي چوندي هئي ته ”فاطمه مرنيسي تون زندگيءَ ۾ ڪجهه به حاصل ڪري نه سگهندينءَ. هڪ ڪن کان ٻُڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيدينءَ. ”سبق ٻڌائڻ کان پوءِ خميس ۽ جمعو موڪل جا ڏينهن سمجهيا ويندا هئا. جيتوڻيڪ انهن ۾ به پٽي صاف ڪرڻ ۽ نيون آيتون سکڻيون پونديون هيون. پر هن سڄي عرصي ۾ لالا تام اسان کي قرآني آيتن جو مطلب نه سمجهائيندي هئي. چوندي هئي ته ”بس پٽيءَ تي لکو ۽ سبق حفظ ڪريو. ڪير توهان جي راءِ جي باري ۾ ڪونه پڇندو.“

پوءِ هوءَ اسپين جي فتح بابت ڪجهه ٻڌائيندي هئي ۽ جڏهن مان منجهي پوندي هئس ته هوءَ ڪاوڙجي چوندي هئي اهو ڪفر آهي ۽ پوءِ بابي کي سڏائي وٺندي هئي ۽ بابو وڏي مشڪل کان پوءِ کيس سمجهائيندو هو ته نوجوان ڇوڪريءَ لاءِ چند اهم تاريخون ڄاڻڻ لازمي آهن ۽ پوءِ بابي مون کي ٻڌايو ته قرآن جو نازل ٿيڻ حضور سائينءَ جي وصال سان ختم ٿي ويو. جيڪو سن 11 هجري ۾ 236 عيسوي موجب آهي. مون کيس چيو ته هجري تاريخ ٻڌائي. ڇو ته عيسوي ڪئلينڊر سان مان پريشان ٿي ٿيان. ته هو چوڻ لڳو ته ”هڪ عقلمند ڇوڪري لاءِ، ٽي ڪئلينڊر ڄاڻڻ لازمي آهن. جيڪڏهن هاڻي ئي سکڻ شروع ڪندينءَ ته هڪ ڪئلينڊر جي ٻئي ڪئلينڊر سان سولائيءَ سان ڀيٽ ڪري سگهندينءَ.....“

ها پر ايترو ضرور ٿيو ته بابي يهودي ڪئلينڊر کي منهنجي تعليم مان خارج ڪري ڇڏيو ڇو ته اهو ايترو ته پراڻو هو جو منهنجو مٿو چڪرائڻ لڳندو هو.

ها ته عربن نبي سائينءَ جي وفات جي تقريباً هڪ صدي پوءِ سن 91 هجري ۾ اسپين فتح ڪيو، مون پڇيو ته ”پوءِ لالا تام اهڙا واقعا ڇو ٿي ٻڌائي........“ بابي چيو ته ”ٿي سگهي ٿو ته سندس خاندان به اندلس مان آيو هجي، سندس والد جو نالو به سباتا آهي جنهن کي اسپيني ٻولي ۾ رُباٽا چوندا آهن ۽ هن وٽ اڃا تائين سمويل جي ان گهر جي چاٻي موجود آهي. بس کيس پنهنجو وطن ياد ايندو هوندو. ازابيلا راڻيءَ هن جي خاندان جي ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيو هو.“

پوءِ بابي سمجهائڻ لڳو ته ٻي کان اٺين هجريءَ تائين (اٺين کان پندرهين عيسوي) عرب ۽ يهودي اندلس ۾ سالن جا سال گڏ رهيا، ٻئي قومون اسپين ۾ ان وقت ويون جڏهن اميه خليفن عيسائين کي شڪست ڏيئي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ قرطبه کي گاديءَ جو هنڌ بنايائون يا غرناطه يا سويل کي ڇو ته لالا تام جڏهن به ذڪر ڪندي هئي ته ٽنهي شهرن جو نالو ضرور کڻندي هئي. ائين ٿي سگهي ٿو ته ٽيئي گاديءَ جا هنڌ هجن پر عام طور تي هڪ ئي ٿيندو آهي. پر اسپين جنهن کي عربن ال اندلس جو نالو ڏنو ڪا عام ڳالهه نه هئي. اميه خليفا خوش باش قسم جا ماڻهو هئا جن عاليشان محل الحمرا ۽ جيرالڊ جا مينار ٺهرايا. اهو اصل ۾ دنيا کي ڏيکارڻ پيا چاهين ته سندن حڪومت ڪٿي ڪٿي پکڙيل آهي. انڪري مراڪش ۾ به اهڙو ئي مينار ٺهرايائون جنهن کي قطبيه چوندا آهن. جيستائين انهن جو تعلق هو ته يورپ ۽ آفريڪا ۾ سندن ڪا به سرحد نه هئي.

