سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1967ع

مضمون:

صفحو :11

گهڻن ٻارنه  ٿين اُن لاءِ سوڻ: ٻار جي ماءُ، آخرين ٻار جي اور، مٿي تي رکي چوندي ته ” هاڻ مونکي ٻار نه گهرجي.“

جلد جلد ٻار نه ٿيڻ لاءِ سوڻ: اهڙي ويائل زال جا ڀانئي تي کيس جهٽ پٽ ٻار نه ٿين، اها جنهن کٽ تي ستل هوندي، اُن جي ستي، انهيءَ کٽ کي ٽي ڀيرا ريڙهبو: اڌ وک کن ٿورو اڳڀرو ڌڪي، وري ڇڏي ڏبي؛ وري ٻيو ڀيرو ڌڪي ڇڏبي؛ آخرين ٽيون لڱا ڌڪبي ته سِگهو سگِهو ٻار نه سِرجندو.

ٿڃ وڌائڻ جا سوڻ: ٻار جي ماءُ، ٻڪريءُ جي اوجهري رڌي، ڍڪڻ ۾ ٻوڙ وجهي کائيندي به وڃي ۽ گهر ۾ ٻهاري پائيدي به وڃي. سهائي آچرڏينهن جوئر جا ڦُلا ڀُڃي جهوليءَ ۾ وجهي ڦَڪيندي به وڃي ۽ ٻهاري به ڏيندي وڃي.

ٽکڙ ٻار جا سوڻ: ٻن ڌيئن جي مٿان ٽيون پٽ ڄمي، تنهن کي ٽکڙ پٽ چون . اهو چون ته ناناڻن لاءِ سخت نڀاڳو ٿيندو. ٻن پٽن جي مٿان ٽئين ڌيءَ ڄمي ته تنهن کي به ٽکڙ ڌيءَ چون. ٽکڙ ٻارن کي نڀاڳو ليکين.

ٽکڙ ٻار جي نڀاڳائي دور ڪرڻ لاءِ، ان جو مٿو ڪونه ڪوڙائين، نار جي ڀانڊي تان چاڙهي هن پاسي اُڪارين، انهيءَ گهر جي نيساري مان ڪؤڙو تيل وهائين، ۽ هن کي ٻوڪي ۾ وجهي کوهه وارين. ٽکڙ ٻار کي مُنڊڻ لاءِ نانو يا ماموبنا کاڌي پيتي جي، لوهار کان لوهه جا ڪنگڻ، ٻار جي هٿن لاءِ ۽ لوهه جون ڪَڙيون پيرن لاءِ ٺهرائي، اچي پارائيندو.

مامو يا نانو، ٽامي جو ٽڪو ڪُٽارائي، اُن مان ننڍڙي وٽي ٺهرائي،تنهن ۾ ڪُٽي مهٽي، انهيءَ ٻار کي کائڻ ڪاڻ ڏيندو . ٽکڙ ٻار جي ڄمڻ تي زوهي يا ڀڃن.

ڇٺيءَ جا سوڻ: ڇٺي نه ڪبي ته چون” بيبي ڇٺي ڪاوڙ جي پوندي.“ڇهين ڏينهن بيبي ڇٺي ايندي آهي، جا ٻار جو جيئڻ کان وٺي مرڻ تائين سمورو احوال نصيب ۾ لکي ويندي آهي. ڇٺي، پٽ جي ستين ءَ رات ۽ ڌيءَ جي ڇهينءَ رات، ڄمڻ کان پوءِ ڪبي.

