سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1967ع

مضمون:

صفحو :2

ان سلسلي ۾ مسٽر حسين عادل، جو (مسلمان ۽ مصوريءَ) تي پڻ محققانه مضمون آهي، جنهن ۾ مصوريءَ جي تاريخ ۽ فن تي بحث ڪيل آهي.

        سنڌي ادب جي صوفي شاعرن مان فقير (غلام حيدر) شر بلوچ جي سوانح ۽ ڪلام، مسٽر غلام نبي ميمڻ جو لکيل آهي، اهو فقير صاحب، مشهور صوفي نانڪ يوسف جو ٻالڪو آهي. (مهراڻ) ۾ هن کان اڳ، ان سلسلي جا ٻه مضمون، (منٺار فقير) ۽ (صادق فقير) جي سيرت ۽ڪلام تي ڏئي چڪا آهيون، جي سنڌي ادب ۾ بيش بها اضافو چئي سگهجن ٿا.

        مهراڻ ۾ آڳاٽي ادب جي سلسلي ۾، هن کان اڳ (سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو)، (ويت پتي ڪوش) ۽ (قلندر جو ميلو) (مرحوم بلبل) ڏئي چڪا آهيون. ان سلسلي ۾ (ميلو لال شهباز) ڏئي رهيا آهيون، جنهنجو لکندڙ سيد غلام مهدي شاهه(صوفي) مٺيديري تعلقي لاڙڪاڻي جورهاڪو آهي، اهو ڪتاب، شولداس پرڪرداس جو ڇپايل ۽ تمام جهونو آهي، اهو بلبل مرحوم جي طرز تي لکيل ۽ پراڻي انداز بيان ۾ آهي ۽ نهايت دلچسپ آهي.

        ادب لطيف جي عنوان سان (اکا) مسٽر فضل الاهي انصاري، سيشن جج جي دلپذير تحرير آهي، جا ٻن_ چئن پرچن کان مسلسل هلي رهي آهي. ان سلسلي کي عالمن ڏاڍو پسند ڪيو آهي.

        آخر ۾ دستوري ڪالم، (مهراڻ جا موتي)، (علمي خط) پڻ ڏنا ويا آهن، اميد ته مهراڻ جو هي معياري مجموعو، اڳين پرچن وانگر مقبوليت حاصل ڪندو، مهراڻ جي مواد جي سلسلي ۾، جناب شيخ علي محمد صاحب، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ ۽ ناشر رسالي مهراڻ، مسٽر غلام رباني، ايڪٽنگ سيڪريٽري بورڊ، مسٽر علي بخش، مينيجر سنڌي ادبي بورڊ پريس جو خاص طرح سان شڪر گذار آهيان، جن مهراڻ جي ڇپائي ۾ دلي تعاون ڪيو آهي.

جويي صاحب جي بورڊ کان واپسي:

        سنڌي ادب ۽ تعليم سان دلچسپي رکندڙ عالم ۽ اديب، مسٽر محمد ابراهيم جويي جهڙي هر دلعزيز،محنتي ۽ اڻ ٿڪ شخصيت کان پوري طرح آشنا آهن، انسان خطا جو گهر آهي،بيشڪ،__ پر ڪي ماڻهو پنهنجي خداداد نعمتن جي ڪري، فڪرانگيز ۽ تاريخ ساز ٿين ٿا، جويي صاحب کي اگر ائين نه چئجي، ته به کيس ”اداره ساز“ ته چئي سگهجي ٿو. سندس جدوجهد ۽ محنت سان هڪ طرف سنڌي ادبي بورڊ جي پوري تاريخ ۽ ڪاميابي وابسته آهي ، ته ٻئي طرف اديبن ۽ شاعرن جوهڪ وسيع حلقو پڻ آهي، جو سندس تربيت ۽ صحبت جي پيداوار آهي.