بابا چوندو هو ته ست سالن تائين يهودي ۽ عرب گڏ رهيا. شاعريءَ جو گڏ مزو وٺندا رهيا. آبپاشيءَ جا جديد طريقا رائج ڪري چمبيلي ۽ زيتونن سان واسيل باغن ۾ ليٽي تارا ڳڻيندا رهيا.

هتي فيض ۾ اسان سندن بابت وساري ويٺا هئاسين ته هڪ ڏينهن اوچتو هزارن جي تعداد ۾ مراڪش ۾ داخل ٿيا....خون ۾ ٻڏل..... هٿن ۾ گهرن جون چاٻيون کنيل........ هڪ هيبتناڪ عيسائي راڻي ازابيلا جرمن مان نڪري انهن کي سخت شڪست ڏني ۽ چيائون ته ”اسان جيان عبادت نه ڪندؤ ته توهان کي سمنڊ ۾ اڇلايو ويندو.“

پر حقيقت ۾ کين جواب ڏيڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ويو ۽ کين سمنڊ ڏانهن روڪڻ شروع ڪيو ويو مسلمان ۽ يهودي گڏجي ٽينجر ۽ ڪيوٽا ڏانهن ترڻ لڳا، اهي خوشنصيبن مان هئا جن کي ٻيڙيون ملي ويون ۽ سڀ لڪڻ لاءِ فيض ڏانهن ڀڳا. هيءُ واقعو پنج سَو سال پهرين جو آهي ۽ انڪري اسان جي مديني جي هڪ مسجد ويجهو ۽ ملاح يا يهودي علائقي کان ڪجهه سَو ميٽر جي مفاصلي تي اندلس جي هيڏي وڏي آبادي آهي.

پر پوءِ به ان مان اهو ثابت ته ڪونه ٿيو ته يهودي جرمنيءَ ۾ ڪيئن پهتا. سمير ۽ مان ڊگهي گفتگو کان پوءِ ان نتيجي تي پهتاسين ته جڏهن ڪيٿولڪ ازابيلا فساد ڪيو هو ته ڪي يهودي غلط رستي ڏانهن ڀڳا هوندا ۽ ائين اهي ڏکڻ بجاءِ اتر ڏانهن هليا ويا هوندا، پر جيئن ته جرمن ۾ ازابيلا جيان عيسائي آهن تنهن ڪري انهن به يهودين کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڇو ته سندن عبادت جو طريقو مختلف آهي. پر پڦي حبيبه چوندي هئي ته اهو تجربو درست ناهي ڇو ته جرمن فرانسيسين سان به ته وڙهي رهيا آهن، جڏهن ته ٻئي عيسائي آهن ۽ ساڳي خدا جي عبادت ڪن ٿا. پر اسان جو اندازو اتي ئي ختم ٿيو ڇو ته مذهب ۾ ان جو جواب نه هو ته عيسائي پاڻ ۾ ڇو ٿا وڙهن؟؟

