سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1967ع

مضمون:

صفحو :7

”عارف المولا“

زلف ڪارا رشڪ ڪاريءَ رات جا،

نيڻ ٻئي روشن ڏيِا ظلمات جا.

جام لب ۾ جذب صد ڪيف، حيات،

چشم ساغر ڪوثر جنِّات جا.

گم ڪيا رخ حوصلا مهتاب جا،

تنهنجي مُرڪڻ ۾ مزا پرڀات جا.

تنهنجا ڪر موڙڻ حياتِ جانفزا،

ٻولَ ٻهڳڻ واعدا وصلات جا.

قد و قامت آ قيامت ڪئي بپا،

هر طرف آثار صد آفات جا.

چنڊ، گلشن، مي ۽ مطرب خوشنوا،

آ ته اُت ماڻيون مزا وصلات جا.

رند ئي ٿيا ميڪشي مان پوَر ڪن،

ٻيا ٺلها چسڪا وٺن ٿا وات جا.

حسرتون ويران، تمّنائون اجڙ،

ويا فنا ٿي لاش لک جذبات جا.

چوَٽ کان چوڻا ٿيا ڇا ڇا چوان،

رنج ۽ غم گردشِ حالات جا.

عشق ۾ عزت وئي عظمت وئي،

ڪم نه آيا مرتبا سادات جا.

ڪي ته خالي دم هڻن ٿا ذات جا،

ڪن کي ڏوُڙا ڏان مليا ڏات جا.

ڪي ڪُڌا ڪنجوس ۽ ڪي سنگدل،

ڪي ڪُٺل ٿيا قرب واري ڪات جا.

ڪِٿ وڇوڙو وِرهه ۽ ڪٿ موت آهه،

ڪٿ وڄن ٿا دهل دس بارات جا.

ٿا ڳڀي لئه ٻارڙا ڏُسڪن رُئن،

ڪي مزا ماڻين ٿا محلات جا.

بي وفا دنيا کان غازي ڪر گذر،

هِت ته هاڃا ٿا ٿين هيهات جا.

ذڪر ذاتي قلب ۾ ڪر بار بار،

و‎ٺ مزا ’عارف‘ نفي اثبات جا.

ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسيني ”بيخود“

عشق سان اجتناب ڇا چئجي،

سڌڙين سان خطاب ڇا چئجي.

توکي ڏسندي ئي رعشه اندامي،

شوق يا اضطراب ڇا چئجي.

مون تي هيڏيون نوازشون، جاني،

حسن ۽ انقلاب ڇا چئجي.

هڪ جهان اضطراب ۾ آهي،

زلف جو پيچ وتاب ڇا چئجي.

تنهنجا لبهائي احمرين دلبر،

لعل، مرجان، گلاب ڇا چئجي.

مون تي جور و جفا کي ختم ڪيئي،

آخري انتخاب، ڇا چئجي!

صفتِ چهره صنم ’بيخود‘

آيتون يا ڪتاب، ڇا چئجي.

”خواب“ حيدرآبادي

وفا نا آشنا سان اُنس جو امڪان ئي ناهي،

جفا پيشه جي شر سان، خير جو گذران ئي ناهي.

اهوئي آهه درمان دل جي دنيائي محبّت جو،

سلامت درد دل آهي ته ڪو ارمان ئي ناهي.

ترنم آفرين ناهن هوائون دل جي گلشن ۾،

غزل جي جان ۾ پر ڪيف سو وجدان ئي ناهي.

دلين جا ولولا بيدار ٿيا ناهن زماني جا،

ضميرن جي تمنائن ۾ پڻ ڪا جان ئي ناهي.

ڪشاڪش باهمي ۾ منتشر اهلِ هنر ٿي ويا،

روش بيجا کان اڄ بي داغ ڪا دامان ئي ناهي.

ٻڌائي ڇا ڪندس مان درد دل جو داستان ڪنهن کي،

غمِ دوران لکايو جنهن جو ڪو عنوان ئي ناهي.

وطن جي حبّ ۽ توفيق_ خدمت ڏي خدا سڀ کي،

جو ڪورو حبّ کان، تنهن دل ۾ ڄڻ ايمان ئي ناهي.

مسّخر قوّتون فطرت سنديون ڪر نوع انسان لئي،

جو جدوّجهد کان عاري، اُهو انسان ئي ناهي.

ملوڪيّت ۽ ملّا، لازم و ملزوم آهن ٻئي،

سڃاتو جن اڃا پوريءَ طرح قرآن ئي ناهي.

تعصب جي بيان بازيءَ جو دؤرو ’خواب‘ ٿو ڏسجي،

علاقائي زبانون پاڪ جو ڄڻ شان ئي ناهي.

