”انور“ هالائي
جنون_ عشق کي همدم، بلا چئجي ته ڪئن چئجي،
ڀلا انسان جي فطرت، خطا چئجي ته ڪئن چئجي.
نه جنهن مان فيض حاصل ٿئي، قرار_ دل نه پهچائي،
انهيءَ بي پهچ پٿر کي، خدا چئجي ته ڪئن چئجي.
جي دامن ۾ هزارين خار پنهان ٿا رکن هردم،
ڀلا اهڙن گلن کي هم نوا چئجي ته ڪئن چئجي.
جهڪائي سر، هو مرڪي، نيم وا نظرن سان گهائي پيو،
انهي انداز_ قاتل کي، حيا چئجي ته ڪئن چئجي.
اکيون پرنم زبان تي آه، دل ۾ درد جون سوٽون،
علامت اهڙي کي يارو، شفا چئجي ته ڪئن چئجي.
شهيد_ ناز مقتل ۾ طلبگار_ ڪرم آهي،
لهُو لاتل هٿن کي چئو، حنا چئجي ته ڪئن چئجي.
جفائن جي ئي سايي ۾ وفائي ٿي ٿئي پيدا،
جفائي يار کي همدم، جفا چئجي ته ڪئن چئجي.
سر_ بازار غيرن وٽ، ڪري ٿو پيار کي رسوا،
انهي دشنام بازيءَ کي، دعا چئجي ته ڪئن چئجي.
محبت جاودان آهي، اهو ڌوڪو سراسر آهه،
فنا جي دور کي ’انور‘ بقا چئجي ته ڪئن چئجي.
”آثم“ ناٿن
شاهي
نازڪ نازڪ، نازن سان ڀرپور نماڻا ماڻهو،
ڏاڍا پيارا آهن هي مَکّڻ جا چاڻا ماڻهو!
جن جي دم سان جڳمگ جڳمگ، جَرڪي ٿي هيءَ ڌرتي،
ٻَهه ٻَهه ٻَهڪن شال اُهي موتين جا داڻا ماڻهو!
جيسين ڪاڪ ڪنڌيءَ تي هونديون مومل جهڙيون راڻيون،
تيسين ڪاهيو ڪاهيندا پيا سوڍا راڻا ماڻهو!
راتيان ڏينهان پيار تي پهرا ڏيندا رهندا آهن،
توبهه! ڪيڏو آهن پُٺتي پيل پُراڻا ماڻهو!
جن جون دليون پنڊ_ پهڻ ۽ ذهنن ۾ شُپ اوندهه،
پاڻ کان ’آثم‘ دُور هجن شل اهڙا ساڻا ماڻهو!
”وفا“ ناٿن
شاهي
ڪوئي ته فرضِ جواني ادا ڪري ڇڏيون،
اچو ته حسن کي پوڄي خدا ڪري ڇڏيون!
اوهان تي ئي هو سڄو زندگيءَ جو دارومدار،
اوهان ئي راهون اسان کان جدا ڪري ڇڏيون!
ڇو ظلمتن ۾ گِهڙون، حسن جو ڇڏي پاسو،
ڇو پنهنجي پاڻ کي جئري فنا ڪري ڇڏيون.
اسان وٽ آهي نه ڪجهه زخم_ بيڪسي کان سواءِ،
اُهو به چؤ ته اوهان تان فدا ڪري ڇڏيون.
اچو ته حسن جون دشواريون ڪيون آسان،
اچو ته پيار جا پرچم کَڙا ڪري ڇڏيون.
اچو ته زهر جو هڪڙو ٻه ڍُڪ ڀري، يارو،
هميشه لاءِ ڏکن جي دوا ڪري ڇڏيون!
”افضل“ مصرپوري
پُورَ وِ رهائي ڪر پرچاءُ، سُک جا ساٿي
اوري آءُ.
سڀڪو ساري پنهنجا سُورَ، اهڙو گهُليو آهي واءُ.
دل ۾ آهي اهڙي آسَ، اُڀرڻ ساڻ
ڪرين شل تاءٌ.
ڪپڙا ٿڳڙيون، پيٽ بُکيو، ڳولي توکي سنڌڙيءَ
ماءُ.
هيڏو تُنهنجي سر ۾ ڦاڙُ، توکي ڪنهن ايذايو،
ڀاءُ.
کيسا خالي، نَنگا پيرَ، ڪهڙو چَئه
ته کٽيوسون داءُ.
سادا ماڻهو، سادو ڏيههُ، ”افضل“ کي
تن جو سوداءُ!
”نشتر“ ناٿنشاهي
هي راز دل جو دل ۾ ته عريان نه ٿي سگهيو،
ليڪن سڄڻ جي آڏو سو پنهان نه ٿي سگهيو.
