سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1967ع

مضمون:

صفحو :16

ڪن ٻارن جي عادت ٿيندي آهي جو نند مان ڇرڪ ڀري اٿندا آهن، ۽ رئندا آهن. ان لاءِ ڪنهن ٽوٽڪائي  کان ڌاڳو وٽائي ٻڌبو آهي؛ يا  اهو ڌاڳو چمڙي جي تعويذ ۾ وجهي، ڳچي ۾ ٻڌي ڇڏبو؛ يا ست سچيون ڪوڏيون  هٿ ڪري پڙهائي (ڦيڻو هڻائي)، هار وانگر ٺاهي، ڳچي ۾ ٻڌي ڇڏبيون؛ يا بگهڙ جي کل پينگهي جي گهوڙي ۾ ٻڌي ڇڏيندا آهن يا ٻارجي سيرانديءَ رکي ڇڏيندا آهن؛ يا جُتي جو پادر رات جو سمهڻ وقت سيراندي کان ابتو ڪري رکبو آهي؛ گگهه پکي(چٻرو) جي کنڀ جو ٽڪر تعويذ ۾ وجهي، ڳچي ۾ ٻڌبو آهي. لوهه جو ڇلو ٺهرائي چيچ ۾ ٻڌجي

14- نَظرَ :

هي هڪ اهڙواثر آهي جنهن جو ڳوٺاڻن کي بلڪل گهڻو ڊپ آهي. ڪي ڪي اهڙا ماڻهو ٿيندا آهن، جن جي بد نظر جو اثر ٿيندو آهي يا ڪن ۾ موروثي اثر هوندو آهي. ماڻهن جو عقيدو آهي ته جنهن ننڍپڻ ۾ ڪرفتي کاڌي هوندي، ان جي نظر .لڳندي آهي. نظر جو اثر يڪدم ٿيندو آهي.  ماڻهو ۽ جانور ته ڇڏيو پر بيجان شين تي به اثر ٿيندو آهي. چوندا آهن ته ” بد نظر پٿر به ڦوڙي وجهي!“  ڪا عمدي شئي هوندي، ڀلو ۽ تکو وهٽ هوندو، ماڻهو  ڪپڙي لٽي ٺهيل هوندو يا  سٺو طعام يا شئي پيو کائيندو ته ان حالت ۾ بد نظر جو اثر ٿي پوندو آهي؛ جنهن ڪري شئي  ۾ ڪو عيب ٿي پوندو يا ڀڄي پوندي، وهٽ يا ماڻهو هوندو ته بيمار ٿي پوندو. بعضي مري به ويندو . ان لاءِ ڳوٺاڻن وٽ ڪئين ٽوٽڪا آهن.

1- جي خبر پئجي وڃي ته فلاڻي جي نظر لڳي آهي (نظرهڻڻ وارن کي ڳوٺاڻا سڃاڻي وٺندا آهن ڪن کي موروثي  اثر ڪري ۽ ڪن کي حالتن جي اهڃاڻ مان) ته ان کان ڌاڳو وٽائي ٻڌجي. يا هن جون اکيون پاڻي سان ڌوئي، ان مان ٿورو ڍڪ مريض کي پيارجي يا ڇنڊو هڻجي.

2- ٻارن کي بد نظر کان بچائڻ لاءِ زالون ڇا ڪنديون آهن، جو وهنجاري سهنجاري نوان ڪپڙا پارائي، ٻاهر روانو ڪنديون آهن، ته انهن کي ڊپ هوندو ته متان ڪنهن جي نظر نه لڳيس. ان لاءِ ٻار جي نراڙ تي ٿورو ڪارو داغ هڻي ڇڏينديون آهن. ائين ڪرڻ ڪري ٻار تي بد نظر جو اثر نه ٿيندو .

3- جيڪڏهن ڪو ماڻهو، شئي يا ساهواري ڏي گهڻو نهاريندو ته سهي ڪندا ته هن جي متان نظر لڳي، ته ان حالت ۾ نظر هڻڻ واري ماڻهوءَ جي اٿڻ بعد، هن جي ڏائي پير جي هيٺان واري مِٽي کڻي، شئي جي مٿان گهوري اڇلائي ڇڏيندا.

4- اهڙا ڦيڻا وجهندڙ ٿيندا آهن، جن کان ڦيڻو وجهائيندا يا پاڻيءَ تي ڦيڻو وجهرائي، ان مان ڍُڪ پياريندا  ۽ ڇنڊا هڻندا يا اڳواٽ ڪاري رنگ جي اُن جي ڌاڳي تي ڦيڻو وجهرائي ٻار جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيندا.

5- ٻار جي مٿان اڍائي ڳاڙها مرچ ست دفعا گهوري، باهه ۾ وجهندا. سڙڻ سان مرچن ۾ ڌپ نه ٿي ته چوندا ته ” نظر آهي.“ جنهن جو اثر بعد ۾ ازخود لهي ويندو.

        6- ڪَچي سُٽ جو ڌاڳو ٻار جي قد جيڏو ڪڇي، اٽو ڳوهي، ان مان ماڻهوءَ جي شڪل ٺاهي، ان تي اهو ڌاڳو ويڙهي، چلهه جي ڪِر ۾ پوري ڇڏبو. جي ڌاڳو سڙي ويو ته سمجهندا ته نظر جو اثر نه آهي. پر جي ڌاڳو نه سڙيو ته سمجهبو ته بدنظر آهي. جا هاڻ لهي ويندي.

7- ڦٽڪيءَ جو ٽڪر مريض تان گهوري، رات جو چلهه ۾ وجهبو آهي، پوءِ صبح  جو ڪڍي ڏسندا. جنهنجي نظر هوندي ته ڦٽڪي اهڙي شڪل وٺندي، ماڻهو، يا ڪتي، ٻلي وغيره جي. اهڙي شڪل ڦٽڪي سان ٺهي پوندي، پوءِ اها ڦٽڪي ڀڃي ٻاهر اڇلائي ڇڏبي آهي.

        8- چؤواٽي تان مٽي آڻي، ست اڱر، ست لوڻ جون ڪڻيون، وجهي، مريض مٿان گهوري، چلهه ۾ وجهبي آهي.

        9- ڪنهن عمدي وڻ، پوک ياٻي ڪنهن شئي کي بدنظر کان بچائڻ لاءِ ڀرسان پراڻي دانگي اونڌي رکي ڇڏيندا . يا ڪاٺي کوڙي ان ۾ پراڻو ڪُنو اونڌو وجهي ڇڏيندا آهن.

15- لُوءَ لڳڻ:

        اونهاري جوجڏهن گرم هوا(لُڪَ) لڳندي آهي، اُس ۾ پنڌ ڪرڻ ڪري يا منجهند جو ننڊ مان اٿي گرم پاڻي پيئڻ ڪري يا پنڌ ڪري اچڻ بعد يڪدم پاڻي پيئڻ سان اها ڪسر ٿي پوندي آهي. جنهنڪري بدن ۾ سُستي، آرس، مٿي ۾ سور ۽ بخارٿي پوندو آهي. اُن لاءِ:

        1- ميٽ ۽ بصر ڪُٽي، ڪٽوري ۾ ٿورو پاڻي وجهي، مَلي ٻاهر اُس ۾ رکي ڇڏجي، جيئن سج جي تپت ۽ ڪوسي هوا. لڳي. صبح جو سوير بدن کي چڱيءَ طرح ملي، پوءِ سنان ڪجي پهرئين دفعي فائدو ٿيندو نه ته ٻيو دفعو ڪجي.

16- ڇار اوگرائي:

        ڪوسي ۽ ٿڌي شئي هڪٻئي مٿان کائڻ ڪري ڇار اوگرائي ٿي پوندي آهي. هن حالت ۾ هينئانءَ ۾ وَٽَ پوندا ۽ اندران پِڪ نڪري وات ۾ ايندي، جا بلڪل کٽي، ۽ ڪَساري لڳندي آهي ۽ وات سڪي ويندو آهي. ماڻهوءَ بي آرام ٿي پوندو . ذري ذري ٿڌي پاڻيءَ پيئڻ جو خيال ڪندو. ڇار اوگرائي گهڻو ڪري زالن کي حمل جي وقت ٿيندي آهي. هن جي ڪن حالتن ۾ هير ٿي پوندي آهي. ان لاءِ

        1- ڍڳي جو ڇيڻو ٻاري، رک کي ڇاڻي، پاڻيءَ سان ڦڪي ڀرجي.

        2- سوپاريءَ جي تڙ چٻاڙجي ۽ وڏف چٻاڙجي.

17- ڪَنڊڙو:

        ٻار کي نڙيءَ  ۾ ڳوڙهي ٿي پوندي آهي، جنهنڪري الٽيون ٿينديون آهن ٿڃ ڌائيندو ته الٽيون ٿي پونديون ۽ نڪ مان نڪرنديون. جهيڻو بخار به ٿي پوندو آهي. ٻار نه کائيندو، جي کائيندو ته هضم نه ٿيندو ۽ قيءَ ڪري ڪڍي ڇڏيندو . ان لاءِ:

        1- ڪي عورتون ڪنڊڙي جو هٿ هڻنديون آهن، يعني اهو ڳوڙهو ڦيهينديون آهن ڇا ڪنديون آهن جو لوڻ سنهو پيهي، اڱر ڀري ٻار جي نڙيءَ ۾ وجهي، ڳوڙهو ڀڃبو آهي ڦاٽڻ سان گند نڪرندو.

