تاريخ، فيشن ۽ عورت
ساجده پروين سهتو
ڌرتيءَ تي هڪ وڏو دور مادراڻي سماج / عورتاڻي سماج جو ٿي گذريو
آهي. انهيءَ سماج ۾ مک حيثيت ماءُ جي هئي. مرد جي
حيثيت ان دور ۾ ثانوي رهي آهي. ڏکڻ آفريڪا جي ڪن
ڀاڱن ۾ اڃا تائين اهو عورتاڻو سماج ڪن قبيلن ۾
موجود آهي. جڏهن ته سنڌ جي سامونڊي ڪناري تي رهندڙ
ميربحرن جي زندگيءَ جو سماجي اڀياس پڻ انهيءَ
مادراني سماج ڪنهن نموني هئڻ جا ثبوت پيش ڪري ٿو.
اهي ميربحر گهڻي وقت تائين سمنڊ ۾ شڪار سانگي رهڻ
جي ڪري پويان گهرو ڪم ڪار ۽ ٻيو ڪاروهنوار عورتون
سنڀالين ٿيون. اڄ به اتي اولاد ماءُ جي نالي سان
سڃاتو وڃي ٿي. مثال طور احمد ڦاپوءَ جو. معنى
ڦاپوءَ جو پٽ احمد جي نالي سان اولاد کي سڏيو يا
ڪوٺيو وڃي ٿو.
هر دور ۾ عورت جو ڪردار سماجي ترقيءَ ۾ اهم ۽ مک رهيو آهي.
عورت ذات ڏوٿي دور کان وٺي شڪاري دور تائين.
عورت شڪاري دور کان وٺي مالوند دور تائين.
ڌڻ ڌارن واري دور کان وٺي زرعي دور تائين.
تاريخدان ان ڳالهه تي متفق آهن ته زراعت جو بنياد عورت ئي
وڌوآهي. عورت ذات کي ڏوٿي دور ۾ ڏٿ چونڊيندي،
جهنگلي فصلن جي پيدا ٿيڻ ۽ ٻج بابت ڄاڻ ٿي ۽ پوءِ
هن ان جو ٻج سانڍي رکيو ۽ ان ريت عورت هٿ سان پوک
شروع ڪئي، چئي سگهجي ٿو. منظم زرعي سماج جي
بانيڪار عورت ئي آهي. هڪ وڏي زماني تائين هن سڄي
ڌرتيءَ تي ”مادرانا يا عورتاڻو سماج“ يعني عورت ئي
اُن سماج ۾ مک سماجي حيثيت رکندڙ هئي. شايد اهو
سڄو دور امن جو دور رهيو هوندو.ان کان پوءِ
ماحولياتي تبديلين جو هڪ دؤر شروع ٿئي ٿو. جنهن ۾
مينهن نه وسڻ جي ڪري چراگاهن، سيمن جي اڻاٺ ٿي
وئي. ڍنڍون ڍورا سڪي ويا ۽ ماڻهن ۾ لڏ پلاڻ شروع
ٿي ۽ دريا جي پاسن ۾ بچتو پاڻيءَ حاصل ڪرڻ تي
لڙايون شروع ٿي ويون، جنهن ۾ مرد ويڙهاڪ طور آمهون
سامهون ٿيا. ان ڪري جو مرد خطري طور مضبوط جسماني
بيهڪ جي ڪري جنگ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مناسب ثابت ٿيو.
سُرهين ۽ ساين سيمن / چراگاهن جي حاصلات لاءِ ٿيل
جنگين ۾ هڪ قبيلي جي شڪست کانپوءِ ان قبيلي جون
عورتون غلام بڻجي وينديون، جن جا نڪ، ڪن ٽوپائي ۽
ڳچين ۾ غلاميءَ جا طوق پارايا ويندا هئا، جيڪي اڄ
به نفيس شڪل ۾ عورت پنهنجي هار سينگار طور غلاميءَ
جي انهن نشانين کي قائم دائم ۽ سانڍيندي رکندي آئي
آهي. جڏهن انسان ٿانيڪو ٿيو ديرا، وسنديون جڙڻ
لڳيون، تڏهن به عورت جو معيشت جي مامرن ۾ ڪردار مک
رهيو پر سماج جي ڪاروهنوار جهڙوڪ! فيصلن ڪرڻ وغيره
۾ ڪردار ثانوي ٿي ويو. جڏهن ته اهم معاشي
ذميواريون جهڙوڪ ڏٿ چونڊڻ، مال چارڻ، گهر ٺاهڻ کان
وٺي ٻني ٻارو سنڀالڻ تائين واريون مک ذميواريون
عورت جي ئي بلي رهيون.