ڇا ضبط رازدان تي ڪري سگهيو دل نشين،
جو راز دل جو پاڻ کان پنهان نه ٿي سگهيو.
ناسور ڀي ڇٽي ٿو پوي ڪنهن علاج سان،
دل جي لڳي جي درد جو درمان نه ٿي سگهيو.
مهمان هزار منهنجي اڱڻ تي پيا اچن،
آه جنهن جو انتظار سو مهمان نه ٿي سگهيو.
ٿي ويو بُتن سان ٺاهه ۽ ڪعبي سان اختلاف،
واعظ جو هاڻ قبضي ۾ ايمان نه ٿي سگهيو!
آئي بهار دل جي چمن ۾ ته بار بار،
گل کان خزان ٿئي دور ڪوامڪان نه ٿي سگهيو.
رهبر، نه راهه ۽ نه ڪٿي همسفر مليو،
احسان منهنجي لاءِ ڪو احسان نه ٿي سگهيو.
افسوس ڪالهه تائين جو ضامن هو وصل جو،
اڄ مهربان اسان تي سو دربان نه ٿي سگهيو.
هڪ دل، هزار درد، حڪيمن ڏنو جواب،
لقمان به هن مريض جو لقمان نه ٿي سگهيو.
دشوار آهي منهنجي محبّت جي سرگذشت،
”نشتر“ هي مسئلو ڪٿي آسان نه ٿي سگهيو.
”نديم“ انصاري
گلشن ۾ جڏهن غنچا کلندا ۽ جشن بهاران ٿي ويندو،
ان وقت اسيرِ گلشن جو هر زخم نمڪدان ٿي ويندو.
مالهيءَ جي ڪرم جي ڇا پرواه، بس تنهنجي نظر جو خير
هجي،
آباد هزارن زخمن سان دامن تي گلستان ٿي ويندو.
هڪوار ٿئي جي گلرخ جو ديدار ميسّر زاهد کي،
تسبيح کان آجو ٿي ويندو، انگشت بدندان ٿي ويندو.
مشڪل سان بهار ايندي آهي گلشن ۾، ڪرين جي اي
گلچين،
ان وقت اسيرن کي تون پڻ، آزاد ته احسان ٿي ويندو.
جنهن وقت اکين جا پيمانا، رندن جي اڳيان ڀرجي
ايندا،
توبـﮧ جا ٽڪرا ٿي ويندا، ميخوار مسلمان ٿي ويندو.
دامن کان گريبان تائين آ، اي دست_ جنون تُنهنجي
منزل،
وحشت جي قدم لئه تنگ مگر، هر ڪوه و بيابان ٿي
ويندو.
مجبور زبان، يا بند نظر، مون ترڪ_ تعلق لئه ته
ڪئي،
پر تنهنجو اگر ڪو نانءُ وٺي، ڇا حالِ دل و جان ٿي
ويندو.
هن دل ۾ سوز و گداز آهي. هن دل تي ”نديم“ کي ناز
آهي،
هو حسن سان پيار ڪندو رهندو ۽ ان جو غزلخوان ٿي
ويندو.
”جليل“ سروري
خيالِ يار تصوّر ۾ بار بار نه آ!
خزان رسيده چمن ۾ تون اي بهار نه آ!
غرورِ حسن تان صدقي غرورِ عشق ٿيو،
رهيو ڇا باقي جو پيش_ حضور يار نه آ!
غرور ذات تي پنهنجي نه ڇو ڪريان همدم،
غمِ حيات سهڻ سَولو منهنجا يار نه آ!
جهانِ عشق ۾ پُهچي ڪري ته ڇا ڪو ڪري،
هتي ته آه ڪرڻ جو به اختيار نه آ!
عجيب آهه خدايا هي تنهنجي دنيا ڀي،
ڪٿي قرار رهيو ۽ ڪٿي قرار نه آ!
غمِ حيات، غمِ دوست ۽ غمِ عقبيٰ،
الاهي تنهنجي ڪرم جو ته ڪو شمار نه آ!
چون ٿا آئي چمن ۾ بهار آهي مگر،
دلِ ”جليل“ کي حاصل ڪٿي قرار نه آ!
پرڀو”ناشاد“
اڙي چنڊ تُنهنجا وري مَنڊ ساڳيا،
اڙي رات، تُنهنجي خرابات ساڳي!
اڙي پيار، تُنهنجا سي وهنوار ساڳيا،
اڙي ياد، تُنهنجي وري ڏات ساڳي!
اڙي نينهن تُنهنجا وري ڏينهن آيا،
سڄڻ سان سَنجهي ۾ ملاقات ساڳي!
طِلَسم_ تمنا، تمّنا طِلَسم،
اکين مان ته اشڪن جي برسات ساڳي!
