سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1967ع

مضمون:

صفحو :19

تنهن کان پوءِ، ديوان ڪيولرام سلامتراءِ، پنهنجو مشهور حڪمت آميز آکاڻين جو ڪتاب ”سوکڙي“، ۽ اخلاقي ٽوٽڪن ۽ نقلن جو مجموعو ”گل“ (۱۸۶۴ع_۱۸۷۱ع) ۾ لکيا، جي تعليم کاتي جي ڪن رنڊڪن ڪري (سندس پهاڪن جي ڪتاب ”گل شڪر“ وانگر) سالها پوءِ ۱۹۰۵ع ۾ ڇپايا ويا. ديوان ڪيولرام جي عبارت پڻ قديم اصطلاح واري آهي ۽ نبار سنڌي نثر جو نمونو آهي. ”گل“ مان ديوان صاحب جي لکڻيءَ جو مثال ڏجي ٿو:

”هڪڙي ڀيري هڪ ملڪ جو هڪ اڳوڻو راجا جبل ۾ شڪار لاءِ ويو. هڪڙو سندس صاحب گهمندو ڦرندو هڪڙي فقير وٽ، جو سڃ ۾ هڪڙي جبل جي چُر ۾ دونهين ٻاريو ويٺو هو، وڃي نڪتو. فقير ان امير کي ڳالهه ڪري ٻڌائي، ته آءُ فلاڻي ڀاڳئي جو ٻڪرار هوس؛ جاسين ٻڪرين کي چڱيءَ طرح سنڀاليم ٿي، تاسين ڀاڳئي مانَ ۽ ڀاوَ سان پيٽ ڪپڙو ڏنو ٿي. پر ڳچ ڏهاڙن کان پوءِ نشي پيڻ جي هير ٿيم، جنهن ڪري ڌڻ جي ٽهل پوري ڪري نه سگهيس. تنهن کان ٻڪريون ڏٻريون ٿيون ۽ بگهڙن گدڙن کاڌيون، تڏهن ڀاڳئي ٻيو ٻڪرار رکي مون کي لوڌي ڇڏيو؛ جو هاڻ ٽُڪر لاءِ وتان در در ڀٽڪندو. تنهن وانگي تنهنجو راجا پڻ ڌڻيءَ جي در جو ڌنار آهي، سو جي ڌڻ کي چڱيءَ طرح پاليندو ته واهه نه ته مون وانگي ٿيندو. مسلمانن جي نبي صاحب فرمايو آهي ته راجا کي نياوَ جو هڪڙو ڏهاڙو سٺ ورهين جي عبادت بجاءِ آهي.“

Text Box: 317

”سوکڙي“ جي پڄاڻيءَ ۾ ديوان ڪيولرام هي نهٺائيءَ سياڻپ جا لفظ، دلپذير تشبيهي نوع ۾ لکيا هئا:

”هن ڪتاب کي ڏاکڙي سان لکيو اٿم. جيتوڙي ته منجهس ڳالهيون ڪچيون ڦڪيون آيون آهن؛ پر سندس مطلب گهڻو سپڪ ۽ سوادي آهي، جهڙو ڪڙيءَ باداميءَ جو تيل. تنهن ۾ ڳالهين جي ڪچائيءَ کي ڏسڻ نه گهرجي ۽ سندن حاصل ئي ڏسجي، جهڙيءَ پر اَڪ ۾ ماکي ڏسي اَڪ جي ڪڙائيءَ کي نه نهاري ماکي لاهجي؛ سو ڇو ته ڪم ماکيءَ سان آهي. تنهن وانگر ڳالهين جي ڪچائيءَ تي باداميءَ جي ڪڙائيءَ ۽ اَڪ جي کاراڻيءَ طرح ڌيان نه ڪري مطلب جو تيل ۽ ماکي هٿ ڪبا ته گهڻن ڏکن جي ڏوار لاءِ ٻُڪِي ٿيندي. ۽ هن ڪم ۾ ڳالهين جي ڪچائيءَ ڏي ڏسڻ اهڙو آهي جهڙو مک سڄو بُت ڇڏي ڦٽ تي وهي! تنهڪري چڱو هي آهي ته ڀنور وانگي ڳالهين جي جهنگ مان ڳڻن جو واس وٺجي.“

۱۸۹۰ع ۾ مرزا قليچ بيگ، مشهور (Lamb,s tales from Shakespeare) جو ترجمو ”دلپسند قصا“ نالي سان ٻن ڀاڱن ۾ ڇپايو هو. صديءَ جي آخر ۾، ساڳئي ”دلپسند قصا“ نالي سان ٻيو هڪ وندرائيندڙ ڪهاڻين جو ڪتاب، روچيرام گجومل ڪرپالاڻيءَ جو لکيل پڻ نڪتو هو. مرزا صاحب، ادب جي ٻين شاخن سان گڏوگڏ، پچاڙيءَ تائين آکاڻيون به لکندو آيو، جن مان ڪي هيون: ”شيطان جي ناني“، ”ڪاد مبري“ (سنسڪرت تان_ ۱۹۱۶ع)، ”دل جو آرام ۽ عجيب دوا“ (انگريزيءَ تان_ ۱۹۱۶ع)، ”دل وندرائيندڙ ڳالهيون“ (۱۹۱۸ع)، ”هندستان جون ديسي آکاڻيون“ (۱۹۱۹)، ”ڪريسِس“ (يوناني تاريخي ڳالهه_ ۱۹۲۳)، ۽ ”گلابي جوڙو“ (”حسينا“ ۽ ”ساوتري“_ ۱۹۲۶). مرزا قليچ بيگ، هڪ ٻاراڻين آکاڻين جو ڪتاب به لکيو هو، ”ٻاراڻا گل ڦل“ (۱۹۱۸).

۱۸۹۰ع ۾ ساڌو هيرانند، پهرين سنڌي سماجڪ ۽ تعليمي مخزن ”سرسوتي“ جاري ڪئي هئي، جا سندس برپا ڪيل اڪيڊمي اسڪول مان نڪرندي هئي، ۽ جنهن ۾ سندس ليکي سان گڏوگڏ، ديوان ديارام، بولچند ڪوڏومل ۽ ٻين برک لکندڙن جا مضمون ۽ ڪهاڻيون به پونديون هيون. بولچند ڪوڏومل جون (Grimms Fairy Tales) تان ترجمو ڪيل ٻه سهڻيون آکاڻيون ”سرسوتي“ ۾ ڇپيون هيون: هڪڙي (Cenderella) تان ورتل ”اُماڙيءَ جي ڳالهه“ ۽ ٻي (Snow Drop) تان ورتل. اُن مخزن مان، ساڌو هيرانند جا سکيا دائڪ لطيفا ۽ مثالي ڪهاڻيون، گهڻو پوءِ ڪٺيون ڪري، ڀيرومل مهرچند، ”هيري جون ڪڻيون“ (۱۹۲۶) نالي ڪتاب ڇپايو هو، جنهن مان ساڌو هيرانند جو مثال، پوربي خواهه پڇمي ادبي اڀياس ۾ پڌرو آهي. سندس چالو زماني جي سليس سنڌيءَ جو هڪ نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

Text Box: 319

 

”سر والٽر سڪاٽ نالي هڪ مشهور عالم لکيو آهي ته جڏهن مان اسڪول ۾ پڙهندو هوس، تڏهن منهنجو هڪ ڪلاسي هو، جو سدائين پهريون نمبر وٺندو هو. مون گهڻي ئي مٿا هنيا، ته ڪنهن ڊول سان هن کان مٿي وهان، ڪيترائي ڏينهن نبري ويا، پر هيءُ پهريون نمبر ڇڏي ئي نه. آخر مون جاچ ڪري معلوم ڪيو ته جڏهن انهيءَ ڇوڪري کان ماستر سوال ٿو پڇي، تڏهن جواب ڏيڻ مهل پنهنجي ڪوٽ جي وچين ٻيڙي کي ڦيرائڻ جي هن کي عادت آهي. مون سمجهيو ته هن کان نمبر کسڻ لاءِ اها تجويز چڱي ٿيندي، جو اهو ٻيڙو ڪڍي وٺجيس. اٽڪل ڪري ڪنهن مهل، اوچتو مون اهو ٻيڙو ڇني ڪڍيس ۽ پوءِ منتظر ٿي ويٺس ته ڏسان ته کيڏ جو نتيجو ڪهڙو ٿو نڪري!“

 

۱۸۹۰ع ۾ گرداسمل ڪرپالاڻيءَ، مشهور هندي آکاڻين جو ڪتاب ”بتيال پچِيس“ (۱۲۵ آکاڻيون)، الف_ ليليٰ واري طرز تي لکيل، ترجمو ڪري ليٿو ۾ ڇيايو هو. ساڳئي وقت ڌاري ديوان هيرانند کيمسنگ· جي مهاڀارت تان ورتل آکاڻي ”ساوتري“ به پڌري ٿي هئي، ڪوڙيمل چندنمل، سنڌيءَ ۾ پهريون اصلوڪيون ”ٻاراڻيون آکاڻيون“ لکيون هيون، جن مان سندس سرل ٻاراڻي ٻوليءَ ۾ آکاڻي کڻڻ جو ڍنگ ڏيکارجي ٿو:

”هڪڙو هو جهنگ، انهيءَ جهنگ ۾ هيءَ“ ٻه هرڻيي هڪڙي هئي وڏي ٻي هئي ننڍڙي، وڏي هرڻي هئي ننڍڙي هرڻيءَ جي ماءُ. هڪڙي ڏينهن اُڀ ۾ گهڻا ڪڪر ٿيا ۽ واءُ لڳو، وڏيءَ هرڻيءَ چيو ننڍڙيءَ کي، ’اڄ مان جهنگ کان ٻاهر ڪين وينديس. اڄ ڏينهن آهي ٿڌو، سو ماڻهو بندوق کڻي ايندا شڪار ڪرڻ ۽ هرڻي ڏسندا ته بندوق هڻي ماري وجهندا، تون به اڄ ٻاهر متان نڪري!‘ پر ننڍڙيءَ هرڻيءَ ماءُ جو چيو ڪين ڪيو.“

۱۹۰۲ع ۾، ديوان صاحب ”ڦول مالا“ لکيو، جنهن ۾ سکيا ڀريون ڪٿائون ڏنل هيون. ۱۹۰۵ع ۾ هڪ اخلاقي آکاڻي ”ريوتِي“ لکيائين، ۽ ۱۹۰۶ع ۾ ڌرمي آکاڻي ”سُريِتي ۽ سُنيتِي“ لکيائين. ۱۹۰۶ع ۾ ”ٽهڪ ئي ٽهڪ“ لکيائين، جو سنڌيءَ ۾ پهريون مذاقي ٽوٽڪن جو مجموعو هو. اوڻهينءَ صديءَ جي آخر ۾، ساڌو هيرانند سان گڏ، ديوان ڪوڙومل به، بنگالي سماجڪ ۽ ساهتڪ جاڳرتا جي اثر هيٺ آيو هو، جا راجارام موهنراءِ جاري ڪئي هئي. ديوان صاحب ٻرڌ اوستا ۾ بنگالي سکي، بنڪم چندر چئٽرجيءَ جون پنگتي آکاڻيون: ”راڌاراڻي“ (۱۹۱۴)، ”انڌيرا“ ۽ ”ٻه منڊيون“ (۱۹۱۶)، ۽ شريمتي گهوشال (ٽاگور جي ڀيڻ) جو ناول (Faral Garland) آکاڻيءَ جي صورت ۾ ”ندورو هار“ نالي سان سنڌيءَ ۾ آندو. مائي بلئو ٽسڪيءَ جي انگريزيءَ تان ورتل سندس آکاڻي، ”کير جو کير، پاڻيءَ جو پاڻي“ (۱۹۱۵) ۾، ”سنڌي ساهت سوسائٽيءَ“ جي ماهوار رسالي ۾ ڇپي هئي، جو سنڌي ادب جو پهريون ماهوار رسالو، ۱۹۱۴ ۾ لعلچند امر ڏنيمل جاري ڪيو هو. ساڳي آکاڻي، گهڻو پوءِ، ”ڪوڙومل ساهت منڊل“ ”ڪرم ڦل“ نالي سان ڇپائي، پر غلط خبر ڏنل هئي ته اها آکاڻي بنڪم چندر تان ورتل آهي. ساڳئي منڊل، ديوان صاحب جي مٿين آکاڻين مان ٽن جو مجموعو ”ٽڙندڙ مکڙيون“ (۱۹۴۶) نالي پڻ ڇپايو هو، جنهن ۾ ”ڪرم ڦل“، ”ٻه منڊيون“ ۽ ”راڌا راڻي“ وڌل هيون. باقي ”انڌيرا“، جا اصل ڄيٺمل پرسرام ”سنڌواسي“ اخبار م ڇپائي هئي، سا وري ڪانه نڪتي.

اوائلي آکاڻين جي دؤر وارا ٻيا به ڪي دلچسپ ڪتاب نڪتا هئا. هڪڙو هو، هاسارام ۽ سوڀراج ڏاسواڻيءَ جو ”سڀا جو سينگار“ (۱۸۹۴)، جو دنيا ڀرجي جهوني ۾ جهوني آکاڻين جي سنسڪرت گرنٿ ”پنج تنتر“ تان ورتل هو. اهو ڪتاب، ۽ ڪاليداس کان به آڳاٽي زماني ۾ پنڊت وشنو شرما جو لکيل هو. پنڊت نارائڻ سواميءَ جو ”هتو اپديش“، جنهن ۾ به ساڳي طرز واريون اخلاقي آکاڻيون هيون پر گهڻو پوءِ واري زماني ۾ سنسڪرت ۾ لکيل هو، تنهن جو ترجمو به جهمٽمل نارومل هن وقت ڌاري پڌرو ڪيو هو. ”پنج تنتر“ سنسڪرت تان عربيءَ ۾ ”ڪليله دمنه“ نالي سان ترجمو ٿيو هو؛ ۽ اُن جي فارسي ترجمي ”انوار سهيلي“ تان، محمد بخش واصف ۱۹۱۴ع ۾ ” گلزار چنبيلي“ نالي سان سنڌيءَ ۾ آندو هو، جو فارسي محاورن سان ڀريل هو. ۽ پڻ تازو احمد خان ’آصف‘ جو ترجمو به ڇپيو آهي. پوءِ ‎ٺاڪرداس ٿڌاڻيءَ اُن کي سليس سنڌيءَ ۾ آڻي ساڳئي نالي سان، عرف ”عقل جون ڪنجيون“ ڪوٺي ڇپايو هو. هنن ڪتابن ۾ پسُن ۽ پکين دواران“ وندرائيندڙ ۽ نصيحت ڀريون ڪهاڻيون ڏنل هيون. چيو وڃي ٿو ته يوناني Aesep`s Fables پڻ ”پنج تنتر“ تان ورتل هيون، جي سڪندر اعظم جي ڪاهه کان پوءِ (عيسوي سن کان ۳ صديون اڳ)، هندستان مان يونان ۾ کڄي ويون هيون.

ٻيو جهونو ڪهاڻين جو ڪتاب هو ٽهلرام لوڪومل پنواڻيءَ جو ”واندڪائيءَ جي وندر“، جنهن ۾ ٻارن لاءِ روماني ۽ ڪرامتي آکاڻيون ڏنل هيون. اهو ڪتاب به ٻالڪپڻ ۾ اهڙي چاهه سان پڙهندا هئاسون جو کائڻ پيئڻ وسري ويندو هو، ۽ اُن مان هڪ ڪهاڻي ۾ آيل هيٺيون بيت اڃا دل تي اُڪريو بيٺو آهي:

”ڪانوَ، ڪٻريون، ڳيرا، اچي ٿيو مون ڀيڙا،

تِر اچي چونڊايو، نه ته روئڻ پٽڻ سڀ اجايو!“

 

”عجيب نقطا“ نڪتو هو، جنهن ۾ روچيرام گجَومل جون لکيل اخلاقي آکاڻيون هيون، ۽ پڇاڙيءَ ۾ وسڻمل مير چنداڻيءَ (ديوان ڏيارام جي پتا) جا جوڙيل ڪي بيت ڏنل هئا، هن ڪتاب جي عبارت نهايت نِجي ۽ گهريچي هئي.

هن دؤر جا آخرين آکاڻين جا ڪتاب هئا پر مانند ميوارام جي ”دل بهار“ (۱۹۱۲) جا چار ڀاڱا، جن ۾ سندس ”جوت“ اخبار مان ڪٺيون ڪري ڇپايل مزيدار، وندرائيندڙ ۽ نصيحت ڀريون آکاڻيون ۽ ٽوٽڪا پڙهي، کِلي کِلي کيرا ٿي پوندا هئا سون؛ پر اُنهن مان ٻئين ڀاڱي ۾ ”چتور ڪماري“ ۽ ٻي هڪ راجپوت سورهياڻيءَ جون تاريخي ڪهاڻيون ڏنل هيون. ”دل بهار“ (ڀاڱو 1) جي هڪ کلائيندڙ آکاڻيءَ مان هيٺيون ٽڪرو ڏجي ٿو، جنهن مان پرمانند صاحب جي سپڪ_ ۽ پختيءَ عبادت جي پروڙ پوندي:

Text Box: 323

 

Text Box: 322

 

”ڪي زال مرد پاڻ ۾ ٺهندا ئي ڪين هئا. ’چانڊيا مگسيا“ هوندا هئا. مرد ڌاري ڪتو ته زال ڌاري ٻلي. وري عجب ڪهڙو جو ٻلي ڪتو به پاڻ ۾ نه ٺهن! ٻارهوئي چٽاڀيٽي لڳي پيئي هوندي هين. هڪڙي ڀيري رات جو ڏاڍو اچي مينهن ڇٽڪيو. ڪتو ويڙهجي سيڙهجي ٻاهر ڍير تي پئجي رهيو هو، سو پُسي ڀت ٿي پيو. باقي ٻلي سا مزن ۾ هئي، چلهه وٽ ڪوسِي سُتي پيئي هئي. ڪنهن مهل جاڳي ته ڇا ڏسي ته ڪتو ٻاهر پيو آهي، تڏهن مسخري ڪري چوڻ لڳيس:

”مينهن وُٺو، ڪتو مُٺو، ٿيڙس بُرو حال،

آءُ ٿي مزا ماڻيان، جئن راجا سندس زال.“

وڌيڪ آکاڻي پڙهي پوري ڪرڻ سان مجال آهي جو روڪي سگهجي! مسخريءَ جي مسخري، نصيحت جي نصيحت. پرمانند صاحب، ڏيتيءَ ليتيءَ جي ٻرندڙ مسئلي تي پهرين اصلي آکاڻي ”لڇڻ وڌيڪ لڌو؟“ به لکي هئي، ۽ تنهن کان گهڻو پوءِ هڪ پنگتي آکاڻي ”هيري جي منڊي“ (۱۹۳۴)، خطن جي صورت ۾، پنهنجي سلوڻي ۽ موزون سنڌيءَ ۾ لکيائين.

نانڪرام ڌرمداس ۱۹۱۵ ۾ ٻه اخلاقي آکاڻيون ”ڌرمراءِ جي وهي“ ۽ ”جيوت جو جس“ پنهنجي پختيءَ عبارت ۾ لکيون هيون. ڏيئو مل محبوبراءِ، ۱۹۲۱ ۾ ”اخلاقي تعليم“ نالي هڪ چونپڙي ڇپائي هئي، جنهن ۾ اخلاقي آکاڻيون ڏنل هيون، جي ٻارن لاءِ وندرائيندڙ هيون ۽ سليس ٻولي ۾ به لکيل هيون. ٻال_ ساهت (Childrens Literature) ۾ هيءُ ڳاڻ ڳڻين سنڌي ڪتابن مان هڪ هو.

هن پهرئين دؤر تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته ان زماني جون گهڻيون تڻيون آکاڻيون، روماني ۽ اخلاقي هونديون هيون، جن ۾ خاص زور وندر ۽ سکيا تي ڏنل هوندو هو؛ توڻي پچاڙيءَ ۾ پنگتي سڌاري ڏانهن چٽو لاڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو_ ۽ پنگتي سڌارو، سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٻئي دؤر جي ميکه ڌارا آهي.

فضل اِلاهي انصاري  

اَکا

حلال ۽ حرام:

حلال ۽ حرام جو مسئلو نهايت آسان آهي. اڌ اکري اڻڄاڻن هروڀرو کڻي هن معاملي کي پيچيدو ڪيو آهي. هر جائز شيءَ حلال آهي. سڀڪا ناجائز ڳالهه حرام آهي. ظاهر ٿيو ته حلال جو تعلق حق سان ٿيو. حرام جي نسبت ناحق سان ٿي.

مثالي طور سمجهاڻي وڌيڪ آسان ۽ موزون ٿيندي، ان ڪري تشبيهه جو طريقو استعمال ٿا ڪريون.

اسان جي سرسبز ۽ زرخيز سرزمين ماءُ جي گود مثل آهي. جيڪي ڪجهه ان جي دامن ۾ آهي، اهو اسان جو آهي، ماءُ جو اسان جي ٿي. امڙ جي املاڪ اسان جي آهي، ڇو جو اسين سندس وارث آهيون. ان رشتي جي ڪري ماءٌ جو مال اسان جو حق ٿيو. جيڪي ماتا جو آهي سو اسان جو آهي. اسين به ته انهيءَ جا آهيون نه. ان ڪري امان جو اسباب اسان لاءِ حلال آهي. ڪنهن ماءُ جا ڪئين ٻچڙا آهن. جا شئي پهرين جنهن کي ڏنائين اها ان جي ٿي. ان تي انهيءَ هڪ جو حق ٿيو. ان جو ان کان کسڻ ناحق ٿيو. صاف ٿيو ته کسيل شيءَ ناحق جي لحاظ .کان کسيندڙ لاءِ حرام ٿي. يعني حلال ۽ حرام جو تعلق وجوهات تي مدار رکي ٿو. ساڳي شيءَ، جئن مٿي ڏيکاريو ويو آهي، هڪ لاءِ حلال ۽ ٻئي لاءِ حرام. ساڳيءَ جهوليءَ ۾ پنهنجا پراوا ٽپڙ پيل آهن. ماءُ اعلان ٿي ڪري ته ڪهڙيون شيون پرايون آهن. ان فرمان ٻڌنديئي ممنوع مال تي اولاد جو ڪو حق نه رهيو. چنانچه ان جو کڻڻ حرام ٿيو. ساڳيءَ ريت ماءُ آگاهه ٿي ڪري ته فلاڻي چيز فلاڻي ٻڇڙي جي آهي، ته ان شيءَ جو کڻڻ يا استعمال ڪرڻ، مالڪ جي اجازت کان سواءِ حرام ٿيو. حقدار پنهنجو حق ٻئي کي بخشي ته اها ٻي ڳالهه آهي.

حڪومت جو اسان تي حق ۽ اسان جا وري مٿس حق آهن. قانون، حاڪم جي حڪمت ۽ رضا آهن. ان جي انحرافي حرام آهي. حڪومت، ڪنهن خاص ڏينهن تي گوشت کائڻ منع قرار ڏنو آهي. ان ڏينهن، ان حڪومت جي تابع لاءِ گوشت کائڻ حرام آهي. جيتوڻيڪ رواجي ريت، ٻئي وقت تي گوشت کائڻ تي ڪابه بندش يا دقت ڪانهي.

