گذارش
لطيف ۽ جديد دور:
سنڌ جي سدا حيات، شاعر حيات لطيف سائينءَ جي 215
ساله ورسي، جنهن وجد آفرين ۽ روح پرور انداز ۾،
هر هنڌ ملهائي وئي آهي، ان مان اهو واضح ٿئي ٿو ته
لطيف ۽ ان جو پيغام، سنڌ جي باشندن جي حال ۽ قال،
فڪر ۽ نظر، دل ۽ دماغ تي لافاني نقش پيدا ڪري چڪو
آهي.
لطيف، شاعِر حيات آهي. ان ڪري، سندس پيغام
۽ شعور ۾، زندگيءَ جي دائمي ۽ مثبت قدرن جي
فراواني آهي، جنهن کيس حيات دوام بخشي آهي.
هن جديد دور ۾، جڏهن انسان، ڪائنات جي
تسخير جي سلسلي ۾، مادي ۽ سائنسي علم ۽ فن، ايجاد
۽ اختراع جي هڪ بلند منزل تي پهتو آهي، تڏهن
انساني شعور ۽ عمل ۾ توازن پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري
آهي ته روحاني ۽ اخلاقي پهلوءَ کي به روشن ڪيو
وڃي، ڇالاءِ ته زندگي رڳو ماديات جي مرهون _ منت
نه آهي، زندگيءَ جو اخلاقي نصب العين ، هر خيال
کان ترجيح ڏيڻ جي قابل آهي.
مادي ۽ سرمايه داري حاصلات ۽ ڪمال کان
پوءِ، جڏهن اخلاق جي نصب العين کي نظر انداز ڪيو
ٿو وڃي، تڏهن زندگيءَ ۾ عدم توازن، فساد ۽ بي روح
عمل ۽ حرڪت جنم ٿا وٺن، سرمايه داري ۽ ان جي مادي
اقتدار وارن هٿن ۾ جڏهن سائنس جي پاران خطرناڪ
هٿيار ڏنا ٿا وڃن، تڏهن انسان ذات جي تباهيءَ جو
محشر خيز دور شروع ٿئي ٿو، اڄ ايٽم بم ۽ هيڊروجن
بم، نيپام بم ۽ ٽائيم بم جي تباهيءَ کان ڪير اڻ
واقف آهي؟ اڄ دور مار ميزائيل ۽ راڪيٽ جي تباهه ڪن
اثر کان ڪير نا آشنا آهي؟ فطرت جي مخفي قوتن جي
مطالعي ۽ تحقيق کان پوءِ، جن سائنسدانن، سائنسي
ايجاد ۾ عملي حصو ورتو آهي، اهي اڄ حيران ۽ پريشان
آهن، انهن ويچارن، فطرت جي سربسته رازن ۽ رموزن
کي، انساني معاشري جي، ترقيءَ ۽ خوشحالي لاءِ ئي
پرده حجاب مان ٻاهر ڪڍيو هو، اڄ اهي خود شڪايت ڪري
رهيا آهن ته سرمايه دارانه نظام جا ڪرتا ڌرتا،
سندن ايجاد کي انسان ذات جي تباهيءَ لاءِ استعمال
ڪري رهيا آهن!
وڏيون قومون ۽ قوتون، سائنسي هٿيارن جي
وسيلي سان، هڪ طرف ننڍين قومن کي دٻائي ۽ هيسائي
رهيون آهن، ته ٻئي طرف انسان ذات جي بنيادي نصب
العين ، آزاديءَ ۽ ان جي حق تي به وار ڪري رهيون
آهن، نتيجو اهو نڪتو آهي جو سائنسي ايجاد سان جا
دنيا هوند بهشت بنجي پوي ها، سا اڄ دوزخ کان به
وڌيڪ عذاب بنجي چڪي آهي.
