ڪهاڻي
رنگ زندگيءَ جا!
پارس راڻي
زرينه جڏهن کان هوش سنڀاليو هو، تڏهن کان گهر ۾ هڪ ئي رنگ نظر
آيو هئس، غربت ۽ مفلسيءَ جو رنگ!، ڪارو ۽ بدنما
رنگ!
ٻن ڪمرن جو ڪچو گهر، جنهن کي گارو هڻندي هڻندي سندس ماءُ جا ھٿ
به کهرا ٿي ويا هئا. هڪٻئي مٿان ڄاول پنج ڀيڻون
جيڪي زرينه جي ماءُ لاءِ ڄڻ پنج ڀُونڊا هيون!
زرينه جي زندگيءَ جي هر صبح جي ابتدا ٻن آوازن سان
ٿيندي هئي. اهي هئا پاڳل ۽ ٽي بي جي مريض پيءُ جي
گارين سان گڏ کنگهڻ جو آواز ۽ ماڻس جو هر وقت
ڪُرڪڻ جو آواز، زرينه کي ڪڏهن ڪڏهن ته خاموشيءَ ۾
به اهي آواز محسوس ٿيندا هئا!
”مُيون رَنون شل ڄمندي ئي دفن ٿين ها ته هينئر آءُ سک سان هجان
ها! هاءِ رب! توکي به دشمني هن گهر سان هئي. هڪڙو
جي پُٽڙو ڏيئي ڇڏين ها ته ڇا تنهنجي گَنج ۾ ڪمي
اچي وڃي ها“؟ ماءُ مٿو پٽيندي چوندي هئي.
زرينه جو سڄو ننڍپڻ راند روند بدران هر شيءِ لاءِ سڪندي گذريو.
ڪڏهن آميءَ جي چمڪندڙ وارن ۽ سٺن ڪپڙن کي ڏسي ته
ڪڏهن چاچي ڦاپو کي ڏينهن ۾ چار دفعا ماني کائيندي
ڏسي، ڪڏهن گلوءَ جي بلورن کي ڏسي.
چاچي کي پنهنجي زمين هئي، مڇي مانيءَ وارو هو، پر چون ٿا ته
ماسي نه ٿئي ماءُ، چاچو نه ٿئي پيءُ. چاچي ته هئي
ڌاري، سو ان تي ڪهڙي ميار؟ هن جي بک، هن جون حسرت
سان ڀريل اکيون، ڪنهن کي نظر ڪونه آيون. چاچو
آميءَ لاءِ ڪيترا نه ٽول آڻيندو هو، پر ڪڏهن زرينه
ياد نه پيس، جيڪا سندس ڌيءَ جيڏي هئي. چاچي آميءَ
لاءِ پئي ڪپڙا وٺندي ۽ سبندي هئي. ڪڏهن چمڪ وارا
ڪپڙا، ڪڏهن هُر مچ پئي ڀريندي هئي. آمي جي چولي تي
هر رنگ، هر ڀرت هو. زرينه جي جهوليءَ ۾ ڇا هو.
ٽُنگ واري جهوليءَ ۾ زمين تان ميڙيل پنج پيسا جنهن
سان هوءَ ڪڏهن ڪڏهن راند کيڏندي هئي، ائين ڇو هو؟
ڇالاءِ هو؟ اهي سوال زرينه جي ڪچڙي ذهن ۾ ڪونه
ايندا هئا. هن جي ذهن ۾ ته رڳو اهو هوندو هو ته
امان چاچي کان هڪ وٽو لسيءَ جو وٺي اچڻ لاءِ چيو
آهي. ماسي جنت کان ٿورا بصر وٺي اچڻ لاءِ چيا اٿس
جيئن ماني کائي سگهون.
چاچي هونئن ته لسي الله جي نالي ڏئي ڇڏيندي هئي،پر ڪڏهن زرينه
صرف ڇڙٻون وٽي ۾ کڻي موٽندي هئي.
”چاچي رڙيون ڪندي هئي ”ڦاٿا آهيون ڀينگين مان، مفت جو مال آهي
جو انهن بکين جو ڀڀ ڀريون. روز روز اچي منهنجي ٻچن
جي ماني ٿا تڪين منحوس.“ زرينه جي زندگي ائين هلي
رهي هئي جيئن ڳوٺ ۾ ڪچي رستي تي گاڏي هلندي آهي.
آهستي آهستي زرينه جي عمر وڌندي وئي، تيئن تيئن سندس پيٽ جي
دوزخ ۾ بک سان گڏ، ذهن ۾ سوالن جو دوزخ به ٻرڻ
لڳو.
ائين ڇو آهي؟ منهنجي ڀيڻين رُقو، پَپي، گُڏي ۽ ساران ۽ مون وٽ
اهو سڀ ڇو نه آهي؟ جيڪو آميءَ ۽ نظيران وٽ آهي؟
امان اسان کي نڀاڳيون ڇو سڏيندي آهي؟ چاچي ۽ ماسي
ته پنهنجين ڌيئرن کي ائين نه ٿيون سڏين.
اهڙو ڪو ڏينهن ڇو نه ٿو اچي جڏهن اسان سڀ ڍؤ ڪري ماني کائون؟
ائين ڇو آهي؟ ڇا لاءِ آهي؟
اهي سوال نه هئا ڄڻ ڪي ٽانڊا هئا جيڪي زرينه جي ذهن ۾ ڌُڳڻ لڳا
هئا پر ان سان گڏ گهر وارن ۽ ڳوٺ وارن جي طرفان
مليل ڏينهن رات جي ذلت سندس جيءَ کي جهورڻ لڳي
هئي. هو پاڻ نه ڄاڻندي هئي ته هو اندران ڪيئن ڀڄي
ڀُري رهي آهي، سندس چپن جا ڪنول ته ڄڻ ٽڙڻ ۽ کِلڻ
ته سکيا ئي نه هئا! زرينه ايڏي غربت ۽ مايوسين
باوجود حسين هئي. ڪڻڪائون رنگ سون جيان ٻرندو هيس.