        2- ڦوٽو، ڦودنو ۽ اُٺ جي سڙيل ڦولڙيءَ جي ڇار گهوٽي، گڏي، سفوف ٺاهي، هٿ جي اڱر ڀري، نڙيءَ ۾ وجهي ڦيهنديون آهن. اهو هٿ ٻه ڀيرا صبح ۽ شام هڻنديون آهن.

        3- ڦوٽو ۽ ڦُودنو گهوٽي، سنهو سفوف ڪري ٿڃ ۾ وجهي سُتي ڏجي.

18- اُوڻاگريِ :

        ٻار جي ماءُ  ٿڌو ڪوسو کاڌو کائي ٻار کي ٿڃ پياريندي، يا ٻار کي ٿڌو ۽ ڪوسو کاڌوکارائي يا ڪم ڪرڻ ڪري جڏهن بدن گرم هوندو آهي، تڏهن يڪدم ٻار کي ڌارائڻ ڪري اها ڪسر ٿيندي آهي. جنهنڪري ٻار کي اڇا بدبودار، ڌونئري جهڙا دست ٿي پوندا آهن. کاڌو هضم نه ٿيندو. الٽيون به ٿينديون آهن. ان لاءِ

        1- ماني پچائي يڪدم پاڻيءَ ڪَپڙي جي ور ۾ وجهي رکي ڇڏجي. ٿوريءَ دير بعدڪڍي کائجي ته ٿڃ مٽي ۽ پوءِ مٽبي ۽ پوءِ اها ٿڃ ڌارائجي.  

        2- رائي يعني اهر جا داڻا ڪڻڇيءَ ۾ وجهي، ٽانڊي تي ٿورو سيڪ ڏجي ۽ اوتري ڪَچي رائي ٻئي گڏ، پيهي سفوف ٺاهي ان ۾ ڦوٽي ۽ مڱ جي چوٿين پتيءَ جو سفوف گڏي، ٿڃ ۾ وجهي ٻار کي پيارجي.

        3-  انجڻي هڪ داڻو ڪِر ۾ وجهي ڇڏجي. سيڪ بعد ڪڍي،گهوٽي ٿورو سفوف ٿڃ ۾ وجهي، ماءُ جي پاتل ڪپڙي  جي پلاند ۾ ڇاڻيءَ سُتي ڏجي.

        4- التماس جي ڦري جي وچ وارو ڪارو ڳڀ ڪڍي، ٿورو وڏف ملائي، پاڻيءَ سان گڏي، ٿورو سيڪ ڏيئي ڇاڻي ستي ڏجي.

19- ڏند ڪَرٽڻ:

        ننڊ ۾ ٻار ڏند ڪرٽيندا آهن. پٽ ڪرٽي ته سڀاڳ، ڌيءَ ڪرٽي ته نڀاڳ جي نشاني سمجهبي آهي. ڪي چوندا آهن ته انهيءَ حالت ۾ ٻار جي ماءُ  پيءُ مان ڪومرندو. ان لاءِ:

        1- ٻار ننڊ ۾ هجي ۽ ڏند ڪرٽي ته ان مهل هن کان پڇجي ته پا کائيندين؟ جيڪڏهين ٻار ڪجهه سجاڳ ٿي پوي ۽ جنهن شئي جو نالو وٺي  ته اها کيس ڏجي. پر جي سجاڳ نه ٿئي ته پوءَ ٿورا چانورن جا داڻا وات ۾ وجهجن. چانور اڳواٽ موجود هجن.

        2- جنهن جاءِ ۾ ٻار ستل هجي ۽ جنهن مهل ڏند ڪرٽي، ان مهل جاءِ  جي دروازي جي چوکٽ جي هيٺين ڪاٺي هيٺان يا ڀرسان ٿوري مٽي چپٽي کڻي ٻار جي ڏندن کي مهٽي ڇڏجي.

        3-  ڳوٺ جو کوهه ( جو ٻار جو ڏٺل نه هجي) ، ان جي سارڻ جو ڀتر آڻي رکجي. گهران نڪرڻ کان موٽي اچڻ تائين ڪنهن سان به نه ڳالهائجي) جڏهين ٻار ڏند ڪرٽي تڏهين يڪدم اهو ڀتر کڻي، ست دفعا ڏندن تي لڳائي ڇڏجي.

20- سُرڻو:

        هي بيماريءَ چهري تي وڏن توڙي ننڍن کي ٿيندي آهي. اوچتو منهن ۽ ڳلن تي مِٺي خارش ٿيندي. سور ڪونه ٿيندو ۽ منهن سُڄي پوندو آهي. ان لاءِ:

        1-  سرهاڻ گهوٽي، سفوف ڪري، اُهو منهن تي مَلجي.

        2- ڪپور ڪچرين جو هار__ جنهن ۾ لعلن ۽ پشم جا ٽؤنر، مڻيا وڌل، قلابات جي ٻنڌين سان ___ جو اڪثر ميلن ۽ شهرن ۾ ٺهيل ملندو آهي، سو ڪنڌ  ۾ پائجي. جيئن ان جي خوشبوءِ  ايندي رهي.

        3- مُروئو( نازبوءِ)  جا پن هٿ سان مهٽي منهن تي ملجن ۽هٿن سان مهٽ ڏجي.

        4-  عطر يا ڪن خوشبوءِ دار شين جي خوشبوءِ لڳائجي.

21- بَکيو:

        هي وڏن توڙي ننڍن کي ٿيندو آهي. هي هڪ بدنظر جو قسم آهي. ماڻهو جڏهين ماني کائيندو  ته پيٽ ۾ مِٺو مِٺو سور محسوس ڪندو ان لاءِ

        1- ست لولا پچائيءَ، مٿان ڪَچي سُٽ جا ڌاڳا ويڙهي، مريض جي پيٽ تان ست دفعا اُبتا ست دفعا سبتا ڦيري، باهه جي ڪِر ۾ وجهي ڇڏجن. جيڪڏهن ڌاڳا سڙي وڃن ته سمجهبو ته بَکيو ڪونهي، جي نه سڙيا ته سمجهبو ته بکيي جو اثر آهي، جو هن عمل سان ڇڏي ويندو

22- ٻيئڙ تپ:

هڪ نه ٻئي ڏينهن جو بخار اچي، ان کي ٻيئڙ تپ چئبو آهي، جو وڏن  ۽ ننڍن کي ٿيندو آهي. ان لاءِ ڪيترائي ٽوٽڪا ڪندا آهن، جن مان ڪي هي آهن:

1- کٻڙ جو وڻ ۽ ڪرڙ جو وڻ جي گڏ بيٺل هجن ته بهتر، نه ته ڀرسان بيٺل هجن ته ڏينهن جو ڏسي اچجي. رات جو وقت اٻولو( يعني گهران نڪري، موٽي اچي تيستائين ڪنهن سان به نه ڳالهائي) ٿي وڃي ٻنهي وڻن مان سنهيون ڪاٺيون وڍي، پنهنجي نڪ جي ڊيگهه جيتريون ڪپي،، ٻنهي کي ڪَچي سٽ جي ڌاڳي سان وراڪا ڏيئي، ڪنڌ ۾ ٻڌي ڇڏجي ۽ موٽي اچي سمهي رهجي. وڏو هجي ته مريض  پاڻ وڃي پر ٻار جي حالت ۾ سندس مائٽ يا ٻيو ڪو وڃي.

        2- رات جو سمهڻ وقت ٻه ڀتر آڻي، سيرانديءَ  کان رکي، سمهي رهجي. صبح جو سوير اڃا جهرڪيون به اٿيون نه هجن، ان مهل اٻولو ٿي، ڀتر کڻي، گهر کان ٻاهر نڪري، پٽ تي واريءَ جو ڍڳيون  هڪٻئي کان ٻه فوٽ کن پري ٺاهي . انهن جي وچ ۾ هلي هڪڙو ڀتر هڪڙي پاسي ۽ ٻيو ٻئي پاسي اڇلي، وري موٽي ساڳين ڍِڳين جي وچان لنگهي اچي سمهي رهجي.

        3- مريض رات جو کٽ تي ننڊ ۾ جنهن مهل ستو پيو هجي، ان مهل هڪ ڪلف کڻي انهيءَ کٽ جي واڏڻ ۾ پائي ڇڏجي. مريض کي هن ڳالهه جي کڙڪ به پوڻ نه گهرجي.

        4- مريض پاڻ، ٻار هجي ته سندس عزيز، اٻولو ٿي، سج لٿي مهل ڪجهه ان جا داڻا ۽ پاڻيءَ جو لوٽو ڀري، جتي کِپ جو ٻوٽو هجي، اتي وڃي کِپ جي ڀرسان داڻا رکي، مٿان پاڻي هاري، بيٺل کِپ جون ٽي تڳيون لامون هٿ ۾ جهلي، جيئن زالون وارن جي چوٽي ڳتينديون آهن، تيئن ڳتي ماٺ ڪري موٽي اچي سمهي.