ڇٺي رات ملهائڻ: جنهن کٽ تي ويائل زال ۽ ڄاول ٻار ستل هوندا، تنهن کٽ جي هر هڪ پاڳي سان هڪ هڪ ٻاجهر يا جوئر جوڪانو کڙو ڪري بيهارينديون، ۽ انهن جي ڀر ۾ هڪڙو هڪڙو ڇوڪرو ڪاني ۾ هٿ وجهي بيهندو. پوءِ کٽ جي چئني ڪانن جي چوڌاري سُٽ جا سڳا ويڙهينديون وينديون، جيستائين سَت تندا ٿين. سوڻ پورو ٿيو ته ڇوڪر، ڪانن کي ڇڏي ڏيندا. صبح جو اهي ڪانا ۽ سٽ، دائي پنهنجي گهر کڻي ويندي. ڪي وري . آيته ڪرسي“ جوڪوٽ چاڙهائين ۽ اها پڙهي ٻار تي دم ڪن. انهيءَ ڪوٽ ۾ هيئن چون.

”آيت ڪرسي ڪَڇُ ڪمان، لوهه جي ڪنجي رڪ جو ڪوٽ،

ياعلي ياعلي! تنهنجي اوٽ، تنهنجو ڪوٽ.“

ڇٺيءَ رات، ٻه ٽڀيون ٺڪر جون،تن ۾ کير ۽ ٽامي جو پئسو وجهي، ٻار جي سيرانديءَ کان منجي يا کٽ جي هيٺان سڄي رات رکي ڇڏين. ڇٺيءَ رات، ٻار جي رلڪي کي سَت سيُون هڻي، کٿي جي لوڏ ٻڌي ان ۾ رلڪووڇائي ٻار سمهارين. ٻار جامائٽ گزڪمان کڻي لوڏ جي مٿان چُٽين، پوءِ موکا يا ويل ڏين.

ڇٺيءَ رات قرآن، مس ۽ ڪاغذ ٻار جي سيرانديءَ کان رکن؛ ٻار کي ڳچيءَ ۾ سون، هٿ ۾ سوني منڊي پائين. ڇٺيءَ رات مِٺو  ڀت رڌين ۽ پاٽ ڀري، بيبي ڇٺيءَ لاءِ ٻار جي سيرانديءَ کان رکن، صبح جو بيبي ڇٺيءَ کي ختمو ڏيارين. ڇٺيءَ  رات، دائي، ويائل زال جون ڏهه ئي اڱريون کير مان ٻوڙائي، پهرين الهندي، پوءُ اتر، پوءَ اڀرندي، پوءِ ڏکڻ ، ان کان پوءِ آسمان ڏانهن، آخر زمين تي کير جا ڇنڊا هڻائيندي آهي. اهي ڇنڊا ٽي گهمرا هنيا ويندا آهن ويائل کي سوا رپيو پير هيٺان رکي وهنجارين ۽ کهنبو وڳو ڍڪائين، ۽ کير جو سوڻ ٻار جي ڳلن، نراڙ ۽ کاڏيءَ تي ڪن. ڇٺيءَ رات، مٺي ماني گهڙيءَ، اُن جا چار چوٿا ڪري، هر هڪ چوٿو ٻار تان ٽي لڱا گهوري، چئني ڏسن تي اڇلي ڇڏين. ڇٺيءَ رات کان اڳ، ڪنهن به ماڻهوءَ کي گهر مان جاڳتو يعني ٽانڊو کڻڻ ڪونه ڏين؛ نڪي اولانڀيون يا اُماڙيون ( ٻريل ڪاٺيون) پاڻيءَ سان وسائين، ائين ڪرڻ سان ٻار کي ڦوڦينڊا نڪرندا. ڇٺيءَ رات، ڪاري سٽ جا ڌاڳا، ٻار جي ٻانهن ۽ ٽنگن کي ٻڌن. ٻار کي اَن ۾ توري، اهو انّ خيرات ڪن. ڇٺيءَ رات، ڪنهن پڙهيل يا بزرگ شخص جي ڦيڻي، ٻار جي تارؤن کي مکائين. ڇٺيءَ رات، ٻار کي هنج ۾ کڻي، سڄي رات گهوڙيءَ جو لغام ڇڻڪائين.

