اهو غير مطبوع ڪلام، هڪ پراڻي بياض ۾ نهايت معتبر
۽مستند ذريعن سان جمع ڪيل آهي. اهو بياض گهٽ کان
گهٽ، ته به ٻن صدين جوپراڻو آهي ۽ امر تسر جي
مشهور مذهبي جماعت اهل قرآن جي ڪتبخاني ۾ موجود
آهي. افسوس اهو آهي ته هن وقت ان اداري توڙي جماعت
جو اهو اڳيون معيار ۽ مقام نه رهيو آهي. ان اداري
جي روح روانجي وفات کان پوءِ، اهو سارو بار مشهور
عالم دين، مولانا عرشي امر تسريءَ سنڀاليو آهي.
مولانا پاڪستان ۾ مقيم آهي ۽ دين جي خدمت ڪري رهيو
آهي.
ٻه سئو سال پراڻي بياض جي آڌار تي، 1309هه
۾ ، يعني اڄ کان 76 سال اڳ، ان بياض مان چند
رباعيون ۽ قطعا ۽ ڪجهه غزلن جا مطلعا ۽ مصر عا،
نهايت غلط نموني ۾ نقل ڪري، بوسيده ڪاغذن تي ليٿو
پريس مان ڇپائي ، ملڪ جي مشهور عالمن ۽ فارسي ادب
جي ڄاڻن ڏانهن اهي ڪاپيون موڪليون ويون هيون، تان
ته اهل سخن پرکي ٻڌائين ته آيا اهو ڪلام مولانا
جوآهي يا نه؟ يا اهو ڪلام الحاقي ته نه آهي!
ڪافي وقت تائين هندستان جا عالم تحقيق ۽
تنقيد ڪندا رهيا. آخر ڪار علمي دنيا کي تسليم ڪرڻو
پيو ته اهو ڪلام ، واقعي مولانا روميءَ جو چئي
سگهجي ٿو. ان ڪلام ۾ نه فقط مولانا جي روح آفرين ۽
دلنشين طرز موجود آهي، پر ان سان گڏ معنوي لحاظ
سان به خيالات ، مولانا روميءَ جي ڪلام سان هم
آهنگ نظر اچن ٿا.
ان سلسلي ۾ اهو به افسوس ٿئي ٿو، ته گذريل
منيءَ صديءَ ۾ جي به،( مثنويءَ) يا ”فيه مافيه“ يا
ُ شمس الحقائق ، يا ُ ڪليات شمس ، جا جيڪي به ۽
جيترابه مختلف ايڊيشن عربي،ترڪي، روسي، انگريزي،
فارسي، ۽ اردوءَ ۾ ڇپيا ويا آهن، انهن ۾ ڪٿي به ڪو
اهڙو اشارو موجود نه آهي ۽نڪو ڪٿي اهي رباعيون
شامل ڪيل آهن. گويا اهو عارفاڻو ڪلام، منتشر۽
بوسيده ورقن ۽بياضن ۾، دنيا جي ستم ظريفيءَ ۽
بيتوجهيءَ تي اڃا تائين ماتم ڪري رهيو آهي!
فارسيءَ ۾ رباعين جا مختلف مجموعا شايع
ٿيل آهن. عمر خيام کي (رباعيءَ) جو بادشاهه مڃيو
ويو آهي، توڙي جو سندس فن ۽ ڪلام جو وڏو حصو اڃان
تحقيق طلب آهي. ان متعلق ڪيترن محققن بحٿ ڪري،
الحاقي ڪلام جي نشاندهي ڪئي آهي ته فلاڻيون
رباعيون واقعي خيام جون نه آهن، پر ڪنهن ٻئي جون
آهن. ان بحث جي اپٽار ڪرڻ جو هي موقعو نه آهي، في
الحال هن بحث کي ٻئي موقعي تي بيان ڪيو ويندو.
