سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :5

 

نازيا عاصم

زندگيءَ کي ڪامياب بڻايو

ڪاليج ۾ گڏ پڙهندڙ سرتي رقيه سان جڏهن ڏهن سالن کان پوءِ منهنجي ملاقات ٿي ته مان کيس ڏسي حيران ٿي ويس. پڇڻ تي ٻڌايائين ته نوڪري، ٻارن جي تربيت ۽ گهريلو جهڳڙن ڪٿي جو ڪونه ڇڏيو آهي.

رقيه: ”مون کي اندازو نه هو ته شاديءَ کان پوءِ زندگي ايتري ڏکي هوندي آهي!“

گهريلو جهڳڙا جتي ڪٿي ٿين ٿا. مون چيو: هر مونجهاري جو نشانو جتي ڪٿي عورت ٿئي ٿي ۽ قرباني ڏئي ٿي. عورت کي قرباني ۽ وفاداري جي سکيا ڏئي، سماج اهو وساري ڇڏي ٿو ته سندس مسئلا حل ڪرڻ به  سماج جي ذميواري آهي. اسان جي سماج ۾ اهڙي ڪابه جوڙ جڪ ناهي، جنهن سان خاندان جي بزرگن جي نظر هجي. گهر جي وڏن جي ڪري به گهريلو مسئلا حل ٿين ٿا. ٻيو ته سماج جي ڊپ جي ڪري به عورتون گهڻو ڀوڳين ٿيون. زندگيءَ جي هر شعبي ۾ هر انسان لاءِ رهنمائيءَ جي ضرورت پوي ٿي. خاص ڪري شادي شده زندگيءَ ۾ بيحد ضروري آهي ته ماڻهو مسئلن کي همت ۽ حوصلي سان حل ڪري ۽ زندگيءَ کي پرسڪون ۽ خوشگوار بڻائي. نئين تحقيق مطابق ماهرن جو چوڻ آهي ته تمام خراب صورتحال ۾ به اهو ڏٺو وڃي ته ڪهڙيون ڳالهيون زال مڙس جي رشتي کي مضبوط بڻائي سگهن ٿيون، انهن تي عمل ڪجي.

ڪي جوڙا سمجهندا آهن ته اسان جي بنان پسند يا مرضيءَ جي شادي ٿي آهي تڏهن مسئلا پيدا ٿيا آهن. جيڪڏهن ڪنهن ٻئي يا ٻيءَ سان شادي ٿئي ها ته جهڳڙا نه ٿين ها. لڳاتار اها سوچ رشتي ۾ وڌيڪ ڏار وجهندي! ڇو ته ماضيءَ ۾ هر ڪنهن جي ڪانه ڪا پسند ضرور هوندي آهي. ڪونه ڪو ڪنهن جي سوچ تي حاوي هوندو آهي. جيڪو بدقسمتيءَ سان ملي ناهي سگهندو. جهڳڙي دوران اهڙو ذڪر ڇڙي پوي ته زال مڙس جي محبت ۽ سچائيءَ ۾ گهاري اچي ويندي. خانداني جهڳڙا، زال مڙس جا جهڳڙا ڪا اڻ ٿيڻ ڳالهه ناهي. ڪامياب زندگي گذاريندڙ جوڙا به هڪٻئي سان اختلاف رکندا آهن. نفسيات جي ماهر جان گوٽ مئن اهو انڪشاف ڪيو آهي ته ”ڪامياب گهريلو زندگي گذاريندڙ جوڙا سالن پڄاڻان به انهن ڳالهين تي اختلاف رکندا آهن جن تي شروع ۾ اختلاف رکندا هئا. تحقيق سان هيءَ ڳالهه به واضح ٿي آهي ته شاديءَ کان پوءِ 75 سيڪڙو جوڙا وقت گذارڻ سان گڏ پاڻ کي ٻين کان مختلف ۽ بهتر سمجهندا آهن ۽ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سٺي زندگي گذاريندا آهن.

