آخر ۾ لکي ٿو ته: ”اوهان جي ڪرتوتن جو عيوضو ڪيترا
غريب ڏين ٿا ۽ آئينده ڏيندا رهندا؟“
جيمس رچرڊ، هڪ سياح، سلطان حاجي ابن عطائي شاهه
صحرا وٽ ويو، جنهن چيس ته ”اي ڪرستان! توکي سنڌ جي
ڪجهه ياد آهي؟ توهان کي دنيا ڪهڙي حقارت ۽ نفرت
سان ڏسي ٿي!“
ليلو رچنداڻي
يوناني ۽
سنڌي ٻوليءَ جو سٻنڌ
زماني جي دور ۾، سنڌي قوم، دنيا جي ٻين ڪيترين
قومن سان لهه وچڙ ۾ پئي آئي آهي. ڪي قومون، سنڌ کي
هڪ سر سبز ملڪ سمجهي، مٿس ڪاهون ڪري پئي آيون؛ ته
ڪن قومن وٽ وري اسان جا سنڌي وڻجارا، وڻج واپار جي
لحاظ کان پئي ويا آهن. ان ڏس ۾، اتهاس مان ڪيترائي
حوالا وقت بوقت پئي مليا آهن. انهيءَ لهه_ وچڙ جو
اثر، سنڌي ٻوليءَ تي به گهرو پئي رهيو آهي. جڏهن
به ڪي ٻه قومون، هڪٻئي جي سٻنڌ ۾ اينديون آهن،
تڏهن اهي هڪٻئي سان ڪجهه قدر ڀاڄيءَ واٽ به
رکنديون آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اهڙا اکر مروج
ٿي ويا آهن، جي اصل ۾ سندس نٿا ڏسڻ ۾ اچن، اهي ڪن
ٻين ٻولين جي ئي عنايت آهن.
يوناني ۽ سنڌي ٻولين جو به هڪٻئي سان چڱو سٻنڌ پئي
رهيو آهي. هن وقت سنڌيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا اکر دخل
ڄمائي چڪا آهن، جي يوناني ٻوليءَ سان واسطو رکن
ٿا؛ جيتوڻيڪ اُهي يوناني قوم جي معرفت نه، پر
انگريز قوم جي معرفت سنڌيءَ ۾ آيل آهن ۽ انهن جو
عرصو، انگريز قوم جي برصغير ۾ اچڻ کانپوءِ جو ئي
ٺهرائي ٿو سگهجي. انهن اکرن مان ڪجهه اکر هي آهن:
(1) وگيان (سائنس) سان واسطو رکندڙ اکر:_ ائلوپٿي،
نيچروپٿي (قدرتي علاج)، آڪسيجن، آيوڊن، بئراميٽر
(هوا ماپ)، ٿرماميٽر (گرمي ماپ)، ٿرماس، ٽانڪ،
ٽيليگراف، ٽيلي پيٿي، ڪلورو فارم، ڪلورين، فون،
فوٽو، مارفيا، ميگافون، مائڪروفون، مائڪرو اسڪوپ
(خوردبيني)، نمونيا، هوميوپٿي، هئڊ روجن، هپنوٽزم،
هيلي ڪاپٽر.
(2) ڌنڌي سان واسطو رکندڙ اکر:_ آٽورڪشا، آٽوميٽڪ،
ٽيڪنيڪل، لٿو گرافي، گرام، گرامو فون، ڊائنامو،
اسٽينو گرافر.
(3) ٻيا اکر:_ لاگرٿم _(حسابي ڪم جي هڪ شاخ)،
ٽرگناميٽري، مونوگرام ۽ ائٽلس (نقشن جو ڪتاب)_
’ائٽلس‘، هڪ يوناني ديو جو نالو هو، جنهن کي زيوس
ديوتا سان بغاوت ڪرڻ ڪري، سڄي دنيا ڪلهن تي کڻڻ جي
سزا ڏني ويئي هئي. پهرين، نقشن جي ڪتابن جي سرورق
تي ان ائٽلس ديوتا جي شڪل ڇپي ويندي هئي، ان ڪري
وقت گذرڻ کان پوءِ، نقشن جي ڪتاب تي نالو پئجي ويو
”ائٽلس“.
اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي لفظ، سڌا سنوان ڌاريا پيا
لڳن، پر انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترا لفظ آهن، جي
يوناني لفظن سان ميل پيا کائين ۽ ان ڪري اهو ظاهر
پيو لڳي ته يونانيءَ مان سنڌي ۾ آيل آهن، يا
سنڌيءَ، يونانيءَ کي ڏنا آهن ۽ سو به هڪٻئي سان
سڌي ميلاپ واري دؤر ۾.
سنڌين جو يونانين سان سڌو ميلاپ
اتهاس ته ائين ئي پئي ٻڌايو آهي ته يونانين ۽
سنڌين جو هڪٻئي سان سڌو ميلاپ ٿيو ئي تڏهن هو،
جڏهن سڪندر اعظم، هندستان جي اتر_ اولهه سرحد تي
ڪاهي آيو هو. سڪندر، عيسوي سن ۳۲٧ ورهيه اڳ،
هندستان تي خشڪيءَ رستي حملو ڪري آيو هو. ان ئي
سال، هو سنڌ ونديءَ کي پارڪري، پنجاب ۾ داخل ٿيو.
پورس سان لڙائيءَ کان پوءِ، هن ٻه شهر پنجاب ۾
اَڏيا: هڪ جهلم نديءَ جي اولهه ۾، موجوده جلال پور
شهر جي ويجهو؛ ۽ ٻيو اوڀر طرف، جو هن وقت مونگ جي
نالي سان سڏجي ٿو. هو، اوڀر طرف وڌڻ وارو ئي هو،
جو سندس فوج، گرميءَ، بيمارين ۽ سفر جي مصيبتن کان
تنگ ٿي، کيس واپس ورڻ لاءِ مجبور ڪيو. عيسوي سن
کان ۳۲۵ ورهيه اڳ، هو ڏکڻ بلوچستان جي رستي، يونان
ڏانهن واپس وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، پر مهراڻ جي ڪناري
تي بابل نالي هڪ شهر ۾ مري ويو. سندس موت جي ڪري،
يوناني فوجن مان ڪجهه فوجون، وڏي مشڪلات سان يونان
۾ وڃي پهتيون، ۽ باقي سنڌ ۾ جدا جدا ايراضين ۾ ئي
ٽڙي پکڙي وييون ۽ آخر سنڌي قوم ۾ جذب ٿي وييون.
انهن ٻن سالن جي عرصي ۾، سڪندر، پنجاب، سنڌ ۽
بلوچستان جي ڪيترن سردارن سان فوجي ۽ راڄنيتي سٻنڌ
جوڙيا ۽ ڪن شهرن کي اَڏايو. ڪن هنڌن تي هن پنهنجا
فوجي اڏا به قائم ڪري ڇڏيا. اتر سنڌ جي مالو ۽
کيدرڪ جاتين سان سندس ڀاري ٽڪر لڳو. مڪران جي
اريتي قوم پڻ ساڻس واهه جو مهاڏو اٽڪايو. عيسوي سن
کان ۳۲٧ سال اڳ کان ۳۲۵ سالن تائين، اهو ٻن سالن
جو عرصو جيتوڻيڪ ننڍو هو، پر ڪافي اهم تاريخي عرصو
هو. ان ئي عرصي اندر، ٻنهي قومن، ٻوليءَ جي لحاظ
کان هڪٻئي کي گهڻو ڪجهه ڏنو ٿو ڏسجي.
ڪافي پراڻا سٻنڌ.