اکيون ڪاريون ڀونئر هيون، جنهن ۾ اداسي ترندي
رهندي هئي جيڪا سندس سونهن کي هيڪاري نروار ڪري
ڇڏيندي هئي.
هڪ ڏينهن زرينه صبح جو گهر پئي ٻُهاريو، پٽ تي پيءُ جي کٽ هيٺان
رت جا دُٻا ڏٺائين، رڙ نڪري وئي هيس، ”امان جلدي
اچي ڏس هي ڇا آهي؟“
پڻس کنگهي کنگهي ساڻو ٿي ويو. مٿان وري وڦليو. ماڻس پٽيندي
زرينه کي ڊوڙايو ”مئي ڊوڙي وڃ ۽ چاچهين کي سڏي اچ!
وات ڦاڙيو ڇا پئي ڏسين.“
هوءَ ڊوڙندي چاچي وٽ وئي.
چاچا! بابي کي الائي ڇا ٿي ويو آهي، هلي ڏسو.“
چاچس چڙي جواب ڏنو: ”هل مون وٽ وقت ناهي، اڄ پاڻيءَ جو وارو
آهي. مون کي اوڏانهن وڃڻو آهي. اکين اڳيان ٽر.“
اُهو ٻڌي اکين مان آب جاري ٿي ويس ڄڻ ڪو بند ٽُٽو هجي. هر شيءِ
پاڻي ۾ لُڙهي وئي، صفا هوش مان نڪري ويئي، رڙيون
ڪندي ڊوڙندي آئي ”الا! امان ڇا ڪريان؟ هاڻ ڇا
ٿيندو؟ ڊوڙندي ڊوڙندي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول اڳيان
ڪري پئي، ماستر رمضان ڪنهن ڪم سان پئي ويو تنهن هن
کي پٽ تي ڪريل ڏٺو.
ويجهو وڃي اٿاريائينس، اسڪول جي بينچ تي ويهاري پاڻي
پياريائينس.
”ڌيءَ زرينه ڇا ٿيو اٿئي؟ ڇو روئين پئي؟“
ڪجهه دير کان پوءِ زرينه سامت ۾ آئي ۽ چوڻ لڳي ته ”چاچا رمضان
منهنجو پيءُ بيمار آهي ۽ اسان جي ڪو واهر ڪرڻ وارو
ڪونه آهي. چاچا وٽ ويس ته هُن به کُتو جواب ڏنو،
ڳوٺ وارا اڳ ئي ڪونه ٿا پڇن. ڪنهن کي دانهن ڏيان.
چريو ئي سهي پر آهي ته پيءُ نه، اسان جي سر جي
ڇانوَ. هَن کي ڪجهه ٿيو ته ڪيڏانهن وينداسين؟!“
روئندي روئندي هڏڪيون اچڻ لڳس.
تڏهن ماستر رمضان دلاسو ڏيندي چيو: ”ڌيءَ! پريشان نه ٿي، سڀ جي
واهر ڪرڻ وارو رب پاڪ آهي.“ هل آءُ توسان ٿو
هلان.“
ماستر رمضان نه صرف ڪتاب پڙهائيندو هو پر علم هُن کي درد پڙهڻ ۽
پيڙا محسوس ڪرڻ به سيکاري ڇڏيو هو.
هُو نه فقط زرينه جي پيءُ کي شهر وٺي ويو، پنهنجي هڙان وڙان
علاج به ڪرايائينس. زرينه جي پيءُ جي وقت تي جان
بچي وئي پر بيماري اڃا گڏ هيس.
هڪ ڏينهن ماستر زرينه جي گهر آيو ۽ زرينه جي ماءُ کي چيائين:
”ادي! جيڪر ڪجهه ڏوڪڙن جي ضرورت هجئي ته توکي ڏيان.“
زرينه پهرين اهو ٻڌي خوش ٿي پر پوءِ سندس اکين ۾ سوچ سان گڏ
آلاڻ اچي وئي ۽ چوڻ لڳي: ”توهان جا ٿورا آهن جو
توهان اسان تي قياس ڪيو، اهڙي وقت تي جڏهن پنهنجا
به پراوا ٿي ويا، پر الائي ڇو توهان کان پيسن وٺڻ
واري ڳالهه مناسب نٿي لڳي.“
سڄي زندگي ٻين اڳيان هٿ ٽنگيو آهي، هاڻ هٿ نٿو کڄي. هاڻ خيرات
جي زندگيءَ کان ڪَڪِ ٿي ويا آهيون. اڌاري زندگي
کان بهتر آهي ته زندگي گذارڻ ئي ڇڏي ڏيون!“ زرينا
يڪساهيءَ جملو چئي وئي.
