سيد
غلام مهدي شاهه ”صوفي“
مٺيديرو، تعلقه لاڙڪاڻه
(اَڳاٽو ادب )
ميلو قلندر لعل
شهباز
ميلو مخدوم لعل شهباز بلند پرواز قلندر
لعل عاشق ذوالجلال احسن خصال سيوهاڻي سردار
گلعذاراکن جي ٺار، سنڌ جي سينگار، هيڻن جي همراهه
شهنشاهه عليہ الرحمة جو هر سال بسال درشهر شعبان
بستان بيخزان گلستان عاليشان باب الجنان ۾ مقرر
وقت، ميعاد دلشاد اعليٰ اسناد تاريخ 18 کان وٺي 20
تائين مع ثلت ڌمال بلند اقبال وڏي ڌوم ڌام سان کڻي
اقدام نهايت نيڪ ساعت مقرر وقت مبارڪ فضل تبارڪ
تشريف فرما ٿئي ٿو،جنهن ۾ خلق بيشمار، عالم اڪيچار
هرجنس اشخاص عام و خاص صدها اجناس رکي پياس دل
اداس هر اطراف نيت صاف قسمين قسمين ماڻهو موجود
ٿين ٿا.
ماڻهن جا قسم
سيد، فقير، نواب، بيحساب، نوڪر چاڪر چوڪر،
وڏيرا رئيس، سرائي پير ڀلارا رحم خدائي، خانصاحب
سرس سوائي، ڊانو ڊون جي ته ڪل نه ڪائي، حاڪم
عملدار ڪليڪٽر، ڊپٽي، صوبيدار، مختيارڪار، هيڊمنشي
۽ انسپيڪٽر آفيس سپريڊنٽ پوليس ڪنسٽيبل سوار، منشي
ڪلارڪ بي شمار، ريزيڊنٽ راضي اچي ڪرن آزي، قسيمن
قسيمن حاڪم و عامل ميلي اندر شامل پيا خلق، سڌارن
خبردار خبردار پڪارن، بازيگر ۽ ملهه ڪڃريون، کدڙا
دل، ناٽڪي نامي گرامي ميلي منجهه مدامي ڀرن پيا
سلامي، ڳنڍيون ڇوڙ، سوين کوڙ، سوين پٽ برهمڻ جوڳي
ڪن مرلين سان دل موڳي، ڪيئي ٽوٽ ٽرڙا وجهو وتن
ورڙا، چوڏولن چهرلائي، عجب رنگ الاهي، ناظر ۽
منظور برهه ۾ ڀرپور، عشق جا افسانا برهه جا بيان
کولي ٻاجهارو ٻولي، دل کي رولي، گهمن اولي، گهولي
گهولي، عاشق ڳولي ڳولي لهي نه ڦولي ، وري حسن جي
چوٽ ڏئي موٽ جنگ اڙائي، جوش جڳائي، دل کي گهمائي،
سوبسو، ڪوبڪو، حسن جون فوجان محبي موجان عاشقن جون
اوجان، جاڏي تاڏي جاني، سارهه آهي، سبحاني، ظاهر
زباني، شاعر شرح ڇا لکي ، گوَيا ، قوال راڳي بيخود
ڪن بيراڳي، سوين گرگوسائي سودا گرسوائي، ڪوڙين ات
ڪسائي، سوين نانوائي، سوين عالم افضل مڙي ڪن محفل
، سرودن وارا بيحد بيشمارا. مطلب ته هر قسم جا
ماڻهو هندو ۽مسلمان، عيسوي۽ ڪرستان، هر قسم جا هنر
مند دلبند اچي گڏ ٿا ٿين، ماڻهن جي رهڻ جي جاءِ
طرب افزا، غمربا هڪ مڪان ته سؤ سوا مهمان، گچا
گيهه ماڻهن پيهه لٺن ريهه، هڪ جي مٿون ٽيهه، جي
ڦير ڪياڙي ته لڀي ٽپڙ نه ٽاڙي، منجهه سوڙهه ڳنڍ
ڇوڙ اچن کوڙ ڪن وار، جان کڻ نهار ته ڪن جا ڇڙيل ته
ڪن جا اڳٺ کيسا رومال ڪتريل. مطلب ته ڳچ وقت تائين
اهو مزو به ڏاڍو حظ رکي ٿو. ماڻهن جو ڳاڙو ڦاٽو ته
ڪراڙو سوڀي جوان کون جوان نالن بي شادان ڪري رڙيون
ٻٽي گهڙيون، سوڙهه سنگهيڙ مون نڪري وڃي بستري تي
ويٺو ، هر ڪو اندر پيٺو. گهر گهر شادي خانه آبادي.
مطلب ته ڏسي عبرت وٺي، حيرت هڪدم لهي، غم خوشيون
کلي ويٺا ملي هاڻي ٿئي نه مٽڻ جي ڳلي، ڏسي سواحوال
فڪر ٿئي زوال. مطلب ته غم ان وقت دوصد ڪوهه پري
منزل گاهه ٿو ڪري. مسواڙي جائن جا مالڪ منجهه تنهن
پلڪ ٿي خوشيون پر وٺي زر بي خطر وڃي ويٺا گهر باقي
ٻيا پوين جا ڀاڳ، توڙي نچن ۽ توڙي ڪن راڳ توڙي ڪن
جنگ جهيڙو، اسان جو واسطو ڪهڙو.