طاقت حق آهي. فاتح خوانيءَ وقت عام طور چيو ويندو آهي: موَت حق آهي. موت الاهي امر آهي، انهيءَ قول ذريعي تسليم ڪيو ويو ته طاقت حق آهي. الله کي حق چوندا آهن ڇو ته رب کان وڌيڪ ڏاڍو ڪير ڪونهي. انهيءَ ڪري خدائي فرمان موجب منع ٿيل ڪم کي حرام ليکيو وڃي ٿو.

قرآني ارشاد آهي ته جا شيءَ، الله حلال يا حرام ڪئي آهي، ان کي ٻي ڪابه هستي رد نٿي ڪري سگهي. ظاهر ٿيو ته جو الله حلال ڪيو اهو حلال، جو الله حرام ڪيو اهو حرام. انسان ان فرمان کي ميٽي نٿو سگهي، ڇو ته اهڙو اعلان پڻ الاهي احڪام موجب حرام آهي. نتيجو نڪتو ته حلال ۽ حرام جي نسبت انفرادي ذهن سان وابسته ٿي نٿي سگهي. ان دائري ۾ دخل خود حرام آهي. جيجل جي دامن کي نظرانداز ڪرڻ احسان فراموشي ٿيندي

غيرت:

بيغيرت، غيرتمند جو ضد آهي. غيرت هڪ احساس آهي، هڪ جذبو آهي، جنهن وٽ هيءَ املاڪ ميسّر آهي، ان جو نالو ٿيو غيرتمند. جو هن جذبي کان خالي رهيو اهو بيغيرت ٿيو.

هوند خزانو آهي، سڃائي ذلالت. اهوئي سبب غيرتمند کي عزت بخشي ٿو ۽ بي غيرت کي بي عزت ڪري ٿو.

انساني زندگي، سماج جو اولاد ليکي ويئي آهي. آدم جي نسل، هلڻ چلڻ جي باري ۾ چند نسخا ايجاد ڪيا آهن ۽ ڪجهه پابنديون مقرر ڪيون آهن. انهن مان ڪنهن به هڪ تي چوٽ، غيرت جي لهرن ۾ اٽلون آڻي ٿي، جا ڏاڍن ۾ ڏاڍا بند ڀڃي، ناحق کي ٻوڙي غيرت جو وجود قائم رکي ٿي.

عزت، غيرت جو هڪ پهلو آهي. جڏهن به ان جي ڪا ليڪ لَٽجي ٿي، تڏهن هيڻي کان هيڻو، غيرت جي ڪوڏر کڻي مقابلي لاءِ تيار ٿئي ٿو. لڙائيءَ جو نتيجو هار يا جيت! حملي وقت حق جو ساٿ ڏيڻ غيرت چئبي. ان جهاد ۾ جان ويئي ته قربان ٿي. قربانيءَ جي پڻ غيرت سان ويجهي مائٽي ۽ پراڻي نسبت آهي!

غيرت جا مختلف پهلو آهن: ياري نباهڻ، اولاد ۽ رفيق_ حيات کي پاڪ رکڻ، مظلوم جي مدد ڪرڻ، بي زور جو بازو بنجڻ، پاڙي اوڙي جو حيا ڪرڻ، نياڻين جي نگهباني ڪرڻ، رذيل جي روڪ ٿام ڪرڻ، سچ جو ڪلمو پڙهڻ، انصاف ۽ عدل جو ساٿ ڏيڻ، واعدي جي وفا ڪرڻ، ننڍي وڏي جو ادب ڪرڻ، ڪنهن جي اڳيان به هٿ نه ٽنگڻ وغيره غيرت جا چند نمونا آهن.اَک جي بُرائي، نفس جي بيجا طلب، پنهنجي پرائي جي پروڙ ڇڏڻ، پنڻ ڪوڙ، خوشامند_ لنڊي يا ڊگهي، گلا ۽ حرص جي بيجا پورائي، بي غيرتيءَ جا چند مثال آهن.

غيرت شان آهي ۽ بيغيرتي رسوائي غيرت هڪ املهه هيرو آهي بي بها هيرو، جنهن اڳيان ڪوهه نور پڻ ڪا قيمت نٿو رکي. فقط پئسو دولت ناهي. رپيا ته رنڊين وٽ به رهن ٿا ۽ ڀَڙون جا به کيسا ڀريو وتن. غيرت ته جهونپڙيءَ ۾ به گذاري ٿي. محلن ۾ اڪثر بيزار نظر ايندي آهي.

غيرت جو ڪردار عظيم ۽ عزيز آهي سندس گردن هميشـﮧ اُوچو رهي ٿو، ڪڏهن به ڪنڌ ڪيري نٿي. بيغيرت جو سر سدائين سجدي ۾!

غيرت قدرتي پيدائش آهي هيءَ حقيقت بزار ۾ وڪجي نٿي. ڪوٽن ۾ به ملندي، پر اڪثر سندس رهائش غربت جي دائري ۾ ٿئي ٿي. دولت  غيرت کي کائيندي آهي، ان ڪري ڪوٽن کان ڪٽيل نظر ايندي!

غيرت صرف انساني شيوو نه رهي آهي. جانورن جي دلين ۾ پڻ دخل اٿس ساڳيءَ ريت بيغيرتي پڻ حيوانن سان تعلق رکي ٿي. سوئر کي ڪا ساڃهه ڪانهي، ان ڪري هن جاندار کي بيغيرت ليکيو ويو آهي!

غيرت احساس جو رهي، ان ڪري سدائين مَرندي جيئندي رهي. پر وري کيس اڀاري ٿي. نفس کيس ڪهي ٿو. ”هڪ ڀيري ڪنهن دايي کي راهه ويندي هيرو ملي ويو. ويچارو غريب بي خبر. شيشو سمجهي کڻي کوديءَ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌائينس. جڏهن ڪاهيندو بازار مان گذريو، تڏهن ڪنهن پار کوءَ جي نظر هيري تي ڇڙهي. جواهريءَ، دايي کي پنج رپيا ڏئي، راضي ڪري، هيرو پنهنجي حوالي ڪري ورتو. جڏهن لکي پٿر، هيري شناس جي ٽجوڙيءَ ۾ گهڙيو، تڏهن غيرت وچان چڪناچور ٿي ويو! سو ڏسي صراف سڙي خاڪ ٿي ويو. ڏڪندي ڏوراپو ڏنائينس ته گڏهه جي ڳچيءَ ۾ ته ڏاڍو سونهين ٿي، باقي هتي ٽڪڻ سان موت اچي ويئي! ٽٽل هيري وراڻيو: دايو ته بي خبر هو، پر تو به ته منهنجو ملهه وڃي پنج رپيا ڪيو. سمجهوءَ به ته قدر ڪونه ڪيو، هاڻي جيئڻ ڪهڙو!“

Text Box: 328

 

Text Box: 329

 

غيرت آهي ته انسان لک جو، پر جي نه رهي ته ڪک جو به ڪين رهيو. ڪئين ڀيرا نفس غيرت تي غالب پئجيو وڃي. نتيجي ۾ سموري وقعت وڃايو ڇڏي. سندس بڀ انسانيت جي لاش جي قبر بنجيو پوي. ڪِريو سو ڪِريو وري ڪڏهن نه جڙيو.

 

بلند حوصلي رکهتا هي آدمي ليکن،

کسي مقام پي مجبور هو هي جاتا هي.

آسڪر وائلڊ

مترجم: ”ذوالفقار“ راشدي

ادب لطيف

فن فنڪار

هڪ فنڪار خوبصورت شين جو خلقيندر ٿيندو آهي. فنڪار جي ذات کي لڪائي، فن کي اڀارڻ ئي فن جو مقصد آهي نقاد انهيءَ کي چوندا آهن، جيڪو ڪنهن تخليق کي ترجمي يا لفظي هير ڦير جي وسيلي پيش ڪري سگهي يا انهيءَ جي باري ۾ پنهنجو تاثر ٻڌائي.

اعليٰ ۽ ادنيٰ تنقيد جو رنگ هڪ آتم ڪهاڻيءَ جهڙو ٿيندو آهي. جيڪي ماڻهو سهڻين شين ۾ برايون يا بدصورتيون ئي ڏسن ٿا، سي خود برا ۽ سونهن کان سکڻا آهن. اها انهن جي غلطي آهي.

اُهي ماڻهو جيڪي سهڻين شين ۾ سونهن ۽ خوبي ڏسن ٿا، سي سلجهيل آهن ۽ انهن لاءِ اميد آهي.

اُهي رڳو سهڻين شين کي چونڊين ٿا، جنهن جو مطلب آهي رڳي سونهن!

ڪوبه ڪتاب اخلاق سڌاريندڙ يا بگاڙيندڙ ڪونهي. ڪتاب چڱا يا خراب، رڳو ڪتاب ئي آهن.

Text Box: 331

 

اُڻويهين صديءَ جي حقيقت پسندي (Realism) کان ٽَهڻُ، هڪ جهنگلي جن جو ڪروڌ آهي، جيڪو آرسيءَ ۾ پنهنجو منهن ڏسي ڪاوڙجي.

 

اُڻويهين صديءَ جو رومانيت کان پاسو ڪرڻ به هڪ ڀوت جي ڇِتائپ آهي، جيڪو آئيني ۾ پنهنجي شڪل نه ڏسندي وَٽ کائي رهيو هجي.

انسان جي اخلاقي حياتي، رڳو فنڪار جي مقصد جو هڪ ڀاڱو جوڙي ٿي، پر فن جي اخلاقيت، هڪ اڻپوري وسيلي جي صحيح ۽ مڪمل استعمال ۾ سمائجي وڃي ٿي.

ڪوبه فنڪار ڪنهن ڳالهه جي مڃائڻ يا ثابت ڪرڻ جي سَڌَ ڪانه ٿو رکي، جيتوڻيڪ حقيقتون مڃائي سگهجن ٿيون.

ڪنهن به فنڪار ۾ ”اخلاقي همدرديءَ“ وارو (ڪمزور) جذبو ڪونهي.

ڪوبه فنڪار، سدا بيمار ۽ هميشـﮧ ضعيف ڪونهي، ان ڪري هو هر ڪنهن ڳالهه کي ظاهر ڪري سگهي ٿو. خيال ۽ ٻولي، فنڪار وٽ فن جا اوزار آهن. نيڪي ۽ بدي،سندس فن لاءِ مواد جو ڪم ڏين ٿيون.

بناوت (Form) جي خيال کان، فن جو هر هڪ قسم هڪ موسيقار جو فن آهي.

احساس جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته هڪ ايڪٽر جي ايڪٽنگ به (فن جو) هڪڙو قسم آهي سمورو فن مجموعي لحاظ کان علامتي به آهي ۽ سطحي به. جيڪي ماڻهو سطح کان هيٺ عميق ۾ وڃن ٿا، سي اهو (ڪم) پنهنجي ذميواريء تي ڪن ٿا. جيڪي علامتي (فن) جو مطالعو ڪن ٿا، سي به پنهنجي جو کم تي.

فن هڪ تماشبين آهي، جيڪو انساني حياتيءَ کي آئيني ۾ ڏسي ٿو.

ڪنهن تخليق متعلق جدا جدا راين جي رنگا رنگي ثابت ٿي ڪري ته اها تخليق نئين تازي ۽ ضروري آهي، تڏهن ته نقاد انهيءَ ڳالهه تي اتفاق نٿو ڪري. ڇو ته فنڪار پنهنجي ذات سان موافقت ۾ آهي اسان ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن ڪارائتي شيءَ جي خلقڻ تي ايستائين معاف ڪري سگهون ٿا، جيستائين هو ان جي تعريف نه ڪري.

[آسڪروائلڊ جي ”دي پڪچر آف ڊارن گري“ جو مهاڳ.] 

رابندر ناٿ ٽئگور

مترجم: ”تاج“ صحرائي

التجا

منهنجي اهائي التجا آهي ته مون کي، هڪ گهڙي ۽ فقط هڪ گهڙي، پنهنجي ڀر ۾ گهارڻ ڏي. جي ڪم ڪاريون منهنجي هٿن ۾ آهن، انهن کي مان پوءِ به پورو ڪري وٺندس!

جيسين مون کي تنهنجي موهيندڙ مکڙيءَ جو ديدار نصيب نه ٿو ٿئي، تيسين منهنجي دل کي نه سڪون ۽ نه وري ڪو آرام ئي حاصل ٿئي ٿو، ۽ منهنجو روزمره جو ڪم به هڪ محنت ۽ مشقت جي بي ڪنار بحر ۾، بي ثمر ڪوشش وانگر ٿي پوي ٿو.

اڄ گرمين جي مند، پنهنجين آهُن ۽ دانُهن سان، سرسراهٽن ۽ سرگوشين سان، منهنجي دَريءَ تي اچي بيٺي آهي، ۽ ماکيءَ جي مکين، گلن ۽ گلڙن جي درٻارين ۾ پنهنجن سازن کي ڇيڙيو آهي.

هينئر وقت آهي ته مان مڪمل خاموشيءَ سان، تنهنجي حضور ۾ ويهي، هنن پرسڪون ۽ ڀرپور فرصت جي گهڙين ۾، زندگيءَ جي نذر ۽ حيات جا گيت ڳايان!

گل

هن ننڍڙي گل کي ڇني وٺ. ڊڄان ٿو ته متان ڪومائجي وڃي، ڇڻي پوي، ۽ خاڪ جي تهن هيٺ دٻجي وڃي!

مڃان ٿو ته جي هو تنهنجي هار کي زينت بخشڻ لائق نه به آهي، پر تون ته کيس پنهنجي درد مند هٿ سان ڇهڻ ۽ ڇنڻ جو اعزاز بخش! انديشو اٿم ته متان منهنجي سجاڳ ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ڏينهن لنگهي وڃي ۽ نذر ۽ نياز جي گهڙي گذري وڃي!

مڃان ٿو ته هن جو رنگ گهڻو گَهَرو ۽ دلپذير نه آهي ۽ نه ان ۾ ڪا ايتري من موهيندڙ، مِٺي ۽ سَرهي سڳنڌ آهي، ان هوندي به کيس پنهنجي استعمال ۾ آڻ ۽ ڇني وٺ، جو اڃان ڪجهه وقت باقي آهي!

مڌر گيت

منهنجن گيتن آرائشن کي ترڪ ڪري ڇڏيو آهي. انهن کي نه لباس تي ۽ نه وري ڪنهن بناءُ سينگار جي سامان تي ئي ناز يا غرور رهيو آهي. ڳهه ۽ ڳهڻا، موتي ۽ مڻيا، تنهنجي منهنجي وصل کي دفن ڪري ڇڏيندا. اهي زيور تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ هڪ ديوار وانگر اُڀا ٿي ويندا. تنهنجو ماٺيڻو ۽ سانتيڪو آواز انهن جي جهنڪار ۾ ٻڏي ويندو!

منهنجي شاعراڻي صلاحيت، تنهنجي اڳيان، شرم ۽ مرم ۾ مريو وڃي._ اي عظيم شاعر! مون تنهنجي قدمن ۾ جڳهه لڌي آهي. مون کي موقعو ڏي ته مان پنهنجي زندگيءَ کي هڪ سادي ۽ سنئينءَ بنسريءَ وانگر بنائي سگهان ۽ ان کي تنهنجي گيتن سان ڀريندو رهان!

Text Box: 335

 

”مهراڻ“ جا موتي

 

ٻين جي رهنمائيءَ ڪرڻ کان اڳ، پنهنجي اصلاح ڪرڻ لازمي آهي.

• سچائيءَ سان هلو، توڙي جو ان ۾ اوهان کي ڪنهن نقصان جو انديشو هجي.

• طمع ۽ لالچ، اصل ۾ افلاس ۽ سڃائي آهي، توڪل ۽ قناعت اصل ۾ شاهوڪاري آهي.

• شاهوڪار اهو نه آهي، جنهن وٽ مال ۽ دولت جا انبار آهن، پر شاهوڪار اهو آهي، جو دل جو غني آهي، ۽ ظاهر ۾ فقير آهي.

• غلط ماڻهن جي صحبت کان بهتر آهي ته اڪيلائيءَ گذارجي.

• جو ماڻهو پنهنجي وَعدي جو سچو ناهي، پنهنجي ڪيل ڳالهه کي نِباهي نه ٿو سگهي، ان کان خبردار رهڻ گهرجي؛ ڇو ته جو خدا جو خوف ٿو رکي، اهو ئي وعدي کي پاڙي ٿو.

• اهو آدمي پاڻ ئي بُرو آهي، جو ٻين جي عيبن تي نظر ٿو رکي، ۽ پنهنجن عيبن کي نظر انداز ٿو ڪري.

• جو ماڻهو، ماڻهن ۾ رڳو مَذاق ۽ کِل چَرچي سان ٿو هَلي، اهو پنهنجو وقار پاڻ ئي وڃائي ٿو ويهي.

• ڪم کي شروع ڪرڻ کان اڳ، ان جي انتها ۽ نتيجي تي سوچڻ دانشمندي آهي.

• صداقت کان وڌيڪ ڪابه تقرير ۽ وعظ ناهي، نه ڪا هدايت نه ڪا نصيحت!

• نه ڪو دنيا جي لاءِ آخرت کي ڇڏيو ۽ نه ڪو آخرت جي لاءِ دنيا کي ڇڏيو. ٻنهين لاءِ وچٿري واٽ و‎ٺو.

• ضروت مندن کي اگر اوهان زياده نه ٿا ڏئي سگهو ته پوءِ، ٿوري ئي مدد ڪريو. پر جي ڪابه مدد نه ڪري سگهو ته پوءِ، گهٽ ۾ گهٽ، ساڻن همدرديءَ سان، تسلي آميز ڳالهه ئي ڪريو.

• جدوجهد ۽ ڪوشش کان سواءِ، خوش نصيبي ۽ خوشحالي حاصل نه ٿي ڪري سگهجي؛ ڇو ته آسمان مان سون ۽ چانديءَ جو مينهن وسي، سو ته مون نه ٻڌو آهي!

• خدا جي غضب کان ڊڄندا  رهو، پر ان سان گڏ ماڻهن جي ناراضپي جو به خيال رکو.

• جو ماڻهو پاڪيزه نگاهه نه ٿو رکي،ان کي ڪابه چيز ’پاڪ‘ نظر نه ٿي اچي.

                                _حضرت فاروق اعظم

سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا

” دنيا ۾ اهڙو ڪو ماڻهو ديوانن کان سواءِ نه آهي، جو سانڀر ۾ اچڻ تي هي سوال نٿو ڪري ته آءُ ڪير آهيان، ڪٿان آيو آهيان ۽ ڪيڏانهن وڃڻو اٿم ۽ سرشٽيءَ جو ڪو ڪرتار آهي يا نه؟ ۽ جي آهي ته هن سان منهنجو ڪهڙو لاڳاپو آهي.  جي پاڻ کي ناستڪ (دهريا) ٿا سڏائين،سي به انهن خيالن کان نيارا نه آهن. هُو به پاڻ کان مٿي ۽ ٻاهر، ڪنهن طاقت ۾ وشواس رکڻ کان رهي نٿا  سگهن ۽ قبول ڪرڻو ٿو پوين، ته طاقت جا ڪم، ارادن ۽ مطلبن ۽ نيمن سان ڀريل آهن ۽ هوءَ انڌي نه آهي. پر ڪنهن طرح هنن جي موچاري ويچار ۾ اچي سگهي ٿو ته ڪنهن  حاڪم کان سواءِ،  انڌن،گُنگن ۽ بي عقلن  مادي جي اُڻن، پاڻ کي پيدا ڪري، گڏجي، هم صلاح ٿي، پنهنجون جايون ٺهرايون ۽ پنهنجا نيم مقرر ڪيا؛ جنهن ڪري ڪروڙين سورج ۽ ڌرتيون ۽ چند رما.ئون ٿي پيئون! اُهي عجيب نيمن پٽاندر، منٽ ۾ لکين ۽ ڪروڙين ڪوهه پنڌ ڪرڻ جا لائق ٿي پيا. هنن  موجب، ’طاقت‘، طاقت رکندڙ کان سواءِ ٿي سگهي ٿي، ۽ ماڻهو ۽ ٻيا جانور، روحن (پُرشن) کان سواءِخالي گهر آهن، جي ڪنهن سڀاويڪ قاعدي موجب پيا ڏسن ٻُڌن ۽ هلن چلن؟ صفا پيو ڏسجي ته انهن ناستڪن (دهرين) کي هرو ڀرو ڪرتار ۽ روح جي نالن سان دشمني آهي ۽ انهن کي قدرت سان ڀڪتيءَ ۽ ادب جا بمپ ڏنل نه آهن. ٻئي پاسي ڏسجي ٿو ته رچنا بيشڪ پرولين سان ڀريل آهي، جي ڪي سُرت جاڳيل انڀوي پرش ئي ڀڃي سگهن ٿا، ۽ مورک مَن جو سُرت تي هڪ مادي جو سنهو پردو آهي، تنهن جي اتي جاءِ نه آهي_ هو ذاتي اهڙو ته انڌو آهي، جو نه رڳو ڪرتار جي ديا ۽ انصاف ۾ شڪ ٿو آڻي، پر هن جي هستيءَ، وڏائيءَ ۽ ڏاهپ، جي ذري ذري ۾ ظاهر آهن، سي به پاڻيهي معلوم ڪري نٿو سگهي. پر خير، هتي مطلب آهي چوڻ جو ته ناستڪن کي انڌو سمجهي، انهن کي راهه بتائڻ جي سنتن ساڌن ڪڏهن مَٿا ڪُٽ ڪانه ڪئي اُهي. انڌي کي رنگ ۽ ٻوڙي کي راڳ ڪيئن سمجهائجن؟ لکندڙ، هڪڙو چڱو پڙهيل ماڻهو ڏ‎ٺو آهي، جنهن کي نڪ آهي، پر سِنگهڻ جو حواس ڪونهي! هن کي خوشبوءِ يا بدبوء جي ڪا سوجهي نٿي پوي، اها ٻوجهه ڪيئن ڏجس؟

ناستڪن کان سواءِ هڪ ٻيو فرقو ماڻهن جو ٿئي ٿو، جي مادائي آهن، جن ۾ گهڻو ڀاڱو پڙهيلن ماڻهن جو ٿئي ٿو، جي جيتوڻيڪ اکين سان ڏسن به پيا ته سڀ بنس آهي، سڀ مطلب جا يار آهن بيوفا ۽ گهڻو ڪري مُنهن اَڇا، پر دل ڪارا، ۽ نيٺ روئي پِٽي، هٿين خالي هتان لڏڻو آهي ۽ هتي ئي انيڪ ڪليش ۽ مصيبتون اچيو ٿيون ڪڙڪن، ۽ جيومان گهڻو ئي ٿا ڪن، پر پٽيءَ نرٻل آهن ۽ ڪنهن حاڪم جي حڪمن جي ڏوريءَ ۾ ٻڌا پيا آهن، ته به رات گذري ڏينهن تي، ڏينهن گذري رات ٿي ته ڪڏهن صاحب کي ياد نٿا ڪن. استري، پُٽ ڌيون، ٽَڪا ۽ مانُ وڏائي آهن؛ انهن جا ديوَ ۽ ديويون، جن کي تن، من ۽ ڌن ڏيئي رهيا آهن.

