شام جي ايندڙ تپ بابت:
تپ واري جو پاڇولو ڏنڀين. ڇا ڪن، جو موئرو ٺاهي،
ان کي دُکائي، تپيل کي پٺيرو بيهاري، ان جي ٽَنگن
وچان سموري پاڇولي تي اهو دُکيل موئرو گهمائين.
رات جي ايندڙ تپ بابت:
هن کي ُ چور تپ، چون ڪنهن چور کان ڌاڳو وٽائي،
لڪائي تپ واري کي ٻڌن.
منجهند کان وٺي ٻئي صبح تائين هلندڙ تپ بابت:
هي تپ روز شام تائين گهٽبو آهي، پر شام کان صبح
تائين زور رکندو آهي. هن لاءِ مٽيءَ جو اُٺ ٺاهي،
ان تي ٻه ماڻهن جا پتلا ويهاري، ڳوٺ کان ٻاهر
سڏ پنڌ تي ڇڏي اچن ۽ موٽڻ مهل چون ته ” فلاڻي جي
تپ کي جهلجو!“ ڪنهن واهه تي ٻنپهرن جو وڃي گهٽ
۾ گهٽ پنج لڱا ۽ وڌ ۾ وڌ نو دفعا ٽپ ڏئي ٽٻيون
ڏيارين. تپ واري کي ڊوڙ پارائين. ٻارن کي چون ته ”
هن جي پاڇي کي لڪڻن جا ڌڪ هڻو يا ڪُٽيوس!“ تپ واري
کي اوچتو ڇرڪ ڏيارين. تائيٿ لکارائي نرڙ تي
چنبڙائي ڇڏين.
ٻِيَڙ تپ بابت:
جيڪو تپ هڪ ڏينهن ڇڏي، ٻئي ڏينهن تي اچي، تنهن کي
ٻيڙ تپ چون. انهيءَ لاءِ مُڃ جي نوڙي پاڻيءَ ۾
پُسائي، ڪنهن سائي وڻ سان ٻڌي چون ته ” فلاڻي جي
تپ کي جهلجانءِ“ مُڃ جي نوڙي پڙهائي ڪِرڙ جي
ڪاٺيءَ تي ويڙهائي، تپ ٻڌائين. ٻن نڪاحن واري
عورت يا مرد کان سڳو وٽائي ٻڌن. تپ وارو بيهي،
پنهنجي پاڇي کي ڀونڊا ڏئي. جيڪو وڻ نپيل هجي، يعني
منجهس کَپُ ٿيل هجي، ان جا ڇوڏا لاهي ٻڌن . جدا
جدا قسمن جا وڻ، جيڪي هڪٻئي ۾ جڪڙ جي پيدا ٿيا
هجن، انهن جا ڇوڏا سڳي ۾ ٻڌي، ڳچيءَ ۾ پارائين .
مسجد جي ڀِت ۾ درزَ يعني ڦوڙ لنبارائين. پپر جي وڻ
کي ڀاڪر پارائي چون ته ”هن جي مهمان کي جهلجانءِ“.
دانگي يا تئي مان بُجو ڀري، تپ واري کي سُتي منهن
تي گهمائين. ننڊ مان اُٿڻ تي کيس آهري يعني آرسي
ڏيکارين. ٻڪريءَ جا ٻه جاڙا ڦر هٿ ڪري، انهن جا
ٿورا وار ڪتري ڳچيءَ ۾ ٻڌن. ننڊ مان تپ وارو اٿي
ته پهرين بُجو ڏيکارينس. هڪڙو تپ واري جو مائٽ،
ٺِڪر جو ڍڪڻ پنهنجيءَ پٺيءَ پويان يعني پٺيرو هٿ
۾ جهلي، هر هڪ در تي وڃي چوندو ته ” آئون ڪونه ٿو
پِنان، پر فلاڻي جو تپ ٿو پني!“ پوءِڪو ٻريل
اُماڙي، ڪو چُوانتي، ۽ ڪو ٽانڊو ڍڪڻ تي رکندس.
