سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1967ع

مضمون:

صفحو :17

شاهه فيصل ۽ پاڪستان

        شاهه فيصل جا پاڪستان سان جي خصوصي تعلقات آهن، اهي ڪنهن کان به مخفي نه آهن. ڀارت جي جارحانه حملي جي دؤر ۾ ُ شاهه فيصل“ حوصله افزا امداد ڪئي. سندس وزيرن پنهنجي وساطت کان وڌيڪ امداد ڪئي، سندس ڀائرن، ڪافي امداد موڪلي، سندن عزيزن ۽ پُٽن ۽ ڀائرن، پاڪستاني فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ ۽ ڀارت سان جهاد ڪرڻ جي آڇ ڪئي. شاهه فيصل فورً مڪي ۾ پهتو۽ اتي جي عالمن ۽ مفتين کان پاڪستان جي تائيد ۾ فتوا طلب ڪئي، جا پوءِ ساري اسلامي دنيا ۾ موڪلي وئي. شاهه فيصل  ۽ سندس سارو عملو، رات ڏينهن ، پاڪستان جي حالات معلوم ڪرڻ لاءِ پريشان رهيا، دعائون گهرندا رهيا، صدر ايوب کي ُاخي المحترم، جي پيار ڀريل  لفظن سان دعائون ۽ پيغام موڪليندا رهيا. سڀ کان وڏو مسئلو  اهو آهي ته شاهه فيصل ، يورپ جي سڀني بئنڪن ۾ ڪروڙها ڊالر، پاڪستان جي حساب ۾ جمع ڪرايا آهن جيئن برطانيه، فرانس، جرمني ۽ پورچوگال مان هٿيار ۽ ضروري سامان وٺڻ ۾ سولائي ٿئي ان طرح ڪروڙها گئلن پيٽرول به امداد ۾ ڏنو اٿس.

ان لاءِ شاهه فيصل فرمايو:

”هي نه قرض آهي ۽ نه قرض حسنه، هي اهو فرض آهي جو الله ۽ ان جي رسول پاران اسان تي عائد ٿئي ٿو. اسان پاڪستان جي ڏهه ڪروڙ ڀائرن جي حفاظت لاءِ اهو سڀڪجهه ڪري گذرنداسون، جو ڪنهن جي وهم و گمان ۾ به اچي نٿو سگهي!

ضرورت ٿي ته مان ۽منهنجا ڀائر، منهنجو اولاد ۽ منهنجا وزير، پاڪستان پهچي، سرحدن جي دفاعي جهاد ۾ شرڪت جو شرف حاصل ڪنداسون. انشاءَالله پاڪستان هر حال ۾ فتحمند رهندو. ان کي دنيا جي ڪابه طاقت شڪست ڏئي نٿي سگهي.“ پاڪستان جي تجارتي معاهدن ۽ اچ-وڃ متعلق فرمائين:

”اڄ کانپوءِ تجارت تي ڪابه پابندي نه لڳندي. سعودي عرب جي سرزمين، پاڪستاني مسلمانن لاءِ هر وقت ائين ئي کليل رهندي، جئن سندن لاءِ پاڪستان آهي. اچ- وڃ جون مشڪلاتون، ويزا ۽ پاسپورٽ وغيره جو ڪوبه سوال اٿي نٿو سگهي.“

شاهه فيصل جي دور ۾ سعودي عرب جي ڪهڙي حالت آهي؟

مينچسٽر گارڊن جو مقاله نگار لکي ٿو:

اڄ پوري دنيا ۾ صرف سعودي عرب ئي اهو اڪيلو ملڪ آهي:

- جتي قرآن ۽ سنت جي آئين نافذ ڪيل آهي.

- جتي هڪ به شرابخانو موجود ڪين آهي.

- جتي هڪ به سئنيما گهر ڪين آهي.

- جتي چوريءَ جو وجود ڪا العدم آهي.

- جتي قيام الصلوات جو همه گير نظام موجود آهي.

- جتي بيت المال ۽ زڪات جمع ڪري، مستحق ماڻهن ۾ ڏني وڃي ٿي.

- جتي اسلامي ملڪن جي اتحاد لاءِ موتمر عالم اسلامي جهڙي فعال تنظيم موجود آهي.

- جتي حج جي موقعي تي هر سال (موتمر عالم اسلامي) جي ڪانفرنس ۽ اسلامي دنيا جا نمائندا گڏ ٿي عالمي مسئلن تي سوچين ٿا.

- جتي اسلامي معاشري جي زنده نظام تي نئون معاشرتي نظام قائم ٿي رهيو آهي.

- جتي اسلام پنهنجي تمدني،معاشي،سياسي ۽ تاريخي تقاضائن تي دوباره اڀري رهيو آهي.

- جتي ڪنهن به ريڊيو اسٽيشن تان مخرب اخلاق گانا، قصا، راڳ ۽ ڊراما نشر نه ٿا ڪيا وڃن.

-  جتي هر ريڊيو اسٽيشن تان اسلام جي تعميري ۽ اصلاحي تعليم کي نشر ڪيو وڃي ٿو.

- جتي امرباالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جي اجازت عام آهي.

- جتي قوم جي ضمير ۾ زندگي ۽ زبان تي آزادي آهي.

- جتي تنقيد ڪندڙ تي ڪابه بندش نه آهي.

- جتي قيد ۽ قتل جي سزائن کي گهٽايو ويو آهي.

-  جتي ابتدائي،ثانوي ۽ اعليٰ تعليم جو مفت انتظام آهي.

- جتي ساليانو ويهه ڪروڙ ريال مفت تعليم تي خرچ ڪيا وڃن ٿا.

- جتي ساليانو ڏهه ڪروڙ ريال صحت لاءِ وقف ڪيا وڃن ٿا.

- جتي اسپتالن ۾ داخلا مفت آهي، ۽ دوائون مفت ۾ ڏنيون وڃن ٿيون.

- جتي فقط هڪ ڪروڙ آباديءَ لاءِ، ٽيتاليهه وڏيون اسپتالون آهن جي يورپ جي معيار تي،ماهر ڊاڪٽرن جي نظرداريءَ ۾ هلي رهيون آهن.

- جتي وڏن شهرن ۾ ايڪاسي شفاخانه ۽ هڪ سؤ ايڪيهه صحت جا مرڪز آهن.

- جتي وڏن شهرن ۾ پنجيتاليهه ڪاليج آهن.

- جتي ڇهه سؤ پنجانوي ماهر الامراض ڊاڪٽر آهن، جن ۾ ٽي سؤ ڊاڪٽر پاڪستاني آهن.

- جتي زرعي ۽ صنعتي ترقيءَ لاءِ سال ۾ چاليهه ڪروڙ ريال صرف ٿين ٿا.

- جتي تيل جي آمدني ساليانو پنجونجاهه ڪروڙ بيرل آهي.

- جتي جديد ۽ قديم علوم تي مشتمل ُمدينه يونيورسٽي، آهي.

- جتي بک ۽ بي روزگاريءَ جو هميشه لاءِ خاتمو ٿي چڪو آهي.

- جتي هڪ عرب ڊرائيور يا کاڻ جو مزور، هتي جي امير واري زندگي گذاري رهيو آهي.

- جتي هرچوٿين باشندي کي پنهنجي موٽر ڪار آهي.

- جتي نماز جي وقت تي، بازارون ۽دڪان کليل رهن ٿا؛ پر سڀ ماڻهو مسجدن ۾ نماز تي شريڪ ٿين ٿا.

- جتي دڪاندار به، ڪروڙن رپين جي سامان سان ڀريل دڪان نماز جي وقت تي ائين ئي کليل  ڇڏي وڃن ٿا.

- جتي ڪروڙين رپين جي ماليات جي لڌل چيز، فورً حڪومت تائين پهچائي وڃي ٿي، جا مالڪ تائين رسائي ٿي.

- جتي جي پوليس به نماز جي وقت تي شهرن مان هلي وڃي ٿي.

- جتي مشرق ۽ مغرب جي هر چيز، هر وقت تمام ٿوري قيمت تي ملي ٿي.

- جتي محصول ۽ ڍل جو نالو نشان به ڪونه آهي.

شاهه فيصل هڪ عالم دين ۽ عملي طرح سان ديندار شخص آهي، سندس تقويٰ ۽ دينداري متعلق، صرف هڪ واقعو عرض رکجي ٿو:

شاهه فيصل  مارچ1965ع ۾، تّخت نشين ٿيڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو مدينه منوره ۾ آيو، اتي مدينه جي باشندن، سندس شاندار استقبال ڪيو.

شاهه فيصل سڀ کان اول، حرم پاڪ ۾ آيو، ۽ اچي نهايت خشوع ۽ ادب سان زيارت ڪيائين. ان کان پوءِپنهنجي رهائشگاهه ( قِصر سلطانه) ڏانهن اسهيو، جتي، جامع اسلاميه مدينه منوره جي استادن ۽ شيخ الجامع سان کيس ملاقات ڪرڻي هئي.

شاهه فيصل، شيخ الجامع ۽ مدرسن ۽ عالمن سان نهايت ادب ۽ احترام سان بغلگير ٿيو ۽ هر ڪنهن سان خنده پيشانيءَ سان پيش آيو. سڀ کان اول، شاهه فيصل، مدينه يونيورسٽيءَ جي انتظام ۽ شاگردن جي رهائش، قيام ۽ طعام، صحت ۽ تعليم متعلق پڇا ڳاڇا ڪئي. ان سلسلي ۾ ، مدينه يونيورسٽيءَ جي نصاب متعلق به ڳالهه ٻولهه ٿي. شاهه فيصل چيو ته:

”هن جديد دور ۾، تعليم به هڪ فن بنجي ويو آهي، اهو انسان جي ٻاهر تي ته  ڪجهه نه ڪجهه اثر وجهي ٿو، پر انسان جي باطن ۽ اخلاق جي پرورش ڪرڻ کان قاصر  آهي. اسان وٽ اهڙو نصاب هئڻ گهرجي، جنهن جي مطالع ڪرڻ ڪي روشن ضمير ماڻهو پيدا ٿين. جي جهان بين هجن، پر خودبين نه ٿين. خاص طرح سان مدينه جي نسبت سان  هڪ اهڙو جامع نصاب تعليم هئڻ گهرجي، جو نه فقط اهل اسلام لاءِ مفيد ٿئي، پر غير مسلمانن لاءِ به دلڪش ثابت ٿئي. ان طرح نصاب تعليم ۾ جدت ۽ ندرت جي ضرورت آهي، هن الحاد جي درو ۾ قدامت پرستن وارا پراڻا ڪتاب ايترو ڪارگر ثابت نه ٿيا آهن. اسان کي سائنس ۽ جديد فلسفي تي به نگاهه رکڻ گهرجي. قرآن ۽ سنت جي روشنيءَ ۾، جديد ۽ قديم علوم جي آميزش سان نصاب تعليم کي تشڪيل ڏيڻ گهرجي. ُ ان طرح اسلام جي اقتصادي نظام، تي به تحقيق جي ضرورت آهي. مدينه يونيورسٽيءَ جي فرائض ۾ اهو سڀ ڪجهه شامل آهي، جو دنيا جي ٻي ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ موجود نه آهي.“

        شاهه فيصل جي انهن خيالن مان واضح ٿو ٿئي ته هو هڪ بابصيرت ۽ دانشمند شخصيت جو مالڪ آهي، جنهن کي هن جديد دور  جي مسئلن جو ڪافي احساس آهي. ان کان پوءِ شاهه فيصل کي، ُ جامع مدينه يونيورسٽيءَ جي معائني جي دعوت ڏني وئي، جا پاڻ قبول ڪيائين. 9- مارچ 1965ع تي، شاهه فيصل، ُ جامع مدينه، جي دعوت تي تشريف فرما ٿيو.