اهڙن ماڻهن جي دل وٽان نه آهي، جي ڪرتار نه ڪنهن ڄاتو آهي نه ڪو ڄاڻي سگهي ٿو. سچ! اسين آهيون عقل جا اڪابر. اسان جي عقل ۾ ڪرتار نٿو اچي، سو ٻين کي ڪيئن ڄاڻڻ ۽ ڏسڻ ۾ آيو هوندو! اسين جيڪو پنج سيرو بار به ڇاتيءَ تي کڻي ڪين سگهون، تنهنڪري ناشدني آهي ته ڪو هاٿي ڇاتيءَ تي بيهاري سگهندو.“_

[”جپ صاحب_ اٿوا_ ستنام سُو کڙي“ ليکڪ گهريو مول جو هر سنگ، (حيدرآباد سنڌ) سال ۱۹۱۵ع، ڪتاب جي صفحي ۱۷ کان ۲۰ تائين اقتباس، چونڊ يندڙ: پرڀو ”ناشاد“

                                حيدرآباد (سنڌ)

علمي خط

 مستعار خيالات

                                گرامي قدر گرامي صاحب

مستعار خيالات واري معاملي ۾ اوهان جي دلچسپي ڏسي، ان تي وري خيال ٿيو ته اوهان کي ڪجهه ٻيا به شعر ٻڌايان ۽ ’مهراڻ‘ جي ناظرين لاءِ هن موضوع سان پيدا ٿيل قدردانيءَ جو شڪريو به ادا ڪريان.

ڪنهن زماني ۾ مون کي اهڙن موضوعن تي غور ڪرڻ جو موقعو مليو هو، ان دؤر جي دلچسپي اڃا قائم آهي. مطالع ڪندي، اڄ به ڪيترائي اهڙا خيال اچي گڏ ٿيندا آهن. جن جو پڙاڏو اڳي ئي ذهن ۾ موجود هوندو آهي. ان علمي ۽ فني موضوع تي غور ڪرڻ کان پوءِ، اهڙن خيالن جو هڪ مرتب ۽ منضبط سلسلو پيدا ٿي ويندو آهي، جنهن کي ”مستعار“ چئي سگهجي ٿو.

اڄ جيڪي شعر اوهان کي پيش ڪري رهيو آهيان، انهن کي پڙهي، يقيناً اوهان کي عجب لڳندو سچ پچ اها ڳالهه آهي به عجب جهڙي! اوهان ڏسندا ته ڪيئن نه جدا جدا ٻولين جا مشهور ۽ قادرالڪلام شاعر، هڪ ئي ’خيال‘ کي پنهنجي پنهنجي نموني ۾ نڀائين ٿا

هندي ٻوليءَ ۾ اکين بابت جيتريقدر سُٺي ۽ مِٺي، معياري ۽ پختي شاعري ملي ٿي، اهڙي ڪنهن ٻيءَ شاعريءَ ۾ گهٽ ملندي. ٻيو ته گهڻو ڪري هندي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جا سٺي ۾ سٺا نمونا، ’دوهن‘ (ڏوهيڙن) جي شڪل ۾ ملن ٿا.

Text Box: 341

 

Text Box: 340

 

خانخانان عبدالرحيم، هندي دوهن واري شاعريءَ ۾ وڏو درجو رکي ٿو، ۽ هندي شاعريءَ جي ’نَون رتنن‘ مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو ’اکين‘ بابت سندس هڪ ’دوهي‘ جو مَٽ ۽ ثاني، ساري هندي شاعريءَ ۾ نٿو ملي سگهي.

 

خانخانان، پنهنجي بيمثال دوهي ۾ اکين جي ساخت، اثر ۽ ڪيفيتن جو سارو بيان ٻن سٽن ۾ اهڙي ته دلپذير نموني ۾ ڪيو آهي، جو ٻڌڻ ۽ پڙهڻ وارا حيران رهجي ٿا وڃن. حيرت ان ڳالهه تي آهي ته فقط ٻن سٽن ۾ تفصيل سان ايڏو وڏو مضمون ڪيئن سمائجي ويو آهي! دوهو هن ريت آهي:

 

امي، هلاهل، مدڀري، سويت، شام، رتنار،

جئت، مرت، جهڪ جهڪ، پرت جيهي چترت اڪبار.

دوهي جي پهرين سِٽ ۾، شاعر پنهنجي پرين جي اکين جي ظاهري ساخت ٻڌائيندي چوي ٿو ته ”ان جي اکين ۾ اڇو ۽ ڪارو رنگ ۽ من موهيندڙ سرخي آهي، ۽ اهڙين اکين ۾ ’امرت‘ (آب حيات) ۽ ’هلاهل‘ (زهر_ وِ هه) آهي، ۽ انهيءَ سان گڏ ’مد‘ (شراب) جهڙي نشي جو اثر به آهي هو پنهنجين اهڙين اکين سان جنهن ماڻهوءِ ڏانهن نهاري ٿو، سو مري ٿو ۽ وري جيئرو ٿئي ٿو ۽ نشي جي حالت ۾ آٿڙجي ٿو، ڪري ٿو ۽ وري اٿي ٿو!“

دوهي جي ٻين فني خصوصيتن ۽ خوبين کان پاسو ڪري، جيڪڏهن رڳو مضمون جي تفصيل ۽ بيان جي اختصار ڏانهن خيال ڪجي ته پوءِ لامحاله شاعر جي ڪمال جو اعتراف ڪرڻو پوندو

’عزيز‘نالي هڪ اردو شاعر، هن دوهي جو ٻن شعرن ۾ ترجمو ڪيو آهي، پر اصل دوهو پنهنجي جاءِ تي قائم آهي. چوي ٿو:

 

آب حيوان، سِّم، قاتل، ڪيف آگين چشم، يار،

صبح روشن، شام تيره مين، شفق انداز هي،

زندگي هي، موت هي، هستي هي، اس ڪي هرنظر،

مهر وقهر ولطف ڪا ساغر هي ڪيا اعجاز هي

 

عزيز جو ترجمو اگرچ بيروح آهي، پر سرخيءَ جي لاءِ شفق جي تمثيل ڪجهه نه ڪجهه ڪشش ضرور پيدا ڪئي آهي، پو اها تمثيل به اردو ۽ پارسي شاعرن جي اثر هيٺ ڏسجي ٿي. نٿو چئي سگهجي ته پارسيءَ جو هي شعر، ’رحيم‘ جي دوهي جو ترجمو آهي يا ’رحيم‘ هن شعر کان متاثر ٿي ’دوهو‘ چيو آهي.

جيڪڏهن ٻنهين شاعرن، جدا جدا ۽ هڪٻئي کان بيخبريءَ جي عالم ۾، ساڳيو خيال ۽ ساڳيو مضمون لکيو ۽ ٻڌو آهي ته پوءِ ان اعجاز تي ’انسان‘ جي ذهني موافقت ۽ فني هڪجهڙائيءَ تي ويتر وڌيڪ تعجب ٿو ٿئي.

اجهو فارسي شعر هن ريت آهي:

سوادش سِم، بياض آب، بقا، خمرش، مئي احمر،

بمردم، زيستم بيخود شدم، زان نرگسي، مستي!

        اردوءَ جي هڪ ٻئي مشهور هندو شاعر، من موهن لال ’بسمل‘ ڀر تپوريءَ، پنهنجي هڪ نظم ۾، اکين جي صفتن بيان ڪندي، خانخانان جي دوهي جو مفهوم به ادا ڪيو آهي. جنهن مان نظم جو حسن وڌي ويو آهي فرمائي ٿو:

 

مار دينا، اور جلانا، تيرا ادنيٰ ڪام هي،

زهر ڪا پيالا هي تو امرت ڪا تو هي، جام هي،

هي سفيدي اور سياهي مين گلابي ڪي جهلڪ،

برق وباران وشفق هون، جيسي بالائي فلڪ.

 

        نظم پنهنجي جاءِ تي معياري آهي، پر ٻن شعرن  جي اضافي سان، ان جي سونهن ۽ اثر ۾ واڌارو ٿي ويو آهي.

ساڳي ئي ’خيال‘ مان، هڪ هنڌ، مير انيس جهڙي قادرالڪلام ۽ خدائي سخن به فائدو ورتو آهي.

        مير صاحب پنهنجي مرثيي ۾، امام عالي مقام جي اکين جي بيان ڪندي فرمائي ٿو:

احسان بهي، حَيا بهي و مروّت بهي قهر بهي،

لو! موت بهي، حيات بهي، امرت بهي زهر بهي،

بينا بهي، نڪته سنج ڀي، دانائي دَهر بهي،

تسنيم بهي، بهشت بهي، ڪوثر بهي، نهر بهي،

سر، شرم سي جهڪاتي هي، نرگس رياض مين،

جنت، سواد مين، يد بيضا، يياض مين!

مير انيس، مرثيي جي موضوع مطابق، مضمون کي ڦيرائي ڇڏيو آهي، ۽ ڪجهه اضافو به ڪيو آهي. ان اضافي مان ئي، شاعر جي فني ڪمال کي ڏسي سگهجي ٿو.

امير مينائيءَ، هندي دوهي جي رڳو هڪ پهلوءَ کي پنهنجي هيٺئين شعر ۾ آندو آهي. فرمائي ٿو:

 

آفت کي سفيدي هي، قيامت ڪي سياهي،

نيرنگيء عالَم، مجهي، دکهلا گئين آنکهين.

 

پر دوهي ۾ سفيديءَ ۽ سياهيءَ واريءَ ڳالهه کان سواءِ، ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي. دوهي جا بچيل پهلو، اصغر گونڊويءَ جي هيٺين ٽن شعرن ۾ ڏسو:

لوگ مرتي بهي هين، جيتي بهي هين، بيتاب بهي هين،

ڪونسا سحر تيري، چشم فسونگر مين نهين.

_____

  امرت بهي اسي مين هي، اسي مين هي زهر بهي،

ميري حيات و موت، تمهاري نظر مين هي.

_____

بهت لطيف اشاري تهي چشم، ساقي ڪي،

نه مين رها ڪبهي بيخود، نه هوشيار رها!

 

هڪڙي ٻئي شاعر، اڇي ۽ ڪاري رنگ سان گڏ، سرخيءَ جو بيان به ڪيو آهي. چوي ٿو:

 

مرا برسات جب هي، ميري آنکهون مين آ بيڻهو،

سفيدي هي، سياهي هي، شفق هي، ابرو باران هي.

 

شفق واري پهرين ڳالهه، ’عزيز‘ واري اردو ترجمي جي مَس وڃي هن شعر جي اثر هيٺ آئي آهي. مٿئين شعر ۾ ”فائق“ جي هن شعر جو صاف اثر نظر اچي رهيو آهي:

Text Box: 345

 

سرخي چشم، من از گريه نه باشد ’فائق‘،

 

آفتابي زنظر رفت، شفق باقي ماند.   

ٿوري فرق سان، ’فائق‘ جي شعر يا اردو واري شعر جو اثر، ’داغ‘ جي هن شعر ۾ ظاهر آهي.

’داغ‘ فرمائي ٿو:

 

ابر تها، بجلي تهي، سورج، زير ڪوه_ قاف تها،

زلف، شبگون، سر سي سر کائي، تو مطلع صاف تها.

        اهڙي نموني ۾، خيالن جو سلسلو، هڪ ٻوليءَ کان، ٻين ٻولين تائين پهچي ٿو. تان جو اهو معلوم ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي ته اصل خيال ڪٿان کان شروع ٿيو هو ۽ ان جو سلسلو ڪيستائين رهي ٿو.

اسان جي ٻولي پڻ مشرق جي مٺڙين ٻولين مان هڪ مٺڙي ٻولي آهي ۽ مستعار خيالات جي دائري کان ٻاهر ناهي. هڪڙو مثال پيش ڪريان ٿو.

ٻيڙو فقير ڪنڀار، سنڌ جو ناميارو سگهڙ ۽ اسان اوهان سڀني جو دوست آهي. مون تي به ڪڏهن ڪڏهن مهرباني ڪندو آهي، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو همراهه آهي. اچڻ شرط ڪونه ڪو شعر، يا نُڪتو، ٻڌائيندو آهي.

هڪڙي ڏينهن منهنجي آفيس ۾ آيو. ڪچهري ٿيندي رهي، ڳالهين ڪندي چيائين: ”هڪڙي همراهه مون کان ڏاڍو ڏکيو سوال پچيو آهي. مان اڃا تائين جواب پيو سوچان! سوال آهي ته ’ماءُ جي محبت وڌيڪ ٿئي ٿي، يا محبوبه ۽ زال جي.‘ مون کيس وراڻيو ته: ’ان متعلق اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟‘ چوڻ لڳو: ’منهنجي خيال ۾ ماءُ جي محبت جو ڪو مَٽ ئي ناهي! هڪڙي دوست شعر ٻڌايو هو، جنهن ۾ محبوبه يا زال جي محبت کي ماءُ جي محبت کان تمام مٿاهون ڏيکاريو ويو آهي!‘“

ٻيڙي فقير مون کي شعر به ٻڌايو هو، پر مون کي ياد نه رهيو. ڪيترن ڏينهن کان پوءِ، مون ٻيڙي فقير کان ان شعر متعلق پچا ڪئي، پر افسوس جو ان کان به شعر وسري چڪو هو. پر مان ساري ڳالهه سمجهي ويو هوس. مون فقير صاحب کي چيو ته، ڳالهه بلڪل سِڌي ۽ سولي آهي، اهو هندي شاعريءَ جو عام مضمون آهي. ڀاشا شاعريءَ جي روايت ۾ اهو مضمون، ائين ئي ٻَڌبو آهي. فقير صاحب وراڻيو ته ”مون کي ثبوت کپي“. انهيءَ ڏينهن ته مون کي دوها ياد نه آيا، پر اڄ ڪيترائي ’دوها‘ خيال ۾ ڦري رهيا آهن، جي اوهان کي ٻڌايان ٿو. پڪ آهي ته اوهان کي ضرور وڻندا ۽ ’مهراڻ‘ جا ناظرين پڻ انهن مان لطف حاصل ڪندا.

هندي شاعريءَ ۾ زال جي محبت کي ماءُ جي محبت کان به وڏو درجو حاصل رهيو آهي. ان فرق کي هڪ هندي شاعر هن طرح بيان ڪيو آهي. فرمائي ٿو:

 

نيهه سڳا، سوئي سڳا، اور سڳا نهين ڪوءِ،

مان بيڻهي تريا جلي، اچرج سڀ ڪو هوءِ.

 

هندن ۾ ڪنهن زماني ۾ دستور هو ته مڙس جي مرڻ کان پوءِ، زال ان جي چتا ۾ پاڻ کي ساڙي ختم ڪندي هئي. دوهي جو اصلي مضمون، ان رسم ۽ دستور سان تعلق رکي ٿو.

Text Box: 347

 

شاعر چوي ٿو ته، ”نينهن جو سڳوئي، اصلي سڳو آهي، ٻيو ڪوبه اهڙو سڳو ناهي. ڏسو ته ڪيئن نه ماءُ پنهنجي پٽ جي چتا جي ڀرسان رڳو روئيندي رهندي آهي، پر زال پاڻ کي چتا ۾ وجهي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيندي آهي! ان تي ڏسڻ وارن کي تعجب ٿيندو آهي.“

 

ساڳي مضمون جو هڪڙو دوهو، هنديءَ جو مشهور شاعر، ’سمن‘ هن ريت چئي ويو آهي. چوي ٿو:

 

سمّن، ائيئي بريت ڪر، جو هندو ڪي جوءِ،

پوت پرائي ڪارڻي، جل جل ڪوثلا هوءِ.

 

سمّن چوي ٿو، ”عشق اهڙو ڪجي جهڙو هندوءَ جي زال ڪندي آهي. ڏس ته ڪيئن نه پرائي ڄائي، ٻيءَ عورت جي پُٽ جي پريت ۾، پاڻ کي ساڙي، ڪوئلا ڪري ٿي ڇڏي!“

پارسيءَ وارن شاعرن لاءِ اهو مضمون، نهايت نادر ۽ عجيب هو، جنهنڪري هنن ان کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جاءِ ڏني.

امير خسرو رحه، جو پاڻ هنديءَ جو وڏو ۽ قديم ۾ قديم شاعر ليکجي ٿو، تنهن پنهنجي هڪ شعر ۾ اهو ساڳيو خيال آندو آهي. فرمائي ٿو:

 

خسرو! در عشق بازي، ڪم زهندو زن ۾ باش؟

ڪو برائي مرده سوزد، زنده جان_ خيوش را.

 

ڪنهن اردوءَ جي شاعر، ان کي هن طرح ترجمي ۾ آندو آهي. چوي ٿو:

 

عشق ۾ هر گز نه ڪم ره، هندو عورت سي ڪه وه،

مرده شوهر ڪي چتا مين، جل ڪي ديديتي هي جان!

 

پارسيءَ جي مشهور شاعر، صائب، به ان مضمون تي شعر لکيو آهي. چوي ٿو:

 

درمحّبت، چون زنِ هندو، ڪسي مردانه نيست،

سوختن بر شمع مرده، ڪار، هر پروانه نيست.

 

يعني: ”عشق ۾، هندو زال جهڙي مردانگي ۽ مڙسي ڪوبه ڏيکاري نه ٿو سگهي. پروانو به ٻرندڙ شمع تي پاڻ کي جلائي ٿو، پر وساڻل شمع سان واسطو نه ٿو رکي.“

ٻيو به فارسي شعر هن ريت آهي:

 

مَ بين نقش_ زن_ هندو، ڪمال_ عشق را بنگر،

ڪ با نقص زني خود را، چسان مردانه مي سوزد.

 

فرمائي ٿو: ” هندو زال جي سونهن ۽ سوڀيا کي نه ڏس، ان جي عشق جي ڪمال تي نظر ڪر، ته هوءَ ڪمزور عورت ٿي ڪري، ڪهڙي نه مردانگيءَ سان پاڻ کي جلائي ٿي ڇڏي.“

اهو مضمون اصل ۾ ته هندي شاعريءَ جو آهي، پر پوءِ، اردو ۽ فارسي وارن شاعرن ان کي پنهنجي رنگ ۾ آندو آهي. ان طرح ٻين ٻولين ۾ به ان مفهوم جا ڪيئي شعر موجود آهن.

ڪنڊڙيءَ واري مراد فقير به پنهنجي هڪڙي سرائڪي بيت ۾ اهو ساڳيو مفهوم ادا ڪيو آهي. ممڪن آهي ته اوهان جي نظر مان گذريو هجي. چوي ٿو:

 

همت ويک هندو دي زن دي، او ڪيها ڪم ڪريندي،

جو ٻولي سو پالي اپنا، پڇا پير نه ڏيندي،

سيج وانگون چڙهه ٻَـﮧ چکيا تي، جيري جان جليندي،

وچ ميدان، ”مراد“ محبت او ويندي، گوءِ مريندي.

 

بهرحال، ڪيترائي خيال اهڙا آهن، جي جدا جدا ٻولين جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا، ۽ هر زبان جي شاعرن، انهن شعرن کي پنهنجو ڪري ڇڏيو آهي. هي خط طويل ٿي ويو آهي. مثال تمام گهڻا آهن. ٻيا شعر اميد ته ٻئي ڀيري لکندس.

                        اوهان جو

                _الياس عشقي (حيدرآباد، سنڌ) 

 

پڙهندڙن جا پيغام

_ معلوم ٿيو آهي ته ”سنڌي ادبي بورڊ“ حيدرآباد جي اراڪين، هن ڳالهه جي اجازت ڏني آهي ته آئينده سه ماهي ”مهراڻ“ رسالي ۾، دستورموجب، شعر ۽ افساني کي شايع ڪيو وڃي. سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ هيءَ هڪ نيڪ فال آهي.

                                _لطف الله بدوي (شڪارپور)

_ ان اعلان کان خوش ٿي ته بورڊ، مهراڻ رسالي ۾ نظم ۽ افساني وغيره کي پيش ڪرڻ منظور ڪيو. اگرچه انهن کان سواءِ به جيڪي پرچا نڪتا آهن، انهن ۾ نهايت قيمتي ۽ علمي مواد شايع ٿيو آهي، پر ”گلهائي رنگ رنگ سي هي زينت، چمن!“ وانگر افسانن ۽ حصه نظم بنا، پڙهندڙن جي طبيعت سير ڪانه ٿي ٿئي.

آءُ ان سلسلي ۾ هڪ طويل افسانو ۽ ڊرامو موڪليندس_ انشاء الله تعاليٰ.

”شاهنامه اسلام“ تي تبصري لکندي، اوهان جيڪو اصل شاهنامي بابت نوٽ لکيو آهي، سو نهايت قابل قدر آهي. اصل ۾ تبصري ۽ تنقيد جو حق اهوئي آهي ته پڙهندڙن کي پوري پوري معلومات به ڏجي، رڳو واه واه، سبحان الله کي ته تبصرو نٿو چئي سگهجي، جئن عام رواج آهي.

                         _مولانا محمد عثمان ڏيپلائي (حيدرآباد)

_ ”مهراڻ“ مطالع ڪيو ويو. اوهان جي تبصري ۽ تنقيد کي پڙهيم، اوهان نهايت بالغ نظري کان ڪم وٺي، ان کي لکيو آهي... اوهان پنهنجي تبصري ۾، تبصره نگاريءَ جو حق ادا ڪيو آهي.                 _لطف الله بدوي (شڪارپور)

_ مهراڻ مليو، ان جي مطالع کان محظوظ ٿيو آهيان. سڀ مقالا معياري نظر آيا.

                        _ذوالفقار راشدي (پير ڳو‎ٺ)

_ چڱو ٿيو جو ”مهراڻ“ ۾ وري نظم ۽ افساني جو حصو شروع ڪيو ويو. هونءَ به مهراڻ جي موجن مان هرمتي ۽ مقصد، فن ۽ خيال واري ماڻهوءَ کي مستفيض هئڻ گهرجي. مهراڻ هر مشرب لاءِ وقف هئڻ گهرجي. _ پير شاهنواز شاه جيلاني ”عارف الموليٰ“ (ڊٺڙو)

_ ”مهراڻ“ ۾ نئين سر نظم ۽ افساني جي حصن شروع ٿيڻ جو ٻڌي، دلي خوشي ٿي اٿم. بورڊ جي چئرمن ۽ ميمبرن کي مبارڪون هجن، جن مهل سر اسان جي ۽ پڻ وقت جي سُڌ کي سڃاتو ۽ وقت سر اسان جي گهر پوري ڪئي اٿن.

                        _ذوالفقار راشدي (پير ڳوٺ)

_سنڌي ادبي بورڊ جي محترم

چيئرمن صاحب ۽ ميمبر صاحبن، پنهنجي اڳي ڪيل فيصلي تي نظر ثاني ڪري، رسالي ”مهراڻ“ ۾ نون خواهه پراڻن شاعرن، اديبن ۽ افسانه نگارن جي نگارشات ۽ تخليقات کي دوباره شايع ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو جيڪو مستحسن فيصلو ڪيو آهي، ان لاءِ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ يقيناً مبارڪباد جو لائق آهي.

                _عبدالڪريم ”گدائي“ (جيڪب آباد

_ ”مهراڻ“ ۾ دوباره نظم ۽ افساني جي شروع ٿيڻ جي خبر ”عبرت“ ۾ پڙهي ويئي. آءُ ان سلسلي ۾ چيئرمن صاحب ۽ بورڊ جي ميمبرن ۽ اداره ”مهراڻ“ کي مبارڪ ڏيان ٿو، جن سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي مطالبي ۽ حق کي تسليم ڪيو.

                        _عبدالله ”خواب“ (حيدرآباد)

_ ’عبرت‘ ۾ اهو اطلاع پڙهي، مسرت حاصل ٿي آهي. آءُ چيئرمن صاحب ۽ معزز ميمبرن جو شڪريو ادا ٿو ڪيان، جن ”مهراڻ“ رسالي ۾ نظم ۽ افسانن ۽ ڊرامن جي حصي کي شايع ڪرڻ جي تجويز بحال ڪئي آهي. اهو قدم سنڌي ادب لاءِ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو:

                        _محمد علي ”جوهر“

        جنرل سيڪريٽري، جمعيت الشعراء سنڌ.