سنڌين جا يونانين سان سٻنڌ، سڪندر جي حملي کان
پوءِ واري عرصي ۾ ئي قائم ٿيا، اهو چوڻ اتهاسڪ
درشٽي کان ٺيڪ نه ٿيندو. ان کان به گهڻو اڳ،
يونانين کي سنڌين جو پتو هو. عيسوي سن کان اٽڪل
پنج سؤ ورهيه اڳ، يونان جو مشهور تاريخ نويس
هيرودوتس ٿي گذريو آهي. هن کي پڻ برصغير جي اتر
اولهه (جنهن ۾ سنڌ جو ٽڪرو پڻ اچي وڃي ٿو)
ايراضيءَ جي چڱي چوکي ڄاڻ هئي. هڪ هنڌ هو لکي ٿو
ته ”هندستاني، ريتيءَ مان سون هٿ ڪندا هئا.“ سڪندر
سان گڏ آيل يوناني اتهاسڪارن پڻ، سنڌ جي اندر سون
جي کاڻين جو ذڪر ڪيو آهي (ڏسو مئڪ ڪرنڊيل جو
’ائنشنٽ انڊيا‘). هيرودوتس، جيڪو دنيا جو نقشو ڏنو
آهي، ان ۾ باسفورس سمنڊ (يونان ويجهو) وٽ هڪ
ايراضي ’سنڌيڪا‘ جي نالي سان ڏيکاري آهي. (ڏسو
’هسٽري آف هيرودوتس‘، جلد ٻيو). ان ’سنڌيڪا‘
ايراضيءَ لاءِ وري يونان جي پراڻي ڊڪشنري
’هيڪائيڪا‘، يونان جي قديم تاريخ نويسن ۽ روس جي
موجوده محققن جو رايو آهي ته ”اتي ’سنڌي‘ نالي هڪ
قوم رهندي هئي، جا هندستان مان آيل هئي.“ ان
سنڌيڪا ايراضيءَ ۽ يونان جي ملڪ جا هڪٻئي سان سڌا
واپاري خواه راجدوتي سٻنڌ به هئا. جي اها سنڌيڪا
ايراضي واقعي قديم سنڌين جي هڪ بستي هئي، ته پوءِ
سولائيءَ سان اهو گمان ڪري سگهجي ٿو ته سنڌين ۽
يونانين جا هڪٻئي سان ناتا، سڪندر کان گهڻو اڳ ئي
پختا ٿيل هئا. ساڪ قوم به يونان جي ويجهوئي رهندي
هئي. ان ساڪ قوم ئي بعد ۾ سنڌ تي حملو ڪيو ۽ واپس
وڃڻ بدران سنڌ ۾ پکڙجي، سنڌي قوم ۾ جذب ٿي ويئي.
هيرودوتس (عيسوي سال کان ۴۵۰ سال اڳ) کان سواءِ،
يوناني مؤرخ هيڪاتياس (عيسوي سن کان ۴۸۶ سال اڳ)،
يوناني سفير عيتياس (عيسوي سن کان ۴۰۱ سال اڳ) ۽
ٻين يوناني سفيرن ۽ طبيبن به سنڌو ماٿريءَ جي
پيداور، ڪن شهرن، جڙين ٻوٽين، جانورن وغيره جو ذڪر
ڪيو آهي. عيسوي سن کان ۱۹۵ سال اڳ کان وٺي، عيسوي
سن کان ۵۰ سال پوءِ تائين؛ يعني يونان جي ڊيميٽريس
جي حملي کان وٺي، هرميوس جي حڪومت جي پڄاڻيءَ
تائين، اٽڪل اڍائي سؤ ورهين جي عرصي تائين سنڌو
ماٿريءَ جي ٻوليءَ تي يونانين جو اثر رهيو. سڪندر
کان پوءِ، سندس هٿ ڪيل ايراضيءَ جي واڳ ڏور يوناني
سردار، سيليوڪس (عيسوي سن کان ۳۵۸ سال اڳ وٺي ۲۸۰
سال تائين) پنهنجن هٿن ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾
هو پوريءَ طرح ڪامياب نه ٿيو. سيليوڪس جو چندرگپت
موريا سان ٽڪر لڳو، جنهن جي آخر ۾، ٻنهي کي ٺاهه
ئي ڪرڻو پيو. چندرگپت، سيليوڪس جي ڌيءَ سان شادي
ڪئي. برصغير سان خوشگوار ناتن قائم ڪرڻ لاءِ،
سيليوڪس، مئگسٿنيز کي چندرگپت جي درٻار ۾ پنهنجو
ايلچي ڪري رکيو. هو عيسوي سن کان ۳۰۶ ورهيه اڳ کان
وٺي، ۲۹۸ ورهين تائين، ايلچيءَ جا فرض ادا ڪندو
رهيو. هن پنهنجي اٺن سالن جي عرصي ۾، برصغير جي
عوام کي ويجهو ڏٺو ۽ ان جو احوال پنهنجي هڪ ڪتاب ۾
قلمبند ڪيائين، جنهن کي ’انڊيڪا‘ چيو ويندو آهي.
سيليوڪس کان پوءِ، يونان، شام (سِريا) ۽ بختر
(موجوده بلخ جي بادشاهن جو ۳۲٧ ق. م کان وٺي، ۱۱۴
ق. م تائين)، پنجاب ۽ سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن حصي سان
سڌو تعلق پئي رهيو. ان ڳالهه جو ثبوت انهن سِڪن
مان مليو آهي، جي وقت بوقت انهن ايراضين مان هٿ
پئي آيا آهن. ان کان سواءِ مهاراجا ڪنشڪ ۽ انهن جي
جاءِ نشينن جي وقت جا (۱۲۰ع کان وٺي ۳۰۰ع تائين)
جيڪي به سڪا هٿ آيا آهن، انهن تي کروشتي ۽ برهمي
لپين کان سواءِ، يوناني لپيءَ جا اکر به مليا آهن.
ان قسم جا ڪيترائي سڪا، اتر اولهه جي سرحدي
ايراضين ۾ لڌا ويا آهن، ۽ هن وقت پشاور ۽ لاهور جي
عجائب گهرن ۾ محفوظ آهن. عجب، جو ختن ۽ چيني
ترڪستان ۾ به ڪن کنڊرن جي کوٽائي ڪندي، اهڙا سڪا
هٿ آيا آهن. جنهن مان اهو پتو ٿو پوي ته ڪنهن سمي
سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو، انهن ايراضين ڏانهن به ويا
هئا.
اهڙيءَ طرح، سنڌو ماٿريءَ ۾ يوناني ٻوليءَ جو دؤر،
ساڍا پنج سؤ سال رهيو ۽ ان وڏي عرصي اندر، يوناني
خواه سنڌي ٻولين جو هڪٻئي تي ڪيڏو نه اثر پيو
هوندو؟ ٻنهي ٻولين جي ڪيترن ئي اکرن ۾ هڪجهڙائي
ملي ٿي. اهي اکر، ڪجهه سڌ وسنئون يونانين سان
ميلاپ ڪري مليا آهن؛ ڪجهه پوءِ يونانين جي عربن
سان رشتي ڪري، عربن جي اچڻ ۽ رهڻ وقت مليا آهن؛ ته
ڪجهه وري، انگريزن جي هند ۾ ڪوٺين وجهڻ واري وقت
کان وٺي اڄ تائين ملي چڪا آهن. هڪ ٻوڌي ڪتاب ۾ صاف
ڄاڻايل آهي ته منيندر جي وقت ۾، يونانين سان گڏ،
عربي جهازران ۽ واپاري، سنڌو ماٿريءَ جي شهرن ۾
ڦرندا رهندا هئا. ان جي پٺڀرائي پيريپلس نالي هڪ
سفر نامي مان به ملي ٿي.