”سليم“ هالائي

چراغ_ عشق جي تنوير جنهن جي گهر ۾ نه آهه،

ته ان جو گهر ئي جهان_ بني بشر ۾ نه آهه.

رهي ٿي محفل_ تسليم سرد ڇو؟ شايد،

جناب_ عشق جو جوش_ جنون جگر ۾ نه آهه.

تون آستانئه_ جانان جي خاڪ سرمو ڪر،

سنڀال شان_ وفا گرد_ رهگذر ۾ نه آهه.

جهان_ عشق ۾ ٿي رهه تون بي سرو سامان،

قرار دل جو ميسّر زمين و زر ۾ نه آهه.

ادب سان پيش هلي ٿيءُ اکين کي پير ڪري،

جڏهن سليقئه_ آداب نامه بر ۾ نه آهه.

ٿي آه عرش کي ڏاري، ٿا لڙڪ فرش وٺن،

اثر جو آه ۾ آهي سو چشم تر ۾ نه آهه.

شرف نياز جو آهه اهل_ علم و عقل جي لئه،

جهڪڻ جي رسم_ ادا شاخ_ ثمر ۾ نه آهه.

نه موتين جو ڪڏهن سمنڊ ۾ ٿو قدر ٿئي،

ملي سفر ۾ ٿو جيڪي اهو حضر ۾ نه آهه.

Text Box: 97

جو نور رات جو رشڪ_ قمر جي رخ ۾ ڏٺم،

 

خدا گواهه! سو هن مشعل_ سحر ۾ نه آهه.

نگاهه_ شوخ ۾ پوشيده درد_ دل جو علاج،

”سليم“ جور و جفا شوخيء_ نظر ۾ نه آهه.

”ذوالفقار“ راشدي

ڪائي وانگر ٽُٽي ڇڻي پيا، رنگارنگي سارا سپنا،

ڪير اسان کي موٽائي ڏئي، اُهڙا نازڪ پيارا سپنا!

رات نه ڳايم راڻو، ڀانيان بين ڀڄي پئي، هانءُ ڇڄي پيو،

هاءِ، لُٽي ويو ڪوئي ارڏو منهنجا راتين وارا سپنا!

آس ته اڄ ڀي جيئري آهي. جيون راس نه آيو ڇاهي،

اوندهه ۾ ڀي جرڪن، ٻهڪن، جيون جا سيپاراسپنا.

خوابن جو آ کيپ، اڃا ڀي سمجهانٿو ڪجهه باقي آهن:

مند سهاڳڻ، مهل سدوري، رات ڪتيون ۽ تارا سپنا.

توکي آڇڻ اينداسين، تون منهن موڙين يا ڪنڌ ڌوڻين تون،

پنهنجي اکين ۾ آهن جيڪي تنهنجا ڪي موچارا سپنا.

ننڊ ولايت جي حاڪم وٽ قيدي رهندا آخر ڪيسين؟

ويچارن ماڻهن جا سهڻا، پيارا ۽ ويچارا سپنا!

اوسپنن جي سونهن، الائي ڪاٿي آهي سک جي وستي،

جاتي نپجي جوڀن پائن، تو جهڙا تو پارا سپنا!

ڇا ورتوسين، ڇا بخشيوسين، خالق، توسان ڪهڙا ليکا،

سونهري سنگيت ڏئي، ورتاسين ڪوجها ڪارا سپنا!

”محبوب“ سروري

مون سبق ڪافي پرايا، پنهنجي ڪن يارن منجهان،

ڪجهه ٿڌن ساهن منجهان، ڪجهه گرم شوڪارن منجهان!

حسن جي بازار ۾ آيس کڻي عيب و گناهه،

شال ڳڻجان مان به يوسف جي خريدارن منهنجان.

منهن جي دلبر کي ڏسي محجوب، سڀ ٿا ڪن ٺڳي،

ڪئي گلن لالاڻ چوري، هُن جي رخسارن منهنجان.

هو ڏسو! مخمور ۽ شهمور ڪارو ڀونئر پڻ،

ليٽي پيٽي آهه آيو يار جي وارن منجهان.

دلربا گلرخ تي ماکيءَ جون مکيون ڀلجي پيون،

سڀ چريون ٿي آيون چُوسڻ، شهد رخسارن منجهان.

جام کان آهي مٿي معيار منهنجي عشق جو،

پيار اي سهڻا سڄڻ نيڻن نشيدارن منجهان.

پاڻ پئنداسين، ته پئنداسين هميشـﮧ باوقار،

پاڻ ناهيون ساقيا! محتاج ميخوارن منجهان.

نيڪو ڪارن کي به پنهنجي نيڪو ڪاريءَ تي هو ناز،

مون خدا کي هٿ ڪيو، آخر خطاڪارن منجهان.

