عذرا سرور جي ڪتاب ”نم جي
ڇانوري“
تي هڪ نظر
انعام شيخ
مئڊم عذرا سرور جي هن ڪتاب ۾ داخلي ۽ خارجي ڀوڳنائن جو سنگم،
حساسيت ۾ ٻڏل دل ۽ معصوم جذبن جي اظهار جو نهايت
دلڪش نمونن جو اولڙو موجود آهي. جنهن ۾ شاعرا عذرا
سرور ڪنڌر پنهنجي اندر توڙي آسپاس جي وارتائن،
سماجي مسئلن، اڻبرابري، ڏاڍي جو هيڻي سان ورتاءُ
سميت روح ورنهن ۽ ٻين موضوعن جو بيان نهايت بي
باڪيءَ سان ڪيو آهي.
جام ڪهڙو سرڪيو آ
شعلو برهه جو ڀڙڪيو آ
اچ! رات به اوندهه آ،
ميندي رتڙن هٿڙن سان
محبت جي ڪشڪول مان،
امرت پيالو پياريو آ،
يار تو مون کي جياريو آ
دُنيا جهان جا معاملا، هجر فراق جو غم الم، وڇوڙي جي تڙپ، زماني
جا ترڪش رويا، ضمير جي جهنجهوڙ سميت هڪ شاعر
روزاني نه ڄاڻ ڪيترن ڏکين مرحلن مان گذري، وري به
دلجوئيءَ جون ڳالهيون ڪري زندگيءَ جا گيت ڳائي ٿو
۽ پوءِ سندس تصور جي دامن تي خوابن جا پکي قطار
ڪري مٺيون مٺيون ٻوليون ٻولڻ لڳندا آهن، ۽ سندس
خوابن ۾ بندشن کان آزاد سماج، ڪنهن جي غرض کان
عاري ماحول آزاد فضائن ۾ آزاد اڏام جي تصورن جو
شيشائون محل جڙي پوي ٿو.
خيالن جا اهڙا ئي کوڙ محل هن ڪلام جي مجموعي جو مطالعو ڪندي
ڪتاب جي سِٽ سِٽ ۾ جُڙيل محسوس ٿين ٿا. توڻي جو هر
سڄاڻ فرد وانگر اه اخبر خود هن ڪتاب جي ليکڪا کي
به آهي ته پٿرن جي سماج ۾ شيشي جهڙا خواب سانڍڻ
سان ماڻهوءَ جو پنهنجو اندر ئي زخمي ٿي سگهي ٿو.
خوشبوءِ کي قيد ڪرڻ جو فارمولو دُنيا ۾ اڃا متعارف ناهي ٿي
سگهيو، ڪنهن جي جذبن کي زنجيرن ۾ جڪڙڻ واري سوچ
احمقيءَ جي دائري ۾ اچي سگهي ٿي، خطرن جو معمول
موڙڻ لاءِ ايجاد نه ٿيو آهي. ته ڪنهن جي خواب ڏسڻ
تي بندش جو تصور به بيسود ٿيندو. خواب ماڻهو اڳ به
ڏسندا هيا، هاڻي به ڏسن ٿا، سڀاڻي به ڏسندا رهندا.
خواب شيشي جهڙا هُجن، اهي ڪنهن جا به ڇو نه هُجن،
بس شال سلامت رهن ٿا؟!!
مايا راهي
مائٽ
اک کُلي
ڪجهه انساني چهرا
سڳي ۾ پوئجي
منهنجا مائٽ ٿي پيا!
مائٽ!
جيڪي
جيون جي هر قدم تي
پنهنجا هوندي به
پراوَن کان
وڌ پراوا هئا!
جن
منهنجي راهه تي
گلن بدران
چونڊي چونڊي
تيز
تکا ڪنڊا وڇايا!
تن
پنهنجن کان به وَڌ
پراون مائٽن لاءِ
مان ڇا چوان؟
ويجهو وڃان
ته چون
ضرور ڪو مطلب هوندس
پري ڀڄان
ته چون
ڏس
اٿس ڪو
پنهنجائيءَ جو لحاظ!
۽ ان
ويجهي ڌاريائيءَ
۽
پنهنجائيءَ ۾
هلندي هلندي
رشتا ناتا
بيهي ويا آهن!