سائنسي ايجاد جي غلط استعمال سان،
انسانذات کي جي به ذهني ۽ فڪري، مالي ۽ جاني،
سياسي ۽ معاشرتي نقصان پهتا آهن، انهن جي تفصيل
سان مطالعي کي في الحال ڇڏي ڪري، جيڪڏهن غور ڪري
ڏسنداسون ته پوءِ فڪري ۽ نظري اعتبار سان تمام
تباهه ڪن ٻه نقصان ٿيا آهن: هڪ هي ته ان سان انسان
جي فڪري نگاهه ۾ وسعت جي جاءِ تي تنگي ۽ ڪم حوصلگي
پيدا ٿي آهي، ۽ ٻيو ان تي انسان ۾ غلط قسم جو
اعتماد پيدا ٿيو آهي.
جديد دؤر جو انسان جڏهن سائنسي ۽ مادي
دماغ سان ڪنهن مسئلي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو ۽ ان جا
روشن ۽ تاريڪ پهلو بحث هيٺ آڻي ٿو، تڏهن سندس
نگاهه ، محض حسِي ۽ مادي رهي ٿي، زندگيءَ جي اهم ۾
اهم مسئلن متعلق تبادله خيالات ڪندي هو ڪڏهن به
تيار نٿو ٿئي ته زندگيءَ جا مسئلا، مادي پهلوءَ
کان علاوه ڪي آدرشي اخلاقي ۽ روحاني پهلو به رکن
ٿا، سندس مطمح نظر علت ۽ معلول جي ظاهري ۽ مادي
تاويلات ڪندي اتي ٿو توڙ ڪري ته ڪنهن معاملي ۽
مسئلي جي پايه تڪميل تي پهچڻ کان پوءَ اسان کي
ڪهڙا مادي فائدا حاصل ٿي سگهن ٿا، ۽ عدم تڪميل جي
صورت ۾ ڪهڙي قسم جا مادي نقصان پهچي سگهن ٿا ۽ عدم
تڪيمل جي صورت ۾ ڪهڙي قسم جا مادي نقصان پهچي سگهن
ٿا. بس اهو ئي سندس فڪر ۽ نظر جو آخري پرواز نظر
ايندو.
مادي مفاد کان انڪار نه آهي، مادي نعمتن
جي تسخير ۽ حاصلات ڪا بري چيز نه آهي، اهي به
زندگيءَ جون اهم ضرورتون آهن، پر هت نظرياتي بحث
ڪندي، رڳو اهو ظاهر ڪرڻو آهي ته اهڙي مادي ۽
سائنسي مفاد طلب ماڻهن جي گمراهه ڪُن طرز استدلال
جو بنيادي سبب اهو آهي جو انهن نڪو حيات ۽ ڪائنات
جي غايت تخليق تي غور ڪيو آهي ۽ نڪو انسان جي بلند
نصب العين کي متعين ڪيو آهي، هنن جي خيال ۾ انسان
چند مادي عنصرن جي ظهور ترتيب جو طبعي پيداوار
آهي، ۽ فقط ڪارين، ڪيلشيم، گندڪ، فولاد ۽ لوڻ
جهڙين چند چيزن مان ٺهيو آهي، تنهن ڪري انسان آهي
هڪ عناصرن مان ٺهيل مشين، جا اعليٰ درجي جي پيچيده
۽ دلچسپ مشين ئي آهي، ٻيو ڪجهه به نه آهي! باقي
رهيو غايت تخليق جو مسئلو، ته پوءِ چوندا ته ” اهو
ته نهايت فرسوده ۽ دور ازڪار آهي، هن دؤر ۾ ان تي
سوچڻ آهي اجايو مٿو کپائڻ، جنهن مان ته ڪجهه به
ورڻو نه آهي، اخلاقي نصب العين، صحتمند اقدار،
مثبت معيار، شعور ۽ آگهي، ضمير ۽ وجدان، اهي سڀ
بيسود خام خيالي جي پيداوار آهن، وڌ ۾ وڌ چوندا ته
اخلاقيات آهي، جاگيردارانه دؤر جي پيداوار، ۽ شعور
۽ وجدان خود مادي جي ترقي يافته تبديلين ۽ ڪيفيتن
جا مرهون- منت آهن ۽ هر حال ۾ اهي به مادي قانون
جي علت ۽ معلول واري سلسلي ۾ پوتل ۽ ڳوتل آهن،
انسان ۽ ان جي حيات متعلق، مادي کان سواءِ ٻئي
ڪنهن به اخلاقي پهلوءَ تي سوچڻ، نه فقط حماقت آهي،
پر ان سان گڏ وقت جو زيان به آهي“
اوهان کي چڱيءَ طرح نظر ايندو ته ان قسم
جي جديد انسان جو ذهن ڪيئن نه عدم توازن جو شڪار
ٿي چڪو آهي، سندس نظر ۽ ذهن، فقط اعداد ۽ شمار،
تجربي ۽ مشاهدي جي مومل واري ڪاڪ ۽ ان جي مانڊاڻ
جي ڪڇ ۽ ماپ ۾ الجهي چڪا آهن.