        5-  شام جو مٽيءَ جو لولو ٺاهي، ان ۾ ٻٻر جا ست ڪنڊا ٽنبي، لوٽو ڀري، اٻولو ٿي وڃي.سج لهڻ مهل اڪ جي پاڙ وٽ رکي موٽي اچجي.

        6- اُٺ تي ٻه ماڻهو چڙهي پيا اچن  ته بيمار انهن کان وڃي پڇي ته ” ٻيئڙ تپ وارو ڇا کائي؟“  انهن مان ڪوبه هڪ ماڻهو جنهن شئي جو نالو وٺي ته اها وڃي کائجي.

        7- ڪي ڦيڻا وجهندڙ مرد ۽ زالون ٻيئڙ تپ جي آکاڻي ڪندا آهن. رات  جو ٿوري اونداهي وقت، بيمار پاڻ سان هڪ خالي سانداري ۽ مهري کڻي اهڙي ٽوٽڪائي وٽ ويندو. آکاڻي ڪرڻ وارو هڪ هٿ ۾ سانداري جهليندو، ۽ ٻئي هٿ ۾ ان جا داڻا جهليندو ۽ ڀرسان مهري رکندو. پاڻ کان ٿورو پري بيمار کي، پٺيرو وهاريندو ۽ اَکاڻي شروع ڪندو، جو بيمار ويٺو ٻڌندو. جڏهين آکاڻي پوري ٿيندي تڏهين ٽوٽڪائي داڻا سانداري ۾ وجهي، ان جو منهن سڳي سان ٻڌي، رکي ڇڏيندو ۽ بيمار يڪدم اٿي پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيندو ۽ پٺيان هو مهري ڳِڙڳڙائي ڇڏيندو بيمار پٺيان نهارڻ کان سواءِ گهر اچي سمهي رهندو. جي ننڍو ٻار هجي ته سندس مائٽ وغيره هنج تي کڻي وڃي.

        8- جنهن مرد جي هڪ دفعو زال مري وڃي ۽ ٻيو دفعو شادي ڪري، ان جي پٽڪي جي ٿوري اڳڙي ڦاڙي ڳچي ۾ ٻڌجي.

        9- وڻ جي جنهن ٽاريءَ تي گگهه (چٻرو) ويٺل ڏسجي ته ان جي پيرن جي وچ واري ٽاريءَ جو ٽڪر ڪپي، ڌاڳي ۾ ٻڌي، ڪنڌ ۾ ٻڌجي.

23- ٽيئڙ تپ:

ٻه ڏينهن رکي، ٽئين ڏينهن تپ اچي، ان کي ٽيئڙ تپ چوندا آهن ان لاءِ

1- ڪنهن اُٺ تي ٽي ماڻهو چڙهيل ڏسجن ته بيمار پاڻ سان ٻيو ماڻهو وٺي وڃي، پاڻ نه ڪُڇي. ٻيو ماڻهو ان کان پڇي ته ” ٽيئڙ تپ وارو ماڻهو ڇا کائي؟“ انهن مان ڪوبه ماڻهو  جنهن به شئي جو نالو وٺي ته اها کيس کارائجي

2- ڪي به ٽي وڻ گڏبيٺل هجن ته بهتر نه ته هڪ ٻئي جي ڀرسان بيٺل هجن. جنهن ڏينهن تپ جو وارو هجي ،ان ڏينهن اسر جو جهرڪين ستي مهل بيمار پاڻ اٻولوٿي (ٻار هجي ته سندس مائٽ) پاڻ سان ڪچي سُٽ جو ڌاڳو کڻي وڃي، انهن ٽن وڻن مان سنهيون ڪاٺيون اٽڪل ڏيڍ.انچ  جيڏيون وڍي، گڏ ڪري، مٿان ڌاڳو ويڙهي،ڪنڌ ۾ وجهي موٽي اچي سمهي رهي

3- ٽن گهرن ۾ ساڳئي وقت دانگيون چڙهيل هجن ته اٻولو ٿي اٽو ڳوهي، ماني ٺاهي، پنهنجي گهر واري دانگي ۾وجهي. هڪ پُڙ پچي ته ماني ڪڍي ٿالهي ۾ وجهي ٻئي گهر وڃي، اتي دانگي ۾ ٻيو پڙ ڪچو هجي اهو رکجي. پچڻ بعد اتان ڪڍي ٿالهي ۾ وجهي وري ٽئين گهر وڃي ۽ ان دانگي ۾ مانيءَ جو پهريون پاسو وجهي. پچي رهڻ بعد اتان ڪڍي، ٿالهيءَ ۾ رکي گهر کڻي اچي . گيهه وجهي مهٽي، جيتري وڻي اوتري کائي سمهي رهي.

4- سهي جون ٽن سالن جون جهونيون ڦولهڙيون ست آڻي، ٺڪر ۾ رکي ساڙي ان جي رک جا ست وزن ڪري ڦڪي وٺجي. ڏينهن ۾ صبح ، منجهند ۽ شام ٽي دفعا وٺجن.

5- گانءَ جو ڇيڻو ٽن سالن جو جهونو ساڙي، ان جي رک سان ٽن سالن جو پراڻو ٿورو ڳُڙ ملائي ٽي گوريون ٺاهي، صبح، منجهند ۽ شام جو پاڻي سان وٺجن

24- چور تپ:

رات جو تپ اچي ته ان کي چور تپ چون ان لاءِ:

1- چور ماڻهوءَ کان ڌاڳو وٽائي ٻڌجي.

2- گگهه پکي رات جو جنهن مهل ٻولي ڪري، ان مهل ڌاڳي ۾ ڳنڍيون ڏجن، جيتريون ڏيئي سگهجن. وڌ ۾ وڌ ڳنڍيون ست ڏجن. پوءِ اهو ڌاڳو ڳچيءَ ۾ ٻڌجي.

25- آنڙِي:

اک جي پردي ۾ مٿان بعضي هيٺان ڳوڙهي ٿيندي آهي، جنهن کي آنڙي چئبو آهي. ان لاءِ:

        1- جومرد ٻه زالون پرڻيل هجي ( جيئريون هجن يا مئل ان سان واسطو ڪونهي) ان جي اڱڻ مان اڱر آڻي، پاڻي ۾ گهوٽي، آنڙي تي لائجي.

        2- مٽيءَ  جي ڪَچي  ڀت ۾ آڱر هجي ته اهو پاڻي ۾ گهوٽي لائجي..

        3- ڪوريئڙي جي اڇي ڄاري، آنڙيءَ تي چنبڙائجي.

        4- ڪاري مس لکڻ واري، آنڙي تي لائجي.

        5- جهونيون سڙيل سوپاريون گهوٽي، آنڙيءَ تي ٿڦجن.

        6- ٻُوهه جي ٻوٽي جي ڪاٺي وڍي، ان جو ڏندڻ ڪجي حاجت ضروري کان فارغ ٿي اهو ڏندڻ ڪرفتيءَ ۾ کوڙي ڇڏجي.

        7- ٻه گهر پرڻيل مرد جي گهر جي لوڙهي يا ڀت کي رات جو ڪاٺيءَ سان ڪُٽجي .

        8- ٻير جا ست پن آَڻي، هڪڙو هڪڙو پن آنَڙي تي لائي، ڪنڊي ۾ پوئيندو وڃجي. ست ئي پن پوئي گهر ۾ لوڻ واري ٿانءَ ۾ وجهي ڇڏجن. پن سُڪندا ته آَنڙي ۾ فائدو ٿي ويندو.

26- واهِل:

        هوا جي لڳڻ ڪري اک ۾ بعضي ڪو ڀتر اڏامي پوندو آهي. جنهنڪري اندرئين پردي ۾ ننڍو ڳوڙهو ٿي پوندو آهي، جو ڏاڍو پيو کٽڪندو آهي ۽ ماڻهو کي بي آرام ڪري ڇڏيندو آهي. ان لاءِ:

        1- اک جو پردو کڻي، واهل واري هنڌ هڪ ڇيڙو چانور وجهي اک بند ڪري، سمهي رهجي. ڪلاڪ ٻاندر فائدو ٿي پوندو.

        2- والو يا پنڙو( زنانو زيور) کڻي، ٺڪر جي ڍڪڻ ۾ پاڻي وجهي، ان ۾ تند پُسائي اک جو پردو  هٿ سان پٽي، ڳوڙهي تي ٿورو ٿورو  زور سان ڦيريندو وڃجي. ۽ هر هڪ دفعي چوندو وڃجي. ته ” واهل ڀڄي...“ ته بيمار وراڻيندي ” ڀلي ڀڄي...“.  اهڙي طرح ست دفعا ڪجي ۽ وسي ڪِر اڳڙي ۾ وجهي، مٿان ٽاڪوڙ ڪري، سيڪ ڏجي.