        سنڌي ادبي بورڊ ،جڏهن اڃا اوائلي منصوبي بنديءَ جي تحت ،ڪاغذي ۽ دفتري مرحلا طئي ڪري رهيو هو، تڏهن سڀ کان اول 1951ع ۾ پهريون سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان کيس تعليم کاتي مان آندو ويو. جويو صاحب پنهنجي اعليٰ صلاحيتن سان توڙي ادبي ۽ علمي تجربن سان، بورڊ کي هڪ منظم علمي ۽ فڪري ادارو بنائي ڇڏيو.پريس جو قيام، ڪتابي سلسلو،عملي جوانتخاب، آفيسن جو انتظام، مهراڻ جو نه دوباره اجراعه، گل ڦل جي اشاعت،سڀ سندس اوائلي دور جون خدمتون شمار ڪري سگهجن ٿيون. اهوئي ڪارڻ آهي جو سندس علمي، ادبي ۽ فني خدمتن جو اعتراف، هر حلقه فڪروارن وٽ موجود آهي . جويو صاحب پنهنجي ڪارڪردگيءِ ۽ انتظامي حيثيت سان گڏ ، طباعت ۽ ايڊٽ جي قديم ۽ جديد فن ۽ پريس جي معاملات جو پڻ وڏو ڄاڻو آهي.

        سنڌي ادبي بورڊ جون اشاعتون ۽ انهن جو انفرادي معيار، سندس فنڪار نه ڪاوشن جو شاهڪار چيو ويو آهي. فن طباعت جي باريڪ ۽ لطيف چيزن کي صحيح طور استعمال ڪرڻ ۽ اجاگر ڪرڻ  جويي صاحب کي ماهرانه دسترسي ۽ يدطوليٰ حاصل آهي.انهن خدمتن جو اعتراف خود بورڊ جي معزز ميمبرن به ڪيو آهي ۽ بورڊ کان ٻاهر سندس مداحن جو حلقو پڻ وسيع آهي.

        ڇپائي جي سلسلي ۾ جويي صاحب جي دور ۾ سنڌي، اردو، انگريزي، عربي۽ فارسي مختلف النوع فنن تي چار سئو کن ڪتاب ڇپيا آهن، جن کي هر مڪتب فڪر وارن ساراهيوآهي. 1951ع کان 1961ع تائين مسلسل ڏهه سال خدمت ڪرڻ کان پوءِ 1961ع ۾ کيس وري تعليم کاتي وارن پاڻ ڏانهن واپس گهرائي، ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جو نگران ۽ روح روان ڪري رکيو، جتي هن صاحب، نهايت خوش اسلوبيءَ سان پنج _ڇهه سال ڪم ڪيو ۽ سوين درسي ڪتاب تاليف به ڪرايا ۽ ڇپايا به.

        ان وچ ۾، مرحوم عثمان علي انصاري، سيد شاهه محمد شاهه  ۽ مرحوم سائين ميران محمد  شاهه صاحب يڪي بعد ديگري بورڊ جا سيڪريٽري ٿي ڪم هلائيندا رهيا، سائين ميران محمد شاهه مرحوم سال کن اعزازي طرح سان بورڊ جي ڪم سنڀالڻ کانپوءِ، جويي صاحب کي دوباره ڪم هلائڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ سندس تقاضا تي، بورڊ 1963ع ۾ ، جويي صاحب کي دوباره اعزازي سيڪريٽري طور پاڻ وٽ گهرايو، جويي صاحب 1963ع کان 1967ع جولاءِ تائين بورڊ جو ڪم جنهن مخلصانه نموني ۾، اعزازي طور هلايو آهي، اهو قدر جي لائق آهي.

        افسوس اهو آهي جو تعليم کاتي اهڙي مخلص ۽ جفا ڪش آفيسر کي جولاءِ 1967ع تي دوباره، پاڻ وٽ گهرائي ورتو آهي. اسان جي دعا آهي ته جويو صاحب پنهنجي نئين منصب تي قائم رهي، علم ۽ ادب جي پيش بها خدمت ڪندو رهندو، بورڊ جي ڪم ڪار جي چارج في الحال اسسٽنٽ سيڪريٽري مسٽر غلام رباني کي سونپي وئي آهي، هي نوجوان ايڪٽنگ سيڪريٽري ٿي، پوري خلوص ۽ جانفشاني سان ڪم هلائي، جويي صاحب جو سچو نعم البدل ثابت ٿيو آهي، دعا آهي ته شال بورڊ پنهنجن مخلص ڪارڪنن جي ايثار ۽ خدمتن سان، وڌي ويجهي ۽ سنڌي علم ۽ ادب جي خدمت ۾ هر قدم اڳتي وڌائي ۽ ڪاميابي جي هر نئين منزل کي ماڻي. غ .م. گ