عقيقو ڪرڻ: جنهن ڏينهن ٻار ڄمي، انهيءَ کان هڪ ڏينهن گهٽ يعني پونئين ڏينهن تي عقيقو ڪن. مثلاً  جمعي جي ڏينهن ٻار ڄائو ته ان جو عقيقوايندڙ خميس ڏينهن ڪن. عقيقي ڪرڻ لاءِ ڪو عرصو مقرر ڪونهي، جڏهن وڻين تڏهن ڪن. عقيقي لاءِ ٻڪري يا ڇيلو ڪُهي، گوشت ورهائين يا ڀَت رڌي پنهنجن کي کارائين.

جهنڊ يا جاد جا سوڻ: عام ماڻهن جو عقيدو آهي ته: جهنڊ نه لهرائبي ته ٻار کي بيماري ٿيندي. جهنڊ ڪنهن اولياءَ تي لهرائي جي يا جنهن وليءَ تي باس باسي ٻار پِني ورتو ويو هجي. جهنڊ سان گڏ ُ جاد ، به باسيندا آهن، يعني سڄو مٿو ڪوڙائي يا ڪترائي، باقي ُ چوٽي، ڇڏي ڏيندا آهن. جهنڊ الهندي ڏي منهن ڪري لهرائجي. ڪي ماڻهو، ٻار جي ڄمڻ شرط جهنڊ لهرائين ۽ پوءِ ٿڃ ڏيارين . چون ته ” جهنڊ پليت آهي ۽ ٿڃ پاڪ آهي “ ڪي يارهين مهيني جهنڊ لهرائين ته ڪي ٻار جي ڏندن اچڻ کان پوءِ. بلوچ قومون اڱاري ڏينهن جهنڊ لهرائين ۽ سماٽ قومون اربع ڏينهن. باسيل جهنڊ جڏهن ڪنهن اولياءَ يا وليءَ تي لهرائين ته ٻار جي لٿل وارن سان پنج پئسا گڏي، ڳاڙهي ڪپڙي جي ڳوٿريءَ ۾ وجهي، ڪنهن وڻ ۾ ٽنگي ڇڏين، پوءِ اُها جهنڊ، انهيءَ پير جو خليفو، متولي يا مجاور لاهيندو آهي. جهنڊ لهرائڻ جي ڏينهن، ماءُ- پيءُ ۽ حجم کي روزو رکڻو پوندو، جيستائين جهنڊ لهي، تيستائين حقو ٻيڙي به نه پيئندا . جهنڊواري ٻار جو چولو حجم کي ڏين. جهنڊ لهڻ مهل ڦلا ورهائين ۽ ٻار مٿان ڪوڏيون گهوري اُڇلين. ڪي جهنڊ لهڻ جي ڪُٽي ڪن: ڇا ڪن جو – ڪڻڪ ڏري اُن ۾ مٺاڻ وجهي، گيهه ۾ ڀڃُن، پوءِ اُهاورهائين، پر ماءُ ۽ پيءُ نه کائيندو. جي کائيندو ته ٻار گونگو ٿيندو. جهنڊ رکيل ٻار کي اڪيلو نه ڇڏين: جهنڊ لهرائڻ ۾دير هوندي ته جهنڊولي جي وارن ۾ ميڻ وجهي ڇڏين يا ڪئنچي وجهن. جيستائين جهنڊ نه لهندي آهي، تيستائين وارن مان جُيون به ڪين ڪڍندا آهن، جي ڪڍندا آهن ته وري انهن کي مارين ڪونه. ائين پَٽَ تي اُڇلي ڇڏين.

ٻار جون ٻيون حالتون: عام ماڻهن جو خيال آهي ته سُکا نه ڏبي ته ٻار اگهو رهندو ٻار جي ماءُ ماکي کائيندي ته ٻار گونگو ٿيندو. بار جي ماءُ ڏونگهي کائيندي ته ٻار جو جهير(پيٽيرَ) ٿيندو. ٻار جي ماءُ تي مئل ماڻهوءَ جي جنازي جو اولڙو يا پاڇولو پيو ته ٻار کي ڪنگي يعني ٻاراڻي سلِهه ٿيندي. ٻار رڳو پيو روئي يا اونڌو سمهي، ان کي نڀاڳو سمجهن.

