لاله يثرب
مترجم: غلام نبي ميمڻ ايم. اي.
نيرو پنو
مون کي پڪ آهي ته هيءُ داستان ٻڌي، توهان مون تي
چٿڙون ڪندؤ! اهو به ٿي سگهي ٿو ته توهان مون کي
چريو يا سودائي تصور ڪيو. پر مان خدا کي حاضر ناظر
ڄاڻي چوان ٿو ته هن ڪهاڻيءَ جو هڪ هڪ لفظ سؤ فيصدي
سچ آهي. مان اڄ تائين انهيءَ معمي کي حل ڪري نه
سگهيو آهيان. توهان کي منهنجو اهو عرض آهي ته
توهان صرف هڪ دفعو هيءَ ڳالهه ضرور ٻڌو. انهيءَ
کان پوءِ ڪوڙ ۽ سچ جو فيصلو ڪرڻ توهان جي اختيار
آهي. تنهن هوندي به مون کي يقين آهي ته منهنجي
ڳالهه ٻڌي توهان به انهيءَ سوچ ۾ گم ٿي ويندؤ،
جنهن، چند مهينن کان منهنجي ننڊ حرام ڪري ڇڏي آهي.
انهيءَ کان اڳ ۾ جو مان پنهنجو داستان شروع ڪيان،
پنهنجو تعارف ڪرائڻ ضروري سمجهان ٿو. منهنجو نالو
جان ٿين آهي. عمر پنجويهه سال. اڃا تائين شادي نه
ڪئي اٿم. مالي حالت به بهتر آهي. صحت به پنهنجي
دوستن جي چوڻ مطابق قابلِ رشڪ آهي. ڪنهن به قسم جي
ڪا ڳڻتي ڪانهي. والدين حيات آهن ۽ شهر کان ٻاهر هڪ
پُر فضا جاءِ تي سڪونت پذير آهن. مان ڪڏهن ڪڏهن
انهن سان ملڻ لاءِ اتي ويندو آهيان ته ڏاڍو خوش
ٿيندا آهن. انهيءَ تفصيل مان اهو مقصد آهي ته
جيڪڏهن توهان کي منهنجي دماغي توازن ۾ ڪو شڪ شبهو
هجي ته انهيءَ کي شروع ۾ ئي دور ڪري ڇڏيان.
انهيءَ مختصر تمهيد کان پوءِ مان اصل واقعو بيان
ڪيان ٿو:
ڳالهه هيئن آهي ته پنج مهينا اڳ، مون کي ڪنهن
ڪاروباري ضرورت جي لاءِ فرانس وڃڻو پيو، ۽ پئرس ۾
ٽن_ چئن ڏينهن لاءِ ترسڻ جو موقعو مليو. پهريون
دفعو هتي آيو هوس، انهيءَ ڪري خوب سير ڪيم. مون کي
فرانسيسي بلڪل ڪانه اچي. ڪن ڪن جاين تي ته ڏاڍا
دلچسپ واقعا ٿيا. آخر بين الاقوامي زبان يعني
اشارن کان ڪم وٺڻو پيو، تنهن هوندي به ڪو اهڙو اڻ
سهائيندڙ واقعو پيش نه آيو. چوٿين ڏينهن مان جيئن
رستي جو پاسو ڏئي وڃي رهيو هوس، تيئن اوچتو هڪ
چانهه خاني تي نظر پيئي. شيشي جا چانهه خانا ڏسي
ازخود قدم اوڏانهن کڄي وڃن ٿا. انهيءَ ڏينهن
ٽپهريءَ وقت به ائين ئي ٿيو. ٻاهر سخت سردي هئي.
اندر چانهه خاني ۾ گراهڪن جي ڪافي ڀيڙ هئي. مون
آسمان ڏانهن ڏٺو، چؤطرف ڌنڌ ڇانيل هو. بي اختيار
چانهه پيئڻ تي دل ٿي. مون رستو پارڪيو ۽ وڏيون
وڏيون وکون کڻندو چانهه خاني ۾ اندر داّخل ٿيس.