فيلڊ مارشل محمد ايوب خان، صدر مملڪت پاڪستان

قرآن ۽ دستور حيات

        مذهب کي جديد زماني جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪرڻ گهرجي، اگر مذهب، هن جديد دور جي تقاضائن کي پورو نه ڪري سگهيو ته پوءِ اسان جي روحاني ۽ مادي زندگيءَ جي وچ ۾ ، ايترو فاصلو پئجي ويندو، جنهن کي سولائيءَ سان اسان ڀري نه سگهنداسون.

        ان سلسلي ۾ علماءِ ڪرام ۽ ديني علم جي ماهرن تي اهم ذميداري عائد ٿي سگهي ٿي، مٿن فرض آهي ته هو اڄڪلهه جي علمي ماحول ۾، پنهنجي علم ۽ عمل سان اهو ثابت ڪري ڏيکارين، ته ”اسلام“ واقعي هڪ مڪمل دين آهي، جو هر زماني ۾ هر دور جي تقاضائن تي موافق رهڻ جي صلاحيت ٿو رکي.

        ان جو ثبوت نڪو ماضي جي شاندار روايتن کي دهرائڻ سان ملي ٿو سگهي ۽ نڪو اجائي بحث مباحثي مان حاصل ٿي سگهي ٿو، ان جو ته صرف هڪ ئي طريقو آهي: اهو هي آهي ته اسان دين جي بنيادي اصولن کي سمجهون ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ، غور ۽  فڪر، جستجو ۽ تحقيق کي خاص اهميت ڏيون، جيئن هن بدلجندڙ زماني ۾،۽ هن سائنسي دور ۾، دل۽ دماغ ٻنهي لاءِ مذهب کي قبول ڪرڻ سولو ٿي پوي، اگر ائين نه ٿيو ته  پوءِ اهو انديشو لازمي طور پيدا ٿي سگهندو، جنهن پٽاندر، موجوده دور جو تعليم يافته نوجوان آهستي آهستي، مذهب کان بلڪل بيگانو ٿي ويندو، جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ  چئي سگهجي ٿو، ته خوانخواسته”اسلام“ جو به ڪٿي اهو حشر نه ٿئي، جو عيسائيت جو ٿي چڪو آهي!

مسلمانن جي تهذيب ۽ ترقي جي عروج جي تاريخ مان اهو ئي ٿو نظر اچي ته ان عروج جو وڏو سبب اهو هو ته ان دور ۾، اسلام جي روح ۽ وقت جي تقاضائن ۾ ڪا به ڪشمڪش ڪا نه هئي ۽ نڪو تضاد ئي موجود هو، مذهب ۽ زندگي، به الڳ ٿلڳ ادارا نه هئا، بلڪه مذهب جو مقصد اهو سمجهيو ويندو هو ته مذهب، زندگيءَ کي آسان ۽ خوشگوار بنائي، پر رفته رفته اها صورتحال به بدلبي رهي، دين ۽ دنيا جا ٻيا به الڳ شعبا بنبا ويا، نه فقط انهن ۾ پاڻ ۾ فاصلو ۽ ويڇو وڌندو ويو، بلڪه انهن ۾ باهمي تصادم به پيدا ٿيو، اڄ حالت اها ٿي چڪي آهي، جو مذهبي نقطه  نظر سان ، اسان کي پنهنجي عروج جي سببن ڳولڻ لاءِ پنهنجي ماضيءَ ڏانهن وڃڻو پوي ٿو ۽ مادي ترقيءَ لاءِ اسان مستقبل ڏانهن واجهايون ٿا.

        اڄ اسان جي ديني توڙي دنيائي طبقن ۾، هم آهنگي ۽ منافقت جي جاءِ تي انتشار، تعاون جي جاءِ تي ڪشمڪش، ۽ اعتماد جي جاءِ تي شڪ ۽ شبهو پيدا ٿي چڪا آهن.