ٻڌ ڌرم جو زور
يونانين جي ڪاهه وقت، کڻي ان کان اڳ سنڌ ۾ ٻڌڌرم
جو ڪافي زور هو، هڪ ٻوڌي راجا، ادين، عيسوي سن کان
۵۶۶ ورهيه اڳ سنڌ جو حاڪم هو. سندس گاديءَ جو هنڌ
هو ”وتڀايه پَٽڻ“، جو ڪافي ميلن ۾ پکڙيل هو. چيو
وڃي ٿو ته اهڙا وڏا شهر، سنڌ اندر اٽڪل ۳۶۳ کن
هئا. (ڏسو: ڀيرومل مهرچند اَڏواڻيءَ جو ڪتاب_ ”سنڌ
جي هِندن جي تاريخ“_ جلد ۱، ص ۳۲). يونانين،
پنهنجي حملي جي دؤر ۾ ڪيترن هنڌن تي ٻُڌ جا پُتلا
ڏٺا. انهن پُتلن جو نالو، سنڌ واسين، يونانين کي
”ٻُڌ“ ئي ٻڌايو. يونانين، ’ب‘ کي ڦيرائي ’ب‘ ۽ ’ڌ‘
کي ڦيرائي ’ت‘ ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح ”ٻُڌ“ مان بدلجي،
يوناني ’بوتا‘ ٺهي ويو، جنهن جو مطلب آهي پُتلو.
ان ’بوتا‘ مان ٺهيو آهي ’بوتو‘ ۽ ’بُت‘. اسين ائين
پيا سمجهون ته ’بُت‘ اکر، اسان کي اسلامي دؤر جي
ئي عنايت آهي؛ پر حقيقت اها آهي ته ’بُت‘ لفظ
ٺهيوئي ’ٻڌ‘ مان آهي، جو اوائلي طرح هند جو ئي اکر
آهي. يوناني ٻوليءَ ۾ ’بوتا‘ کان سواءِ ’بُت‘
butta
اکر به آهي، جنهن جي معنيٰ به پُتلوئي آهي.
ان وقت سنڌي، جهاز رانيءَ ۾ ڀَڙ هئا. سڪندر جي
ڪاهه وقت، ڪراچي ضلعي واري لاڙ ۾، ’پاتال‘ نالي هڪ
عاليشان بندر هو. يوناني مورخن موجب اهو ’پاتال‘
بندر اتان هو، جتان سنڌوندي ٻه وڏيون شاخون ٿِي،
وهي ٿي. هن پاسي ٻه درياهي اڄ به آهي. گهاري واري
کاري، سڪندر جي وقت ۾ درياهه جي هڪ شاخ هئي. (ڏسو:
ميجر جنرل هيگ جو ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“). ڀيرومل جي
لکڻ موجب، شاهبندر جو ڏاکڻيون ڀاڱو، سمنڊ تائين هڪ
ڌار پرڳڻو هو، ۽ ’ڪڪرالو‘ ڪوٺيو هو. يونانين،
ڪراچيءَ ضلعي جي لاڙ واري ڀاڱي کي ’ڪروڪلا‘ ڪري
سڏيو آهي. (ڀيرومل: ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“، جلد
۲،ص ۴۲) هومر جي زماني ۾، يونان ۾، هڪ اکر
’تڪتان‘ مروج هو، جنهن جي معنيٰ هئي ’واڍو،
جهازساز‘. دراوڙي ٻوليءَ ۾ به ان معنيٰ وارو اکر
آهي ’تڪان‘. سنڌي اکر ’ڊکڻ‘، دراوڙي اکر تڪان ۽
يوناني اکر تڪتان، هڪ سريکا ۽ هڪ معنيٰ وارا اکر
آهن؛ جنهنڪري سولائيءَ سان چئي سگهجي ٿو ته انهن
اکرن جو بنيادي اکر به هڪ ئي هوندو، پوءِ اهو ڊکڻ
هجي، تڪان هجي يا تڪتان هجي. تختو معنيٰ ڪاٺ جو
ٽڪرو. ڪاٺ ۽ ڊکڻ جو هڪٻئي سان اٽوٽ ناتو آهي، ان
ڪري ’تختي‘ اکر جو بنياد به ٿي سگهي ٿو ته ’ڊکڻ‘
اکر يا ’تڪتان‘ اکر جو ڪو بنيادي اکرئي هجي.
اهڙيءَ طرح ’تخت‘ معنيٰ ’سنگهاسڻ‘ اکر جو رشتو به
ان ساڳئي بنيادي اکر سان جوڙي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته
اوائل ۾ ’تخت‘ هميشـﮧ تختن (ڪاٺ جي ٽڪرن) جا جڙيل
هوندا هئا. ڪاٺ کان سواءِ ڊکڻن جو هڪ ٻيو ساٿي
هوندو آهي ’گونيا‘ نالي هڪ اوزا، جنهن کي سولي
سنڌيءَ ۾ ’ڪنڊ ماپ‘ به چئبو آهي. يوناني ٻوليءَ ۾
به اهڙي اوزار جو نالو آهي ’گونيا‘ (gonia)
شايد ان اکر مان ئي سنڌي ’گوني ڪنڊ‘، يعني نوي
درجن واري ڪُنڊ (Right
angle)
نڪتي آهي. ڇو ته ’گونيا‘ اوزار به ٺهيل گوني ڪنڊ
جي اصول تي هوندو آهي.
چمڙي وڃي پر دمڙي نه وڃي
سنڌي، واپاري طبقي جا پئي رهيا آهن. وڻج ۽ واپار
لاءِ هنن ڏيهه پئي ڀيٽيا آهن. واپاري قوم کي پئسي
جو قدر جان تان گهڻو رهندو آهي، ان ڪري هو پئسو
بچائڻ تي زور ڏيندا آهن. تڏهن ته اهو مثال مشهور
ٿي ويو آهي ته ”چمڙي وڃي، پر دمڙي نه وڃي!“ پر اهو
’دمڙي‘ اکر، سنڌي ٻوليءَ خواهه ڪن ٻين هندي ٻولين
۾ آيو ڪٿان؟ يوناني قوم لاءِ چيو وڃي ٿو ته هوءَ،
سِڪي کي درهم (Drachma)
چوندي هئي. تقليب جي اصول موجب، ’درهم‘ ڦري ’دمره‘
ٿئي ٿي، جنهن مان ’دمڙه‘ جو روپ وٺڻ يقيني پيو
لڳي. ’ڙ‘، هونئن ئي ’ر ۽ هه‘ جو مليل لفظ آهي. ان
ڪري ’درهم‘ مان ئي ’دمڙي‘ لفظ ٺهيل ٿو ڏسجي. ان
لفظ مان هڪ ٻيو لفظ به جُڙيل ٿو چيو وڃي، جو آهي
’درماهه‘، جنهن کي اسين ماهيانو اُجورو (پئسن ۾)
به چوندا آهيون. ”چمڙي وڃي، پر دمڙي نه وڃي“ جو
پهاڪو به شايد گهڻو جهونوئي ٿو لڳي.
اهڙيءَ طرح ڪيترائي يوناني ۽ سنڌي اکر آهن، جي روپ
۽ معنيٰ جي لحاظ کان هڪ جهڙا آهن، جنهنڪري ائين
ٺهرائي ٿو سگهجي ته ٻنهي جو بنياد ضرور هڪ ئي
هوندو. هت اهڙا ڪي ٿورا اکر مثال طور ڏجن ٿا.