انسانيت ۽ ان جا لطيف احساسات، پاڪيزه
جذبات، بلند نصب العين، صحتمند دائمي اقدار، اخلاق
جا اعليٰ اصول، انسان جا اجتماعي حق، مساوات ۽
اخوت جو عالمگير نظام، اهي ۽ ان جهڙا ٻيا، ترقي
پذير ۽ حيات پرور اصول سندس نظر ۾ ڪا به حيثيت نٿا
رکن.
هي اهي هقيقتون آهن جي رڳو مشق نه پر مغرب
جي انسان وست مصلحن ۽ عالمن به تسليم ڪيون آهن.
خود مغرب جا محقق اهو اعتراف ڪري چڪا آهن
ته سائنس ۽ علم جديد جي مختلف شعبن جي مطالعي کان
پوءِ اهو واضح ٿو ٿئي ته هن جديد تهذيب جي تعمير
جي سلسلي ۾، جي جديد اصول قبول ڪيا ويا آهن، اهي
تعميري گهٽ ۽ تخريبي وڌيڪ آهن، اهي اصول انسانيت
جي صحيح ۽ متوازن نشو و نما جي رستي ۾ روڪ ثابت
ٿيا آهن.
محققن اهو به اعتراف ڪيو آهي ته اهي اصول،
جن جو تعلق بيجان مادي سان آهي، تن جي چند تجربن ۽
مشاهدن تي اجايو اعتماد پيدا ڪري، ذي روح ۽ باشعور
انسان جي تهذيبي ۽ معاشرتي، روحاني ۽ اخلاقي مسئلن
کي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ کين نهايت غلط نموني ۾
استعمال ڪيو ويو آهي.
انسان ۽ ان جي زندگي، هونءَ به نهايت
پيچيده آهي، ان جي گهرائي جي ڪا انتها ڪا نه
اهي،نڪو ان جي وسعت جو ڪو آخري اندازو لڳايو ويو
آهي، تنهن ڪري جي ماڻهو انساني حيات کي مجرد مادي
۽ سائنسي اندازن جي روشني ۾ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا،
سي گويا پوري انسانذات کي غلط ۽ تباهه ڪن رستي تي
ڌڪي ٿا ڇڏين.
سج ۽ چنڊ جي مشاهدات ۽ خلا نورديءَ سان يا
ايٽم جي تجربي ۽ هيڊروجن بم جي اڇلائڻ سان ته من
جي دنيا جي اونهائي کي لهي نٿو سگهي!.