        دلچسپ ڳالهه اها رهي ته شاهه فيصل سڀ کان اول، قرآن ڪريم جي درسگاهه ۾ آيو. جتي جامع مدينه جو بزرگ ترين استاد، شيخ امين الدين شينقيطي، سوره حج تي تقرير ڪرڻ لاءِ تياري ڪري رهيو هو. شاهه فيصل، نهايت ادب ۽ احترام سان السلام عليڪم چوندي داخل ٿيو. شيخ امين الدين، پنهنجي مسند تي ويٺي، نهايت پيار ۽ اخلاص وچان وعليڪم السلام ورحمة الله ورڻايو.

        ان کان پوءِ نهايت ئي دلچسپ ڳالهه ۽ سادي انداز ۾ شيخ التفسير کائنس پڇو. ڪيف حالڪ، عساڪ طيب!، يعني : تنهنجو ڪهڙو حال آهي، اميد ته خوش باش هوندين!

        شاهه فيصل ُ الحمداللِه“ چئي، اتي جو اتي هڪ سادي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو شيخ التفسيرقرآن  ڪريم جي هيءَ آيت تلاوت ڪئي، ۽ شاگردن ڏانهن مخاطب ٿي، سبق ڏيڻ شروع ڪيو:

        ومن الناس من يجادل في سبيل الله بغير علم ويتبع ڪل شيطان مريد

شيخ التفسير، درس کي هلائيندي، اِتباع شيطان تي هن طرح روشنيءَ وڌي، فرمايائين:

” ڪي ماڻهو هن دارفانيءَ جي حيات، ساز ۽ سامان، دولت ۽ ثروت، عزيز ۽ اقارب، شان ۽ شوڪت، جلالت ۽ جاه کي ئي سڀ ڪجهه ٿا سمجهن. انهن جو نظريه حيات آهي دنيا طلبي ۾ استغراق، آخرت فراموشي ۽ خدافراموشي. سندن زندگيءَ جو مقصد به ادنيٰ آهي. سندن جدوجهد ۽ نقل وحرڪت، هن دنيالاءِ ئي آهي. حالانڪه انهن دنيا پرست احمقن کي اها ڄاڻ نه آهي ته ڪو شخص، هن دنيا ۾ ڪيترو به صاحب اقتدار بنجي، جاه ۽ جلال جو مالڪ ڇو نه هجي، ڪيتري به ظاهري شان ۽ شوڪت جو مظاهرو ڪري، هن زندگيءَ جو سڀني لذتن ۽ هوسن مان بهره ور ڇو نه هجي، قيامت جي ڏينهن تي ميزان عدل جي سامهون، انهن چيزن مان ڪابه هڪ چيز، سندس لاءِ نه ڪافي ٿيندي ۽ نه شافي، نه معاون نه مددگار، نه شافع نه ڪفيل. عقلمند اهو آهي جو هن مختصر زندگيءَ ۾، دائمي زندگيءَ لاءِ تياري ڪري، حقوق الله کي ادا ڪري، حقوق العباد تي عمل ڪري، ظلم نه ڪري پر عدل ڪري، ان جي مقابلي ۾، غافل ۽ احمق اهو آهي، جو هن مختصر زندگيءَ کي عيش ۽ عشرت،جلالت ۽ شهرت غفلت ۽ ڪاهلي، لهو ۽لعب ۾ گذاري، بي مقصد زنده رهي، ۽ بي مقصد جدو جهد ۾ مري وڃي، بس اهو آهي اتباع شيطان. آخر ان مردود ازليءَ جي حيثيت ۽ شخصيت ڇا! جو ساري عمر ابتاع شيطان ۾ گذاري ڇڏي ۽ ان وقت لاءِ ڪجهه به نه ڪري، جنهن وقت تي ، سڀ کان وڌيڪ عمل صالح جو محتاج ٿيندو!“

        شاهه فيصل، ادب ۽ احترام کان گردن جهڪايون نهايت غور سان تقرير ٻڌندو رهيو، سندس چهرو سرخ ٿي چڪو هو. ۽ سندس پيشانيءَ، خشوع ۽ خضوع جي انوار سان چمڪي رهي هئي.

شيخ اڳتي هلي فرمايو:

”دنيا جو وڏي ۾ وڏو بادشاهه، طاقتور کان طاقتور حاڪم، فرعون ۽ نمرود کان وڌيڪ جاهه وجلال جو مالڪ، سڪندر ۽ دار کان وڌيڪ فاتح ۽ غالب اگر ڪنهن شخص تي ناراض ٿي پوي ته پوءِ هو وڌ ۾ وڌ ڇا ٿو ڪري سگهي؟ اهو نه ته سندس زندگيءَ کي ختم ڪرائي ڇڏي ۽ ان کي مارائي ڇڏي؟ پر، ان شخص جي جان ختم ٿيڻ سان ته پاڻ ان کي فائدو پهتو، ڇا لاءِ جو هو مظلوم هن ظالم جي چنبي مان هميشه لاءِ آزاد ٿي ويو!....

ليڪن زمين ۽ آسمان جو بادشاهه رب الارباب آهي. اهو اگر ناراض ٿئي ته پوءِ ان جي غيظ ۽ غضب کان  آدمي ڪٿي بچي سگهندو؟ نه ڪو زندهه بچي سگهندو نه ڪو مرڻ کان ڀڄي سگهندو.

” ياتيہ الموت من ڪل مڪان، وما هو بيميت!“ تنهنڪري، عقل جي ڳالهه اها آهي ته حقيقي رب ۽ مالڪ الملڪ جي حڪمن جي پيروي ڪئي وڃي. ڪتاب ۽ سنت تي پنهنجي حوصلي کي استوار ڪرڻ گهرجي، ُ اتباع شيطان، ۾ عمر نه وڃائڻ گهرجي.

الله جي حڪم، امر، دستور، ۽ آئين کي بلند ڪرڻ گهرجي ۽ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي سنت کي مشعل راهه بنائڻ گهرجي. هيءَ اها مشعل آهي جا نه جَهڪي ٿيندي ۽ نه وسامندي!“

شاهه فيصل کي اسان ڏٺو، سندس اکيون اشڪبار هيون، ۽ شيخ التفسير جي تقرير جاري هئي!

حسين عادل

مسلماَن ۽ مصوري

        مسلمان مصورن لاءِ ڪن تنگ نظر مذهبي حلقن طرفان، جڏهن صورت ڪشيءَ جي فن ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون، ته ٻئي طرف سندن انهيءَ منفي ڪوشش هڪ اهڙي نئين راهه ڏيکاري جنهن مسلمان مصورن کي تاريخ ۾ هڪ انفرادي خصوصيت بخشي __ هڪ اهڙي خصوصيت جيڪا مغرب، چين ۽ پاڪ و هند جي همه گير اثر جي باوجود مسلم مصوريءَ ۾ امتيازي رهي. منهنجو اشارو نقاشيءَ يا لوح سازيءَ ڏانهن آهي.

        جيئن ته اسلام جي ابتدائي دور ۾ مذهبي تعليم، روحانيت جي ڏس ۾ زياده زور اَندو ، تنهنڪري مسلمانن  لاءِ هڪ اهڙي طريق اظهار جي ضرورت، جيڪا سندن تعليم ۽ طبع سان هم آهنگ هجي اڻٽر هئي. مسلمانن اهڙو طريق اظهار نقاشيءَ ۾ ڳلي لڌو جنهن جي ٽيڪنڪ جو بنياد تجريدي تصور۽ جمالياتي ڪيفيت ۾ لڪل آهي. نقاشيءَ جي ابتدا جيتوڻيڪ قرآن شريف ۽ ٻين قلمي ڪتابن جي تزئين ۽آرائش کان شروع ٿي، مگر انهيءَ فن نيٺ ايتري ترقي ڪئي، جو مسجدن، محلاتن ۽ مقبرن کي به سينگاريو ويو. غيرفاني نقاشيءَ جا نادر نمونا  اڄ به قصرالحمرا، قاهره جي جامع مسجد ۽ بيت المقدس کان سواءِ سنڌ جي بيشمار مقبرن تي منقش آهن.جامع مسجد دهلي، تاج محل، فتح پور سيڪري ، قطب منار، ديوان خاص ديوان عام، بادشاهي مسجدلاهور تي به نقش نگار آهن.

        مسلمان بني اميه جي دور۾ ئي نقاشيءَ سان گڏ جاندار شين جي صورت ڪشيءَ ڏانهن به متوجهه ٿيا، مگر مصوريءَ سان اها دلچسپي صرف محلاتن ۽ درٻارن تائين محدود هئي البت فاطمي دورئي اهڙو هو جنهن ۾ عام مسلمان به مصوريءَ ڏانهن متوجهه ٿيا.

        شروع شروع ۾ ته روم ۽ٻين مغربي ملڪن جي شاهڪارن مان جاندار شين کي ڪڍي، باقي حصي سان جنهن ۾ قدرتي نظارا به شامل هئا، حرم ۽ محل سينگاريا ويندا هئا؛ مگر اٺين عيسوي صديءَ جي شروع ۾ خليفي عبدللملڪ جي پٽ وليد ان ڏس ۾ جرات کان ڪم وٺي ، پنهنجي محلات جي ديوار تي پنهنجي درٻارين جي ۽پنهنجي تصوير ڪڍرائي ۽ ان کان سواءِ رقاصائن، موسيقارن ۽مسخرن جون تصويرون پڻ ڪڍرايائين. انهن تصويرن ۾ هڪ شڪار جو منظر به هو، جنهن ۾ هڪ شينهن جهنگلي گڏهه  جو شڪار ڪندي ڏيکاريل هو.انهن تصويرن جي پس منظر ۾ آرائشي ڪپڙا، وڻن جا پن، انگور، کجي ۽ ميون جا وڻ ۽ جهنگلي پکي ڏيکاريل هئا.

        فرانسي مصنف بلاشي(Blochet)  پنهنجي ڪتاب ” مسلم مصوري“ ۾ عباسي دور متعلق لکي ٿو ته ” هارون رُشيد جي محل جون ديوارون مختلف انساني تصويرن سان سنگاريل هونديون هيون ۽ خليفي متوڪل جوُن سمارا، ۾ تعمير ڪيل عمارتون پڻ ان قسم جي تصويرن سان آراسته هيون انهن تصويرن جي اسلوب ۽ ساخت مان اها ڳالهه بلڪل ظاهر آهي ته مصورن تي يورپ جي عيسائي مصوريءَ جو اثر غالب هو. اهو اٺين صديءَ جي آخر ۽ نائين صديءَ جي شروع وارودور هو.نائين صديءَ جي پوئين پنجاهه سالن ۾ عباسي دور تي ساساني اثر غالب آيو(1).ان دور جي تصويرن ۾ رقاصائون مختلف روپن ۾ نظر اچن ٿيون ڪي اگهاڙيون ته ڪن کي نفيس ڪپڙن سان هوا ۾ اڏامندڙ ڏيکاريو ويو آهي. ڪي زيورن ۽ هيرن سان آراسته آهن. ڪن جو باريڪ نقاب هوا ۾ ڦڙ ڦڙ ڪري رهيو آهي. ڪن جي هٿن ۾ جام آهي ته ڪن جي هٿن ۾ مينا. مذهبي پيشوائن ۽ جنگجو نوجوانن جون تصويرون پڻ ملن ٿيون ۽ مختلف قسمن جي حيوانن کي پڻ نقش ڪيو ويو آهي.