(1) يوناني ٻوليءَ ۾ هڪ لفظ آهي ’دائنو‘ (deinos).
ان جي معنيٰ آهي ’ڀوائتي روپ واري شڪل‘، ساڳيءَ
معنيٰ وارو سنڌي لفظ، ’ڏائڻ‘، ان ’دائني‘ لفظ جي
بلڪل ويجهو پيو لڳي.
(2) يوناني ٻوليءَ ۾ غير شادي شده ڇوڪريءَ کي چون
’ڪورينا‘. سنڌيءَ ۾ چون ’ڪنواري‘. يونانيءَ ۾ ان
جو ٻيو اکر آهي ڪوري (kore)،
جو پنجابي لفظ ’ڪڙيءَ‘ جي ويجهو پيو لڳي. سنڌيءَ ۾
’ڪوري‘ لفظ، ٻيءَ معنيٰ ۾ ڪم ايندو آهي. ’ڪوري
مٽڪي‘، ’ڪوري دلي‘، معنيٰ اڻ اماهيل يعني ڪم نه
آندل مٽڪي يا دلِي. ٻيءَ معنيٰ ۾ چئجي ته ’ڪنواري
مٽڪي‘ يا ’ڪنواري دلي‘، ان ڪري اهو سنڌي اکر
’ڪوري‘ (مذڪر: ڪورو) به ان يوناني ’ڪوري‘ اکر سان
ميل ٿو کائي.
(3) سنڌيءَ ۾ ’مانيءَ‘ کي ’روٽي‘ به چئون.
يونانيءَ ۾ ان لاءِ لفظ آهي ’اروٽو‘ (artos)
’آرٽو‘ جي شروعاتي الف جي حذف ٿيڻ سان باقي وڃي ٿو
’رٽو‘ بچي، جو وري تقليبي صورت ۾ ’روٽ‘ ٿيو پوي.
سنڌيءَ ۾ ’روٽي‘ لفظ کان سواءِ، ’روٽ‘ لفظ به آهي،
جنهن جي معنيٰ آهي ٿلهي روٽي، ڊَڳڙ. پر ڊَڳڙ ۽
روٽ ۾ تفاوت اهو آهي، جو روٽ لفظ، انهن کي چئون.
’روٽ‘ مهاديو جا پوڄاري، ’مهاديو جا روٽ‘ پچائيندا
آهن. اهڙيءَ طرح ديويءَ جا پوڄاري، ’ديويءَ جي
روٽن‘ سان ڀوڳ لڳائيندا آهن.
دراوڙي ٻوليءَ ۾ ’روٽي‘ لفظ جو روپ آهي ’دوٽي‘،
جنهن مان پشتو ٻولي ڳالهائيندڙن پنهنجو لفظ
’ڊوڊئي‘ ٺاهي ڇڏيو آهي. ان ’ڊوڊئي‘ لفظ جي بنياد
تي ئي سنڌي لفظ ’ڍوڍو‘ نڪتو آهي. ڀيرومل مهر چند
آڏ واڻي، ’ڍوڍي‘ لفظ جو بنياد، پشتو ٻولي ڄاڻايو
آهي. (ڏسو ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“). پر حقيقت اها
آهي جو’ڍوڍي‘ جو بنياد به ’روٽي‘ لفظ ئي پيو ڏسجي.
(4) يوناني لفظ ’تتو‘ (Tito)
معنيٰ ’ڏينهن‘. سورج جي روشنيءَ ڪري، ڏينهن اڪثر
گرم هوندو آهي. ان ڪري ’تتو‘ لفظ جي معنيٰ ’گرم‘
به آهي. سنڌيءَ ۾ چئون ’تَتو‘ ۽ ’تتل‘. سنڌيءَ ۾
’ڏينهن تتو‘ اصطلاح به آهي. يوناني ۽ سنڌيءَ ۾ فرق
فقط اهو آهي، جو يوناني ’تتو‘ جي پهرين ’ت‘ زير
سان آهي، ته سنڌي ’تتو‘ جي پهرين ’ت‘ زبر سان آهي.
(5) سنڌي خواهه هندي لوڪ ڪهاڻين ۾ ’نولکي هار‘ جو
ذڪر ايندو آهي. نولکوهار معنيٰ تمام قيمتي هار.
يوناني لفظ ’نشڪو‘ (Nishkos)
جومطلب به آهي تمام قيمتي هار.
(6) سنڌي، پاڻ کي ’آڪهه‘ جي نالي سان سڏيندا آهن.
يوناني ٻوليءَ جو ’اوئي ڪاس‘ (Oikas)
لفظ به ساڳي ’آڪهه‘ جهڙي معنيٰ ٿو رکي. ’س‘ ڦري
’هه‘ ٿيندي آهي، جهڙيءَ طرح ’سنڌو‘ ڦري ’هندو‘ ۽
’سنڌي‘ ڦري ’هندي‘ ٿيل آهي. ان ڪري ’آڪهه‘ به شايد
پهرين ’آڪس‘ ئي هجي، ۽ ان جو رشتو ’يوناني لفظ‘
’اوئي ڪاس‘ سان هجي. سنسڪرت جو هڪ لفظ آهي ’اوڪس‘،
جنهن جي معنيٰ آهي ’گهر، مڪان، آجهو‘. (ڏسو:
سنسڪرت شبد ارٿ)
(7) سنڌين جي هڪ ’گوسائين‘ نالي جاتي آهي، جا اڪثر
ڀٽن ۽ براهمڻن جي هوندي آهي. پهرين اهي تانترڪ
سرشتي جا پير وڪار هئا. تانترڪ سرشتي وارا، ٽوڻن
ڦيڻن ۾ وشواس رکندڙ آهن. بابا گورکناٿ ۽ بابا
مڇندرناٿ، انهيءَ تانترڪ سرشتي جا ئي پر چارڪ ٿي
گذريا آهن. سنڌ تي تانترڪ يوگين جو اثر، ڳپل وقت
کان وٺي رهيو آهي. يوناني ٻوليءَ ۾ به هڪ اکر آهي
’گوئس‘ (Geos)
جنهن جي معنيٰ آهي ’هٺ يوگي‘. ’گوئس‘ ۽
’گوسائين‘لفظ، هڪ ٻئي جي ويجهو آهن.
انهن لفظن کان سواءِ، ٻيا به ڪيترائي لفظ، ٻنهي
ٻولين جا ملندا، جن مان ڪجهه هي آهن:
يوناني لفظ
سنڌي لفظ معنيٰ Cheiaچيئه
چير سوراخ
Nanos
ننو ننڍو (وڏي جو ضد)
(طوطلي زبان ۾ ٻار، ’ننڍو‘ بدران ’ننو‘ چوندا
آهن.)
Kanna
ڪانا ڪانو
ڳنو
Chora
چور ڇوڙ
جڳهه، هنڌ، شهر
(ٿرپارڪر ضلعي ۾ ’ڇوڙ‘ نالي هڪ ڳوٺ به آهي.)
Oon
اون آنو بيدو
Pessin
پيسن پيسڻ پينهڻ
Geran
گيرن ڳورو وڏي عمر وارو
(سنڌي استريون، وڏي ڏير کي ’ڳورو‘ به چونديون آهن.
سهري کي به ’ڳورو‘ چوڻ جو رواج آهي.)
Methyo
ميٿيو ميٿيو شراب جو قسم
Meles
ميل ميلو، ميرو ڪارو، گندو
Deknynan
ديڪنين ڏيکارڻ نمائش فرمائڻ
Naein
نئن نئن ننڍڙي ندي
(يوناني ’نئين‘ اکر جو مطلب آهي پاڻيءَ جو وهڻ.)