کَٽ جي وڏڻ ۾ ڪلف بند ڪري رکن. تپ واري جي هنڌ ۾
مُهري ليٽائي چوندا ته
” اسين وڃون ٿا شاديءَ تي، تون مهمان کي جهلجئين.“
ٽِيڙَ تپ بابت:
اهو تپ، جو ٻه ڏينهن ڇڏي، ٽي ڏينهن اچي. هن کي ٽه-
دڙو تپ به چون. ان لاءِ ٽي ٻڪريءَ جا ڦَر، جي
ٽيڙوان يعني ٽيئي گڏ ڄاول هجن، سي هٿ ڪري، انهن
جا وار ڪٿري ٻڌن. ٽِه – نڪا حي مڙس يا ٽِه نڪاحي
زال کان سڳو وٽائي ٻڌن. صبح جو ٽِواٽي تي، ٽي
مانيون پچائي وڃي. رکن. تپ وارو پاڻ ئي پنهنجي
پاڇي تي ٽي لڪڻ هڻي. تپ واري کي دانگيءَ جي ڪاراٺ
جا ٽي لينگها ساڄي ڳل تي، ٽي کاٻي ڳل تي ڪڍي، ان
کي آرسي ڏيکارين. ٽي ڍڳڙيون مِٽيءَ جون ٺاهي، انهن
کي ٽي-ٽي پادر هڻن . ڪي به ٽي ماڻهو گڏ ڪنهن وهٽ
تي چڙهيل ايندڙ يا ويندڙ هجن، انهن کان، تپ ڇڏڻ
لاءِ ڪو ڏَس پڇن. پوءِ جيئن اهي چون تيئن ڪن. پر
جي مسخري ڪري ڪو ناجائز ڏس ڏين، ته به اٽي مان
اهڙي شئي ٺاهي ڪم آڻين.تپ واري کي چون ته ” ڪٿي به
ٻه ڄڻا ماني کائيندا ڏسين ته بنا صلاح جي وڃي انهن
سان ماني کاءُ، ۽ ٻين جي ماني کائي اٿڻ کان اڳ تون
هٿ ڪڍي هليو وڃج!“
بت ڊوهه يا ڪامڻ ڪڍائڻ:
ڪي ٺوڳي، چالاڪي ڪري، ڪنهن سودائيءَ مان رقم جهاڙڻ
لاءِ اڳواٽ مانهه جي اٽي جو بوتو ٺاهي، اُن کي
سُيون هڻي، ڳاڙهي اڳڙيءَ ۾ ويڙهي، ڪنهن قبرستان ۾
پوري ڇڏيندا آهن.پورڻ کان اڳ، ان ماڻهوءَ جو نالو
ڳاڙهي ڪپڙي تي لکي ۽ جنازي نماز پڙهي پوءِ پوريندا
آهن. پوءِ اهي ڪامڻي يا ڀوپا،وڃي انهيءَ ماڻهوءَ
کي حرفت سان سجاڳ ڪندا آهن. ته ” اسان کي ڪتابن
مان معلوم ٿيو آهي ته فلاڻي ڪي فلاڻي دشمن، تنهنجو
بُت وجهارايو آهي ان جو بلو ڪرائج نه ته مفت ۾
ڳري مري ويندين!“ ڳالهه ونئون سنئون، پر ٿورن گهڻن
ڏينهن کان پوءِ، سودائي يا بيمار جو سک ڦٽي ايندو
آهي، پاڻهيءَ پيو چوندو ته” مون کي بدن ۾ سُيون
پيون چڀُن ۽ هٿن پيرن ۾ باهه پئي ٻري!“ نيٺ ڀوپن
کي پئسا ڏيئي ڪامن ڪڍرائيندو. پوءِ اهي ٺوڳي، جتي
بوتو پوريل هوندو، اتي وٺي ويندس ۽ ان جي روبرو
ٻه-ٽي جايون کوٽي، آخر بنايل نشان وارو هنڌ کوٽي
بوتو ڪڍندا؛ پوءِ ان مان سيون ڪڍي کير ۾ وجهندا ۽
اهو سامان پاڻيءَ ۾ وجهندا اهو ڏسي، اڳلي ماڻهوءَ
جي چورا کورا گهٽبي ۽ وهم لهي ويندو.