_ سنڌي ادبي بورڊ تازو فيصلو ڪيو آهي ته ”مهراڻ“ ۾ نظم ۽ افسانا شايع ڪيا وڃن، شعراي ڪرام ۽ ادبائي عظام ۽ علم دوست احباب، سنڌي ادبي بورڊ جي ان فيصلي جو خير مقدم ڪن ٿا.

                        حافظ محمد ”احسن“

        جنرل سيڪريٽري، ”انجمن آفتاب ادب“، (دادو)

_ ڪجهه ڏينهن اڳ، اخبارن ۾ اهو اطلاع ته، سنڌي ادبي جي جڳ مشهور رسالي ”مهراڻ“ ۾ دوباره نظم ۽ افسانن جي اشاعت ٿيندي، پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. بيشڪ اهو سنڌي شاعرن ۽ افسانه نگارن جي ديرينه خواهش جو احترام آهي.

                                _”محسن“ ڪڪڙائي

ناظم، اداره ”فلاح وبهبود“، خيرپور ناٿن شاهه

_ ”مهراڻ“ ۾ حصه نظم ۽ افسانن جي اجراء جو فيصلو، لائق تحسين آهي.

                        _”نشتر“ ناٿن شاهي

        جائنٽ سيڪريٽري، جمعيت الشعراء سنڌ.

_ ”مهراڻ“ ۾ ٻيهر نظم ۽ افسانن جي اشاعت جي خبر ٻڌي، جيڪا خوشي ٿي، ان جو بيان ڪري نٿو سگهجي.

                ”آثم“ ناٿن شاهي

جنرل سيڪريٽري، ”بزم طالب“، خيرپور ناٿن شاهه.  

_ اهو سنڌي ادبي بورڊ جو فيصلو قابل مبارڪ آهي، جو هاڻي مهراڻ ۾ نظم ۽ افسانا به شايع ڪيا پيا وڃن.

                                ”انور“ هالائي

        سيڪريٽري، ”سنڌي ادبي سنگت“، هالا نوان، سنڌ.

_ نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو سنڌي ادبي بورڊ وارن فيصلو ڪيو آهي ته مهراڻ ۾ نظم ۽ افسانا به شايع ڪيا وڃن. انهيءَ فيصلي جو سنڌي عوام ۽ خواص خير مقدم ڪري ٿو.

                        _غلام سرور ٻگهيو

                ايڊيٽر، هفتيوار ”شهباز“ دادو.

_ سنڌي ادبي بورڊ جو تازو فيصلو ”عبرت“ ۾ مطالع ڪيو ويو. چيئرمن صاحب ۽ اوهان مبارڪ جا مستحق آهيو، جو مهراڻ ۾ حصه نظم ۽ افسانن کي دوباره جاري ڪيو ويو آهي.

       _محمد بلاول ”پرديسي“ ايم_ اي (حيدرآباد سنڌ)

_ بورڊ جو فيصلو، پوري سنڌ جي خواهش جو احترام آهي.

                _”وفا“ ناٿن شاهي (خير پور ناٿن شاهه)

_ تازو اخبارن ۾ اها خبر پڙهي، ته سه ماهي ”مهراڻ“ ۾ ٻيهر افسانن ۽ نظم جي اشاعت ٿيندي، ڄڻ پيٽ ۾ ساهه پئجي ويو!

             _”افضل“ مصر پوري (خيرپور ناٿن شاهه)

_ اسان کي اهو ٻڌي خوشي ٿي آهي، جو سماهي ”مهراڻ“ ۾ دوباره حصه نظم ۽ افسانن کي جاءِ ڏيڻ لاءِ بورڊ منظوري ڏني آهي.

                        _”محسن“ عباسي (ٺٽو سنڌ)

_ آءُ چيئرمن صاحب ۽ بورڊ جي ميمبرن جو شڪريو بجا آڻيان ٿو، جن نظم ۽ افساني جي حصي کي رائج ڪري، جديد ادب جي خدمت ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي.

                        دادا سنڌي (ميرپور ماٿيلو)

_مهراڻ ۾ نئين سر شعر ۽ افساني ڇپجڻ جي خبر ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي.

                        ”وفا“ ناٿن شاهي (خيرپور ناٿن شاهه)

Text Box: 355

 

تبصرا

 

مڪلي نامه: بتصحيح و حواشي: سيد پير حسام الدين راشدي، صفحا ۱۰۴۰، پنو اُوچو، ڇپائي گيٽ اَپ دلڪش؛  ڊيمي سائيز، عمدو گردپوش، ۱۳۵ تصويرون، جُلد ديده زيب، قيمت ۰۰_۲۵ رپيا. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بوڪ اسٽال، امين منزل، گاڏي کاتو، حيدرآباد، سنڌ.

مڪلي نامه، سنڌ جي مشهور مورخ، سيد مير علي شير قانع ٺٽوي (متوفي۱۲۰۳هه) جو عظيم تاريخي ۽ تحقيقي يادگار ۽ شاهڪار آهي. هي تاريخي شاهڪار، مير صاحب ۱۱۷۴هه ۾ لکي پورو ڪيو هو. هن گرانقدر تاريخي شاهڪار جي تصحيح ۽ حواشي جو ڪم، سنڌ جي مشهور مورخ ۽ محقق، سيد پير حسام الدين راشديءَ جي ناقدانه نگاه فني ڪاوش جو مرهون منت آهي. جناب پير صاحب راشدي، جنهن اعليٰ مقام تي فائز آهي، ان جو اعتراف بين الاقوامي حقيقت بنجي چڪو آهي.

هن تاريخي شاهڪار جي هن طرح ترتيب بيهاريل آهي.

ناشر جا ’ٻه لفظ‘ فارسيءَ ۾ ۽ اعتراف فارسيءَ ۾ ڏيڻ کان پوءِ، انتساب ۾، عربي شعر ۽ ان جو سنڌي ترجمو ڏنو ويو آهي. ان کان پوءِ فهرست ڏنل آهي، جنهن ۾ تعارف، ص ۱_۱۰ تائين، پهرئين ڇاپي جو نوٽ ۱۱_۱۴ تائين، مڪلي نامه جا ٻه صفحا عڪس خط مصنف ۱۳_۱۴ تائين، مقدمو ۱۵_۴۰ تائين، مڪلي نامه جو متن ۱_۹۶ تائين حواشي ۱_۷۴۳ تائين.

ان کان پوءِمفصل فهرست ١_١٣ ۽ ٥ ضميمن جا ياداشت ۱۳_۱۵ تائين، آخر ۾ اضافن ۽ درستين، نقشن، شجرن ۽ آيل تصويرن جي نشان دهي ڪيل آهي.

تعارف، ص ۱_ ۱۰ تائين ۾، جناب پير صاحب جن، ’مڪلي نامه‘ جي دستيابيءَ جو ذڪر ڪري، ’مڪلي نامه‘ جو افادي ۽ تاريخي پهلو هن طرح بيان ڪيو آهي:

”مير علي شير ’قانع‘، مڪلي نامه، هونءَ ته فقط پنهنجي زور بيان ڏيکارڻ ۽ شاعرانه ڪمال جي مظهر لاءِ لکيو، ليڪن اڄ اسان لاءِ هن ڪري قيمتي وٿ آهي، جو ان مان هڪ ته مير صاحب جو اديبانه ڪمال پر کي سگهجي ٿو ۽ ٻيو ٺٽي جي معاشري، تهذيب ۽ تمدن متعلق، هڪ تصوير منجهانئس رچي سگهون ٿا.“ (تعارف ص ۳)

ان کان پوءِ، جناب پير صاحب جن، دلپذير ۽ دلڪش انداز بيان ۾، ٺٽي جي عظمت متعلق، مڪلي نامه جي مصنف علي شير قانع جي ترجماني ڪندي لکيو آهي:

”مير صاحب، ان ۾ مڪليءَ جي چند مزارن ۽ مقبرن جو اديبانه ۽ شاعرانه رنگ ۾ بيان ڪيو آهي: ليڪن بيان ۾ ضمناً ڪي اهڙيون ڳالهيون اچي ويون آهن، جن جي حيٽيت تاريخي ٿيو وڃي ٿي. مثلاً، ان مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته: مڪلي جي ڪهڙين ڪهڙين مزارن ۽ درگاهن تي ماڻهن جي زياده آمد رفت هئي. ڪهڙن بزرگن تي عرس ۽ ميلا لڳندا هئا. انهن لاءِ ڪهڙا مهينا ۽ ڪهڙيون تاريخون مقرر هيون مرد خواه عورتون ٺهي، جڙي، لٽي ڪپڙي راس پئي، ڪئين ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون انهن مزارن تي رهي ميلا ۽ مجلسون ڪندا هئا. چانڊوڪين راتين، ڏکڻ جي هير، ۽ برسات واري زماني ۾ ٺٽي جا ماڻهو ڪهڙيءَ طرح محفلون ڪندا هئا. راڳ رنگ جون مجلسون، ساز سرود جي وڄت، ۽ ميلن ملا کڙن جو هلاچو ڪهڙيءَ ريت رس رچائيندو هو. ٺٽي ۽ مڪليءَ جي وچ ۾ جيڪا هيٺائين زمين آهي، ان ۾ پاڻي ايندو هو. مرد ۽ عورتون ٻيڙين ۾ چڙهي سير و تفريح ڪندا هئا. ڳڀرو جوانن ۽ حسين عورتن جا ميلا لڳائي، نهايت ٺاهوڪيون عورتون پٽ پٽيهر پهري، رنگ روغن لائي، ٺهي، جُڙي، جنهَن وقت بزرگن جي مزار تي باسون کڻي پهچنديون هيون، انهيءَ وقت، نظر باز جوانن لاءِ جنسي ڪاري قيام ٿي ويندي هئي، سڄي مڪلي رنگ برنگي پوشاڪن ۽ سهڻين صورتن سبب ڄڻ باغ ۽ بستان بنجي پوندي هئي جاڏي کڻي ڏس، ڄڻ بهار پنهنجي ڦوه تي هرهنڌ منزل انداز ۽ خيمه زن هو.“ ان جي ثبوت ۾ قانع جا فارسي شعر پڻ پيش ڪيا ويا. آهن.

Text Box: 357

 

Text Box: 356

 

مير صاحب جي ان منظر نگاريءَ ۽ نقشگريءَ متعلق داد ڏيندي، پير صاحب جن لکن ٿا: ”مير صاحب اها شاعري نه ڪئي آهي، بلڪ اها حقيقت هئي ته ٺٽي جا خوشباش ۽ زندهه دل باشندا، ميلن ملاخڙن، مجلسن محفلن، سکائن ۽ عرسن ۾ انهيءَ حد تائين اهتمام ڪندا هئا، جو مڪلي ڄڻ بهشت جو ٽڪرو معلوم ٿيندي هئي. غم ۽ غبار، ڏک ۽ ڏوجهري، مصيبت ۽ زحمت جو ڏس پتو ڪونه پوندو هو“.

 

پير صاحب جي ان بيان مان ٺٽي جي شاندار ماضيءَ ۽ ماڻهن جي خوشحاليءَ ۽ خوشباشيءَ جو پتو پوي ٿو. ان جو تفصيل ’مڪلي نامه‘ ۾ پڙهڻ جهڙو آهي.

ان کان پوءِ، ٺٽي جي موجوده زبون حالي ۽ زوال پذيريءَ تي تاريخ طاهريءَ جي حوالي مان ص ۷ (تعارف) ۾ پير صاحب اصل فارسي عبارت پيش ڪئي آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته:

”هتي جي باشندن ۾ غم ۽ حزن جو نالو به ڪونه هو. هرڪو ٿوري ۽ گهڻي تي قناعت ڪندڙ هو ۽ پنهنجي جائي جواريءَ تي مست ۽ مگهن هو. ۱۰۳۰هه تائين خوشدلي ۽ بهاري جا نظر اچي ٿي، اهڙي ٻئي ڪنهن به هنڌ تي ڪانه نظر ايندي...“

مڪلي هن وقت ڪهڙي حال ۾ آهي؟ ان جو جواب پير صاحب هن طرح ڏنو آهي: ”مڪلي هن وقت گهڻو ڪجهه تباهه ۽ تاراج ٿي چڪي آهي، ڪيترا مقبرا مٽجي ويا آهن، ڪيتريون خانقاهون ۽ عمارتون ڊهي ڊير ٿي پيون آهن، تلاون ۽ پلين ۽ سير سپائي جي جاين جو نالو نشان ڪونه آهي.“

ان سلسلي ۾ ’مڪلي نامه‘ جي رهبري ۽ رهنمائيءَ سان، کنڊرات ۽ زبون حال مقامات  جي خبر پوي ٿي ۽ هڪ مرده بستي ڄڻ ته زندهه نظر اچي ٿي. ’مڪلي نامه‘ جي ان افادي پهلوءَ کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.

ان کان پوءِ، ’مڪلي نامه‘ جي تاريخي عظمت ۽ ادبي ۽ فني حيثيت متعلق جناب پير صاحب هن طرح تحسين ڪندي لکيو آهي: (ص ۷، ۸_ تعارف)

”اهڙيءَ طرح ’مڪلي نامه‘ نه فقط سنڌ ۾ پيدا ڪيل فارسي ادب جو هڪ قابل ذڪر شاهڪار آهي، بلڪ مڪليءَ جي تاريخ، خواهه ٺٽي جي تمدن ۽ معاشري متعلق پڻ هڪ مستند دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.

”مير صاحب مڪلي نامه ۾ ڇڙو پنهنجو شاعرانه ڪمال ڪونه ڏيکاريو آهي، بلڪ فارسي زبان ۽ نثرتي جيڪا کيس قدرت هئي، ان جو پڻ منجهس مظاهرو ڪيو اٿس. مقفيٰ ۽ مسجع هئڻ سبب نثر ۾ نظم جو مزو اچي ٿو.“

ان طرح قانع جي نثر جو داد هن طرح ڏنل آهي:

”فارسي ادب جو ذخيرو، جيڪو هن وقت تائين پاڻ وٽ دستياب آهي، ان ۾ هي رسالو انهيءَ قسم جي مترنم ۽ نغماتي نثر جو واحد نمونو آهي. منجهس تشبيهن، استعارن ۽ تلميحن جو آزادانه استعمال ڪيو ويو آهي،جنهن مان نه فقط مير صاحب جي معلومات جي وسعت جو پتو پوي ٿو، بلڪ زباندانيءَ ۽ هڪ ڌاري زبان تي سندس قبضي ۽ قدرت جو پڻ اندازو ٿئي ٿو.“

پير صاحب جن جو ڪجهه لکيو آهي، اهو سورهن آنا سچ آهي مير صاحب جو انداز بيان نهايت شسته ۽ پاڪيزه آهي. هونءَ ته عام طرح سان اسان وٽ فارسي ادب جا ڪيئي ديسي ۽ سنڌي آميز اسلوب موجود آهن، جن ۾ فقط مواد کي نباهيو ويو آهي، باقي عبارت جي رنگينيءَ ۽ پختگيءَ جو نالو نشان به نه ملندو. ’مڪلي نامه‘ ان عيب کان گهڻي حد تائين پاڪ آهي، سچ پچ مڪلي نامه مير صاحب جو قلمي معجزو آهي.

ان کان پوءِ ’مقدمو‘، ص ۱۵_۴۰ تائين آيل آهي. ان ۾ ’مڪلي نامه‘ جي فني خصوصيت هن طرح بيان ڪيل آهي:

”درحقيقت سنڌ جي هن پُرنويس ۽ همه گير مورخ ۽ مصنف، ’مڪلي نامه‘، پنهنجي شاعرانه جذبي جي آسودگيءَ ۽ مقفيٰ ۽ مسجع نثرنويسيءَ جي مظاهري لاءِ لکيو آهي، ليڪن جنهن صورت ۾ سندس ضمير خواهه فطرت ۾ تاريخدانيءَ ۽ تاريخنويسيءَ جو چاهه ۽ چسڪو موجود هو، تنهنڪري لکندي لکندي هو علي الحساب ڪيتريون تاريخي حقيقتون آڻي ويو آهي، ۽ پنهنجي دؤر جي ڪيترن تمدني ڳالهين کي لکي ويو آهي“

ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ’مڪلي نامه‘ نه فقط ادب عاليه جو هڪ شاهڪار آهي، پر ان سان گڏ، هڪ تاريخي دستاويز پڻ آهي، جنهن ۾ ٺٽي جي مشاهير جي واقعات کي تاريخي طور پڻ بيان ڪيو ويو آهي.

ان کان پوءِ، ان موضوع تي ابن طولون دمشقيءَ جي تاليفات جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن دمشق جي مزارن ۽ مقبرن تي نَوَ ڪتاب لکيا آهن، ۽ ان کان پوءِ ان فن تي، عربي ڪتابن ۽ فارسي تاليفات جي ذڪر ڪندي، سترهن عربي ڪتابن ۽ چوڏهن فارسي ڪتابن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ هندستان ۾ لکيل ڪتابن مان چوڏهن ڪتابن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ انگريزن جي دؤر ۽ آثار قديمه جي اهميت تي اهو بحث ختم ڪيو ويو آهي.

اهڙيءَ طرح مصر، شام، عراق، ايران، افغانستان سان گڏ سنڌ ۾ ان قسم جي ٿيل ڪم تي تبصرو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ تهفـﺔ الڪرام، تحفـﺔ الطاهرين، مڪلي نامه جو ذڪر ڪري، پير صاحب لکيو آهي:

”سنڌ تاريخي ملڪ آهي، سنڌ علم ۽ عرفان جو مزڪر رهيو آهي، سنڌ اصحابن ۽ بزرگن جو آستان آهي. هن جو هر شهر ۽ هر قصبو ۽ قريو، ناميارن جي مزارن ۽ مقبرن سان ڀرپور آهي.“ (ص۲۴_ مقدمو)

مواد جي دستيابيءَ ۽ ڇپائيءَ ۽ اهميت متعلق پير صاحب جن لکيو آهي: (۳۵_۳۶)

”مواد کي گڏ ڪرڻ ۾ مون پنهنجي وس آهر ڏاڍو پاڻ پتوڙيو آهي. پڙهندڙ چڱيءَ پر ان جو اندازو ڪري سگهندا. سنڌ جي تاريخ جو ڪافي ذخيرو هنن صفحن ۾ گڏ ڪيو ويو آهي: ديبل ۽ ٺٽي جي تاريخ، سمن جو نسب نامو ۽ ان تي نوٽ، گجراتي سلطانن سان سنڌ جي سمن جون مائٽيون، عيسيٰ ترخان ثاني جو احوال، نسب، دارا شڪوه جي سنڌ ۾ آمد، ترخانن جا مقبرا ۽ انهن جا نقش ۽ ڪتبا_ ارغوني ۽ ترخاني دور جي ماڻهن ۾ قبرن جو احوال ۽ ڪتبا... وغيره.“

هي اهي موضوعات آهن، جن تي هن کان اڳ ڪٿي به تحقيقي ڪم نه ڪيو ويو آهي. پير صاحب، سنڌ جي تاريخ تي هي هڪ قسم جو احسان ڪيو آهي.

سنڌ جي تاريخ متعلق مواد جي ڪميءَ ۽ انتشار متعلق پير صاحب جن لکيو آهي:

سنڌ جي تاريخ کي ڪڏهن به ڪنهن سليقي سان هٿ نه لاتو آهي، اڙيا ٿڙيا مقالا ۽ چوپڙيون لکيون ويون آهن، ليڪن تفصيل ۽ سلسلي سان انهيءَ ڏس ۾ ڪنهن جا کوڙ ڪانه ڪئي آهي. انهيءَ جو وڏو ڪارڻ يقيناً هڪ اهو به آهي جو مواد يڪجاءِ ڪونه ٿو ملي. ڪتابن ۾ گهٽ ۽ ڪتابن کان ٻاهر گهڻو آهي. خود ڪتابن جو سٽاء به ڪو آسان ڪم ڪونه آهي، سواءِ چند متداول ڪتابن جي ٻئي ڪتابي مواد جو علم ۽ انهيءَ تائين پهچ هر ڪنهن جي وت ۽ وس ۾ ڪانه آهي“

سنڌ جي تاريخ جي تحصيل ۽ تڪميل جي سلسلي ۾ جي دشواريون موجود آهن، انهن متعلق پير صاحب جو چوڻ آهي:

”قبرستانن تائين پهچڻ، انهن جي ڪتبن کي تاريخ جي لکڻ ۾ ڪتب آڻڻ، سنڌ اندر، ڪو دستوري ۽ مروج طريقو ڪونه آهي.“

ان مان واضح آهي ته، جناب پير صاحب جن هن سلسلي ۾،هن محققانه روش ۽ نهج کي قائم ڪرڻ وارو پهريون مورخ آهي، جنهن ايتري ڇنڊ ڇاڻ ۽ خاڪ شوئي ڪري، ’مڪلي‘ جا دفينا ۽ خزينا اسان اڳيان آندا آهن، ڪاش! اسان جا ٻيا مورخ به ان طرح ڪم ڪن ۽ رڳو ڪتابن جي ورق گردانيءَ تي ڪفايت ڪري، تحريري ڇنڊ ڇاڻ تي اڪتفانه ڪن.

پير صاحب جن جو اهو چوڻ بلڪل درست آهي ته:

”سنڌ جي تاريخ تڏهن حاصل ڪري سگهي ٿي، جڏهن زير زمين دفينا کان، تاريخي مقامن ۽ مڪانن جي تلاش ۽ تحقيق ٿئي.

”سنڌ ۾ تصنيف ۽ تاليف ٿيل ڪتاب گڏ ڪجن. سنڌ کان ٻاهر جي لکيل ڪتابن ۾ سنڌ متعلق جو مواد آهي، تنهن جي وڏي پيماني تي تلاش ڪري ان کي يڪجاءِ ڪجي. ”ڪنهن به قديم ملڪ، ڪنهن به پراڻي تهذيب ۽ ڪنهن به اصيل ۽ نجيب قوم جي تاريخ لکڻ ڪو آسان ڪم يا سولو مسئلو نه آهي، خصوصا سنڌي قوم، جنهن جا اصول عادتون ۽ اطوار، جنهن جو نقط نظر، ۽ مسئلن متعلق جنهن جا نظريا مخصوص ۽ غير معمولي هجن، تنهن جي روش کي پروڙي، ان جو تجزيو ڪري ڪا صحيح تاريخ لکجي، ان لاءِ وڏيءَ جا کوڙ ۽ ڪشالي جي ضرورت آهي.“

Text Box: 363

 

بهرحال مڪلي نامه هڪ مستند ۽ دستاويزي تاريخ آهي، جنهن لاءِ اڃا به ائين چوڻ درست آهي:

 

”مڪليءَ جي قبرستان ۾ درحقيقت اسان جي تاريخ جو ايڏو اڻ کٽ خزانو مدفون آهي، جو سالن جا سال تحقيق ۽ تجسس ڪجي، تڏهن به اها مهم مهائتي ڪانه ٿيندي.“ (ص ۳۹).

آخر ۾ هن تبصري ۽ جائزي کي ختم ڪندي، انتساب جو اهو شاهڪار ٽڪرو ڏجي ٿو، جو مڪلي نامه جي اهميت ۽ حيثيت جو شاهد عادل آهي.

• اي ساٿيو! گهڙي کن بيهو! اسهيل يار جي ياد ۾، انهن وٿاڻن ۽ ماڳن مٿان آءُ ٻه ڳوڙها ڳاڙي وٺان!