ما، سمير کي چوڻ واري هئس ته ڇڏيو ان پراسرار يهودي مسئلي کي ڍڪي رکون. اڳئين سال جڏهن اسان وڏا ۽ سمجهدار ٿينداسين ته هن تي غور ڪنداسين پر ملڪه ڀيڻ ته ماڳهين هڪ ٻيو قابل ادراڪ ۽ هولناڪ نظريو پيش ڪيو ته ”هن جنگ جو تعلق وارن جي رنگ سان آهي. جرمن ڊگها سفيد رنگ جا اڇا ۽ ڀورن وارن وارا آهن، جڏهن ته فرينچ انهن کي ننڍا، گهري رنگ جا ۽ ڪارن وارن وارا آهن. سندس خيال ۾ يهودي ويچارا ازابيلا جي خوف کان غلط رستي کان ڀڳا ۽ غلط جاءِ تي ڦاسي پيا ۽ اهائي اتفاقاً جنگي علائقي ۾ هئا ۽ بدقسمتيءَ سان سندن وار به ڪارا هئا جيتوڻيڪ اهي جنگ جا فريق نه هئا.

سمير ۽ مان ڏاڍا ڊناسين. اسان زين ڀاءُ کان به تصديق ڪرڻ چاهي، هن چيو ته ”ها بنهه صحيح _ هٽلر (جرمن بادشاهه جو نالو) ڪارن وارن ۽ ڪارين اکين کان نفرت ڪندڙ آهي ۽ جتي به ڪارن وارن واري آبادي آهي اتي هو جهازن مان بم اڇلائيندو آهي ۽ پاڻيءَ ۾ ٽپڻ به ڪو فائدو ناهي. ڇو ته هو پيڇي ڪرڻ لاءِ ٽوٻا جهاز موڪلي ٿو.“ سمير وڏي ڀاءُ ڏانهن ڏسندي ۽ پنهنجي ڪارن وارن کي لڪائيندي چيو ته ”توهان جو خيال آهي ته جرمن جڏهن فرانس ۽ يهودين کي شڪست ڏيئي وٺندا تڏهن هتي فيض جو رخ ڪندا........“ ڀاءُ زين ان جو ڪو واضح جواب نه ڏنو. بس ايترو چيائين ته اخبارن جرمن جي مستقبل جي ارادي بابت ڪجهه ڪونه لکيو آهي.

ان رات سمير پنهنجي ماءُ کي التجا ڪئي ته سندس مٿي تي ميندي هڻي، جيئن حمام کان پهرين سندس وارڳاڙها ٿي وڃن ۽ مان، امان جو رئو مٿي تي ٻڌي ان جي پويان ڊوڙڻ لڳيس ته امان مون کي ڏٺو ۽ ان کي لاهڻ لاءِ رڙيون ڪندي چوڻ لڳي:

”مٿي کي ڪڏهن به نه ڍڪجانءِ........منهنجي ڳالهه سمجهين ٿي، مان سڄي عمر ان ئي خلاف وڙهندي رهيس ۽ تو هن کي مٿي تي کڻي پاتو آهي. ڪهڙي بڪواس آهي.“

مون کيس يهودين، جرمني، بم ۽ ٽوٻو جهازن بابت سڀڪجهه ٻڌايو پر هن تي ته ڪو اثر ئي ڪونه ٿيو اُلٽو چوڻ لڳي:

”چاهي هٽلر جرمنيءَ جو طاقتور بادشاهه به تنهنجو پيڇو ڪري ته مٿي ڍڪڻ کان سواءِ سندس منهن مقابل ٿجانءِ.......مٿو ڍڪڻ ۽ لڪڻ مان ڪو فائدو ناهي. ليڪن لڪائڻ سان عورتن جا مسئلا حل نٿا ٿين. پر اِن جي ڪري عورتون قربانيءَ جو ٻڪرو ٺهي وينديون آهن..... تنهنجي ناني ۽ مان ٻئي ان مٿي ڍڪڻ کان عاجز اچي ويون آهيون........ان جو ڪو فائدو ناهي.........مان چاهيان ٿي ته منهنجون ڌيئون مٿي کڻي الله جي زمين تي هلن ۽ آسمان ۾ تارن تي نظر رکن.“ ائين چئي هن منهنجو رئو کسي ورتو ۽ مون کي بيوس ڪري اڻ ڏٺل فوج جي مقابلي لاءِ ڇڏي ڏنو جيڪا ڪارن وارن ۽ ڪارين اکين وارن جو پيڇو ڪري رهي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com