ماستر زرينه جي ڳالهه ٻُڌي حيران ٿي ويو. ”مان حيران آهيان ته
هڪ ڏهن ٻارهن سالن جي غريب ڇوڪري جنهن صرف ڌڪا
کاڌا آهن، هُن ايڏا وڏا لفظ ڪٿان سکيا آهن؟ اهڙي
سوچ هن وٽ ڪٿان آئي آهي!“ زرينه وراڻيو:
”ماستر صاحب، زندگيءَ کان وڏو ڪو اسڪول ناهي! دردن کان وڏو ڪو
سبق نه آهي ۽ ڌڪا ٿاٻا ئي سڀ ڪجهه سيکارين ٿا!“
ماستر صاحب سندس جواب ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويو آخر ڪافي دير کان
پوءِ جواب ڏنائين ”ڌيءَ ٺيڪ آهي، توهان پيسن جي
مدد وٺڻ نٿا چاهيو پر جيڪر آءُ توکي پڙهايان ته ڇا
تون پڙهندينءَ؟ ڇو ته تو ۾ اهي سڀ خوبيون آهن،
جيڪي هڪ ذهين شاگرد ۾ ٿي سگهن ٿيون، آءُ توکي ضايع
ٿيڻ نه ڏيندس، جيڪر تو جهڙي ذهين ڇوڪري علم کان
رهجي وئي ته منهنجي ماستر چورائڻ تي لعنت هجي.“
ائين زرينه جي زندگيءَ جو هڪ نئون در کُليو ۽ هوءَ پڙهڻ لڳي،
جيتوڻيڪ ماءُ سخت مخالفت ڪئي هيس.
”مُئي تون پڙهي ڇا ڪندينءَ؟ ڪهڙو تون پٽ آهين جو تون ڪمائي
کارائيندين؟ وڏي ڌيءَ آهين، گهر سنڀال. اسان اڳ ۾
پنهنجي جيءَ مان بيزار آهيون، ملي ڪو راڄ جو چڱو
ماڻهو ته توکي سر تان ٽاري ڇڏيون، وڏي آئي آهي
پڙهڻ واري! مُرڳو راڄ کلندو اسان تان!“
زرينه ماءُ جي پيرن تي ڪري پئي ”امان مون کي پڙهڻ ڏي. هي در
قسمت سان کُليو آهي، امان! اُهو بند نه ڪر. آءُ
گهر جو سڄو ڪم به ڪنديس ۽ واعدو آهي توسان ته ڪوشش
ڪري ڪجهه گهر لاءِ به ڪنديس. باقي راڄ وارن پاڻ کي
ڪهڙا سک ڏنا آهن. ائين هوءَ گهر جو سڄو ڪم سوير
ڪري ڇڏيندي هئي، پوءِ پڙهڻ ويندي هئي، شام جو ڀرت
ڀريندي ۽ رِليون ٺاهيندي هئي، جيڪي راڄ وارن کي
وڪڻندي هئي، جنهن سان گهر جو به ڪجهه خرچ نڪري
ويندو هئن.
زرينه جي سر تي نه ڄاڻ ڪيڏو بار پئجي ويو هو. گهر جي ڪم جو،
پڙهائيءَ جو، پورهئي جو، ماڻهن جي مِهڻن جو، پيءُ
جي بيماريءَ جو، ماءُ جي ڪُرَڪي جو. پر هن همت نه
هاري، نه انگ تي سولو ڪپڙو هئس، نه پيٽ ۾ سولي
ماني! نه ننڍپڻ جون معصومياڻيون خواهشون، نه
ڦُٽندڙ جوانيءَ جي اُمنگن جو احساس!هڪ ئي تانگه
هئس ته ڪجهه ڪري ڏيکاريان! رقيه، ساران ۽ ٻين
ڀيڻين جا برا حال ڏسي هن جي اکين ۾ رت جا ڳوڙها
لهي ايندا هئا. پيءُ جو آسرو به پاڻيءَ ۾ ڪچي گهڙي
سان ترڻ جهڙو هئس! پر پوءِ به ڪک جيترو سهي آسرو
ته هيو، هن کي ائين ميڻ وانگر ٻرندي ڳرندي ڏسي نه
سگهندي هئي! ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ جي هٿن تي
ميندي ڏسي بي اختيار نظرون پنهنجي هٿن ڏانهن کڄي
وينديون هئس، جنهن جي آڱرين تي بيشمار سُئيءَ جا
ٽنگ ۽ نشان پئجي ويا هئا. پنهنجي اڪيلائيءَ جو
نانگ به ڏنگڻ لڳندو هئس.
ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو هئس ته ڪوئي آهي جيڪو کيس ويجهو به
آهي، ڏُور به آهي. پر اِهي سڀ احساس ۽ محروميون
هوءَ ذهن مان ڪڍي ڇڏيندي هئي.
رات جو ڇڳل کٽ تي ٽٽل خيال ايندا هئس، ها شايد اهو سڀڪجهه اسان
جي لاءِ ناهي ٺهيو!
نه ڄاڻ ڇو خدا کي اهو تماشو پسند آهي ته ڪنهن جون اکيون خوشي ۾
وسي وڃن ته ڪنهن جي نيڻن تي ڏکن جو جُهڙ لهي نٿو!
ڪنهن جا من ڪنول جيان ٽڙن ته ڪنهن جو مَن ۽ ساهه
مُٺ ۾ هجي!
”ها جياپي جي جنگ آهي، بقاءُ لاءِ پتوڙڻو آهي، منهنجي لاءِ ته
ڪجهه نه ٺهيو آهي پر جي آءُ ڪنهن لاءِ ڪجهه ٺاهي
وڃان ته منهنجو جيئڻ سجايو ٿي ويندو.“
اکيون بي اختيار ڀر ۾ ستل ڀيڻن ڏانهن کڄي ويس.
جيئن تيئن ڪري مئٽرڪ ڪيائين ته ماستر رمضان گذاري ويو. پڙهڻ جو
در به بند ٿي ويس. ڳوٺ ۾ اسڪول به ڏهين تائين هو.
ڪاليج شهر ۾ هو ۽ هن وٽ وڌيڪ نه خرچ هو نه ئي ڪو
ٻيو سهارو. زندگي جيئن تيئن گذرڻ لڳي هئس، اوچتو
پيءُ به گذاري ويس. گهر ۾ ماءُ ۽ ڀينرون رهجي
ويون. ماءُ صدمي ۾ پريشانيءَ ۾ اڌ وڃي رهي هئي.
