رابعه، ڊپٽي مئنيجر سول ايوي ايشن ورڪس / سب ڊويزنل آفيسر.
H.D.O
سان ڳالهه ٻولهه.
نجمه پنهور.
س. رابعه توهان پنهنجي باري ۾ ٻڌايو؟
ج. سينٽ ميري مان مئٽرڪ ڪيم. نذرت ڪاليج مان انٽر ۽ مهراڻ
يونيورسٽيءَ مان
B.E
سنڌ يونيورسٽيءَ مان
M.B.A
۽
M.A
ڪيم. پڙهائيءَ دوران ماحول تمام سٺو مليو،
ڪامپيٽيشن جو دور هو. مون کي ياد نه ٿو اچي ته
ننڍپڻ کان وٺي هن مهل تائين ڪو هڪ ڏينهن اهڙو
گذريو هجي. جنهن ڏينهن مون اُهو سوچيو هجي ته مون
کي اڄ واندڪائي ملي آهي. يا ڪجهه ناهي ڪرڻو، هڪڙا
امتحان ختم ٿيندا هئا ته وري ٻئي امتحان جي تياري
ڪندي هئس. ڪي جي کان وٺي اٺين ڪلاس تائين پوزيشن
هولڊر رهيس. هر ڪلاس ۾ نمبر کڻڻ جي ڪري گهر وارا
حيران ٿيندا هئا. ڪي ماڻهو چوندا هئا ته منهنجي ڪا
سفارش آهي. پر ائين ڪونه هو. مئٽرڪ ۽ انٽر ۾
A
گريڊ کنيم. مهراڻ مان سٺن نمبرن سان پاس ٿيس.
س. اسان جي سماج ۾ اڪثر سفارش تي ڪم ٿئي ٿو، ميرٽ تي نه، ان
بابت توهان ڇا چونديون؟
ج. آءُ ان ڳالهه تي يقين نه ٿي رکان. ڇو ته مون لاءِ نوڪرين جا
دروازا هميشه کليل رهيا. مون جتي جاب لاءِ اپلاءِ
ڪيو هوندو اتان نوڪري جي آفر آئي. مون هميشه
پنهنجي چونڊ ۽ پسند مان جاب ڪئي آهي.
س. هن وقت توهان ڪهڙي عهدي تي ڪم ڪري رهيون آهيو؟
ج. هن وقت آءُ سول ايوي ايشن ۾ ڊپٽي مئنيجر سول ورڪس / سب
ڊويزنل آفيسر
H. D. O آهيان.
س. اِها نوڪري توهان کي ڪيئن ملي؟
ج. سڄي پاڪستان لاءِ ڪل ٽي سيٽون هيون. انٽرويو ٿيو، پاڪستان ۾
ٽيون نمبر آيس ۽ سنڌ ۾ فرسٽ پوزيشن کنيم. هن وقت
18 گريڊ جي آفيسر آهيان.
B.E
سول انجنيئرنگ ڪرڻ کان پوءِ ترت ئي مون کي جاب ملي
وئي.
س. نوڪري ڪندڙ عورت لاءِ ڪهڙيون ڏکيائون آهن؟
ج. مون کي ڪي به ڏکيائون پيش ڪونه آيون سڄي پاڪستان ۾ سول
انجنيئر پهرين عورت آهيان، هن کان اڳ ڪا به عورت
هن سيٽ تي نه آئي آهي. جيڪي به ڪليگس آهن، انهن
چيو اسان جي سموري اسٽاف کي خوشي آهي ته اسان جي
آفيسرياڻي سنڌي ڇوڪري آهي. اسين توهان سان هر
مرحلي تي ساٿ ڏينداسين.
مون کي جاب به هئي ۽ مون
M.B.A
به سنڌ يونيورسٽيءَ مان ٿي ڪئي. صبح جو آفيس ويندي
هئس ۽شام جو ڪلاس اٽينڊ ڪندي هئس. ڪراچيءَ کان ڄام
شوري تائين آئوٽ بئڪ ڪندي هئس. اهو وقت ئي مون
لاءِ ڏکيو وقت هو. پر اهو منهنجو شوق هو. انڪري
مون کي خوشي به ٿيندي هئي.