ڀيڙ هئڻ ڪري ڪابه ميز خالي نه هئي، انهيءَ ڪري ڪا
گهڙي پلڪ دروازي تي بيهي رهيس. آخر هڪ ننڍي ميز
خالي ٿي ۽ مان انهيءَ تي وڃي ويٺس. چانهه گهرايم ۽
چپن ۾ جهونگاريندي، مٺي ۽ خوشبوئدار چانهه جون
سرڪيون ڀرڻ لڳس. اوچتوئي اوچتو هڪ ترنم واري آواز
مون کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪيو. ميز جي ٻئي طرف هڪ
عورت بيٺي هئي. هوءَ فرانسيسي زبان ۾ ڪجهه چئي رهي
هئي. شايد هوءَ ويهڻ جي اجازت گهري رهي هئي. مون
ڪرسيءَ تان اٿندي کيس اشاري سان ويهڻ لاءِ چيو.
هوءَ مشڪندي منهنجي سامهون ويهي رهي. ان جي ويهندي
بيري کي سڏي آرڊر ڏنم. مون رسمي طور ان کي چانهه
جي دعوت ڏني، پر پاڻ خوش اخلاقيءَ سان انڪار
ڪيائين. سندس عمر اٽڪل ٽيهه سال ٿيندي. وڏيون
وڏيون روشن اکيون، جن مان ذهانت ۽ وقار ظاهر هو.
کيس اعليٰ طبقي جي عورتن جهڙا ڪپڙا پاتل هئا، هٿ ۾
هڪ عاليشان پرس هوس. ٿوري دير کان پوءِ بيرو چانهه
کڻي آيو. هن خاموشيءَ سان چانهه پيتي ۽ پوءِ رخصت
ٿيڻ لاءِ پنهنجا هٿ مون ڏانهن وڌائيندي فرانسيسي
زبان ۾ ڪجهه چيائين. مون اشاري سان چيو ته مون کي
فرانسيسي ڪانه ٿي اچي. هن ٿورو مرڪيو ۽ پوءِ پَرس
کولي ان مان نيري رنگ جو پنو ڪڍيو. پين سان ان تي
چند لفظ لکيائين ۽ ڪاغذ ميز تي رکي ويندي رهي. مون
پنو کڻي ڏٺو، ان تي فرانسيسي ٻوليءَ ۾ ڪجهه لکيل
هو. مون ڀرسان لنگهندڙ بيري کي سڏيو ۽ اهو پنو
سندس سامهون رکندي چيو:
”مسٽر، هي ته پڙهي ڏي.“
”حاضر سائين.“
اڌڙوٽ عمر جي بيري، کيسي مان عينڪ ڪڍي ۽ نوِڙي پنو
پڙهڻ لڳو. پڙهڻ کان پوءِ يڪدم سندس اکيون ڪاوڙ ۾
ڳاڙهيون ٿي ويون. هن جوش وچان دانهن ڪندي چيو:
”نڪري وڃو، هينئر هتان هليا وڃو!“
”ڇا پيو چوين ميان، چريو ته ڪونه ٿي وئين؟!
”مان چوانءِ ٿو ته هڪدم هليو وڃ!“
اها گفتگو ٻڌي ماڻهو اسان ڏانهن نهارڻ لڳا. مون هڪ
دفعو وري به بيري کي تنبيهه واري انداز ۾ چيو:
”مسٽر، مون کي يقين آهي ته توکي ڪا غلط فهمي ٿي
آهي. مان هڪ شريف ماڻهو آهيان ۽ هن شهر ۾ اجنبي
آهيان. مون سان توکي ڳالهائڻ وقت تميز کان ڪم وٺڻ
گهرجي، ورنه...“
”مان چوانءِ ٿو هڪدم رفوچڪر ٿي وڃي، ورنه اهڙو ٿڦڙ
هڻندوسانءِ جو...“
مان ڪاوڙ ۾ چريو ٿي ويس. عجيب بدتميز ماڻهو آهي.