مُلن جي فال وجهڻ:
ڪوبه بيمار يا سودائي طبيعت وارو، جو پاڻ کي اڻهي
اَگهو پيو چوائيندو آهي، تنهن کي ڪنهن مُلين وٽ
وٺي ويندا ته اهو فال وجهي چوندو ته ” هن جي سر تي
ڳري هئي، پر الله پنهنجي مهرباني ڪئي جو سويل ئي
پهچي ويا آهيو! تائيٿ لکي ٿو ڏيان، سو چانديءَ ۾
مڙهائي ڳچيءَ ۾ ٻڌوس ۽ ڇيلو يا ڪڪڙ مٿانئس گهوري،
ڏکڻ طرف جهنگ ۾ (جتي اڳيئي سندس ماڻهو وڃي لڪي
ويهندو ) وڻ هيٺان ڇڏي اچجو، ڏسجو، متان ڇڏيندڙ
پٺيان نهاري. ڇڏڻ سان مُٺيون ڀيڙي وٺي ڀڄي“ هُن
جي وڃڻ کان پوءِ سندس ماڻهو اهو گهوريل کڻي آڻي
کيس ڏيندو. ڪامڻ لاءِ چون ته مڇيءَ جا ڇلر
اورانگهبا ته به ڪامڻ پوندا.
لڳت جي حساب جي بيمار بابت:
ڪن بيمارن لاءِ چون ته” هن کي جنّ يا جنڙي آهي، “
انهيءَ لاءِ ميانوالي فقير، جن کي ڍيرائي فقير يا
سُرندائي فقير به چون، گهرايو ڇو ته انهن کي جنن
ڪڍڻ جو هُدنُ هدو يا اُذن مليل آهي.“
فقيرن جو ڍونگ:
اهڙي لڳت جي حساب ۾ گهڻو ڪري زالون ورتل هونديون.
اتفاقي ڪو مرد به هوندو آهي، جنهن کي جنڙي اچي
گهُٽيندي آهي. تنهنڪري پهريائين فقير پاڻ جهولي
جهولي معلوم ڪندو آهي ته برابر هن عورت ۾ جنّ جو
واسو آهي؟ پوءِ حڪم ڪندو ته ” شادمانو ڪريو. شاهه
گودڙيي تي، گازي شاهه تي، لطيف تي، قلندر شهبازتي
يا لڪيءَ جي شآهه صدر تي وٺي وڃو. اتان ڇوٽڪارو
ٿيندو. جنّ چوي ٿو ته ُ ڪاڙهي تتي جو اسان جي
آستاني تي اچي، اسان جو سُک ڦٽايو اٿس يا اسانجن
ٻچن کي ايذايو آهيس. وغيره،“
ڪن ڪن زالن جو، فقير پاڻ جنّ ڪڍندا آهن. اهو کريب
هن نموني ڪن.