فيشن يا پاڻ سنوارڻ جي تاريخ اڀياس اهو ٻڌائي ٿو ته مرد جي ڀيٽ
۾ عورت ذات ئي پاڻ سنوارڻ ۽ سينگارڻ واري فن جي
باني آهي. موهن جي دڙي مان سڀ کان وڌيڪ جيڪي شيون
لڌيون آهن. سي تمام نفيس ڍڪن وارا برتن آهن، جن ۾
پاڻ سنوارڻ ۽ سينگار جو سامان رکيو ويندو هو. ان
زماني جي حساب سان منهن کي صاف رکڻ، ڳلن، چپن کي
رڱڻ واريون شيون، نت نوان ڦڻين جا قسم ۽ اهڙا
عاليشان زيور جو سرجان مارشل چيو ته: ”ڄڻ ته لنڊن
جي باند اسٽريٽ مان هاڻ ٺهي آيا آهن“ فن جي اڀياس
جي تاريخ 1500 سال پراڻي آهي، جڏهن ماڻهو اڃا غارن
۾ رهندا هئا، اتي به غارن مان ڪجهه سينگار جو
سامان مليو آهي. خود اڄ جيان گهرن کي ٺاهڻ وارو ڪم
ان دور ۾ به غارن کي عورتون سنگارينديون هيون.
اسپين مان اهڙا ڪيترائي غار لڌا آهن جن جي پتين کي
ڪن رنگن سان چٽي سينگاريو ويو آهي.
اڄ کان هزارين ورهيه اڳ عورت بهترين ڪپڙا ۽ بهترين زيور پائڻ
سان گڏ خوشيءَ جي مختلف ڏڻن تي عورت تمام عاليشان
سينگار شروع ڪيو. ان جي ثابتي قديم سنڌو تهذيب،
قديم مصري تهذيب ۽ يوناني تهذيب مان ثابت آهي.
برٽش ميوزم ۾ جيڪي موهن جي دڙي جا زيور موجود آهن. سرجان مارشل
چواڻي ته ”اهي ڄڻ لنڊن جي سونن زيورن واري مشهور
گهٽي (بانڊ اسٽريٽ) مان تازو ٺهي آيا آهن. افسوس
سنڌ جا اهي قديم نوادرات سنڌ ۾ موجود ڪونه آهن، پر
انهن مان ثابت آهي ته اڄ کان پنج هزار سال پهرين
سنڌ ۾ زيور گهڙڻ واري صنعت ايڏي اوج تي هئي جو اڄ
به اهي لنڊن جهڙي شهر مان ٺهيل محسوس ٿين ٿا. ان
جو مطلب ته سنڌ جون عورتون ان دور ۾ انگلينڊ جي
عورتن وانگر ۽ انهن جهڙا ڳهه پائينديون هيون. موهن
جي دڙي واري زماني ۾ سنڌو سڀيتا ايڏي اوج تي هئي،
ان جي ڀيٽ ۾ سڄي يورپ ۾ وسندڙ انسان اڃان رڳو باهه
ٻارڻ مس سکيو هو ۽ يورپ جي قديم انسان (نيندر ٿل)
تي ان کي رڳو اهائي برتري حاصل هئي. ان جي ڀيٽ ۾
سنڌي ماڻهو نه رڳو شهر ٺاهڻ پر مڪمل ۽ ڀرپور شهري
شعور (civil
sense)
رکندڙ هئا، ان جو ثبوت موهن جا دڙي جو وهنجڻ جو
تلاءُ، پڪسريون ۽ ڍڪيل ڪسيون (ناليون) آڙماڙ کوهه
۽ ٻين انيڪ شيون ڏين ٿيون.
قديم مصري احرامن جي کوٽائي مان اهو ثابت آهي ته شاهي خاندان
جون عورتون ڪهڙي قسم جا ويس وڳا پهرينديون هيون.
هو نت نون نمونن سان وار ٺاهينديون ۽ وار بڪل ۽
زيورن سان سينگارينديون هيون. هنن جا زيور اڄ به
تمام اعلى ۽ خوبصورت آهن.
مصري مان اڄ کان چار هزار ٻه سو سال اڳ جي يوناني لوڪن جون
تصويرون هٿ آيون آهن. جيڪي ڪاٺ جي تختين تي ٺاهيون
ويون آهن. جيڪي ان دور جي فيشن کي ظاهر ڪن ٿيون.
جيڪي مصري تصويرن کان مختلف آهن.