Neros
نيرو نير پاڻي، جَل
Botane
بوٽني ٻوٽو، ٻوٽي ننڍو وڻ
Gyros
گيرو گهيرو چڪر
Kotyle
ڪويٽلي ڪٽوري برتڻ
Kylix
ڪيلڪس ڪولو وڏو پيالو
Kaushtos
ڪُشتو ڪُشتو طبيبي ڪَک.
(يوناني ’ڪُشتو‘ جو مطلب آهي جَليل. طبيبي ڪکَ
’ڪُشتو‘ به ڪنهن ڌاتوءَ يا آڌاتوءَ کي جلائي، رک
جي صورت ۾ آندو ويندو آهي.)
Kyklos
ڪيڪلو چيڪلو ٻارن جي راند جو قسم
Hygros pelos
هائيگرو پيلو گارو پُسيل مٽي
(’هائيگرو‘ معني پُسيل. ’پيلو‘ معني مٽي.
’هائيگرو‘ مان ئي ’گارو‘ نڪتل ٿو ڏسجي. باقي
’پيلو‘ سنڌيءَ ۾ ’پڻي‘، معني ’مٽي‘ ئي هوندو.)
Choiti
چئٽي چوٽي وارن جي چڳ
Siope
سيوپ چپ خاموشي
Bishan
بشان سانُ (مينهن جو مذڪر)
(لئٽن ٻوليءَ ۾ ’سانَ‘ لاءِ اکر آهي ’بسانَ‘، جو
سنڌي لفظ سان ملي ٿو.)
Poleos
پوليو پيلو ڦڪو، هنڊو
Ambrotos
امبرتو امبرت مِٺو پاڻي
Nons
نوئه ننهن پُٽ جي زال
(سنسڪرت ۾ ننهن لاءِ لفظ آهي ’سَنوشه‘. سنڌي
’ننهن‘ لفظ، سنسڪرت جي ’سنوشه‘. لفظ مان ئي نڪتل
چيو ويندو آهي، جو برابرنٿو لڳي. پنجابي ٻوليءَ ۾
به ’نونهه‘ چيو ويندو آهي.)
نحوي صورتون:
يوناني ٻوليءَ ۾ مونث بنائڻ لاءِ، ڪن لفظن جي
پٺيان ’ن‘ ملايو ويندو آهي، جهڙيءَ طرح (Hero)
جو مونث ٿيو (Heroine).
سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ن‘ جي بدران ’ڻ‘ ملائي مونث ٺاهيو
ويندو آهي. جهڙي طرح ’مالهيءَ‘ جو مونث ’مالهڻ‘،
’ڪولهيءَ‘ جو ’ڪولهڻ‘ ۽ ’جوڳيءَ‘ جو ’جوڳڻ‘.
حالت اضافت ظاهر ڪرڻ لاءِ، يوناني ٻوليءَ ۾ ’اڪو‘
پُڇڙي ملائي ويندي آهي_ مثال طور
Homerikos
معنيٰ هومر جو،
Indikos
معنيٰ هندو جو. هندي ٻوليءَ ۾ به اها ’ڪو‘ پُڇڙي
قائم آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ به اهڙي پُڇڙي نظر ايندي.
جهڙي طرح ’سيڻڪو‘ معنيٰ سيڻ جو، ’واڻڪو‘ معنيٰ
واڻئي جو ٻيا اهڙا لفظ آهن_ ڪڏڪو، کٽڪو، ڀڻڪو،
وراڪو، مڻڪو، سرڪو، بڙڪو، وغيره.
هڪ، ٻي به صفت نسبتي، سنڌيءَ ۾ يونانيءَ جي صفت
نسبتيءَ جهڙي موجود آهي. اها آهي ’آڻي‘. جهڙوڪ_
هيراڻي، آڏواڻي، شاهاڻي وغيره. يوناني، ’آڻي‘ جي
بدران ’آنه‘ ملائين. جهڙوڪ سوگديانه، ساسانيه،
لڌيانه، مگهيانه. سنڌيءَ ۾ اها ’آنه‘ ڦري، ’آنو‘
ٿي ويل آهي. مثال طور ماهيانو، لڌيانو، مردانو،
زنانو، وغيره.
سنڌيءَ جي هڪ مصدر آهي ’وڃڻ‘، معنيٰ ’راهي ٿيڻ،
رستو وٺڻ‘ (To
go)
سنسڪرت ۾ ان ’وڃڻ‘ مصدر جو بنياد عجيب ٺهرايل آهي.
يوناني ٻوليءَ ۾ به هڪ اهڙي معنيٰ واري مصدر آهي،
جا سنڌي مصدر ’وڃڻ‘ سان لڳ ڀڳ پورو ميل ٿي کائي.
اها آهي بينن
Bainen
ڌوني ڦير_ گهير (Phonetic
change)
جي اصول موجب، ’ب‘ ۽ ’و‘، هڪٻئي جي جڳهه وٺندا
آهن. ان ڪري ’وڃڻ‘ ۽ ’بينن‘ جو بنيادي لفظ به هڪ
ئي ٿي سگهي ٿو. ملتاني ٻوليءَ ۾ به چون ’ونج‘،
معنيٰ ’وڃ‘ ’وڃڻ‘ مصدر جي اصلي صورت لاءِ دليل
ڏيندي، سنڌ جي هڪ محقق، محترم سراج الحق، ”نئين
زندگي“ رسالي جي مارچ ۱۹۶۵ع واري پرچي ۾ لکيو آهي
ته ”ان جي اصلي صورت، ان جي ماضيءَ ۾، مستقبل مان
ڳولي سگهجي ٿي.“ ’ويو‘ ۽ ’ويندو‘ لفظن مان تقابلي
صورت ۾، حال ۽ امر ٿيندو ’ونءُ‘، ’وانءُ‘ (يا
وانئڻ)؛ ۽ ان جي مصدر ٿيڻ گهرجي ’ونئڻ‘ ’وانئڻ‘
سنڌيءَ ’ن‘ کي گهڻي قدر ’ڻ‘ ۾ بدلايو آهي. ان ڪري
’ونئڻ‘، ’ونئڻ‘ به ٿي سگهي ٿو، ۽ ان حالت ۾ يوناني
مصدر ’بينن‘ ۽ سنڌي مصدر ’ونڻڻ‘ (ونئن) ۾ فرق گهٽ
آهي.
تازو آيل اکر:
سنڌي ٻوليءَ ۾، عربن جي وقت کان پوءِ به ڪي اهڙا
لفظ آيل آهن، جن جو آد اسين عربي يا ترڪي ٻولين کي
ئي پيا سمجهندا آهيون، پر حقيقت ۾ اهي لفظ يوناني
ٻوليءَ مان پهرين عربيءَ يا ترڪي ٻولين ۾ آيا ۽
پوءِ سنڌيءَ ۽ ٻين هندي ٻولين ۾ داخل ٿي ويا اهڙن
لفظن مان ڪجهه لفظ هتي ڏجن ٿا. (1) قانون معنيٰ
قاعدو. اهو عربي ٻوليءَ جو لفظ چيو ويندو آهي، پر
حقيقت ۾ اهو لفظ يوناني ٻوليءَ ۾ هو ’ڪانون‘ (Kanun)
۽ اتي اوائل ۾ ان جي معنيٰ هئي ’لَٺ‘. چئبو آهي ته
’جنهن جي لَٺ، تنهن جو حڪم‘ ۽ ’ڏاڍي جي لٺ کي ٻه
مٿا!‘ اهڙيءَ طرح لَٺ حڪم کي، ۽ حڪم مڃتا کي، ۽
مڃتا وري قانون کي جنم ڏنو، جنهن جو مطلب ٿيو
قاعدو.