شمع هڪڙي مان گهڻيون شمعون ٿيون روشن ٿين،

ڪيترا ٿي ويا خدا وارا، خدا وارن منجهان.

گل ۽ بلبل ۾ لڪايم عشق پنهنجو تاحيات،

روز محشر من اٿان تنهنجي طلبگارن منجهان.

ٿا چون شاعر ته هي ’محبوب‘ جو آهي غزل،

پاڻ شاعر آهه پڌرو، پنهنجي اشعارن منجهان.

”محسن“ ڪڪڙائي

ويهن ۾ ايڪيهون داڻو،

منهنجو سوڍو، منهنجو راڻو.

مصريءَ جهڙيون جنهنجون مُرڪون،

جنهن جو ماکيءَ جهڙو ماڻو.

جنهن جو نينهن نباتن جهڙو،

جنهن جو چاهه مکڻ جو چاڻو.

پنهنجو پنهنجو ڏاج ٿئي ٿو،

ڪنهن لئه سوري، ڪنهن لئه گهاڻو.

حُسن ۽ سادو، توبـﮧ توبـﮧ،

”محسن“، صاحب ٿيءُ سياڻو.

شبير ”هاتف“

هاءِ اُهي رنگين بهاريون،

توجي مُرڪي ياد ڏياريون.

جهڙيون ميخاني جون راتيون،

اکڙيون ڪاريون ۽ مَڌ واريون.

دل جو سودو ڪرڻو آهي،

ڪنهن دل واري کي هوڪاريون.

منهنجي من ۾ تنهنجون سارون،

بر ۾ لڳيون ڄڻ بازاريون.

مون کي ساري گل جئن ٻهڪين،

منهنجون يادون شوخ بهاريون.

دل ويچاري مس مس ريڌي،

چنڊ! وري تو باهيون ٻاريون!

تنهنجي آئي من ۾ هوليون،

تنهنجي وئي نيڻن ۾ ڏياريون.

زخمن جي سينن کي چيري،

مکڙين کي مرڪڻ سيکاريون.

تو لئي سَوَ سينگار ڪيائون،

آسون جهڙيون ڳاڙهيون ڪنواريون.

تنهنجي ڳڻن جون ڳالهيون ڳايو،

مَرڪيو مَرڪن ڪئين موچاريون.

”پروانو“ ڀٽي

ڏسڻ لاءِ پنهنجي پيا کي اکين سان،

پپيهي جي دل آههِ آتي، اوسائين.

مان توکي ائين ڳوليان جيئن ڪوئل،

سدا مينهن لئه پائي جهاتي، او سائين.

سندئي تات ۾ رات سڏڪا ڀري پئي،

انهيءَ ماڪ جي پوتي پاتي، او سائين.

Text Box: 101

هي دل ڇاهي ان جي حقيقت به ڪهڙي،

 

ڇڏيان توتان گهوري حياتي، او سائين.

پڇين سور، ڪهڙا ٿو ’پروانه‘ مون کان،

ڏکن ۾ ڏري ٿي، هي ڇاتي، او سائين.

حافظ محمد ”احسن“ چنا

 

سامهون ٿو اچي تيز مان دلبر ته نه آهي؟

دَڪ دَڪ ٿي ڪري دل ڇا سندس ڏرُ ته نه آهي؟

هر حڪم ۽ فرمان مڃي دل ٿي سڄڻ جو،

حاڪم يا دلين جو ڪوئي افسر ته نه آهي؟

هو تير_ مثريه، تير_ نظر، خنجر_ ابرو،

هيءُ جنگ جو سامان ۽ لشڪر ته نه آهي؟

مثرگان ٿيون چڀن دل ۾ ۽ ابرو ٿو ڪري قتل،

سچ چؤ ته مٺا تير ۽ خنجر ته نه آهي؟

هٿ جي ٿو اشاري سان ڪري دليون مسّخر،

ڇا يار کي جادو يا ڪو منتر ته نه آهي؟

هر وقت درِ يار تي عشّاق جو ميڙو،

برپا ٿيو هنگامهء محشر ته نه آهي؟

هر روز ڪري ظلم وستم جور و جفا ٿو،

سيني ۾ سندس دل آ يا پٿر ته نه آهي؟

نيڻن مان وهن نار ٿا فرقت ۾ ائين جو،

وَهندڙ هي ڪنهين نارجي نيسر ته نه آهي؟

منهنجو ته مخالف ٿيو هر وقت رقيب آهه،

ڇا اُن کي سندس ٽيڪ يا آڌر ته نه آهي؟

احوال ڪيم دل جو ته جهٽ پٽ ۾ چيائين،

ڪر بند شڪايت جو هيءُ دفتر ته نه آهي؟

دلبر جو ڇڏي در نه ٻئي در تي مان ويندس،

ڪنهن ڏينهن پڇي مَن ته سگ_ در ته نه آهي؟

محبوب جي الفت ۾ چيو شعر تو ’احسن‘،

دل تنهنجي ۾ ڪو عشق جو جوهر ته نه آهي؟

”استاد“ بخاري

تُنهنجي ابرو کي ٿا جي قاتل چون،

تن کي ٿا تقدير جو قائل چون.