زندگيءَ جا ڪي اصول آهن، پر اها به انساني سوچ آهي جيڪا ان کي ڏکيو يا سکيو بڻائي ٿي. عام طور تي ماڻهو ڪيئن ٿا سوچين؟ اهي پنهنجي رنگ، ڍنگ، ڏانءَ ۽ ڏاهپ سان زندگيءَ کي خوش ۽ مطمئن بڻائي سگهن ٿا. تنهن هوندي به زندگيءَ سان لاڳاپيل ڪي حقيقتون هيٺ بيان ڪجن ٿيون.

مثال: طبيعت ۽ عادتن ۾ فرق اڻٿيڻي ڳالهه ناهي، هر ماڻهو انفرادي خوبيون ۽ خاميون رکي ٿو. شاديءَ کان پوءِ ٻه مختلف طبيعت جا فرد گڏجي رهن ٿا، جن کي باقي سڄي زندگي ملي جلي گذارڻي آهي. عام طور تي گڏيل جهڳڙا ئي علحدگيءَ جو سبب بڻجن ٿا. ماهرن جو چوڻ آهي ته ”جهڳڙن تي سوچڻ بجاءِ انهن کي قبول ڪيو وڃي ۽ هر فرد پنهنجي اندر، پنهنجي ڀاتي جي جذبن ۽ احساسن کي جذب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. هن جو احترام ڪري. مطلب ته هڪٻئي کي خوبين ۽ خامين سميت قبول ڪرڻ سان ئي زندگي پرسڪون ۽ مطمئن گذرندي ۽ هڪ ٻئي سان محبت وڌندي.

حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ننڍيون ننڍيون ۽ بي مقصد ڳالهيون به ڪڏهن ڪڏهن رشتا تباهه ڪري ڇڏينديون آهن. هڪٻئي سان جهيڙن بجاءِ دنيا جهان سان گڏ هلڻ جي ڪوشش ڪجي. گهر، ٻارن ۽ گهر ڀاتين جي ڀلي لاءِ سوچڻ گهرجي. زال مڙس جي رشتي ۾ احترام ۽ دوستيءَ جو جذبو هجڻ لازمي آهي. هڪٻئي جي خامين کي ورجائڻ کان بهتر آهي ته پنهنجي خامين کي دُور ڪجي. هڪٻئي سان دوستن وانگر هلجي. جيئن ماڻهو دوست جو مسئلو نه صرف غور سان ٻڌندو آهي، پر ان کي حل ڪرڻ لاءِ به ڪوشان هوندو آهي. گهريلو زندگيءَ ۾ به اهڙو وهنوار ڪرڻ گهرجي. پنهنجن فرضن کان ماڻهو ڇو ٿو لنوائي، پنهنجي ڀاتيءَ جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ڇو تيار ناهي. ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڇو نه ٿي ڪئي وڃي. زندگيءَ کي سٺو يا خراب ٺاهڻ پنهنجي هٿ ۾ آهي. فقط سهپ ۽ بردباريءَکان ڪم وٺجي. گهر جي ننڍن وڏن جهيڙن کي کل خوشيءَ سان چرچي ڀوڳ ۾ به حل ڪري سگهجي ٿو. ڳالهه آهي، فهم ۽ ادراڪ جي.

جيڪڏهن ڀاتيءَ جي ڪا ڳالهه ڏکي لڳي ته ان جي خوش اخلاقيءَ سان شڪايت ڪجي. لازمي ناهي ته ڏک جو اظهار اڻ وڻندڙ نموني ڪجي. توهان پنهنجي عام زندگيءَ ۾ ڪيئن هلندا آهيو؟ آفيس ۾ باس اڳيان شڪايت جو طريقو ڪهڙو هوندو آهي؟ اها به حقيقت آهي ته آفيس گهر ناهي، پر گهر دوستن جو آکاڙو به ناهي، جتي توهان ڪجهه گهڙين لاءِ اچو ۽ ناپسندگيءَ جي صورت ۾ ڇڏي هليا وڃو. گهر توهان جي پناهه گاهه آهي، جتي اوهان کي رهڻو آهي. انڪري گهر جي حفاظت ڪرڻ ۽ ان کي سجائڻ اوهان جي اهم ذميواري هئڻ گهرجي.