جنّ ڪڍڻ جو کريب:
سُرندن تي لهرو پيو وڄندو. عورت کي ويهاري، فقير
ان جي چوڌاري لٺ سان ليڪو ڪڍندو ۽ عورت کي کٿي سان
ڇنڊڻ شروع ڪندو. رکي رکي چوندو ته ” جنّ آهين ڀوت
آهين يا ڪو مرض آهين. الله جو سونهن اٿئي، پنجتنن
جي ڊوهي اٿئي، چئن يارن جو اسم اٿئي، هن کي ڇڏي
وڃ!“ ( لهرو زور سان تکي، لئي سان وڄندو رهندو) ”
تون رحم جو گهر آهين، هن اسان جي چيليءَ تي رحم
ڪر، هن کي ڇڏي ڏيءَ!“ جي چيائين ته ”نه ڇڏيندس!“ته
ميانوالو فقير، ان عورت کي چوٽيءَ کان جهليندو ۽
ان ليڪي جي ڪڍڻ واري لٺ سان پُٺن، دُڏ، ٻنڊڻن ۽
ٽنگن تي ڪشي ڌڪ وهائيندس. پوءِ جنّ روئڻ ۽ زاريون
ڪرڻ لڳندو. ڏاڍي مار ڏيڻ کان پوءِ وري ميانوالو
پڇندس، ٻڌاءِ ”ڪٿان جو فقير(جن) آهين؟“ جواب:
قلندر جي دونهيءَ جو.“ هن کي ڇو ورتو اٿئي؟“ جواب:
” هن منهنجا ٻچا لتاڙيا آهن، يا هن جو مڙس، هن کي
ماريندو هو ۽ هوءَ مون کي وڻندي هئي، تڏهن مون کيس
پنهنجي چيلي بنايو.“ ميانوالو:” هاڻ هن کي ڇڏڻ
لاءِ ڇا خيال اٿئي؟“__ ” بس هاڻ هليو ويندس. فقط
چنڊ چوڏهينءَ تي پيو ڀيرو ڪندس. “ ميانوال: ” نه
نه، توکي اڻهيءَ لاءِ ڇڏي وڃڻو پوندو، نه ته آئون
ٿو لٺ کڻان؟“ جن: ” دستگير وچان ضامن آهي يا شاهه
پنجو ضامن يا قلندر جو قسم کان ٿو؟ ته وڃان ٿو هاڻ
مون کي مار نه! “ ”چڱو ڏي بادشاهه پير جو هٿ؟“ ”
هائو، هاڻ پيالو پياريو ته هليو وڃان.“ ميانوال: ”
ڪهڙو پيالو پيئندين؟“ __” ڪڙو پيالو پيئندس.“ پوءِ
مرچ گهوٽي، ان ۾ پاڻي وجهي پياريندس يا ٻرندڙ مچ
جي ڇاريءَ جو ٻُڪ پاڻيءَ ۾ وجهي ڏيندس، جو ڏوڪي
ويندو. ميانوال: چڱو ڀلا هاڻ اُسر! پيالو پيتئه!
هَو ساعت کان پوءِ ڪڪڙ جي ٻانگ جهڙو آواز ٻڌڻ ۾
ايندو. اهو کريب پنج – ڇهه ڪلاڪ هلندو آهي.
ڇتي ڪتي جي چڪ بابت:
ڇتي ڪتي جي کاڌل کي، پِير گاديءَ واري، پير راڄي
خاناڻي ۽ شيخ ريحاڻ تي وٺي وڃن ۽ پاڻي پڙهائي
پيارين. يا نيرهه ڳوٺ (تعلقه ميهڙ) ۾ وڃي کيس ڪاٺ
۾ وجهائين.
ڪتي جي ڇتي ٿيڻ لاءِ چون ته ” جي تتر پکي، گهڻي
اڏوهيءَ کائڻ سببان مري وڃي، اهو مئل تتر، جي ڪو
جهنگ جو گدڙ کائيندو ته ڇتو ٿي پوندو؛ جي ان کي
ڪنهن ڪتي چڪ هنيو ته اهو ڪتو ڇتو ٿي پوندوپوءِ ڪتي
مان ڪتو ڇتو ٿيندو ويندو. اهڙي ڪتي، ڪنهن به جانور
يا ماڻهوءَ کي چڪ هنيو، ته اهو به ڇتو ٿي
پوندوآهي. ڇتو جڏهن چاق نه ٿيندو آهي ته ان جي
مٿان نير ٻڏل ڪپڙو وجهبو ته مري ويندو.“
رواجي ڪتي جي چڪ بابت:
چڪ جي جاءِ تي ست پادر هڻي، تماڪ جي کاڻ جا حقي
يا چلم جي ڦُل ( ٽوپي) جي خاني ۾ سڙي ويندي آهي،
اها ڦٽ تي رکن يا ڳاڙهو مرچ رکي ان جي مٿان ٽامي
جو ٽڪو يا پسئو رکي ڇڪي ٻڌي ڇڏين.