احوال ڪافين جو
ڪافن ۾ ملنگ ڪروڙ پئي پوي گروڙ گروڙي،
گهوگهاٽ ڏنڊي جا رڙڪاٽ پين پيا گهنڊيون، نشي ۾
ائين پيا آهن جو ڪن جون ڄنگهان ته ڪن جون منڍيون،
مست قلندر، مست قلندر پيا پڪارن آسمان پيو لڏي،
مطلب ته بحر بر ۾ مست قلندر، مست قلندر جي صدا ٻڌڻ
۾ پئي اچي، ڀنگ پيئڻ جي وقت اهڙا صدائن جا آواز
شروع ٿيا جو جيڪڏهن منڪر حيدري ٻنڌي ته جيڻ دشوار
ڄاڻي يڪدم پنهنجو پاڻ گهات ڪري وجهي هڻي دم چرسي
سدا ڪن سرسي ته چرسي نه مرسي جي مرسي ته به کڏا
پڻي ڀرسي، واهه وهه وهه واهه اها سدا صفا سچي ٻڌڻ
۾ آئي. ادا انهيءَ صدا مون به عبرت وٺڻ گهرجي،
ملنگ اڙِٻنگ نهايت نانگا. سٽيا جن سنجهي ئي پنهنجي
سر جا سانگا تن سان ان وقت جنوني نشي جي ۾ جي کڻي
رد بدل ڳالهائي ته ڌو ڏنڊو، ڊڦ پٺيءَ تي آيوڙي آيو
۽ جنهن وقت چاليهه _ پنجاهه حقو چرس جو ڀرجي ٿو ۽
ٽوليون ٽوليون فقراعه جون دم هڻڻ ۾ مشغول رهن ٿا،
دونهين جي ڌپاٽ ڏياريءَ لاٽ هڳا، برپا ٿئي ٿو
نشيدار کان سواءِ بيهڻ ناهه جاءِ، جي بيٺو ۽
دونهون مغز کي آيس ته پاڻ کي ڊهيس، جي آيس مغز کي
ڦير ته ڊڦ پٽي تي ڍير، ڪا گهڙي ته پيو آسيسان ڪري،
وڻ ٽڻ ميدان ويا ماڻهن سان ملجي، ويٺا هر جنس
هڪٻئي سان رلجي. پير پائڻ جي جاءِ نه لڀي ڪنهن کي
ڪجي هبي تبي ميلو ڏاڍو ڀريو هاڻي مهر قلندر ڪريو،
ڏاڍيون پليس جون ماران، لڪڙڻ جون لاران شاهه ڇا
گدا سوڙهه ۾ سڀ يڪ سوا خون جو لک تي حڪم، ڪج قلندر
ڪو ڪرم، ها صدا سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي وات مان ٻنڌڻ ۾
پئي اچي. مطلب ته سڀ ڪنهن کِلي کائي رات لنگهائي
فجر آئي، عجب رنگ الاهي سيوهڻ ۾ شهباز جو.
زيارت جو بيان
فجر جو زيارت حضرت بابر ڪت فيض بشارت
مخدوم لعل شهباز قلندر عليہ الرحمة جي کلي وائي
هويدا هلي رکيو زوارن زور، مست و مست قلندرمور،
سوڙهه سنگهيڙ سان هر ڪو وڃي زيارت مشرف ٿيو. اندر
روضي شريف ۾ مولودن جا هُل، ذڪرمداحون، قرآن جا
شغل، سوين سندائن پيا سوالي جي مور نه موٽيا خالي،
ڪندي زيارت لهي ڪفارت، سبحان الله سبحان الله بر
قلندر بادشاهه راز رحماني سدا سوا لک اوليا
سيوستان شريف ۾ آهي. تن ۾ مخدوم قلندر عليہ الرحمة
ائين پئو سونهين جيئن تارن ۾ سونهين چنڊ، روضي
شريف درگاهه بارگاهه موليٰ جي ڪهڙي تعريف ڪجي،
عاجز انسان جي عقل کي ڪهڙي توفيق آهي جي برابر
تعريف ڪري سگهي.
احوال ڌمال جو
ٻاهران نظر ڪر ته ڌمال جو ڌڌڪارو، مست
ومست قلندر نعرو، ڀيرن جا ڌڌڪا ته ڇيرن جا ڇمڪا،
ناد نفيلان وڄن گهنڊ گهڙيال، ڌچر دهلن ٻڌي خلق ٿئي
خوشحال، ملڪن ملڪن جا فقير ڪي ملنگ ، ڪي اڙٻنگ، ڪي
مستانا، ڪي ديوانا، ڪي روڏا، ڪي توڏا ڪي ڪاڪلدار
ته ڪي گهرزدار، ڪي مهردار، ۽ ڪي نماڻا، ساهه
سيباڻا، مڙيا جنگ جلالي ڌاتا جا ڌمالي، ڪڍن لاتڪ
لنگوٽا، ڪي لاغر، ڪي موٽا، ڪي افغاني عجب نانگا
رکن نه سرجا سانگا، هيٺ مٿي هڪ پير تي پيارقص ڪن
ڏنڊا، هيٺ مٿي پيا اچن وڃن. هڪ هڪ کي ٽه سيرو ڪلهي
تي ڏنڊو جنهن سان ڀڄي منڪر جو ڪنڊو، اُچي ڌمال ڌڄ
رکيو، لکين ماڻهو ڏسڻ لاءِ حيران، سوڙهه سنگهيڙ ۾
سر گردان ته به مرڻ جيڻ جي خبر ڪانه، مٿون ماڙيون
۽ پڪيون جايون. ماڻهن سان پيوڀڄن واڄٽ واڄاپيا
وڄن. ڌمال واري فقراعه ڏي نظر پئي ڪجي ته ڄڻ عرش
ڪرش ۾ ڌمال جو وجد نظرپيو اچي زمين آسمان جنبس ۾
هيٺ مٿي ڏسڻ ۾ پيو اچي. ڄڻ دارا سڪندر جي لڙائي
لڳي پئي آهي، لٺن جا سٽڪار، لڪڙن جا وسڪار مٿون
باران وانگي پيا برسن ته به وجد ڌمال جي خيال ۾
الائي ڪنهن کي ٿا لڳن، هڻندڙن جا هٿ ٿڪي پيا، لڪڙ
لٺيون ڀڄي چٽ ٿيا ته به ماڻهو پوئتي نه هٽيا، ڏسي
ڌمال جو جوش ڦر عقل هوش، ڪهڙي ڳالهه ڪري، ڪهڙي
ڳالهه ڪجي. غلام قلندر عليه الرحمة جو ٿجي. مطلب
ته تعريف خدا جل ّشانہُ جي نظرپئي اچي، ساري خدائي
جو جنسار هڪ هنڌ آشڪار نظر ۾ آيو وه وه ڪوه واه
اچي ڌمال بند ٿي خلق پنهنجي هنڌ ٿي.