من جي دنيا، هڪ عجيب دنيا آهي، ۽ تن جي
دنيا، ان کان الڳ ٿلڳ دنيا آهي، هر دنيا ۾ اصول ۽
معيار جدا جدا آهن، هر دنيا ۾ جستجو ۽ تحقيق، يافت
۽ حاصلات جا معيار الڳ الڳ آهن، هر دنيا ۾، ڪڇ ۽
ماپ، تڪ ۽ تور جا توراڙا ۽ ماپا به جدا جدا آهن،
تن جي دنيا ۽ من جي دنا جي سفر جو زادراهه الڳ الڳ
آهي، اڄ چنڊ ڏانهن ويندڙ مسافر، پنهنجي محدود ۽
مختصر سفر لاءِ جي مشيني وسيلا اختيار ڪري ٿو، تن
جي حيثيت، مَن جي مسافر وٽ ڌوڙ ۽ ڇائيءَ کان وڌيڪ
ناهي! چنڊ جو مسافر، پنهنجي بي حوصلگيءَ ۾ ڪم
ظرفيءَ جي ڪري، خلا ۾ اڏرندي، چئي ٿو ڏئي ته هت ڪو
”ڪارساز“ ۽ ”ڪارفرما“ ۽ سندس ”ڪارسازي“ ۽ ”ڪار
فرمائي“ اڃا تائين نطر نه آيا آهن! اهڙن عقل جي
انڌن ۽ مت جي موڙهن کي لا انتها خلا ۾، زمين جي
ارد گرد مختلف روشنين جا ڪرڻا نظر اچن ٿا، اوندهه
مان روشنيءُ ۽ روشني سان تاريڪيءَ جو متبدل نظام
نظر چڙهي ٿو، زمين ڪڏهن لاله راز ۽ سيز زار ته
ڪڏهن صحرا ۽ ريگزار نطر ٿي اچي، ڪڏهن سندس پرواز
کان هيٺ تحت ثريٰ ۾ ته ڪڏهن سندس مٿان معلق نطر
ٿي اچي، ان اضافي ڪشمڪش ۽ خلائي رنگ و بو ۾ فقط
اهو ئي سوچيو ويو ته آخر اهو سڀ ڪجهه ائين خلا ۾
ڪنهن ته ٽنگي ڇڏيو هوندو، ائين سوچي، ان ڪارساز کي
خلا ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جو بهرحال خلا ۾ نظر
نه آيو نه ڪو خلا ۾ نظر اچي سگهي ٿو!
ليڪن، قدرت جي وسيع خلائي ڪائنات ۽ ان ۾
سج ۽ چنڊ جي نظام ۽ نظاري جي دلڪشيءَ، حسن
آفرينيءَ، ديده زيبيءَ، وجد انگيزيءَ، صنعت گرديءَ
۽ پخته ڪاريءَ ڏانهن ان خلائي مسافر جو ڪو به خيال
نه ويو_ سندس مادي ذهن، حقيقت جي ادراڪ کان عاجز
ٿي، خلا ۾ ئي پريشان رهجي ويو!، حالانڪه”من جي
دنيا“ جو مسافر جڏهن من جي اٿاهه خلا ۾ جهاتي ٿو
پائي، تڏهن سندس ”وجدان“، کيس هڪ ”فاطر“ ۽ مافوق
الفطرت هستيءَ سان آشنائي ٿو بخشي، هو مومل جي
مانڊاڻ جي پراگندگيءَ ۾ ”هڪ“ ئي مشاهدو ٿو ڪري ۽
چوي ٿو.
”راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻو ناهه ڪي!“
هو ذري ذري ۾ ، قطري قطري ۾، حق جو مشاهدو ٿو
ماڻي، ان طرح هو اهو ادراڪ ۽ مشاهدو،
”پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ“،
چوندي ظاهر ٿو ڪري.
انسان خود پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏي ڪائنات
آهي، سندس ڪائنات ۾ لا تعداد عوامل اهڙا ٿا
ڪارفرمائي ڪن، جن جو علم اڃا تائين ٿي نه سگهيو
آهي.
هڪ طرف انسان، شعور جي ماتحت عمل پيرا
آهي، ته ٻئي طرف منجهس لاشعوري ۽ غير شعوري عناصر
جي ڪار ڪشائي جو عالم به وسيع آهي، ان حالت ۾ اها
دعويٰ ڪرڻ ته سائنس ۽ جديد نفسيات سان، انسان جي
هر مسئلي کي گرفت ۾ آندو ويو آهي، نهايت احمقانه
جرات چئي سگهجي ٿي.