(2) دفتر معنيٰ آفيس، ڪم ڪرڻ جي جڳهه. اهو به عربي
لفظ ٺهرايل آهي_ يونانيءَ ۾ ان جهڙو لفظ آهي
’دفٿرا‘ (Thephthera)،
جنهن جو اوائل ۾ مطلب هو ’سنهو ڪاغذ جو لکڻ ۾
اچي.‘ دفتر يعني آفيس جو ڪاروبار پنن تي ئي هلندو
آهي. آفيسن ۾ پنا ئي ڪارا ڪيا ويندا آهن. ان ڪري
دفتر پوءِ آفيس جي صورت ۾ ڪتب اچڻ لڳو. سنڌيءَ ۾
ان جي اوائلي معنيٰ به اڃا تائين قائم آهي. هڪ
اصطلاح آهي ’دفتر ڌوپي وڃڻ‘، معنيٰ ’ليکو چو کو
ختم ٿي وڃڻ‘. ٻي چوڻي آهي ’دفتر ئي ڪتا کڻي ويس‘،
معنيٰ عقل هليو ويس.
(3) صوفي، هڪ متو آهي، جنهن جا پيروڪار_ سنڌ ۾
شاهه، سچل، روحل، بيدل، بيڪس_ هئا. هندن ۾ بيوس ۽
ڊاڪٽر روچلداس، صوفي مت وارا ليکيا ويندا هئا. اهو
’صوفي‘ لفظ به عربي ٻوليءَ جو چيو ويندو آهي، جنهن
۾ ان جون ٻه_ ٽي معنائون ٻڌايون وينديون آهن.
’صوفي‘ معنيٰ گهرو ڪپڙو (صوفه) پهريندڙ‘ به هڪ
اهڙي معنيٰ آهي، يعني ’پشمينه پوش‘، پر يونانيءَ ۾
ان جهڙو لفظ آهي ’سوفو‘ (Sophos)
۽ مطلب اٿس ’سياڻو‘.
(4) طلسم معنيٰ جادو. ان جو عربي روپ ’طلسم‘ ئي
ٺهرايل آهي. پر يونانيءَ ۾ ان جهڙو لفظ آهي
’تلسمو‘ (Telesmos)
معنيٰ ’جادو‘.
(5) تابوت، اسلامي روايت جي نشاني. آهي، ۽ ان ڪري
عربي بنياد وارو ئي لفظ هجڻ گهرجي. پر ان معنيٰ
جهڙو يونانيءَ ٻوليءَ ۾ لفظ آهي ’تاڦو‘ (Tophos).
اهڙيءَ طرح ’ڪفن،‘ جو عربي لفظ چيو ويندو آهي. ان
جهڙي معنيٰ رکندڙ لفظ، يونانيءَ ۾ به آهي،
’ڪوفينو‘ (Kophinos).
ڪن ڌرين وري اسلامي لفظ ’حج‘ جو رشتو به يونانيءَ
لفظ ’حاجيو‘ (Hagios)
سان ڏيکاريو آهي، جنهن کي يوناني ٻوليءَ ۾ به ڌرمي
حيثيت حاصل آهي.
(6) فانوس معنيٰ بتي. ان جو عربي روپ آهي ’فانوس‘.
عجب جو يوناني ٻوليءَ ۾ به ’فانوس‘ (Phanos)
جو مطلب ڪڍيو ويو آهي ’بتي‘.
هڪ سابق گورنر سنڌ
سنڌي رسم الخط جي تاريخ
(سنڌي رسم الخط تي، هيٺ آيل مختصر مضمون، سنڌ جي
هڪ سابق انگريز گورنر جو لکيل آهي. ان جي اشاعت
تي، علامه سيد سلمان ندوي هڪ مختصر نوٽ پڻ لکيو
هو. اهو نوٽ ۽ مضمون، ’مهراڻ‘ ۾ پيش ڪجن ٿا_
ادارو)
سيد سلمان ندويءَ جي قلم مان:
سنڌ جو گورنر صاحب، شايد سنڌ جي مسلمانن جي محبت
به تحفي ۾ پاڻ سان کنيو آيو آهي. اگرچه، انگريزن
کي مقامي ۽ ملڪي حالتن سان مطابقت رکي هلڻ ۾ ڪابه
دير نه لڳندي آهي.
سنڌي رسم الخط متعلق گورنر صاحب جو ڪجهه به لکيو
آهي، اهو گهڻي ڀاڱي درست معلوم ٿو ٿئي. ۳٧۵هه ۾
عرب سياح، مقدسي هت آيو هو. ان لکيو آهي ته ”هتي
جي زبان ’سنڌي‘ آهي، پر فارسي ۽ عربي به مروّج
آهي. اصل ۾ هي صوبو ڪافي مدت تائين، ايرانين جي
ماتحت پڻ رهيو آهي. ايراني اثر، عربن کان به گهڻو
اڳ هت موجود هو. عربن جي اچڻ تي، عربي لفظن جي
ملاوت ٿي. چنانچه اسان کي تعجب ٿو ٿئي ته سنڌي
ٻوليءَ ۾، ’پياز‘ کي ’بصل‘ ۽ پهاڙ کي ’جبل‘ چيو
وڃي ٿو، اهي ٻئي خالص عربي لفظ آهن.“ ان طرح پنجين
صديءَ هجريءَ جي اوائل ۾ هت ابوريحان بيروني آيو ۽
ڪيئي سال مقيم رهيو. ان پنهنجي ”ڪتاب الهند“ ۾، جي
’هندي لَفَظ‘ ڄاڻائي لکيا آهن، انهن لاءِ، محقق
عالمن جو چوڻ آهي ته اهي سڀ ’سنڌي‘ لفظ آهن. البت
علمي ۽ مذهبي مسئلن ۾ آيل اصطلاح سنسڪرت جا آهن.
جن مسلمانن جي زبان، عربي يا فارسي هئي، اهي عربي
رسم الخط ۾ لکندا هئا. فارسي نستعليق خط نائين صدي
هجريءَ ۾ پيدا ٿيو. خيال آهي ته جو ڪجهه به
’سنڌيءَ‘ ۾ لکيو ويندو هو، اهو عربي خط ۾ ئي لکيو
هو. نستعليق فارسي رسم الخط، رڳو مغل دربارن ۽
دفترن ۾ رائج هو، ورنه بنگال ۾ بنگالي، دکن ۾ دکني
۽ گجرات ۾ گجراتي ٻولين ۾ جو ڪجهه به مسلمان لکندا
هئا، اهو عربي خط ۾ ئي لکيو ويندو هو.
ڪجهه وقت ٿيو ته ڪلڪتي ايجوڪيشنل ڪانفرنس ۾ بنگالي
زبان جو هڪ ضخيم ڪتاب پيش ڪيو ويو، جنهن کي مون به
ڏٺو هو. اهو سارو ڪتاب عربي رسم الخط ۾ لکيل هو.
ان طرح سلطان قطب شاهه وغيره جا ديوان دکني ٻوليءَ
۾ آهن، پر خط عربي اٿن. گجراتي ڪتاب به مون ان خط
۾ ڏٺا آهن.