        اميه ۽ عباسي دور ۾ صورت ڪشيءَ جي فن جيتوڻيڪ ڪا خاص ترقي نه ڪئي، مگر ڌارين اثرن هڪ روايت کي ضرور مروج ڪيو، جنهن جو اثر تيرهينءِ صديءَ جي آخر تائين مسلم مصوريءَ تي رهيو ڏهين صديءَ جي آخر ۾ جڏهين فاطمي دور جي ابتدا ٿي چڪي هئي،  ان روايت کي تمام گهڻي مقبوليت ملي. فاطمي دور، مصوريءَ ۾ تجربن جو دور آهي ۽ موزونيت ڏانهن سڀ کان پهرين ان دور ۾ توجهه ڏنو ويو. هيءُ دور ايرانين جي اسرڻ جو هو ۽ سندن قوت تخيل، اميه ۽عباسي دور جي ورثي کي، جيڪوعراقي، ساساني، رومي ۽ يوناني اثرن جو هڪ نامڪمل امتزاج هو، پايه عه  تڪميل تي جيڪڏهين نه رسايو ته گهٽ ۾گهٽ ان کي هڪ نئون رنگ ضرور ڏنو. سلطان صلاح الدين ايوبيءَ جي تصويرکي ان دور جي هڪ زنده جاويد شاهڪار هجڻ جي حيثيت حاصل آهي. جنهن کي مسلمانن جي مصوريءَ ۾ هڪ خاص اهميت حاصل آهي.

        ان وقت تائين ايراني مصوريءَ ۾ ذوق جماليات پنهنجي پوري آب ۽ تاب سان نمايان نه ٿيوهو، ۽ نه ئي ٽيڪنڪ ۽ اسلوب جا متعين اصول رائج ٿيا هئا. ان جو خاص سبب خود ان طريقي ۾ لڪل آهي. جنهن سان ايران ۾ مصوريءَ جي ابتدا ٿي. شروع ۾ ايران جي مصورن جي محنت، عراق جي انهن نسخن جي نقل ڪرڻ تي صرف ٿيندي هئي، جنهن جي پوري مفهوم سمجهڻ کان خود سندن ذهن قاصر هو. ٻيو ته انهن عراقي نسخن جو ڪو خاص معيار به ڪونه هو، مگرايراني مسلمانن جي انهن ڪوششن ۽ سندن تخيل جي قوّت کين ايترو لائق بنايو،جوايندڙ اثرن کي قبولي فن ۾ جمالياتي پهلوءَکي پوري خوبيءَ سان روشن ڪري سگهڻ جهڙا ٿيا. جڏهن منگولين وچ ايشيا، ايران ۽ چين کي فتح ڪيو، تڏهن مسلمان مصورن کي چين جي فن مان فيضياب ٿيڻ جو هڪ سهڻو موقعوهٿ آيو حقيقت ۾ منگولين جي اچڻ کان پوءِ مسلم مصوريءَ ۾ جماليات جي دور جي ابتدا ٿي ۽ مصور نَوَن موضوعن کان ۽ خاص طرح سان، منظر ڪشيءَ جي فن کان واقف ٿيا. ان دور ۾ مسلمانن، چيني شاهڪارن جي نقل ڪرڻ يا ان کان سڌيءَ طرح متاثر ٿيڻ بدران، ايراني ۽ چيني فن جي امتزاج سان هڪ جدا گانه هيئت، ٽيڪنڪ ۽ اسلوب کي پيدا ڪيو. مصوريءَ جا ڪي نقاد ان دور جي ايراني شاهڪارن کي چيني نقلن سان تعبير ڪن ٿا. ۽ ڪن جو خيال آهي ته هي عيسائي فنڪارن جو اثر آهي جيڪو عراق جي ذريعي ايراني مصورن تي پيو ۽ ڪي نقاد ان ڏس  ۾ پاڪ- هند جو نالو وٺن ٿا. بهرحال، جيتريقدر حقيقت جو تعلق آهي وڌ ۾ وڌ ايترو چئي سگهجي ٿو ته ايراني مصوري، انهن ملڪن جي فن کان سڌي يا اڻسڌيءَ طرح متاثر ضرورٿي آهي ۽ انهن جي امتزاج سان ئي پنهنجي لاءِ انفرادي اسلوب پيدا ڪري سگهي آهي.

        منگولي دور ۾ هيئت، ٽيڪنڪ ۽ رنگ آميزيءَ متعلق نئين سرتجربا ڪيا ويا. فردوسيءَ ڪرمانيءَ ۽ نظاميءَ جي رزميه مثنوين کي مصور ڪيو ويو شيرين فرهاد، ليليٰ مجنون ۽ شاهنامي کان سواءِ ڪن ٻين لوڪ ڪهاڻين کي به مصورن پنهنجو موضوع بڻائي، فن جي دنيا ۾ انقلاب آندو.” جامع التواريخ“ ۽ ” مقامات حريري“ کي پڻ مصور ڪيو ويو. ان دور ۾ جانورن، ٻوٽن ۽ گلن ڦلن کي پڻ اهڙيءَ خوبصورتيءَ سان چٽيو ويو آهي، جو اڄ به انهن تصويرن ۾ فني رجحانن کي سمجهڻ لاءِ فنڪار ڪافي طور فني جستجو ڪري رهيا آهن.

        منگولي دور کان پوءِ تيموري دور جو آغاز ٿيو. ان دور جي فن ۾ نوان لاڙا ۽ رجحان نمايان آهن رومانيت جو اثر پڻ ملي ٿو.ان دور ۾ فطري منظر ڪشيءَ ڏانهن به توجهه ڏنو ويو. ان ڏس ۾ رومانيت کي مدنظر رکي موضوع تلاش ڪيا ويندا هئا. مثلاً خاص خاص موضوع هئا: وڏا ميدان، سنسان ٽڪريون ۽ نديون جن جي ٻنهي طرفن تي ٻوٽا ڏيکاريا ويندا هئا ۽پري پري پکڙيل وڻ. تيموري دور ۾ تصويرن جي پس منظر ۾ به تبديلي آئي. چوڏهين صديءَ جي شروع ۾ تصويرن جو پس منظر، گهڻو ڪري ڳاڙهو هوندو هو؛ڪجهه وقت کان پوءِ آسماني رنگ استعمال ڪيو ويو، اڳتي هلي،صديءَ جي آخرڌاري، پس منظر ۾ مختلف رنگن کي استعمال ڪرڻ جو    رواج پيدا ٿيو.

تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته مسلمانن کان اڳ ڪنهن به سون کي رنگ طور ڪم نه آندو هو. اها به حقيقت آهي ته اٽليءَ جي مصورن به مسلمانن کان متاثر ٿي ان روايت کي پنهنجوبنايو. ان دور ۾ مصورن نقاشيءَ جي محدود زاوين ۽ ٻين ابتدائي ٻنڌڻن کان آزاد ٿي جمالياتي حس کي وڌڻ ۽ ويجهڻ جو موقعو ڏنو ۽ اهڙيءَ طرح نقاشيءَ کي مصوريءَ جي خصوصيتن سان همڪنار ڪيو

تيموري دور جي مصوري جيتوڻيڪ ڪافي ترقي ڪئي، تنهن هوندي به صورت ڪشيءَ جي فن ۾ اڃا به ڪي گهٽتايون ۽ اوڻايون رهجي ويون.

مغربي نقاد، ان دور جي جنهن خاميءَ کي بار بار مبالغي سان دهرائيندا رهيا آهن، اها آهي صورت مان جذبات ۽ احساس جي ڪمي ۽ عمل جي نا پيدي.

تيموري فن جي ان ڪميءَ کي ُ بهزاد ، ۽ سندس همصرن پورو ڪيو ڪمال الدين پنهنجي خداداد صلاحيت ۽ فني قابليت ذريعي تيموري ۽ منگولي امتزاج کي درجه عه ڪمال تي پهچائي ، فني دنيا ۾ هڪ امتيازي جڳهه حاصل ڪئي ۽ سندس مصوريءَ کي روايتي حيثيت ڏني وئي. بهزاد جي ابتدائي ڪاوش (تاريخ تيموري) آهي، جنهن کي 1467ع ۾ مڪمل ڪيائين. 1478ع ۾ ” بوستان“ سعديءَ کي پڻ مصور ڪيائين فردوسيءَ جو ” شاهنامو“ جيتوڻيڪ اڳ به مصور ٿي چڪو هو؛ مگر بهزاد ان کي هڪ نئين اسلوب ۽ نئين انداز سان چِٽي پنهنجي انفراديت کي ظاهر ڪيو بهزاد جي انهن تصويرن ۾ زندگيءَ جي حرارت، جذبات ۽ احساس، عمل ۽ تحرڪ،غرض هر اها شئي موجود آهي، جيڪا ان وقت تائين مغربي مصورن جوورثو تصور ڪئي ويندي هئي. منظر ڪشيءَ ۾ به بهزاد حقيقت پسنديءَ کي زياده قريب هو.

بهزاد کان پوءِ هن جي شاگردن سندس فن ۽ اسلوب کي ايران، ترڪستان، ۽ برصغير هند- پاڪستان ۾ پکيڙي ڇڏيو ۽ سندس فن کي روايتي درجو عطا ڪيو ويو.

بهزاد هڪ طرف منگولي ۽تيموري فن کي پايه عه تڪميل تي پهچايو ۽ ٻئي طرف سندس فن صفوي دؤر جو مظهر پڻ آهي. صفوي دور ۾ ايران ۾ مسلمانن مصوريءَ ڳچ ترقي ڪئي، شاهه عباس صفوي جي دور ۾ به ته سندس تختگاهه اصفهان، آرٽ ۽ ادب جو مرڪز هو.ان درو ۾ حيوانن جون تصويرون تمام گهڻي محنت ۽قابليت سان چٽيون ويون ۽فني ٽيڪنڪ ۾ پڻ تجربا ڪيا ويا ” امداد الحسي، علي رضا عباسي ان زماني جا مشهور فنڪار هئا. رضا عباسي پنهنجي دور جو ممتاز ايراني مصور هو، کيس ڳاڙهي چاڪ سان عام شين جي تصوير ڪشيءَ ۾ مهارت حاصل هئي ۽ رنگن جي استعمال ۾ پڻ يڪتا هو. سندس شخصيت ئي اهڙي هئي جنهن جو بهزاد جي فن سان ڪنهن حد تائين مقابلو ڪري سگهجي ٿو. سندس قريبي دوست ۽ پيارو شاگرد معين هو، جنهن جو شاهڪار سندس استاد جي تصوير آهي. محمد قاسم، مير محمد علي ۽ محمد يوسف، رضا عباسيءَ جي اسلوب کي ارڙهين صديءَ جي شروع تائين تقويت ڏني، مگر ارڙهين صديءَ ۾ ئي ايران تي مغرب جو اثر غالب آيو ۽ نادر شاهه جي دور ۾ پاڪ- هند جو اثر پڻ ايران تي پيو، جنهن ايران جي مصوريءَ کي هڪ نئين رخ ڏي موڙيو.

هڪ طرف ايران مصوريءَ جي فن ۾ اڳتي پئي وڌيو ته ٻئ طرف بهزاد جي شاگرد سورهين صديءَ جي آخري پنجاهه سالن ۾ پاڪ – هنڌ ۾ مغل مصوريءَ جو بنياد رکيو جنهن مصوريءَ ۽نقاشيءَ کي آفاقي طور متاثر ڪيو.