بيان شهر ۾ وڃڻ جو ۽ عجائباتن ڏسڻ جو
پوءِ سڀ ماڻهو شهر ۾ گهر ياپوئتي وريا. ڪي ڪاڏي،
ڪي ڪاڏي، هڪڙي پاسي ناچن جا ناچ ته ٻئي پاسي گوين
جا آواز هڻن پيا عجب ترانا ٽپا تان مرڪ ڳائن
يگانا، قسمين قسمين گانا پئي خلق ٻڌي عام ڪاملن جا
ڪلام ڌڪڙ، دلا، سُر، سارنگي رنگ رچائي ٿو رنگي
منڌم موج لائي ٿي ٻڌي، ساهه سودائي، ڪاڏي مرليون
ته ڪاڏي چنگ، ڪاڏي بينان ۽ سرندا وڄن پيا دل
گهرندا. ڪاٿي ڏس ته بازيگرن جي بازي ٿئي پئي ڏسي
دل راضي، اهڙي اهڙي بازي پيا وجهن. جو ساري عمر ۾
ڪنهن هنڌ ڏسڻ ۾ نه آئي هوندي عجب انصافي ان جي
بازي صافن صافي، ڪاٿي ڏس ته ڳجهارتن جو ڳوهه،
ڳوليندڙن جو ڇو، خلق جو انبوهه، چوڏولن جا
چينگهاٽ، گهوڙن جا ٻرڙاٽ، هڪڙا چوڏولن ۾ پيا چڙهن
ته ٻيا پيا لهن، ليکڻا لائق جوان پيا لڏن، انهي
مزي جي ته ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر آهي، سوداگر سياڻا
ڪمائن پيا ناڻا، بازار ۾ بهاري، عجب مزيداري پئي
گهمي خلق ساري، ڪي ڪهڙا واپاري ڪي ڪهڙا واپاري، ڪي
کٽن ڪي هارائين، هر شئي موجود ٿي پئي آهي.
زميندار، امير نواب بي حساب جيڪي زوروارا پياڪرن
سير سارا، سارو ڏينهن رات با عيش عشرت پيا گذارن
فقيرن جي بيبرگي ۾موليٰ برڪت وجهي پيو روز رسائي
تعريف خدا جي آهي. ڪاٿي ڏس ته ناٽڪ تماشو عجب آهي
خاصو، ڪي راڳ پيا ٻُڌن. حرفت پيا ڏسن، ڪي ٽڪيٽون
پيا وٺن، عجب پئي هارمونيم وڄي، ٻڌي دل نه رڄي،
لکين نانوائن وٽ پيا مانيون ٻوڙ کائين، پئسي کي
اڏائين، حلوائين ۽ ميون واري دڪانن، ڪپڙي واري
ڪارخاني وغيره دڪانن تي پئسن جون راهيون لڳيون
پيون آهن. وهٽن جا ساز، سرهين جا سامان، قسمين
قسمين پيا وڪامن؛ اهي سامان ڏسي عقل حيران ٿيو پيو
وڃي، هر ڪو پنهنجي خيال ۾ مست ٿيو ويٺو آهي. مطلب
ته قلندري ميلو ڏسي اربيلو، شيطان جو منهن ڀيلو،
حق حق لعل قلندر لعل، ماڻهو گهرني مال ٿو منهنجو
هي سوال معلومي. مطلب ته سنڌ ۾ اهڙو تراڪتي ميلو
ڪٿي ڪونه ٿولڳي. اميرن جا قوال ڪڃريون ناچو پيا
مجرا ڀرن، ماڻهو ماڻهن تي پيا ڪِرن، پئسا مينهن
جان پيا وسن،نازنين پيا هسن، لاتي بادشاهه بهاري،
پئي ڏسي خلقت ساري، سج لٿي کؤن پوءِ ديڳڙي ۾ پاڻي
ڊال ڊالان، ٻوڙ پيو هلي، نانوائي پيو کلي، مصالح
جي چٽ ڏيو ويٺو آهي،پاڻي به پئسا پيو ڪمائي. ڳالهه
ڪرڻ جي ناهي، خلقت جو شرح نه شمار، تِرهنيون ڀون
نه پيو پوي، جيڪو سنگت کؤن ڇڄي ته وري بستري کؤن
سوا هر گز نه ملندو.
مسجدن جو بيان
جان وڃ مسجدن ۾ ڪاهي ته ڪوڙين خلق آهي پيا
بانگا ڏين بانگون رکي تن جون تانگهون، پيا ڪن ذڪر
جون تنوارون هو هوجون هونگارون، ويٺا نيڪ نمازي
ڪِري رب راضي، ڪي نمازون پڙهن ته ڪي پيا واعظ ٻڌن،
ڪي پيا پڙهن محب مداحون، ڪن سيد جون ساراهون. مطلب
ته مدينو مشرف ياد پيو اچي اهڙو شغل اسلامي به
سڀڪنهن هنڌ ڏسڻ ۾ نه ايندو.
ٻين زيارتن جو بيان
ٻين اوليائن جي روضن تي به ڏاڍي ڌام ڌوم
لڳل جتي ڏمر تتي خلق بيشمار، عالم اڪيچار، يڪ ٿنڀي
ڏي سوين ماڻهو پيا وڃن، سوين پيا موٽن،اتي ڏس ته
اتيئي رنگ موليٰ جو لڳو پيو آهي جهنگ جهرلئي لاڻون
مڙئي ماڻهو پيا ڏسجن.