ڏينهون ڏينهن زرينه جي پريشانين ۾ اضافو ٿيڻ لڳو هو.
رليون سبندي سبندي هٿ ڇلجي پيا هئس. غربت نه هئي ڄڻ هنن ڪنهن جو
ڌاڙو هنيو هو، جو هڪ ٻن گهرن کان سواءِ ڳوٺ وارا
پنهنجي گهر ۾ هنن کي اچڻ به نه ڏيندا هئا. مٿان
وري جو زرينه کي ماستر پڙهايو هو تنهن تي سَو سَو
ڳالهيون ٺهيون هيون!
جتان مٽيندي هئي مايون چونديون هيون:
”اَئي ماستر ائين به زرينه تي مهربان ناهي ٿيو، ضرور رَنون هٿ ۾
ڪيو ويٺيون آهن.“
ها مائي هجين ڪو ڌڻي سائين جيڪو ڏنڊو کڻي! زنون ته راڄ ٿيون
خراب ڪن.“
لفظن جا تير هر طرفان زرينه جي هانءُ تي پئي لڳا، پر جيئڻ ڪاڻ
وس ته ڪرڻا هئا سو پئي تڳي.
جواني ته اهڙي چڙهي هئس ڄڻ آسمان تي پُر نُور سج، جسم ته ڄڻ
ڪنهن سنگتراش وڏي مهارت ۽ فرصت سان تراشيو هجيس!
حسن به ڪڏهن رحمت ٿيو پوي ته ڪڏهن زحمت!
جيڏانهن ويندي هئي ته رولو ڪتن جيان رلندڙ ڇورا، نُوس نُوس ڪندا
وتندا هئا.
چاچي جو پٽ گُلو ته ڄڻ هن کي پنهنجي ملڪيت سمجهندو هو.
هن جي اچڻ وڃڻ هر ڳالهه تي نظر رکندو هو. واٽ ويندي ڪڏهن هٿ
جهلي وٺندو هو ته ڪڏهن ٻانهن. پر زرينه سدائين
ماءُ کي بچائي وٺندي هئي. ڳوٺ ۾ ڪي چڱا ماڻهو به
هئا، جيڪي هنن نڌڻڪين جي عزت جو خيال رکندا هيا،
پر ڪيستائين گل انسان جي هٿن کان بچي ٿي سگهيو!
زرينه هوسَ پرست مردن جي نظرن ۽ جملن کان پاڻ بچائيندي بچائيندي
ٿڪجي پئي هئي. ماءُ جي پوري ڪوشش هوندي هئي ته
زرينه جي شادي ٿي وڃي. ڳوٺ جي هڪ وڏي عمر جي مرد
ٻي شاديءَ لاءِ گهر ڪئي ته ماءُ ڏاڍي خوش ٿي، ڇو
ته غريبن ۽ نڌڻڪن جي گهر اهڙو رشتو به نعمت کان
گهٽ نه هو، پر زرينه انڪار ڪري ڇڏيو.
”امان تون چاهين ٿي ته مان پرڻجي هلي وڃان پر مون کان پوءِ
منهنجي ڀيڻين جو ڇا ٿيندو؟ تنهنجو ڇا ٿيندو!“
ماءُ زور ڀريندي چوندي هئس ”تون پنهنجي جواني اسان لاءِ تباهه
ڪندينءَ ڇا؟ اسانجو جو الله آهي جيئن تيئن جي
وينداسين؟
”امان تباهه ته آءُ ان ڏينهن کان ٿي وئي هئس. جڏهن کان مون کي
توهان جي ۽ پنهنجي بي وسيءَ جو احساس ٿيو هو. امان
هاڻ مون کي وڌيڪ نه تباهه ڪر، مئل کي وڌيڪ نه
مار.“
ماءُ به هٿ کڻي ڇڏيو هو، ڇو ته واقعي زرينه هنن لاءِ وڏو آسرو
هئي.
گهر جون حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون. ڀيڻون به وڏيون ٿي ويون
هيون، سو خرچ جو بار به وڌي ويو هو، تنهنڪري زرينه
پاڙي جي هڪ مائٽياڻي صفيه جي گهر ۾ ٻهارو ۽ پوچو
ڪرڻ لڳي ۽ ڏينهن جو توَڻ به ڪرڻ لڳي. صفيه هنن جو
خيال به رکندي هئي، ڪڏهن اَن ڏيئي ڇڏيندي هئي ته
ڪڏهن ٻنيءَ مان آيل تازيون ڀاڄيون. ان سان گڏ خرچي
به ڏيندي هئس.
زرينه جي زندگيءَ جو گاڏو وري ڪجهه سنوت ۾ هلڻ لڳو هو. اڳتي
پڙهڻ جو شوق خواب خيال ئي ٿي ويو هئس. هوءَ هڪ اڻ
پڙهيل غريب ڇوڪريءَ جيان پورهيو ڪري گذارو ڪرڻ لڳي
هئي، جنهن ۾ سندس ڀيڻون ڏنگيندو هيس ته پيٽ جو
دوزخ ته جيئن تيئن ڀرجڻ لڳو هو، پر سندس ڀيڻون
پڙهي نه سگهيون هيون.
هن اهو سوچي صبر ڪيو ته خواب جڏهن پورا نه ٿين ته انهن کي
سمهاري ڇڏڻ بهتر آهي.