 •دوستو! ترسو! آءُ دخول، حومل، توضح، ۽ مقراة جي وارياسي کي، اکين جي آب سان ريجي وٺان!

• ڏکڻ ۽ اتر جي هوائن، انهن دونهن ۽ جهوڪن جا انگ ۽ آثار، اڃا ڪونه ميٽيا آهن!

• اڃا وقت جي وٿي، منهنجي دل مان پڻ انهن جو ڪاڍو ڪڍي نه سگهيو آهي!“

اسان جي پرزور استد عا آهي ته، سنڌ جي تاريخ سان تعلق رکندڙ اهل ذوق، هن محققانه ۽ مورخانه شاهڪار کي مطالع ڪن ۽ ساه سان سانڊين. سندن لئبرري، هن مستند تاريخي ياد گار کان سواءِ بي رونق رهندي.

آخر ۾ مڪلي نامه جي ۹۶ صفحن تي مشتمل فارسي نظم ۽ نثر واري مواد کان علاوه، ۱۳۳ عدد تصويرون، سمن ۽ شاه مراد، ترخانن جا شجرا ۽ مڪليءَ جا ٻه نقشا پڻ ڏنا ويا آهن.

ان ايتري تفصيلي مطالع مان واضع ٿئي ٿو ته مڪلي نامه فني خيال سان، ان انسائيڪلو پيڊيا، جي طرز ۽ پايي جي هڪ جامع ۽ محققانه، مستند ۽ معتبر، قابل استشهاد چيز آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ زنده ۽ پائنده انداز ۾ موجود آهي. اسان، جناب پير صاحب جن کي هن شاهڪار جي تڪميل تي مبارڪ ڏيون ٿا ۽ ان سان گڏ سنڌي ادبي بورڊ پڻ تحسين جي لائق آهي، جنهن هن ضخيم ڪتاب کي ڇپائي، علمي دنيا ۾ سنڌ کي سرفراز ڪيو آهي._ غ . م . گ .

مورڙو ۽ مانگر مڇ: مرتب: جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊئريڪٽر لوڪ ادب اسڪيم، سنڌي ادبي بورڊ؛ ڇپائي اعليٰ، (ڊيمي سائيز) گرد پوش ديده زيب، ڪاغذ اڇو، صفحا ۲۲۰، قيمت ۰۰_۴ رپيا، ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ۽ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بُڪ اسٽال، امين منزل، گاڏي کاتو، حيدرآباد سنڌ.

’مورڙو ۽ مانگرمڇ‘ لوڪ ادب اسڪيم جو ڇٽيهون ڪتاب آهي، جو پنهنجي صوري ۽ معنوي لحاظ سان، دلڪش ۽ روح آفرين آهي.

مقدمي ۾ جناب ڊاڪٽر صاحب جن لکن ٿا:

Text Box: 365

 

”مورڙي ۽ مانگرمڇ جو داستان، سنڌ جي مشهور قصن ۽ داستانن ۾ هڪ انفرادي حيثيت رکي ٿو؛ هيءُ ڪتاب هڪ جنگي داستان آهي، پر جنگ سامونڊي جانور سان آهي. هيءُ داستان، سنڌ جي ملاحن جي همت ۽ حڪمت عمليءَ، توڙي سنڌ ۾ ڪلن جي اعليٰ هنر ۽ حرفت تي شاهد آهي. مجموعي طور سان، هيءُ سنڌ جي سور هيائيءَ ۽ هنرمنديءَ جو داستان آهي.“ ڊاڪٽر صاحب جن، پنهنجي عالمانه مقدمي ۾ هن عظيم روايت جي تاريخي پس منظر، قدامت، فني هيئت، موضوع ۽ مواد تي بصيرت افروز بحث ڪيو آهي، جو تعريف جي قابل آهي. ڊاڪٽر صاحب جن جي تحقيق موجب هي داستان دلوراءِ جي زماني جو آهي. دلوراءِ عربن جي دؤر جي پڇاڙيءَ ۽ سومرن جي دؤر جي اوائل ۾ آهي، ان ڪري هي روايت، پنجين صدي هجريءَ ۽ ٻارهين صدي عيسويءَ جي آهي. هن روايت جو افادي پهلو، پنهنجي ظاهري فني محاسن سان گڏ اهو به آهي ته، هيءَ روايت، تصوف جي حقائق ۽ معارف سان وابسته آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي صوفيائي ڪرام ان روايت تي عجيب غريب صوفيانه اسرار ۽ رموز پيش ڪيا آهن، ان طرح هن داستان کي سڀني اهل دل حضرات پڻ ٻڌو آهي. هن قصي جو تاويل ۽ تعبير ’نفس ڪشي‘ آهي. نفس مانگرمڇ آهي ۽ مورڙو اهو مانجهي مرد آهي، جو طريقت جي اجهاڳ سمنڊ ۾ گهڙي، ان سان لڙي ٿو ۽ ڪامياب ٿئي ٿو.

 

هن ڪتاب ۾ ڪل ۲۰ شاعرن جون شاعرانه روايتون جمع ڪيل آهن. انهن جي جمع ۽ ترتيب، اصلاح ۽ سٽاءَ، پيشڪش ۽ بيهڪ، نهايت توجهه ۽ عرق ريزيءَ سان ڪيل آهي.

هي ڪتاب، هر لحاظ سان، سنڌي ادب، سنڌي قديم داستان سرائي ۽ قديم سنڌي روايت ۾ هڪ دلڪش ۽ معياري اضافو آهي. اهل ذوق ۽ شعراء ڪرام لاءِ ادبي ۽ علمي شاهڪار آهي.

                                _غ . م . گ

”جنب گذاريم جن سين“: (۲ حصا) از: جي. ايم. سيد، ڇپائي اعليٰ، ڪاغذ عمدو، ڊيمي سائيز، سرورق دلڪش_ صفحا ۴۴۰، قيمت ۰۰_۷ رپيا؛ ۽ جلد ۲، صفحا۵۱۸،قيمت ۷۰۰ رپيا، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال، امين منزل گاڏي کاتو حيدرآباد ۽ سنڌ جا مشهور ڪتب فروش.

’جنب گذايم جن سين‘. سنڌ جي مشهور محب وطن ۽ قومي ليڊر جناب جي. ايم. سيّد صاحب جي قلمي ڪاوش جو قابل قدر شاهڪار آهي.

جناب جي. ايم. سيد صاحب جهڙي جهان ديده، تجربيڪار ۽ باشعور انسان، پنهنجي زندگيءَ جي تجربات ۽ مشاهدات، تاثرات ۽ واقعات کي قلمبند ڪري، نه فقط سنڌي ادب ۾ اضافو ڪيو آهي؛ پر ان سان گڏ، سنڌي تاريخ جي عظيم انسانن جي سيرت ۽ سوانح، حالات ۽ اثرات کي، هڪ هنڌ جمع ڪري، اهل بصيرت لاءِ عبرت ۽ موعظت جو سامان پيدا ڪيو آهي.

اصل ۾ پاڻ هڪ ڪتاب ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“ پنجن ڀاڱن ۽ ٽن جلدن تي، جنهن جي هر هڪ ڀاڱي ۾ ڏهن سالن جو ذڪر ڪيل آهي، لکي چڪا آهن.

ان متعلق سندن چوڻ آهي ته:

”اهو ڪتاب فقير جي ڪچڪول وانگر مختلف بابن ۾ ورهايو ويو آهي. هر ڀاڱي جي باب اول ۾ انهيءَ دؤر جي بين الاقوامي احوالن کي درج ڪيو اٿم. ٻئي ۾ هندستاني سياست ۽ آزاديءَ جي تحريڪ جو احوال آهي. ٽئين ۾ ان زماني ۾ سنڌ جي سياسي واقعن ۽ احوالن جو ذڪر ڏنل آهي. باب چوٿين ۾ پنهنجي سماجي ۽ ثقافتي سر گرمين ۽ ڪار گذارين جو قصو بيان ٿيل آهي، باب پنجين ۾ پنهنجي مذهبي، سياسي، نفسياتي ۽ ذهني ارتقا جو احوال ڏنو اٿم. باب ڇهون ڊائريءَ جي دلچسپ ٽڪرن تي مشتمل آهي. باب ستين ۾ بزرگن ۽ دوستن ۽ سياسي رفيقن جي زندگيءَ جو احوال لکيو اٿم.“

هن مختصر تعارف مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هيءَ ڪاوش، سنڌ جي هڪ دؤر جي علمي، ادبي، ملڪي، سماجي ۽ سياسي تاريخ آهي.

هي ٻه جلد مٿئين ڪتاب جي ستين باب تي مشتمل آهن.

هنن ٻن جلدن مان، پهرئين ۾ ۱۰۱ ۽ ٻئي ۾ ۱۷۷ سوانح عمريون آيل آهن؛ جن ۾ استاد، زميندار، درويش، قومي ڪارڪن، سياستدان، اديب، عالم، نامور آفيسر، سماجي ڪارڪن رفيق ۽ واقفڪار اچي وڃن ٿا. ان طرح ان ايتري ذخيري ۾، هندو، مسلمان، پارسي، ۽ انهن ۾ مردن سان گڏ انهن بيگمات جو پڻ ذڪر آيل آهي، جن قومي ۽ ملڪي خدمت ڪئي آهي.

جناب شاهه صاحب، ڪتاب جي افاديت ۽ مقصد متعلق لکيو آهي:

”زندگي هڪ عجيب تگ ودو جو ميدان آهي، جنهن ۾ سارو وقت انسان روزمره جي ڪشمڪش ۾ گذارڻ بعد، جڏهن ماضيءَ تي نظر ٿو ڪري، ته ان ساريءَ سرگذشت جون صرف اڻ لَکيون ياد گيريون باقي رهن ٿيون. لکها انسان، سندن ياد گيرين جا داستان، پاڻ سان کنيو، ڪنهن به رڪارڊ ڇڏڻ کان سواءِ، گذر ڪيو وڃن. ڪي آهن، جي انهن کي قلمبند ڪريو، پوين جي معلومات لاءِ ڇڏين ٿا. لقد ڪان في قصصهم عبرت الاولي الا لباب!_“

هي داستان، ۱۹۱۹ع کان وٺي، اڄ تائين، سنڌ جي حالات جو مرقع آهي، جنهن ۾ شاهه صاحب، پنهنجي تاثرات ۽ مشاهدات جي نقش گري ڪئي آهي.

جڏهن ته هن داستان جو مرتب ۽ جامع، پنهنجي ذاتي فضائل ۽ محاسن جي باوجود هڪ باشعور، سرگرم، انقلابي ۽ با حوصله سياستدان آهي، تنهن ڪري اهو پورو داستان، بلڪل هڪ مطمع نگاهه، هڪ زاويه نظر، هڪ تاثر ۽ هڪ رد عمل جي صدائي بازگشت آهي؛ جنهن جي بعض مسئلن ۽ نتيجن سان اختلاف ڪرڻ جي گنجائش آهي. اسان، هن شاهڪار جي اشاعت تي، ان جي مرتب، جناب جي_ ايم_ سيد ۽ ان جي ڇاپيندڙ، سنڌي ادبي بورڊ جي حوصلي کي مبارڪ ڏيون ٿا، جن، ”حاليا غلغله در گنڊ افلاک انداز“ تي عمل ڪيو آهي.                                   غ . م . گ.

لطائف الطوائف: مترجم شمس العلماء قليچ بيگ مرزا. ڇپائي اچي، ڪرائون سائيز. ۲۸۷ صفحا، قيمت ۳رپيا. ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ، ۽ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال؛ امين منزل، گاڏي کاتو، حيدرآباد سنڌ.

هي ڪتاب، دلچسپ لطائف ۽ دلڪش ظرائف سان ڀريل، اخلاقي ۽ اصلاحي چيز آهي. انوار سهيليءَ جي مصنف مولانا ڪاشفيءَ جو لکيل آهي. اصل  ڪتاب ۹۲۹هه ۾ وقت جي بادشاهه سلطان محمد لاءِ لکيو ويو هو. منجهس عجيب و غريب لطيفا ۽ خوش ذوقيءَ جا عمدا واقعا بيان ٿيل آهن. اهل علم دوستن، توڙي شاگردن لاءِ، وندر ۽ معلومات لاءِ بهترين تحفو چئي سگهجي ٿو. ٻولي سليس ۽ انداز بيان لذيذ اٿس. ترجمي لاءِ، مرحوم مرزا صاحب جو قلم ڪافي شهرت رکي ٿو. هي عمدو ڪتاب، سندن بهترين ترجمن مان شمار ڪري سگهجي ٿو.                    غ . م .گ.

لغات لطيفي: مصنف شمس العلماء قليچ بيگ ميرزا. ڇپائي اعليٰ، ۳۸۲ صفحا، ڪرائون سائيز، قيمت پنج رپيا. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ۽ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال امين منزل، حيدرآباد سنڌ.

لغات لطيفي، حضرت ميرزا صاحب جي معياري ۽ بلند درجي جي ڪاوش تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ لطيف جي رسالي جي سروار، ۽ الف_ ب وار ڏکين لفظن جي لغت لکي وئي آهي. لطيف جي ڪلام کي پروڙڻ ۽ شرح جي سلسلي ۾، هي مختصر لغات نهايت ڪارآمد ثابت ٿي آهي. منجهس سڀني مختلف ڇاپن کي اڳيان رکي، مرزا صاحب ڏکيا لفظ انتخاب ڪيا آهن؛ ان ڪري، اهل علم لاءِ ان جي افاديت ظاهر آهي. گهڻو ڪري، لطيف جي زبان ۾ آيل سڀني لهجن ۽ محاورن کي آسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي_

                                        غ . م . گ.

قديم سنڌ: مولف شمس العلماء قليچ بيگ مرزا، ڇپائي اعليٰ، ڪرائون سائيز، صفحا ۵۱۵، قيمت ۶پيا. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ۽ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ، امين منزل حيدرآباد سنڌ.

هي ڪتاب، سنڌ جي قديم تاريخ، قديم قومن، عالمن، ادبين، شاعرن، حاڪمن، ولين ۽ مشهور علاقن ۽ شهرن تي معلومات افزا چيز آهي. مرزا صاحب سنڌ جي تاريخ تي، فارسي ۽ انگريزي ڪتابن جو ڄڻ ته جوهر ڪڍي پيش ڪيو آهي.

هن ڪتاب جي آخر ۾ ”قديم سنڌ جا ستارا“ ڪتاب به اضافو ڪيو ويو آهي. آخر ۾ مشهور ماڻهن جا شجرا پڻ ڏنل آهن. سنڌ سان ذوق رکندڙ دوستن لاءِ هن ڪتاب جو مطالع لازمي چيز سمجهڻ گهرجي. زبان رنگين ۽ انداز بيان شيرين آهي.                              غ. م. گ.

موتين جي دٻلي: مصنف شمس العلماء قليچ بيگ ميرزا، صفحا ۲۶۶، ڊيمي سائيز، پنو عمدو، قيمت ۰۰_۵ رپيا، ڇپائي اعليٰ، ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ۽ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بوڪ اسٽال امين منزل گاڏي کاتو، حيدرآباد سنڌ.

موتين جي دٻلي، مرزا صاحب جي بهترين ”رباعيات“ جو شاهڪار آهي. ان جو پهريون حصو ۱۹۱۴ع ۾ ڇپيل هو ۽ ٻيو حصواڻ ڇپيل هو. ان طرح هن ڪتاب ۾، ٻنهين حصن سان گڏ، رباعيات عمر خيام جو ترجمو به شامل ڪيل آهي، يعني هي پورا ٽي ڪتاب آهن.

 

هن فني شاهڪار ۾ ترجمي سان گڏ، طبعزاد رباعيات جو حصو پڻ گهڻي انداز ۾ موجود آهي. تعارف، سندن فرزند ارجمند، جناب اجمل بيگ مرزا، نهايت فنڪارانه ۽ عالمانه طور لکيو آهي، جنهن ۾ ’رباعيءَ‘ جي فني تعريف، عروضي نقطه نظر ۽ مثالن سان بيان ڪري، نو آموز شاعرن لاءِ آساني پيدا ڪئي ويئي آهي. ٽنهين ڪتابن جي ضخامت ۱۹۶ صفحا ۽ ڏکين لفظن جي معنيٰ ۱۹۷_۲۴۸ تائين آهي. جڏهن ته رباعي هڪ ڏکيو ۽ دقيق فن آهي، تڏهن تمام ٿورا شاعر ان کي نباهي سگهيا آهن. مرزا صاحب جي هن عمده شاهڪار جو مطالع، موضوع ۽ خيال، فن ۽ عروض جي لحاظ کان به لازمي آهي.                                              _غ. م. گ.

  عجيب جواهر: از شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، صفحا ۷۶، قيمت ڏيڍ روپيو ڪرائون سائيز، ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ۽ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال، امين منزل، گاڏي کاتو، حيدرآباد سنڌ.

”عجيب جواهر“، شعر جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ انگريزي شاعريءَ مان اخلاقي ۽ اصلاحي شعرن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪنهن ڌاري ٻوليءَ مان ترجمو ڪرڻ، اهڙو آسان نه آهي، تاهم مرزا صاحب مرحوم، جنهن فنڪارانه حيثيت سان، سنڌي شعر ۾ انگريزي خيال آندا آهن، اهي اصل جون سڪون ٿا لاهين. سارو ڪتاب واقعي عجيب جواهرن سان ڀريل آهي. هن ترجمي جي هڪ خصوصيت اها به آهي، جو مرزا صاحب، ترجمي سان گڏ، وزن به ڏنا آهن، جن جي سمجهڻ ۽ پروڙڻ سان، نو آموز شاعرن کي فن عروض متعلق پڻ ڪافي رهنمائي ٿئي ٿي. جن مشهور شاعرن جو شعر آيل آهي، تن مان ڪن جا نالا پيش ڪجن ٿا. مثلا: شيڪسپيئر، پوپ، وليم ڪوپر، والٽر اسڪاٽ، گولڊ سمٿ، جان ڊرائڊن، ٽينيسن، بائرن، ڪالرج، برنس، ڪيٽس، ورڊسورٿ، فرانسز، ڊگلس، شلر، ڪوڪ، وليم جونس، لانگ فيلو، ايليٽ وغيره، انهن جي بين الاقوامي شهرت کان هر ڪو واقف آهي. مرزا صاحب ’عجيب جواهر‘ لاءِ چيو آهي:

 

قدر ڄاڻي جواهرن جو ڪونه،

ڪڏهن جڳ ۾ جواهريءَ ڌارا.

ريءَ سخن سنج ڪونه ڪوسمجهي،

منهنجا سونهري هي سخن سارا.

 

”عجيب جواهر“ ۾ ڪل ۱۴۰ عنوان آهن ۽ ۷۶ صفحن جو ڪتاب آهي. سندس قيمت ڏيڍ روپيو آهي.    غ. م.گ.

ڪليات امين: مرتب: پروفيسر محبوب علي چنا. پنو اُوچو، گيٽ اپ ۽ ڇپائي عمدي، سرورق_ من موهيندڙ،صفحا ۲۲۸، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ملڻ جو هنڌ: بورڊ جو بوڪ اسٽال، امين منزل، گاڏي کاتو، حيدرآباد سنڌ ۽ مشهور ڪتب فروش.

ڪليات امين، سنڌ جي مشهور اهل دل بزرگ، حضرت مخدوم امين محمد سائين ثالث عرف ”پکن ڌڻيءَ“ جي عارفانه ۽ عاشقانه ڪلام تي مشتمل شاهڪار آهي.

 

هن ڪلام جو مرتب، سنڌي ادب جو برک اهل قلم ۽ محقق، پروفيسر محبوب علي چنا آهي، ۽ ان تي پيش لفظ، جناب مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ، سجاده نشين درگاه سروريه حضرت مخدوم نوح رحه جو آهي، ۽ ان تي نظر ثاني، ۽ ڇپائيءَ ۽ گيٽ اپ جو فني ڪم ناچيز بنده گرامي ڪيو آهي.

ان جي ترتيب هن ريت آهي:

پيش لفظ، انتساب، ديباچي کان پوءِ، سوانح حيات  سلسله سهرورديه سان گڏ، حسب نسب، تعليم تربيت، سجاده نشينيءَ ۽ اولاد تي بحث ڪيل آهي.

ان کان پوءِ ”راهونڊ ۾ روح رهاڻ“ جي عنوان هيٺ، راهونڊ ۾ فقيراڻا آثار، جاگرافي ۽ سندن ڪرامتون بيان ٿيل آهن ۽ ان سان گڏ راهونڊ متعلق مشهور شاعرن جا تاثرات بيان ڪيا ويا آهن.

ان کان پوءِ، وفات ۽ مدفن جي عنوان هيٺ سندن وصال لاءِ تاريخي قطعا ڏنل آهن. آخر ۾ ’معتقيد ۽ مريد‘ ۽ ’درگاه جا مجاور‘، ٻن عنوانن هيٺ سندن مريدن ۽ مجاورن جو ذڪر ڪيل آهي.

ان کان پوءِ، سندن ڪلام جي محاسن تي ’ڪلام جي مقبوليت‘ جي عنوان هيٺ فني بحث آيل آهي، ۽ تصوف ۽ شعر وشاعريءَ تي هڪ مستقل عنوان آهي، جنهن ۾ تصوف ۽ وحدت الوجود تي بحث ڪيل آهي. آخر ۾ سندن ڪلام جو پورو متن، ڪافيون بيت، وايون، سي حرفيون، مولود، مرثيا ۽ اردو ڪلام ڏنل آهي. سندن ڪلام راڳداريءَ جي فن موجب ترتيب ڏنل آهي، ان کان سواءِ پنج ضميما هن طرح ڏنل آهن:

ا_ ضميمون: سندن دؤر جا هم عصر شاعر ۽ سندن معاصر سجاد، نشين ۽ انگريزن جي اوائلي دؤر جا اديب، تعليمي خدمتگذار، سياسي ۽ علمي ليڊر.

۲_ضميمي ۾ درگاهه شريف هالا جي سجاده نشينن جي سَنوار لسٽ ڏنل آهي.

۳_ ضميمي ۾ امين سائينءَ جي خاندان جو شجرو.

۴_ ضميمي ۾ ميان غلام نبي عرف ميان پنيلڌي جو ڪلام.

۵_ ضميمي ۾ مراجع ۽ ماخذات جي لسٽ ڏنل آهي.

تصويرن ۾ حضرت مخدوم محمد زمان صديقي و قريشي _(خامس) بن مخدوم امين سائينءَ  جي هڪ ناياب تصوير ڏنل آهي.

مجموعي حيثيت سان هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ بيش بها اضافو آهي، ۽ چنا صاحب جي وسيع مطالع ۽ تحقيق جو شاهڪار آهي، ان طرح هڪ دؤر جي مشاهير جي پوري تاريخ پڻ هن ڪتاب ۾ سمايل آهي.

امين سائينءَ جو ڪلام نهايت رنگين، دلاويز، روح آفرين ۽ وجدانگيز آهي. بهر حال هن ڪتاب کي ادب ۾ بيش بها اضافو قرار ڏئي سگهجي ٿو.

ان کان سواءِ، حضرت ’پکن ڌڻيءَ‘ جي تحرير جون ٻه_ عڪسي تصويرون آهن. هڪ ۾ پنهنجي فرزند مخدوم ظهيرالدين ’پروڄام‘ ڏانهن خط آهي، ۽ ٻيءَ ۾ پنهنجي ننڍي فرزند ميان فتح محمد ڏانهن تحرير آهي.