        اگر اهي ساڳيون حالتون ئي رهيون ته پوءِ لازمي طرح سان اهو خطرو ٿو محسوس ٿئي، ته ڪٿي مذهب ۽ زندگيءَ  جو باهمي رشتو ڪمزور نه ٿي وڃي.

        اڄ دنيا ۾ علم، فن ۽ انساني ذهن بيحد تيز رفتاريءَ سان ترقي ۽ وسعت حاصل ڪري چڪا آهن. ان ڪري اسان جي ديني توڙي دنيائي علمن جي ماهرن تي وڏي ذميداري عائد ٿئي ٿي، ته اهواڄڪلهه جي ماحول ۾، پنهنجي علم ۽ عمل سان اسلام کي واقعي مڪمل دين ثابت ڪري ڏيکارين.

        قرآن کي خوش الحاني سان پڙهڻ هڪ مبارڪ ڪم آهي. قرآن جي تجويد ۽ قرائت کي هڪ فن جو درجو حاصل رهيو آهي. هر زماني ۾ قرئت جي اصولن کي خاص اهميت ملندي آئي آهي.

        قرآن جي قرائت جي حسن ۾ هڪ واضح ۽ بلند مقصد لڪل آهي: اهو هي آهي ته الله تعاليٰ جي ڪلام کي زياده کان زياده خوبصورتيءَ سان ادا ڪيو وڃي، جيئن ان جي ڪشش ۾ اضافو ۽ تاثير ۾ گهرائي پيدا ٿي سگهي.

        قرآن جي اها ڪشش، ظاهري به ٿي سگهي ٿي ۽ باطني به ٿي سگهي ٿي. بيشڪ قرآن جي قرائت ۽ خوش الحانيءَ سان چند لمحن لاءِ ، گرمي ۽ لذت حاصل ٿي سگهي ٿي.پر منهنجو عرض آهي ته رڳو ان سان ته ڪوبه مقصد حاصل ٿي نٿو سگهي. ضرورت اها آهي ته قرآن ڪريم جي معافي ۽ حڪمن کي پوري طرح سان ذهن نشين ڪيو وڃي جيئن قرآن تي عمل ڪرڻ جي ڪشش ۽ خواهش جي همت ۽ توفيق، اڳ کان به وڌيڪ پيدا ٿئي.(1)

        اسلامي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ نمايان سبق اهو آهي ته علم کان سواءِ عمل، ۽ عمل کان سواءِ علم، هر حال ۾ ناقص رهي ٿو ان طرح سان (دين ۽ دنيا) هڪٻئي کان سواءِ مڪمل ٿي نٿا سگهن.

اي ڪي بروهي

پاڪستان جو اهم مسئلو

 

موجوده دور ۾اگر ڪو سڀ کان اهم مسئلو قرار ڏنو وڃي ته اهو مون وٽ اهو آهي، ته پاڪستانين ۾ انهن مقصدن ۽ تمنائن جو حقيقي شعور پيدا ڪرڻ ضروري آهي ، جن جي ڪري هيءَ مملڪت وجود ۾ آئي آهي.

        هن وقت ملڪ ۾ شديد بحران  موجود آهي، ۽ جي ماڻهو ان بحران کي ختم ڪرڻ گهرن ٿا، تن جي ڄڻ ته وقار جو مسئلو بنجي چڪو آهي. منهنجو خيال آهي ته اگر پاڪستاني دانشورن، قومي سطح تي، جديد دنيا جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾، پنهنجي ذميداري محسوس نه ڪئي ته پوءِ پاڪستان جي وجود کي حق بجانب ثابت ڪرڻ ته ٺهيو، پر سندس وجود کي برقرار رکڻ به مشڪل ٿي پوندو. اگر پاڪستاني ماڻهن پنهنجون قوتون رڳو پنهنجي مفاد جي خيال ۾ صرف ڪيون، ۽ محض معاشي ۽ مادي قسم جي ترقيءَ کي ئي مقصد قرار ڏنائون، ته جيئن اڄڪلهه موجودآهي؛ ته پوءِسندن گرفت انهن اصولن تان ڍري ٿي ويندي، جن جي بنياد  تي پاڪستانجي تشريح ڪري سگهجي ٿي، ۽ جن جي بنياد تي بين الاقوامي برادريءَ ۾پاڪستان جي تخليقي شرڪت کي برقرار رکي سگهجي ٿو.