س. جيڪڏهن زندگي ٻيهر ملي ته ڇا ٿيڻ پسند ڪنديون؟
ج. جنهن پوسٽ تي آهيان ان مان مطمئن آهيان، پر ٻيهر زندگي ملي
ته اڃا ڪنهن وڏي عهدي تي پهچنديس.
س. عورت جا مختلف روپ آهن. عورت جي حيثيت ۾ توهان انهيءَ
ذميواريءَ کي ڪيتري قدر نڀايو؟
ج. ڪوشش ڪندي آهيان ته هر ذميواري کي سچائيءَ سان نڀايان. ماءُ
پيءُ جي پيرن جي هيٺان جنت آهي. انهن جي خدمت ڪندي
آهيان. ڀيڻن سان به دوستي اٿم. ماءُ آهيان، جاب
ڪريان ٿي. ننڍڙو پٽ ڇڏي ويندي آهيان ته احساس
ٿيندو اٿم ته ڪٿي ٻار سان ناانصافي ته نه ٿي
ڪريان. پنهنجي امڙ وٽ ننڍڙي کي ڇڏي ويندي آهيان.
ان ڪري مطمئن به آهيان.
س. اسان لاءِ پنهنجي مادري ٻوليءَ جي ڪهڙي اهميت آهي؟
ج. اسان لاءِ جيئن ماءُ ۽ پيءُ جي اهميت آهي، تيئن ئي اسان جي
ٻوليءَ جي اهميت آهي.
س. اسان لاءِ انگريزيءَ ٻوليءَ جي ڪهڙي اهميت آهي؟
ج. اسان لاءِ انگريزي ٻوليءَ جي تمام گهڻي اهميت آهي. اسان جي
عام ماڻهوءَ کي به انگريزي اچڻ کپي. ڪنهن وڏي مقام
تي پهچڻ لاءِ انگريزي اچڻ لازمي آهي.
س. ادبي رسالا پڙهنديون آهيو؟ ڪڏهن لکڻ جي ڪوشش ڪئي؟
ج. ادبي رسالا وقت ملندو اٿم ته ضرور پڙهندي آهيان. شاعري ڪئي
اٿم سنڌ لاءِ، پنهنجي ٻوليءَ لاءِ، مختلف مئگزينن
۾ ٻارن لاءِ لکيو اٿم، عبرت ۽ ڪاوش جي ادبي صفحن ۾
به لکندي رهي آهيان.
س. رنگ ڪهڙو وڻندو اٿوَ؟
ج. مون کي هلڪا رنگ وڻندا آهن جن کي ڏسڻ سان ٿڌاڻ جو احساس ٿئي.
س. کائڻ ۾ ڇا پسند اٿوَ؟
ج. هر شيءَ، پر ٺهيل سٺي هجي.
س. خوشبوءِ، پسند جي؟
ج. مٽيءَ جي خوشبوءِ، جڏهن مٽيءَ تي پاڻي يا مينهن وسندو آهي ته
هلڪي خوشبوءِ چوڏس ڦهلجي ويندي آهي. اهائي خوشبوءِ
مون کي وڻندي آهي.
س. ڪهڙو پهر وڻندو اٿوَ؟
ج. فجر جي مهل، جڏهن سج نڪرڻ وارو هوندو آهي.
س. سرتيون لاءِ پيغام؟
ج. عورت خدا جي خلقيل آهي، ان ۾ اهي سڀ صلاحيتون آهن، زندگيءَ
جي هر ميدان ۾ پاڻ مڃرائي سگهي ٿي. پر شرط اهو آهي
ته ارادو مظبوط هجي، ۽ نيڪ نيت هجي ۽ الله تي توڪل
هجي. پاڻ کي ڪڏهن ڪمزور نه سمجهي.