جيئن ته اوهين پنهنجي گهر ۾ 10_ 12 ڪلاڪ گذاريو ٿا. گهريلو عورتون ته سڄو وقت گهر ۾ ئي گذارن ٿيون، پر گهر ڀاتين لاءِ وقت ڪڍڻ هڪ الڳ ڳالهه آهي. خوشيون پنهنجو پاڻ نه ٿيون اچن، انهن کي حاصل ڪرڻو ٿو پوي. خوشگوار موقعا پيدا ڪرڻا پون ٿا. توهين ڀلي سڄو ڏينهن مصروف هجو، پر توهان جي محنت ۽ جدوجهد ڇا جي لاءِ آهي. يقيناً گهر ۽ گهر ڀاتين لاءِ آهي. ڇا اوهان انهن کي نظر انداز ڪري پنهنجي محبت جو معاوضو حاصل ڪري سگهو ٿا؟

شاديءَ کي هڪ مقدس ۽ پويتر ڳانڍاپو سمجهڻ گهرجي. ۽ ان جي ذميواريءَ کان سواءِ ڪاميابي ممڪن ناهي. شادي محبت جي هجي يا گهر وارن جي مرضيءَ سان ٿي هجي، ان کي نڀائڻ گهرجي. ذميواري نڀائڻ جو احساس ئي ڪاميابيءَ جي پيڙهه آهي.

زندگي ڪيڏي خوبصورت ۽ وڻندڙ آهي

زندگيءَ جو حسن محسوس ڪرڻ کان سواءِ توهان زندگيءَ مان ڪهڙي طرح لطف اندوز ٿي سگهندؤ. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته توهان عارضي واسطو رکندڙ ماڻهن جا ٿورا مڃڻ چاهيندا آهيو ۽ سڄي دنيا تي سٺو تاثر ڇڏڻ چاهيندا آهيو. پر گهر جي معاملن ۾ اوهان غير ذميوار ۽ اڻڄاڻ ڇو ٿي ويندا آهيو؟ چاهي اڻ وڻندڙ حالتون هجن، تڏهن به پنهنجي ڀاتيءَ جي خوبين کي ساراهيو. ماضيءَ جي خوشگوار ڳالهين کي ورجائڻ، چاهت ۽ محبت جي ڏينهن کي ياد ڪرڻ به ضروري آهي.

زال مڙس جي رشتي جي گهرائي ئي زندگيءَ جو اهم حصو آهي. باقي سڀ رشتا پنهنجي پنهنجي اهميت رکن ٿا. اوهان جي دنيا اوهان جوگهر آهي، ان گهر جي سلامتي اهم آهي، گهر جو خوش ۽ پرسڪون ماحول اوهان جي اصل خوشي آهي.

******

 

قاضي جاويد

نفسيات

نويد انهن ماڻهن ۾ شامل هو جيڪي عملي زندگيءَ جي در تي پهچڻ سان ئي بي همتيءَ، مايوسي ۽ اداسيءَ جو شڪار ٿي ويندا آهن. هو مدد ۽ رهنمائيءَ جي ڳولا ۾ هو. آخرڪار هڪ ڏينهن، جڏهن هو پنهنجي شهر جي لئبريريءَ ۾ ونسٽن چرچل جي تقريرن جي مجموعي جو مطالعو ڪري رهيو هو ۽ سندس نظر جڏهن هنن جملن تي پئي:                  

ٻي جنگ عظيم ۾ هٽلر کي شڪست ڏيڻ ۾ عظيم ڪردار ادا ڪرڻ واري برطانوي وزيراعظم ۽ مدبر هڪ مشهور تقرير ۾ چيو هو. ”اسين هٿيار ڦٽا نه ڪنداسين ۽ نه هار مڃينداسين. اسين فرانس ۾ وڙهنداسين، سمنڊن ۾ وڙهنداسين ۽ وڌيڪ همت سان فضائن ۾ به دشمن جو مقابلو ڪنداسين.