ملاکڙو
وري جي وڃي ملاکڙي جي ميدان عجب ايوان ۾
ڏس عبرت پس ته ٽاهو شرنايون دهل پيا وڃن، لکين
مجمع ماڻهو هڪٻئي جي مٿان پيان ڪرن، ملهه عجب جوان
رستم پهلوان پيا ڪڏن ڌوتيون اندر پيون ڦرن هڪڙا
ٺاهڻ ته ٻيا ڊاهڻ تي، هيڪڙا بيهارڻ تي ته ٻيا
ڀڄائڻ تي، لڪڙ کڙا ڪن سپاهه ڏين خلق کي ٽاهه، ڀيڄ
قلندر شاهه، وڏا ماڻهو پير بادشاهه اندر ڪرسيون
وجهون ويٺا اهو رنگ ڏسن، رومال منهن کي ڏيون پيا
هسن. مطلب ته ڪو وقت ته رڳو اها گڙد بڙد لڳي پئي
هجي جي شربت پي ته شربت جي ڪباب کاءُ ته ڪباب، هر
شئي جو هوڪو ٻڌڻ ۾ پيو ايندو، مطلب ته جيڪي وٺڻو
هجيئي سو وٺ مٺو اڙل جو پاڻي ٿيندو ساڻي شاهه
سيوهاڻي. ائين ڪندي اٽڪيون پاڻ ۾ جوڙيون ڏين موٽان
۽ موڙيون . ڪي پيا جوان هڻن جاٺا، ڪي ته گهمائن
گهاٽا، ڪي ڪڍن ڇڪيءَ تي ڇڪي، ٽٻيءَ تي ٽڀي، ڦيريءَ
تي ڦيري اچي دسن ان کي نه ته پاڻ ته ڍيري، ڪي ته
جهلي ارهه ۾ آڻي تڪ تڪ ۾ ملائي اهڙو ڌڪ ڏين جو
زمين وڄي وڃي،ڏسندڙ ڀڄي وڃي. هڪڙا ڇڙيون پيا ٺوڪين
ته ٻيا پاڻي ٽؤنڪن، جي اٿن ته پياٿڙن، هڪڙا
پياڪِرن ته ٻيا پيا وڙهن، پئسا لنگيون، بوڇڻ،مينهن
وانگي پيا وسن، زميندار، پير، امير وڏن ملهن کي هڪ
هڪ ملهه جو سو سوا رپين جو پيا ڏين.لاٽ ڪوٽ کي به
لنگيون ۽ بوڇڻ پيا اهو احوال ڏسي گهڻائي هڪٻئي کي
ڦيرايون پيا هڻن هيڪڙا هيٺيون ته ٻيا مٿون، هٿ پيو
نه پئي جهڙو ليت ڪبوتر ڏوٽ ڪبوتر راند لڳي پئي
آهي، ٽپا ڏيندا پيا وڃن ته مون به سوڀ ڪئي مون کي
به لنگي ڏي، مون کي به لنگي ڏي! جهٽ کن کؤن بعد ته
ويهن جون ويهان ڪري پون. ڳالهه ڳاڻاٽي کان لنگهجي
وئي، دسيل به ٽپا پيا ڏين جي ڪنهن جي دسڻ دسائڻ
ڏسن ته لنگيون بوڇڻ به ڏين، مطلب ته لنگن واري
ٺاهه ۽ ڏيندڙ کي چوڌاري ويڙهي ويا ته ماکي به ڏي
ته ماکي به ڏي! هن جا ڪپڙا ڦاڙي چٽ ڪيائون هو
ويچارو ته مس مس جند ڇڏائي ڀڳو، اچي لڪڙن جو ٽاهو
لڳو، جان کڻي نهار ته سڀڪولنگي هٿ ۾ کنيو لنگهي کي
شابي شابي ڪيو بيٺو ٽپا ڏئي. هڪڙي پاسي وڏن ملهن
جي راندن جا انصاف ته ٻئي پاسي هنن جو مزو لڳو پيو
آهي. جي پويون حلقو ٻڌي بيٺا اٺ گهوڙا مهري جن جا
ساز سنهري. عجب لقاعه الهي برسيو ميڙو بادشاهي، هر
ڪو خوشون کلي. ان ريت ٽي ڌمالان ٽي ڏينهن ميلو پيو
هلي ته ڀيڃ قلندر بلي بلي.
اس ميلي ڪي عرش پر ڌوم هي، قلندر ڪا هند سنده په
حڪوم هي.
مينديِءَ جو بيان
مينديءَ جي تياري ٿي، خلق ۾ بهاري ٿي،
دشمن جي دل آزاري ٿي. منڪر تي مارماري ٿي، ڳايائون
مينديءَ جا سهرا۽ ڪيائون سڳن ساٺ طرحين طرحين جا
تماشا شروع ٿيا تن جو بيان ته عيان ڪرڻ کان ٻاهر
آهي زبان کي ڇا توان آهي.
بيت
خوشي دنيا ۾ ٻي اهڙي نه اصلي، رکي ميلاپ جو ان ساڻ
مثلي،
ماڻهن تبرڪ جون شيون درگاهه بارگاهه مبارڪ تون وٺي
اچي اسٽيشن تي رونق افروز ٿيا.
تياري واپسي جي
ٽيشن پئي ٽهڪي، هر ڪو پيو ٻهڪي، دشمن
عليءَ جي اولاد جي پيوسهڪي، مروان بن مروان خيري
دروءَ تي پادر پيو ڦهڪي- بابو خلق جو ازد حام ڏسي
وائڙو ٿي ويو ٽڪيٽون ڏيڻ لڳو جنهن جي اڳيون پئسن
جون بهيرون سوڙهه سنگهيڙ ۾ ڪري ها ريهون. سڀڪنهن
ٽڪيٽ ورتي- ريل جي ڳڻتي گهنٽي وڳي، خلقت ڀڳي ريل
پرين جي اچي پڳي دروازو کليو هرڪو گاڏيءَ تي چڙهيو
ٽڪس جاچڻ جو ته عقل گم ٿي ويو. ريلوي سپاهي ته
قهرالاهي، خلق جهنڊ ورن زور ٿي ويئي. گارڊ گوڙ ۽
ماڻهن جو انبوهه ڏسي حيران ٿي خبردار خبردار پڪارڻ
لڳو. ماڻهو سوڙ سنگهيڙ، پيهه پيهاٽ جهلي ڏکيا سکيا
چالاڪين سان گاڏيءَ ۾ چڙهي ويٺا، هڪڙا ويٺا ته ٻيا
بيٺا. وڏي ڌام ڌوم سان لعل جا ڄاڃي جهولي جهولي
مست و مست قلندر لعل نعرا هڻندا ڪري زيارت اچي گهر
پهتا. ميلو پورو ٿيو ....... يزيد عليہ اللعنت جي
آل اولاد جو منهن ڪارو ......... ڪلمو محمد تي ڪهو
تي جاعه جنت ۾ لهو.لا الہ الا الله محمد رسول الله
صلي الله عليہ وآلہ وسلم.