ڪاغذ جو ٽڪرو کڻي مان ڪائونٽر ڏانهن ويس. چانهه
خاني جو مالڪ هر هڪ سان کلي ڳالهائي رهيو هو. مون
بيري جي نا مناسب رويي جي شڪايت ڪئي. هو ڏاڍو
متاثر ٿيو ۽ معافي وٺڻ لڳو. پر منهنجي ڪاوڙ ڪنهن
طرح به گهٽجڻ جي نه هئي. هڪ خسيس ماڻهوءَ کي اها
جرئت ڪيئن ٿي! مون پنو ڪڍي سندس اڳيان رکندي چيو:
”ڀلا ٻڌايو ته آخر هن ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه هئي جو
توهان جي بدتميز بيري هن ڀرئي مجموعي ۾ منهنجي
بيعزتي ڪئي؟“
مئنيجر هڪ نظر پني تي وڌي ۽ پوءِ خاموشيءَ سان ٻن_
ٽن نوڪرن کي سڏيائين، جي پٺيان بورچيخاني ۾ ڪم ڪري
رهيا هئا. ٿوري دير ۾ چار_ پنج ڏنڊا مٽا جوان
منهنجي ڀرسان اچي بيهي رهيا. مان اڃا تائين انهيءَ
سوچ ۾ گم هوس ته پنهنجي بيعزتيءَ جو انتقام ڪهڙيءَ
طرح ورتو وڃي، مئنيجر انهن کي آهستگيءَ سان ڪجهه
چيو، ۽ ٻڌي انهن
مونڏانهن چتائي نهاريو، ۽ مان ڊڄي ويس. اڃا پوئتي
هٽڻ واروئي هوس ته انهن نهايت ئي بدتميزيءَ سان
مون کي کنيو ۽ دروازي ڏانهن گهلڻ لڳا. مون پوريءَ
طاقت سان دانهون ڪندي، سندن چنبي مان نڪرڻ جي ڏاڍي
ڪوشش ڪئي، پر منهنجي هڪ به نه هلي. رستي تي پهچي،
انهن مون کي ڏاڍي بيدرديءَ سان زمين تي کڻي ڦٽو
ڪيو ۽ ڪجهه چوندا اندر هليا ويا. مون پنو کيسي ۾
وڌو ۽ ڪاوڙ ۾ ڀريل، ڀرسان بيٺل هڪ سپاهيءَ ڏانهن
وڌيس. خوشقسمتيءَ سان هو ٿوري گهڻي انگريزي ڄاڻندو
هو. منهنجي شڪايت ٻڌي هن مون کي تسلي ڏني ۽ چانهه
خاني جي مئنيجر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پنو گهريو.
مون ان کي انهيءَ عورت جي تحرير ڏني. خبر ناهي ته
انهيءَ بدبخت ڇا لکيو هو، جنهن کي پڙهندي ئي
سپاهيءَ جو رويو يڪدم بدلجي ويو. هن اهو پنو
منهنجي کيسي ۾ وجهندي سختيءَ سان چيو:
”تون اجنبي ڏسڻ ۾ اچين ٿو؟“
”جي ها، آمريڪا کان آيو آهيان!“
”اڄ جو اڄ هن شهر مان هليو وڃ، ته بهتر آهي، ورنه
تنهنجو خير نه آهي!“
”پر سائين، منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي؟ آخر مون اهڙو
ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جنهن جي هيءَ سزا ملي رهي
آهي؟“ مون رئڻ واري لهجي ۾ چيو، مگر سپاهيءَ منهن
ڦيري ڇڏيو ۽ جواب ڏيڻ بنان ئي ٻئي طرف هليو ويو.
مان ٿڪل قدمن سان هوٽل ڏانهن موٽيس. ڪمري ۾ پهچي
ڪافي دير تائين سوچيندو رهيس ته آخر هن ڪاغذ تي
لکيل ڇا هو؟ طبيعت نهايت خفي ٿي رهي هئي. دل چاهيو
ٿي ته بيري، مئنيجر ۽ پوليس جي سپاهيءَ جو مٿو
ڦاڙي وجهان. عجيب بيهودا ماڻهو هئا، جو هڪ ڌارئي
مهمان سان توهين آميز سلوڪ ڪري رهيا هئا! آخر هڪ
تد بير سوچ ۾ آئي_ مون اهو نيرو پنو کنيو ۽ مئنيجر
جي ڪمري ۾ گهڙي ويس. هو هڪ پنجاهه_ سٺ سالن جو با
وقار پيرمرد هو. ڏاڍو مهذب ۽ شائسته هو ۽ ڏاڍي
روانيءَ سان انگريزي ڳالهائي رهيو هو. مون کي
ڏسندي ئي چيائين:
”مسٽر ٿين، توهان کي ڪا تڪليف ته ڪانه ٿي؟“
مون کيس ساري ڪٿا ٻڌائي دنگ ڪئي.
”چُ... چُ... ڏاڍي خراب ڳالهه ٿي، توهان فڪر نه
ڪيو مسٽر ٿين، مان هينئر جو هينئر پنهنجي وڪيل جي
معرفت انهيءَ بدمعاش تي مقدمو داخل ٿو ڪيان“.