بلا يا نانگ جي چڪ بابت:
حقي يا چلم جي ڪِٺِ چَڪ تي ٻڌن، آريٺڙا ڪُٽي
ڦڪائين. نم جا پن کارائين، جاءِ ۾ دونهون ڪن.
مانڊو ويهارين. چون ته ” ڏينهن ِ واري (حامله) زال
جي نگاهه نانگ يا بلا تي پئي ته يڪدم انڌا ٿي
پوندا.“ نم جو سائو ٽار گهمائين ڪاريهر نانگ لاءِ
چوڻ ته” جنّ يا فقير آهي!“
وڇون يا ڀٽونءَ جي ڏنگ بابت:
وڇون ساڙي ڏنگ واري جاءِ تي رکن. جيئرا وڇون جهلي
ڪڙي تيل ۾ وجهي ڇڏيندا آهن. جي ان ۾ سنڌ جي ويندا
آهن. اهو تيل جو راٻٽ ڏنگ واري جاءِ تي مکين. مور
جو کنڀ حقي يا چلم ۾ تماڪ وانگي وجهي، اهو
ڇڪائين. گدامڙيءَ جي ڪڪڙي ڏنگ تي رکن ۽ جهاڙ
وجهائين.
جهاڙ جا کريب:
جهاڙ پڙهي ڏنگ واري جاءِ تي هٿ ڦيرائين. ڪپڙي تي
جهاڙ پڙهي ان کي نپوڙين. پاڻيءَ تي جهاڙ پڙهي، ان
ماڻهوءِ کي پيارين جهاڙ پڙهي ماڻهوءَ کي ٺڪاءُ
چماٽ ڪرائين!.
ٻي ڪنهن ڏُکڻي جيت جي چڪ بابت:
ٻيءَ ذات جي ماڻهوءَ کان پِڪَ مکائين ان جاءِ تي
اڳٺ گهمائين ۽ گرم رکن.
خاص بيمار لاءِ:
بيمار اڳيان ڪنهن مري ويل جو نالو ڪونه وٺن. بيمار
جي در تي رلي ڪونه ٽنگين. ” چون بيمار کي پڇڻ وڃجي
ته نه مٿو اگهارو ڪجي نه پَٽ تي ويهجي.“
بد نظر لڳڻ بابت:
جيڪو ٻار ننڍي هوندي گو ... کائيندو، تنهن جي نظر
لڳندي. جنهن جي ڪاري زبان هوندي ان جي پِٽ ۽ نظر
لڳندي.
بد نظر ڇا آهي:
ڪنهن چڱي ڀلي ماڻهوءَ کي هلندي ڌڪ لڳو، طاقت جو ڪم
ڏيکاريندي چوٽ يا ضرب لڳي، سُٺا يا نوان ڪپڙا پائڻ
سان ئي خراب ٿين، ڦاٽن يا سڙن، ڀلو اُٺ يا ڏاند
وهندي ڪِري، پوي، ڀلي مينهن يا ڳئون ڏهندي لت هڻي
بيهي، کلندڙ ٻار اوچتو روئڻ شروع ڪري سٺو ڳائڻو
ڳائيندي يڪدم گهُٽجي وڃي، ڪا سٺي شيءَ کائيندي پيٽ
۾ سور پوي ته اهڙين حالتن لاءِ چون ته ” هُوس ٿي
آهي يا بد نظر لڳي آهي!“
بد نظر جا سنوڻ:
ٻارن کي سينگارڻ کان پوءِ ڪارنهن جو ليِڪو ڳل تي
ڪڍن ٻار کي بدنظر کان بچڻ لاءِ ، ڪارو ڌاڳو ٻانهن
۾ ٻڌن يا ڪارا چوڙا پارائي ڇڏين. وهٽ کي نظر کان
بچڻ لاءِ، ڪارو ڌاڳو يا پراڻي پادر جو ٽُڪر ڳچيءَ
۾ ٻڌن. ڪنهن ناظروءَ کان ٿُڪ مکائين يا ان کان
ڪاري ڌاڳي کي ست ڳنڍيون ڏيارائي ٻڌن.