ان طرح ابو محمد سعيد صالح شاهه راڻيپوريءَ جي ڪافيءَ ۽ خط جو عڪس ۽ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ان ڪافيءَ جو عڪس، جا پاڻ پکن ڌڻيءَ جي ڪافيءَ جي تتبع ۾ لکي هئائون، پڻ ڏنل آهن.                  غ. م. گ.

اسلامي تاريخ جو مطالعو: از: پروفيسر محبوب علي چنا، ڪرائون سائيز؛ ڇپائي، گيٽ اپ، سرورق_معياري،قيمت چار رپيا،ڇپائيندڙ”اداره صالح سيريز“ پڪا پير چاڙهي حيدرآباد؛ ملڻ جو هنڌ: ڇپائيندڙ ۽ سنڌ جا مشهور ڪتب فروش.

’اسلامي تاريخ جو مطالعو‘، سنڌ جي مشهور اهل قلم ۽ محقق جناب پروفيسر محبوب علي چنا، پرنسپال، گورنمينٽ ڪاليج لطيف آباد (حيدرآباد، سنڌ) جو قابل فخر علمي شاهڪار آهي. ڪتاب، جهڙيءَ طرح ٻاهرين زيبائش، طباعت، گيٽ اپ جي لحاظ سان دلڪش ۽ ديده زيب آهي، اهڙوئي موضوع ۽ مواد جي خيال سان معلومات افزا ۽ مفيد آهي.

چنا صاحب پنهنجي ساري عمر ۾ تعليم ۽ ادب جي خدمت جي سلسلي ۾ جا جدوجهد ۽ جانفشاني ڪئي آهي، اها هر طرح تحسين جوڳي آهي. پاڻ هڪ طرف قديم علوم ۽ جديد فنون جو ڄاڻو آهي ته ٻئي طرف ادب، دينيات، تاريخ، لسانيات، شعر ۽ تصوف تي به وڏو مطالعو رکي ٿو. سندس علمي ۽ تحقيقي مقالا، گهڻو ڪري سنڌي ادب جي سڀني معياري رسالن ۾ شايع ٿيندا آيا آهن. هن اداري جي معيار کي ڏسي، اسان ”اداره صالح سيريز“ جي ڪارپردازن کي پڻ مبارڪ ڏيون ٿا، جن هن قسم جي تحقيقي سلسلي کي اسلامي تاريخ جهڙي مبارڪ موضوع سان شروع ڪيو آهي. دعا آهي ته اهو سلسلو تڪميل تي پهچي، ۽ سنڌي ادب ۾ علمي ۽ ديني خيال سان اضافو ڪندو رهي.

ڪتاب ۾ اول، ايم. صالح. ”خليق“ جي پاران گذارش آهي، جنهن ۾ اداري جي مقصدن تي روشني وڌل آهي. ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آئندي ان سلسلي ۾ اسلامي تاريخ، سنڌي ادبي تاريخ (سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾)، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ (ٽنهي زبانن ۾) مشائخ مهراڻ ۽ واديء سنڌ جا آثار قديمه وغيره شايع ڪيا ويندا.

ان کان پوءِ جناب گرامي صاحب، ايڊيٽر ’مهراڻ‘ سماهي مقدمو، ٻارهن صفحن تي مشتمل آهي. گرامي صاحب، تاريخ جي مطالعي جي سلسلي ۾ نهايت محققانه انداز ۾، فني ۽ تحقيقي طور بحث ڪيو آهي.

ان کان پوءِ شيخ محمد حاجن، صدر شعبه اسلامي تاريخ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختصر تقريظ آهي؛ جنهن ۾ پروفيسر صاحب، ڪتاب کي هر لحاظ کان ”بهترين ڪتاب“ قرار ڏنو آهي.

ان سلسلي ۾ ’انتساب‘ جي عنوان هيٺ، چنا صاحب، پنهنجي والد بزرگوار ڏانهن ڪتاب کي منسوب ڪندي، لذيذ ۽ شيرين تحرير لکي آهي. ان طرح ديباچي لکندي، محترم چنا صاحب فن تاريخ تي تبصري ڪندي، قرآن مان ان فن جي حقيقت بيان ڪئي آهي ۽ ان سان گڏ سڀني مقالن جو ڌار ڌار تعارف ڪرايو آهي.

Text Box: 377

 

هن ڪتاب ۾ ڪل ست مقالا هن ريت آهن: (1) اسلام کان اڳ دنيا جي حالت، (2) رباني رحمت جا ڪرشما، (3) حضرت علي رضه جي شهادت، (4) عاشوري جو ڏينهن، (5) حضرت عبدالله بن زبير رضه، (6) حضرت بيبي صفيه، (7) حضرت عبدالله بن عمر رضه. آخر ۾ ٻه ضميما آهن.

 

اسان جي پرزور راءِ آهي ته، سنڌي ادب سان دلچسپي رکندڙن کي، هي ڪتاب ضرور خريد ڪري پڙهڻ گهرجي. ان طرح دينيات ۽ تاريخ اسلامي سان تعلق رکندڙن لاءِ بيش بها ذخيرو آهي. اسڪولن، ڪاليجن کان سواءِ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري لئبررين لاءِ پڻ لازم آهي ته هُو ان اداري جي حوصلي افزائي ڪن.                              (_غ. ب.)

دولت_ ميسور: از مرزا محمد نواز بيگ، ڇپائي سهڻي، ڪاغذ وچٿرو، ڪرائون سائيز، صفحا ۱۳۲، قيمت هڪ رپيو ٻارهن آنا، ڇپائيندڙ ۽ ملڻ جو هنڌ: اداره ”بوستان ادب“، ٽنڊو ٺوڙهو، حيدرآباد سنڌ.

’دولت ميسر‘، مملڪت خداداد ميسور ۽ ان جي جليل القدر سلطان حيدر علي خان جي حالات ۽ واقعات تي مشتمل تاريخي شاهڪار آهي. منجهس حيدرعلي خان جي بهادرانه ڪارنامن سان گڏ، سندس انصاف ۽ صلح پسنديءَ جا واقعات پڻ بيان ڪيا ويا آهن. منڍ ۾ مولانا غلام محمد گرامي صاحب، ”ٻه اکر“ ۾ لکيو آهي ته:

”دولت ميسور، هڪ تاريخي ۽ تحقيقي شاهڪار آهي: اڄ ضرورت آهي ته اهل اسلام کي پنهنجي شاندار ماضيءَ جي بهادرانه مثالن کان واقف ڪيو وڃي ۽ مشاهير جي سوانح ۽ سيرت تي محققانه ۽ عالمانه انداز ۾ ڪتاب لکيا وڃن... تاريخ ئي مُرده قومن جي ضمير کي بيدار ڪري ٿي!“

مرزا صاحب جي انداز بيان متعلق، گرامي صاحب لکيو آهي:

”مرزا صاحب جو اندازِ بيان سليس ۽ روان، شيرين ۽ رنگين آهي.“

هي ڪتاب، تمام گهڻن انگريزي، فارسي ۽ اردو ڪتابن جي مطالع کان پوءِ لکيو ويو آهي. هن ڪتاب جي افاديت ۽ اهميت لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته خود صدر مملڪت به وقت بوقت پئي چيو آهي ته ”اهلِ اسلام اڳيان، مجاهدانه ڪارنامن کي بيان ڪري، منجهس بهادرانه جوش جاڳائڻ گهرجي.“ هي مختصر ڪتاب، ان سلسلي جي هڪ ڪَڙي آهي.

اسان پرزور سفارش ٿا ڪريون ته هي ڪتاب، اهل ذوق مطالع ڪن. منجهس افسانن ۽ ناولن کان وڌيڪ رنگيني آهي. تعليم کاتي جي لئبررين ۽ ڪاليجن ۽ اسڪولن لاءِ پڻ ڪارائتو تحفو ثابت ٿيندو.                        (م. ب)

مسڪين جهان خان کوسو“: ليکڪ محمد بخش بلوچ ”مجنون“؛ صفحا ۱۰۴، ڪرائون سائيز، گيٽ اپ ۽ ڇپائي معياري، پنو عمدو، سرورق تي ”مسڪين“ جي تصوير قيمت ۰۰_۲ رپيا؛ ڇپائيندڙ: جميل پبليڪيشن، ميرپور خاص، سنڌ.

Text Box: 379

 

ڪتاب ”مسڪين جهان خان کوسو“ نهايت عمدو ڇپيل آهي. پنو ۽ ڇپائي سُٺي آهي. هي ڪتاب، هڪ مسڪين ۽ غريب شخص جي سوانح عمري آهي. جيڪا ۱۰۴ صفحن تي مشتمل آهي. هونءَ جيڪر ڪنهن غريب ماڻهوءَ جي سوانحعمري مشڪل سان ڪو پڙهندو، مگر مصنف جي لکڻ جي خصوصيت اهڙي مزيدار آهي، جو ڪتاب پوري ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. مصنف، ڳالهه مان ڳالهه پيدا ٿو ڪري،جنهن مان پڙهندڙ جي دلچسيءَ پيدا ٿئي ٿي ته ڀلا پوءِ ڇا ٿيو، تان جو ويندو اڳتي پڙهندو.

 

هي ڪتاب، عام سوانحعمري جي ڪتابن وانگر نه آهي. مصنف، سوانحعمري لکڻ جي پنهنجي طرز ايجاد ڪئي آهي. منهنجي نظرن مان سوانحعمري لکڻي جو اهڙونمونو، سنڌي زبان ۾ اڳي ڪونه گذريو آهي. انهيءَ طرز کي آءُ جيڪر بيانه انداز جو نمونو سڏيان ته بجا ٿيندو_ ڇاڪاڻ ته مصنف هڪ نُڪتو بيان ڪري ٿو ان جي وضاحت ڪندي، ان جو ڇيڙو ٻئي نُڪتي جي منڊ سان ڳنڍيندو وڃي، تنهنڪري عبارت ۾ دلچسپي پيدا ٿيو پوي. انهن بيانن جي وچ ۾ ممدوح باعث، هن جي خدمت، خصلت، رهڻي ڪهڻي بابت معلومات ڏيندو وڃي ٿو. اهڙي طرح پنهنجي ممدوح جي سوانحعمري لکندو وڃي. ڪن نُڪتن بيان ڪرڻ وقت، مصنف نه رڳو اسان کي ممدوح جي سوانح بابت خبر چار ٿو ڏئي، پر ملڪ ۽ قوم ۽ زماني جي ماحول ۽ لاهي چاڙهي بابت به ڪجهه ٻڌائي ٿو، جي حقيقت ۾ نه رڳو معلومات سان پُر هوندا آهن، بلڪ حقيقت تي به مبني هوندا آهن؛ ۽ اسان کي خبر پوندي آهي ته دنيا ۾ ڇا وهيو واپريو، بلڪ موجود دور ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. اها خصوصيت، تمام گهٽ تحريرن ۾ نظر ايندي. گويا هڪ سوانحعمري پڙهندي، اڳئين ۽ موجوده دور جي تاريخ جي ماحول جي نه رڳو ڀيٽ پيئي ٿيندي، بلڪ تصوير، فلمي پردي وانگر نظر جي اڳيان پيئي ايندي ويندي. مصنف جي عبارتن مان مجال آهي جو ڪو پڙهندڙ ڪڪ ٿئي، ڇاڪاڻ ته عبارت ۾ ظرافت جي چاشني ايتري عام جام آهي، جو پڙهندڙ مُشڪڻ يا ٽهڪ ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو. هي ڪتاب، سوانحعمري جي شاهڪارن ۾ هڪ نئون اضافو آهي.

 

_ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ (ريڊيو پاڪستان تان ٿيل)

آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين!

                                          (شاهه)

آه!محمد منير چنا

نهايت ڏک جي ڳالهه آهي، جو سنڌ جي مشهور عالم دين ۽ شاعر شيرين بيان، حضرت مولانا دين محمد صاحب ’’اديب‘‘ فيروز شاهيءَ جي نوجوان فرزند، محمد منير چنا وڪيل، ٢١_ آڪٽوبر ٦٧ع، مطابق ١٦_ رجب المجرب ١٣٨٧هه تي وفات فرمائي آهي.

مرحوم هڪ رلڻو ملڻو ۽ زنده دل نوجوان هو. سندس پيشو اگرچه وڪالت هو، پر ان سان گڏ ادب سان به دلي چاهه هوس. ان سلسلي ۾ سندس ڪيترا ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن مان ’’اسلامي اڪابر‘‘ (٩ حصن مان،٧ حصا ڇپيل) ڏاڍا مقبول ٿيا آهن. سندس ٻيا ڪتاب، ’’سيرت الرسول‘‘، ’’عشق حقيقي‘‘، ’’انگريزي _ سنڌي ڊڪشنري‘‘، ۽ ’’عربي گرامر‘‘ اڃا اڻ ڇپيل آهن. هن نوجوان جي اوچيي وفات حسرت اُيات، نه فقط مولانا دين محمد صاحب ’’اديب ‘‘ ۽ عزيزن لاءِ جانڪاه آهي، پر اُن سان گڏ سنڌي ادب جي هڪ پرذوق اهل قلم جو اوچتو اٿي وڃڻ به چئي سگھجي ٿو.

دعا آهي ته رب ڪريم شال هن جوان مرگ صالح فرد کي مرَهي؛ ۽ سندس عزيزن ۽ والدين کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي. انا لِله وانا اليه راجعون! (غ. م. گ)

هت ٻه تاريخي قطعا پيش ڪجن ٿا:

مرحوم محمد منير چنا جي تاريخ وفات

گشت غائب، از افق مهر منير،

از غروبش، گشت تاريکي شديد.

گور، او پرنور، بهَ نما يا خدا،

يا خدا فرما، بر او فضل، مزيد.

رحمت، حق، برسرش بارند باد،

جنت الفردوس، بخش يا مجيد.

از عطايش، باد جار، مصطفيٰ،

از لقايش، باد در، عيش، رَغيِد.

عمر،اوچل سال، هفت و نيم بود،

از حکيم، حاکم، مطابق، وحيد.

بي سَر، انکار فرموده سروش،

گو اديبا، سال، ’’مغفورِ حميد‘‘.

هجري ١٣٨٧=١—١٣٨٨

_ مولانا دين محمد صاحب ’’اديب‘‘ فيروز شاهي

فرد

به لطف، خدائي ڪريم و قدير،

’’مقرّر بهَ جَنّت، ’’محمد منيّر‘‘.         ١٣٨٧هه                   

_ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان،

صدر شعبئه اردو، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد.

مولانا محمد نورنگ زاده مرحوم

هيءَ خبر نهايت ڏک پهچائيندڙ آهي ته، وادي سنڌ جي مشهور عالم، دين، شاعر ۽ اهل قلم، مولانا محمد نورنگ زاده ٢٠نومبر ١۹۶٧ع تي، پنهنجي ڳوٺ کورواه ۾ وفات ڪئي. انا للِه وَ انا اليـﮧ راجعون

مرحوم مولانا محمد نورنگ زاده، سنڌ جي مشهور ديني عالم ۽ تفسير تنويرالايمان سنڌيءَ جي مؤلف، مولانا محمد عثمان نورنگ زاده جو پوٽو هو.

مرحوم هڪ مشهور عالم دين، خطيب اديب، ۽ شاعر هو. سندس شاعري، سنڌي، عربي ۽ فارسي ڪلام تي مشتمل آهي، ۽ زياده تر ڪلام ديني ۽ قومي جذبات جو ترجمان آهي. ان طرح سندس نعتيه ڪلام پڻ وڏي معيار تي پهتل آهي. سندس مضمون ۽ اشعار، سنڌ جي سڀني علمي، ادبي رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن.

سندس پويون دور، ملڪ ۽ ملت جي خدمت ۾ گذريو، پاڻ ۸–۹ سالن تائين يونين ڪائونسل کورواهه _ گولارچي، جو چيئرمن رهيو.

سندس پسماندن، حافظ غلام محمد، محمد محسن ۽ محمد صالح سان اسان شريڪ غم آهيون. دعا آهي ته رب ڪريم کيس مرهي، ۽ پسماندن کي صبر جميل عطا فرمائي. سندن پسماندن تي فرض آهي، ته هو سندس اشعار مقالات کي جمع ڪن ۽ سندس ڇڏيل علمي ورثي جي حفاظت ۽ اشاعت لاءِ ڪوشش ڪن.       (غ. م. گ)

علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون

’’پاڪستان ڪائونسل‘‘ طرفان سنڌي زبان تي تقرير جو اهتمام

(21_ آڪٽوبر 1967ع : راولپنڊي)

حڪومت پاڪستان جي برپا ڪيل، ’’پاڪستان ڪائونسل‘‘ طرفان وقت بوقت، قومي ۽ علاقائي زبانن ۽ ثقافت متعلق، سيمينار، ۽ ڪتابن جون نمائشون منعقد ٿيندا رهندا آهن.

ان سلسلي ۾، گذريل ٢١ آڪٽوبر تي، ’’پاڪستان ڪائونسل‘‘، سنڌي زبان ۽ ادب متعلق، پهريون دفعو، راولپنڊيءَ ۾، انگريزي زبان ۾ هڪ ليڪچر ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو؛ ۽ ’’سنڌي ادبي بورڊ‘‘ جي ائڪٽنگ سيڪريٽريءَ، مسٽر غلام ربانيءَ کي انهيءَ ليڪچر ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني. پاڪستان ڪائونسل، انهيءَ موقعي تي چونڊ ڪتابن جي نمائش جو پڻ  اهتمام ڪيو.

مسٽر غلام رباني، ٢٠_ آڪٽوبر، حيدرآباد مان هوائي جهاز رستي راولپنڊي پهتو. ٢١_ آڪٽوبر، شام جو ۴ بجه، پاڪستان ڪائونسل جي هال ۾، راولپنڊيءَ جي عالمي، ادبي ۽ تحقيقاتي ادارن جا سربراهه ۽ ڪارڪن، مقامي اديب، شاعر، دانشور ۽ اخباري نمائندا، ’’سنڌي زبان ۽ ادب‘‘ تي پهرين تقرير ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿيا.

جلسي جي ڪاروائي شروع ٿيڻ کان اڳ، پاڪِستان ڪائونسل جي پروگرام ايگزيڪيوٽو، مسٽر نصير ملڪَ، سامعين سان مسٽر غلام ربانيءَ جو تعارف ڪرايو ۽ موصوف کي پنهنجي پيپر پڙهڻ لاءِ گذارش ڪئي.

مسٽر غلام ربانيءَ، پنهنجي پيپر ۾، سنڌي زبان ۽ ان جي ادب جي قديم زماني کان وٺي موجوده دور تائين تدريجي ارتقا جو خاڪو پيش ڪيو ۽ سامعين کي ٻُڌايو ته ’’۰۰۰ سنڌي زبان ۽ ان جي ادب تي، عربن، سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن، مغلن، ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن جي حڪمرانيءَ جي دورن ۾ ڪهڙا ڪهڙا اثر پيا، ۽ آزاديءَ کانپوءِ سنڌي زبان ۽ ان جي ادب جي نشونما ڪيئن ٿي رهي آهي۰۰۰‘‘ هن، سنڌي ادب جي ڪلاسيڪي شاعرن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايو ته ’’۰۰۰هنن جي ڏنل قدرن جو سنڌي ادب تي دائمي اثر پيو آهي۰۰۰‘‘ سنڌي نثر جي بنياد وجھندڙن ۾، هُن، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي علمي ڪارنامن جو مفصل ذڪر ڪيو، ۽ کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪئي.

هن، آخر ۾ پاڪستان ڪائونسل کي تجويز ڏني ته ’’سنڌي زبان ۽ ٻين علاقائي زبانن جي ڪلاسيڪي ۽ جديد ادب جي شهپارن جا، پاڪستان جي قومي زبانن– اردو ۽ بنگاليءَ – ۾ ترجما ڪيا وڃن، ساڳيءَ ريت، انهن زبانن جي ادب مان علاقائي زبانن ۾ پڻ ترجما ڪيا وڃن.‘‘

مسٽر رباني چيو ته: ”... ائين ڪرڻ سان، ملڪ جي مختلف حصن جي ماڻهن کي ، هڪٻئي جي خيالن ۽ سوچ ويچار جو پتو پوندو، جا ڳالهه ملڪي اتحاد ۽ سالميت لاءِ مفيد ثابت ٿيندي...“

مسٽر غلام ربانيءَ جي مُني ڪلاڪ جي تقرير کان پوءِ، موضوع تي، ڪائونسل طرفان مقرر ڪيل پئنل ميمبرن– مسٽر مصطفيٰ حيدر بخش جتوئي (اسسٽنٽ پريس انفرميشن آفيسر) ۽ مسٽر محمد طيب (بيورو آف نئشنل ريڪنسٽرڪشن)– مسٽر ربانيءَ جي پڙهيل پيپر تي بحث ڪيو.

بعد ۾ سامعين کي سنڌي راڳ ۽ موسيقيءَ جا ڪجھ رڪارڊ ٻُڌايا ويا.

ٻئي ڏينهن، اسلام آباد راولپنڊي ٽيليويزن ڪارپوريشن، سنڌي تهذيب ۽ ثقافت بابت، مسٽر غلام ربانيءَ جو ۲۰ منٽن تي مشتمل هڪ انٽرويو نشر ڪيو. ساڳئي ڏينهن، ريڊيو پاڪستان راولپنڊي پڻ مسٽر ربانيءَ جي تقرير جو ۱۵ منٽن تي مشتمل پروگرام پيش ڪيو. راولپنڊيءَ جي انگريزي ۽ اردو پريس، خصوصاً پاڪستان ٽائيمس، ۽ ٻين اخبارن، سنڌي زبان ۽ ادب بابت هن ليڪچر جون خبرون، اهميت سان ۽ مفصل نموني شايع ڪيون.

جشن تاجپوشي شاهه ايران

(۲۶_ آڪٽوبر ۱۹۶۷ع : بسنت هال، حيدرآباد سنڌ)

شهنشاهه ايران، محمد رضا شاه پهلويءَ جي جشن تاجپوشيءَ جي تقريب، ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن، جناب مسرور حسن خان صاحب جي زير صدارت ٿي گذري. هن تقريب ۾ مقامي اعليٰ آفيسرن، عالمن ۽ اديبن، شاعرن ۽ اهل ذوق ماڻهن شرڪت ڪئي. اها تقريب، ’’مهراڻ آرٽ ڪائونسل‘‘ ۽ ’’ڀٽ شاهه ڪلچر سينٽر‘‘ جي اهتمام هيٺ ٿي گذري.

Text Box: 387

 

تقريب جي ابتدا، قرآن شريف جي تلاوت سان ٿي. ان کان پوءِ مسٽر الهه بخش نظاماڻي، آنرري سيڪريٽري شاه لطيف ڪلچر سينٽر، مرحبائي تقرير ڪئي ۽ ان ۾ ايران ۽ پاڪستان جي تعلقات تي گفتگو ڪئي.

ان کان پوءِ، جناب صدر صاحب، صدارتي تقرير ۾، ايران ۽ پاڪستان جي علمي، ادبي، لساني، تمدني ۽ تاريخي تعلقات تي روشني وڌي.

تقريرن ۽ مقالن جي ابتدا، مولانا گرامي صاحب جي عالمانه مقالي، ’’ايران اور پاڪستان ڪي ثقافتي تعلقات‘‘ (اردو) سان ٿي. گرامي صاحب جو مقالو، تصوف ۽ ان جي تاريخي ارتقا تي هڪ محققانه شاهڪار هو، جنهن تي سامعين ڪرام وجد آور نموني ۾ تحسين ڪئي.