ٻار، سگِهو نه ڳالهائي ته ڪانگن جو وٽاريل انّ کارائينس. ٻار کي گهڻي گِگ ٿئي ته مانيءَ ٽڪرگگ مان ٻوڙي ڪُتن ڪانگن کي ڏين. ڪَپوُر، ٽانڊن تي پچائي کارائنس.

مٽُندڙ ٻار کي جنڊ چٽائين يا جنَڊجو نائو پاڻيءَ ۾ ڇنڊي پيارينس. اُماڙي يا اولانڀيءَ تي پيشاب ڪرائينس. رات جو سُتي ڏنڀينس.

ٻار ڪنڌ نه جهلي سگهي، ته ٻڪريءَ جي ڪنڌي جو گوشت ماءُ کي کارائجي. ٻار چيلهه نه جهلي سگهي ته اُن کي سُهائي سومار تي، مامي هٿان سَت مُهرين جا ڌڪ آهستي آهستي چيلهه تي هڻائجن يا ڪوسي ڪوسي ماني، ڪَنجهي جي وٽي مٿان رکي ڇڏجي، پوءِ وٽي تي مانيءَ جو جيڪو پگهر ٿئي، سو ٻار جي چيلهه کي مکجي. تسبيح تي لَکُ صلواتون پڙهائي، انهيءَ تسبيح جو سڳو ڪڍي ٻار جي چيلهه کي ٻڌجي.

جنهن ٻار کي ، رات جو هنڌ ۾ پيٽ اچي، تنهن جا سوڻ: اهڙي ٻار کي گابي يا ٻڪريءَ جي پٺيءَ تي ابتو ڪري ويهارجي، يعني ٻار جو منهن وهٽ جي پول ڏانهن ۽ ٻار جي پٺ وهٽ جي ٻوٿ ڏانهن ڪجي. اهو سوڻ شام جو ڪجي  ۽ چئجي ته ” گابو يا ٻڪري ..... رات جو، هي ٻالڪ...... ڏينهن جو.“

ڏاوڻ پيل ٻار جو سوڻ: جيڪو ٻار چئن- پنجن سالن جو ٿي به پنڌ نه ڪري ته ان لاءِ چون ته ” ڏاوڻ پيا اٿس، سي ڪپائي ڇڏيوس.“

ڏاوڻ ڪپڻ جو کِرمِٽ: سُٽ جو رسو ٻار جي ٽنگن ۾ ونگي، مامي کي ڏانٽو ڏين ته اهو ونگيل سٽ جو ڏاوڻ ڪپيس. هوڏانهن پرڀرو بُسري (ڳڙهاري) ڍڪي رکن. مامو، ڏاوڻ ڪپي بُسري کڻي وٺي ڀڄندو. ٻيا وري ٻالڪ کي چونداته ” ڊوڙي جهلينس.“ جي ٻار انهيءَ مهل پوئتان نهاريو ته ڊڄڻو ٿيندو؛ جي مامس جي پوئتان ڀڄندي ٿاٻو کاڌائين  ته سدائين ڌڪا پيو کائيندو؛ جي تڪڙو ڀڄندو ويو ته ڀڄڻ جو ڇُو هو ٿيندو.

ڪي وري هن کرمِٽ ۾ ڊڀن جي نوڙي، واڻ ڪري ٻار جي پيرن ۾ وجهن ۽ اها مامي کان وڍرائين. ٻار پنڌ ڪري ته ڪوهر ورهائين.