هن جي ڳوٺ ۾ هڪ نئين تبديلي اچي ويئي هئي. اها هئي هڪ
N.G.O
وارن جو هنن جي ڳوٺ لاءِ مختلف پروجيڪٽ ۽ ٻيا
اصلاحي ڪم ڪرڻ. اها هڪ مشهور تنظيم هئي، جيڪا ڪڏهن
ڪڏهن پنهنجا ماڻهو ڳوٺ ۾ موڪليندي هئي. ٽيم جي
اڳواڻ هڪ فئشن ايبل عورت فريده هئي، جيڪا اڪثر ڪري
ايندي هئي ۽ ڳوٺاڻن سان مختلف موضوعن ۽ پراجيڪٽن
جي لاءِ گڏجاڻيون ڪندي رهندي هئي. زرينه هڪ ٻه
دفعو فريده سان ملي هئي ۽ هن کان ڏاڍو متاثر ٿي
هئي. سوچيندي هئي ته ”ڪاش مان به هن وانگر هن جهڙا
ڪم ڪري سگهان ها!“
هتان وري گُلو، زرينه جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو، گُلو زرينه
سان شادي ڪرڻ پئي چاهي، پر گُلوءَ جا ماءُ پيءُ
زرينه جو چاچو چاچي جا مخالف ٿي بيهي رهيا، ڇو ته
زرينه جي چاچي شروع کان پنهنجي ڀائيٽي روزينه جو
سڱَ گُلوءَ لاءِ پڪو ڪري چڪي هئي. هونئن به چاچي
وارا شروع کان ئي زرينه وارن کان لاتعلق رهيا هئا.
گلو زرينه کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ تي تپيو ويٺو
هيو، تنهن جي سڄي ڪاوڙ زرينه تي نڪرندي هئي، گلوءَ
جي نيت به زرينه لاءِ ٺيڪ نه هئي، مختلف بهانن سان
پيو تنگ ڪندو هئس.
هڪ ڏينهن منجهند جو گَلُو نشي ۾ زرينه جي گهر جي ڀت ٽپي آيو ۽
زرينه ۾ هٿ وڌائين، زرينه رڙيون ڪرڻ لڳي ”امان
بچايو، هن رهزن کان مون کي بچايو“
سڀ گهر وارا اُٿي پيا ۽ رڙين تي پاڙي وارا به گڏ ٿي ويا. گلوءَ
ڏٺو ته هاڻ آءُ چڱو خوار ٿيندس، سو ڪهاڙي ڪڍي
زرينه کي مارڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته ”هيءَ ڪاري آهي،
هن اسان جو نڪ وڍائي ڇڏيو آهي، آءُ هن کي ڪونه
ڇڏيندس!“
”هيءَ ڪم جي بهاني صفيه جي گهر ويندي هئي ۽ سندس مڙس خان محمد
سان منهن ڪارو ڪندي هئي. انڪري هيءَ ڪاري آهي. مان
هن کي قتل ڪندس.“
ائين چئي وري ڪهاڙي کڻي زرينه جي پويان ڊوڙڻ لڳو. زرينه جان
بچائيندي بچائيندي سهڪي پٽ تي ڪري پئي.
اتفاق سان مئڊم فريده به اتي اچي وئي، ماڻهن جو ميڙ ڏسي اڳتي
وڌي ۽ جڏهن حقيقت جي ڄاڻ پيس ته ڊوڙي وڃي زرينه کي
اٿاريائين ۽ وڏي رڙ ڪري چيائين ”خبردار جو زرينه
کي ڪنهن هٿ لاتو آ! آءُ اجهو ٿي پوليس وٺيو اچان“
تيسين ٽيم جا ماڻهو به فريده سان گڏ ٿي ويا. گُلو
فرار ٿيڻ ۾ ئي عافيت سمجهي، سو ڌمڪيون ڏيندو ڀڄڻ
لڳو.
”زرينه توکي آءُ ڪونه ڇڏيندس، تون ڪاري آهين، اڄ تنهنجي قسمت
سٺي هئي!“
مئڊم فريده زرينه جي واتان سڄي حقيقت ٻڌي. ”زرينه اڄ کان
کانپوءِ تون هن پٿرن جي ڳوٺ ۾ ڪانه رهندينءَ. هَلُ
آءُ توکي ۽ تنهنجي گهر وارن کي شهر وٺي ٿي هلان ۽
توکي نوڪري به ڏيندس ۽ سهارو به.“
سو زرينه مئڊم فريده جي ٽيم سان گڏ ماءُ ۽ ڀينرن سميت شهر هلي
آئي.
مئڊم زرينه کي يونٽ آفيس ۾ وٺي آئي. آفيس جي پويان ٺهيل ڪوارٽر
زرينه وارن کي رهڻ لاءِ ڏنائين.
ٻئي صبح زرينه کي پنهنجي باس سان ملايائين. زرينه کي آفيس ڏاڍي
وڻي. نرم آرامده فرنيچر، قيمتي پردا، ميز تي پيل
ڪمپيوٽر. هي ماحول هن لاءِ نئون هو. هوءَ ٿورڙو
گهٻرائجي وئي. سامهون باس ويٺل هو. هاف سليوز واري
شرٽ ۽ پينٽ پاتل هئس، قيمتي پرفيوم جي خوشبو سڄي
آفيس ۾ پکڙيل هئي. سر اياز اڌڙوٽ عمر جو ۽ اڌ گنجو
هو. پر اکين ۾ چالاڪيءَ واري چمڪ هئس. مئڊم سر
اياز سان زرينه جو تعارف ڪرايو. ”زرينه هي سر اياز
آهي ۽ اڄ کان پوءِ تنهنجو به باس آهي. جيڪو ڪم ڏئي
اهو ڪجان.“
باس زرينه کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڏياريندي چيو: ”مس زرينه، توهان کي
هن آفيس ۾ ۽ اسان جي تنظيم ۾ اچڻ تي ويلڪم، اسان
کي ته تو جهڙن چهرن جي ئي تلاش هئي. اچ هتي ڪرسيءَ
تي ويهه.“
”جي سر ڇا مطلب“ زرينه جواب ڏنو.