بد نظر سڃاڻڻ بابت کرمٽ:
جنهن ماڻهوءَ کي نظر لڳي هوندي، ان جي مٿان کير جو
ٿانءَ رکي، سڳا پڙهي، ٿانءُ جي چوڌاري ويڙهيندا
آهن. پوءِ اهو ٿانءُ ٽانڊن تي رکن جي سڳا سڙي ويا
ته بدنظر ڪانهي ۽ جي نه سڙيا ته پڪ نظر لڳي آهي.
بد نظر جو سڳو وٽيندي يا بد نظر کڻندي، جي بيمار
اُٻاسيون ڏنيون ته نظر لڳل آهي. نظر واري تان
ڳاڙها مرچ گهوري باهه ۾ وجهن، جي مرچن سڙندي ڌپ نه
ڪئي ته چئبو ته نظر آهي. ناظروءَ جي پير جي مٽي ۽
ڦٽڪي گڏي بيمار تان گهوري باهه ۾ وجهن، جي ڦٽڪي
ڦُلجي، ماڻهوءَ جي بوتي وانگر ٿي پئي ته چوندا ”
نظر لڳي اٿس.“
ناظروءَ سان جُٺيون:
ناظروءَ کي پٺيان ڀونڊو ڏجي. ناظرو ستل هجي ته
مٿانئس جنازي نماز پڙهجي. ناظروءَ جي پيرن ۾ اوچتو
ٽانڊا اڇلجن.
سنساري سنسا.
چنڊ گرهڻ يا سج گرهڻ بابت:
ڪنهن ماڻهوءَ ۾ وِڏَ يا عيبَ ڄائي ڄم کان ٿيندا
آهن مثلًا: لسڻ، عضون جو وڌڻ، ڇهه آڱريون ٿيڻ،
عضوا ڦِري وڃڻ، چپ چيرجي بيهڻ، هٿ رونٽڙا ٿيڻ، پير
ٽُنڊا ٿيڻ، اک لتل هئڻ، پٺُن ۾ ڪُٻ ٿيڻ، پيٽ ۾
گُڪُ هئڻ اهي سڀ نشانيون آهن. اهي نشان تڏهن ٿيندا
آهن. جڏهن ٻار، ماءُ جي پيٽ ۾ ڪچن مهينن جو يعني
نِسرندڙ هوندو آهي. ۽ عضوا جُڙندڙ هوندا اٿس.
انهيءَ ڪچَن ڏينهن واري ڳڀوراڙي زال کي هار سينگار
ڪرائي، کٽ تي سنئون نئون ڪري سمهاري ڇڏين.
جيستائين گرهڻ جو ٽاڻو ٽري وڃي. انهيءَ زال جي
وَرَ ۾ ڪُٽ جي سُرمي پائڻ واري ڪاني وجهي ڇڏين.
ٻار جي پيءُ کي به انهيءَ عرصي اندر ڪو ڪم ڪار ڪرڻ
ڪونه ڏين.