******
سپنو ساڀيان ساڻ (ناوليٽ)
شبانه سنڌي
حفيظ قريشي
ڪارل مارڪس هڪ هنڌ لکيو ته ”شاعرن جي تعريف ڪندا ڪريو، جيئن اهي
سٺي شاعري ڪن.“ ان ريت آءُ چوندس ته ”ليکڪن جي
تعريف ڪندا ڪريو، جيئن اُهي سٺو ۽ سهڻو لکن.“ ليکڪ
جو
Gender ناهي هوندو. ليکڪ _ ليکڪ ئي هوندو آهي. ان ريت سڀ اديب
بنان ڪنهن جنسي تفاوت جي اديب ئي آهن. ڪٿي ڪٿي لفظ
اديبه يا اديبائون پڙهي / ٻڌي ائين ڀاسندو اٿم ته
ڄڻ ڪو چٿر ڪندو هجي. اها پڪ اٿم ته سنڌي سهرا، ڳيچ
۽ لوڪ ڪهاڻيون سرجيندڙ تمام ڪردار عورتون ئي آهن.
پنهنجي وَرَ جي وفات کان پوءِ سڄي زندگي ان جا
سهرا چوندڙ لاڙ جي مرکان شيخڻ ۽
لطيف سائينءَ جو سڄو رسالو برزبان لکائيندڙ مائي
ملي نعمت ٻه وڏا مثال آهن. ان ريت چئي سگهجي ٿو ته
سنڌ جي ساري لوڪ ادب جو گهڻو ڀاڱو عورت ذات جي ئي
تخليق آهي. ائين ئي سڄي سنسار ۾ ٿيو آهي ۽ ٿيو
هوندو. اڄ جو سارو ادب انهيءَ لوڪ ادب جو تسلسل
آهي.
محترمه شبانه سنڌي پنهنجو ناوليٽ ”سپنو _ ساڀيان ساڻ“ جيڪو سنڌ
جي ادبي تحريڪ جو هڪ سهڻو تسلسل آهي، پر پنهنجي
جوهر ۾ اهو ناوليٽ ڪونهي. ناوليٽ معنىگ ننڍو ناول
آهي. هيءَ طويل ڪهاڻي ناوليٽ جي شڪل اختيار انڪري
نه ڪري سگهي جو ان ۾ منظر نگاري، ماحول نگاري ۽
جذبات نگاريءَ سان گڏ ڪجهه مشاهدي جي به کوٽ آهي.
جهڙوڪ صفحي 70 تي سمنڊ مان مانگر مڇ نڪري هارون کي
کائي وڃي ٿو. مانگر مڇ سمنڊ ۾ ناهي رهندو. مانگر
مڇ کاري نه پر مٺي پاڻي جو جانور آهي. ها هڪ طويل
ڪهاڻي آهي، جيڪا هڪ نوڪري ڪندڙ عورت ۽ مرد (Working man & Woman)
جي چوگرد ڦري ٿي. اهي وچولي طبقي جا ٻه صاف سٿرا
ڪردار آهن، جيڪي هڪ ”ڀورائي واري ڀل“ ۾، ڪيترو ئي
وقت ٻئي ڏانهن بدگمان رهن ٿا. اها بدگماني هڪ ليکڪ
ڏانهن آيل سندس لکڻين جي پرستار جي خط جي ڪري پيدا
ٿئي ٿي جا هڪ اهڙي رنج جي غلاف ۾ لڪل آهي، جنهن تي
محبت جا ڪيترائي تهه چڙهيل آهن. جيئن لطيف سائينءَ
جي مارئي چوي ٿي ته ”منهنجو ۽ منهنجي ماروءَ (کيت)
جو من منهنجي اباڻن جي سنهي سُئيءَ سان سبيل آهي،
۽ ان سُئيءَ منهنجي وجود تي انهيءَ حلم / محبت جا
ڪيترائي تهه چاڙهي ڇڏيا آهن، پوءِ مارئي چوي ٿي ته
آءُ اباڻي سُئيءَ کان سواءِ ڌاري سُئيءَ سان (عمر
ڪوٽ) ۾ ڪن ڇو ٽوپايان؟“
سنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين من،
هئي کِڻ حلم جا، تهه ڏنائين تن،
آءُ ڪيئن ٽوپايان ڪن، ابو اباڻي ريءَ.
هنن ٻنهي وچولي ڪلاس جي محبت ڪندڙن جو من ۾ اهڙي ئي سُئيءَ سبيل
آهي. انڪري اهو رنج _ شڪ ۽ نفرت جو روپ نٿو وٺي ۽
هڪ ڏينهن ان جو انت ”صبا ۽ راشد“ جي وهانءُ سان
اچي وڃي ٿو ۽ ان ريت هن ”هارون ۽ عاشي“ جي
بدگمانيءَ ۾ وڪوڙيل جيون جي پيڙاءَ جي پڄاڻي ٿئي
ٿي ۽ اُهي هڪ نئين جيون جي شروعات ڪن ٿا.
هيءَ سادي ۽ سليس سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل طويل ڪهاڻي
سنڌي ادب ۾ سٺي جڳهه والاريندي ۽ ليکڪ سنڌي ٻوليءَ
کي وڌيڪ سهڻيون ۽ سٺيون ڪهاڻيون ڏيندي. |