مغل شهنشاهه هميشہ آرٽ ۽ ادب جي سرپرستي ڪندا رهيا آهن مغل دؤر حڪومت ۾ ” فنون لطيف“ جي جيتري قدر ترقي ٿي آهي، ان جومثال هند- پاڪ  جي تاريخ ۾ ملڻ ناممڪن آهي. اُن جو سبب فقط هي آهي جو هونه فقط فن ۽ ادب جا شائق هئا، پر ان سان گڏ عملي طرح انهن سان دلچسپي هين ۽ ان ڏس ۾ ناقدانه نظر جا مالڪ پڻ هئا.مغل حڪمران ايراني تهذيب کان متاثر هئا. انڪري انهن صفوي مصورن کي فن ۾ نون تجربن ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ ۾ هر ممڪن مدد ڪئي. پهريون مغل شهنشاهه بابر ئي هو جنهن کي بهزاد جهڙي يگانهء  روزگار مصور جي فن ڏانهن توجهه پيدا ٿيو. کيس نه صرف مصوريءَ سان محبت هئي پر تنقيدي جائزي وٺڻ جي ڏات پڻ مليل هُيس. بابر بهزاد جي تصويرن جي باري ۾ ائين چئي پنهنجي فني قابليت جو ثبوت ڏنو آهي، ته کيس ” بنا ڏاڙهيءَ مهانڊن جي تصوير ڪڍڻ نٿي اچي!“

شهنشاهه همايون 1555ع ۾ جڏهن ٻيهر هندستان موٽيو، تڏهن بهزاد جي ٻن شاگردن مير سيد علي ۽ خواجه عبدالصمد کي به ساڻ وٺي آيو. هي ٻئي مصور صفوي روايتن جا پوئلڳ هئا، جنهن ۾ اوندهه ۽ روشنيءَ کي ظاهر ڪرڻ جي ٽيڪنڪ  ۾ ڪا خاص گنجائش ڪانه هئي، صفوي دور جي تصويرن ۾ گهاٽا ۽ تيز رنگ استعمال ڪيا ويندا هئا ۽ آسماني ڳاڙهو ڪارو رنگ ڪثرت سان استعمال ٿيندا هئا. هن دور جي امتيازي خصوصيت هيءَ هئي: جو رنگن کي هڪٻئي کان جدا رکيو ويندو هو، جيئن پاڻ ۾ مڪس نه ٿين، جيڪڏهن ڇٻر سائي رنگ سان ڏيکاريندا هئا ته آسمان کي وري نيرو رنگ ڏيندا هئا، پر اهو به اهڙيءَ طرح جو آسمان ۽ زمين جون حدون واضح ۽ متعين نظر اچي سگهنديون هيون اهڙيءِ طرح جو سندن تخليقن ۾ وقت جو اظهار به ڪو چڱيءَ طرح نه ٿي سگهندو هو ۽ نه ئي مجموعي تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي. انهن تصويرن جي مفاصلي جو فطري تناسب به نظر نٿو اچي سگهي.

همايون، خواجه عبدالصمد کي ”داستان امير حمزه“ کي مصور جو ڪم سونپيو ۽ مير سيد علي ان ڏس ۾ سندس مددگار هو. امير حمزه جو داستان ڪل ٻارهن جلدن ۾ لکيل هو ۽ سندس هر هڪ جلد ۾ هڪ هزار جي قريب صفحا هئا. ان ڪم کي پوري ڪرڻ لاءِ جيئن ته مصور ناڪافي هئا، انهيءَ ڪري هندستاني مصورن کان پڻ مدد ورتي وئي. هنڌ- پاڪ جي ۽ايراني مصورن جي ملي ڪم ڪرڻ سان هڪ نهايت خوشگوار نتيجو نڪتو. صفوي آرٽ تي هند- پاڪ اثر غالب پوڻ لڳو ۽ ٻن مختلف روايتن جي امتزاج هڪ نئين اسلوب ۽ ٽيڪنڪ کي جنم ڏنو.

اڪبر جي دؤر ۾ مغل مصوري، پنهنجي ابتدائي دؤر ۾ هئي، ۽ صفوي روايتن جون خاميون اڃا به فن ۾ ڪي قدر موجود هيون. شهنشاهه اڪبر پنهنجي همه گير شخصيت سان جڏهن مغل سلطنت جو بنياد مضبوط ڪيو، تڏهن سندس تعصب کان پاڪ فطرت، ادب ۽ آرٽ کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي . مغل مصوريءَ جووجود در حقيقت اڪبر جو مرهون منت آهي. هُن مصورن کي پنهنجي خيال ۽ تصور کي روايتن کان آزاد ٿي پيش ڪرڻ جي مڪمل اجازت ڏيئي، سندن همت افزائي ڪئي. اڪبر 1575ع ۾ آرٽ اڪيڊمي جو بنياد رکيو ۽ مصورن کي اڳتي وڌڻ جوهڪ نادر موقعو هٿ آيو ۽ فني دنيا ۾ صحتمند مقابلي جو رحجان پيدا ٿيو،جنهن تقريباً هڪ سؤ مايه ناز فنڪارن کي جنم ڏنو. ان دؤر ۾ پرتگالي مصوري جا نمونا به اڪبري دربار ۾ پهتا، جن جو اثر مغل مصوريءَ تي پيو ۽ صفوي روايت جون خاميون گهڻي ڀاڱي ختم ٿي ويون عمل جي وحدت ۽ رنگن جو تناسب جنهن جو خيال مغل مصوريءَ ۾ اڳ نه ڪيو ويندو هو، ان دؤر جي تخليق ۾ پنهنجي پوري موزونيت سان موجود آهي . پرتگالي اثر، مسلم مصوري ءَ ۾ پس منظر کي زياده خوبصورت بنايو ۽ فطري منظر ڪشيءَ ۾ حقيقت پسنديءَ کي ترجيح ڏني وئي. پرتگالي اثر پوڻ سان مسلم مصوريءَ ۾ هڪ تعريف جوڳو تغير آيو، جنهن ان دور جي فن کي انفرادي ۽ امتيازي خصوصيت جو مالڪ بنايو اهڙيءَ طرح هندستاني،ايراني ۽ يورپي اثرن جي امتزاج مان مغل مصوري پيدا ٿي. اڪبر جي دؤر ۾ ُ تيمورناما ، ُ بابرناما ، اڪبر ناما، ۽ مشهور رومانوي داستانن کي مصور ڪيو ويو، ان کان علاوه، اڪبر پنهنجي فتحپورسڪريءَ واري محل جي ديوارن کي سينگارڻ جو حڪم پڻ ڏنو.

جهانگير به پنهنجي پيءُ وانگر مصورن جي سرپرستي ڪندو رهيو. سندس دور جي مسلمان مصورن مان محمد نادر سمرقندي، محمد مراد، شريف خان ۽ مير محمد حسين قابل ذڪر آهن مگر انهن مڙني ۾ استاد ُ منصور، ممتاز هوجنهن ” تزڪ جهانگيري“  کي تصويرن جي صورت ۾ پيش ڪيو ۽ ” نادرالعصر“ جو خطاب مليس. استاد منصور کي جانورن جي تصوير ڪڍڻ ۾ مهارت حاصل هئي ۽ فن ۾ نون تجربن ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هئس. جيئن ته جهانگير پاڻ به فن جو دلداده هو ۽ ڳوٺاڻي نظارن، باغن، گلن جي تصويرن ۽ مختلف قسمن جي جانورن کي جمع ڪرڻ جو شوقين هو ۽ پاڻ ٻاهرين ملڪ مان جدا جدا قسمن جا پکي پڻ گهرايا هئائين، تنهنڪري استاد منصور کي پنهنجي دلي مراد پوري ڪرڻ جو سهڻو وجهه هٿ آيو. استاد منصور پنهنجي تجربي لاءِ لاله جي گل کي منتخب ڪيو، جيڪو کيس تمام گهڻو پسند هو، ان ڪري مختلف رنگن ۽ ليڪن جي آميزش سان، اُن گل جي فطري حسن کي ڪمال سان ظاهر ڪيائين.

مغل مصوريءَ دربارن ۾ جنم ورتو اُن ڪري مٿس شان وشوڪت جو اثر تمام گهڻو رهيو آهي، مگر مصورن جي شوق ۽نون موضوعن کي تلاش ڪرڻ جي جذبي،مغل مصوريءَ کي فطري منظر ڪشيءَ ۽ عوامي زندگيءَ سان تمام گهڻي قدر واقف ڪيو. جهانگير ۽ شاهجهان جي دور ۾ ملن، ساڌن، پنڊتن، فقيرن ۽ سماجي زندگيءَ جي ماحول کي مصوريءَ ۾ پيش ڪيو ويو. جيئن ته مغل مصوريءَ ۾ حقيقت پسنديءَ جو رجحان اڳيئي پيدا ٿي چڪو هو، تنهنڪري اُنهن تصويرن جو پس منظر، بجاءِ آرائشي ڪپڙن ۽ محلاتن جي فطري نظارن اچي والاريو.

        شاهجهان جي دور ۾ مغل طرز ۽ اسلوب مستقل طور قائم ٿي چڪو هو، تنهنڪري مغل مصوري پنهنجي انفراديت سبب ساري دنيا ۾ مقبول ٿي ويئي. شهنشاهه جا پويان به مغل مصوريءَ جي سرپرستي ڪندا رهيا پر ڪا خاص تبديلي رونما نه ٿي. مغل دور جي ختم ٿيندي ئي مصوريءَ جا شاهڪار دنيا جي مختلف حصن ۾ پکڙجي ويا، مگر مسلمان مصورن جيڪو ڪمال جومعراج حاصل ڪيو تنهن اُنهن کي دائمي زندگي بخشي آهي ۽ مصوريءَ جي تاريخ ۾ سندن نالو سونهري لفظن سان لکيو وڃي ٿو.

غلام نبي ميمڻ

فقير غلام حيدر

(نانڪ يوسف جو طالب)

سرزمين سنڌ اها خوش قسمت ۽ سڀاڳي وادي آهي جنهن جي گود ۾ ڪيترن شاعرن ۽سگهڙن، ولين ۽ درويشن، عالمن ۽ فاضلن، سالڪن ۽ ڪاملن جنم ورتو ۽ اتيئي پرورش لهي پنهنجي مادروطن کي پنهنجي جواهر پارن سان وقت بوقت پئي شاداب ڪيو آهي. انهن مان ڪيترن کي غيرفاني شهرت حاصل ٿي آهي ۽ ڪيترا وري غيرفاني شهرت جي مالڪ هجڻ جي باوجود به اڃا تائين گمناميءَ ۾ گم آهن ۽ اسان جي بيتوجهيءَ ۽ لاپرواهيءَ ڪري انهن انمول ماڻڪن جا بي بها جواهر پڻ مٽيءَ ۾ مليل موتين جيان ميرا ڏسي، انهن کي بيڪار سمجهي کڻي ڦٽو ڪيو ويو آهي. درحقيقت ڌيان ڏيڻ تي خبر پوندي ته ڌوڙ ۾ ڌن آهي جيڪو اصل ۾ اسان جو حقيقي ۽ غيرفاني خزانو آهي.

         انهن گمنام پر غير فاني هستين ۾ فقير غلام حيدر جو نالو پڻ اچي وڃي ٿو.

        ابتدائي زندگي: فقير غلام حيدرجي ڄم ۽ وفات جي تاريخ جي پوري پڪ پئجي نه سگهي آهي ته ڪهڙي سن ۽ سال ۾ سندس جنم ٿيو مگر جيئن ته هن فقير کي ( نانڪ يوسف) وٽان فيض حاصل ٿيو جنهنجو ذڪر هن پنهنجي ڪلام ۾ واضح طور ۽ صاف لفظن ۾ ڪيو آهي، سو سن 1783ع کان 1853ع ۾ ٿي گذريوآهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هيءُ فقير به ساڳئي وقت ۾ ٿي گذريو آهي.