ڏندن ڄمڻ بابت وِسوِسا: چون ته ” ڪنهن به ٻار کي اول مٿيان ڏند ڄاوا ته ناناڻن لاءِ چڱا ڪين آهن.“ (انهن ۾ ماڻهو مرندا يا ڀونگو ڀينگ ٿيندن)

ختني يا طُهر جا سوڻ: طهر جي لاڏن ڳائڻ ۾ پاترو (ناغو)  پيو چڱو ناهي؛ طهر وارو درياءُ نه اُڪري، نڪي مسافري ڪري.طهر جي ڳاني ۾ ستن جنڊن جي ڳاري جو انّ وجهي موڙي ٺاهين، ان سان ست ڇلا لوهه جا ٻڌي، لاک جي ڌاڳي جو ڳانو ٺاهي، کٻيءَ ٽنگ ۽ ٻانهن ۾ ٻڌن.

طهر، ٺڪِر جي ڪونڊي، پاٽ يا ٿالهه کي اونڌو ڪري، ان تي ٻار ويهاري پوءِ ڪن نه ته ظهر ڳرو ٿيندو يعني طهريل دير سان ڇٽندو.

طهر واري جي پير هيٺان سوا رپيو رکن. سندس ڪپڙا حجام کي ڏين. طهر واري کي مانيءَ جا ڪڻا کائڻ ڪونه ڏين. طهر وارو ڇوڪرو، طهر مهل حجام کي چماٽ هڻندو ته خوش ٿي چون ته ” بهادر آهي“،  ان چماٽ جي عيوض  ۾ ڪو ڀلو وَهٽ حجام کي ڏيڻو پوين. طهر مهل ماءُ ، ماسي، ڀيڻ يا ڪا ٻي ويجهي مائٽياڻي، جند جومٿيون پُڙمٿي تي کڻي، پيرَ پاڻيءَ جي ڪونڊيءَ يا ٿالهه ۾ وجهي بيهندي آهي. ڪي طهر مهل سُٽ جو ويڙهو هَٿ ۾ جهلي ويڙهين ۽ ڪي تسبيح ڦيرائين ۽ ڪي قرآن مٿي تي کڻي بيهن . ان مهل زالون هڪٻئن تي پاڻي اونڌين، ۽ ماءُ جي مٿان اڍائي گهڙا پاڻي نائين. طهر وقت، خوشيءَ ۾ گهر جي دلن مٽن، جنڊ جي هٿئي، ٿوڻين ۽ مَلن کي به ڳانا ٻڌن.

شاديءَ ۾ سوڻ: شادي لاءِ خميس ۽ سومر جو ڏينهن سڀاڳو سمجهن، باقي ڏينهن نڀاڳا ليکين. اِڪيءَ واريون تاريخون سعيد ۽ ٻَڌي واريون نحس. صفر واري مهيني ۾ شادي ڪونه ڪن. لال شهباز جي مينديءَ واري مهيني (شعبان) ۾ به شادي ڪونه ڪن.

        جنهن گهوٽ کي ران يا چَپَ تي تِر هوندو ته ان کي پڪ سهڻي ڪنوار ملندي، ۽ زال کي ترِ هوندو ته سهڻو گهوٽ ملندس.

        جنهن زال جي چيچ جي هيٺين پاسي ۾ گهڻا گهنُج (ليڪا) هجن ته ان سان شادي ڪرڻ چڱي ناهي. ان کي گهڻن مڙسن ڪرڻ واري زال سمجهن.

        ونواهه جو سامان، اِڪي تاريخ تي وٺن. ونواهه ۾ ويٺل ڪنوار جا ڪپڙا نه ڌوئن نه مٽائين. ونواهه ۾ ويٺل کي ڪاتيءَ وڍيو ڪو به کاڌو  ياشئي کائڻ ڪونه ڏين. ونواهه واريءَ کي ڪنهن به مرد جي منهن لڳڻ ڪونه ڏين، نڪي سندس منهن اگهاڙو ڪيل ڪنهن مرد کي ڏسڻ ڏين، ُاکيو، ٻڌي ڇڏين. ونواهه واريءَ جون پيٺِيون ۽ مير اڳڙَ وڏي پاڻيءَ ۾ اُڇلي وجهن.