شاهي ميلو ساڻ خواهش ملنگ قلندري، اڙبنگ
حيدري. حاجي جمعه ولد حاجي بهرام خام جي جڙي تيار
ٿيو.
(نوٽ: ُميلو لال شهباز، سنڌ جي مشهور اديب
۽ بذل سنج، مرحوم ( بلبل) جي طرز ۽ تتبع ٿي، ڪنهن
حاجي جمع ولد حاجي بهرام خان جي چوڻ تي، اتر جي
ڪنهن بزرگ، سيد غلام مهدي شاهه (صوفيءَ) مٺيديري
تعلقي لاڙڪاڻي واري، تيار ڪيو هو، ۽ ان کي،
شڪارپور جي شولداس ٿانورداس، لاهور مان ڇپايو هو،
اهو قديم نسخو(مهراڻ) ۾ پيش ڪيو ويو آهي – غ. م.
گ).
فضل الاهي انصاري
سيشن جج
اَکا
هڪ ورق.
آشنائي ته وڃي اوچتو ٿي، ملاقات بي سبب ٿي
سگهي ٿي. پر هيءَ ڏيٺ بي مقصد ڪانه هئي. طلب پڻ
انفرادي نه هئي. خواهش جو بنياد ضرورت تي بيٺل هو.
اها اصليت ۾ عام هئي. عرض ڪرڻ تي هڪ مهربان مفت
ميلاپ ڪرايو. نه هو ڪو قصو نڪا هئي ڪا ڪهاڻي. جو
آيو سو اگهيو وارو نمونو هو. ڇڪ ته بجاءِ خود، پر
تار جو وجود ئي موجود ڪونه هو. سئي سڳو، سبڻ
لاءِکتو ٿي سو مليو. بازار ۾ خريداري ٿي مثل يوسف
جي. ابتدائي صحبت رسمي رهي. سلام دعا وڃي تندون
تاڻيون. آخر اچي تاڃين تاڻي سين. اها ته خبر ڪانه
هئي ته اڻيل موٺرو مهانگو پوندو. هر ابتدا بي
تاثير رهندي آهي. اهو پراڻو دستور هتي به هليو
جڏهن تاڪيو تيار ٿيو تڏهن وڃي سنڌن جي سور جي سڌ
پئي. اوائلي چڻگون ايڏيون تيز نه هيون. طاقت ڳجهي
به رهي ٿي. سو شروع ۾ پيچن جي پيڙا معمولي معلوم
ٿي اگرچ ڳنڍ پيچجي چڪي هئي ريشم جو سنهون ڌاڳو
نوڙيءَ کان ڏاڍو. حملي پنهنجو احساس ٻنهي پاسي
ڪرائي ڇڏيو. اُڻندڙ سدائين ڳنڍي؛ ڇني ڪڏهن ڪين.
ابتدا ڳالهه ڪچي ڦڪي پيئي لڳي، جيسين وڃي ڇيڻا
دکن. وقت گذرڻ سان ڏاڍو وڌيڪ طاقتور ٿيڻ لڳو، ۽
ضعف زياده ضعيف. نتيجو اهو نڪتو جو ڏاڍي جا چنبا
اَڀري جسم ۾ کُپي ويا. سڻڀو پنهنجي شڪار کي وندر
واسطي ڦيرائڻ ۽ ڦٿڪائڻ لڳو. ڪُنجين جي چين سان ڪين
راند ڪبي آهي: موڙُ گهاون کي گهرو ٿو ڪري. ڦٽ چڪن
ٿا ته ڏاڍو پوسرائن. (مروان موت، ملوڪان شڪار!
پنهنجي ڪئي جو نه ويڄ نه طبيب) پر هتي ته ڪِئو به
پنهنجو ڪونهي. انسان ته هر حالت ۾ نستو آهي ڪتي
شيهوستائي ٿو، ڪٿي نينهن نوائي ٿو. اثر ٻنهي جو
هڪڙو.
ڳالهيون ڪندا آهن ته جيترو زور زوريءَ ۾
اوڏو ڪري بيزور. معشوقانه ستم بجاءِ دل ٽوڙڻ جي
پيار جي پيڙهه وڌيڪ پختي ٿو ڪري.
عاشق زهر پياڪ وهه ڏسي وهسن گهڻو،
ڪَڙي ۽ قاتل جا هميشہ هيراڪ،
لَڳن لئن لطيف چئي فنا ڪيا فراق،
توڙي چڪن چاڪ، ته به آهه نه سلن عام سين
جفا عاشقن کي نهوڙي ٿي پر عشق کي برباد
ڪري نٿي سگهي.البت متوالو انهيءَ دز ۾ لٽجيو، ديد
وڃايو انڌو بنجيو پوي. محبوب اڳيان کيس ڪي ڪين نظر
ايندو(تون هين تون) واري حالت پيدا ٿيو پوي.
عزت ۽ غيرت پڻ دنيا ۾ بحيثيت نظريه جي
دائم ۽ قائم آهن. عشق جي حالت ۾ ته هنن جي پيوند
پهاڙ جي صورت وٺيووڃي. سندس پرورش لاءِ هر حيلو
هلايو وڃي ٿو ۽ تمام زور استعمال ڪجي ٿو. سهڻي صفت
آهي. هن جنس تي چوٽ ڪنهن به صورت ۾ برداشت ٿي نٿي
سگهي. انڌو عاشق لڙي به ٿو ۽ سڙي به ٿو. الفت جون
الرون ڪيرايو وجهنس. عشق جي آگ جسم ڳاريو ڪک ڪريو
ڇڏيس. پر سندس نظريه کي وڍڻ ته ڇا، ڇهي به نٿي
سگهي. پاڻ ساڙي رک ڪري سڀ پليتايون ڇاڻيو پاڪ ڪريو
ڇڏيس. حسد کي انهن هستين خلاف هڪ ئي هٿيار استعمال
ڪيو ويو آهي، پر ڪاميابي ڪڏهن به حاصل نه ٿي اٿس.
بعض اوقات اهو هٿرادو جوڙيل ڪينو محبوبن ۾ ويڇو
آڻيو وجهي. ٻئي طاقتون وڏيون آهن ٻنهي جي ڇڪ ڏاڍي
آهي.