نويد مون کي ٻڌايو ته چرچل جي هيءَ تقرير پڙهي مون کي ائين محسوس ٿيو. ڄڻ مان خود جون 1940ع جي ان مايوس ڏينهن تي برطانيا ۾ موجود هيس، جڏهن ڊنڪرڪ جي جنگ ۾ انگريزن جي شڪست کان پوءِ چرچل جوش ڏياريندڙ تقرير پارليامينٽ ۾ ڪئي هئي. سندس لفظن انگريزن ۾ نئين سر وڙهڻ لاءِ جوش ۽ جذبي جو روح وڌو. ۽ نويد ۾ به زندگيءَ جو نئون رنگ ۽ ڍنگ پيدا ڪيو.

چرچل چيو هو ته اسين هر قيمت ۾ ”ڌرتي ماءُ“ جي حفاظت ڪنداسين. اسين ڪنارن تي وڙهنداسين، ميدانن ۾ وڙهنداسين، ٻنين ۾ وڙهنداسين، گهٽين ۾ وڙهنداسين، جبلن ۾ وڙهنداسين، ڪڏهن به شڪست قبول نه ڪنداسين.

ونسٽن چرچل کي پنهنجي قوم جي چتاءَ قبول ڪرڻ جو اندازو هو. هن قومي جذبي کي اڀاريو، قوم کي نئون اتساهه ڏنو، نتيجي ۾ انگريزن وڏي همت ۽ حوصلي سان هٽلر جو مقابلو ڪيو ۽ وڏي قرباني ڏئي پنهنجي ڌرتيءَ کي آزادي ڏياري.

منهنجي هڪ دانشور دوست جا لفظ جيڪي هميشه مون کي ياد رهندا. ان جو چوڻ آهي ته ”مهرباني ۽ نرم دليءَ کان ڪم وٺو.“

هن دنيا ۾ هرڪوئي زندگيءَ جي بي رحم جنگ لڙي رهيو آهي. انڪري اسان سڀني کي پنهنجي خوابن ۽ اميدن جي پورائي جي لاءِ سٺن لفظن ۽ همت ۽ حوصلي جي ضرورت آهي. همت افزائيءَ جي ضرورت آهي.

هيٺ ڄاڻايل چئن طريقن سان اسين ٻين جي مدد ڪري سگهون ٿا.

سادگي ۽ خلوص:

مشهور آمريڪي مزاح نگار مارڪ ٽوئن هڪ دفعي چيو هو ته ”مان سچي تعريف جي ڪجهه لفظن تي ٻه مهينا زنده رهي سگهان ٿو. ”واقعي اها حقيقت آهي ته ڪو شخص اسان جي لاءِ چند سٺا لفظ چوي ته اسين دل ئي دل ۾ خوش ٿي ويندا آهيون ۽ اندر ۾ ان شخص لاءِ پنهنجائپ وارو احساس اڀري ايندو آهي.

ياد رکو ته تعريف / ساراهه ۽ خوشامد ۾ وڏو فرق آهي.

خوشامدي ماڻهوءَ جي زبان ته مٺڙي هوندي آهي پر دل کوٽي هوندي اٿس.