سنڌي تهذيب جي ڀيٽ ۾ اهي تصويرون، زيور ۽ فيشن رڳو شاهي خاندان
۽ ان سان لاڳاپيل فردن جي زندگي ۽ رهڻي ڪهڻي کا
ظاهر ڪري ٿو. جڏهن ته سنڌو تهذيب، موهن جو دڙو اڄ
کان پنج هزار ورهيه اڳ عام انسانن جي رهڻي ڪهڻي کي
ظاهر ڪري ٿو. ان ريت ثابت ٿئي ٿو ته سنڌو تهذيب
آڳاٽي هئڻ سان گڏ دنيا جي تهذيبن ۾ وڌيڪ مان شان ۽
وقار واري آهي. ان ڪري جو ان دور جو عام ماڻهو
رهڻي ڪهڻي ۾ انگلينڊ ۽ قديم مصر جي تهذيب سان ڪلهي
جوسي هو. بلڪ ڪيترين ڳالهين ۾ مٿڀرو هو، هو ڪپڙا
ٺاهڻ، سبڻ، ان تي ڇُر جو ڪم ڪرڻ، ان تي ڀرت ڪرڻ ۽
زندگيءَ جي ٻين ڌسائن جهڙوڪ: راڄنيتي ۾ جمهوري،
عوام دوست، امن پسند ۽ زندگيءَ جي مختلف ڏسائن ۾
ڏاهو ۽ سياڻو هو. اهڙو امن پسند ماڻهو، جنهن جي هر
دور ۾ گهڻي گهرج رهندي آهي پر هن دور ۾ اهڙي سماج
جي وڌيڪ ضرورت آهي ۽ اسان سنڌ واسين کي انهيءَ
ڳالهه تي فخر آهي ته اسان ماضيءَ جي اهڙي ورثي جا
امين ۽ رکوالا آهيون، جنهن ورثي جي اڄ جي بدامنيءَ
۾ ورتل دنيا کي گهڻي گهرج آهي. پوءَ ڇو نه اسان
پنهنجي انهي آڌرشي ماضي کي بنياد بڻائي هڪ نئون
آدرشي سماج جوڙڻ لاءِ اڳتي وک کڻون ۽ دنيا کي امن
جي ان دور ڏانهن وٺي هلون، اهڙي دنيا ڏانهن هلون
جنهن ۾ سونهن، سوڀيا، امن ۽ آشتي هجي.
پارس راڻي
ڪائي اک رات ڀني (ٽيڙو)
ٿڌڙي ٿڌڙي هِيرَ!
جنهن پل تو ٻوَليو _
اُگهي وٺ پنهنجا نيِرَ!
****
وسن پيا منهنجا نيڻَ،
جلدي اچ او راڻا _
ڳران پئي ڄڻ ڪا ميڻَ!
*****
ڪيسين ٻرندي ميڻ بتي،
اگهاڙا پير، ڏُور منزل _
۽ جيون آهي واري تَتِي.
*****
مِٽيءَ ۾ مليل ماڪَ ٿي ويس،
وَڃڻ وارن مُڙي به نه ڏٺو _
وِکري خاڪ ٿي ويس!
*****
منهنجيون کليل ٻانهون،
آڇن پيون توکي _
پنهنجون پناهون!
*****
پيار جون فريبي راحتون،
وِڪامجن پيون هتي _
سَستي اگهه چاهتون!
*****
بندوق جي گُونج،
اڏامي آڪاش ڏانهن _
وري ڪائي ڪونج!
****
بندوق جي آهي صدا،
ڪاري ڪري ماريئي _
چوندي هئي صدقي ادا!
****
رُوپ آهن جدا،
مٽيءَ جا ماڻهو _
پٿرن جا آهن خدا!
****
بکايل پيٽ هيڻا ماڻهو،
جُهريل جُهڳيءَ ۾ _
ٻيڻا ٽيڻا ماڻهو!
****
ماڪ سٺي رات رُني،
آلي مٽي مهڪي پئي _
ڪائي اک رات ڀِني.
****
آلي هرڪا اک،
جيون جي شمشان ۾ _
اڏري پيئي رک!
****
خار کاڌل هي سماج،
پريت ڪرڻ وارن لاءِ _
ڄڻ ڪائي آهي پهاڄ!
****
رهجي وينديون صدائون،
جدائي آهي مقدر _
اسان چاهيون نه چاهيون!
****
قرض آهي يا اُڌار“
حياتي آهي ڄڻ _
باس جي ڪچي گار!
*******
چوڏس ڇانئجي ويون آهن،
تنهنجن نيڻن ۾ _
منهنجون اکيون وڃائجي ويون آهن.
*****
تنهنجو هلڪو ڇهاءُ،
وسامندڙ حياتيءَ ۾ _
پئجي ويو ساهه.
روز روز نه مل،
رک ٿورڙا فاصلا _
ڀرجي نه وڃي دِل!
***** |