        گهوٽ سرگس تان موٽي ته ڪنوار جو وهنجاريل ميرو پاڻي گهوٽ جي پيرن ۾ هارين گهوٽ کي ڪنوار جو پگهر لڳل اکيومنهن تي گهمائين. گهر گهر مان چانور يا ڪي ٻيا انّ جا داڻا پني، انهن کي ڪنوار جي پليت پاڻيءَ (1) سان پسائي، سڪائي رکن. جڏهن گهوٽ، ڪنوار جي گهر جي چانئٺ اُڪري اندر ٿئي ته اَن کي اهوانَّ  آکا ڪري منهن ۾ هڻن  چيڪي ميٽ تي ڪنوار کي..(2) ڪرائي، اهو سڪائي رکن. جڏهن گهوٽ کي وهنجارين تڏهن اهو ميٽ ملي مٿي ۾ وجهارائنيس. گهوٽ کي ڳجهي مينديءَ ۾ چيچ ٻوڙائين،جنهن ۾ ڪنوار جو حيض وجهي رکن. گهوٽ کي ڪپڙا جيڪي ڪنوار يتا وٺي ڏيندا آهن، سي پهرين ڪنوار کي پارائين، پوءِ اهي ڪپڙاڪنهن اُٺ جي پيٽ هيٺان لنگهارائي گهوٽ ڏانهن موڪلين.

سيج ٺاهڻ جا کريب: جتي گهوٽ ڪنوار لانئون لهن، انهيءَ وڇاڻي کي (سيج) چون. سيج ٺاهڻ وقت، سيج جي هيٺان زمين ۾ لکيل ڪڪڙ جا آنا پورين. جي سيج، کٽ مٿان وڇائين ته آري واري ڪڪڙ جا ڇار ڪري ويهندي آهي، اها کٽ هيٺان کارو ڏئي ڍڪي ويهارين. ڪنوار جا ونواهه وارا ڪپڙا، سيج هيٺان گهوٽ جي ويهڻ واري پاسي وڇائي ڇڏين.

        هڪڙو اڳڙين جو گُڏو ٺاهي ان کي گهوٽ جو نالو ڏين. پوءِ جيئن گهوٽ کي لانئون ڏيڻ لڳنديون ته هر هڪ لانءَ تي، گهوٽ جي سالي انهيءَ گُڏي کي موچڙو پئي هڻندي. لانئن لهڻ مهل، کُڏ تي بلڪل سيج جي ڌُوپار مٿان هڪڙي گهوٽ جي سالي، هَنُوررکي ان ۾ لغام اٽڪائي، هني تي چڙهي ويهندي. جيئن جيئن لائنون پيون اينديون، تيئن تيئن لغام کي پڻ ٽڪيندي. ڪي گهوٽ کي پهرين سيج تي ويهارين، ۽ ڪنوار کي پوءِ پرڀرو ويهاري،گهوٽ کي رڙهڻ لاءِ چون. جي گهوٽ رڙهي ويجهو ٿيو ته ان کي گيسي ڏيارڻ سمجهي خوش ٿين. ونواهه ۾ جيڪا پيِٺِي (آٽڻ) ڪنوار کي ملين، اهو لٿل آٽڻ،، گڏ ڪري ان مان ٻه پُتلا (بوتا) جوڙين؛ انهن مان هڪ کي گهوٽ جو نالو ڏين۽ ٻئي کي ڪنوار جي نالي سان ڪوٺين. پوءِ گهوٽ واري پُتلي جي وات ۾ ڌاڳي جو لغام وجهي، اهو لغام ڪنوار واري پُتلي جي هٿن ۾ چنبڙائي، سيج هيٺان پوري بيهارين. ڪي وري ڪنڀار جي چَڪ جي مٽِي هٿ ڪري، ان کي ستن کوهن جي پاڻيءَ ۾ ڳوهي، ان مان هڪ اٺُ جو بوتو ۽ هڪ ماڻهوءَ جو پتلو ٺاهين اُٺ کي گهوٽ جو نالو ڏين ۽ ٻئي پتلي کي ڪنوار جي نالي سان ڪوٺين. پوءِ اُٺ جي بوتي کي ڌاڳي جي مهار وجهي مٿان ڪنوار جو پتلو چاڙهي، اهوڌاڳو هن جي هٿ ۾ ڏيئي، ٻئي سيج جي هيٺان پوري ڇڏين. (ڪنوار جي سس يعني گهوٽ _ماءُ جي پوتيءَ جي آندِ ڦاڙي، اها اڳٺ ڪري، ڪنوار جي سٿڻ ۾ وجهن ۽ لانئن مهل ڪنوار جي اڳٺ، گهوٽ جي ڳچيءَ ۾ ويڙهين ٻُڪ ڪنڊن جو ۽ مانهه جا دانا ۽ ستن کوهن جو پاڻي ڇٽڪاري، مٿان ڪنڊا ۽ مانهه پکيڙي، ان جي مٿان سيج پٿارين.