مان اها ڳالهه ٻڌي حالي ته ڏاڍو خوش ٿيس، ۽ مناسب
لفظن ۾ سندس شڪريو ادا ڪيم.
”توهان وٽ اها تحرير اڃا تائين آهي؟“
”جي ها!“ ايترو چئي مون اهو نيري رنگ جو خوشنما
پنو کيسي مان ڪڍي سندس سامهون رکيو. پوڙهي مئنيجر
ڏاڍي بيپرواهيءَ سان اهو کنيو. يڪدم سندس اکين ۾
رت اچي ويو. هن انتهائي نفرت ڀرئي لهجي ۾ مون
ڏانهن نهاريو ۽ بي رخيءَ سان چيائين:
”مسٽر ٿين، توهان پنڌرهن منٽن جي اندر اندر منهنجو
ڪمرو خالي ڪيو!“
”ڇو؟ آخر مون ڇا ڪيو آهي؟“ مون دانهن ڪندي پڇيو.
”مان وڌيڪ ڪجهه به چئي نٿو سگهان. جيڪڏهن توهان
منهنجي ڳالهه نه مڃي، ته مجبوراً مونکي به ائين ئي
ڪرڻو پوندو، جيئن چانهه خاني جي مالڪ ڪيو!“
”توهان جو دماغ ته خراب ڪونه ٿي ويو؟“
”مان ڪجهه به ٻڌڻ نٿو چاهيان.“
”پر مان ته هڪ هفتي جي اڳواٽ مسواڙ ڀري چڪو
آهيان!“ مون خفي ٿيندي چيو. مئنيجر پنهنجي ميز جي
خاني مان ڪجهه نوٽ ڪڍيا ۽ منهنجي سامهون اڇلائيندي
چيو:
”هيءَ وٺ پنهنجي مسواڙ ۽ هتان يڪدم هليو وڃ!“
مون مجبوراً پيسا کنيا ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري آيس.
گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ مان انهي نتيجي تي پهتس
ته هن شهر ۾ وڌيڪ ترسڻ خطري کان خالي نه آهي.
انهيءَ ڪري مون ٽيڪسيءَ ۾ سامان رکي، هوائي اڏي جو
رخ رکيو. خوش قسمتيءَ سان هڪڙو جهاز تيار هو.
واشنگٽن جي ٽڪيٽ وٺي مون انهيءَ منحوس شهر کي
خيرباد چوندي، اچي هڪ سٺي سيٽ والاري_ چانهه پي
مان تازو توانو ٿيس. هينئر طبيعت گهڻي ڀاڱي وندرجي
ويئي هئي. ٿوري دير کان پوءِ اسان فضا ۾ پرواز ڪري
رهيا هئاسون. سفر خير خوبيءَ سان پورو ٿيو.
واشنگٽن جي هوائي اڏي تي مون هڪ فرانسيسي ايئر
هوسٽيس کي سڏيو ۽ سڄي ڳالهه ٻڌائي، کانئس مدد
گهُري. پهرين ته. هوءَ دل کولي کِلي، پوءِ اهو پنو
منهنجي هٿ مان ورتائين. پڙهڻ کان پوءِ ڪجهه به
ڪُڇڻ کانسواءِ ئي اهو ڪاغذ منهنجي اور ڪوٽ جي کيسي
۾ وجهي ٽڪيٽ گهر ڏانهن هلي وئي. مان کيس سڏيندو
رهيس، ليڪن هن هڪ دفعو به منهن ورائي مون ڏانهن نه
ڏٺو!
مان حيران ۽ پريشان گهر پهتس_ جنهن فرم ۾ مان ڪم
ڪندو هوس، انهيءَ جو وڏو آفيسر فرانسيسي هو. هو
منهنجو ڏاڍو گهرو دوست هو. انهيءَ ئي مون کي اها
نوڪري ڏني هئي. حقيقت ۾ هن جو پيءُ ۽ منهنجو پيءُ
ٻئي هم ڪلاسي هئا. اهڙيءَ طرح هو پهرين منهنجو
واقف ٿيو. مون فون تي کيس الف کان وٺي ي تائين قصو
ڪري ٻڌايو. مون کي يقين هو ته هو منهنجي ذهني
پريشاني دور ڪري ڇڏيندو. هن مون کي هڪدم آفيس ۾
پهچڻ لاءِ چيو.