27- ٽِپوڪَڙ ٻار:

         جي پهرين نمبر وار ٽي ڇوڪريون ڄمن ۽ چوٿون ڇوڪرو يا پهريائين ٽي ڇوڪرا ڄمن ۽ چوٿين ڇوڪري ڄمي ته ان ٻار کي ( ٽپوڪڙ ٻار) چئبو آهي، اهڙو ٻار شيطاني سڀاءُ جو ٿيندو، رئندڙ ۽ آڙو ڪندڙ ٿيندو ان لاءِ:

        1- ڄمڻ وقت سڳي پڦي( جي نه هجي ته ڀيڻ يا چاچي)، ستل ٻار جي پاسي ۾ ناريل جهلي، ٻنهي هٿن جي زور سان ڀڃي ويٺل زالن کي ورهائي ڏئي.

        2- ڇوڪرو هجي ته ٽن سالن تائين پٽڪو ٻڌڻ لاءِ نه ڏجي.

        3- نڪ ٽوپبو آهي ۽ اڍائي مهينن تائين ساڳئي ڄمڻ واري جاءِ ۾ رهي- ٻي جاءِ ۾ وٺي نه وڃجي.

28- مُنياڇي جو ٻار:

         هڪڙو مري وڃي ان بعد جو ٻار ڄمي ته ان کي منياڇي جو ٻار چئبو آهي، جو ڪروڌي ٿيندو ۽ ماءُ پي لاءِ نڀاڳو سمجهبو آهي. ان لاءِ:

        1-ٻار ڄمڻ وقت  شروعات ۾ ڳڙ ۽ ڀڳڙا يا بصر جا ٽڪرا يا ڳاڙها مرچ وجهي وراهجن.

2- ٻار ڄمڻ شرط نڪ ٽوپي ڇڏبو آهي. ڪجهه ڏينهن بعد جي ڪابه ڄڃ ڳوٺ ۾ اچي ته انهن ڄاڃين کان، نه ته ڳوٺ جي ماڻهن کان، پئسو ،ٽڪو يا آنو، وغيره  وٺي گڏ ڪري، هڪ پئسو ڪنهن ڀنگيءَ جي گهران آڻي، انهن پئسن جو سون وٺي، سنهي تند ٺهرائي نڪ ۾ ڇلي وانگر وجهي ڇڏجي. ٻار ڇهن سالن جو ٿئي ته ڪڍي ڇڏجي.

        3- جڏهن اڍائي مهينن جو ٻار ٿئي، تڏهن چار سنهيون ڪڙيون چاندي جون ٺهرائي، ٻنهي هٿن ۽ پيرن ۾ پارائجن.

        4- حلال هرڻ يا حلال ڇيلي جو رڱيل کل جا سنهڙاڪشا ٺهرائي، هٿن ۽ پيرن ۾ ٻڌجن. ٻن- ٽن ميهنن جو ٻار ٿئي ته ٽوڙي ڇڏجن.

29- ٻار نه بچن:

        اڪثر ڪيترن کي ٻار ڄمندا آهن، پر بچندا نه آهن. تڪڙو يا دير سان مري ويندا آهن ان لاءِ:

        1- ڪنهن سهاڳڻ يا ٿڌي پيٽ واري زال( جنهن جو اولاد ڪڏهن به مئو نه هجي) کان سندس پائڻ واري ڪپڙي جو ڪجهه ٽڪر آڻي،ان جو پوتڙو ٺاهي اڳواٽ رکجي. ٻار ڄمي ته يڪدم صفا ڪري ان ۾ ويڙهجي ۽ اهو پوتڙو استعمال ڪندو رهجي، جيستائين ڦاٽي وڃي.

        2- جنهن جاءِ ۾ ٻار ڄمي ان ۾ دري هجي ته واه نه ته هٿراڌو دري ٺهرائجي. هڪ سهاڳڻ زال کي جاءِ  جي ٻاهران بيهارجي. ٻار جي ڄمڻ وقت ناڙو موڙي، پوتڙي، ويڙهي دري مان لنگهائي، ٻاهر بيٺل عورت کي ڏجي جا کڻي جاءِ جي دروازي وٽ اچي چوندي ته: ”آءُ ٻار وڪڻان ٿي، ڪنهن کي وٺڻو هجي ته وٺو...“ ته ٻار جي ماءُ چوندي ته ” آءُ ٿي وٺان!“ ۽ لوڻ جا داڻا کڻي، هن کي ڏيئي، ٻار وٺندي.

        3- ٿي سگهي ته ٻار جوننڍي هوندي صرف مڱڻو ڪري ڇڏجي.

        4- ٻڏل ٻيڙيءَ جي لوهه جي ڪلي جو ٽڪر آڻي، لوهار کان ننڍي ڪڙي ٺهرائي، ٻار جي پير ۾ پارائجي.

30- بادي:

        اوچتو بادي ٿيڻ ڪري اوگرايون اينديون آهن. پيٽ اَڦرجي پوندو آهي، جنهنڪري ماڻهو بي آرام ٿيندو آهي. ان لاءِ:

        1- مريض کي اونڌو سمهاري، پٺن کي هٿن سان ابتي سبتي مهٽ ڏجي.

        2- ٻنهي هٿن سان پٺيءَ جي ڪنڊي جي پاسرين کي مهٽجي.

        3- ننڍي ٻار کي پنين ۽ سٿرن تي چاڙهي لتاڙائجي.

        4- وڏف، ڦوٽا، جوهر جون ٽڪيون کارائجن. هڱ  ياگومادر سنهو ڪٽي ڦڪي ڏجي.

        5- پيٽ کي هٿ سان ابتو سبتو ۽ پاسيرو آڍجي.

31- ڇاپاڪو:

         هي وڏن ۽ ننڍن کي ٿيندو آهي. پهريائين بدن ۾ خارش ٿيندي، ان بعد بدن تي وڏيون ڦرڙيون ٿي پونديون آهن. ان لاءِ:

        1- ڇاپاڪو پکي ماري، ان جو رت پاڻي ۾ گڏي، مريض کي وهجارجي.

        2- مريض کي اونڌو سمهاري، جنهن ماڻهو جي هٿ جي اڱرين، ڏسڻي ۽ چيچ جا ڇيڙا مٿيئن پاسي پاڻ ۾ ملن، ته اهو ماڻهو مريض جي پٺي جي ڪنڊي تي ست دفعا اڱريون ملائي ٻئي هٿ ڦيرائي.

32- سيئوکري:

        هي مرض وڏن ۽ ننڍن کي ٿيندو آهي، بدن ۾ تمام گهڻي خارش ٿيندي آهي، دل ڪچي ٿيندي، ماڻهو بي آرام ٿي پوندو ۽ کنهي کنهي بدن ڳاڙهو ڪري ڇڏيندو ان لاءِ:

        1- جي ازخود الٽي ٿئي ته چڱو، نه ته اڱر ڪاڪڙي ۾ وجهي يا ٻئي ڪنهن نموني الٽي ڪرائجي.

        2- اوني گرم ڪپڙي ۾ مريض کي ويڙهي سمهارجي.

        3- ڊاماسو( هڪ قسم جو ڪنڊن وارو ٻوٽو ٿيندو آهي) پاڻي ۾ وجهي، ڪاڙهي ڇاڻيءِ ٺاري، ان سان مريض کي وهنجارجي.

33- پانءُ :

        هي بيماري جانورن،اُٺ، ٻڪري ۽ ڪتي کي ٿيندي آهي. هي وچرندڙ آهي. ڪنهن اهڙي جانور تي چڙهڻ، يا انهي هنڌ ويهڻ، يا هٿ لائڻ سان ماڻهوءَ کي به ٿي پوندي آهي. بدن تي سنهيون سنهيون ڦرڙيون ٿينديون آهن، جن ۾ خارش ٿيندي آهي. کنهڻ سان هڪڙيون ڦسنديون ته ٻيون ٿينديون. اهڙي طرح اهو مرض هليو ايندو. ماڻهو کنهي کنهي ڪڪ ٿي پوندو ان لاءِ:

        1- ڪڙي تيل ۾ لوڻ گهوٽي، سنهو ڪري، ملائي، بدن کي خوب مالش ڪجي، جيئن ڦرڙيون ڦسي پون. ٿورو چٽڪندو پر ان جوخيال نه ڪجي. پوءِ ٻه- ٽي ڪلاڪ سج جي اس ۾ ويٺو رهجي. ان بعد غسل ڪجي. اهڙي طرح ٽي – چار دفعا روزانو ڪجي.

        2- پانءُ واري جانورن جو سڪل اوجهه ساڙي، ان جي رک بدن کي ملجي.

34- ڏنديون:

         ڏند نڪرڻ مهل ڪن ڪن ٻارن کي اڇا بدبودار دست ٿي پوندا آهن، تنهنڪري آڱر ٻار بدن ۾ ڳرندو ويندو. ان لاءِ:

        1- ڏندن اچڻ وقت اڳواٽ ٻار جي پُڦيءَ سهائي آچر جي ڏينهن، ساڄي هٿ جي ڏسڻي ٻار جي وات ۾ ڦيري ڇڏي ته ڏندن اچڻ وقت تڪليف ڪونه ٿيندي.