        فقير غلام حيدر ذات شر بلوچ هو ۽ سندس ولادت با سعادت خيرپور رياست ۾ شرن جي ڳوٺ جي نالي سان آباد ٿيل هڪ ننڍيءَ بستي ۾ ٿي. سندس ابا ڏاڏا کيتي ٻاريءَ جو ڌنڌو ڪندا هئا، تنهنڪري هن کي به اهوئي اباڻو ڌنڌو ورثي ۾ مليو. هي ننڍي هوندي کان ئي اڙٻنگ، ارڏو ۽ طبيعت جوتيز هوندو هو، وري کيس ڪَچيءَ ۾ ئي بري سنگت ملي وئي، تنهن هن کي ويتر بيپرواهه، عياش ۽ هٿڦاڙ ڪري وڌو. چوندا آهن ته ” تخم تاثير، صحبت اثر“.سو هن تي به بري سنگت جو برو اثر پيو ۽ اڳتي هلي هڪڙو ناليرو چور بنيو هن وٽ پري پري جا چور دسن تان ڪَهي ايندا هئا ۽ هن کان اچي صلاح مصلحت پڇندا هئا. هن جي اوطاق ۾ هميشہ  چور ويٺا هوندا هئا ۽ سڄيون سڄيون راتيون صرف چوراڻيون ئي ڪچهريون هلنديون هيون مطلب ته هن جي اوطاق هڪ چڱي موچاري چورن جي پاٿاري يا اڏو ليکيو ويندو هو. ڪنهنجي چوري ڪرائڻ هن جي ڏائي هٿ جا کيل هوندا هئا ۽ چوري ڪرڻ کي فخر سمجهندو هو. فقير ۾ ايترن اوگڻن هوندي به هميشہ رنن ۽ بيواهه زالن ۽ هيڻن جي، سر سوڌي سٽ تائين حمايت ڪندو هو، ۽ دلير به هڪ ئي هو  مطلب ته فقير جوانيءَ  جي جوش ۾ انڌ جي گهوڙي تي ايتريقدر ته سوار هو، جو هن کي ڪنهن به ڀلي يا بري، چڱي يامَٺي جي ڪَل ڪانه پوندي هئي سندس فقط هڪ ئي مقصد هو” چوري ڪرڻ، چوري کائڻ“.

        مجاز: جيئن چوندا آهن ته” وريءَ کي واٽون ۽ ٿِڙيءَ کي ٿاٻا“ انهيءَ مصداق مثل هن فقير جي به وراڻ ٿي ۽ الاهي واٽ اوچتي هٿ اچي ويس، جنهن هن کي صحيح معنيٰ ۾ انسان بنايو ۽ حيات جاودان بخشي.

        ڳالهه ٿا ڪن ته: هڪڙي ڏينهن، فقير ڪنهن سير سفر تان واپس اچي رهيو هو ته واٽ تي اچي اڃ لڳس. سو اڃ اجهائڻ خاطر لڙي ويو هڪڙي ڀر واري ڳوٺڙي ۾، جتي هن کي هڪڙوڇنو نظر آيو، سو پير ڀري اندر لنگهي ويو. سنڌي ڪچهرين جا ڪوڏيا ڏٺائين ته چلم جي چوڌاري وڪوڙيا ويٺا آهن سڀني اُٿي هن جي ڀلي کيڪار ڪئي. سنڌ جي مهمان نوازي ته ملڪان ملڪ مشهور آهي، سو حال احوال ۽ خبرن چارن ڏيڻ وٺڻ بعد، ” جيڪو حال حبيبان سو پيش پريان“ آڻي اڳيان حاضر ڪيائونس. فقير ماني ٽڪي کائي؛ ٿڪ ڀڃي ڪچهريءَ کان موڪلائي ٿيو ڳوٺ روانو. جڏهن شهر جي ٻاهران پهتو ته ڏٺائين ته هڪڙي خوبصورت حسين ۽ نوجوان عورت کوهه تان پئي پاڻي ڀريو فقير ان عورت کي ڏسڻ سان ئي مٿس موهت ٿي پيو۽ سندس اندر ۾ عشق جي آگ لڳي وئي جنهن هن کي اڳتي  هلي حدن کان اڪاري ڇڏيو! هي ڳوٺ سندس ڳوٺ کان اٽڪل ڏهن ٻارهن ميلن جي مفاصلي تي هو. فقير جي ان عورت سان نيٺ ڏيٺ ويٺ ٿي ويئي، جنهنڪري روزانا رات جو پنهنجي محبوب سان ملڻ لاءِ پيو ايندو هو. جيئن جيئن ويا ڏينهن پوندا تيئن تيئن هنن جي محبت جا به ويا ٿي پيچ پختا پوندا.

        فراق ۽ ڪشمڪش: هڪڙي ڏينهن حسب معمول رات جو پنهنجي محبوب سان ملڻ لاءِ پٽڪو ٻڌي، ڪهاڙي ڪلهي تي رکي، سهي سنڀري نڪتو، ۽ اچي انهي پنهنجي محبوبه سان ملڻ واريءَ جاءِ تي پاسو ڏئي ويهي رهيو. انتظار ڪندي ڪندي آڌي لڙي وئي، پرهه ڦٽي وئي ، ڪڪڙن دَس هنيان ۽ چئني طرفن کان اذان جا آواز اچڻ لڳا، مگر سندس محبوبه  جو پتوئي نه پيو. فقير کي ڏاڍي اُڻ تُڻ ٿي پئي ۽ سندس دل ۾ عجيب وغريب خيال ۽ وهم اڀرڻ لڳا ته خبر نه آهي ته سندس محبوبه ڇو ڪانه آئي. فقير انتظار ڪندي ڪندي سڄي رات اکين ۾ ڪاٽي واپس وريو. هن کي اها وره واري رات هزار راتين جي ڏک ڏيڻ لڳي. فقير ڏينهن جا چار پهر بيچينيءَ ۽ اداسيءَ، مايوسيءَ، ۽ بيقراريءَ ۾ گذاري، شام جو وري سهي سنبري نڪتو محبوبه سان ملڻ لاءِ اچي ساڳيءَ جاءِ تي ويهي رهيو. گهڻي انتظار بعد ڏٺائين ته سندس محبوبه ٻانهن هڻندي اچي رهي آهي. پهرين فقير چيو ته عورت هميشہ بي وفا ٿيندي آهي ۽ خيال آيس ته پهرين ڌڪ سان پار ڪري ڇڏيائنس. مگر محبوبه جي منهن ڏسڻ سان سندس ڪاوڙ ڪجهه جهڪي ٿي. ان عورت اچڻ سان ئي عرض ڪيس ته منهنجا محبوب! توکي انتِظار جون گهڙيون ضرور ڪاٽڻيون پيون آهن؛ مگر آءٌ هڪ ڪمزور عورت، بيوس ۽ لاچار ٻين جي هٿ وس آهيان، مون وسئون ڪونه گهٽايو. خاوند جو ڊپ آهي. جنهنڪري مونکي وٿي نه لڳي سگهي، ۽ اچي نه سگهيس.

        مرشد: فقير پنهنجي محبوبه جي واتان اهي لفظ ٻڌي ٻڌي” آءٌ هڪ ڪمزور عورت آهيان ۽ مونکي پنهنجي خاوند جو ڊپ آهي.“ سندس اک کلي وئي. اهو گويا هن کي حقيقي عشق جو اشارو مليو. فقير ان عورت کي چڙ مان چيو ته” توکي پنهنجي خاوند جوايترو خوف آهي جو واعدي خلافي ڪري سگهين ٿي؛ باقي آءٌ جو روزانو رات جو لنڊيون لتاڙيندو اچان ٿو سو مون کي ڄڻ خاوند جو خوف آهي ئي ڪونه؟!“

        ائين چئي فقير پنهنجي محبوبه کان رسي اٿي هليو. اهو رکو جواب ٻڌي، محبوبه عاجزيءَ ۽ انڪساريءَ سان ڳچيءَ ۾ پانڌ پائي، فقير کي پرچائڻ شروع ڪيو. مگر فقير هڪ به نه ٻڌي ۽ سڀ ٻڌو اڻٻڌو ڪري پنهنجي ڳوٺ جو رخ رکيو.

        چوندا آهن ته ” الفراق اشد من الموت“ (فراق موت کان به وڌيڪ سخت آهي)، سو هي به پنهنجي جانب جي جدائيءَ ۾ جهڄندو جهرندو رهيو. چون ٿا ته: هن تي انهيءَ فراق جي ڪري ڪجهه ڏينهن ته ايترو مئو هو جو ڪنهن سان به ڪين ڳالهايائين ۽ نه وري ڪنهن سان ٻڙڪ ئي ٻاهر ڪڍيائين. اندر ئي اندر ۾ يار کي ياد ڪري پيو رجهندو پچندو هو. اندر جي آنڌ مانڌ ۽ لوڇ پوڇ جي ڪري راتين جون راتيون ويهي گذاري ڇڏيندو هو. آخر فقير ٻيو ڪو چارو نه ڏسي؛ هي خيال ڪيو ته فقيرُ” نانڪ يوسف“ سان وڃي دل جو حال اوريان ته جيئن من جي مونجهه لهي پوي.

        نانڪ يوسف، ان وقت ۾ چڱو ناليرو فقير هو. اهو خيال ڪري، فقير سڌو اچي نانڪ يوسف جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. فقير نانڪ يوسف ته حال جو مالڪ هو، سوهن کي ڏسندي ئي ڳالهه کي پروڙي ويو. فقير غلام حيدر ساري حقيقت ڪئي. پنهنجي دل جي باهه جهڪي ڪئي.، ۽ الاهي عشق جي واٽ لاءِ عرض ڪيائينس. فقير نانڪ يوسف ته هن کي اڳ ۾ ئي سهي ڪري ويو هو سو يڪدم کڻي هن کي الاهي عشق جو گس وٺرايائين. جنهنڪري هي فقير به رڱ ۾ رڱجي ريٽو ٿي پيو. ڪاڏي ويون چوريون ۽ سينا زوريون، ڪاڏي ويون اهي پراڻيون حرڪتون. سڀ ڌنڌا ڦٽا ڪري هڪ منو ٿي خدا جي ذڪر فڪر ۾ لڳي ويو. اهڙيءَ طرح هي فقير به مرشد جي مهر سان بري مان ڀلو ٿي پيو.

        چوندا آهن ته ”المجاز قنطرت الحقيقت “ (مجازي عشق، حقيقي عشق جو هڪ ڏاڪو آهي.) سو هن فقير کي به مجاز مان ئي حقيقت حاصل ٿي.

دشمن جي در تي سوالي: هڪڙي دفعي جو ذڪر آهي ته: فقير نانڪ يوسف، فقير غلام حيدر کي ڪستو ڏئي چيو ” ته تون جو هيڏو ناليرو چور هئين، سو تنهنجا ضرور ڪي چار سڄڻ چار دشمن هوندا، تنهنڪري تون پنهنجي دشمنن جي درن تي وڃي، انهن وٽان بيک پني اچ.“ صرف حڪم جي دير هئي، فقير ،مرشد جي حڪم تي حاضر سائين چئي، ڪستو ڪلهي ۾ وجهي پنهنجن دشمنن جي درن تان بيک پنڻ ويو. (حالانڪه دشمنن جي درن تان بيک پنڻ وڏي ڳالهه آهي) جڏهن دشمنن فقير کي پنهنجي درن تان بيک پنندي ڏٺو، تڏهن ڪُل وهم وساري هن کي دل سان دان ڏنائون. ۽ پڪ ٿين ته غلام حيدر هاڻي دنيائي وهنوار سڀ وساري وڃي فقيريءَ کي لڳو آهي. (نانڪ يوسف فقير غلام حيدر کي ڪستو ڏئي بيک پنئڻ لاءِ صرف انهيءَ مقصد خاطر موڪليو ته جيئن هن جي دشمنن جي دلين ۾ فقير لاءِ غير يا بغض باقي نه رهي.)