شاديءَ رات ڪنوار کي اَڌو ٻنڌ يعني فقط هڪ چادر ڍڪائين . هڪڙي زال ، اها سڄي رات هاون دستي ۾ ٽامي جو ٽَڪو پئي ڪُٽيندي۽ زبان سان پئي چوندي”شيخ فريد، زالون زور مڙس غريب.“

        ڪٿي ڪٿي کوهه جي مالهه وڇائي ان جي مٿان سيج تيار ڪن. ڪي وري چار ڪوڪا، چئني طرفن کان کوڙي، انهن ۾ ست رنگا ست ڌاڳا ، ابتا سبتا ويڙهي، انهن جي مٿي سيج سنوارين،ڪي لانئن مهل، يا منهن ڏسڻ مهل گهوٽ کان چوارائين ته چؤ” ڪانو ڪانو، آؤن ٻائيءَ جو ٻانهو“ جيڪي زالون چڙباز هونديون آهن، سي وري گهوٽ کي اُتر ڏينديون ته چؤ”ڪانو ڪانو، آئون الله جو ٻانهو“ ڪي لانئن مهل ڪنوار کي ڪلف ۽ ڪنجي هٿ ۾ لڪائي رکڻ لاءِ ڏيئي ڇڏين. جيئن لانءَ اچي ته ڪلف کي بند ڪري،وڇوٽيءَ واري وقت ۾ کولي ڇڏين. لانئون ڪنهن به رن زال کان ڪونه ڏيارين. ڪنوار کي ڇنڇر رات جو گهر مان نکڙڻ ڪونه ڏين، چون ته ”ڇنڇر ُڇار، ڪندو.“ (ڇار، ڪڪڙ جي آري ڪرڻ کي چون، يعني ڪنوار ساهرن ۾ ويندي ته ڇار ڪري ويهي رهندي، مائٽن ڏانهن اچڻ تي قلب ڪونه ورندس.)

زال مڙس جي پاڻ ۾قرب ڪرائڻ لاءِ، نيکٽي کان پوءِ ، ڪنوار گهوٽ جي جتُي پائي اڍائي ٻرانگهون سيرانديءَ ۽ اڍائي ٻرانگهون پيرانديءَ کان گهمي، جُتي لاهي رکي. چون ته اهي سڀ کريب قرب لاءِ ٿا ڪريون. پر جي ڌُرين ۾ قرب نه ٿيندو آهي ته پوءِ چون ته ” سڀ کريب ۽ نکٽ ابتا لڳا.“ ڪي چون ته ” جي ڪَڙيين نه ٻڌا، سي ڪامڻي ڪهڙا ٻڌابا!“