فائزه زهرا ميرزا سان ڳالهه ٻولهه
ثمينه ميمڻ
سرتيون: اوهان ”سرتيون“ جي پڙهندڙن سان پنهنجو تعارف ڪرايو.
فائزه: آءُ 29 مئي 1971ع تي حيدرآباد، ٽنڊي ٺوڙهي ۾ پيدا ٿيس.
نرسريءَ کان ٽيئن ڪلاس تائين ڪراچيءَ جي هڪ
”مصطفوي دينيات سينٽر“ ۾ پڙهيس. چوٿين ڪلاس کان
مئٽرڪ تائين ”ماما پارسي اسڪول“ ۾ ۽ بي اي پڻ
ڪراچيءَ جي ”سينٽ جوزف ڪاليج فار وومين“ مان ڪيم ۽
ماسٽرس.... ۽ هينئر اسلام آباد جي هڪ ڪاليج ۾
ليڪچرار آهيان. فارسيءَ جو مضمون پڙهايان پئي.
سرتيون: توهان فارسي مضمون جي چونڊ ڇو ڪئي؟
فائزه: جيئن ته مون توهان کي ٻڌايو ته مان ڪراچيءَ ۾ ”دينيات
سينٽر“ ۾ ٽئين ڪلاس تائين پڙهيو. اصل ۾ اهو اسڪول
هڪ خاتم ليلى بيگم ۽ ان جو ڀاءُ هلائيندا هئا.
جيڪي پڻ ايران مان آيل هئا ۽ اهي فارسي ئي
ڳالهائيندا هئا.هيءُ هڪ مدرسو آهي. هن ۾ ديني
تعليم ڏني وڃي ٿي. جتي نماز سيکاري ويندي آهي ۽
دعائون ياد ڪرايون وينديون هيون. اتي وڏو امام
بارگاهه پڻ آهي. هن اسڪول کي قائم ٿئي 60 سال ٿي
ويا آهن. اهو اسڪول هاڻي ٻيو ڪير هلائي ٿو. جيئن
ته اسان جو گهراڻو پڻ علمي ادبي آهي، منهنجو پڙ
ڏاڏو ميرزا قليچ بيگ جنهن جون ادبي خدمتون ڪنهن
کان به ڳُجهيون نه آهن، منهنجي پڦي فيروزه ميرزا
1972ع ۾ قليچ ڪتب خاتو اسان جي ”ٽنڊي ٺوڙهي
حيدرآباد“ ۾ اڄ تائين آهي، اتي پڙهائيندي هئي ۽
اتي به فارسي سيکاري ويندي هئي. منهنجي پڦي مون کي
فارسيءَ ۾ جملا سيکاريندي هئي. هونئن به اسان جي
گهراڻي کي فارسيءَ تي گهڻو عبور آهي. انڪري منهنجي
فارسي به سٺي هئي ۽ مون فارسي مضمون چونڊيو.
سرتيون: توهان پنهنجي ڪيريئر جي باري ۾ ٻڌايو؟
فائزه: جيئن ته مون 1995ع ۾ ماسٽرس ڪئي. مان گولڊ ميڊلسٽ پڻ
آهيان. فرسٽ پوزيشن کنئي هئم. مون ٻه سال ڪراچيءَ
جي حبيب گرلس اسڪول ۾ نوڪري به ڪئي. 2001ع ۾ مون
کي اسڪالر شپ پڻ ملي. مان ايران ويس. اتان ”تهران
يونيورسٽيءَ“ ۾ ڪورس ڪري هاڻ اسلام آباد ۾ ”ايف جي
مارگلا ڪاليج“ ۾ فارسي مضمون پڙهايان ٿي. هينئر
آءُ پنهنجي پڙناني ”ميرزا خسرو بيگ“ تي پي ايڇ ڊي
فارسيءَ ۾ ڪريان پئي.
سرتيون: توهان سنڌي ادب کي پڙهيو آهي؟
فائزه: مون سنڌي ادب گهٽ پڙهيو آهي. البته سنڌي ڪتاب پڙهي وٺندي
آهيان. جيئن سائو پن _ ڪارو پن يا ٻيا ڪي ڪتاب.