        ترڪ دنيا: فقير غلام حيدر الله جي عشق ۾ ايترو ته محو ٿي ويو، جو هن کي دنيا جي ماڻهن جي ۽ ڌنڌن سان ڪابه دلچسپي نه رهي ۽ ايتري قدر ته هن دنيا مان بيزار ٿي پيو جو هڪڙي ڏينهن، ڪنهن بني بشر کي ٻڌائڻ کان سواءِ وٺي جهنگ منهن ڪيائين ۽اتي گهاٽن کٻڙن ۾ اندر وڃي خدا جي ذڪر فڪر ۾ لڳو. چون ٿا ته : فقيرذڪرفڪر۾ ايتري قدرته محو ٿي ويو، جو هن کي دنيا جو ڇا پر خود پنهنجو سماءُ به نه رهيو، ۽ڪيترو عرصو فقير اتي انهيءَ جهنگ ۾ ئي عبادت ڪندو رهيو. هوڏانهن سندس عزيز خويش وتن پيا پار پتا پڇائيندا. مگر ڪنهن کين ڏس پنڌ ڪونه ڏنو. ايتريقدر جو فقير جا مائٽ به آسرو لاهي ويهي رهيا.

        واپسي: هڪڙي ڏينهن، هڪڙو ٻڪرار ٻڪريون ڪاهي سانگي سان وڃي انهيءَ جهنگ ۾ نڪتو. اتي ٻڪريون چاريندي چاريندي اوچتو نظروڃي ڪنهن شئي تي پئس. ٻڪرار پهرين ته دهلجي ويو ۽ سمجهائين ته شايد ڪو خوفناڪ جهنگڪي جانور آهي، جو شايد ٻڪرين جي شڪار ڪرڻ خاطر لڪي ويٺو آهي. مگر ويجهي وڃڻ تي هن جي عجب جي حد ئي نه رهي جڏهن ڏٺائين اهو فقير غلام حيدر هو۽ پنهنجي ذڪر فڪر ۾ لڳو پيو هو. پهريائين ته ٻڪرار کيس سڃاڻي ئي نه سگهيو ڇو ته ڳپل وقت گذرڻ سبب سندس ڏاڙهي ۽ وار تمام وڏا ٿي ويا هئا. ٻڪرار سڌو اچي فقير جي وارثن کي اطلاع ڏنو. پهرين ته اهي به اعتبارئي نه ڪن. نيٺ ٻڪرار جي يقين ڏيارڻ تي سندس عزيز وڃي کيس جهنگ مان وٺي آيا. فقيرپهريائين ته اچڻ جي نه پيو ڪري پر سندس عزيزن جي گهڻي زور ڀرڻ تي مس مس وڃي فقير ڳالهه مڃي.

آخري وقت: فقير باقي حياتيءَ جا ڏينهن اچي ڳوٺ ۾ گذاريا. انهيءَ پوئين وقت ۾ فقير پنهنجن پٽن کي هميشہ حق جي هدايت ڪندو رهندو هو، ۽ کين چوندو هو ته مون وٽ آب حيات جون نهرون پيون وهن، اچو ته تواهان کي ان مان سرڪيءَ جو سواد وٺايان.مگر سندس پٽ هن جي ڳالهه ڏي ڪوبه توجهه ڪونه ڏيندا هئا. ۽ هڪڙي ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان وهائي ڇڏيندا هئا. البت سندس پوٽو مينگهو فقير،جواڪثر ڪري سندس خدمت ۾ رهندو هو، سو هن جون ڳالهيون هميشہ ڪن لائي ٻڌندو هو ۽ فقير جي گفتگوءَ کان ڏاڍو متاثر ۽ محظوظ ٿيندو هو. تنهن خيال ڪيو ته ڏاڏو سائين جو ور ور ڪري پيو آب حيات جي نهرن جي ڳالهه ڪري، سو هن کي اچي انهيءَ آب حيات جي سرڪي جو سواد جو سوز جاڳيو. مهل موچاري ڏسي، عرض ڪيائين ۽ پنهنجي مقدر واري امانت حاصل ڪيائين.

آخري آرامگاهه: فقير غلام حيدر جي عمر نوي ورهين کان وڌيڪ ٻڌائي ٿي وڃي. سندس خاندان مان مينگهو فقير مشهور ٿيو. جنهن جي نالي پٺيان مينگهي شرجو ڳوٺ خيرپور رياست ۾ مشهور آهي، جتي فقير غلام حيدر جي آخري آرامگاهه آهي، جتي اڄ به ڪيترائي روحاني اُڃ جا اُساٽيل پنهنجي اُڃ اُجهائڻ خاطر ايندا رهن ٿا.

ڪلام: فقير غلام حيدر جو ڪيتروئي ڪلام سنڌي توڙي سرائڪي ٻوليءَ ۾ چيل آهي. مگر ڪنهن وٽ به هڪ هنڌ گڏ ٿيل نه آهي. سندس چيل ڪافيون ۽ بيت نهايت مقبول عام آهن، جي عام طرح توهان کي پينوفقيرن جي واتان اوطاقن ۽ اوتارن ۾ زباني ڳائڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ايندا.

ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو اهل علم ان ساري ڪلام کي گڏ ڪري؛ هڪ مجموعي جي صورت ڏئي ، ترتيبوار ڇپائي عوام اڳيان پڌرو ڪن،جيئن هر شخص، خاص و عام سندس ڪلام مان پورو پورو حظ حاصل ڪري سگهي. ۽ ساڳئي وقت علم ۽ ادب جو خزانو به محفوظ ٿي پوي.

سندس چيل ڪافيون ۽ بيت، سنڌي توڙي سرائڪي جيڪي به مون کي هٿ اچي سگهيا آهن، پڙهندڙن اڳيان پيش ڪريان ٿو.

سنڌي ڪافيون

(  1  )

برهه ڏاڍي بارش ڪري،        سر عشاقن آئيو؛

ٻي نه ڄاڻان ڳالهه ڪائي،     رنگ لاهوتن لائيو.

عينن واري آڙهه ۾،         پير غازين پائيو.

محبت جي ميدان ۾،       اچي صادقن سڏائيو.

”غلام حيدر“ گل ٿيس،       منهنجو غم لاهوتين لاهيو.

(  2  )

ڏيان باهه ڀنڀور کي،         منهنجو جانب جيءَ جياريو.

آءٌ ته انهيءَ جي آهيان،        هو جو ڪيچي ڪوهيارو.

سرتيون سڄڻ ويجهڙو،        ڏي ٿو (نفس) اشارو.

ونحن اقرب ويجهڙو،        اچي نر هنيون آهنه نعرو،

لُنءَ لُنءَ لولي يارجي،        آهي سر صدقي سارو.

”غلام حيدر“ گُن گوش ڪر“       ڇڏ ”لا“ سندو تون لارو،

رمزي روح رٿون ڪيون،        ڏسي نوري نيڪ نظارو.

(  3  )

” نوري نانڪ شاهه“ جي،      حسن لايا هِن هل، ڙي اديون.

جيڏيون مون گهر آئيو،         دوڙائي دلدل، ڙي اديون

محبن جي مجلس ۾،      الا، جيئن گفتي ۾ گل گل، ڙي اديون.

اجهي آري ڄام جي،     جهُلي پيڙم جُهل ، ڙي اديون

سدائين سُرهي ٿي رهي،       جيئن باغ مٿي بلبل،ڙي اديون.

”غلام حيدر“ کان غير ويڙو،        پُورَ چڙهيا پلپل، ڙي اديون.

( 4 )

        ڊڄون ويٺو ڊڄ،          ڏاڍي جي ڏمر کان.

پنڌ پيو ٿي اڳتي،          اتي ڪين رڄ، روڳيءَ اتي نه رڄ.

ڦٽو ڪري فنائي کي،        ڏس نوان اعليٰ نج.

محبت جي ميدان ۾،        ڪيڏو هاٿي پڇ.

ملان مسئلا ڇوڪرين،            آڳو رڻهاري ڳجهه.

” غلام حيدر“ غور ڪري،               ڏس ستگر سهڻو سچ.

(5)

هاوڙ عشق جي دوزخ دهليا، زمين زمن کون زور ٿيو.

عرض الا کون لنگهي آڳاهون، وِرهه وڃي وڻڪار پيو.
فلڪ منارا اوري رهيا، پرت پري پرواز ڪيو.
برهه برابر واڳان چايان، دين ڪفر سڀ نينهن نيو
”غلام حيدر“ غم نه رهيا، عشق الله بن ناهه ٻيو.

(6)

ڏسين ٿو ڏهاڙي، هي چلپل چوڌاري،
ڌ ُتاري ڌُتيءَ رن، ڪيئي ڀاڙين جو ڀاڙي.

 

لڳين لَنڊيءَ جي لاري، مُٺيءَ وڌو ٿي ماري،
سڙيءَ ڪيو ٿي سوگهو، ٻُٽيءَ ڏئي ٻوٿاڙي.
مٽائين ٿو مُڇان، ڳالهائين ٿو بُڇان.
اوڳا عمر وئي اجائي، هڻي ڄڙهه ڄياڙي.
کنيون ڪاغذ بگا، پهرين ويس وڳا،
ڏيکارين ٿو ڏيهن کي، ڏڪايو تون ڏاڙهي.
کنيون تسبيح ڊگهي، ڦيرائين ٿو سِگهي،
و ِس و ِس ڪندي وِسڪي، سڙيا ويئه سپاڙي.
”غلام حيدر“ آيو، ڪري سوزان سعيو،
رکي رمزن رايو، برهه لائي بهاري.

(7)

اسان محبت تنهنجي منگي، تون شاهه آهين بيرنگي.

 

عشق اليلان ڏاڍيون لايون، جوش جاڳائي، جنگي.
جهڙي تهڙي دامن لڳڙس، توڙي شرابي ڀنگي.
هر صورت ۾ سر سمايو، عربي، رومي، زنگي.
ڪاٿي ايران، توران بنايو، ٽوپي پوش فرنگي.
پير مغان پُرجام پياريو، ترت لاٿائين تنگي.
”غلام حيدر“ غير ويو سڀ، ورهه تنهنجي دل ونگي.

(8)

عاشقن اثبات ڪيو، آهه سرخدا جو خود خدا،
وادي وحدت وحده، چڙهي موج مرسل مصطفيٰ.
نينهن نعرو نا لڪڻ جو، ڇا ملان، قاضي ڪندا،
ريءَ داخل درد جي، مسئلن ڪيا موڳا منڊا.
جئري جدا ٿيا جان کون، ساجهر ڪيا جن سِرفدا،
لالچ ڇڏي هن لوڀ جي، گرنار سان غازي گڏبا.
مار منڪر جي مٿي ۾، ڏينهن ۾ سؤ سؤ ڏنڊا،
عاشق الاهي عشق ۾، اهي مرد مانجهي مرڪندا.
”غلام حيدر“ کي علي، رس دوست دِلبر مرتضيٰ،
پس پاڪ پنجتن پرت مون، آهه رحم رَبي رهنما.