ڌڪ ڪمزوريءَ جو آغاز ڪرائيندو آهي. ان
حالت ۾ پيڙهه کي پختي ڪرڻ لاءِ پشتيون ڏبيون آهن.
اهو فڪر ذهن تي رسيئي نٿو ته هڪ کاٽ ڀربو ته ٻيو
نمودار ٿيندو ڀُريل ڀت تي ڪهڙو ڀروسو.
سچ آهي ته الفت جا پردا اکين جا تارا
اوڍيو ڇڏين. نتيجي ۾ بينائي بند ٿيو وڃي بيوسيءَ
جو عالم ته ڏسو!
اوهان جي اکين جام مئي مان نهاريو،
اسان چوٽ کائي کڻي جام هاريو
سور ۽ سختيون اداسي ۽ اشڪباري عاشق جو
ڏاجو آهن. اک اڙي، دل وئي پوئو پاتو. ڇا ڏئي ڇا
وٺجي. پر عشق سودو ته ڪونهي، سٽو به ته ناهي، آهي
ته آهي ڇا؟ الله ڄاڻي! منهنجي عقل کان ٻاهر، دل جو
راز دل جي ٻولي ٻولي. جسماني زبان ۽ ڪاٺ جو قلم هن
جي بيان ڪرڻ کان محتاج آهن. چوٽ کاڌيسين ڪڇيوسين
ڪين، جيڪي پڙپيو بسم الله ڪري پلاند ۾ کنيوسين.
ڪارين ڪڪرين ڪجهه بوندون وسايون ۽ هنيو ٺاريو.
بارش اَبِر رحمت آهه نه؟ اکين جي اَب سورن جي سلي
کي ريج ڏئي اُڀاريو. لابارا لاهي هاڻي ويٺا ڦل
کائون . گرهه وات ۾ وڃڻ سان سٽڪو ڪيو ۽ سور اڀريو
اچن. نوري چشمن مان نارن جي ڌار وهيو وڃي بي پناهه
سيلاب اٿلون ڪندو اچي. انديشو ٿو اٿي ته ڪٿي ناخدا
کي نه ٻوڙي ماري! الله سائين امان ڏجئينس.
عشق جو غلبوعقل تي حاوي آهي نهوڙيس ٿو پر
ڪهيس ڪونه ٿو. اسرڻ به نٿو ڏئيس جتي آهي اتي
بيهاريو ڇڏيس. عاشق سمجهيو به آهي، بي عقل به
ڪونهي پر پنهنجي دانش ظاهر نٿو ڪري سگهي. عشق عقل
کي ماٺو ڪيو ڇڏي. سمجهه ته ساڻس ملاقات به ممنون،
نسبت ته پري ٿي. ابهم دلبر معصوم ۽ بي سمجهه. هُن
لاءِ سر وڍڻ رت هارڻ چرچو ۽مذاق . مقتول جي لاش جو
ڦٿڪڻ هن لاءِ راند. ڏسندي مسڪرائيندي چوندو: اڙي
وڍجي پيو ڇا. مون ڇا ڪيو، ڇري تيز هئي. نشتر هيٺان
آيو ڇو، وڃي ڌوڙ پائي! لاڏ ۽ هوڏ هڪ آهن. ويچارو
بدنصيب عاشق مٽي ٻهاري، ڦٽ ٿو ڍڪي ته متان اگهاڙ
ٿئي. يار کي نه ڪو پاراتو ڏئي رت بيهندو ڏسي معشوق
ٽهڪ ڏئي ٿو. چئي ”اڙي ڏٺ ئه ڪوڙو، ڪيئن نه ڦاٽو ٿي
، رهڙ هئي سا بند ٿي ويئي!“ اتي عاشق ٿو آلاپي:
پياري ادا لاءِ شڪريو، ته مون کي گهايل ڪيو، بيمار
ڪيو،مجذوب ڪيو، تنهن جو احسان! تو منهنجو صبر ۽
قرار لُٽي ڇڏيو، چڱو ٿيو ته مون کي درد ڏنو ۽
منهنجا آنسون وهايا، تنهنجي بخشش جو ٿورائتو
آهيان. الا، متان منهنجا ڦٽ ڀرجن! هي ته يار جي
ياد آهن. سندس نڪتل نقش آهن. شل پيارل ٻيو به وار
ڪري ته سندس نشان دائما قائم رهن. وري ويچارو
پنهنجي مغموم ۽ رنجيده دل کي سنجيدگيءَ سان ٿو
سمجهائي، ” اي منهنجي بيمار دل،تنهنجا لک احسان
تون غمن تي غم کائي به خاموش رهين ٿي!“
اڃا پراڻا ڦٽ ڀريائي ڪين ته وري ساڳي ترار
اچي سر تي سٽڪو ڪيو. هيڻي جي هارائڻ ۾ به ته
بهادري ٿي ليکي وڃي. ضعيف حال رت ڳاڙي رهيو آهيان.
ڪريل سسي پئي هنج ۾ ڇوليون کائي.
يارن جا ساڳيا ضد هن بيعلميءَ ۽ بيخبريءَ
منجهايو آهي. جتي باهه ٻري اتي سيڪ اچي. دنيا کي
ڪهڙي خبر.
انسان هر سبق حالتن جي مڪتب ۾ پڙهي سگهي
ٿو. جنهن جو پلجڻ اتي ٿيو جتي ڪا ڪمي ڪانهي، اهو
سور جو سبق ڇا سمجهندو. هن کي اوڻاين جو پتو پئجي
ڪونه سگهندو. هن ليکي سڀ خير، پرننگ ننگي ڄاڻن.
پنهنجي پرائي جي به ساڃهه اتي. نانگو ۽ ننگو برابر
آهن. منجهن ڪو فرق ڪونهي. اگهاڙ وڏي نحوست آهي.
پيشانيءَ گهاءَ ميٽي نٿي سگهي. ڦٽ ڌئڻ سان البت
صفائي ڪري ٿي. نتيجي ۾ سور هلڪو ٿيو پوي. سندس
واڌارو روڪجي ٿو وڃي.