ان کان پوءِ، جناب ڊاڪٽر قاضي نبي بخش صاحب، ايراني فلسفي تي، عالمانه ۽ محققانه مقالو پيش ڪيو، جنهن جو اعنوان هو: ’’ايران جو فلسفيانه مڪتب فڪر ۽ ان تي ’ملاصدرا‘ جا اثرات‘‘. ڊاڪٽر صاحب جو مقالو، ايراني فلسفي تي هڪ وڏي محققانه ريسرچ ڪري تسليم ڪيو ويو.

ان کان پوءِ، جناب حضور احمد صاحب ’’سليم‘‘، ’’شيرازي جي ذوق جماليات‘‘ متعلق پنهنجي سفرنامي جا چند عجيب غريب واقعا ٻڌايا، جن سامعين ڪرام کي ڏاڍو محظوظ ڪيو. ان کان پوءِ، جناب ڪمشنر صاحب جي روانگيءَ تي، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان، صدر شعبه اردو، سنڌ يونيورسٽيءَ، جي زيرصدارت ڪار گذاري هلي.

ڊاڪٽر صاحب موصوف، مولانا سعديءَ جي سوانح ۽ سيرت، ۽ فني ڪارنامن تي ڳالهائيندي، مولانا سعديءَ جي ’’ضرب الامثال‘‘ تي روشني وڌي.

ان کان پوءِ راڳ جي محفل ۾، فارسي ۽ سنڌي ڪلام ۽ لوڪ ناچ سان گڏ سازن تي ڌنون پيش ڪيون ويون.

ان محفل ۾ صادق علي، مس امينه، فقير عبدالغفور، فقير يار محمد، خميسي خان، علي محمد کان سواءِ، پريڪٽسنگ اسڪول، ٽرينگ ڪاليج آف وومين جي چند ٻارڙن لوڪ ناچ ۾ حصو ورتو.

آخر ۾ ’’مهراڻ آرٽس ڪائونسل‘‘ حيدرآباد جي اعزازي سيڪريٽريءَ جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، اختتامي تقرير ڪئي ۽ سڀني مهمانن ۽ فنڪارن، عالمن ۽ اديبن جو شڪريو ادا ڪيو.

هن تقريب ۾ ’’سنڌي ادبي بورڊ‘‘ جي فارسي ڪتابن جي نمائش پڻ ڪئي ويئي هئي، جنهن ۾ بورڊ جا ڇپيل فارسي ڪتاب رکيا ويا هئا، جنهن کي ڪمنشر صاحب پڻ پسند ڪيو ۽ بورڊ جي خدمات تي تحسين ڪرڻ فرمائي.

جشن سنڌي زبان

(۱۰– نومبر ۱۹۶٧ع : سٽي آرٽس ڪاليج، حيدرآباد)

سٽي آرٽس ڪاليج حيدرآباد جي ”سنڌي ادبي مجلس“ جي اهتمام هيٺ، ”جشن سنڌي زبان“ جي تقريب،زير صدارت جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، صدر شعبه تعليمات، سنڌ يونيورسٽي، ٿي گذري.

صدارتي تقرير ڪندي، ڊاڪٽر صاحب فرمايو:

”سنڌي ٻوليءَ کي اڄ پنهنجن ئي نقصان رسايو آهي. سڄي پاڪستان ۾ اگر ڪا غلط نموني ۾ پرائمري تعليم پڙهائي وڃي ٿي ته اها سنڌي ئي آهي؛ خاص طرح سان، سنڌيءَ جا پرائمري ماستر، جيڪي سنڌيءَ لاءِ مادري زبان هئڻ جو دم هڻن ٿا، سي پنهنجي ذميدارين ۾ بنهه ناڪام ٿيا آهن. سنڌي پڙهائيءَ ڏانهن اهڙو توجھ ڏيڻ گھرجي، جيئن ٻوليءَ جي صحت برقرار رهڻ سان گڏ، ٻارن جي بهتر نموني ۾ ذهني نشو و نما پڻ ٿي سگھي. ان طرح اخبارن ۽ رسالن ۽ ريڊيو جي خبرن پيش ڪرڻ ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ جي صحت جو ڪوبه خيال نٿو رکيو وڃي.… ٻين ٻولين کان مرعوب ٿيڻ سان پڻ ٻوليءَ جي ترقي نه ٿي سگھندي. اديبن ۽ شاعرن کي گھرجي ته هو اجائي نعره بازيءَ کي ترڪ ڪري، ڪي اهڙيون سوکڙيون پيش ڪن، جن کي شاهڪار جي حيثيت حاصل ٿي سگھي.“

سٽي آرٽس ڪاليج جي پرنسپال، مسٽر عبدالرحيم ڏيٿي، آجيان ڪندي ظاهر ڪيو ته:

”اڄوڪي ڏينهن تي ڄڻ اسان جي سنڌي زبان کي ٻي زندگي ملي آهي، ڇو ته تعليمي ڪميشن جي رپورٽ موجب، جڏهن سنڌيءَ کي فقط پرائمري تعليم تائين محدود ڪيو ويو هو، تڏهن سنڌين جي مجموعي مطالبي ۽ جدوجهد سان، ۹‐نومبر ۱۹۶۲ع تي، سرڪار، ٻوليءَ کي وري يونيورسٽيءَ جي سطح تي منظور ڪيو.“

هڪ مذاڪرو پڻ ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ ارتقا متعلق مسٽر علي نواز جتوئيءَ ۽ مسٽر غلام علي الانا مقالا پڙهيا، جڏهن ته ٻنهين عالمن ۽ محققن جا علمي ۽ لساني رايا باهمي اختلافات تي مبني رهيا، تڏهن سامعين لاءِ ڪا به دلچسپي پيدا ٿي نه سگھي. (ڪاش! اهڙن علمي مذاڪرن ۾ اختلافات کان قطع نظر، ڪنهن متفقه مسئلي تي تبادله خيالات ڪيو وڃي!)

آخر ۾ چانهه پيسٽريءَ سان گڏ، طرحي ۽ غير طرحي مشاعرا ٿيا، جن ۾ چڱن شاعرن حصو ورتو.

سنڌي شام

(۱۹– نومبر ۱۹۶٧ع: سکر، سنڌ)

”سنڌ اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن“ جي سکر واري شاخ طرفان، گذريل ۱۹‐ نومبر ۱۹۶٧ع تي، ”مهراڻ ڪلچرل سينٽر“ سکر جي وسيع پنڊال ۾، ”سنڌي شام“ جي روح پرور ۽ ولوله انگيز محفل ٿي گذري، جنهن جي ياد جا نقش، شرڪت ڪندڙن جي ذهن تان ميسارجڻ مشڪل آهن.

شام جو پنجين بجي، سکر جا معزز شهري، سڄي سنڌ مان آيل اديب، شاعر، فنڪار ۽ شاگرد وڏي تعداد ۾ جلسي گاهه ۾ پهتا.

اٽڪل چئن هزارن سامعين جي اڳيان، مسٽر عبدالمجيب پيرزادي، سکر جي ڊپٽي ڪمشنر مسٽر آصف فصيح الدين ورداگ کي، ”سنڌي شام“ جي افتتاح لاءِ عرض ڪيو.

ورداگ صاحب فرمايو:

”لب مهراڻ تي، سنڌي رهنمائن جي موجودگيءَ ۾، اسان ’سنڌي شام‘ جو لطف وٺي رهيا آهيون سنڌي شام، جي ان مان اهميت واضع آهي…

”سنڌ جي عظيم ڪلچر کان انڪار ڪرڻ، تاريخ کان انڪار ڪرڻ جي مترادف ٿيندو…“

آرگنائيزيشن جي سکر شاخ جي عهديدارن– نبي بخش کوسي ۽ عابد حسين موسوي– جي قسم کڻڻ جي رسم کان پوءِ، مسٽر مسعود نوراني، تنظيم جو مفصل متعارف ڪرايو.

ان کان پوءِ، مسٽر نبي بخش کوسي، صدر صاحب ۽ سڀني معززين ۽ مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو، ۽ ”سنڌي شام“ جي هن دلپزير محفل لاءِ، مختلف عالمن، تعليمي ماهرن ۽ دانشورن کان پهتل پيغام پڙهي ٻُڌايا، جن مان شيخ عبدالمجيد سنڌي، خواجا غلام علي الانا، پرنسپال بيگم شمس عباسي، پرنسپال ڊاڪٽر افغان، سيد باقر علي شاهه جا نالا قابل ذڪر آهن.

مقالن جي ٻي نشست جي صدارت، سيد شمس الدين شاهه وڪيل ڪئي، جنهن ۾ هن ريت مقالا پڙهيا ويا، ۽ تقريرون ٿيون: (1) ”قوم ۽ ٻولي“ (مضمون) نبي بخش کوسو؛ (2) ”سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽون“ (مضمون) ارشاد ”پارس“ عباسي؛ (3) ڊاڪٽر حسان (تقرير)؛ (4) حفيظ قريشي (تقرير)؛ (5) فتح الله عثماني (مضمون)؛ (6) مولانا غلام محمد گرامي (مقالو)؛

آخر ۾، سيد شمس الدين شاهه، نوجوانن جي هن جذبي کي ساراهيو ۽ چيو ته ”اسان جي هي ’سنڌي شام‘ نه پر ’سنڌي سحر‘ آهي…!“

ان وچ ۾، سنڌي زبان جي تسليمي، سنڌي ثقافت جي حفاظت ۽ ٻين علمي ۽ ادبي مسئلن تي زوردار ٺهراءَ، يڪراءِ بحال ڪيا ويا.

مشاعري جو اعلان ٿيو، شاعرن ڪَر موڙيا. جناب مولانا غلام محمد گرامي صاحب جي صدارت ۾ ٿيل هن يادگار مشاعري ۾، سنڌ جي مختلف حصن مان پهتل شاعرن، ولوله انگيز ۽ روح پرور شعر پڙهي، ”سنڌي شام“ ۾ روح پيدا ڪيو. شاعرن مان مکيه هئا: شيخ اياز، عبدالڪريم ’گدائي‘، ’تنوير‘ عباسي، حيدر بخش جتوئي، حسن حميدي (اردوءَ ۾)، ’نياز‘ همايوني، ’بردو‘ سنڌي، ’امداد‘ حسيني، ’رشيد‘ ڀٽي، ’فتح‘ ملڪ، ’نور‘ عباسي، برڪت علي ’آزاد‘، ابن حيات پنهور، ’الطاف‘ عباسي، پرڀو ’ناشاد‘، ’تاج‘ بلوچ، ’پروانو‘ ڀٽي، ڄام ’ساقي‘، ’مجيب‘ پيرزادو، دلدار احمد ’اديب‘، نبي بخش ’همدرد‘، عبدالواحد ’رند‘، حميد اعظم، نبي بخش کوسو ۽ ارشاد ’پارس‘ عباسي وغيره.

مولانا غلام محمد گرامي صاحب تاڙين جي گونج ۾، صدارتي تقرير ڪندي فرمايو ته:

”اڄوڪي هن يادگار مشاعري ۾ سنڌي شاعريءَ جا اهي پڪا ۽ پختا شاعر، اوهان جي آڏو آيا آهن؛ جن جي شاعري، پنهنجي فني لوازمات، هيئت، موضوع ۽ فن جي لحاظ کان، ڪنهن به ٻيءَ ٻوليءَ جي شاعريءَ کان، ڪنهن به صورت ۾ گھٽ نه آهي… ”سنڌي شعر، اڄ دنيا جي سڀني ٻولين جي شعر کان وڌيڪ پُر معنيٰ آهي… اڄ صحيح معنيٰ ۾، هن دؤر جي شاعري، اسان جي ’سنڌ‘ ۾ جنم وٺي چڪي آهي، ان سلسلي ۾ اها شاعري، ماحول جي ترجمان آهي…“

مشاعري کان پوءِ راڳ رنگ جي محفل مچائي ويئي، جنهن جي صدارت محترم تنوير عباسيءَ ڪئي. رات جو ٽين بجي تائين هلندڙ هن رنگين محفل ۾، جنهن ۾ عورتن جي وڏي تعداد به شرڪت ڪئي، شاهه ڀٽائي، سچل سرمست، شيخ اياز ۽ ٻين جو ڪلام ڳايو ويو، جنهن ۾ فقير عبدالغفور، ۽ عنايت الله ۽ نصرالله عباسي ۽ ٻين راڳيندڙن بهرو ورتو.

آخر ۾ ”هوجمالو“ جو اسٽيج تي روح پرور منظر ڏسڻ وٽان هو.

”سنڌي شام“ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحب جهڙي دانشور ۽ بزرگ جي تشريف آوري، سامعين ۽ منتظمين جي لاءِ باعث فخر رهي ۽ ان کان سواءِ، جسٽس فاروقي، احمد مقصود حميدي (چيئرمن ميونسپل ڪاميٽي سکر)، آغا بدرالدين ۽ سکر جا آفيسر، تعليمي ماهر، شاعر، سماجي ورڪر، آخر تائين موجود رهيا.

سڄي سنڌ مان پهتل اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن جي رهائش، کاڌي ۽ ”سنڌي شام“ جي انعقاد جي سلسلي ۾، ”سنڌي اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن“ جي با حوصله ۽ جوان سال ڪارڪن شاگردن– عبدالمجيب پيرزادي، مسعود نوراني، بچاڻي، نبي بخش کوسي، ارشاد عباسي، ۽ عابد شاهه موسوي– جون ڪوششون تعريف جي لائق رهيون.

قلندر لعل شهباز جو ميلو

(۲۲‐نومبر ۱۹٦٧ع: سيوهڻ شريف)

گذريل ٢٢‐ نومبر ۱۹٦٧ع تي، ”قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي“، سيوهڻ جي طرفان، حضرت قلندر لعل شهباز جي عرس شريف جي موقعي تي هڪ ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويئي، جنهن جي صدارت، سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر، ڊاڪٽر محمد صالح قريشيءَ ڪئي. هن ڪانفرنس جو اهتمام، ڪانفرنس جي ڪنوينر ۽ قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽيءَ جي بنيادي ميمبر، پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻيءَ ڪيو. هن ڪانفرنس ۾، وڏي تعداد ۾ شهباز جي شيداين شرڪت ڪئي ۽ حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر، مسٽر مسرور حسن خان صاحب، ۽ دادو ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر، سيد سردار احمد به موجود هئا.

تلاوت قلام پاڪ ۽ نعت شريف کان پوءِ، پروفيسر محبوب علي چنا، مهمان خصوصيءَ جي خدمت ۾ سپاسنامو پيش ڪندي چيو ته:

” سائين منهنجا! خداوند ڪريم جا لک لک احسان آهن، جو اسان جي صحن چمن  ۾، ولين، بادشاهن ۽ عالم اشياءَ جا نڪتا موجود آهن؛ صرف عمل جي توفيق ۽ قوت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان مقصدن جي حصول جي واسطي، پهرئين سال، قلندر لعل سائينءَ جي حالات بابرڪات جو مختصر مگر جامع رسالو، بندي جي ڪوشش سان طبع ٿي، قلندر جي قربدارن کي مفت تقسيم ڪيو ويو. ٻئي سال، اسان جي يادگار ڪاميٽيءَ جي سابق سيڪريٽريءَ، مخدوم محمد مراد صديقيءَ، بزرگ جي سوانح حيات سپرد قلم ڪري، سڄڻن جي حوالي ڪئي. ان بعد، ان سالن جو گڏيل مواد، بعنوان ”قرب قلندر“، اسان جي ڪاميٽيءَ جي هڪ مقتدر ميمبر، مرحوم رئيس ضياءُالدين ايس، ”بلبل“ صاحب شايع ڪرايو. ان بعد ”ضياءُالقلندر“، بندي جي ترتيب سان شايع ٿيو. پروڪي سال، اسان جي وساطت سان، محڪمه اطلاعات، ”مظهر قلندر“ شايع ڪرايو ۽ اسان وري انگريزي زبان ۾ مرحوم رئيس ’ضياءُ‘ جي آخري نشاني ”ضياءُالشهباز“ شايع ڪرايو. هن سال، بدستور، پروڪي سال جا مقالات ۽ اشعار، هن بندي ترتيب ڏيئي، بعنوان ”سردار قلندر“، قلندري بازار ۾ آندا آهن، اميد ته شهباز جا شيدائي قبول ڪندا.…

Text Box: 395

 

”جنابِ من! اوهان کي بخوبي علم آهي ته حضرت قلندر لعل شهباز بلند پرواز نه باڪمال صوفي ۽ ڪامل ولي هو؛ پر شيرين زبان شاعر ۽ طوطيءَ شڪر شڪن رهبر به هو. بصورت انسان بلند نظري جو پيڪر ۽ بصيرت ۽ فراست جو صاحب هو. طبيعت درويشانه، مزاج عاشقانه، گفتگو قلندرانه ۽ فطرت شاهانه هوندي هين. هٿ خالي ۽ دل مستغني هين. مختصر هي ته زندگي انسانيت جي ڪامل ۽ پاڪيزه نموني تي هئي. ڏسو ته پاڻ ڇا فرمايو اٿن:

گـﮧ شاهه گـﮧ گدايم، گاهي بخود خدايم،

گنبد رسد ندايم، مست و الست هستم.

 

يا ٻئي غزل ۾ قلندري نعرو هن طرح بلند ڪيو اٿن:

 

گهي بر تخت گريانم،گهي بردار خندانم

عجائب ها ڪه من ديدم، نديدست و نديدستم.

” اسان جي يادگار ڪاميٽيءَ جو اهم مقصد هي آهي ته جهڙيءَ طرح ڀٽ شاهه ۾ ثقافتي مرڪز قائم ڪيو ويو آهي، اهڙيءَ طرح هت به ثقافتي مرڪز قائم ٿئي؛ جنهن جي ذريعي، قلندري مشرب ۽ مسلڪ کان پاڪستان جي سڀني باشندن کي روشناس ڪجي. هن مقصد سان، اسان هت لئبريري قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن ۾ حضرت قلندر لعل شهباز رحه جي حيات، ڪلام، ۽ فلسفي جي تحقيق ۽ تدقيق ٿئي. اسان جي ڪاميٽيءَ جو ٻيو مقصد هي آهي ته هن ضلعي اندر هڪ اهڙو صنعتي ادارو قائم ڪجي، جنهن جي وسيلي، ضلعي جا مختلف ۽ رنگارنگي صنعتي سامان نمايان ٿين ۽ انهن جي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ عمدا موقعا فراهم ٿين…“

ڊاڪٽر محمد صالح قريشي، سپاسنامي جو جواب ڏيندي فرمايو:

” بزرگن جا ڏينهن ملهائڻ، ديني برڪت ۽ روحاني خوشيءَ جو باعث آهن. حب وطن جي تقاضا آهي ته پنهنجي وطن جي ولين، عالمن، خادمن، بهادرن، ڪاريگرن ۽ هنرمندن جي ياد تازه ڪئي وڃي، وطن جي يادگارن ۽ شاهڪارن کي محفوظ ڪيو وڃي ۽ وطن جي هي مفيد شيءِ سان دلي محبت ڪئي وڃي: نظر ۽ فڪر وارن لاءِ وطن جي خاڪ ڪيميا آهي، ۽ وطن جي واريءَ جو ذرو ذرو زرخير آهي…

”… سيوهڻ جو هي شهر، هن وقت مٽيءَ جي ڍيرن تي اڏيل آهي ۽ چوڌاري واريءَ جي ڀٽن سان گھيريل آهي، پر تاريخ جي نقطه نگاه کان نهايت پراڻيءَ ثقافت ۽ تهذيب جو مرڪز آهي. غور ڪيو ته هن قديم قلعي جي کنڊرن ڪهڙا نه سڪندر ۽ سلطان ڏنا هوندا! شهر جي ڀتين ۽ بازارن جي هيٺان ڪهڙا نه سهڻا اڱڻ سينگاريل هوندا، ۽ هن شهر جي خاڪ ۽ واريءَ هيٺان ڪيترا نه عالم، عارف ۽ درويش ستل هوندا. حضرت قلندر شهباز جو مرقد ۽ مزار، خود هن حقيقت جو اعتراف ٿو ڪري. انهيءَ خاڪ مان اسان جي تاريخ جا چراغ ڪنڊ ڪنڊ ۾ ٽمڪندا نظر اچن ٿا…

Text Box: 396

 

Text Box: 397

 

” جناب! حضرت سيف اللسان شمس الدين عثمان عرف قلندر شهباز، هن برصغير پاڪ و هند جي انهن آڳاٽن بزرگن مان آهي، جن ڪشالا ڪڍي، پنهنجي مثالي زندگي ذريعي، اسلام جي عالمگير پيغام کي هن ملڪ جي عوام تائين پهچايو…

 

” حقيقت ۾ اسان جي بزرگن جا اسان تي ايڏا ته احسان آهن، جو لاهي نٿا سگھون. سندن ڏينهن ملهائڻ ۾ کين ياد ڪرڻ سان، البت اهو ثابت ڪري سگھون ٿا ته اسان احسان فراموش نه آهيون…

” حضرت قلندر شهباز جي ياريخي دور، سندن سوانح حيات ۽ سندن صوفيانه نظرين کي روشن ڪرڻ بيحد ضروري آهي. مون کي هي معلوم ڪري خوشي ٿي آهي ته قلندر شهباز يادگار ڪاميٽيءَ جي ڪوشش سان هن سلسلي جي شروعات ٿي چڪي آهي. مان اوهان صاحبن کي مبارڪباد چوان ٿو، جو اوهان جي ڪوشش سان، ڪئين رسالا ۽ مواد شايع ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ چوندا آهن ته جهان ۾ جملي اڍائي قلندر ٿيا، جن مان هڪ قلندر، حضرت شيخ عثمان سيوهاڻي آهي. ضروري آهي ته تاريخ جي روشنيءَ ۾، انهيءَ چوڻي جي اهميت کي واضع ڪيو وڃي ۽ قلندر کان سواءِ شهباز واري اضافي صفت جي ماهيت معلوم ڪئي وڃي. خود قلندري ”طريقي“ کي تفصيل سان سمجھائڻ ضروري آهي. ان لاءِ مان اوهان سان شامل راءِ آهيان، ته هت هڪ ثقافتي مرڪز قائم ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ هڪ لئبريري به هجي، جا بنيادي تقاضائن کي پورو ڪري سگھي. مون کي قوي اميد آهي ته ان ڏس ۾ نه فقط جناب ڪمنشر صاحب ۽ ڊپٽي ڪمنشر صاحب، مگر جناب چيف ائڊمنسٽريٽر صاحب محڪمه اوقاف، اوهان جي فراخدليءَ سان مدد ڪندا. بذات خود ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾، مان به هر طرح جي مدد ڪرڻ جي خاطري ڏيان ٿو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي مقرريءَ جو اعزاز، منهنجي لاءِ باعث خوشي ۽ مسرت آهي. خصوصاً هن لاءِ ته مون کي هن علائقي جي باشندن جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي…“

ڊاڪٽر قرشيءِ جي تقرير کان پوءِ، سيد ڏنل شاهه، محمد علي دائود پوٽي، غلام مصطفيٰ دادوي، شهاب الدين آغا، پنهنجن مقالن ۽ تقريرن ۾ حضرت قلندر شهباز جي سوانح ۽ پيغام تي روشني وڌي ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪئي.