علمي دنيا ۾ اهو به هڪ تاريخي مثال رهندو
آيو آهي ته ڪيترن شاعرن جو ڪلام ٻين جي نالي تي
مشهور رهيوآهي، بلڪ ٻين جي نالي تي شايع به ٿيندو
آيو آهي.جيئن روميءَ جا غزل ( شمس تبريزيءَ) جي
نالي ، چئنراءِ جا بيت ( ساميءَ) جي نالي، بيڪن جا
ڪي ڊراما (شيڪسپيئر) جي نالي ، معين جو فارسي
ديوان، حضرت خواجه (معين الدين اجميريءَ) جي نالي،
ڇپجي چڪو آهي! تيئن خيام متعلق اڃا ثابت نه ٿي
سگهيوآهي ته اصل۾ سندس ڪلام جي حيثيت ڪهڙي آهي.
خيام جي شوخ ۽ ڪيف آور ، مستانه وار ۽ وجد انگيز
ڪلام ۾ ابو الخير، جامي ۽ سحابي استر آبادي جون
ڪيتريون عارفانه رنگ واريون رباعيون ملي ويون آهن.
ان کي محقق ۽ پار کو تسليم ڪري چڪا آهن.
مولانا روميءَ جي رباعين، ۾ غزل جي زبان
آهي، پر ان ۾ فلسفيانه شاعري نه آهي، ان جي جاءِ
تي عارفانه سخن سنجي آهي ۽ عارفن لاءِ نور عرفاني
آهي.
رباعين جو ڪل انداز ستر( 70) آهي. ان
هوندي به اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته واقعي
مولانا جون ڪل رباعيون گهڻيون آهن . تاهم ستر (70)
رباعيون به علمي دنيا لاءِ غنيمت سمجهڻ گهرجن.
مولانا جي رباعين جو مضمون، اهوئي مثنويءَ
وارو آهي. جذب ۽ مستي، حڪمت ۽ عرفان، سوز ۽ گداز
هر هڪ رباعي ۾ موجزن آهي. ڪجهه رباعيون مثال طور
هت پيش ڪجن ٿيون.
عاشق همه ساله مست و رسوا بادا،
شوريده و زوليده و شيدا بادا؛
در هوشياري ز غصه هر چيز خوريم،
چون مست شديم، هر چه بادا بادا.
هن رباعيءَ ۾، مولانا، اهل عشق جي وارفتگي ۽ حال
جي ترجماني ڪئي آهي. فرمائي ٿو: عاشق کي هر ويل
مست، خوار خراب، بدنام، گمنام، پريشان، ۽ نالان،
رسوا ۽ شيدا رهڻ گهرجي. هوشياريءَ جي ٻي ڳالهه
آهي. پر جڏهن مست ٿجي، تڏهن ُ هر چه بادا باد ،
تي عمل ڪرڻ جڳائي، لعنت ۽ ملامت کان نه گهٻرائجي.
عقل ۽ هوشياريءَ جي عالم، هن فسونخاني ۾، گونا گون
لذت ۽ رنگا رنگي عيش جي طلب پيدا ٿئي ٿي. پوءِ
جڏهن اهي خواهشون ۽ سڌون، بر صواب نه ٿيون ٿين،
تڏهن ” قهر درويش به جان درويش“ چئي ، پاڻ تي لعنت
ملامت ڪرڻ کان سواءِ ٻيوچارو ئي ڪونهي. ان حالت ۾،
دم دم ۾، قدم قدم تي، رنج ۽ ڪاوڙ،هوس ۽ سڌ، تمنا ۽
ڊگهي اميد جي ڄار ۾ ماڻهو ڦاسي ٿو پوي .پر جڏهن
عشق ۽ جذب جي مقام تي آياسون، تڏهن نڪي سڌون ۽
تمنائون رهيون نڪا فاني دنيا جي ڪا طلب ۽ تات ئي
رهي. حاصلات جي حفاظت جو ته ڪو سوال ئي نٿو اُٿي.
نڪو ناڪاميابيءَ جو رنج ۽ شرم ٿو پيدا ٿئي. هر حال
۾ چوندو پيو:
هر چه بادا باد، ماکشتي در آب انداختيم.
يا چوڻو پوندو:
هر چه از دوست سي نيڪوست! عاشق فاني ۽ باقي ٻنهي
کان بي نياز ٿئي ٿو. ” قل الله ثم ذرهم“ (چئو الله
۽ باقي سڀ ڇڏي ڏي) جو حال پيدا ٿئي ٿو.