        ڏند گهڻو ڪري، پهريائين هيٺين ڄاڙيءَ ۾ ايندا آهن .پر ڪن کي پهريائين مٿئين ڄاڙيءَ ۾ ايندا آهن. اهڙي حالت ۾ چئبو آهي ته ٻار جي مامي لاءِ تڪليف جو باعث آهي. ان لاءِ

        2- ڪنجهي جي ننڍي وٽي ترن سان ڀري، مٿان، ٽامي جو پئسو رکي، سهائي آچر جي ڏينهن، مامو ٻار کي ڏيئي ڇڏي

35- ڪليون ۽ ڪاڪڙو:

ڪاڪڙو، گرميءَ جي اثر ڪري،يا مٿي تي گهڻو بارکڻڻ ڪري لهي پوندو آهي ۽ هر هر بلڪل گهڻي کنگهه ٿيندي آهي. ماڻهو بي آرام هوندو ۽ بدن ڳرندو ويندو.ڪن جون ڪليون خراب رت سان ڀرجي، سُڄي پونديون آهن. جنهنڪري به ساڳي تڪليف ٿيندي آهي. ٻنهي حالتن ۾ ڊاڪٽر وٽ وڃڻ بهتر آهي. پر غريب ماڻهو خرچ نه هئڻ ڪري، هيٺيان ٽوٽڪا ڪندا آهن.

        1- صبح جو هٿ جي اڱوٺي سان ڪاڪڙي کي ٻه- ٽي دفعا زور ڏبو آهي. پاڻي سان ٻٽي گرڙيون ڪري، آڱوٺو ڌوئي، زور ڏجي. روز ٻٽي دفعا ائين ڪجي. ٽن- چئن ڏينهن ۾ فائدو ٿي ويندو. اهو عمل هر ڪو پاڻ ڪري سگهي ٿو، نه ته ڪنهن ڏاهي کان ڪرائجي.

        2- پاڻيءَ ۾ لوڻ وجهي روز ٻه- ٽي غُر غُرا ڪجن.

        3- ڪاپار جا وار صفا ڪرائي، مکڻ رکي، مٿان ڪپهه جو پهو ڏيئي ڇڏجي. ٻه- ٽي ڏينهن ائين ڪجي. هن کي مکڻ جي پِني چئبو آهي.

        4- لوڻ جو ڪڻو وات ۾ وجهي، آهستي آهستي چوسجي.       

 5- ڳوڻ وکر، سينهڙو، کؤنر، اُٺ جوڦولهڙو، ميٽ، ڪنڊي جا پن، نرڦوٽو، ننڍا ڦوٽا سڀ سنها ڪٽي، ڪپڙي ڇاڻ ڪري، پاڻيءَ سان گهوٽي، ضماد ٺاهي، ڪاپار تان وار لاهي، مٿان پني ڏجي. وچ ۾ خال ڇڏجي. اها پني چنبڙي ويندي. ٽن- چئن ڏينهن بعد وار اچڻ ڪري پاڻيهي لهي ويندي. ٻه- ٽي پنيون چاڙهجن ته فائدو ٿي ويندو.

        6- ڪلين ۾ خرابي هجي ته هٿ جي آڱر سان زور ڏيئي، ڦيهي، خراب رات ڪڍي ڇڏجي.

        7- اهڙي حالت ۾ هٿن جي اڱوٺن ۽ ڏسڻي اڱر جي وچ ۾ ڳوڙهيون. ٿي پونديون آهن، سي زور ڏيئي ڀڃجن.

36- وائي گولو:

        اوچتو ڪا منحوس خبر ٻڌڻ، يا ڇرڪ کائڻ يا ڪنهن حادثي جي ڪري پيٽ ۾ هنيانءُ جي هيٺان ڳوڙهو ٿي پوندو آهي، جنهنڪري ماڻهو بي آرام ٿيندو، اناج نه وڻندو، مٿي ۽ پِنين ۾ سور رهندو. جيستائين علاج ڪبو، تيستائين ماڻهو بدن ۾ ڳرندو ويندو. هيءَ بيماري وڏن کي به ٿيندي آهي. ان لاءِ:

        1- مريض کي سنئون سمهاري، پيٽ کي هٿ سان آڍي، ڳوڙهي کي هيٺ لاهي، دُن تي آڻجي. اتي اچڻ بعد فائدو ٿي پوندو.

        2- ڦوڳ جا لاسئون گرم ڪري، ڪپڙي ۾ ويڙهي، پيٽ تي ٻڌجن.

        3-اجمو(جاڻ) ڪُٽي، کنڊ وجهي، گيهه ملائي، چَٽجي.

        4- سُڪل کارا چڀڙ (ڪَريون) رڌي کارائجن.

        5- مريض کي ڪا حادثي جهڙي خبر نه ٻڌائجي.

37- ڇرڪ کائڻ:

        ننڍا ٻار رات جو ننڊ ۾ ستل، اوچتو ڇرڪ کائي روئي اٿندا آهن. ان لاءِ:

        1- سمهڻ مهل سندن جُتي جا پادر رات جو سيرانديءَ کان ابتا ڪري رکجن.

        2-رات جو ستل ٻار جي ماءُ جي ڪنجري، ابتي ڪري رکجي.

        3- لوهه جو ڇلو ٺهرائي، ٻار جي چيچ ۾ پائجي.

        4- بگهڙ جي کل جو ٽڪر، ڳچيءَ ۾ پائجي.

38- کرٽيو:

        هيءَ وچڙندڙ بيماري آهي، جا هڪڙي کان ٻئي ٻار کي ٿيندي آهي. اڪثر يارهن سالن عمر تائين ٻار کي ٿيندي آهي. هن ۾ کنگهه تمام گهڻي ٿيندي آهي. ڪنهن ڪنهن وقت ته ٻار کي  ُتائين، اچي ويندي آهي. ٻارڳرندو ويندو ۽ الٽيون ٿينديون. هيءَ بيماري اڍائي مهينا هلندي آهي. جي شروعات سهائي پک ۾ ٿي ته اونداهي پک ۾، جي اونداهي پک ۾ ٿي  سهائي پک ۾ زور وٺندي آهي. ان لاءِ: 

        1- هڪ سؤ سالن کان ڪنڊي جو وڻ بيٺل هجي، سهائي آچر جي ڏينهن، ٻار کي ان جي پاڙ جي هيٺان لنگهائجي. اڪثر اهڙن جهونن وڻن جون پاڙون ٻاهر نڪتل هونديون آهن.  نه ته کوٽي ظاهر ڪجن ۽ وڻ جو ڇوڏو آڻي، ڌاڳي ۾ پوئي، ٻار جي ڳچيءَ ۾ ٻڌجي.

        2- سهائي اچر جي ڏينهن، ٻار جي ماءُ گهرن جي ڀرسان جتي اڪثر ٻهراڙيءَ جون زالون گهر جو ٻُهر (ڪچرو) اُڇلائينديون آهن، اتي وڃي جيڪا به پراڻي اڳڙي هٿ اچي سا آڻي، ان جو ٽُڪر پنهنجي چُنيءَ ۾ چتيءَ وانگر لڳائي ڇڏي، ۽ هڪ ٽڪر ٻار جي چولي تي چتيءَ وانگر لڳائي.

        3- نوريئڙو ماري، رڌي، ان جي ٻار کي سُتي ڏجي.

        4- ڪاري گڏهه جي کير جي سُتي ڏجي.

        5- ڪڻڪ جي اٽي کي ڳڙ ۽ پاڻيءَ ۾ ڳوهي، لولا ٺاهي، ڪڙو تيل ساڙي، ان ۾ تري رکجن، جي ٻار کي کارائجن.

        6- ٻار کي گيهه، لسي ۽ کنڊ نه کارائجي ۽ رات جو ٻاهر وِلهه ۾ نه سمهارجي.

39- ڪڇوراڙي:

        ڪڇ ۾ ڳوڙهي ٿيندي آهي، جنهنڪري سور ٿي پوندو آهي ۽ ٻانهن کي چوري به نه سگهبو آهي. ان لاءِ:

        1- ڪِنڙو ۽ سنڌي تماڪ گهوٽي، لپري، تيار ڪري ٻڌجي.

        2- ڳوڙهي تي ٿوري ٿُڪ لائي،مٿان ڪوريئڙي جي اڇي ڄاري چنبڙائجي.

        3- ڏيڏر جهلي، ڳوڙهيءَ تي ٻڌي ڇڏجي، جيئن ڳوڙهيءَ تي  ڏيڏر پيشاب ڪري. ان بعد ڇوڙي ڇڏجي.

        4- ڪاريهر نانگ، جو سال بسال اڇي کل لاهيندو آهي، اها ٿوري ٿُڪ ڏيئي چنبرائجي

        5-گگر گهوٽي، صابڻ جي گجيءَ سان ملائي، ڪپهه جوپهوٻوڙي مٿان لائجي.