مشاعري ۾ ’ظفر‘ سوهاڻي، ’مرشد‘ گيلائي، ’لائق‘ سيتائي، محمد ابراهيم حيدري، احمد خان ’مدهوش‘، دائود پوٽي، غلام سرور، جمال الدين سيوهاڻي، رحيم بخش قمر، ’ناز‘ ڀٽي، اسلم مصراڻي، الهنواز، ’ملازم‘ سروري، محمد رمضان ’راز‘، ’مشتاق‘ سچاوري، پير علي محمد ’اظهر‘، ’نشتر‘ ناٿنشاهي، آصف مصراڻي، در محمد ’خاڪ‘، عطا محمد ’حامي‘، حافظ ’احسن‘ چنا وغيره، قلندر کي نذرانئه عقيدت پيش ڪئي.

سيد ميران محمد شاهه جي ورسي

(حيدرآباد سنڌ: ۲۶– نومبر ۱۹۶٧ع)

سنڌ جي مشهور قومي اڳواڻ، اديب ۽ شاعر، مرحوم سيد ميران محمد شاهه ”مير“ جي چوٿين ورسي، مرڪزي ”بزم طالب الموليٰ“ سنڌ طرفان، گذريل ۲۶– نومبر ٦٧ع تي، حيدرآباد ۾، حضرت مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“ جن جي دولتڪده، واقع 3_ سول لائينس ۾، وڏي اهتمام سان ملهائي ويئي؛ جنهن ۾، شهر جي معزز باشندن، اديبن، شاعرن، فنڪارن، تعليمي آفيسرن، ۽ سائين ميران محمد شاهه جي ويجھن دوستن شرڪت ڪئي.

شام جو 8 بجه، حضرت طالب المولا صاحب، مخدوم زاده محمد امين ”فهيم“ صديقي، جناب جي. ايم. سيد صاحب ۽ جناب محمد صالح قريشي، وائيس چانسلر، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اسٽيج تي ويهڻ کان پوءِ، سيد قمرالزمان شاهه ٽکڙائيءَ، چيئرمن استقباليه ڪميٽيءَ، معزز مهمانن ۽ صاحب صدر جي آجيان ڪندي فرمايو:

”… اڄ اسان انهيءَ مرد جي ياد ۾ اچي گڏ ٿيا آهيون، جو اڄ اسان ۾ موجود ناهي !… اوهان صاحبن جا لک لائق، جو قرب جا ٻه پير ڀري، هن محفل کي رونق بخشي آهي…“

سيد قمرالزمان شاهه، ان کان پوءِ، حضرت مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب المولا“ جن کي، هن ورسيءَ جي افتتاح ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو.

حضرت مخدوم صاحب جن، مختصر لفظن ۾ افتتاح ڪندي فرمايو:

”… ميران محمد شاهه مرحوم جي سوانح ۽ خدمتن جي ذڪر ڪرڻ لاءِ ڪافي حضرات موجود آهن، ان ڪري، مان صرف ايترو چوندس ته مون کي خوشي ٿي آهي، جو اسان جي بزم اڄوڪي ورسيءَ جو اهتمام ڪيو آهي…“

ان کان پوءِ، جناب جي. ايم. سيد صاحب، ميران محمد شاهه مرحوم جي ڏانهنس لکيل چند خطن جي روشنيءَ ۾، کيس معامله فهم ۽ مصلحت شناس قرار ڏنو. ”ميران محمد شاهه هڪ محب وطن“ جي عنوان سان مقالي پڙهندي، سيد صاحب، مرحوم جي سماجي، ادبي، تعليمي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي خدمتن جو ذڪر ڪري، کيس خراج عقيدت پيش ڪئي.

ان کان پوءِ، محترم امداد حسينيءَ، ٽي نظم ٻڌايا، جن مان ”حملو“ نظم سامعين طرفان ڏاڍو پسند ڪيو ويو.

ان بعد، مصري فقير، مرحوم شاهه صاحب جي هڪ ڪافي ٻڌائي، جنهن محفل ۾ سرور پيدا ڪيو ۽ مرحوم ميران محمد شاهه جي آواز جي هڪ ٽيپ به سامعين کي کولي، ٻڌائي ويئي، جنهن ۾ مرحوم، ڪجھ سال اڳ، مقامي گورنمنٽ هاءِ اسڪول ۾ ”لطيف جي ورسي“ ۾ صدارتي تقرير ڪري رهيو هو.

حسين بخش ”خادم“ سروريءَ جي ڪافيءَ بعد، مولانا غلام محمد گرامي صاحب کي تقرير ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي ويئي.

مولانا گرامي صاحب، شاهه صاحب مرحوم سان ملاقاتن جي دلپزير ذڪر ڪندي، ”موت ۽ حيات“ تي نهايت فلسفيانه ۽ عالمانه بحث ڪندي فرمايو:

”… موت هڪ لازمي شيءِ آهي. ان لاءِ هر انسان کي منهن ڏيڻو آهي. هڪ باهمت انسان کي، موت تي مرثيه گوئي ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ گھرجي…

”اسان جو شاهه صاحب مرحوم سان، پويون دور نهايت سرور وارو رهيو. شاهه صاحب، سياست کان ڪناره ڪش ٿي چڪو هو ۽ تصوف تي اڪثر اوقات روح پرور ۽ طويل مجلسون ٿينديون هيون… شاهه صاحب کي، آخري دور ۾، ’لطيف‘ لاءِ ڏاڍي تڙپ رهي ۽ روحاني بحثن مان ڏاڍو مسرور ۽ محظوظ ٿيندو هو…“

شاهه صاحب کي خراج عقيدت پيش ڪندي، گرامي صاحب فرمايو:

”شاهه صاحب مرحوم، اسان جو دوست هو، محبتي هو، قربدار هو ۽ اسان سان، آخري دور ۾، گھڻي ۾ گھڻو قرب ونڊيائين…“

”شاهه صاحب انهتا درجي جو مصلحت شناس، مصلحت بين، ۽ دانشمند هو. ناڪاميون پريشانيون ۽ عزيزن جا مسئلا، جيڪي هر انسان کي درپيش اچن ٿا، تن جي هوندي به شاهه صاحب نهايت صابر ۽ زيرڪ رهيو…“

ان موقعي تي، گرامي صاحب، هڪ وجد آور نظم پڙهيو، جو ڏاڍو پسند ڪيو ويو.

ان بعد، علي محمد سروري، حضرت طالب المولا جي اها ڪافي ڳائي ٻڌائي، جا شاهه صاحب مرحوم کي اڪثر پسند ايندي هئي، ۽ علم الدين به ’مير‘ جي هڪ ڪافي ٻڌائي.

ان بعد مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب تقرير ڪندي، شاهه صاحب مرحوم جي خدمتن جو ذڪر ڪيو ۽ پوين تي، شاهه صاحب مرحوم جي شايان شان يادگار قائم ڪرڻ ۽ سندس علمي ڪمن جي اشاعت ڪرڻ تي زور ڏنو.

مسٽر علي محمد خالدي ٺٽوي به پنهنجي تقرير ۾ شاهه صاحب مرحوم جي خدمتن کي ساراهيو ۽ سندس سوانح مان دلچسپ واقعا بيان ڪيا.

آخر ۾، ڊاڪٽر محمد صالح قريشي، وائس چانسلر، سنڌ يونيورسٽي، پنهنجي صدارتي خطبي پڙهندي فرمايو ته:

”جڏهن اسان دنيا ڇڏي ويل اديبن ۽ دانشورن کي خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهيون، تڏهن اسان کي انهن اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي نظرانداز نه ڪرڻ گھرجي، جيڪي اسان وٽ موجود آهن… زنده اديبن جي همت افزائي ۽ قدرداني ٿيڻ گھرجي…“

مرحوم ميران محمد شاهه جي زنده دليءَ جي مثالن ڏيندي، ڊاڪٽر محمد صالح قريشي وڌيڪ فرمايو ته:

”… ميران محمد شاهه هڪ اصول پرست ۽ بي نفس انسان هو… هو اسان سان پيار ۽ خوش اخلاقيءَ سان پيش ايندو هو… شاهه صاحب راست گو، صاف دل ۽ اورچ هو. ٻيائيءَ لاءِ وٽس جاءِ نه هئي…“

ان طرح هيءَ يادگار تقريب، قمرالزمان شاهه جي آخري شڪريي ادا ڪرڻ سان ختم ٿي. تقريب جي ڪاميابيءَ جي سلسلي ۾، مرڪزي بزم طالب المولا جون ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن.

سنڌي شام

(۱–ڊسمبر ۱۹٦ع: سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس، ڄامشورو، سنڌ)

 

سنڌ يونيورسٽيءَ، ڄامشورو ڪئپس جي هاسٽلن ۾ رهندڙ سنڌي شاگردن، گذريل ١– ڊسمبر ۱۹٦٧ع تي، انٽرنئشنل هاسٽل جي وسيع احاطي ۾، وجد آور ۽ ولوله انگيز نموني سان ”سنڌي شام“ ملهائي، جنهن ۾ شاگردن کان سواءِ، حيدرآباد مان شهرين جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي ۽ محترم آغا عبدالنبي، مهمان خصوصي هو.

شام جو پنجين بجي، شاندار سينگاريل اسٽيج تي، مسٽر اعجاز قريشيءَ ڪاروائي هلائڻ شروع ڪئي، ۽ محترمه بيگم زينت عبدالله چنا، ”سنڌي شام“ جو افتتاح ڪندي، مختصر تقرير ڪئي.

مسٽر مسعود نورانيءَ جي صدارت ۾ مقالن جي پهرين نشست شروع ٿي. مسٽر عبدالشڪور دائود پوٽي سپاسنامو پڙهيو، جنهن ۾ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جا مسئلا بيان ڪيل هئا ۽ انهن جي حل لاءِ مطالبا ڪيل هئا. انهيءَ سپاسنامي ۾، سنڌي ٻوليءَ کي قومي زبان منظور ڪرڻ جي عوامي مطالبي تي زور ڏنل هو.

اول، شاگرن مان— نثار احمد لنُڊ، غلام نبي پليچي، مير غلام محمد ٽالپر، ڄام ساقي، لالا خالد احمد هاشماڻي، ولي محمد، ڪامل راڄپر، يوسف لغاري، نبي بخش کوسي ۽ ’پارس‘ ارشاد عباسي، سنڌي ثقافت، تهذيب ۽ ادب تي تقريرون ڪيون ۽ مقالا پڙهيا.

ان بعد محترم مولانا غلام محمد گرامي، رسول بخش پليچي، سيد باقرشاهه، ۽ محمد عثمان ڏيپلائي، سنڌي تهذيب ۽ تمدن، ادب ۽ فن تي عالمانه تقريرون ڪيون، جي بيحد پسند ڪيون ويون.

مسٽر مسعود نورانيءَ جي صدارتي تقرير کان پوءِ، آغا عبدالنبي صاحب، پنهنجا تاثرات بيان ڪيا ۽ چيو ته ” اسان جي شاگرد جا حوصلا تمام بلند آهن، ۽ هنن جي ماضي جيان، مستقبل به نهايت روشن آهي…“

ان بعد، محترم شيخ اياز جي صدارت ۾ مشاعرو شروع ٿيو، جنهن ۾ مکيه شاعرن جا نالا هي آهن: حيدر بخش جتوئي، ابن حيات پنهور، پروانو ڀٽي، سيف ٻنوي، پرڀو ناشاد، خير محمد قريشي، ابراهيم ميراڻي، قاضي نذير، ع. غ. سنڌي، اسلم آزاد، نبي بخش کوسو، ڄام ساقي، منير گوزائي، آسودومل، دوست محمد چانڊيو، قاضي خضر حيات، مس نظيرٿيٻه ’ناز‘ (اياز جي شعر ٻڌايائين).

آخر ۾ محترم شيخ اياز، پنهنجو لکيل صدارتي خطبو پڙهيو ۽ ڪيئي غزل، بيت، وايون ۽ گيت ٻڌايائين.

ٽين تفريحي نشست جي صدارت جي عزت جناب مولانا غلام محمد گرامي کي بخشي ويئي. قاضي خضر حيات جي پيش ڪيل خاڪي ”الامان“، جنهن جي ميڪ اَپ عبدالحق ابڙي جي سپرد هئي، سامعين کي ڏاڍو وندرايو.

ان بعد راڳ رنگ جي محفل، رات جو دير تائين جاري رهي، جنهن ۾ مشهور فنڪارن روبينه، فقير عبدالغفور، خادم سروري، غلام حيدر قمبراڻي، لکاني خان بلوچ، رجب علي وغيره؛ شاهه لطيف، سچل، مصري شاهه، رکيل شاهه، مخدوم امين محمد ۽ شيخ اياز جو ڪلام ڳائي، محفل ۾ جان پيدا ڪئي. ان کان سواءِ يونيورسٽيءَ جي شوقيه شاگرد راڳيندڙن— شمس الدين، بدر سومرو، ۽ ٻين به بهرو ورتو. ”ميوزڪ لوَرس ڪلب“ جي طرفان پيش ڪيل، شيخ اياز جو لکيل ڪورس ”هيا…هيا…هيا…!“ به پسند ڪيو ويو، جنهن ۾ ميان عنايت علي ۽ نصرالله عباسي نمايان هئا.

آخر ۾، مولانا گرامي صاحب جي صدارتي تقرير کان پوءِ، اسٽيج تي، روح پرور انداز سان شاگردن ”هو جمالو“ پيش ڪيو.

سنڌي شام جي انعقاد جي سلسلي ۾— مجيب پير زادي، ڄام ساقي، مسعود نوراني، يوسف لغاري، اعجاز قريشي— ۽ ٻين نوجوان شاگردن جي ڪوشش کي هر ڪنهن ساراهيو آهي.

شاهه جي ورسي

(۲– ڊسمبر ۱۹٦٧ع: حيدرآباد سنڌ)

سنڌ جي سدا حيات شاعر، لاکيڻي لال، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ورسي، گذريل ۲‐ ڊسمبر ۱۹٦٧ع تي، پاڪ ڪنڀار جماعت طرفان، حيدرآباد ۾، ڪاري موريءَ لڳ، سنڌ جي مشهور سُگھڙ، ٻيڙي فقير ڪنڀر جي جاءِ تي، وڏي اهتمام سان ملهائي ويئي، جنهن ۾ شاهه صاحب جي شيداين ۽ عام خاص ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

اول، ٻيڙي فقير، محفل جي صدر، جناب مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جن جي خدمت ۾ سپاسنامو پيش ڪندي، سڀني آيلن جي آجيان ڪئي.

ان بعد ڊاڪٽر قاضي نبي بخش، مولانا غلام محمد گرامي، نذير حسين حيدري، مير محمد ڀيو، شاهه صاحب جي سوانح ۽ پيغام تي تقريرون ڪيون.

ان محفل ۾ سنڌ جا ڪافي سگھڙ پهتل هئا، جن بيت بازي، ڏور، هنر، ڏِٺ ۽ نڪتن سان سامعين کي ڏاڍو محظوظ ڪيو.

راڳ جي محفل ۾ حسين بخش خادم، فقير يار محمد، ٽيئون مل، يوسف خاصخيلي، اقبال جوڳي، فقير مير محمد ۽ پلپليءَ بدينويءَ، بهرو ورتو.

آخر ۾ مجلس جي منتظم، سگھڙ ٻيڙي فقير، حاضرين جو شڪريو ادا ڪيو، جا بيحد پسند ڪئي ويئي.

سنڌي اردو مشاعرو

(۲– ڊسمبر ۱۹٦٧ع: حيدرآباد سنڌ)

ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ طرفان، گذريل ۲– ڊسمبر ۱۹٦٧ع تي، رات جو ستين بجي، بسنت هال ۾، هڪ اردو سنڌي مشاعري جو اهتمام ڪيو ويو هو، جنهن جي صدارت محترم آغا عبدالنبي، رٽائرڊ ڪمشنر ڪئي. آغا صاحب، صدارتي تقرير ۾ ٿياسوفي فڪر جي تعارف فرمايو.

”ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو واسطو نه يهودي اِزم سان آهي، ۽ نڪي ٻُڌ ڌرم سان؛ بلڪ هن جو ’تصوف‘ تي بنياد آهي، جيئن تحقيق ڪري، ڪائنات جي وجود ۽ ان جي خالق جي هستيءَ تي غور ڪيو وڃي، ۽ انسانذات ۾ اخوت ۽ محبت کي پيدا ڪيو وڃي.“

مشاعري ۾ سنڌي شاعرن مان عبدالله خواب، نياز همايوني، پروانو ڀٽي، منظور نقوي، عبدالجبار شام، زيب عاقلي، مرزا بخش علي،قطب صديقي، مومن مليرائي، مرزا اسد بيگ، وغيره شريڪ ٿيا ۽ اردو شاعرن مان محسن ڀوپالي، مولانا رضي جيپوري، عظيم عباسي، ڊاڪٽر خان رشيد، طاهر رضوي، عبداللطيف ابد، جبريل صديقي، قاصد عزيز، ساغر دهلوي،برگ يوسفي، چراخ اله آبادي ۽ بشير خانزاده ۽ ٻين حصو ورتو.

سچل سرمست جو ميلو

(۱۵، ۱۶، ١٧، ڊسمبر ۱۹٦٧ع— درازا شريف)

سرزمين سنڌ جي شاعر هفت زبان، منصور ثاني، حضرت سچل سرمت عليـﮧ الرحمت جو ميلو، دستور موجب، هيل ۱۵، ١٦، ١٧ ڊسمبر ۱۹٦٧ع، سندس اَبدي آرامگاهه، درازا شريف ۾ ڌام ڌوم سان ملهايو ويو، جنهن ۾ سڄي سنڌ کان پهتل پانڌيئڙن، روضي جي ريارت ڪري، دولهه درازيءَ کي خراج عقيدت پيش ڪيو.

دستور موجب، هن سال به ادبي ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويو هو، جنهن ۾ شرڪت لاءِ، سنڌ جي مختلف حصن مان اديب، شاعر ۽ فنڪار اچي پهتا ۽ سچل جي بارگاهه ۾ نذرانهءِ عقيدت پيش ڪيائون.

شاندار سينگاريل اسٽيج تي، وڏي پنڊال اڳيان، ”سچل سرمست ڪو آپريٽو اڪيڊمي لميٽڊ“ طرفان، 16 تاريخ، رات جو 8 بجه ادبي ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن ۾ سامعين جو تعداد پنجن هزارن کان مٿي هو.

تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ، محترم تنوير عباسيءَ، آيل اديبن ۽ شاعرن جي آجيان ڪندي، ۽ ڪانفرنس جي انعقاد تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي، حضرت سچل سرمست جي سوانح ۽ پيغام تي ٻه چار اکر چيا. هن پهرين نشست ”مشاعرو“ جي مهمان خصوصيءَ جي عزت، محترم آغا عبدالنبي، رٽائرڊ ڪمشنر کي بخشي ويئي.

مشاعري ۾ عبدالڪريم گدائي، بردي سنڌي، نياز همايوني، ’نور‘ عباسي، ’نذير‘ قاضي، پروانو ڀٽي، زيب ڀٽي، پرڀو ’ناشاد‘، ’اعظم‘ لاڙڪ، جماالدين ’مومن‘، ’عظيم‘ راڻيوپوري، علي رضا شاهه ’رضا‘ ۽ پڻ شاعرن، حضرت سچل سرمست جي بارگاهه ۾ نذانهءِ عقيدت پيش ڪيو.

ان وچ ۾، آغا گُل نالي هڪ ننڍڙي ٻار، سچل سرمست تي، دلچسپ نوع ۾ پنهنجو مختصر مضمون پڙهيو ۽ ”سچل سرمست ڪو آپريٽو اڪيڊمي لميٽڊ“ جي روح روان، مرحوم رحيم بخش شيخ جي وفات تي تعزيتي ٺهراءُ پاس ڪري، احترام طور، ٻه منٽ خاموشي اختيار ڪئي ويئي.

آغا عبدالنبي صاحب، پنهنجي صدارتي تقرير ۾ سچل بادشاهه کي خراج عقيدت پيش ڪندي، پنهنجا چند شعر پڻ ٻڌايا.

مشاعري کان پوءِ، راڳ جي روح پرور محفل— ”سا دل مستو مست مُدام“ جي رندي ڪلام سان شروع ٿي، جنهن جو مهمان خصوصي، خيرپور ميرس جو نوجوان ڊپٽي ڪمشنر، آغا رفيق احمد. سي. ايس. پي. هو.

سچل سرمست ڪو آپريٽو اڪيڊميءَ جي سيڪريٽريءَ، محترم هادي بخش لاڙڪ، استقباليه خطبي پڙهندي چيو ته:

”… هر سال، جڏهن ضلع ڪائونسل ڪافي رقم مدد طور ڏيندي هئي، تڏهن هن سال تمام گھڻي دير ڪئي ويئي، ايتريقدر جو هن ڪانفرنس جي نه ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو. پنج هزار رپيا اعلان ڪري، هيل ٽي هزار ڏنا ويا آهن، جيڪي بلڪل ٿورا آهن. اسان کي اميد آهي ته ضلع ڪائونسل، ايندڙ سال ٻيڻي گرانٽ ڏيئي، ڪانفرنس جي انعقاد ۾، اڪيڊميءَ کي گھربل مدد ڪندي…“

آغا رفيق احمد، ڊپٽي ڪمشنر، پنهنجي تقرير ۾ يقين ڏياريو ته:

”… ان سلسلي ۾ هُو ڪوشش ڪندو، جيئن اڪيڊميءَ کي گھربل مدد ملي ۽ مرڪز جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿئي، ۽ سپاسنامي ۾ ذڪر ڪيل مسئلا حل ڪيا وڃن…“

سچل سرمست جي سوانح ۽ پيغام جي اشاعت متعلق زور ڏنائين ته:

”… دولهه درازيءَ جي زندگي بخش ۽ انقلاب آفرين ڪلام جي اشاعت تي، ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۽ ’سچل اڪيڊميءَ‘ چڱو ڪم ڪيو آهي. ضرورت اها آهي ته اڃا به وڌيڪ ڪم ڪيو وڃي، ۽ سچل سرمست جي ڪلام جو غير ملڪي زبانن ۾ ترجمو ڪري، دنيا کي روشناس ڪرايو وڃي…“

فقير عبدالغفور، دين محمد ۽ غلام حيدر گڏجي، ”جنهن دل پيتا پُر ڪر جام…“ ڳائڻ سان، راڳ جي محفل جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ حميد علي_ فتح علي، مصري فقير، الهه رکيو، دين محمد، زيب النساء، ثريا، سچل بادشاهه جو ڪلام ڳائي، سامعين کي مسرور ڪيو ۽ فقير عبدالغفور جي ڳايل ”گھڙولي“ ۽ استاد منظور علي خان جي ڪلاسيڪل انداز، محفل ۾ جان پيدا ڪري ڇڏي.

آخر ۾ فقير عبدالغفور جي ڳائڻ تي، هن روحاني تقريب سان، ادبي ڪانفرنس ختم ٿي.

                                        (پرڀو ”ناشاد“)


·  ديوان هيرانند، ڪجهه عرصو حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ هو، جنهن جي ايام ۾ سندس سرجوشيءَ سان ”هيرآباد“ ڪواٽر جاري ٿيو هو ۽ ان کي سندس نالي پٺيان سڏيو ويو.

1  ”سڀا جو سينگار“، سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجي چڪو آهي. (ادارو)

1  هيءَ ڪتاب، سرڳواسي پروفيسر نارائڻداس ڀٽيجا، اصلوڪي نالي ”پنجتنتر“ سان، نئين سر سنسڪرت تان ترجمو ڪيو هو، جو بمبئيءَ مان ”هندستان ڪتاب گهر“ وارن 1957ع ۾ ڇپايو هو. (م. م)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com