مان هٿ منهن ڌوئي يڪدم آفيس پهتس_ هو منهنجو
انتظار ڪري رهيو هو. هن پهرين معذرت طلب ڪئي ۽
انهيءَ کي هڪ اتفاق قرار ڏيندي پنو منهنجي هٿ مان
ورتو. پنو پڙهي هن هڪ نظر مون تي وڌي ۽ پوءِ ڪمري
کان ٻاهر نڪري ويو. ٿوري دير کان پوءِ، پٽيوالو هڪ
لفافو کڻي آيو ۽ منهنجي سامهون رکي واپس موٽي ويو.
مون لفافو کوليو. مون کي نوڪريءَ مان خارج ڪيو ويو
هو!
انهيءَ واقعي مون تي خراب اثر وڌو. مان ڏينهن رات
انهيءَ سوچ ۾ گم رهڻ لڳس ته آخر انهيءَ منحوس عورت
ڪاغذ تي ڇا لکيو هو! جو انهيءَ کي پڙهندي ئي هر
شخص منهنجو جاني دشمن ٿي ٿو پوي. ڪيترن ئي هفتن جي
سوچ ويچار ڪرڻ کانپوءِ مان پنهنجي پيءُ جي گهر
هليو ويس. اسان وٽ هڪ پوڙهي فرانسيسي نوڪرياڻي
هئي. منهنجو سڄو ننڍائي جو زمانو سندس گود ۾ گذريو
هو. هوءَ مون سان بيحد محبت ڪندي هئي. ڳوٺ پهچي
مون کيس ڪمري ۾ سڏيو. پستول هٿ ۾ جهلي ڪاغذ ميز ٿي
رکي چيم:
”وڏي امان، جيڪڏهن تو هن پني کي پڙهي مون کي اهو
نه ٻڌايو ته هن ۾ لکيل ڇا آهي، ته مان توکي گوليءَ
سان اُڏائي ڇڏيندس!“
ويچاري نوڪرياڻي ٿڙڪڻ لڳي. هن ڏڪندڙ هٿن سان پنو
کنيو ۽ اهو پڙهندي ئي خاموش ٿي ويئي. مون پستول جي
ناليءَ جو رخ ان ڏانهن ڪندي رڙ ڪري چيو:
”ٻڌاءِ ڇاهي لکيل؟“
هوءَ خاموش رهي. مون وري پڇيو:
”جلدي ٻڌاءِ، ورنه مان گوليءَ سان اُڏائي
ڇڏيندوسانءِ.“
هن ڪاغذ کڻي آتشتدان ۾ اُڇلي ڇڏيو. مون يڪدم ٻرندڙ
باهه مان انهيءَ کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهو سڙي
رک ٿي ويو هو. مون منهن ورائي وڏي امان ڏانهن ڏٺو،
ته هوءَ فرش تي بيهوش پئي هئي. مون جهُڪي کيس
اٿاريو، پر وري به هوءَ ڦهڪو ڪري وڃي هيٺ ڪري.
ڊاڪٽر کي سڏيو ويو، خبر پئي ته
سندس دل جي ڌڙڪن بند ٿي وئي هئي.
انهيءَ واقعي کي چار پنج مهينا گذري چڪا آهن، پر
مان اڃان تائين انهيِءَ سوچ ۾ گم آهيان. ٻه دفعا
پئرس وڃي انهيءَ عورت کي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش به ڪري
چڪو آهيان، صرف اهو پڇڻ لاءِ ته انهيءَ پني تي ڇا
لکيل هو، پر انهيءَ جو ڪٿي به پتو نه پيو. ڪيترائي
دفعا پنهنجي دوست سان ملڻ لاءِ ويو آهيان، پر هو
ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ٿو_ مان انهيءَ شخص
کي وڏي کان وڏو انعام ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، جيڪو
انهيءَ نيري خوش نما پني جو مضمون ٻڌائي، مون کي
هن جهنم کان نجات ڏياري سگهي، جنهن ۾ مان رات
ڏينهن پيو سڙان!_
مئڪسم گورڪي
مترجم: ڪمل ڪيولراماڻي ”پياسي“
قبر جي ڀر ۾....