هن دور جو مشهور سائنسدان، اليڪس ڪيرل، صدر راڪ
فيلر انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل ريسرچ، چوي ٿو:
”اهو علم ۽ اهو فن، جن جو تعلق بيروح مادي
سان آهي، ۽ جي انسان جي زندگيءَ متعلق بحث ٿا ڪن،
تن ۾ عجيب ۽ غريب تفاوت ۽ تضاد موجود آهي، روح
واري مخلوق، خاص طرح سان انسان جي باري ۾ جا به
معلومات اڄ تائين حاصل ٿي سگهي آهي، ان جي صحت، شڪ
جو شڪار رهي آهي، ان ۾ اسان کي ڪا به نمايان ترقي
۽ ڪاميابي حاصل نه ٿي آهي، اهي علم ۽ فَنَ به اڃا
تائين ابتدائي ۽ اوائلي منزلن ۾ ئي آهن، انسان،
انتهائي پيچيده مشين آهي، تنهن ڪري ان متعلق ڪا به
جلد بازي سان راءِ قائم ڪرڻ، علمي راءِ نه ٿي چئي
سگهجي. اڄ تائين اهڙا ڪي به اصول ۽ معيار، طريقا ۽
وسيلا اسان کي هٿ نه اچي سگهيا آهن، جن سان ، پوري
انساني زندگي ۽ ان جي مختلف شعبن ۽ ان جي باهمي
واسطن ۽ رابطن متعلق ڪا مڪمل معلومات حاصل ڪري
سگهيا هجون، انسان متعلق اسان جي جهالت بيشڪ
افسوسناڪ حد تائين پهتل آهي.
هي آهي، انسان متعلق اسان جي علمي ۽
سائنسي وسيلن ۽ ذريعن جو حال.
جديد تهذيب ۽ ان جي اثر متعلق ساڳو عالم لکي ٿو:
”جديد تهذيب، آزمائش ۽ ابتلا جي دور مان گذري رهي
آهي، ۽ اها، انسان ۽ ان جي همه گير، پريشان ۽ حل
طلب مسئلن کي حل ڪرڻ کان عاجز ٿي چڪي آهي. سندس
تعمير ۽ تشڪيل انسانذات جي تقاضائن آهر نه ڪئي وئي
آهي، بلڪه ان تهذيب کي سائنسدانن جي وهمن، شڪن،
اٺسٺن، ۽ اندازن جي آهر تعمير ڪيو ويو آهي، جنهن
کي بدقسمتي سببان، اهي سائنسدان، ”حقيقت ۽ اڪتشاف“
سمجهي ويٺا آهن. حالانڪه سندن ”اڪتشاف“ جا ماخذات
آهن، عام ماڻهن جون حيواني خواهشون ۽ عام ماڻهن جا
غلط تصورات!
”اسان هڪ سائنسدان جي حيثيت سان ، ان تهذيب جي
معمارن ۾ شمار ٿيون ٿا، ليڪن اسان تهذيب جي تعمير
لاءِ مناسب نه آهيون!“
ان کانپوءِ انسان ۽ علم جي مرڪز متعلق
نهايت دلپسند انداز ۾ لکي ٿو؛
”اسان جي علم جو مرڪز ۽ محور ”انسان“ هئڻ
گهرجي، ليڪن انسان ئي ويچارو، اڄڪلهه جي دنيا ۾،
سڀ کان وڌيڪ اجنبي ۽ ويڳاڻو رهجي ويو آهي! ويچارو
انسان، دنيا جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪامياب ٿيو
آهي، ڇو ته هو پنهنجي فطرت کان نا آشنا رهجي ويو
آهي، ٻيو ته حيرت اها آهي ته بيجان مادي سان تعلق
رکندڙ علم ۽ فن، اڄ زنده انسان تي بحٿ ڪندڙ علم
۽ فن تي حيرت انگيز سبقت حاصل ڪري چڪا آهن، اصل ۾
، اهو ئي انسانيت جو سڀ کان وڏو زيان آهي“.