اهو ساڳيو حال سنڌي ٻوليءَ جو به هو. اگرچه دربار
جي زبان فارسي هئي، پر خط عربي آميز هو. انگريزن
جي اچڻ وقت به اها ئي صورتحال هئي. انهن جي مقابلي
۾، هندو جن جو شاهي دربارن سان اڃا تعلق نه پيدا
ٿيو هو، انهن وٽ هندي رسم الخط موجود هو. جڏهن
انگريزن فارسيءَ کي بيدخل ڪيو، تڏهن هندستان ۾
اردوءَ کي دفتري زبان قرار ڏئي، اردو_ هندي رسم
الخط کي قبول ڪيو ويو. ان طرح سنڌ ۾ عربي ۽ هندي،
ٻئي رسم الخط، مسلمان ۽ هندو استعمال ڪندا هئا.
گورنر صاحب جي لکڻ موجب، انگريز آفيسرن مان، هڪ
عربي رسم الخط کي ۽ ٻئي هندي رسم الخط کي پيش ڪيو،
پر اتفاق ۽ بخت جي ڳالهه چئجي جو سنڌ جي مسلمانن
جي گهڻائيءَ جي ڪري عربي رسم الخط جي تجويز ڪامياب
ٿي ۽ انگريزن جي اثر ۽ دلچسپيءَ جو نتيجو اهو
نڪتو، جو هندن به مجبور ٿي ڪري، ان رسم الخط کي
قبول ڪيو. ليڪن سنڌي هندن ۾ اڄ تائين، ان جي خلاف
تحريڪون اٿنديون رهيون آهن، بلڪل ائين جيئن سکن
فارسي رسم الخط کي ته قبول ڪيو آهي، پر هُو گورمکي
لاءِ به ڪوشش ۾ مشغول آهن.
گورنر جي قلم مان:
(1) عام طرح سان، عام ماڻهن کي اهو معلوم نه آهي
ته سنڌي حروف تهجي ۽ سندن تحريري زبان جي لاءِ،
سنڌ، پنهنجي انگريز حاڪمن جي مرهون منت آهي!
جڏهن سر چارلس نيپئر، سنڌ فتح ڪئي، ان وقت ملڪ ۾
خود پنهنجي هڪ مستقل زبان موجود هئي، پر ان جي
لاءِ حروف تهجي ڪين هئا، جي هوند عام طور تي رائج
ٿي سگهن. ان دور ۾ عام تحريري ڪم ڪار هندو منشي
ڪندا هئا. هندو پنهنجي تحريرن ۾، فارسي رسم الخط ۾
فارسي ۽ سنڌي زبانن کي گڏي_ سڏي لکندا هئا. اهو
مخلوط خط به ڳچ وقت کان رائج هو. ڪتاب ”ابولحسن جي
سنڌي“، جنهن کي انگريزن جي اچڻ وقت، ملا مسجدن ۾
پڙهائيندا هئا، سو اصل ۾ بامحاوري سنڌي ٻوليءَ کي،
عربي حروف تهجيءَ ۾ لکڻ جي هڪ ڪوشش هئي. ان طرح
واٽن جو، ”گرامر آف سنڌي“ جو به اهوئي مقصد هو.
اهو ڪتاب ۱۸۶۶ع ۾ عربي رسم الخط ۾، انهن پوليٽيڪل
آفيسرن لاءِ تيار ڪرايو ويو هو، جي سنڌ جي حاڪمن
جي دربارن سان وابسته هئا. ان وقت، هندو واپارين
وٽ، حساب ڪتاب جي لاءِ، هڪ قسم جو ديونا گري رسم
الخط چالو هو.
(2) سنڌ جي فتح کان پوءِ جڏهن اٺ سال کن مس گذريا،
تڏهن سربارٽل فريئر، سنڌ جون واڳون سنڀاليون. ان
وقت فقط ٻه اهڙا آفيسر ملي سگهيا، جي سنڌي ٻولي
ڳالهائي ٿي سگهيا؛ پر انهن جي ڪلارڪن ۾ ڪي به اهڙا
ٻه چار ڪين ٿي ملي سگهيا، جن کي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾
مهارت حاصل هجي. ان صورت ۾ سول حاڪمن لاءِ اهو حڪم
ڪڍيو ويو ته هو سنڌي زبان ۾ امتحان پاس ڪن. انهن
حالتن ۾ ٻيو اهم مسئلو اهو پيدا ٿيو ته سنڌي زبان
۾ سرڪاري لکپڙهه ته ڪئي وڃي، پر ان لاءِ ڪو حروف
تهجيءَ جو مقرر اصول ٺاهيو وڃي.
ان لاءِ، صرف ٻن آفيسرن کي، جي سنڌي زبان ڄاڻندا
هئا، تن کي راءِ ڏيڻ جو حق ڏنو ويو. هڪ هو ڪيپٽن
رچرڊ ۽ ٻيو هو ڪيپٽن اسٽيڪ. پر بدقسمتي اها پيدا
ٿي، ته هن مسئلي ۾، ٻنهن ۾ اختلاف پيدا ٿيو. رچرڊ،
عربي رسم الخط جي حمايت ۾ هو، ۽ اسٽيڪ، هندي رسم
الخط جي حق ۾ هو. اهو هندي رسم الخط اڳيئي سنڌ جي
هندو واپارين ۾ مروج هو. ان اختلاف کي ڏسي، فريئر
به نسلي ۽ قومي پهلوءَ کي اڳيان رکي، پريشان رهيو.
کيس اهو خطرو محسوس ٿيو ته هندو، عربي رسم الخط
سکڻ لاءِ تيار نه ٿيندا ۽ مسلمان وري هندي رسم
الخط کي استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪندا. ان کان پوءِ،
اهو فيصلو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس
جي حڪم تي عربي حروف تهجيءَ جي حق ۾ ڪيو ويو.
ان فيصلي اچڻ تي، سرفريئر، حيدرآباد جي ڪليڪٽر
ايلس کي اهو ڪم سپرد ڪيو ته هو عربي حروف تهَجيءَ
کي تيار ڪرائي. موجوده عربي سنڌي حروف ان جي ڪوشش
جو نتيجو آهن. پر سنڌيءَ ۾ ٻاونجاهه حروف آهن ۽ ان
جي مقابلي ۾ عربيءَ ۾ رڳا اڻٽيهه حرف آهن. ان
سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لهجن ۽ انهن جي صوتي اثرات
۽ خصوصيات کي قائم رکڻ لاءِ، ان گهٽتائيءَ کي
’ٽٻڪن‘ جي وسيلي سان، پورو ڪيو ويو.
(3) ان نئين رسم الخط، نهايت تيزيءَ سان ترقي ڪئي.
اهوئي ڪارڻ آهي، جو پوءِ ستت ئي، سنڌي ٻولي، صوبي
جي سرڪاري زبان قرار ڏني ويئي ۽ سرڪاري دفترن مان
فارسيءَ کي خارج ڪيو ويو. ان هوندي به هڪ غلط ۽
نامناسب ڪوشش به تسليم ڪئي ويئي ۽ چيو ويو ته هندن
جي استعمال لاءِ ڀلي هندي حروف تهجي بنايا وڃن.
اگر ائين نه ڪيو وڃي ها ته پوءِ، عربي سنڌي رسم
الخط جي فضيلت تسليم ڪئي وڃي ها. ان نئين ۽ غلط
تحريڪ جو باني، هڪ دکني برهمڻ، مسٽر نارائڻ جگن
ناٿ واڊيا هو، جنهن کي بمبئيءَ جي سرڪار، سنڌ جو
ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ڪري اماڻيو هو.