گهوٽ جا کريب:گهوٽ، وناهه ۾ ويهي ڪئنچي سان ڪا ڳار پيو ڪُتريندو ته ڪوبه ڪامڻ ۽ کريب مٿس اثر نه ڪندو. سوناري کان نيراڻي سوني تار ڪڍرائي گهوٽ کي هوڙ هيٺان رکائين جڏهن مُلو پچي ته ” فلاڻي ڌيءَ فلاڻي جي، توکي قبول آهي“ ته سوني تند تي ڏاٺ جو زور ڏئي چوي، ” هائو“. ان تي ڪو به کريب اثر نه ڪندو.

ٻيا سونڪا ۽ سنسا:  شاديءَ ۾ مينهن پوي ته چون گهوٽ ديڳڙا يا ڪُنا چٽيا آهن، جي جهَڪ واچ لڳي ته چون ڪچو اٽو ڦڪيو اٿس.

مرڻ بابت وهم:  مُهري اُڀي ڪري رکبي ته ڪو ماڻهو مرندو. خواب ۾ ڏند ڪرِندو ڏٺو ته ڪو ماڻهو مرندو. خواب ۾ ڪنهن مئل، کاڌو گهريو ته : صبح جو لولي تي بصر جي ڳنڍ ۽ مرچ رکي، ڪنهن فقير کي ڏين يا جهنگ ۾ ڪنهن سائي وڻ هيٺ رکي اچن. مُئي ماڻهوءَ  جي وهنجارڻ لاءِ جيڪو ميٽ ڀڃن، سو بجاءِ ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي خاص طرح مُهريءِ سان ڀڃن، جيئن مُئو ڪنهن ٻئي کي ڇڪ نه ڪري. مُئي ماڻهوءَ  جي ميٽ جا ڀور_ سُڪيءَ پاٽ ۾ وجهي پوءِ مٿانئس پاڻي وجهن.

تيرهن تيزين جا سوڻ: ڪي ُ تيزين ، کي تيجُون چون، يعني صفر مهيني جون هڪ کان تيرهينءَ  تائين تاريخون، تکيون يا نحس آهن. انهن ۾ ڪن خاص ڪمن کان گوشو ڪن. مثلاً انهن تاريخن ۾ ڪي پاڻ ۾ وڙهيا ته ٻارهي مهينا پيا وڙهنداڪنهن وٽ توڻ کُٽي  ته ٻارهي ئي مهينا پيو گاپاٽا کائيندو. شادي ڪرڻ، قرض کڻڻ ۽ سفر ڪرڻ کان لهرائيندا آهن.

تيرهن تيزين ۾ مئل جا سوڻ: انهن تايخن ۾ جيڪو مري، اُن جي قبر جي سيرانديءَ ۽ پيرانديءَ لوهه جون ٻه ڪليون کوڙي، قبر جي چوڌاري ٻَنو ٻڌي پاڻيءَ سان ڀري ڇڏين. جنهن جاءِ  يا پَٽ تي لاش رکن ته اتي به ڪِلي کوڙي، ڇڏين، جتي وهنجارينس _ (ان جاءِ کي حد چون) ان ۾ اَڪ جي ٽاري پورين. جيڪي زالون اُن جي پٿر تي سياڪو ڪرڻ لاءِ اينديون ۽ روئي رڙي گهر ڏانهن واپس ٿينديون ته سڀئي پنهنجون جُتيون ڇنڊي، پوءِ پيرن ۾ وجهي ٻاهر نڪرنديون ۽ پنهنجي گهر جي موريز ( ڪاڪوس) مان ٿي پوءِ اندر  گهڙنديون. مرد ماڻهو مقام تان موٽندي سِڌا مُئي جي پٿر تي ايندا ۽ اتان اٿي ڪنهن مسجد مان ٿي پوءِ پنهنجي گهر ويندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com