منڍ ۾ عرض ڪيل آهي ته اڄ انسان جو نقطه
نظر تنگ ظرفيءَ جو شڪار ٿي چڪو آهي، اڄ زندگي جي
مختلف النوع مسئلن کي وحدت جي حيثيت سان نه پر غير
معقول ڪثرت جي نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي، ان سلسلي ۾
اهم ۽ غير اهم جي تميز به نٿي رکي وڃي، حالانڪه
زندگي ۽ ان جو نظام ، مرتب آهي، منظم آهي، معقول
آهي ۽ مفيد آهي ۽ ان ۾ وحدت آهي، ان جا جز سموهجي
۽ ويڙهجي، ڪنهن ”ڪُل“ تي انتها ٿا ڪن ۽ اهو ”ڪُل“،
” اصل“ آهي ۽ ”جز“ ان جو ”فرع“ آهي.
ان اهم مسئلي تي اليڪس ڪيرل ، واهه جو
لکيو آهي، فرمائي ٿو:
”اسان ڪن وقتن تي، ڪي اهم پهلو نظر انداز ڪري،
انهن جي مقابلي ۾، ڪي غير اهم ۽ معمولي پهلو،
اڳيان ٿا رکون. مصيبت اها آهي جو هر ماهر فن،
پنهنجي فن سان غير معمولي وابستگيءَ جي ڪري ، بيجا
تعصب جي بنياد تي، سمجهي ٿو ته اُن انساني
زندگيءَ جا سڀ پهلو ڄاتا سڃاتا آهن، ۽ انساني
زندگيءَ جو ڀرپور ادراڪ حاصل ڪيو آهي. حالانڪ ان
جي نظر، ڪنهن هڪ اڌ مسئلي جي رڳو ڪنهن هڪ معمولي
پهلوءَ تائين محدود هوندي آهي. ان طرح هڪ معمولي
۽ ناقابل توجهه جز کي غلطي وچان، ڪل جي برابر فرض
ڪيو وڃي ٿو. ان طرح مزي جي ڳالهه اها آهي ته اهي
جز به ڪنهن ترتيب ۽ سليقي سان نٿا چونڊيا وڃن.
بنا ڪنهن علم ۽ نظم، ترتيب ۽ خيال، سوچ ويچار جي
وقتي جوش ۽ اثر کان متاثر ٿي. ڪنهن جز کي پوري
زندگيءَ جو نعم البدل قرار ڏيڻ، سندن ناداني آهي،
ان کي دانائي نه چئي سگهيو. فيصلو ته ڪل تي مدار
رکي ٿو ۽ نه جز تي. “
هي آهي انسان ۽ ان متعلق جديد دور ڄي علم ۽
معلومات جو معيار.
اڄ جي انسان، هڪ طرف هر معامليکي صرف سود
۽ زيان جي نگاهه سان ڏسڻ ۽ پرکن شروع ڪيو آهي ته
ٻئي طرف جديد تهذيب جي هر راءِ ۽ فيصلي اڳيان سر
جهڪايو آهي. مادي اعتبار سان سود مند پهلوءَ کي
اختيار ڪرڻ ۽ غير مفيد کي ترڪ ڪرڻ، اڄ جي انسان جي
مغالطي ڄي انتها آهي. حالانڪ زندگيءَ جا ٻيا به
ڪي اخلاقي قدر آهن ،جن جي نگاهه ۾ مفيد ۽ مضر هجڻ
جا ڪي ٻيا به معيار آهن. اصل ۾ انهن اخلاقي قدرن
کي ئي ترجيح ڏيڻ جڳائي. ان ساري بحث کي لطيف هن
طرح بيان ڪيو آهي:
” ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو،
دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا!
هي ساري گذارش ان هڪ بيت جي تشريح آهي.
شال ان کي مقبوليت حاصل ٿئي. آخر ۾ اهو عرض ڪندس
ته لطيف ۽ ان جي فلسفي۽ ڪلام جي صحتمند تشريح ۽
تاويل جي جهڙي اڄڪلهه ضرورت محسوس ڪئي ويئي آهي،
اها اسان جي خيال ۾ اڳ نه هئي.