        پاڪستان کي هر حال ۾آفاقي نقطه نظر پيدا ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي وجود کي انهن مقصدن جي حاصلات ۽ تڪميل جو ذريعو سمجهڻ گهرجي، جن جو مطالبو (اسلام) جي طرف کان ٿي رهيو آهي ۽ جن چيزن، پاڪستان کي تخليق بخشي آهي، اهي ئي سندس ترقيءَ ۽ بقا لاءِ سبب بنجي سگهن ٿيون. لڪن افسوسناڪ ڳالهه اها اهي ته ڪنهن به ماڻهو کي انهن چيزن جي اهميت جو احساس ڪونه آهي.

        اسان جو اهو نسل، جو اڄڪلهه اسڪولن، ڪاليجن يونيورسٽين ۾ تعليم پرائي رهيو آهي، اهو ان تاريخي چئلينج کان بلڪل بيخبر آهي، جنهن جو مقابلو پاڪستان کي ڪرڻو آهي. پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي ان ڳالهه تي مدار ٿي رکي، ته هو هڪ جاگرافيائي رياست کان وڌي، پاڻ کي شعوري طرح سان هڪ عظيم حقيقت لاءِ وقف ڪري.

ان نصب العين جي وڌندڙ شعور سان گڏ، سندس ڪم ۽ ترقيءَ جي طريقن جا اسباب ۽ وسيلا به واضح ٿيندا رهن، جن کي هن دور جي تقاضا موجب، پاڪستان ۾ نافذ ڪري سگهجي ٿو.

        مان هت ان حقيقت ڏانهن پڻ اشارو ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو، ته پاڪستان جي قيام کان پوءِ پاڪستانين، پنهنجي پاڻ کي، ايشيا جي ٻين قومن وانگر، هڪ قوم ڪري سمجهيو آهي __ تنهنڪري هي ملڪ، ٻين غير ترقي يافته قومن جي طريقن تي هلڻ،۽ انهن تان نقل ڪرڻ جي ڪوشش تائين محدود رهجي ويو آهي.

ٻي مها ڀاري لڙائي جي خاتمي کان پوءِ ايشيا ۾، انگليند، فرانس ۽ هالنڊ جي سامراجي اثر جي خاتمي تي هڪ خلا محسوس ڪئي وئي. ان (خلا) کي ڀرڻ گهرجي، پر ان خلا جو ڀرجڻ، نه صرف ان معنيٰ ۾ ته ڪا وڏي طاقت هن عظيم رقبي جي پاليسين کي سنڀالي، بلڪه ان اعتبار سان به ته ايشيا جي خام مال جي صرفي جي ذميداري به اها قوت برداشت ڪري، جنهن جي يورپ ۽ آمريڪا کي پنهنجي صنعتي ترقيءَ جي رفتار  قائم رکڻ لاءِ ضرورت هئي.  

        ان کان اڳ، ايشيا جي رقبي جا ٻارهن آنا، نوآبادياتي حڪومتن جي هٿ ۾ هئا، ان ڪري ڪپهه، سڻي وغيره عام طرح سان يورپي ڪارخانن ۾ پهچايا ويندا هئا. ليڪن انهن جي خاتمي کان پوءِ، ان ڪنٽرول کي  ڪنهن نعم البدل معاشي نظام جي ذريعي قائم ڪرڻ گهربو هو.ان پاليسيءَ جي ارتقاءِ  ۽ قيام ۾، آمريڪي ۽ ٻين قوتن وڏو ڪردار اد ڪيوهو. انهن ئي ايشيائي ليڊرشپ جي دلين ۾ اها ڳالهه ويهاري ڇڏي هئي، ته کين پنهنجن ملڪن کي صنعتي توڙي معاشي طرح سان پاڻ ئي ترقي ڏيڻي آهي، ۽ ان ڪم لاءِ فني مهارت ۽ علم سرمايه ڪاري ۽ مشينريءَ جي مدد، صرف مغربي قوتن کان ئي ملي سگهي ٿي ۽ ان لاءِ زرمبادله جي ضرورت آهي، جا صنعتي خام مال کي وڪڻڻ سان ئي ملي سگهي ٿي.