قبرستان! هتي شاهوڪارن ۽ غريبن لاءِ ايراضي مقرر
ٿيندي آهي. غريبن واريءَ ڪنڊ ۾، مينهن، طوفان ۽
لُڪ جون سَٽون سهندڙ، قبر جي ڀر ۾، اڳڙين پيل
پوشاڪ ۾، مٿي تي شال اوڍيو، هڪ پيرسن عورت قبر کي
ڀاڪر ۾ ڪيو ڪنڌ نمايو، پنهنجي مقدر تي هنجون هاري
رهي هئي!
سندس اَڇن وارن جون چڳون کِسڪي اچي ڳلن وٽ پيون،
سندس چپ سڪي ٺوٺ ٿي ويا هئا، سندس ڳل اندر پيهي
ويا هئا؛ سندس ڳوڙها سندس ڳلن تان گسڪندي کاڏيءَ
وٽ اچڻ کان پوءِ يا ته سندس پوشاڪ تي ٽمي ان ۾ جذب
ٿي ٿي ويا يا ته ڌرتيءَ جي آغوش ۾ سمائجي ٿي ويا.
سندس اکين جا ڇپر ڳورا معلوم پئي ٿيا ۽ سندس لال
لال اکين مان اهو صاف پئي لڳو. ته شايد ڪافي راتين
جو اوجاڳو هوس.
سندس بدن ۾ ڪابه حرڪت ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي آئي. چپ ويٺي
هئي. ڪجهه مفاصلي تان مان بيهي کيس ڏسندو ٿي رهيس.
سندس ويجهو آيس ته به کيس ڪا سمڪ ئي ڪانه رهي.
جڏهن ڀرسان اچي بيٺوسانس، تڏهن صرف عاجزيءَ جون ٻه
اکيون کڻي مون ڏانهن نظر ڪيائين ۽ وري کين هيٺ
جهڪائي ڇڏيائين. منهنجي اچڻ جو هن کي نه احساس ٿي
ٿيو ۽ نه ڊپ؛
نه وري سندس چهري تي اهڙي ريکا ئي ڏسڻ ۾ ٿي آئي.
اعزاپرسيءَ جو اظهار ڪندي پڇيو مانس ته ”ان قبر ۾
ڪير پوريل آهي؟“
”منهنجو پٽ!“ ڳوري آواز ۾ جواب ڏنائين.
”وڏوَر آهي؟“
”ٻارنهن سالن جو نينگر آهي!“
”ڪڏهن گذاري ويو؟“
”پورا چار سال اڳ!“
هن ٿڌو ساهه کڻي پنهنجن ڳوڙهن کي شال سان اًگهي
ڇڏيو. ڏينهن تمام گرم هو. مئلن جي هن لوڪ ۾ سج
تمام تيزيءَ مان ٿي چمڪيو. قبرن جي ڀروارو گاهه به
نٽهڻ اَس جي تَو کان سُڪي ٺوٺ ٿي ويو هو. وڻن جي
چرپر ۾ ٺاپر هئي، ڄڻ ته ان مئلن جي لوڪ ۾ هو به
مئل هئا.
نينگر جي قبر طرف سرڪندي، مون کانئس سوال ڪيو،
”ڀلا هو گذاري ڪيئن ويو؟“
”ويچارو گهوڙي هيٺان چيڀاٽجي مئو.“ دل کي ڏاڍو
ڪري، هن ٿوري ۾ جواب ڏنو ۽ پوءِ قبر جي مٿان هٿ
ڦيرڻ لڳي.
”اهو ٿيو ڪيئن؟“
سمجهان به پيو ته يڪدم اهڙا ۽ ايترا سوال ڪرڻ نه
کپنم، پر عورت جي چهري جي غمگين ريکا، مون کي اهو
سڀ پڇڻ لاءِ نه معلوم ڇو مجبور ٿي ڪيو. الائي ڇو
مون چاهيو ٿي ته مان هن جي اکين ۾ آنسون ڏسان.
سندس سڀاءَ ۾ ڪجهه وچترتا پئي ڏسڻ ۾ آيم، پر ساڳئي
وقت منهنجي سوالن جو هن تي ڪو اثر ٿيو هجي، سو
بنهه نه.
منهنجي هن پوئين سوال تي هن اکيون کڻي مون ڏانهن
نهاريو. جڏهن هن مون کي پيرن کان چوٽيءَ تائين
جاچي پورو ڪيو، تڏهن هڪ ٿڌو ساهه کڻي هن پنهنجي
ڪٿا ٻڌائڻ شروع ڪئي. سندس آواز ۾ گنڀيرتا ۽ دک هو. |