سرتيون: فارسي ادب پڙهيو آهي؟
فائزه: فارسي ادب به ايترو نه پڙهيو آهي. باقي جيئن حافظ
شيرازيءَ جو ڪلام، عمر خيام، حافظ شيرازيءَ جي
ڪلام ۽ محبت، اخلاق، عشق جو سبق ملي ٿو. جيئن
سنڌيءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي وڏو شاعر آهي، تيئن
فارسيءَ ۾ حافظ شيرازي وڏي اهميت رکي ٿو.
سرتيون: تهران يونيورسٽيءَ جي پڙهائيءَ ۾ ڪو خاص فرق توهان کي
نظر آيو؟
فائزه: ها فرق بلڪل آهي، اتي شاگردن جو جنرل امتحان ٿئي ٿو ۽
وري انهن جي سليڪشن ٿئي ٿي ۽ ٻار ذهين ٿي اڳيان
نڪري اچي ٿو، ائين هتي ناهي.
سرتيون: توهان جون ڪي تصنيفون؟
فائز: پنهنجي پڙڏاڏي شمس العماءَ ميرزا قليچ بيگ جو شعري مجموعو
”گرجي نامه“ ايڊٽ ڪيو اٿم.
سرتيون: زندگيءَ بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
فائزه: گذرگاهه آهي، زندگي هڪ دفعو ملي ٿي. ان ڪري سٺا عمل ڪيو،
نيڪيون ڪيو.
سرتيون: پسند جو شهر؟
فائزه: اسلام آباد.
سرتيون: پسند جو کاڌو؟
فائزه: هر شيءِ جيڪا سٺي ٺهيل هجي.
سرتيون: پسند جو گل؟
فائزه: هر سهڻو گل جيڪو ڪشش رکي.
سرتيون: پسند جي خوشبوءِ؟
فائزه: ڪابه سٺي خوشبوءِ.
سرتيون: پڙهڻ لکڻ کان سواءِ ٻيون ڪي سرگرميون؟
فائزه: ڪي به نه. ها پنهنجي ساهيڙين سان ملڻ سلڻ.
سرتيون: پنهنجي خاندان مان ڪنهن کان متاثر آهيو؟
فائزه: مان پنهنجي پڙ ڏاڏي ميرزا قليچ بيگ کان متاثر آهيان جنهن
جون ڪيتريون ادبي خدمتون آهن.
سرتيون: مستقبل ۾ ڪي پلاننگس؟
فائزه: پنهنجي پڙڏاڏي جا خاص فارسيءَ جا ڪتاب، ايڊٽ ڪري شايع
ڪرائيندس ۽ ولي محمد خان لغاري جي سڀني ڪلامن کي
گڏ ڪري ايڊٽ ڪري شايع ڪرائيندس.
سرتيون: توهان پي ايڇ ڊي ميرزا خسرو بيگ تي ڪري رهيون آهيو، ان
۾ توهان جو ڪير ايڊوائيزر آهي؟
فائزه: ڊاڪٽر محمد حسين تسبيحي منهنجو استاد آهي ۽ مان ريسرچ
ورڪ ۾ ان کان ئي متاثر آهيان.
سرتيون: اسلام آباد جي ڪاليج ۾ پڙهائيءَ جو معيار ڪيئن آهي؟
فائزه: ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ اسلام آباد ڪاليج جو معيار خاص نه آهي.
اتان جو شاگرد ڪراچيءَ جي شاگرد کان گهڻو پڙهائي
ڪندڙ آهي، ان جو سبب اهو آهي ته اتي جيڪي شاگرد
گهڻي ڀاڱي اچن ٿا، اتي ڳوٺن مان اچن ٿا، انهن جي
بئڪ بلڪل نه هوندي آهي.
سرتيون: توهان مستقبل ۾ ڪٿي رهڻ پسند ڪنديون؟
فائزه: منهنجي جاب جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ ٿئي ته مان ڪراچيءَ ۾ نوڪري
ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪنديس. |