مولانا ان مضمون کي مثنويءَ ۽ ديوان ۾
ڪيترن هنڌن تي هن طرح بيان ڪيو آهي:
آزمودم عقل دورانديش را،
بعد ازين ديوانه سازم خويش را
علامه اقبال، پنهنجي مرشد روميءَ جي ان مضمون
۽تاثر کي پڻ مختلف نمونن ۾ پيش ڪيو آهي.فرمائي ٿو:
بهتر هي دل ڪي ساٿ رهي، پاسبان عقل،
ليڪن ڪڀي ڪڀي اسي اتنها ڀي ڇوڙ دي
يا: نڪل جا عقل ڪي حد سي ڪه يه نوُر،
چراغ ، راهه هي ، منزل نهين هي
يا: بي خطر ڪود پڙا آتش ، نمرود مين عشق،
عقل هي محو تماشائي لب، بام اڀي!
پر اهو مضمون،لطيف جنهن لطيف انداز سان پيش ڪيو
آهي اتي ڪو به نه پهتو آهي. فرمائي ٿو:
الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
مون سان مون پرين، ڀو رائيءَ ۾ ڀال ڪيا.
مولانا روميءَ جو ٻيو رنگ ڏسو: ديوان شمس الحقائق
۾ سُڪر ۽ مستيءَ جي عالم ۾ آيل آهي:
من مست، تو ديوانه، مارا چه برد خانه؛
صد بار ترا گفتم، ڪم خور،دو_سه، پيمانه!
در شهر يڪي ڪس را، هوشيار نه مي بينم،
هر يڪ بتر از ديگر، شور يده و ديوانه !
از خانه برون رفتم، مستيم به پيش آمد،
در هر نظرش مضمر، صد گلشن و ڪاشانه.
گفتم ڪه رفيقي ڪن، با من ڪه منت خويشم،
گفتا ڪه نه شناسم من، چه خيوش چه بيگانه!
فرمائي ٿو:” اي دوست مان آهيان مست، ۽ تون
آهين چريو! هاڻي اسان ٻنهي کي منزل تي پهچائي سو
پهچائي ڪير؟
توکي ان باري ۾ ڪئين ڀيرا چيو اٿم ته گهٽ پيءُ ،ٻه
_ ٽي پيالا ته ٺهيو ! ان جي پرواهه نه آهي!
مون شهر ۾ڪو هڪ به هوشيار ڪونه ڏٺو آهي.
هڪڙو ٻئي کان ۽ ٻيو ٽئين کان، بدتر، مٿي ڦريل ۽
چريو نظر آيو.
گهر کان نڪتس، هڪ مست مليم، جنهنجي هر هڪ نظر ۾،
سوين بهار ۽ آباديون پوشيده هجن.
چيومانس تهيار پاڻ ۾ ڪا ياري ڳنڍيون ۽ پرت
جا پيچ پايون! مان پاڻ به مست آهيان، پاڻ ۾ هڪ
آهيون.
چيائين، ڀڄي پري ٿيءُ، مان پنهنجي ۽ پرائي جي فرق
کان آجو ۽ آزاد ٿي چڪو آهيان.“ ڳالهه به ٺيڪ هئي،
اگر امتياز رهي ها ته پوءِ مست ڇو بنجي ها؟
مولانا روميءَ لاءِ مشهور آهي ته پاڻ عروض ۽
قواعد، محاوره ۽ روز مره جي ايتري پابندي نه ڪندو
هو. جو ڪجهه سوچيندو هو،سوچئي ڏيندو هو. اهو سندس
ڪلام بي ساخته ۽ في البديهه هوندو هو. تقطيع جي
جنجهٽ ۽ رڪن شماريءَ کان پري هوندو هو.پاڻ چوي ٿو:
قافيه انديشم و دلدار من،
گفت: مينديش جز ديدار من.
من نه دانم فاعلات، فاعلات،
شعر مي گويم، به از آب حيات.
ان هوندي به ڪڏهن ڪڏهن شعر ۽ فن جا صنايع چڱي طرح
سان نباهيا اٿس. هن رباعيءَ ۾ تجنيس تام جو نادر
مثال موجود آهي.فرمائي ٿو:
گفتم ڪه نگر غمش بوڊ درمانم،
ڪي دانستم ڪي باغمش درمانم،
اواز سرلطف گفت، درمان ٿو چيست؟
گفتم: وصلت گفت: بدين درمانم!