        ايشيا جي ملڪن، بجاءِ ان جي ، جو کين زراعت کي پنهنجو معاشي بنياد قرار ڏئي، ٻين سنهين ٿلهين صنعتن کي ترقي ڏيڻ گهرجي ها، جنهن سان سندن زراعت وڌيڪ مضبوط به ٿئي ها ۽سندن هارين ۽ ڪاسبين جي حالت به بهتر ٿئي ها ؛ پاڻ پنهنجي هٿ سان اها ڪوشش ڪيائون، جنهن مان غير متوازن معاشي ۽ صنعتي ترقيءَ جا آثار ته پيدا ٿيا، پر ان سبب کان ايشيائي ملڪن کي، مغرب جي اندوهناڪ معاشي محتاجيءَ جو شڪار بنجڻو پيو.

        حقيقت اها آهي ته موجوده دور ۾، هر رياست ۽ ان سان گڏ عالمي سياسي نظام، سڀ معاشي قوتن جا غلام آهن. سياسي غلبو بيشڪ بڇڙو آهي، پر معاشي طرح سان ڪنهن جو گلو گهٽڻ وڌيڪ بڇڙو سمجهڻ گهرجي. ان بنياد تي، مان ان ڳالهه کي مڃڻ کان انڪار ٿو ڪريان ته ايشيا ۾ ڪابه قوم،ڪامل ۽ معتبر نموني ۾ خود مختيار ۽ آزاد آهي، ڇو ته سندن لاءِ بنيادي فيصلا، عالمي مارڪيٽ ۾ ڪيا وڃن ٿا ۽ ان عالمي مارڪيٽ تي اثر ۽ رسوخ رکندڙ قوتون سڀ يورپين آهن.

        معاشي ترقي سان گڏ ، ايشيائي قوتن، ان روش جو پڻ مظاهرو ڪيو آهي ته گويا مغربي تهذيب ۽ ثقافت، ايشيائي قومن لاءِ معراج جي مثال آهي.

        انساني تاريخ جو هر طالب العلم ايترو ڄاڻي ٿو ته اگر ڪنهن قوم کي، زندگي جي ڪنهن شعبي ۾ مثالي مرتبو ڏنو وڃي ته پوءِ ان جي تقليد، زندگي جي سڀني دائرن ۾ ڪرڻ لازمي ٿي پوندي، يعني انهن دائرن ۾ سندن حيثيت، مرڪز جي ماتحت، ناقابل تعريف حصن واري رهندي.

        جديد مغرب جي پاران، جيڪي اسان تي اثر پئجي چڪا آهن، ان جي ذميداري،گهڻو تڻو وري به خود اسان تي ئي آهي، يعني هي ته سوچڻ سمجهڻ ڌاران، رڳو ايشيائي قومن جي معاشي پهلوءَ تي زور ڏنو وڃي، خواهه ان جي قيمت تي، اسان ٻيا ڪيترا به عظيم مقصد قربان ڪري ويهون، جن کي اسان پنهنجي روحاني ورثي ۽ روايتي مذهبي پس منظر جي بنياد تي، ڏاڍي سولائي سان قائم ۽ بلند رکي سگهون ها، ۽ انهن کي باقي انسانذات تائين پڻ پهچائي سگهون ها، افسوس اهو آهي ته ان تي سوچڻ لاءِ ڪو تيار نه آهي.

        افسوس اهو به آهي، ته خود پاڪستان به ان ايشيائي ڪُن ۾ ڦاٿل آهي، هت به تخليقي قيادت اڃا نه آئي آهي، جا ماڻهن کي ان معاشي مذاق مان نجات ڏياري سگهي ها.

        سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر اسان ڪهڙي خدا جي پرستش ڪري رهيا آهيون، ڇا اهو خدا، ”مادي دنيا ۾ ڪاميابي“ ناهي؟.

        هاڻي ان تي خيال ڪرڻ جڳائي، ته قوم ۾ ان مثالي نصب العين ۽ شعور کي ڪيئن پيدا ڪجي، ۽ ڪيئن ان جي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري سگهجي.