محبت جي هيري تي لهس جو ليڪو ڪيڏو نه بدنما داغ
ٿو لڳي. چنڊ کي به ته سدائين اهو مهڻو ملي ٿو ته
داغي آهي، هيرو باوجود رهڙن ۽لينگهن جي هيروئي
رهندو، پر اهڙيون ليڪون سندس حسن تي وار ڪري کيس
بدزيب بنايو ڇڏين. ڪاش سونهن جهڙو بي بها موتي
اجاين الرن کان گسائي بدصورتيءَ کان پاڻ بچائي
وجهي!
پروڙ وڏي وٿ آهي. هر برباديءَ کان پناهه ٿي ڏياري.
انسان جيڪر ٿوروئي سوچي ته هوند ڪئين جانيون
برباديءَ کان بچي پون. جي ڪيرائڻ مقصد ناهي، جي
مارڻ مقصد ناهي ته پوءِ زهريلي چلولائي مناسب ۽
بجا آهي؟ عاقل ته اهو ڪم ئي نه ڪندو جنهن مان
پريشاني پيدا ٿئي.
اسان جون وفائون نه ساحل نه ڪشتي،
اوهان جون ادائون نه ٻوڙيو نه تاريو.
پرهيز عقلمندي آهي، پڇتاءُ احساس. سور ته سانڍيندو
وتان پر دل جي صندوق کي جو اچي اڏوهي لڳي آهي، سا
ته پيڙي ڇڏيندي. اهوئي فڪر ٿو ماري ته ڪٿي دردن
کي نه داغ لڳائي وجهي. شل اهي سلامت رهن. پيتيون
ته پيون بدلبيون سدلبيون، منهنجو ڏيل ڀل ته ڏري،
منهنجو سرير ڀل ته سڙي، پر محبوب جي امانت کي شل
لهس نه اچي.
ويچار.
قرض انسان جي عزت جو جنازو آهي. قرضدار کي ڪانڌي
وڃيو قبر داخل ڪن. شادي خانه آبادي براين لاءِ
ٻنجو آهي، ساڳئي مرد جي ڍال پڻ رهي ٿي.
مصيبت هڪ عظيم درسگاهه آهي جتي گهڻو ڪجهه سکجي ٿو،
۽ پروڙ ججهي انداز ۾ پائجي ٿي. پرک دنيا جي وڏي ۾
وڏي ڪسوٽي آهي.
شڪ ۽ سوداءٌ آدم جا ازلي دشمن آهن. پليت
پاڙ پٽي ڇڏينس.
غربت گناهه مفلسي، رسوائي هرحال ۾ هيڻائي ٿي آڻي.
جابر جي جبر کي پَر ٿي پهچائي ستمگر کي ستمظريف تي
سوار ٿي ڪرائي.
بيعلمي لعنت رسائي ٿي. جهل جهنم آهي. هر برائيءَ
جو بندوبست ڪري ٿي.
فضيلت ۽ اخلاق عقلمنديءَ جا ٻه بازو آهن. هر هنڌ
حاوي رهن ٿا.
رحم ۽ سخا آرام ۽ رتبو ٿا رسائين. هيمشہ حقيقي
خوشيءَجوخاڪو کارائي انسان کي مست مگن بنائيندا
وتن.
پرهيز، پاڪائي آهي، ۽ دليري، دشمن جو داغ.
چِڙ جو چڪ ڇتو ڪندڙ آهي.
نياز ۽ نوڙت تڪبر جا قاتل، فخر جو ڳاٽو ڀڃندا وتن
۽ هٺ ڪيرائيندڙ آهي.
موڪلاڻي
راڻا تنهنجي راند، منهنجي رسوائي. تنهنجي موج مون
لاءِ ملامت. روح کي تنهنجي اڳيان نمايم، جسم
تنهنجي قدمن ۾ ڪيرايم، خلق جي خواري، ڳانو سمجهي
ڳلي پاتم، پرضمير تي وار سهڻ مشڪل آهي. تون خود
بيضمير عاشق کان نفرت ۽ گوشو ڪندين. نج کير ۾ جڏهن
ناپاڪ جزا ملن ٿا، تڏهن سندس قيمت ڪِريو پوي.
اهميت اصل کي آهي. ڪُڪڙُ به اصيل وڻندو آهي. ميل
ميرو ڪندڙ ۽ منحوس.
يقيناً تنهنجو گهڻو ڪجهه مون ۾ آهي.
منهنجا به چند جذبا توڌاريا آهن.ڏيکاءُ سچائيءَ تي
هڪ چمڪ جو ڪم ٿوڏئي. سچو سون به ته اجاربو آهي ته
ڪٽ لهيس. باوجود ويجهڙائيءَ جي پنهنجي تخيل ۾ ڪجهه
مخالفت محسوس ڪريان ٿو.تنهنجو مجاز منهنجي شان جو
ضد آهي. صاف سمنڊ مٿي طوفان يا درياهه تي واچوڙو
ڪيڏو نه مونجهارو ٿو پيدا ڪري. وڳوڙ به وڏي وٿ
آهي.
هڪٻئي جا دونهاٽيل پاسا ڌوتاسين پر ڪن هنڌ
مضبوط ميڻ رهجي ويو. اُگهي اُگهي ٿڪو آهيان پر چمڪ
ته پري، رڳو شيشوئي صاف نٿو ٿئي هار مڃي
موڪلايائين ٿو. رفاقت جٽاءُ نه ڪيو . تون پنهنجو
رخ ٿو وٺين. ان ڪٺن پيچري تي هلڻ مون لاءِ محال ،
ڪندن ڀري راهه تي منهنجا ڦٽيل پير هلڻ کان محتاج
آهن. تون سگهارو مان اڀرو، طاقت ديد کي لٽيو ڇڏي.