گهڻو عرصو اڳ مان هڪ اداري ۾ ڪم ڪندو هيس، اتان جو سربراهه جيڪو گهڻ ڳالهائو نه هو. هو ملازمن جي ڪارڪردگيءَ جي باري ۾ به گهڻو ڪري خاموش رهندو هو. مون وٽ هڪ آفيس جو نوٽ اڄ به محفوظ آهي، جيڪو مون باس کي موڪليو هو. ان ۾ اداري جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪجهه تجويزون ڏنيون هيون. باس ان نوٽ تي صرف ٻه لفظ لکيا: ”تمام سٺو.“

صحيح وقت تي محبت ۽ خلوص سان ادا ڪيل ٻه لفظ به اسان کي خوشي ڏين ٿا. جان وڊن باسڪٽ بال جو ناميارو ڪوچ ٿي گذريو آهي. اهو پنهنجي ٽيم جي رانديگرن کي چوندو هو ته توهان جڏهن به اسڪور ڪريو ته بال ڏيڻ واري رانديگر کي مرڪ ڏيندا ڪريو.

هڪ نوجوان رانديگر وڊن کان پڇيو، ”سائين، جيڪڏهن بال ڏيڻ وارو اسان ڏانهن نه ڏسي ته پوءِ ڇا ڪجي؟“

”هو توهان ڏانهن ضرور ڏسندو!“ وڊن جواب ڏنو.

وقت ۽ جاءِ جو خيال رکجي: ”توريت“ ۾ حضرت سليمان جو هڪ قول آهي ته ”صحيح موقعي تي چيل هڪ لفظ چانديءَ جي پليٽ ۾ رکيل سونهري صرف جي برابر هوندو آهي.“

ٻي جنگ عظيم جي زماني ۾ جنرل آئزن هاور (آخر ۾ آمريڪا جو صدر بنجڻ وارو) باٽن نديءَ جي ڪناري گهمي رهيو هو ته سندس ملاقات هڪ فوجي نوجوان سان ٿي جيڪو تمام گهڻو پريشان ۽ مايوس نظر اچي رهيو هو.

”ڪهڙا حال اٿئي نوجوان؟“ جنرل پڇيو.

”سائين، مان ڏاڍو پريشان آهيان،“ فوجيءَ جواب ڏنو، جنرل ٽهڪ ڏيندي چيو. ”هي ته مون وارو حال ٿيو، مان به ڏاڍو پريشان آهيان. اچ ته گڏجي سير ڪريون، شايد ائين اسان ٻنهي جي دل وندرجي وڃي.“

ڏسو جنرل، نوجوان کي ڪا نصيحت به ڪانه ڪئي. فقط هن کيس حوصلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.

غلطين  مان سکجي: اڪثر ماڻهو جو خيال آهي ته ڪامياب ماڻهو ڪڏهن به غلطي نٿو ڪري. شايد هي فطري فڪر آهي، پر بلڪل صحيح ناهي. عام ماڻهن وانگر اُهي به خطا جا پتلا آهن. فرق اهو آهي ته اهي پنهنجي غلطين مان سبق پرائين ٿا ۽ ٻيهر غلطي نٿا ڪن.

مسئلن ۾ گهيريل ماڻهن کي سمجهڻ گهرجي ته هنن جو معاملو غير فطري يا غير معمولي ناهي. اسين سڀ مونجهارن ۾ گهيريل آهيون. زندگيءَ جو دستور ئي اهو آهي، دنيا ۾ ڪوبه اهڙو انسان ناهي، جنهن کي ڪو مسئلو، ڪو روڳ يا مونجهارو نه هجي!

مان هڪ زماني ۾ پنهنجي هڪ استاد کان ڏاڍو متاثر هيس. مون سندس ئي رهنمائيءَ ۾ هڪ خاص اداري ۾ داخلا وٺڻ جو فيصلو ڪيو. منهنجي استاد جو نالو عبدالرحيم هو. علم، فضل ۽ شخصيت جي لحاظ کان هو تمام معتبر استاد هو. ماڻهو سندس بي انتها عزت ڪندا هئا. منهنجي لاءِ ته هو هڪ بهترين رهنما ثابت ٿيو.