سنڌي ادب سان والهانه تعلق رکندڙ اديبن ۽ ادارن تي
فرض آهي ته هو ”لطيف“ جي پوري ڪلام جي شرح تيار
ڪرائين، پر جي ائين نه ٿو ڪري سگهجي ته پوءِ في
الحال ”لطيف“ جي منتخب جواهر پارن جي شرح تيار
ڪرائڻ گهرجي.
هن دور۾ انسان ۽ سندس فڪر ۽ نظر جي
پختگيءَ ۽ صفائيءَلاءِ ”لطيف“ جو ڪلام، هڪ اڻ گس
علاج آهي. ڪاش! ان طرف به توجهه ڏنو وڃي.
”واڪا
ڪرڻ وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو! “.
نظم ۽ افسانا :
ناظرين مهراڻ کي معلوم آهي ته سال اڌ کان مهراڻ ۾
نظم ۽ افسانن جي حصي کي ملتوي ڪيوويو هو. ڪي اهڙا
اسباب هئا،جن جي مصلحت کي اڳيان رکي ائين ڪيل هو.
ان ڪري مهراڻ جا پرچا فقط علمي، ادبي ۽ تاريخي
مقالن تي مشتمل شايع ٿيندا رهيا آهن،شڪر آهي جو
مهراڻ جا اهي پرچا پڻ پنهنجي معيار موجب، قدر جي
لائق ثابت ٿيا.
ان سلسلي ۾، تازو بورڊ جي فيصلي موجب،
ظاهر ڪيو ويو آهي ته ” مهراڻ ۾ نظم، افسانا ۽
ڊراما اچڻ گهرجن. “ بورڊ جو اهو قدم، اصل ۾ سنڌي
ادب لاءِ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. تنهنڪري سنڌي
اديبن کي گذارش ٿا ڪريون ته هو پنهنجي تخليقات
موڪلي، مهراڻ سان پنهنجي ديرينه تعلقات کي قائم
رکن جي ڪوشش ڪن، جيئن 1967ع جو نمبر4، رسالو، سندن
جواهر پارن کان خالي نه رهجي وڃي. رسالي مهراڻ جي
ترتيب جو ڪم هٿ ۾ اهي ۽ اهو بورڊ جي فيصلي موجب،
1967ع جي آخري سه ماهي ڪري شايع ڪيو ويندو.
انشاءَالله تعاليٰ.
اسان انهن محققن، عالمن، اديبن شاعرن
جاشڪرگذار آهيون جن مهراڻ جي علمي خدمت جي اعتراف
ڪندي ،اسان جي حوصله افزائي جا خط لکيا آهن ۽
پنهنجي مخلصانه تعاون جو يقين ڏياريو آهي.
مهراڻ جو مواد :
مهراڻ جي هن نمبر 3، 1967ع جي پرچي ۾ ، دستور
پٽاندر، نهايت معياري ۽محققانه مقالا پيش ڪيا ويا
آهن. سڀ کان اول صدر مملڪت جا ارشادات، ”قران ۽
دستور حيات“ جي عنوانن سان ڏنا ويا آهن. جن جي
مطالعي ڪرڻ سان واضح ٿئي ٿو ته قرآن وٽ، انساني
دستور حيات جو ڪهڙو نصب العين آهي. اهي ارشادات،
قديم ۽ جديد فڪر وارن لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندا.
ان سلسلي ۾ ملڪ جي مشهور مفڪر ۽ دانشور،
بروهي صاحب، پاڪستان جي اهم مسئلي تي تبصره آرائي
ڪري، ٻڌايو آهي ته پنهنجي رياست سان وابسته، عوام
تي ڪهڙا حق عائد ٿين ٿا.نهايت فڪر انگيز مطالبو
آهي، جنهن کي اميد ته غور سان پڙهيو ويندو.