مون وٽ ڏسڻ ۽ گهور کي وڏي وقعت آهي. سمجهان ٿو ته
ويڇو ڇا وراڻيندو، پر سورن جون مستيون جو پينگهي ۾
ئي پيٽ ۾ پيل اٿم سو دل هروڀرو لرزائجي نٿي. عذاب
سهڻ گويا عادت ٿي چڪي اٿم. سور چڪائيندو ضرور پر
ڪيرائيندو ڪينڪي. ڏک ڏائڻ مون لاءِ نئين ڳالهه
ڪانهي، تسڪين لاءِ ڪونه ڪو سهارو ميلو وڃي. لفظي
لقمان پڻ اچيو اثر پيدا ڪن. اداسي ماضيءَ کي
دهرائي ٿي ۽ گذشت کي جياپو ٿي بخشي، ان ڪري نهايت
پياري آهي.کل خوشي احساس ماريو وجهي، ان ڪري سوز
تان قربان ڪئي ويئي آهي. وڏي قربانيءَ وارو ڏينهن
عيد مقرر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ان ڏينهن ٿيندڙ ستم
ڏيل ڏاريو ڇڏي. خوني سيلاب سان هر ڪو خوش ۽ مڃتا
انساني صفت آهي. ان ڪري هرحال ۾ توڙي تشدد جي دنيا
هجي سر جهڪائڻو ٿو پوي، رضا تي راضي رهڻو آهي.
انسان جي زندگي اجتماعي آهي ۽ اسين ماڻهوآهيون ظلم
به کلي کڻڻو ٿو پوي. تاريخ ڪئين مثال پيش ڪيا آهن:
جتي پيارن جو لهو مسڪراهٽ سان نيزي جي اڳيان نماڻن
نيڻن، بنا سٽڪي، سُڪن نيڻن جو سهارو وٺي پيتو
آهي. صدما ورثي ۾ مليا اٿم. ڏاج ۾ به آيا آهن. ته
پڙي ۾ پڻ. ڪئين ماڻي چڪو آهيان. خوشيءَ مهانگي
ورلي پلئه پئي آهي. سيڪ پگهر ڪڍي پچائي پختو ڪري
ٿو تڏهن وڃيو ڪباب دنيا کي مزو بخشي.
ذلالت ۾ ساٿ دوستي ليکي وڃي ٿي. اهڙيءَ همدرديءَ
کي مڙسي مڃيو ويو آهي. مان اهڙي نباهه کي صاف سٿري
دشمني سمجهندو آهيان سچ صفائي آهي، يار سان لڪ
ڌوڪو، پوءِ ڪُهي ته ڪُهندو وتي. سير وهائيندي هرڪو
چوندو آهي ته اسين ته قرباني ٿا ڪريون، سچ چوڻ جو
عادي آهيان پوءِ پاپي ته پاپي ئي سهي. ان ڪري جي
ڪمفهم خود غرض، مطلب پرست جوخطاب مليم ته بروڪين
ڀانئيندس. دنيا ۾ رهڻ سان دنيا اڳيان سرنمائڻو پوي
ٿو. هيءَ ريت تمام پراڻي آهي. ازلي چئبس ته به بجا
ٿيندو. جا چوٽ اسين ڪرڻ چاهيون ٿا سا اسان تي به
ٿي سگهي ٿي. موقعي جو محتاج ٿيڻ خود غرضي ۽ نفس
پرستي آهي. پنهنجو پاڻ وسارڻ عقلمندي ڪين چئبي.
امتحان مهل نه فقط ممتحن جي موجودگي کپي، پر ان
سان گڏ ڪئين ڳالهيون ضروري تعلق رکن ٿيون. امتحان
وٺندڙ ڪير ڏيندڙ ڪير؟ موضوع ڇا؟ مارڪون گهڻيون؟ هر
هنڌ ڄنگهه اڙائڻ به امتحان ڏيڻ ناهي. انسانيت کي
سمجهي ويڇو وساري پاڻ کي سڀ جو حصو ڀانيون ته هوند
دنيا ڏي رويو ڪافي بدلجي وڃي. اهڙو احساس جيڪر
ناگوار ڪم وقت جسم کي سچائيءَ جي زنجيرن سان وڪوڙي
وجهي. مشڪل اهو آهي جو احساس ڪونهي.ضميرمري چڪو
آهي. لحد ۾ پيو ليٿڙيون کائي. دل ڪانهي ، صرف بت ۽
بازو وڃي رهيا آهن. منهنجي نظر ۾ وڏي ۾ وڏو گناهه
آهي، عورت جي عصمت ۾ اکيون وجهڻ، ڪنهن جي لڄ لوئڻ،
ڇو ته اهڙو عمل مامتا تي مار آهي.
ابتدائي تعليم ۽ تربيت جا ننڍپڻ ۾ پائجي ٿي من تي
نهايت گهرانقش چٽيو ڇڏي جي دائم قائم رهن ٿا.
انهن خواهشن جي اڪير تکي ۽ طلب تيز ٿي ٿئي، بي
سمجهيءَ جي پيدائش جو رهيا. ڪي اهڙن اثرن کي اعليٰ
ٿا تصور ڪن، ته ڪي وري کين ڪِريل ٿا ليکين. نظريا
مختلف ٿا ٿين هر شخص، هرشي، هر فعل ۽ هوقول پنهنجي
نقطي نظر سان ٿوڏسي ۽ پنهنجي ڪسوٽيءَ سان ٿو پر
پرکي. ٻئي جي نظر هرحال ۾ پرائي، جا پنهنجي نٿي
ڪري سگهجي. ڌاريو ڪيڏو به قريب اچي، ڌاريوئي رهجيو
وڃي.
”ڌ ُريان ئي ڌاريا مِٽ مئيءَ جا نه ٿيا،
مدي ڏيرن من ۾ آئون کليو کيڪاريان،
صبح ٿي ساريان،ته اُٺ نه اوطاقن ۾.“
مڃان ٿو ته اصلي عادت ڇڏڻ ڏکي آهي. بيشڪ
پنهنجي عجز جي پوئيواري ڪر. آئون ان وهم ۾ هوس ته
پريت جي گهاڻي ۾ پيڙجي سڀ مَٺو ميل نڪتو هوندو پر
کڙ کان سواءِ تيل ته نڪتوئي ڪونه ! کڙ ته جانورن
جي خوراڪ آهي. انسان تيل استعمال ڪندا آهن. مٺو
تيل ته اکين ۾ به وجهبو آهي. منهنجو خيال غلط ثابت
ٿيو، آئون وهم جي دنيا ۾ وسي رهيو آهيان. آڻ
مڃيسين، معافي طلبيسين. توبہ تائب ٿياسين. |