”اڙي چري ڇوڪري منهنجو مطلب اهو آهي ته اسان کي تو جهڙين ڪم
وارين ڇوڪرين جي ضرورت هئي.
سر ڳالهه بدلائيندي کلندي چيو.
”تون بلڪل فڪر نه ڪر، اسان وٽ محفوظ آهين.“
سر اياز چيو ”چانهه پيئندين؟!“
”نه سائين، توهان جي مهرباني!“
پوءِ مئڊم فريده زرينه کي ڪم سمجهائڻ لڳي. جيڪو فيلڊ ورڪ تي
مشتمل هو.
ائين زرينه جي زندگي هڪ نئون رخ اختيار ڪيو. هوءَ ۽ هن جي ماءُ
۽ ڀيڻون ڏاڍيون خوش هيون. هنن کي هر سهوليت مليل
هئي. رهڻ لاءِ آرامده ڪوارٽر، ٽئي وقت ماني، شهر
جو ماحول، ڄڻ هو هڪ جهنم مان نڪري جنت ۾ اچي ويون
هجن، زرينه گاڏيءَ ۾ ويندي گاڏيءَ ۾ ايندي هئي.
ڪم انتهائي ٿڪائڻ وارو هو. وقت جو قيد مقرر نه هو. هر وقت فيلڊ
تي وڃڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو هو. ڪڏهن ڏينهن جو
ڪڏهن رات جو. ڪڏهن ڪڏهن ته 20 _ 20 ڪلاڪ ڪم ڪرڻو
پوندو هو.
مختلف پراجيڪٽ ملندا رهندا هئا. ڪم ڏکيو هو، پر آمدني ۽ سهولتون
به گهڻيون هيون.
زرينه ڏاڍي خوش هئي. هن جي وحشتناڪ ماحول ۽ اندر جي وحشتن مان
جند آجي ٿي وئي هئي.
هاڻ ڪوئي مهڻو ڪنن کي ٻاريندو نه هو، نه ئي هوءَ ۽ سندس ڀيڻون
ان ۽ اجهي لاءِ سڪنديون هيون.
مئڊم فريده ته هن جي زندگي ئي بدلائي ڇڏي هئي. هوءَ هر وقت پئي
مئڊم جا ٿورا مڃيندي هئي. ”مئڊم توهان جا احسان ته
آءُ ستن ڄمارن تائين به لاهي نه سگهنديس. توهان ته
اسان لاءِ رحمت جو فرشتو ٿي آيون آهيو. توهان نه
هجو ها ته اڄ اسان جو الائي ڇا ٿئي ها!“
اکيون ايندڙ خوشيءَ ۽ ماضيءَ جي غمن جي رليل مليل احسان کان
ڀرجي آيس.
مئڊم فريده وراڻيو.
”نه بابا ان ۾ احسان جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ باقي اسان هيءَ
N.G.O
ڇا لاءِ کولي آهي؟ هي تنظيمون ته آهن توهان لاءِ.“
سڄي خوشيءَ جي باوجود زرينه کي ڪجهه ڳالهيون عجيب لڳنديون هيون.
اهوهو آفيس جو ماحول. سڀ مرد ۽ عورتون هڪٻئي سان
انتهائي درجي جا فري هئا. هڪٻئي تي ڪمنٽس پاس ڪندا
هئا، گڏ ماني کائيندا هئا. ڪجهه ٻيون ڳالهيون به
زرينه کي عجيب لڳنديون هيون. اهي هيون ته مئڊم
فريده سگريٽ به پيئندي هئي ۽ گهڻو وقت باس جي ڪمري
۾ گذاريندي هئي، ڪجهه ڇوڪريون ڪڏهن ڪڏهن رات جو به
آفيس ۾ ٽِڪي پونديون هيون.
ڪڏهن ڪڏهن زرينه کي سر اياز جو رويو به عجيب لڳندو هو.
گهڻو ڪري بنان ڪم جي به آفيس ۾ زرينه کي گهرائيندو هيو.
چانهه پياريندو هو ۽ ڪچهريون ڪندو هو، اڪثر سندس ذاتي زندگيءَ
بابت سوال ڪندو هو. ڪي ڪي ڳالهيون ته معنى
خيزلڳنديون هئس.
”ها زرينه، ڇا آءُ توکي زري چوان ته برو ته نه لڳندءِ!“
يا ڪڏهن چوندو هو ”تون ڪيڏي نه حسين آهين گل جيان، پر تون
پنهنجو واس ڇو لڪائي ويٺي آهين؟ ڪنهن ڀؤنر کي ته
پاڻ وٽ اچڻ ڏي. آخر ڪوئي ته تنهنجي خوشبوءَ جو واس
وٺندو!“
پر زرينه اهي سڀ ڳالهيون در گذر ڪري ڇڏيندي هئي.
هن کي اهو سڀ باس جو مذاق لڳندو هو، ڇو ته هُو هن جي پيءُ جيترو
هو، ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي هئي ته شايد سر جي مذاق ڪرڻ
جي گهڻي عادت آهي.
هڪ دفعي هن ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ڏٺيون هيون ته مهرين ۽ ان سان
گڏ فيلڊ تي ويندڙ ڇوڪرو باس جي ڪمري ۾ هٿ ۾ هٿ ڏيو
ويٺا، هڪٻئي جي اکين ۾ اکيون وجهي ڪچهري پيا ڪن.