40- رانئين جهائين:

        ٻار جي ڄمڻ بعد، هڪ سال جي اندر، جيڪڏهن مائٽن جي ڳوٺ کان وڃڻ ڪري ، ٻاهر وڃڻو پيو ته مائٽن جو عقيدو آهي ته ٻار سڀاءُ جو تيسر ٿيندو ۽ آڙو ڪندو ان لاءِ:

        ٻار کي هنج ۾ کڻي، گهر جي دروازي جي ٻاهران بيهجي. ٻي زال، چارننڍيون ٺِڪريون ۽ اوترا کٻڙ جا پن کڻي، هڪ ٺڪري ۽ هڪ پن ٻار تان گهوري، هڪ طرف اڇلائي. اهڙيءَ طرح واري سان چئني ڏسِين ( طرفن) ڏي اڇلائي. گهورڻ بعد ” رائين ِ- جهائين جهنگ ۾ مِنو ماءُ جي هنج ۾!“  اهي لفظ چوڻ گهرجن. پوءِ ڀلي ٻار کي ڪٿي به  وٺي وڃجي ته مٿس ڪو اثر نه ٿيندو. 

نور احمد خان لغاري

شاهه فيصل

سعودي عرب جو روح روان

(ڊائريءَ جو هڪ ورق)

        حجاز پاڪ  جي مقدس زمين، سعودي عرب، اسلامي دنيا جو مرڪز آهي،ان پاڪ سرزمين ۾، انساني آبادي جا ٻه محترم ۽ مقدس شهر، مڪه معظمه ۽ مدينه منوره آهن. اهي ٻيئي محترمه مقامات، اسلامي دنيا جي لاءِ، روحاني ۽ فڪري، تهذيبي ۽ تمدّني، ديني ۽ اسلامي سرچشما آهن.

        اڄ اسلامي مرڪز جي جاروب ڪشيءَ جي سعادت سعودي عرب جي موجوده حاڪم شاهه فيصل کي حاصل آهي، جنهن ڏينهن، شاهه فيصل، کي سعودي عرب جو شرعي حاڪم تسليم ڪيو ويو، اهوڏينهن، هڪ انقلاب انگيز ڏينهن هو. ان ڏينهن سان نه فقط سعودي عرب جي تاريخ جو سونو باب وابسته آهي، پر اسلامي دنيا جي تاريخ ۾ پڻ هڪ درخشان باب جو اضافو ٿيو آهي. ان ڏينهن تي سعودي حڪومت جي باني، سلطان سعود جي ياد تازي ٿي آهي، جنهن لاءِ واقعو مشهور آهي ته جڏهن سلطان سعود مرحوم مڪي ۾ پهتو، تڏهن، حڪومت جي وزيرن ۽ اميرن اچي عرض ڪيس ته:

”اوهان في الحال هن نئين حڪومت ۾ قرآن ۽ سنت جي آئين نافذ ڪرڻ وارو ارادوترڪ ڪيو، عرب قوم، جنگ جي تباهڪاريءَ توڙي خانه جنگيءَ، قتل وغارت، ظلم ۽ فساد ۾ ڦاٿل آهي، هن قوم جي اصلاح لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ويهه – پنجويهه سال گهرجن. حالتون سازگار ٿين ته پوءِ ڪتاب  ۽ سنت جو آئين نافذ ڪرڻ جڳائي. هن وقت بغاوت جو سخت خطرو اڳيان  آهي، يقين آهي ته عرب قوم، موجوده هنگامي حالتن ۾ اهو انقلاب قبول نه به ڪري. مناسب آهي  ته وقت جو انتظار ڪيو وڃي.“

اهو ٻڌي، شاهه فيصل سعود مرحوم جو چهرو سرخ ٿي ويو، سندس اکين ۾ رت تري آيو، ۽ جوش وچان اٿي کڙو ٿيو. تلوار مياڻ مان ڪڍي، غضبناڪ انداز ۾ چيائين:

”مون کي ان ذات جو قسم آهي، جنهنجي هٿ۾ منهنجي جان آهي، ته سعودي حڪومت جي قيام جو اعلان، جنهن وقت ٿيندو، ان وقت کان، ان مملڪت جو آئين، قرآن ۽ سنت هوندو. خواهه، ان مملڪت جي قيام جي مدت هڪ سيڪنڊ جو هزارون حصو ڇو نه هجي!.

پوءِ چيائين : الله تعاليٰ، صاف طرح سان فرمايو آهي:

”اگر اسان ماڻهن کي، (اسلامي نظريي حيات جي علمبردارن کي) زمين ۾ حڪومت ۽ فرمانروائي ڏيون ته پوءِ هو (ڪتاب و سنت جو آئين نافذ ڪري) اقامت صلواة ۽ ايتائي زڪوات جو نظام قائم ڪن.(ڇالاءِ ته اهو نظام، صحتمند اسلامي معاشري جي بنيادي اصولن ۾ شامل آهي) ۽ سندن ساريون طاقتون، ڀلائيءَ جي ڦهلائڻ ۽ برائيءَ کي مٽائڻ ۾ صرف ٿينديون.“ (الحج)

ان کان پوءِ چيائين:

” اوهان چئو ٿا ته قرآن ۽ سنت جي آئين نافذ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪنهن مناسب وقت جو انتظار ڪريان . مان چوان ٿو ته الله تعاليٰ مون کي فتح ۽ نصرت عطا ڪري، هڪ بهترين موقعو عطا ڪيو آهي، جيئن مان هت قرآن ۽ سنت وارو نظام نافذ ڪريان. اڄ الله جي رحمت، اسان تي وسي رهي آهي. اقتدار اسان جي هٿن ۾ آهي. اسان جي حالت، ان ڪڙميءَ وانگر آهي، جنهن جي زمين، برسات جي پاڻيءَ سان چڱيءَ طرح سيراب ٿي چڪي آهي، فقط کيس هر هڻڻ جي دير آهي. ياد رکو اڄ اسلامي حڪومت  جي قيام جو ٻج هنيون ويو آهي؛ اگر ان جي آباديءَ جو وقت اسان جي هٿان هليو  ويو ته پوءِ ڪابه آبادي ڪانه ٿيندي.“

بلڪل ان وانگر، شاهه فيصل ، واڳن وٺڻ کان پوءِ جا تقرير ڪئي آهي. ان ۾ پاڻ، تصور جي وضاحت ڪندي چيو اٿس:

” سعودي عرب جي حڪومت، اها ڪوشش مسلسل  جاري رکندي، جيئن هيءَ سرزمين هڪ زنده اسلامي معاشري لاءِ بهترين ۽ مثالي مقام ثابت ٿئي. جتي اسلام جي طرز حيات، پنهنجي سڀني خصوصيتن، فضيلتن ۽ برڪتن سان جلوه گر ٿئي، جيئن ٻاهران آيل هر شخص، ان برڪت ڀرئي معاشري مان استفادو ڪري سگهي. ۽ هن معاشري جي صفتن کان متاثر ٿي واپس وڃي.“

ائين.

شاهه فيصل، جڏهن عرب جون واڳون سنڀاليون، تڏهن اقوام متحده جي طرفان پيغام پهتو ته سعودي عرب جي آئين جي ڪاپي موڪلي وڃي، شاهه فيصل فورن قرآن ڪريم جو هڪ نسخو طلب ڪيو، پنهنجي هٿ سان لکيائين.

”اسان جو آئين، الله جو هي ڪتاب آهي.“

ان کان پوءِ اهو قرآن ڪريم، اقوام متحده کي موڪليو ويو.

شاهه فيصل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته

”اسلام ئي امن۽ صلح، اخوت ۽ مساوات، عدل ۽ انصاف جو جامع نصب العين آهي، قرآن ۽ سنت ئي آهن، جن جي روشنيءَ ۾ “بين الاقوامي اتحاد ۽ امن لاءِ بهترين ۽ مثالي نظام بنائي سگهجي ٿو قرآن، جديد دور جي سڀني علمي ۽ فڪري تقاضائن ۽ مطالبن سان هم آهنگ آهي، انسان جي پيدا ڪيل، سڀني سياسي نظامن کان وڌيڪ معتدل ۽ متوازن معقول ۽ محتاط نظام، فقط قرآن پيش ڪيو آهي.“

شاهه فيصل نه فقط قديم ۽ اسلامي علمن جو يگانه روزگار عالم  باعمل چيو وڃي ٿو پر ان سان  گڏ انگريزي، فرينچ ۽ جرمن زبانن تي به دسترسي رکي ٿو، و جنگي فن جو به ماهر آهي، خاص طرح سان اقتصاديات جي وڏن وڏن ماهرن ۾ سندس شمار ڪيو وڃي ٿو.

شاهه فيصل، بين الاقوامي مسئلن جو به وڏو ڄاڻو چيو وڃي ٿو. پاڻ واڳ سنڀالڻ شرط، عرب جمهوريه ۽ سعودي عرب جي اختلافن کي مٽايائين، ناصر سان ملاقات ڪري، کيس عرب قوميت، متعلق اسلام جي روشنيءَ ۾ سمجهايائين ته رڳو عرب قوميت جي سکڻي نعره بازيءَ سان، ڪو مفاد حاصل  نه ٿيندو، عربيت تي اسلام کي غالب رکڻ گهرجي. اسان جي قوميت، اول به اسلام هئڻ گهرجي ۽ اّخر به اسلام ئي آهي. رنگ،نسل، ذات پات، قبيلي ۽ خاندان، قومي تعصب ۽ تاريخي تفاخر جي بتن کي اسلام پاش پاش ڪري ڇڏيو آهي. اسان کي اسلامي نصب العين تي زندگي گذارڻي آهي، ۽ پوري انسانذات سان تعلقات وڌائڻا آهن. فقط چند محدود عرب ملڪن جي اتحاد ۽ تنظيم کي مقصد نه قرار ڏيڻ گهرجي. اسان جو مقصد ان کان گهڻو بلند آهي.