گرهڻ جا نقصان:
جي گرهڻ جي وقت اندر، ٻار جي ماءُ اکيون ٻوٽيون
ته ٻار انڌو ڄمندو. جي ويهي ڪپڙي کي ٽوپو ڏيندي ته
ٻار گونگو ٿيندو، اک ٻِيٽندي ته ٻار، ٻاڏو يا ٽيڏو
ٿيندو. جي پٽَ کي ليپو ڏيندي يا گنُديءَ جو ليڙِو
لِبندي ته ٻار جي وهڪ جي جاءِ لتل ٿيندي.
اِيڙها پيڙها لهڻ جا سوڻ:
چون ته” چنڊ جهلجي ( گرهڻ مان) ڇُٽندو هنجي ته
وهنجي، تيل وٽي ۾ وجهي، ان ۾ منهن ڏسجي، پوءِ ڪنهن
ڀنگيءَ کي اهو تيل ڏيئي ڇڏبو ته ايڙها پيڙها لٿي.
“ تيل اپاڪي هارجي پيو ته به ايڙها پيڙها لٿي.
ڇنڇر ڏينهن، تيل ٽِواٽي تي گول دائري ۾ هاربو ته
به ايڙها پيڙها لهندي.
توڻ جي تنگي ٿيڻ:
سج سوا پهر مٿي چڙهي اچي، پوءِ به ڪو ستو رهيو ته
توڻ (رزق) جي تنگي ٿينديس.
هوا لڳڻ لاءِ چوڻيون:
ايڪيهه ُ پور، وارا شهر، يڪساهيءَ ست دفعا ڳڻجن.
مثلاً خيرپور، نصرپور، ميرپور، دولت پور وغيره.
ڪي چون:
”حاجي گاگڙا، کول واءُ جا ڌاڳڙا!“
ڪي چون:
” آءُ ڏکڻ ڏيهي، ڀڃ مڇرن جي پيهي!“
ڪي چون:
” گهوڙو ٻڌم ٻير سان، ڏکڻ آيو ڇير سان!“
واچوڙي بابت:
چون جنن جي شادي ٿيندي آهي، تڏهن واچوڙو اُٿندو
آهي. واچوڙي ۾ جنّ پيا ويندا آهن ۽ جي ان ۾ پادر
اڇلبو ته کارڪن سان ڀرجي اچي هيٺ ڪِرندو، ته
سمجهبو ته جنّ شآدي تي پيا وڃن؛ پر جي اهو پادر
گند سان ڀرجي ڪِري ته سمجهبو ته جنّ ڪنهن غميءَ
تان موٽيا آهن، ۽ جي پادر سبتو هوندو ته سون سان
ڀرجي ايندو، پر جي ابتو هوندو ته گند سان ڀرجي
ايندو.
واچوڙي لاءِ چون:
” واچوڙو واڻيون پِٽينس نياڻيون،
اڳيان کڏ پٺيان کوهه، اسين شاهه جا مريد.“
چون ”واچوڙو ماڻهن کي کڻي ويندو آهي.“
مينهن نه وسڻ بابت:
ڪنڀار جي نهائين يا آوي ٻرندڙ هوندي ته انهيءَ ڏِس
۾ مينهن نه وسندو. انڊلٺ نڪتي ته به نه وسندو. ڏکڻ
واءُ لڳو ته به نه وسندو.