(4) هت اها ڳالهه به صاف ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان، ته
۱۸٧۲ع تائين ۽ ان کان پوءِ ايجوڪيشنل انسپيڪٽر
اڃا مقرر نه ڪيا ويا هئا؛ بلڪ ان عهدي جا ڪم به
يورپين آفيسرن جي سپرد ڪيا ويا هئا، جي ٻين اهم
ڪمن جي مقابلي ۾، تعليمي ڪم ڪار سان ڪابه دلچسپي
وٺي نه ٿي سگهيا. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو مسٽر
واڊيا، جو سنڌ ۾ پورا ۲۵ سال رهيو، سو ان مسئلي
مان ناجائز فائدي وٺندي، هندو حروف تهجيءَ جي باري
۾، پوري زور شور سان، تجربا ڪندو رهيو. هُن پنهنجن
تجربن سان، حروف علت جا ڪيترا وڌيڪ حرف تيار ڪرايا
۽ انهن جي مدد سان، ترقي ڏيندي، هڪ معياري رسم
الخط ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيو. ان کان پوءِ ۱۸۶۸ع ۾
انهن نون حرفن کي اسڪولن ۾ رائج ڪرڻ لاءِ بمبئي
سرڪار کي آماده ڪيو ويو. ان سلسلي ۾، ڪيتريون
رعايتون ۽ سهولتون پڻ حاصل ڪيون ويون.
ان سلسلي ۾، ٻوليءَ کي سکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ، خاص
نموني جا اسڪول کوليا ويا. جي ماستر تربيت حاصل
ڪري رهيا هئا ۽ ٽريننگ وارن ادارن ۾ هئا، انهن کي
مجبور ڪيو ويو ته هو پاڻ، نئون رسم الخط سکن ۽
پوءِ شاگردن کي سيکارين. ان طرح اها به ڪوشش ڪئي
ويئي ته ميونسپالٽيءَ جي رقبي ۾ ايندڙ سڀني اسڪولن
کي هڪ نظام ۾ آندو وڃي، باوجود ان جي ته اسڪولن جو
سارو خرچ پکو، گڏيل مالگذاري ۽ ڍل مان هلايو ٿي
ويو. ڏهن سالن يعني ۱۸۶۰_.۱۸۷۰ع تائين، مسلمان
شاگردن جو انداز فقط ٻيڻو ٿيو، پر انهن جي مقابلي
۾ هندن جو انداز پنجوڻو رهيو.
(5) مستر مهتا جي پرجوش حمايت ۽ ڍل مان امدادي رقم
جي باوجود، ’هندي سنڌي‘ حروف تهجيءَ کي مقبول عام
بنائڻ واري مهم ناڪام ثابت ٿي. نتيجو اهو نڪتو جو
سنڌ جي اسٽنٽ ڪليڪٽر، مسٽر ڏايارام گدومل، جو پاڻ
به سنڌيءَ جو عالم هو، هن هندو سنڌي رسم الخط کي
منسوخ ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي. سفارش جي وضاحت ڪندي
اهو بيان به ڏنائين ته تجارتي جماعتون به هن نئين
خط مان بيزار ٿي پيون آهن ۽ هندن جا ٻار هن خط کي
رڳو تيستائين سکي رهيا آهن، جيستائين اسڪولن ۾
آهن. اسڪولن ڇڏڻ کان پوءِ، هو هن نئين خط کي وساري
ٿا ڇڏين، ۽ پراڻي شارٽ هينڊ واري خط کي اختيار ڪرڻ
جي ڪوشش ٿا ڪن.
هن وقت به ائين ئي ٿي رهيو آهي. هندو واپاري،
پنهنجي حساب ڪتاب لاءِ ڪي لِڪل نشان ۽ ڳجهون
علامتون ٿا رکن، جن کي فقط پاڻ ئي سمجهي ٿا سگهن،
۽ ان جي تشريح به پاڻ ئي ڪري ٿا سگهن، هو ان کي
’هٽڪي‘ ٿا سڏن. اهو لازمي ٿي پيو ته هندو واپاري،
پنهنجي ’هٽڪي‘ خط جي هوندي، ڪنهن اهڙي طرز تحرير
سان دلچسپي رکن، جنهن کي هر ڪو شخص آسانيءَ سان
سمجهي ٿي سگهيو.
مسٽر ڏيارام گدومل جي ان سفارش ۽ بيان جي تائيد،
مسٽر گائليز ڪمشنر به ڪئي نتيجو اهو نڪتو جو
سرڪاري سرپرستي ختم ٿيندي شرط، اهو هندي رسم الخط
پنهنجي موت پاڻ ئي مري ويو.
(6) ان هندي سنڌي رسم الخط جي نامبارڪ تجربي جو
هڪڙو اهو نتيجو به نڪتو ته باريڪ بين مسلمانن ۾
ناراضپو پيدا ٿيو. انهن ڏٺو ته فرقيوارانه
پروپيگنڊا کي تعليمي جوش خروش جو لباس پهرائي،
ڪيئن نه بيروني حڪومت کي گمراهه ڪيو ٿي ويو.
اڄڪلهه ان قسم جي ڪوشش ته عربي سنڌي رسم الخط جي
بجاءِ ڪو ٻيو هندي رسم الخط رائج ڪيو وڃي، محض بي
نتيجي ڳالهه ٿيندي ۽ اهڙي ڪوشش ناڪام ئي رهندي.
افسوس اهو آهي ته اڄڪلهه به اهڙا ماڻهو سنڌ ۾
موجود آهن، جي ’مسلم تهذيب‘ جي فضيلت کي لعنت ٿا
تصور ڪن ۽ ان طرح سان پنهنجي مايوس اميدن کي تقويت
ڏيندا رهن ٿا.
اٽڪل ڏهاڪو کن سال مس گذريا آهن ته هڪ ٻئي طريقي
سان، رواج ۾ آيل عربي سنڌي رسم الخط تي هڪ نئون
حملو ڪيو ويو ته هن رسم الخط مان گهٽ ۾ گهٽ نوان
سمايل حروف خارج ڪيا وڃن. نتيجو اهو نڪتو جو اهي
ابتدائي خالص سنڌي لفظ، جن جو بنياد عربي ۽ فارسي
آميزش تي رکيل هو، سي مسخ ٿي چڪا آهن. انهن مصلحين
جي خواهش اها آهي ته سنڌيءَ کي ٻيهر ان جي ابتدائي
خوبصورت شڪل ۾ آندو وڃي، ان لاءِ مناسب آهي ته
عربي ۽ فارسي مادن مان نڪتل سڀ لفظ، جن سان سنڌي
زبان مالا مال ٿي چڪي هئي، سڀ خارج ڪيا وڃن، ۽ ان
جي صرفي قاعدن ۽ جملن جي آخري حرفن ۾ به تبديلي
آندي وڃي؛ ڇو ته اهو سڀڪجهه ان قابل نفرت بنياد جو
ياد گار آهي، جڏهن سنڌي عربي رسم الخط کي ٺاهيو
ويو، ان طرح ٻيا زائد حروف به بلڪل ڪڍيا وڃن.
(7) جڏهن ته اڄ اهڙا ڪيئي فرقه پرست، خواب جي دنيا
۾ موجود آهن. تنهنڪري، اهڙن اختلافن ۽ نقصان
رسائيندڙ رڪاوٽن ڏانهن اشارو ڪرڻ مناسب نظر آيو.
اڄ هڪ اهڙي شخص جي ضرورت آهي، جو هن نئين ۽
خوبصورت زبان کان واقف هجي ۽ ان جي خدمت لاءِ
آماده ٿئي ۽ پنهنجون سڀ ڪوششون ان ۾ لڳائي ۽ چوي
ته ”مان هن زبان جي سيکارڻ لاءِ پنهنجون سڀ قوتون
صرف ڪندس.“
_(”معارف“ اعظم ڳڙه نمبر ۶_جلد ۵۸) |