مقالن ۾ سڀ کان اول ” هالا جا مخدوم ۽
شاهه صاحب“، حضرت مخدوم محمد زمان صاحب (طالب
المولا) جي محققانه ۽ مورخانه تحقيق جو شاهڪار
آهي، جنهن ۾ ان مفروضي جو رد ڪيو ويو آهي ، جو
ڪيترن لطيف جي سوانح نگارن قائم ڪيو آهي. نهايت
فيصله ڪن تحرير آهي.
” مولانا روميءَ جو اڻ ڇپيل ڪلام“ايڊيٽر
مهراڻ جي تحريرآهي . ان تحقيق جو افادي ۽ تاريخي
پهلو اهو آهي ته ان ۾ مولانا روميءَ جي بلڪل غير
مطبوع ڪلام تي بحث ڪيو ويو آهي، ۽ نموني طور ڪجهه
ڪلام به ڏنو ويو آهي. پارکو ۽ محقق،اديب ۽ عالم
،خاص طرح سان تصوف سان وابسته بزرگ ان مان سرور
حاصل ڪندا.
قومن جي تاريخ جي سلسلي ۾ ٽي مقالا ڏنا
ويا آهن.مرحوم رئيس ضياءَالدين ايس. (بلبل) جو
مهراڻ جا اوائلي ملاح “ رولو ۽ گهومو جپسي قوم
”وڻجارا“ تي، ليلو رچنداڻي جي تحقيق ، ۽ سنڌ جي
مشهور محقق ۽ مورخ جناب مير محمد بخش خان ٽالپر
جو،(کوسا بلوچ) اهي ٽيئن مقالا تاريخي تحقيق تي
شاهڪار چئي سگهجن ٿا.
سنڌ جي مشهور قلعي ”رني ڪوٽ“ تي ليفٽيننٽ
ڪرنل خواجه عبدالرشيد جي انگريزي جي مقالي جو
ترجمو، جو مسٽر شمس الدين عرساڻيءَ ڪيو آهي، سو
ڏنو ويو آهي. ”رني ڪوٽ “ جي حيثيت ديوار چين وانگر
شهرت يافته آهي. هن کان اڳ اهڙوڪو جامع ۽ مفصل
مضمون نه لکيو ويو آهي. ان سلسلي جا ٽي فوٽو به
ڏنا ويا آهن. افسوس آهي جو وقت سر ٻيا گهڻا فوٽو
مهيا ٿي نه سگهيا. دير مدار جو خيال رکي، في الحال
ٽن فوٽن ڏيڻ تي اڪتفا ڪئي وئي آهي.
سنڌ ۾ ڀرم ۽ سنسا هڪ سماجي عمل بنجي چڪو
آهي. دنيا جي هر قوم ۾ سنسا موجود آهن. هن ترقي
يافته ۽ سائنسي دور ۾ خود يورپ ۽ آمريڪا ۾ به سنسا
موجود آهن.هن ڀيري ، ان موضوع تي ٻه مفصل مضمون،
هڪ ولي محمد طاهر زادي جو۽ ٻيو رائچند (چيلهار) جو
ڏئي رهيا آهيون.جي ٻئي پڙهڻ وٽان آهن. جن مان
معلوم ٿيندو ته فڪر ۽ نظر جي زوال سان، ماڻهن
ويچارن ۾ ڪهڙا نه عجيب غريب خيال ۽ خطرا پيدا ٿين
ٿا، جن کي ٽارڻ لاءَ ٽوڻا ۽ ڦيڻا ٺاهيا ويندا آهن.
”شاهه فيصل“ سعودي عرب جي واليءَ جي سيرت
۽ عقيدي،ڪارڪردگيءَ ۽ عملي زندگيءَ تي، نواب نور
احمد خان لغاريءَ جو هڪ تاثر ۽ خاڪو ڏنو ويو آهي.
نواب صاحب جڏهن ته عرب ۾ گهڻو رهيو آهي، تڏهن سندس
”ڊائريءَ جي هن مختصر ورق، کي چشم ديد واقعات تي
مبني سمجهي، مهراڻ ۾ شايع ڪيو ويو آهي. |