وسندڙ مينهن کي بند ڪرڻ لاءِ سوڻ:
ست ڏيڏريون ٽڀي ۾ وجهي، انهيءَ ۾ مينهن جو پاڻي
وجهي ۽ ست آڱر ڳڻي وجهي پوري ڇڏبا ته مينهن بند ٿي
ويندو. مُهري کي ست ڌڪ هڻي پري ڇڏجي. پيٽ اُگهيو
يا پيٽ چَٽو ( اهو ٻار، جنهن جي ڄمڻ کان پوءِ وري
صفا ٻار نه ڄمي) جي ڏوئي ڀِت تي ٽنگيندو ته مينهن
بند ٿي ويندو. ٻهارو ڀت جي ڀر ۾ اڀو ڪري رکبو ته
به بند ٿي ويندو. پيٽ اُگهيو ٻار، چوٿائيءَ ۾
پاڻي وجهي آسمان ڏانهن ست ڀيرا اڇليندو ته به
مينهن وسڻ بند ٿي ويندو. ست ڪاڻا ٻڌبا يعني ڌاڳو
کڻي ڳوٺ جي هڪ هڪ ڪاڻي جو نالي وٺي ان کي ڳنڍ ڏبي
ته مينهن بند ٿي ويندو. مينهن وساڙا جيت( هينڊُو)
جهلي جيئرا پوربا ته به بند ٿيندو. مينهن جو پاڻي
ٻهاري سان ڌڪي ڪڍبو ته به بند ٿيندو. ڪُنو اونڌو
ڪري رکبو ۽ ڪنو چاڙهي ان ۾ ڪپڙا ٽهڪائي ڌؤپ ڪبو ته
به مينهن بند ٿي ويندو ڪڪڙ جي اکين ۾ سرمي جون
ڪانيون ڀري وجهبيون، تڏهن به بند ٿي ويندو.
مينهن وسائڻ لاءِ سوڻ:
جنهن به نينگر جي ڀيڻ نه هوندي، ان کي وٺي مسيت وٽ
بيهاري، پوءِ سندس منهن ڪارو ڪري سڄو ڳوٺ پنائين
۽ هيئن چون:
”ڪڪر ڪارڙو، ڪمارڙو، الله جو پيارڙو!“
ان پاڻي ڏيو ته مينهن وسي!“
ٻيو چون؛ ” جنڊ ۾ مڪڙو، مينهن آيو تڪڙو.
” ڀِت تي نوڙي، مينهن آيو ڊوڙي.
ڀِت تي جهرڪي ، مينهن آيو ترڪي.
ڪِرڙ جو گهوٻاٽو، مينهن آيو گهاٽو!“
پِنَ مان جيڪو ان ملندن، ان جا ڪوهر مِهِت ربيءَ
جي اڳيان اچي رڌيندا، ۽ پوءِ ان ڇوڪر کي منهن ڌوئڻ
ڪونه ڏيندا. چوندس ته ” جڏهن مينهن وسندو، تڏهن
انهيءَ جي پاڻيءَ سان منهن ڌوئج“ ٽي ڏينهن ٽنڊڻيون
جهلي، مسجد جي اڱڻ ۾ پورين ته مينهن وسي.
مينهن وسائڻ لاءِ کرمٽ:
اڳڙين جو گُڏو ٺاهي، ان کي سائي وڻ ۾ ٽنگي مٿانئس
ڀترن جو وسڪارو ڪن. جيستائين اچي پٽ تي ڪري. اهو
کرمٽ پنج گهمرا ڪن.
ڪنهن انڌي، ڪاڻي، لُولهي يا لنگڙي کي ستن ذاتين جا
ست سڳا هٿ ۾ ڏين ته عيب وارن جا نالا وٺندو
ڳنڍيون ڏيندو وڃ. پوءِ انهن سڳن کي اُس ۾ پوري
ڇڏين ۽ چون ته ” انڌا، منڊا، لولها، لنگڙا سڀئي
اُس ۾ سڙن، جيستائين مينهن وسي.“
مينهن لاءِ چون ته ” ڏکڻو مينهن نه وسڻو. وسي ته
ملڪ ٻوڙي!“
مينهن وسائڻ بابت ڳالهه:
بڪيرا، تعلقي ٽنڊوالهيار ۾ هڪ ڳوٺ آهي، جتي
نورمحمد ميمڻ جو گهر آهي. انهيءَ گهر جي سڀني
ڀاتين کي اهڙو اُذن مليل آهي ته ” توهان جو ڪوبه
ڀاتي ڪورو گهڙو، ڪنڀار کان وٺي درگاهه قائم الدين
قلندر جي کوهه تان ڀري، درگاهه جي چانئٺ جي مٿان
هڻي ڀڃندو ته مينهن وسندو. |