هڪ جهان سيني ۾ سانڊيو ٿا وتون،

عام ماڻهو جنهن کي ٿا هڪ دل چون.

سا به نڪري پوندي پڪ راه، روان،

همسفر جنهن کي هينئر منزل چون.

مان ته مقتل گاه ٿو سمجهان پيو،

ساقيا! ماڻهو ڀلي محفل چون.

آرزو، هڪ آه بحرِ بيڪران،

سِير کي ٿا ڪيترا ساحل چون.

حال ۾ ڪيڏا به ٿيو هوشيار پر،

يار مستقبل جا ٿا جاهل چون.

Text Box: 103

هي جهان مجنون جي لئه ويرانو آهه،

 

ليليون هن کي ڀلي محمل چون.

جن ڪئي آ نَنَهن زمين اٿلي پوي،

سي هينئر ’استاد‘، ’ها‘ مشڪل چون.

محمد علي ”جوهر“

غير کي همڪنار ڪرڻو پيو،

دوستن ۾ شمار ڪرڻو پيو.

دوست ڇو بدگمان ٿيندا، جي،

دشمن کي پيار ڪرڻو پيو.

ٿا کڻون ساڻ ساهه جا دشمن،

مصلحت کي شعار ڪرڻو پيو.

قحط هر چيز جو ٿيو آ تڏهن،

بي هنر تاجدار ڪرڻو پيو.

وقت هر گز نه هڪ ڪَرو رهندو،

چرخ تي اعتبار ڪرڻو پيو.

ڪنهن چڱي انقلاب جي خاطر،

وقت جو انتظار ڪرڻو پيو.

مشعلِ طُور پاڻ ئي ٻاري،

آسمان شعله بار ڪرڻو پيو.

رهبري لئه خضر به ڪين لڌو،

چور تي انحصار ڪرڻو پيو.

زندگيءَ جي جڏهن ٽُٽي اميد،

موت کي اختيار ڪرڻو پيو.

بي حسِي قوم جي، معاذالله!

پاڻ تي پاڻ وار ڪرڻو پيو.

اڄ ٻڌائي ضمير جو آواز،

دل جو هلڪو غبار ڪرڻو پيو.

مرحبا، وعدهء وفا ’جرهر‘،

مون کي اڄ بار بار ڪرڻو پيو.

ميوو خان ”موج“ لغاري

تو ڪيو احسان، تنهنجو شڪريو!

ساهه سر قربان، تنهنجو شڪريو!

دل ڦَٽڻ ۾ ڪابه گهٽتائي ڪئي،

ڪانه تنهنجي ڪانَ، تنهنجو شڪريو!

تنهنجي الفت ۾ مليا مون کي سڄڻ،

درد، دک، ارمان، تنهنجو شڪريو!

تو مريض_ عشق جو وَهه جو ڪيو،

درد ڏئي درمان، تنهنجو شڪريو!

تو، بنا تير و تفنگ تلوار جي،

سر ڪيو ميدان، تنهنجو شڪريو!

تنهنجي شفقت جي سبب اڄ آهه ”موج“

موج ۾ مستان، تنهنجو شڪريو!

Text Box: 105

 

”خادم“ سروري

آخر هو منهنجا جاني، جيارا هليا ويا،

مونکي ڪري اداس، پيارا هليا ويا!

منهنجي ملڻ جي ڪاڻ وڏا وس ٿي تن ڪيا،

بيوس ڪري پري کان اشارا هليا ويا.

ساٿي غمن جي رات جا دل جي هئا ورونهن،

آخر سي ٽمڪي ٽمڪي ستارا هليا ويا.

مون کان سواءِ تن جي سري ڪيئن ڀلا سري،

شايد ڪري هو مون کان ڪنارا هليا ويا.

دل جي خوشي ۽ چين کڻي مون کي ويا ڇڏي،

ساٿي ڏکن سکن جا سهارا هليا ويا.

منهنجي چمن کان مونکي ڪڍڻ جي ٿا ڪن اي دوست،

اهڙا اکين اڳيان ڪي نظارا هليا ويا.

ڪنهن جو مقام ناهي، جي آهي ته ڪا گهڙي،

ڪيئي هتان سڪندر و دارا هليا ويا.

’خادم‘ اميد پوري خدا ڪنهن جي شل ڪري،

نه ته هن جهان مان ڪيئي ڏکارا هليا ويا!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com