ٽنهي هنڌن تي، درمانم، جدا جدا لطف انگيز مطلب تي
ٻڌل آهي:
_ چيم ۽ محسوس ڪيم ته شايد معشوق جو غم ئي منهنجي
درد جو درمان هجي!
_ مون کي ڇا معلوم ته مان سندس غم ۾ اهڙو
درماندهه ٿي ويندس.
_ ان منهنجي حالت کي ڏسي، مهربانيءَ طور چيو :
تنهنجي درد جو درمان ڇا آهي؟
_چيم : تنهنجو وصال ! چيائين منهنجي در سان لڳو
رهه.
هڪ رباعيءَ ۾ حقيقت ۽ مجاز جي فرق تي هن طرح روشني
وڌي ويئي آهي:
عشقي دارم پاڪ تر از آب زلال ،
اين باختن عشق مرا گشت حلال؛
عشق دگران، به گردد ازحال به حال،
عشق، من و معشوق مرا نيست زوال.
چوي ٿو: ” منهنجو عشق آٺريل پاڻي کان به وڌيڪ پاڪ
آهي.
_ ،منهنجي عشقبازي، قطعن حلال ۽ جائز آهي
_ عام ماڻهن جو عشق، هڪ حال کان ٻئي ڏانهن بدلبو
رهي ٿو.
_ ليڪن منهنجو عشق به لازوال ۽منهنجو معشوق به غير
فاني حسن جو مالڪ آهي.“
ٽئين شعر ۾ ، مجاز خانه خراب جي پوري تصوير موجود
آهي. شيخ سعدي به چئي ويوآهي:
مجو چشم،وفا از بلبل، چشم،
ڪه هر دم بر گل، ديگر سر ايندا!
چوٿين شعر ۾ عشق جي غير مبدل هجڻ جو معقول
سبب ڏنو ويو آهي، ته جڏهن معشوق جي حسن ۾ فنا
ڪانهي، اهو پاڻ لازوال آهي، ته پوءِ عشق کي زوال
ڪيئن ايندو؟ هڪ ٻي مستانه وار رباعي آهي:
امروز سماع است و سماع است و سماع،
نور است، شعاع است، شعاع است شعاع؛
اين عشق ، مشاع است، مشاع است و مشاع،
از عقل، وداع است و وداع است و وداع!
هر قافيه جي ٽن ڀيرن تڪرار سان، عجيب غريب رباعيءَ
جنم ورتو آهي جڏهن ته سماع سان رباعي شرع ٿي آهي،
تنهنڪري، رباعيءَ جو هر لفظ نچندي ۽ وجد ڪندي پيو
معلوم ٿئي. ان جو ترجمو ڪهڙو ڪجي ۽ انجو تعلق ته
عملي مشاهدي سان آهي.
فرمائي ٿو :
_ ” اڄ رقص ۽ سرود، شعر ۽ نغمه، وجد ۽ سماع جو
ڏينهن آهي.
_ هر طرف، نور ۽ شعاع جي چادر پکڙجي چڪي آهي.
_ اسان جو عشق يڪ طرفو نه آهي، ته پوءِ عقل جي
ڪهڙي حاجت؟ عقل کان موڪلاڻي آهي! “
هڪ ٻي صنعتگري ڏس:
اها ٻن مختلف ۽ متضاد حالتن مان گذري ٿي، پر ٻنهي
صورتن ۾ نتيجو ساڳيو ٿو نڪري. ُ هڪ، ۾ ُ ٻه،
مخالف روح سمايا ويا آهن.
فرمائي ٿو:
گر با تو يوم نخستيم از باريها،
در بي تو يوم نخستيم از زار يها،
سبحان الله! ڪه هر دو شب پندارم!
تو فرق نگر، ميان بيداريها!
_ ” اي دوست، جڏهن مان تو وٽ آهيان، تڏهن وصال جي
دولت مون کي سمجهڻ ئي نٿي ڏئي.
_ ۽ جڏهن توکان دور ٿو ٿيان، تڏهن گريه فراق جي
ڪري، اکيون ننڊ کان محروم رهجي ٿيون وڃن.
_ سبحان الله ! هوءَ به هڪ رات آهي، ۽ هيءَ به هڪ
رات آهي.