”ان کان علاوه زرينه ڪيتريون ڳالهيون ڏٺيون ۽
ٻڌيون هيون، پر هن اهو سوچي درگذر ڪري ڇڏيو ته
شهرن جو شايد ماحول ئي اهڙو هوندو آهي.
هڪ ڀيرو مئڊم زرينه وٽ آئي ۽ هڪ ليٽر کڻي آئي، زرينه کي چيائين
ته سڀاڻي توکي اسلام آباد ٽريننگ لاءِ وڃڻو آهي.
گڏ ٻه ڇوڪريون ۽ ٽي ڇوڪرا هوندا ۽ توهان سان گڏ
باس به هلندو.
ٻئي ڏينهن سڄو گروپ اسلام آباد روانو ٿيو.
جهاز ۾ ويهڻ ۽ اسلام آباد جهڙي حسين ۽ رنگين شهر کي ڏسي زرينه
کي لڳو ڄڻ هوءَ ڪنهن سحر ۾ آهي ۽ هي ڪو طلسمي چڪر
آهي. هن سوچيو ته نه هو ته ڪو ڳوٺ جي عام ڇوڪري هن
Dream Land ۾ قدم رکندي. زرينه سوچڻ لڳي ته شايد اها ئي زندگي آهي.
پهرين زندگيءَ مون کي گذاريو پئي ۽ هاڻ آءُ
زندگيءَ کي گذاريان پئي! هنن جو
Stay هڪ هوٽل ۾ هو. سڀ ٿڪي ٽُٽي پنهنجي پنهنجي بُڪ ٿيل روم ۾ آرام
لاءِ ويا. رات جو ٻارهين وڳي زرينه جي ڪمري تي ٺڪ
ٺڪ ٿي. هوءَ ڇرڪ ڀري جاڳي پئي. در کوليائين ته
سامهون سر اياز بيٺو هو. اندر ايندي ئي سر اياز
ڪمري جو دروازو بند ڪري ڇڏيو. هو نشي ۾ هو. زرينه
جو هٿ جهلي بيڊ تي ويهاريائين. زرينه هن سڄي
صورتحال کان تمان گهڻو گهٻرائجي وئي. گهٻراهٽ ۾
گلي مان آواز به نه پئي نڪتس. اوچتو سر اياز زرينه
جو رئو ڇڪيو ۽ زرينه جي جسم کي پٽڻ لڳو. زرينه جي
وات مان رڙيون نڪرڻ لڳيون ”بچايو! بچايو!“ تنهن
مهل باس زرينه جي وات تي هٿ ڏيندي چيو ”ڏس زرينه
جيڪر تو رڙيون ڪيون ته آءُ ته توکي ڇڏي ويندس، پر
ان سان گڏ تنهنجي نوڪري به ويندي! تون وري ان
چوواٽي تي پهچي ويندينءَ، جتان هلي هئينءَ!
تنهنجين ڀيڻن جو ڇا ٿيندو؟ پيسو عزت جو محافظ
هوندو آهي ۽ غربت بي عزتيءَکي جنم ڏيندي آهي، ڇا
تون چاهين ٿي ته گُلوءَ جهڙا تنهنجين ڀيڻن جون
عزتون نيلام ڪن ۽ اهي ڪاريون ٿي مرن،! ائين نه ته
بکن ۾ پاهه ٿي مري وڃن. تنهنجي ٿورڙي بي شرمي ۽ بي
عزتيءَ ۾ ئي تنهنجي گهر وارن جي عزت ۽ سک آهي. بي
عزتيءَ جي احساس کي ماري ڇڏ، ڇو ته سارو خوف ئي
خراب وقت ۽ بي عزتيءَ جو هوندو آهي. پر هڪ دفعو
عزت هلي وڃي، هڪ دفعو شرم بي شرميءَ ۾ بدلجي وڃي
ته پوءِ ڪوئي خوف ناهي رهندو! پنهنجي احتجاجي جذبن
کي ماري ڇڏ! زندگي صرف تنهنجي ناهي، تنهنجي
زندگيءَ سان گڏ ٻين جون زندگيون آهن، ”جيو ۽ جيئڻ
ڏيو واري چوڻيءَ تي عمل ڪر.“
زرينه پاڻ کي بچائڻ جي جدوجهد ڪرڻ لڳي. سر اياز جي هٿن کي چڪ
پاتائين ۽ زور سان وار پٽيائين ته سر اياز جا هٿ
تڪليف کان پري ٿي ويا، تنهن مهل زرينه سر کي ڌڪو
ڏئي ٻاهر ڊوڙ پاتي ۽ ڀر واري ڪمري ۾ ستل ساڻس گڏ
آيل ڇوڪري عنبرين وٽ رڙيون ڪندي وئي، ”عنبرين مون
کي بچاءِ، هنن هٿ نوڪين عزت جي محافظن کان منهنجي
عزت بچاءِ! توکي خدا ۽ رسول جو واسطو آهي. هن بگهڙ
کان منهنجي جان بچاءِ!“
عنبرين زرينه کي بيڊ تي ويهاريو. زرينه سڄي ڏڪي رهي هئي. وار
وکريا پيا هئس. اکين مان آب جاري هئس.
عنبرين، زرينه کي پاڻي پياريو. ٿورڙي دير کان پوءِ جڏهن زرينه
ڪجهه سامت ۾ آئي ته عنبرين چوڻ لڳي.