 

(9)

چرخو چور چري، ڀوري اها مهل اٿئي، ايندءِ ڪين وري.
درد الله ري دورنگ آهين، سڀ ٿو ڪسب ڪوڙ ڪمائين
                                موتوا ڏس مري، جيئري پوءِ وري.
سوين سڪندر دارا جهڙا، هٿين سکڻا هِتون جي ويڙا،
                                هليِن ڪانه ذري، وين ڳور ڳري،
سڪ منجهارون يار سڃاڻي، ويهه نه پنهنجو ايٽ الاڻي.
                                آهه عمر هڪ گهڙي، خاڪ ذري.
غلام حيدر مڃ غلامي، يار يوسف جوٿيءُ سلامي،
                                 ڇڏ تون (لاءِ)  لڙي، پڪ پري.

 

سرائڪي ڪافيون

(1)

عجب اسرار اکيان دا، لُٽيندا مُلڪ دليان دا.
سنت ڪيا فرض ناڇوڙن، ٻيائي سڀ اُٿان ٻوڙن،
هڪا دم (هو) خدا هوون، چاون سر بار بديان دا.
لاون سِر شور دم شاهي، امانت عشق دي آ   هي.
حسن دم هونگ همراهي، مارن چل تيز مزگان دا.
جلوا ڪر جلد سِر آون، سو الٽي بات برسائن،
پهر دم پوش سر پاون، گهتن دل دام زُلفان دا.
” غلام حيدر“ رسو آون، پرت دا دم سچا پاون،
جدا ڪر جسم، ڦل پاون، ويکن نت نيڻ سڄڻان دا.

 

(2)

عاشقان پاتي وي جهاتي، جهات لهر لهر ڪي رات.
عشق اندر وچ خيما کوڙيا، جل ڳئي جسمات.
نفل نمازون ڇوڙ سڌاڻي، زهد و تقوا تات.
”غلام حيدر“ گم حسن دي وچ، آپ هويا اثبات.

 

سنڌي (بيت)

(1)

نيتيان ڪيئن نماز، جو سڪ سنڌوئي نه ڏئي،
ونحن اقرب نينهن جا، عشق ڪيا آواز،
” فذڪروني اذڪرڪم،“ رمز لڳي دمساز،
ڪيو وحدت ويڙهه وجود کي، پرت ڪيا پرواز،
رڪعتون رهجي ويون، ٻڌي عشق سندا آواز،
” غلام حيدر“ غلبو ڪيو، شوق شاهي شهباز،
موتوا ” قبل“ محو ٿيا ڏسي نيڻين ناز،
”اينما ڪنتم“ اي اشارا عشق جا، برهه بڇايا باز،
ڪر سر ڏيڻ ساز، تون وڄاءِ تندون طلب جون.

 

(2)

روڳي رڪعتن ۾، اوڳي ٿا اڙجن،
عاشق لنگهي اڳتي، سورهيه سِرُ سَٽيِن،
رَليا وڃن رند رب سان، هو ولها وقت پڇن،
غازي وڃي غرق ٿيا، هو ويٺا منجهه ٽَڪَرنِ
”ونحن اقرب اليہ من جل الوريد“، اهو ٻوڙا عين ٻڌن،
”لا تقنطو“ تُرهو ڪي، عاشق عين ڏسن،
محبت جي ميدان ۾، ڪيو پهه پتنگن،
”غلام حيدر“ غير جون، ڪَپيون لامون لاهوتين.

 

(3)

غازي گڏيا گرنار سان، هاڙها ڀري هام،
”وحده لاشريڪ لہ، ٿيو آڌوتن انعام،
”غلام حيدر“ گرجا، جنهن جو شؤن پيارا جام،
عالم هر دم انعام، آهي انهن جي اڳيون.

 

(4)

ٿي هيڪاندي هوت سان، جلايم جبل،
سڪ کنيم ساهه سان، ڇڏي خوف خلل،
اصل آري ڄام جي، چائي عشق اجهل،
”غلام حيدر“ غير ڇڏ، ٿيءُ روحي سان رلمل،
هڻي ترت طبل، وساريم وجود کي.

 

(5)

انڌن کي الله جي، ڪل پوي ٿي ڪانَ،
روڳي سڀ رهجي ويا، غافل منجهه گمان،
لنگهي لاهوتي ويا، سڪ ڪري سامان،
”غلام حيدر“ گودڙيا، زهري ڇڏ زيان،
جي موج ڪيا مستان، سي جدا جالن ڪينڪي.

 

(6)

جدا جالن ڪينڪي، رليا اندر روح،
”ونحن اقرب“ ويجهڙو، ويٺا ڪن ورونہ،
”انفسڪم“ اشارا عشق جا، سمجهن سنجهه صبوح،
” غلام حيدر“ غير کي، ڏين لاهوتي لوهه،
پرين جي پاٻوهه ، منهنجو جڏو جيءُ جياريو

 

(7)

جڏو جيءُ جياريومنهنجي ستگر لڌي سار،
نظارا جي نينهن جا، اچي ٿيا اظهار،
دلبر ديدون لائيون، هادي دم هونگار،
ڏاڍا عشق عليل ڪيا ، وحدت ڪيا وسڪار،
” انا احمد بلاميمي“، فرمودو سردار،
”غلام حيدر“ غير ويو، ڏسي پرت وار پار،
سيني ۾ سٽڪار، دونهان درد دکائيا.

 

(8)

دونها درد دکائيا، نوبت لاتي نينهن،
مرون ڀڄي ويا ڀؤ کان، گاج ٻُڌائون شينهن،
”وحده لاشريڪ لہ“، محبت لايا مينهن،
”غلام حيدر“ گُر گڏيو، رمزان راتون ڏينهن،
ڪاڪيون ڪيان ڪيئن، جو رڳ رڳ ۾ رلجي ويو.

 

(9)

عاشق ويا اوڏهين، جت مِرون مُنجهي مَرن،
نڪي پٺ ٻيلي ۾، نڪي سوئر ئي سمجهن،
حدون لنگهيا عشق جون، ٿيو راضي مٿان تن،
”وحده لاشريڪ لہ“، ٻولي ٻي نه ٻَڌن،
نڪا ڦيرن تسبيح، نڪي نماز ئي نيتن،
اٺئي پهر اونگهه ۾، ٿا سجدا سوز ڏين،
جادو لايو جيءَ سان ، ٿا جوشن منجهه جلن،
” غلام حيدر“ غير جا ، وڻ، وڍيو ڪڍن،
سوريءَ صاف ٿين، نُوري گڏيا نُور سين.

 

(10)

سِر ڏيڻ جي سوز ۾، موٽي ڪين مرن،
”وحده لا شريڪ لہ“، لُنءَ لُنءَ  لولي تن،
” اَنا احمد بلاميمي“، جڙا جهونگارن،
عاشق آب حيات جا، ٿا پيالا پُر  پين،
ڪُوڙا پهچن ڪينڪي، مَٺيان منجهه مَرن،
معلوم ناهه مُلن کي، اها عادت عاشقن،
”غلام حيدر“ غير ۾ ٿا نعرا نر هڻن،
سويرا ساميئڙن، تڪيا ڪيا توحيد ۾.

 

(11)

تڪيا ڪيائون توحيد ۾، وساري وجود،
”اَنا احمد بلا ميمي“،ٿا ساجهر ڪِن سجود،
الاهي اسرار ۾، ٿا دم دکائن دود،
”غلام حيدر“ غير ويو، اچي محب ٿيو موجود،
سڄڻ سارو سود، مون کي جُهلي جهوليءَ ائيو.

 

(12)

مچي ويٺا موج، عاشق دم اداس،
لڏي هليا هن لوڪ مان، ڇڏي لوڪ لباس،
رويو راهه نهاريان، سڏ ڪيو ڀريان ساس،
”غلام حيدر“ گر سچي ، رنگ ڪيو مون سڀ راس،
عاشق چڙهيا انگاس، غافل گڏهه تي چڙهيا.

 

(13)

کُهه کَٽون، ٻن بافتا، مون کي جهانگيئڙن جا جهِير،
”غلام حيدر“ غير ويو، اچي رکي برهه بَهير،
ستگر رکيو سيرُ، جن مِلايو محبوب سين.

 

(14)

پاڻ اچي پيدا ٿيو، اتي صورت سبحاني،
”ونحن اقرب“ ويجهڙو، اتي ابر آرياڻي،
دائم دلبر در تي، پاڻ ڀريندس پاڻي،
موج جنهن مشتاق جي، آهيان مُلهه وڪاڻي،
”غلام حيدر“ غير ويو، اچي ستگر ٽيو ساڻي،
ٻارو چل ٻاڻي، سهي سيکاري سوز جي.

 

(15)

سهي سيکاري سوز جي، مون کي جانب جيءَ اندر،
”ونحن اقرب“ ويجهڙو، آيو نُور نظر،
” انا احمد بلا ميمي“ سمجهه  سريرو سر،
”غلام حيدر“ ڪِ گوش ڪر، تون وٺي نان ستگر،
باري برههَ بحر، الٽي پيو الله جو.

 

(16)

واڊوڙين وڻڪار ۾، ڪو جو ڪم پيو،
عشق اجاري ڇڏيا ، ڏسن ڪونه ٻيو،
وحدت جي وڏاڻ سان، ڀڃي پاءِ ليو،
” غلام حيدر“ غير جو، وچؤن لاهه ويو،
او جيءُ جانب سان جيو، هر دم آب حيات پِي.

 

(17)

وقت ويا سي وسري، جان ڪيو نينهن ننگر،
نوبت نينهن نئين ڪئي، لايا بيحد بحر،
نڪتا ڪنڌي تَنهن جي، نڪا ڪاڪيون ڪر،
نفل نمازون نينهن نيون، زهد رڪعتون زهر،
موج وٺي ميلاپ ڪيا، ڀڳا خام خطر،
هاڻي هر دوجهان ۾، اچي روحي ٿيا رهبر،
”غلام حيدر“ غير ويو، ٿيو مرشد من اندر،
تن تؤن صدقي ساروسِر، جن وقف ڪيو وجود کان.

 

(18)

سرتيون جنهين سڪ، نيهين سي پڌرا،
راتيون ڏينهان روح ۾، ٻولي ٻولن هڪ،
بس بيراڳين ناهه ڪا، ٿين بقا ۾ بيهڪ،
” غلام حيدر“ گودڙيا، تون وار نه پاسي وک،
لعلن منجهون لک، سوجهي تن سهي ڪئي.

 

(19)

ڇاٽ اُٺي چمڪو ٿيو، جنهن لائي لس لهر،
لوَنديِون بيهن ڪينڪي، سوز کڙو ٿيو سر،
قطري مان قلزم ٿيو، تُن ڪيائين تر،
جاڳيو عشق اثر، ”غلام حيدر گر جو.

 

(20)ـ

ٻن گدا گبريون، ٻن ٻيا سڀ ٽول،
ڦولهي ڏس فرقان ۾، ٻاروچل جا ٻول،
” فاينما تولو فثم وجهه الله“، ڳليون ڳوٺ نه ڳول،
سالڪن سو سول، وڃي تڪيا ڪيا توحيد ۾.

 

(21)

مردن ماريو موت کي، لنگهيا ڏي لاهوت،
نيائون نماز کي، جاڳي ۾ جبروت،
هليا هئا حق ڏي، مانجهي ۾ ملڪوت،
”غلام حيدر“ گوش ڪر، نينهن نيا ناسوت،
هلي ۾ هاهوت، تڪيا ڪيائون توحيد ۾

 

(22)

لنگهڻ کون لنگهي ويا ، ڪئي چُپ چَپن،
اندر اوهيرا ڪري، اچي محبت اٺومن،
” غلام حيدر“ غير ويو، ٿيو روڳي منجهه رڳن،
وسارڻ وجود کي، آهي عادت آديسن،
ڪجهه نه هوءَ ڪُڇَن، سُوريءَ بنان سر جي.