_ پر انهن ٻنهي شب بيدارين ۽ اوجاڳن ۾ ڏس ته ڪيڏو
نه فرق آهي!“
مولانا روميءَ ازل جي فيضان جي ذره نوازيءَ جو
ذڪر، بيشمار طريقن سان ڪيو آهي هر هنڌ مولانا جو
انداز مخصوص انفراديت ۽ ندرت جو حامل آهي
هڪ رباعيءَ ۾ فرمائي ٿو:
از لطف تو هيچ، بنده نوميد نه شد،
مقبول تو جز مقبل، جاويد نه شد؛
لطفت به ڪدام، ذره پيوست ولي؛
ڪان ذره به از هزار خورشيد نه شد!
_ ”تنهنجي مهربانيءَ کان ڪوبه بندو نا اميد نٿو
رهي، (بشرطيڪ تنهنجو بندو هجي.)
_ ليڪن دائمي مقبوليت جوشرف، ڪنهن ازلي خوشبخت کي
ئي ملي ٿو.
_ اهو ڪهڙو ذره بيمقدار آهي،جو تنهنجي ڪرم جي
نگاهه سان،هزار سجن کان به وڌيڪ روشن نه رهيو آهي!
آخر آفتاب جو آغاز به ته هڪ ذرڙي کان ٿيو آهي،جنهن
پنهنجي بيپناهه جذب ڪرڻ واري قوت سان، پنهنجي
چوڌاري، بيشمار ذرن کي گڏ ڪري، موجوده صورت اختيار
ڪئي آهي! “
ساڳيو مضمون، ٻئي انداز سان، هن طرح بيان ڪيو اٿس:
جودت همه آن ڪند، سه دريا نه ڪند،
زين در ڪرمت وعده فردا نه ڪند،
حاجت نه بود، از تو تقاضا ڪر دن ؛
ڪز شمس ڪسي نور تقاضا نه ڪند!
_ ” تنهنجي جود ۽ سخا ۽ ڪرم جي مقابلي ۾ درياءَ جي
ڪهڙي ڳالهه آهي؟
_ تنهنجو ڪرم، نقد آهي، اهو سڀاڻي جو وعدو نٿو
ڪري.
_ تون اهو ڪريم آهين، جو توکان سوال ڪرڻ جي گنجائش
ئي ناهي.
_ ڀلا ڪنهن ڪڏهن سج کان به روشنيءَ جي تقاضا ڪئي
آهي؟“
ڪهڙي نه نفيس ۽ نادر تشبيهه کان مولانا ڪم ورتو
آهي!
جسم ۽ روح متعلق مولانا جي هڪ رباعي آهي:
از ڪم خوردن، زيرڪ و هوشيار شوي،
و ز پر خوردن، ابله و بيڪار شوي؛
پر خواري تو، جمله ز پر خواري تست؛
ڪم خوار شوي، اگر تو ڪم خوار شوي.
هيءَ رباعي ترجمي کان بالا آهي. تجنيس تام جو لطف
ملاحظه ٿئي . فرمائين ٿا:
_ تون گهٽ کائڻ سان، هوشيار ۽ خبردار ٿيندين، پر
گهڻي کائڻ سان، احمق ۽ بيڪار ٿيندين.
تنهنجي بسيار خوري، تنهنجي گهڻي خواريءَ جو سبب
ٿيندي. پر تنهنجي ڪم خواري ( گهٽ کائڻ) ، تنهنجي
لاءِ ڪم خواري ( گهٽ ذلت) جو سبب رهندي. “
هن رباعيءَ ۾ به ، ُ ڪم خوار ۽ پر خواري، جدا جدا
معنيٰ سان آيل آهي، ان جو لطف به اهل زبان ئي ڄاڻن
ٿا.
بهر حال، مولانا روميءَ جي هن مجموعه رباعيت ۾ ڪي
اهڙيون رباعيون به آهن جن جهڙا مضمون، ڪن ٻين
شاعرن جي ڪلام ۾ به موجود آهن” رباعين ۾ ان قسم جو
اختلاط عام آهي. تاهم مولانا جي مخصوص رنگ کي
اڳيان رکي، اصل ۽ نقل ۾ تميز ڪري سگهجي ٿي. ڪاش!
مولانا جي رباعيت تي ڪو محقق تحقيق ڪري |