        ان جو جواب اگر مون کان پڇيو وڃي، ته مان هوند هيئن چوان ته اهو ڏاڍو پراڻو مسئلو آهي، اوهان هڪ ڏيئي مان ٻيو ڏيئو ٻاري سگهو ٿا، پر اونداهيءَ ۾ روشني جي تخليق ڪرڻ، فقط خدا جي ذات جي هٿ ۾ آهي، آدمي اگر ڪجهه ڪري سگهي، ته بس اهو ته رڳو ان روشني کي ڦهلائيندو رهي، ۽ اوندهه کي گهٽائيندو هي ۽ بس.

        ان لاءِ پاڪستان ۾، چند اهڙا ماڻهو پيدا ڪريو، جي ڄڻ ته خدائي نور جا پتلا هجن، جي بصيرت وارا هجن، جرات ۽ حوصلي جا صاحب هجن، جي پنهنجي وجود ۽ پنهنجي مثال سان ملڪ جي نظام، ملڪ جي افڪار، ملڪ جي خيالات، ملڪ جي اعمال ۾ هلچل پيدا ڪري سگهن،  ٻيو ته انهن ۾ ان اڀرندڙ نسل جو روح هجي، جو کين راهه ۾ رڪاوٽ پيدا ڪندڙ چئلينج جي مقابلي ڪرڻ لاءِ همت عطا ڪري، ان ڪم لاءِ تقرير ۽ وعظ جي ايتري ضرورت ناهي، جيتري انساني بازار ۾ آدم جي عظمت جي جيئري جاڳندي نموني پيش ڪرڻ جي، بس، ان رستي ئي سماجي زندگي ۾ ڪا تبديلي اچي سگهي ٿي..

        قومي پيماني تي، پاڪستان ۾  جا چڱي  چيز ٿي رهي آهي، اُها اها، ته عوام پنهنجي زندگي جي ڏک سک کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ سکيو آهي، انهن مصيبتن کي ڏسي، ماڻهو پنهنجو جائزو وٺڻ شروع ڪري ٿو.

        مون کي اميد آهي بلڪه منهنجي دعا آهي ته پاڪستان جا ماڻهو، انهن ڏکن ۽ مصيبتن جي طفيل، انهن سببن ۽ وسيلن جي دريافت ڪندا، جن جي ڪري مٿن ڏولائي جا ڏينهن آيا آهن.

انهن سببن جي تلاش ۾، اگر ايمانداري سان ڇنڊ ڇاڻ ڪندا ته پوءِ کين هڪ ئي جواب ملندو، ته اسان پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي ۽ اسان پنهنجي خالق سان وفادار نه رهيا آهيون، ان جي حڪمن جي پيروي نٿا ڪريون، خود پاڻ کي پاڻ ئي قانونساز بنائي ڇڏيون اٿئون.

        مصيبتن جو هڪ اهڙو قسم به آهي، جنهن کان ماڻهو جي همت ٽٽي ٿي پوي، پر ان جي سمجهڻ لاءِ پهريائين ضروري آهي ته اسان پاڻ  کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته اسان پاڻ آهيون ڇا، ۽ اسان انهن مصيبتن جي وقت ۾ ڇا ٿا ڪريون؟

        اهڙن مسئلن تي ڪنهن راءِ جو قائم ڪرڻ، قبل از وقت ٿيندو، ڇو ته مان تاريخ جي تبديلين جي غير مبدل هجڻ جو قائل ناهيان، خواهه اها ڀلي ته فرد جي هڪ لمحي تي ئي مشتمل هجي، يا قوم جي ساري زندگي تي حاوي هجي، اسان جو تخيلقي روح، نيون نيون زمينون ٿو تيار ڪري ۽ نقصانن کي فائدن ۾ تبديل ڪري رهيو آهي، پر انسان لاءِ ڪا به راهه بند نه آهي، آخرڪار، انسان ڇا بنبو؟ ان جو جواب ان ڳالهه تي منحصر آهي ته کيس جا فرصت ۽ توانائي ملي آهي، اها ڪهڙي ڪم ڪار ۾ ٿو صرف ڪري، زندگي سجائي ٿو ڪري، يا ائين ئي ٿو وڃائي!.


(1)  بين الاقوامي محفل قرائت ڪاچي، 30- جنوري 1967ع جي افتتاحي تقرير

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com