 

(23)

ابتر ٿي درياهه ۾، جهلي اڇليو پاڻ،
مِلي ويا محبوب کي، ڄاڻي ڇڏي ڄاڻ،
سٽي دعوا دور ٿيا، وساريم وٿاڻ،
محبت جي ميدان ۾، سڪ کنيائون ساڻ،
”غلام حيدر“ گُر جو، مرد ڏسِنِ ”مهراڻ“،
محبت وارو ماڻ، حيدرين هٿ ڪيو.

 

(24)

ٻاهر ڌُئين ڌوڙ، اجارين نه اندر کي،
تو منجهه سر سميع جو، پاڻ ٿئين ٿو ڏور،
قلعي جا ڪوڙ جي،قلب تان سڀ ڪور،
”غلام حيدر“ گوش ڪر،هر دم ڏس حضور،
پرت وارن کي پُور، اٺئي پهر الله جو.

 

(25)

لٿي سج سماءُ، ڪونه پوندءِ ڪاڪ جو،
اڀرندي آرس ڪيئي، وقت وڃايئه واعه!
ترندين ڪيئن تنهن تار ۾، جتي ڀيڻ نه ڀاءُ،
نڪو مائٽ ماڳ تنهين،  نڪو وارث وياءُ
”غلام حيدر“ گوش ڪر، ڳڻي ڳالهه اها عه،
ساجهر ڪر سماءُ پوءِ نه پڄندين پنڌ کي.

 

(26)

اجهو احمد عاربي، هاشمي حبيب،
آڌار اهي عاصين تهڙوئي طبيب،
ٻڪي ڏئي ٻاجهه سان، آيو مرسل ڪول قريب،
” غلام حيدر“ غير ويو،ٿيو نامون نُور نصيب،
رَسِي راهه نجيب، ٿيو حامي اچي هاشمي.

 

(27)

صبر سڪ وڃائيو، ننڊ ڦٽائي نينهن،
ڏاڍي عشق عليل ڪئي، محبت لايا مينهن،
”غلام حيدر“ گاج ڪئي، ٻيلي اندر شينهن،
رمزون راتيون ڏينهن، جانب لايون جان ۾.

 

(28)

اچي ويٺم ويجهڙو، مون کي ساجن منجهه ساهه،
نڪا غرض گناهه جي، نڪا سڌ سماءُ،
وحدت جي وصال جا، اچي وير وهايم واهه،
”غلام حيدر “ غير جا، لڙهي ويا سڀ لاهه،
ستگر سمجهه صباح، جُهلي جهوليءَ اَئيو.

 

(29)

سو جُهلي جهوليءَ آئيو، يوسف ساڻ يقين،
هي سر ڪيان صدقو، آئون چئي آمين،
جنهن جي جوش جاڳائيو، برهه وڄائي بين،
”غلام حيدر“ گر اچي توڙئون ڪئي تلقين،
محبت موج سندين، سدا سانوڻ جان وهي.

 

(30)

اٽڪل ساڻ الله،ڪڏهن ملندو ڪينڪي،
ڏاڍي لهر لقاعه جي ، وهي دهشتي دريا،
بيشڪ انهيءَ بحر جيِ، ڪي رند وٺندا راهه،
”غلام حيدر“ گوش ڪر،ڇڏي ٺڳيءَ جو ٺاهه،
جڏهن صدقو ڪندين ساهه، تڏهن پسندين پرينءَ کي.

 

(31)

عاشقن الله، ريڙهي وڌو رڳ ۾،
”آنا احمد بلا ميمي“، سڃاڻي صلي الله،
مچي ويٺا موج ۾، جاڳائي جل جلا الله،
”غلام حيدر“ غير ۾، چيو عاشقن الله،
صدقو ڪيؤن ساهه، سؤ سؤ ڀيرا سڄڻ تون.

 

(32)

مُلن جي مجلس ۾، ڪونهي عشق اثر،
ڇڏي رمز رسول جي، ٿا کائن ڀوڪ بصر،
جوٺا سي جهاڙُن تي، ٿا لائن هل حشر،
ڪَل تنين کي ڪانه پوي، جن ويهي وڃائيو وَر،
”غلام حيدر“ غير جو، تون ڪڍي ڇڏ قطر،
آيو سِرُ نظر، ته نانهن وئي سڀ نڪري.

 

(33)

عاشق وي اوڏهين، جتي سڀ سماءِ،
ڏوهه ثوابؤن ڏور ٿيا، آهي صدق جي ساڃاءِ،
ملت مذهب ڪفر جا، ٽوڙيائون ٽوڙاءِ
”وحده لاشريڪ لہ“، رمزن روح رلاءِ،
”ڪفواًاحد، الله الصمد“، پرت منجهون پڙهاءِ،
ونحن اقرب ويجهڙو، دل سان تون دوڙاءِ،
گڏ آهين تون هوت سان، ٻڌءِ ڪين ٻوڙاءِ،
”غلام حيدر“ غير ويو، سيّد جي سماءِ،
اجهو مون سِين آهه، سدا احمد عاربي.

 

(34)

سچو احمد عاربي، آهه وسيلوولهن،
هامي هيڻن جو ٿيو، اجهو عاصيڙن،
”غلام حيدر“ گر کي، جاڪوڪ پئي ڪاڪَن،
جاڳايو جن جيءَ کي، سرتيون ساميئڙن،
ستگر لائي سوزجون، ٿا پوربَ پَهه ڏَسن،
آءٌ انهن جي آهيان، جي پنجتن پاڪ پڇن،
ڪين ڇڏيندو ڪارڻي، ڏِنگي ۾ ڏوهن،
ڏسي ڏوهه ڏڏيءَ جا، هو جو راحم رحم ڪن،
قرب سڃاڻي پنهنجو، اچي هادي هٿ ڏين،
محبت جي ميدان ۾، ٿا اونداهه اوجارين،
”وحده لاشريڪ لہ“، ڪلمو پاڪ پڙهن،
”فذڪروني اذڪر ڪم“، آيت عين ڏسن،
سنبري ساميئڙن، تُرها توڪل جا ٻڌا.

(35)

سدا سانوڻ جان وهي، لايولس لهر،
بوندون بيهن ڪينڪي، وهن نيون ۽ نهر،
برهه بهارون لائيون، جاڳيو منجهه جگر،
”انا احمد بلا ميمي“، آئي صورت صاف نظر،
عاشقن اثبات ڪيو، نُور نبي انور،
ٿيو صدقي سارو سر، ” غلام حيدر“ غير ويو.

(36)

عاشق پيا اونگهه ۾، جنهن کي ڪنڌي ناهي ڪَر،
موج تنهن ُ مهراڻ ، جي سدائين سڀر،
سي وڄون وسڻ آئيون، ڪري ڪونڀار ڪڪر،
والي ملڪ وسائيو، ٿيا ساوا پٽ پڌر،
”غلام حيدر“غير ويو، ڇولين لائي ڇر،
نبي ڄام  نذر، اچي ساوڪ ٿي ساڻيهه تي.

(37)

ساوڪ ٿي ساڻيهه تي، گاهن ڪيا گلزار،
سرتيون سوز کڙو ٿيو، عين لکيا اظهار،
لنگهيا سي لطف سان، سيد جي ساڌار،
ڪَئين بخشيا بدڪار کي، هاديءَفيض هزار،
بُرائيءَ جا بار، مرسل سڀ معاف ڪيا.

(38)

مرسل سڀ معاف ڪيا، خطائون ۽ کوٽ،
” انا احمد بلا ميمي“ ، اديون، ورتم اوٽ،
جنهن رکي اوٽ الله جي، تنهن لئي قيد نه ڪوٽ،
”غلام حيدر“ غير تي، جنهن چست چلائي چوٽ،
ڏئي مخفي موٽ، لنگهي پيا لقاءَ ۾،

(39)

لنگي پؤ لقاءَ ۾، وري نه واجهاءِ،
اٿڻ ويهڻ اوڏهين، تون روحي رمز رلاءِ،
هڻ ٽٻي ڏس هڪ کي، جوڙي جسم جلاءِ ،
”غلام حيدر“ غير کي ، تون لاهوتي لوڙاءِ،
پوءِ سامي سِرَ سنداءِ، ڪڏهن ڪٽجي ڪينڪي

(40)

عاشق چڙهيا سير تي، ڦوڪي سيڻاهون،
”ونحن اقرب“ ويجهڙو، ورين واڌايون،
لاهوتي لقاءَ تي، ڪڏهن وڃن ڪاهيون،
اجاريائون اندر کي، ڏيا ٻاريائون،
جلايائون جسم کي،ڏئي برهه سنديون باهيون،
”غلام حيدر“ گل ٿيا، خوديءَ کي کايون،
جَت ٻارهو چايون، مچي ويٺا موج ۾

(41)

ڪاهج تون ڪوهيار ۾، جت تي گاروڙي گذر،
کنيون کاهوڙن ڪينڪي، سواءِ سڪ ثمر،
وتن ويڳاڻا وِرهه ۾، ڪڍيون ڏُور ڏمر،
لائي ترار ”لا“ سندي، کڻي مار خنجر،
غلام حيدر غير جو، لاهن غازي گر،
پوءِ نفي ۽ اثبات جو،وهلو لهندين ور،
سان توڪل تُرهي ، تَرُ، ته هلي ملين هوت کي

(42)

هلي ملين هوت کي، ته وري نه واجهاءَ،
اٿڻ ويهڻ اوڏهين ، تون حرڪت ڪين هلاءِ
راتيون ڏينهان روح ۾، روحي رمز رلاءِ،
”غلام حيدر“ غير کي،لاهوتي لوڙاءِ
وٽ جانب لهندين جاءِ، ڦٽو ڪر فراق کي.
 

سرائڪي بيت

 

(1)

ڏونهين جهان وسرڳيوسين، جڏان دلبر لايان ديدان،
مئن نينهن ماهي دي هويا، هر دم هويان عيدان،
”غلام حيدر“ گم ٿيوسين، جڏهن عشق ڏتيان ديدان

(2)

ڏونهين جهان وسر ڳيوسين، پي ڪر جام حياتي،
”ونحن اقرب“ نئڙي وسندا، دم دم دلبر ڇاتي،
انفسڪم اشارا آيا، سمجهي وچ صفاتي،
هر جا حق ظهورا ڪيتا، زير زبر وچ ذاتي،
”غلام حيدر“ غير ڳيوسين، آپ ٿيوسي غازي

(3)

اي جڳ سارا ڍونڍ رهي سي، پاڪ پليتان جائين،
هر ڪنهن دي وچ وسدائين، سڻ تون ميڏا سائين،
”ونحن اقرب“ تينو ويکيم، سهڻا سنجهه سڀاوين،
هر دم تيڏا نينهن نوان، اپڻا درس ڪرائين،
” غلام حيدر“ غير نه ڇوڙين، نوبت نينهن وڄائين

(4)

ڦير عشق صلوات سبحاني، سر ساهه ڪرين قرباني،
ملت مذهب، دين ڪفر ڪنون سٽ، سير ڪرين سلطاني،
آدم سر اسرار الاهي، ڇوڙ چلي جسماني،
اندر ٻاهر هو حق سارا، اقرب عشق نشاني،
”غلام حيدر“ گم صورت ۾، درد لڳا دل جاني،


(1)  انسائيڪلوپيڊيا آف برٽانيڪا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com