”ڏس زرينه پاڻ ٻئي هڪ ئي ٻيڙيءَ جون سوار آهيون. مون عزت پاڻيءَ
۾ ٻوڙي زندگيءَ کي ٻيڙيءَ ۾ تاريو آهي. هيءَ دنيا
هڪ وڏو ڪاروباري مرڪز آهي، جتي عزتون ۽ جذبا
چوواٽن تي نيلام ٿيندا آهن. ان کان اڳ جو ٻيو ڪوئي
توهان کي گهلي اچي نيلام ڪري. توهان پاڻ هلي اچي
چوڪ تي بيهي رهو. هي دنيا ئي ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو
جي بنياد تي ٺهي آهي، سو توکي به ائين ئي ڪرڻو
پوندو!“
”تو ڇا سمجهيو هو ته توکي ايڏيون آسائشون ائين ئي ملي ويون آهن؟
قسمت توتي ائين ئي مهربان ٿي وئي آهي؟ نه منهنجي
مٺڙي، ائين نه آهي، بدقسمتي ڪڏهن خوشقسمتيءَ جو
چولو پائي سامهون ايندي آهي، پر اسان موچارن ڪپڙن
۾ ڪارن منهن کي سڃاڻي ناهيون سگهندا.“
زرينه حيرت ۽ صدمي سان عنبرين جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي. کيس
سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته هوءَ ڇا ڪري؟ ڪيڏانهن وڃي؟
هتي جو ته سارو جَر ئي کارو هو! ڪنهن کي دانهن
ڏئي!
ٻاهر به بگهڙ آهن، اندر به بگهڙ
Civilized beasts.
زرينه جي اکين ۾ مختلف اکيون ڦرڻ لڳيون. وحشي اکيون، بکايل
اکيون، ڀيڻن جون مجبور ۽ نماڻيون اکيون، زرينه هر
شيءِ ۾ اکيون ۽ چهرا نظر اچڻ لڳا. ڪارا منهن، اڇا
منهن، ڄڀ مان گِگَ نڪتل، وات بکن ۾ پاهه ٿيل، سُڪل
وات.
زرينه بي اختيار ڪنن کي هٿ ڏئي رڙيون ڪرڻ لڳي.
”يا الله مان ڪيڏانهن وڃان؟“ هي ڪهڙو تماشو آهي، تو مون کي هڪ
انسان ڇو نه ٺاهيو، هڪ جسم ڇو ٺاهي ڇڏيو آهي. آءُ
هڪ جسم آهيان، صرف جسم، انسان نه!“
”يا خدا! تنهنجي هن زمين تي مان ڇو سراپا تماشو ٿي وئي آهيان؟
هي تماشو تنهنجي لاءِ آهي يا تنهنجي انسان نما
حيوانن لاءِ!؟ آءُ ڇا ڪريان.
زرينه ڊوڙ پائي عنبرين جي ڪمري مان نڪري وئي ۽ ڏهين ماڙ جي
بالڪنيءَ مان هيٺ ٽپو ڏيڻ جو سوچيائين، پر پوءِ
وري خيالن جا آڙاهه جلائڻ لڳس!
”هتي آءُ آپگهاٽ ڪنديس ته پويان بک، مفلسي منهنجي گهر وارن جي
پويان گهات لڳايو ويٺي آهي. زرينه جي اکين اڳيان
مختلف منظر ترڻ لڳا. ڪڏهن رقيه، پپي وارن کي بکن
مان پاهه ٿي پنندي ڏٺائين پئي ته ڪڏهن ڪنهن رئيس
جي بيڊ روم ۾ سجيل سنوريل ڀيڻن کي نيلام ٿيندي
ڏٺائين.
سڀ ڳالهيون آهستي آهستي سمجهه ۾ اچڻ لڳس. عنبرين ۽ سر جون
کاريون ڳالهيون به سمجهه ۾ اچڻ لڳس.
هن فيصلو ڪري ورتو، پاڻ کي احساس کان عاري ڪري ڇڏيائين. اندر ۾
روئندي هئي، ضمير هن کي معافي نٿي ڏني پر بگهڙن جي
ديس ۾ هڪ بيمار ۽ مئل روح سان جيئڻ لڳي ۽ اڳتي وڌڻ
لڳي.
اڄ زرينه آفيس جي انچارج آهي. هاڻ هن کي ڪوئي سوال تنگ نه ٿو
ڪري، هن جا جذبا
Freez
ٿي ويا آهن جيڪي ڳرن نه ٿا.
هو دنيا جي بازار جو ڪچو مال ٿي وئي آهي ۽ عزت جي هٿ ٺوڪين
محافظن، انساني حقن جي ڀلائيءَ وارن جي ڪوڙين
ڪُوڪُن سان گڏ ڪُوڪڻ لڳي آهي. هوءَ کوکلا ٽهڪ به
ڏيندي آهي. هن جي اندر جي ڪاراڻ اڳيان چمڪيلا ويس
آهن، جنهن ۾ سڙيل ڪارو روح منهن لڪائي ويٺو آهي.
جذبن کي ننڊ اچي وئي آهي پر زرينه جون اکيون اوجاڳيل آهن. شرم ۽
حيا کي موت وٽ فاتح پڙهڻ ناهي ويندي! اڄ زرينه وٽ
سڀڪجهه آهي، گهر، گاڏي، ڀيڻون سٺن ۽ انگريزي
اسڪولن ۾ پڙهن ٿيون. زرينه وٽ هر قسم جي ڪپڙا آهن،
هوءَ ٻه دفعا
SAARC
ملڪن جا دورا به ڪري آئي آهي. سگريٽ ۽ شراب به
پيئندي آهي. سڀ ڪجهه اٿس پر جيڪر ناهي ته اها
زرينه جيڪا ڪڏهن زنده هئي.
هوڏانهن زرينه جون ڀيڻون الٽرا ماڊرن ٿي ويون آهن. هر شيءِ آهي.
رقيه جو ته خواب آهي ته ”ڪاش آءُ جلد آپي زرينه جهڙي وڏي
آفيسرياڻي ٿي وڃان!“ |