شاهه فيصل جي عظيم ڪارنامن ۾ موتمر عالم اسلاميءَ جو دوباره احياءُ به آهي، ان جي پهرين ڪانفرنس، فروري- مارچ 1965ع مڪي ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ اسلامي دنيا جي وڏن وڏن عالمن ۽ فقيهن کي مدعو ڪيو ويو،۽ هڪ جامع نصب العين ٺاهي، پوري اسلامي دنيا جي اصلاح ۽ فلاح لاءِ عملي طرح سان ڪم شروع ڪيو ويو.

ان موتمر عالم اسلامي ۾، اسلامي تبليغ، ديني علمن جي ترويج، پوري دنيا ۾ امن ۽ عافيت پيدا ڪرڻ لاءِ وفدن جو تبادلو، اقتصادي مشڪلاتن جو حل، مسلمان ملڪن جو اتحاد اسرائيل جي فتنه انگيز روش جو سد باب، عيسائيت جو مقابلو وغيره، اهم مقصد قرار ڏنا ويا.

شاهه فيصل جي خدمتن ۾ تبليغي ڪوششن  کي به ساراهيو ويو آهي، سندس توجهه ۽ ڪوشش سان، بر عظيم آفريقا ۾ عيسائي مشنريز سان جي مناظرانه مقابلا ٿيا آهن، اهي نتيجه خيز ثابت ٿيا آهن، اڄ عيسائي مشنريز جو پنجاهه سالن کان پکيڙيل نظام درهم برهم ٿي چڪو آهي. ان متعلق ٽائم جي رپورٽ آهي:

”آفريڪا ۾ عيسائي مشنريز جي شڪست فاش، هاڻي ڪنهن به دليل جي محتاج نه رهي آهي، اڄ عيسائي مشنريز جا سڀ ادارا، قريباً بند ٿي چڪا آهن. عيسائيت علمي ۽ تبليغي طرح سان آفريڪا مان پير ڪڍي رهي آهي، اهوسڀ ڪجهه، شاهه فيصل جي ان تبليغي ڪوشش جو نتيجو آهي،  جا پوري اسلامي دنيا کي بيدار ڪري چڪي آهي.“

موتمر عالم اسلامي، جي مقصد جي تشريح ڪندي ، شاهه فيصل چيو آهي:

        ” اسان عالم اسلامي جي اتحاد کي، انسانذات جي بين الاقواميُ عدم توازن، کي ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي حق ۾ آهيون. اسان جو غيراسلامي دنيا سان، ُ عهد نامو“ قرون اوليٰ جي مسلمانن حاڪمن جي يادگيريءَ کي تازو رکندو اسان جون ڪوششون، اصلاحي ۽ دفاعي آهن.“

عالم اسلامي جي دفاع لاءِ چيو اٿس:

        پوري اسلامي ملڪن جو اتحاد، دفاع جي مشڪلاتن ۾مبتلا آهي، اقتصادي بحران سان گڏ، مغربي، ۽ آمريڪي سامراج، سڀني مسلمان ملڪن کي پريشان رکيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته اڌ صديءَ جي سامراجي استبداد کان سڀني مسلم ملڪن جي جند آزاد ڪرائجي ۽ هڪ متحد دفاعي محاذ قائم ڪجي.“

شاهه فيصل، دفاع  جي سلسلي ۾ اسرائيل جي جارحانه ڪار گذاريءَ کي پڻ نظرانداز نه ڪيوآهي، ان سلسلي ۾ اڍائي ارب ڊالر هٿيارن جي خريداري لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن. ان ايتري آرڊر متعلق  برطانيه  پارليامينٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اڄ تائين برطانيه جي تاريخ ۾ ، هٿيارساز فرمن کي ايترو آرڊر نه مليو آهي، مينچسٽر گارڊن جي رپورٽ آهي:

        ”شاهه فيصل جي آرڊر، پوري برطانيه  کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، پارليامينٽ ۾  وزير خارجه انڪشاف ڪندي ٻڌايو آهي ته هن قسم جو  وڏو آرڊر، برطانيه  جي تاريخ ۾ ٻئي ڪنهن به ملڪ نه ڏنو آهي.

        شاهه فيصل ، اهو سڀڪجهه ” اسرائيل“ جي جارحانه سازش جي سدباب لاءِ ڪري رهيو آهي، ُ اسرائيل، آمريڪا  جو پيدا ڪيل  ناسور آهي،  جو عرب  ملڪن جي لاءِ مٿي  جو سور بنجي چڪو آهي، اها يهودي اسٽيٽ، جنهن اشتعال انگيز نموني ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ان کان اخباربين ماڻهو واقف آهن. اسرائيل جا تازا حملا پڻ هڪ ثبو ت آهن.

        اسرائيل جي جارحانه سازش جي سمجهڻ لاءِ ، اهونقشو ئي ڪافي دليل آهي، جو يورپ جي سڀني اخبارن ۾ ڇپيو آهي؛ جنهن ۾، اسرائيل، پنهنجي جنگي منصوبه بندي کي ظاهر ڪندي شرق اردن ، شام، عراق ۽ سعودي عرب تائين قبضي ڪرڻ جي رٿا ظاهر ڪري چڪو آهي.  بن گورين، وزير اعظم چيو آهي:

”اسان جي آخري جنگ، خيبر ۾ ٿيندي، اسان ”خيبر“ جي انتقام وٺڻ لاءِ تيار ٿي چڪا آهيون. ُخيبر ، جي جنگ، هڪ فيصله ڪُن جنگ ٿيندي، جنهن ۾ اسان مسلمانن جي مرڪزيت کي ختم ڪري ڇڏينداسين، ۽ اسرائيل جي فتح جو جهنڊو، مڪه ۽ مدينه تي کوڙينداسون. دنيا جي ڪابه طاقت اسان جي مقابلي ۾ بيهي نه سگهندي. اسان بمن، راڪيٽن، هوائي جهازن ۽ بي پناهه پبادي فوج سان عرب ملڪن کي تباهه ڪرڻ لاءِ موقعي جي تلاش ۾ آهيون.“

ان سلسلي ۾ اسرائيل، اردن درياءَ جي رخ موڙڻ جي حرڪت ڪئي هئي، جنهن کي عرب ملڪن ناڪامياب ڪري،کيس ذليل شڪست ڏني آهي.

        جڏهن ته ُ اسرائيل، حڪومت محدودو ايراضيءَ تي مشتمل آهي ۽ سندس زرعي ۽ معدني وسيلا به ناڪافي آهن، تڏهن دنيا جي سرمائيدار يهودين، اربَ ڊالر امداد طور موڪليا آهن. ان طرح آمريڪا جا اصل ۾ يهودي سرمائيدارن جو مرڪز آهي، تنهن به اربين رپيا ڏنا آهن. اسرائيل جي سازشن جي خلاف، موتمر عالم اسلامي ۾ شاهه فيصل اعلان ڪيو  آهي ته:

”اسرائيل جي سازش  ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي، اسرائيل ڀلي پنهنجي مغربي سامراج جي تعاون تي ناز ڪري، عالم اسلام جي هڪ متحد ضرب سندس ناپاڪ ارادن کي پاش پاش ڪري ڇڏيندي.“ح حححح ح

 

 شاهه فيصل جي تيز نگاهه کي تاڙي ُ ٽائم، لکيو آهي:

        ”شاهه فيصل جهڙي منتظم ۽ مدبر شخصيت نه فقط عربن کي متحد ڪري سگهي آهي. پر ان سان گڏ پوري اسلامي ملڪن جي متحد بلاڪ ٺاهڻ لاءِ به راهه هموار ڪئي آهي، اهوسڀ ُ اسرائيل، جي رد عمل ۾ آهي.“

        شاهه فيصل، اسلامي ملڪن جي اتحاد لاءِ صدر ايوب، صدر ناصر، صدرگرسل، سوڪارنو، ۽ شاهه ايران سان ملاقاتون ڪري چڪو آهي ۽ ترڪي ۽ايران  جو دورو به ڪري چڪو آهي. ان دوري جي سلسلي  ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي دوري تي دوباره جلد نڪرڻ وارو آهي. شاهه فيصل جي تدبر ۽ سياسي بصيرت تي يورپ حيران آهي، جوشاهه فيصل ُيمن، جي مسئلي  ۾ ناصر جهڙي مطلق العنان شخصيت کي به متاثر  ڪري چڪو آهي. ُ يمن،  جي مسئلي ۾، برطانيه ۽ آمريڪا جي سياسي سازش، ذري گهٽ پوري  عرب بلاڪ کي باهمي جنگ و جدال ۾ مبتلا ڪري چڪي هئي، عربن جي اها باهمي آويزش، يقين هو ته ساري عرب بلاڪ کي پاش پاش ڪري ڇڏي ها. فيصل ۽ ناصر جو يمن متعلق معاهدو اخبارن ۾ اچي چڪو آهي.