اڙي دل، وري فصلِ گُل، آيو موٽي،
مُقّدّر ۾ تُنهنجي ٿي سوغات ساڳي!
اگر جام و مينا، صراحي فنا ٿيا،
اسان جي پئڻ لئه، مگر لات ساڳي!
اڙي دل، اڙي دل، دلاسو آ دوکو،
ڏٺئه، نيٺ کاڌيه، وري مات ساڳي!
اڙي برق، توئي جلايو نشيمن،
سندم آشياني تي هيهات ساڳي!
وري زلف مُشڪين ۾ ڦاٿي وڃي دل،
اڙي تُنهنجي وائي، سندم وات ساڳي!
نه ”ناشاد“، دلشاد ٿيندو يقيناً،
انهيءَ وٽ برهه جي اڃا بات ساڳي!
قطعا
هري ”دلگير“
هرک هاريو مون فقط توتي ڇو؟
پنهنجي محبوب اَدائن کان پُڇ.
نيڻ نيڻن سان مِلي، ڪئن ٿيا چار؟
پنهنجي اکڙين جي خطائن کان پُڇ.
شوق جِي چڻنگ بڻي ڪئن ڀنڀٽ؟
مُند جي سرد هوائن کان پُڇ.
سانوڻي رُت ۾ ڪشش ڪهڙي آهه؟
پنهنجي وارن جي گهٽائن کان پُڇ.
ڪنهن کي ڇا لئه ٿا ڪَکِن ڪاريهر؟
پنهنجي زلفن جي بلائن کان پُڇ.
رنگ ڪنهن منهنجي خيالن ۾ ڀريو؟
لال هَٿڙن جي حنائن کان پُڇ.
”عارف المولا“
(1)
وقت رُئڻ جو آهه سدائين، ٽهڪ ڏيڻ سک جاني،
مرڻو نيٺ ادا ڙي آهي، ڪجهه ته جيڻ سک جاني،
ڏيهه ڏکن کان ڏڪندا رهندا، سکڙا سڀڪو ساري ٿو،
شيدائي سڀ شربت جا تون زهر پيڻ سک جاني!
(2)
ٽهڪ ڏيڻ هِت ڏوهه آ يارو، آهه منع پڻ آهُن جي،
لب تي تالا، بند زبان آ، سخت سزا آ دانُهن جي،
سچ چوڻ لئه سر آ ڏيڻو، سوري سچ لئه آهه تيار،
ٿي منصور اچي ڪو ’عارف‘، لاڳ لهي پوءِ لائن جي.
”محسن“ ڪَڪَڙائي
(1)
سڏيو ٿا جنهن کي مقدسّ سفر حياتيءَ جو،
انهيءَ سفر جي شروعات ٿي چُڪي آهي.
اچو اچو ته ڪيون صبحِ نو جو استقبال،
اچو به، ختم سيـﮧ راتَ ٿي چُڪي آهي!
(2)
اسان کِليو ته گهڻن جا ڀرون ويا ڇڪجي،
اسان رُنو ته وري ڪيترن سڏيو بزدل.
هي اَڻ_ سَهائي، هي يارن جو سانڊڪو معيار،
وڃن ته ڪاڏي وڃن اهلِ دل ڇڏي محفل؟
(3)
جُرئتِ منصور، ضبطِ شمس تبريزي کپي،
يا الاهي! حُسن کي ڪجهه خوئي چنگيزي کپي.
تون فقط ترياق يا آبِ حيات آهين، مگر،
منهنجي تلخيءَ کي ته ٿوري زهر جي تيزي کپي.
(4)
ارشاد، ته دنيا هي سڄي آهي ڍونڍ،
پر منهن جي نظر ۾ ته رڳو خوشبو آهه:
هي حُسن، هي انسان، هي محبّت جو ديس،
۽ پوءِ به دنيا کي چوان، بد_ بو آهه!
شبير ”هاتف“
هي نيڻ ناز ڀريا شل خماريا ئي هجن،
سدا گلاب چپن ۾ سدا بهارون نچن:
خدا ڪري ته سلامت رهن جُڳن تائين،
انهن جي آسري مون جهڙا ڪيترا ٿا جين!
رباعيون
شبير ”هاتف“
(1)
دوشيزه ۽ بدمست بهارن ٿي نچيو،
يا بحرِ شفق ۾ ڪوئي طوفان اُٿيو،
حيران ٿي ڏٺو رنگ ۽ بو جو عالم،
اي منهنجا شـﮧِ ناز متان تو مرڪيو!
(2)
رنگين بهارن کان، فضا کان شفاف،
پاڪيزه بدن، دامنِ مريم کان صاف،
هر انگ مان فردوس ٿو جهاتيون پائي،
هر عشوي تان قربان پرستانِ قاف.