ڪجهه ڏهاڙا سائين عبدالرحيم جي ليڪچر ٻڌڻ کان پوءِ مان مايوس ٿي ويس. مون کي اها ڳڻتي ڳارڻ لڳي ته مان ڪڏهن به پنهنجي محترم استاد جي اميدن تي پورو اچي نه سگهندس. مان ڪڏهن به هن جهڙو ٿي نه سگهندس. استاد منهنجي دل جي منشا ڄاڻي ورتي. شايد ڪي ٻيا شاگرد به انهيءَ سوچ ۾ هجن. هڪ ڏينهن استاد ليڪچر اڌ ۾ ڇڏي پنهنجي باري ۾ ٻڌائڻ لڳو. پاڻ ٻڌايائين ته مون زندگيءَ ۾ وڏي جدوجهد ڪئي آهي. ڪيترا دفعا مايوس ٿي پڙهائڻ وارو پيشو ڇڏڻ جو به ارادو ڪيم.سندس ڳالهيون ٻڌي، اسين ڪيڏيءَ مهل کلياسين پئي ته ڪنهن مهل رناسين پئي. ان ڏينهن اسان کي سُڌ پئي ته سائين عبدالرحيم به اسان وانگر انسان آهي. هن به زندگيءَ ۾ غلطيون ڪيون آهن، ڏک ڏٺا آهن. سائينءَ اسان کي اهو ٻڌايو ته زندگيءَ جي وهنوار ڊوڙ جي مقابلي وانگر آهي، جتي قدم تي انسان کي ٺوڪر لڳي ٿي. ڪڏهن اسين ڪرون ٿا ۽ ڪري وري ڊوڙون ٿا ۽ ڪڏهن کٽون ٿا، ڪڏهن هارايون ٿا. زندگيءَ جو نالو آهي حوصلي ۽ همت سان جدوجهد ڪرڻ.

وقت وٺڻ گهرجي: ياد رکو، حوصله افزائيءَ جا ڪي روايتي يا زنگيل الفاظ استعمال ڪرڻ سان ڪم نه هلندو.

جيئن ”تو ته ڪمال ڪري ڏيکاريو!“

يا ”تون ته چوڏهينءَ جو چنڊ آهين.“

اهڙن جملن کان پاسو ڪجي. ماڻهن کي پنهنجي شاعريءَ ڏانهن متوجهه ڪرڻ لاءِ والٽ وِٽمن کي سالن جا سال محنت ڪرڻي پئي هئي. ايتري تائين جو ناڪاميءَ جي احساس کيس هيڻو ڪري وڌو هو. تڏهن هڪ ڏينهن وِٽمن کي هڪ خط مليو. خط ۾ لکيل هو:محترم سائين، اوهان جو ڪتاب ”گاهه جا پن“ پڙهي مان ڏاڍو پريشان ٿيو آهيان. منهنجي خيال ۾ آمريڪا ۾ هن کان وڌيڪ خوبصورت ۽ دانشوريءَ جهڙي شاعري اڄ تائين ڪنهن ناهي ڪئي. مان اوهان کي اهڙي شاندار شاهڪار لکڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.“

اوهان کي خبر آهي ته اهو خط ڪنهن لکيو هو؟ هن خط تي آمريڪا جي عظيم اديب رالف والڊ ايمريسٽ جي صحي ٿيل هئي.

ايمريسٽ روايتي لفظ استعمال نه ڪيا هئا. هن پنهنجو پيغام وٽمن جي دل ۾ لاهڻ لاءِ محنت ڪئي هئي. هو نه صرف هڪ غير معروف شاعر جو حوصلو وڌائڻ چاهي پيو، پر اهو به چاهي پيو ته هي ڪم يادگار انداز ۾ ڪيو وڃي. حوصلو وڌائڻ سولو ڪم آهي. فقط هڪ لفظ، ٿوري واکاڻ، ٻن مِٺن ٻولن سان هڪ ئي ملاقات ۾ هي ڪم سر انجام ڏئي سگهو ٿا. اڄ ان ڳالهه تي عمل ڪريو. اوسي پاسي ڏسي وٺو، جن کي به همت افزائي جي ضرورت هجي، تن جي رهنمائي ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com