        ان سلسلي ۾ ، آمريڪا ۽ مغربي سامراج، شاهه فيصل ۽ صدر ناصر جي وچ ۾ ڪيئي اختلاف پيدا ڪري ڇڏيا هئا. ايتريقدر، جو سعودي عرب ۽ عرب جمهوريه جون فوجون، هڪٻئي جي سامهون، هڪ فيصله ڪن ۽ خونريز جنگ لاءِ تيار ٿي ويون هيون، مصر جي ڪيترن جنگي جهازن، سعودي عرب ۾ رياض  ۽ طائف جو جائزوبه ورتو هو.

        اهڙي هنگامه خيز ماحول ۾ شاهه فيصل، صدر ناصر جي نه فقط ضد ۽ ڌمڪين کي صلح ۽ امن ۾ بدلائي ڇڏيو، پر ساڻس ملاقات  لاءِ به پيشڪش ڪئي، جنهن تي مغربي اخبارن اها حاشيه آرائي ڪئي ته صدر ناصر کي پنهنجي شڪست جو احساس آهي. ممڪن آهي ته صدر ناصر، ملاقات ۾ دوباره شاهه فيصل کان شڪست کائي، عرب ملڪن مان پنهنجو سارو وقار ختم ڪرائي ويهي ٻيو ته صدر ناصر کي جان جو خطرو به آهي.

        صدر ناصر، جنهن سويز جي حملن ۾، کُليءَ جيپ ۾ قاهره جي شاهراه تي ڏٺو ويو هو، سو به ان پروپئگنڊا کان ايترو متاثر ٿيو، جو شاهه فيصل کي عرض ڪيائين ته اها ملاقات عربي سمنڊ  ۾، پاڻيءَ جي جهاز ۾ ٿيڻ گهرجي. شاهه فيصل سندس ان پيشڪش کي ٺڪرائي، کيس دعوت ڏني ته

        ”اهو مڪي ۾ اچي، مڪو بلدالامين آهي، اسلام جو مرڪز آهي، امن ۽ صلح جو گهر آهي ۽ درالامان آهي.“

ان پيشڪش تي، ناصر وري به استدعا ڪئي ته هو جدي جي بندر تي، مصري فوج ۽ جهازن جي پهري هيٺ ملاقات ڪرڻ لاءِ تيار آهي، شاهه فيصل سندس ان مطالبي کي به رد ڪيو، لاچار صدر ناصر، مڪي ۾ آيو، جتي سندس پرجوش استقبال ڪيو ويو، ۽ ملاقاتن ذريعي سندس سڀ شڪ شبها دور ڪيا ويا. اهوسڀ ڪجهه عرب اسرائيل جنگ کان اڳ جو قصو آهي.

        مينچسٽر گارجن، ان تي تبصري ڪندي، شاهه فيصل کي 1965ع جو وڏو ماڻهو قرار ڏنو آهي، ۽ ٻڌايو آهي ته” اهو ناصر، جو آمريڪا، روس، برطانيه ۽ فرانس جهڙپن پراڻين سياسي قوتن اڳيان به نه جهڪيو، تنهن کي هڪ –ٻن سالن جي حاڪم شاهه فيصل، جنهن دانشمنديءَ سان پاڻ  سان ملائي ڇڏيو آهي، اهو ُ شاهه فيصل، جي لاءِ ثابت ٿو ڪري ته اهو هڪ عظيم مدبر به آهي ۽ عظيم سياستدان به آهي.

        هن اخبار جي پڙهندڙن، اسان جي پڇيل سوال جي جواب ۾ گهڻي ۾ گهڻا رايا، شاهه فيصل لاءِ موڪليا آهن، ان مان ثابت ٿو ٿئي ته 1965ع جو وڏو  سياستدان ُ شاهه فيصل، ئي آهي، جنهن عرب بلاڪ کي خونريز جنگ کان بچايو آهي“

        شاهه فيصل، پاڪ ۽ هند جي لڙائيءَ ۾ جنهن بلند حوصلگيءَ ۽ دانشمنديءَ جو ثبوت ڏنو آهي، اهو سندس منصب ۽ جلالت جو دليل آهي.

پاڪستان تي هندستان جي جارحاني حملن جي مذمت ڪندي، شاهه فيصل تنبيهه ڪندي چيو : ” ڀارت جي هن جارحانه حملي،  اسان کي مجبور ڪيو آهي ته اسان ڀارت سان سڀ تعلقات ختم ڪريون ۽ کيس ( پرامن) ماحول ۾ جارحانه سازش جو ذميدار قرار ڏيون،“

پاڪستان جي امداد ۾ ، جو ڪجهه شاهه فيصل، عملي طرح ڪيو آهي، اهو ڪنهن کان مخفي نه آهي. شاهه فيصل جي دانشمندانه تعاون جي سلسلي ۾ ، عرب بلاڪ، مڪمل نموني ۾ پاڪستان جي تائيد ڪئي آهي، ويندي صدر ناصر جهڙي سياستدان به شاهه فيصل ۽ عرب بلاڪ جي فيصلن جو احترام ڪري، ڀارت کي رنج پهچايو آهي ۽ پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي آهي.

ڪشمير جي مسئلي متعلق شاهه فيصل جو فيصلو به پاڪستاني موقف جي تائيد ۾ آهي،  ان لاءِ ُ موتمر عالم اسلامي،  جو اهو ٺهراءُ، جو  شيخ عبدالله جي موجودگيءَ ۾ پاس ڪيو ويو، ڪافي ثبوت آهي. دلچسپ امر اهو آهي ته ان موتمر ۾ ڀارت جي جهنڊي کي بلند ٿيڻ نه ڏنو ويو، ان کان سواءَ جدي ۾ ڀارتي سفارتخاني تي پڻ ڀارتي جهنڊو نه چاڙهيو ويو، ۽ موتمر عالم اسلامي جي ڪانفرنس۾، شاهه فيصل جي موجودگيءَ ۾ ڀارت جي نمائندي کي ڳالهائڻ نه ڏنو ويو، سندس بار بار احتجاج تي چيو ويو:

”اسان ڀارت جي مسئلن کان واقف آهيون، انهن کي دهرائڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي ڀارتي جهنڊي جي بلند ٿيڻ جو ڪوبه معقول موقعو ڪين آهي، ڇالاءِ ته هي موتمر، خالص مسلمانن ملڪن جي نمائندن تي مشتمل آهي، ڀارت پاڻ کي سيڪولير اسٽيٽ سڏائي ٿو.“

شاهه فيصل کي موتمر عالم اسلامي ۾ جڏهن بار بار ُ امير المومنين ، چيو ويو، تڏهن فرمايائين:

”اسلامي نظام ۾ خلافت ۽ امامت جو منصب، وڏو مقام ٿو رکي، مان پاڻ کي ان لائق نٿو سمجهان. اوهان مون کي ُ خادم المومنين، سڏيو، ان تي مون کي فخر ڪرڻ گهرجي.“

هڪ موقعي  تي ايران جي شيعه مجتهدن به شاهه فيصل کي ُ اميرالمومنين“سڏيو تن کي به اهو جواب ڏنائين:

        ” آءٌ اوهان جو ممنون ڪرم آهيان، اوهان پنهنجي ديني موقف کي مدنظر رکي، رعايت ڪري، مون کي ُ امير المونين ، ٿا سڏيو، حالانڪ اسان جو ۽ اوهان جو ُ امير المومنين“ هڪ آهي، يعني  امير المومنين سيّدنا علي ابن ابي طالب رضي الله تعاليٰ عنه. اوهان مون کي ُ خادم المومنين ۽ ُ خادم المسلمين، سڏيو. ان تي مون کي دلي مسرت حاصل ٿي رهي آهي.“

شهنشاهه ايران جي دعوت ۾ به پيش ڪيل سپاسنامي جي جواب ۾ فرمايائين.

” عرب ۽ايران، اسلام جي مرڪز تي متحد آهن ۽ متحد رهندا. ڪن جزوي ۽ فروعي اختلافن جي موجودگيءَ ۾ به ڪو اختلاف نه ڪرڻ گهرجي. اسان حرمه ڪعبه ۾ ُ جعفري مذهب، جو پيش امام پڻ مقرر ڪيو آهي، حج ۽ زيارت حرم رسول جي سلسلي ۾ ايران لاءِ دروازا کليل آهن ۽ پاسپورٽ ۽ ويزا جا مسئلا پڻ ختم ڪيا  ويا آهن. ان طرح مدينه يونيورسٽيءَ ۾ مذهب جعفري، جو علحدو شعبوپڻ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ شيعا مجتهد تعليم ۽ تدريس جو ڪم ڪري رهيا آهن ان طرح شيعي مذهب تي هڪ عظيم الشان ڪتبخانو پڻ قائم ڪيو ويو آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com