(3)
هي روپ جي مُرڪي ته بهارون ٻهڪائي،
ڇرڪي ته سوين نور جا ساغر ڇلڪائي،
چال اهڙي، زماني کي به سهڪائي ڇڏي،
قامت کي ڏسي، اوجِ ثرّيا شرمائي.
(4)
مون صبح بهاران سندو اُڀرڻ به ڏٺو،
امرت سان ڀريل جام جو ڇلڪڻ به ڏٺو؛
تارن جو کڙڻ، وڄ جو کنوڻ، گل جو ٽڙڻ،
مون تنهنجو قسم، تنهنجو ته مرڪڻ به ڏٺو!
(5)
ڇوليون ٿو هڻي تو ۾ ته امرت ساگر،
بيمار فضائن به جهَلي تنهنجي ڀَرَ،
جئن منهنجي نگاهن کي حياتي بخشئي؛
تئن حسن جي عالم کي، وري زنده ڪر!
(6)
مخمور فضائون ۽ بهارون سرشار،
گردش ۾ هئا نور جا ساغر ٽمٽار؛
مُرڪي مُرڪي ناز ڀريا نيڻ کنيئي!
مون ڀانيو ته اُڀري ٿو لکن جو ڏاتار!
افسانا
1_ گونگي ڌرتي، ٻوڙو آڪاس _شوڪت حسين
2_ رَت جو رنگ _عبدالقادر
جو ڻيجو
3_ نيرو پنو _لاله
يثرب
مترجم: غلام نبي
ميمڻ
4_ قبر جي ڀَر ۾ _مئڪسم
گورڪي
مترجم: ڪمل
”پياسي“
ناٽڪ
1_ واٽون ۽ نيڻ _ممتاز
مرزا
”اهو درست آهي ته اڄڪلهه زندگي ڏاڍي الجهيل ۽
پيچيدي ٿي چڪي آهي، ۽ ان جي رفتار به حد کان وڌيڪ
تيز ٿي ويئي آهي. ڪنهن هڪ هنڌ پير ڄمائي زندگيءَ
جو مشاهدو ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي. اهو به برابر آهي
ته اسان ايٽمي دؤر ۾ قدم رکي چڪا آهيون، زمين
سُڪڙجي ۽ سوڙهي ٿي چڪي آهي. انسان، خَلا جي تسخير
ڪري، هاڻي چنڊ ۽ زهريٰ تي ڪمند اڇلائي رهيو آهي.
اهو به برابر آهي ته اسان دنيا کان الڳ ٿلڳ ڪنهن
ڏورانهين ٻيٽِ ۾ نه ٿا رهون، جتي اسان کي ڪابه
ٻاهرين خبر نه پئجي سگهي. علم ۽ معلومات جا واسطا
۽ ناتا، پاڻ ۾ اهڙا ته گَهرا ۽ گهاٽا ٿي چڪا آهن،
جو دنيا جي ڏورانهين ڪناري تي پيدا ٿيل خبر، اسان
کي چند منٽن ۾ پئجي ٿي وڃي!
”تنهنڪري ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪين آهي ته هن دؤر
۾، ’فن ۽ ادب‘ جي دنيا ۾ جيڪي نوان قدر ۽ معيار
پيدا ٿي رهيا آهن، تن کان اسان ڄڻ ته براه راست
متاثر ٿي رهيا آهيون. باوجود ان جي، ان حقيقت کان
ته انڪار ڪرڻ جي ڪابه گنجائش نه رهي آهي ته ادب
جي جديد دؤر ۾ ’مقصديت ۽ افاديت‘ جو عنصر قريب
قريب ختم ٿي چڪو آهي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته
هن جديد دؤر جو اديب، پنهنجي پاڻ کي معاشري کان
الڳ ۽ اڪيلو ٿو سمجهي، ۽ زندگيءَ جي هنگامه خيز
ڪشمڪش کان، هڪ تارڪ ۽ زاهد، جڳياسي ۽ اداسي فقير
وانگر، ڪناري ۽ تجرد کي پسند ٿو ڪري ۽ هن معاشري
جي هڪ زندهه فرد ۽ هن محشرخيز زندگيءَ جي هڪ
ڪارائتي شريڪ جي حيثيت سان، اجتماعي ذميدارين سان
ڪابه عملي دلچسپي نٿو رکي، نه ڪو زندگيءَ جي مسئلن
کي ڪا اهميت ٿو ڏئي ۽ نه ڪو، ملڪ ۽ ملت جي پيدا
ٿيل حالتن کان متاثر ٿو ٿئي. زندگي سندس نگاهه ۾
ڄڻ ته سچ پچ ڪو ’افسانو‘ بنجي چڪي آهي، يا الف
ليليٰ جو ڪو خيالي داستان!“ _غ . م . گ |