سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1967ع

مضمون:

صفحو :17

احسان احمد بدوي مرحرم

موڪليندڙ: لطف الله بدوي

احسان مرحوم جي آخري تحرير

[نوٽ: جوانامرگ ’احسان‘، پنهنجي موت کان ٿورو اڳ، انگلنڊ جي مشهور شاعر سموئيل ٽيلر ڪولرج (۱۸۳۴–۱٧٧٢ع)، جي مشهور نظم، ”آئنشينٽ مَرينر“ جو ترجمو ’پوڙهي ملاح‘ جي عنوان سان سنڌي زبان ۾ ڪيو هو. هيءُ هڪ عجيب اتفاق هو جو مرحوم هي ترجمو پنهنجي موت کان فقط ٻه مهينا اڳ تڪميل تي پهچايو هو. هن مان هڪ روحانيت جو قائل هن نتيجي تي پهچندو ته دنيا کان الوداع ڪرڻ واري نيڪ شخصيت جي روح کي، پنهنجي موت جي ڪا پرون پوي ٿي ۽ هو اهڙين حقيقتن ڏانهن متوجه ٿئي ٿو، جن جو موت سان گهرو تعلق آهي. ترجمي جي مسودي مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته هن اُن تي نظر ثاني به نه ڪئي هئي. موت جي بيدرد هٿ سندس سمورن اِرادن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. ’الله بس باقي هوس‘. احسان، هن دور جي ادب جي آسمان جو هڪ اُڀرندڙ ستارو هو، جو پنهنجي بلنديءَ تي پهچڻ کان اڳ جهلملائيندي اُفق تي غروب ٿي ويو. هو اَڄ اسان ۾ موجود نه آهي، پر سندس رنگارنگ تخليقات هميشـﮧ زنده رهنديون.

’پوڙهو ملاح‘، ڪولرج جي هڪ پر اسرار نظم آهي ۽ لفظن جو هڪ هوشربا طلسم، جنهن ۾ پڙهندڙ داخل ٿيڻ کان پوءِ، هڪ عجيب بيخودي محسوس ڪري ٿو هيءُ نظم هڪ دلڪش خواب جي مثال آهي يا رويائي صادقه! جنهن ۾ موت ۽ حيات جي فلسفي کي پيش ڪرڻ بدران شاعر، روح جي ’ابدي حيات‘ کي افسانوي رنگ ۾ پيش ڪيو آيو. ڪولرج هيءُ ڏيکارڻ گهري ٿو ته، جيڪڏهن ڪنهن عظيم حادثي جي ماتحت، روح جي جسم کان مفارقت ٿئي ٿي ته نيڪ روحن کي امداد الاهي جي نصرت حاصل ٿئي ۽ بد روح اُن واقعي جي ايذاءَ کان موت کان بعد ۾ پريشان ۽ پراگندهه رهي ٿو. هُو پنهنجي گناهه جي اعتراف کان تسڪين لهڻ لاءِ پوءِ به جدوجهد ڪندو رهي ٿو ۽ چاهي ٿو ته اُن جي زندگي وري موٽي اچي جيئن ان ميعاد ۾، اڳينءَ حياتيءَ جي تلافي ڪري سگهي. قرآن حڪيم ۾ هن حقيقت جي ڪيڏي نه وضاحت موجود آهي. فرمائي ٿو ته ’قَالَ يُحي العِظام وَهِي رَمِيُم‘ (مرڻ وارن) چيو ته ”ڪاش! هيءُ هڏا جي مِٽي ٿي ويا آهن، پر جيئرا ٿين!“ مگر فطرت جو نظام اَٽل آهي، ائين نه ٿيو نه ٿي سگهندو. هيءُ عبرت جو مقام آهي ته انسان هميشـﮧ فطرت جي نظام تي اعتراض ڪندو رهيو آهي، مگر هو پنهنجي جاءِ تي اَٽل آهي  ۽ انساني اعتراض ان ۾ ڪابه تبديلي آڻي نه سگهيو آهي. هيءُ اهو اعتراف شڪست آهي، جنهن جي تشريح جي ڪا زياده ضرورت نه آهي. ڪولرج، شاديءَ جي مهمان کي، پوڙهي ملاح جي ملاقات کان پوءِ، ٻئي ڏينهن تي زياده عقلمند ٿو ڏيکاري. هيءُ عقلمندي، قدرت جي نظام جي سامهون، انسان جي قوتن جو اعتراف شڪست آهي ۽ بس.

انگريز نقادن جي نظر ۾ ڪولرج جي هيءُ نظم، انگريزي ادب جو هڪ شاهڪار آهي. احسان مغفور جي ترجمي بابت مان ڪجهه به نه لکندس، ڇو ته منهنجي لاءِ سندس هر تحرير جگر فگار آهي.

پوڙهو جهازران

اُهو شاديءَ جو ڏينهن هو. ٽي مهمان شاديءَ جي مجلس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءَ تڪڙو تڪڙو وڃي رهيا هئا. اُهي ٽيئي مهمان، جڏهن شادي واري گهر وٽ پهتا، تڏهن کين هڪ جهور پوڙهو نظر آيو، جو انهن ڏانهن، هوريان هوريان وڌندو ٿي آيو. پوڙهي انهن ٽن مان، هڪ کي ٻانهن کان جهلي ورتو، جو ننڍو نيٽو ۽ ڳڀرو جوان ٿي لڳو. ان کانئس پڇيو، ”مان توکي، تنهنجي سفيد ڏاڙهيءَ ۽ چمڪندڙ اکين جو واسطو ڏئي ايترو پڇان ٿو ته تو مون کي ڇو جهلي ورتو آهي؟“

”تون ڏسين ڪونه ٿو ته سڀئي مهمان اچي گڏ ٿيا آهن ۽ سندن ٽهڪڙن ۽ کِلَ ۽ خوشيءَ جو آواز چڱيءَ طرح ٻُڌي رهيو آهين. مان گهوٽ جو ويجهو عزيز آهيان ۽ منهنجو اندر انتظار آهي.“

پوڙهي، نوجوان کي ٻُڌو ۽ اڻٻڌو ڪري، سندس ٻانهن کي کڻي پنهنجي ڪمزور هٿ سان سوگهو جهليو ۽ پنهنجو داستان ٻڌائڻ شروع ڪيو: ”هڪڙو جهاز هو!...“ پر نوجوان کانئس ٻانهن ڇڏائيندي چيو: ”پوڙها، تون ته ڪو پاڳل آهين. منهنجي ٻانهن کي ڇڏ ۽ ٿورو پرڀرو ٿي بيهه!“ پوڙهي سندس ٻانهن کي ته ڇڏي ڏنو پر پنهنجي اکين جي چمڪ کي، نوجوان جي اکين تي ائين قائم رکيو، ڄڻ ته مٿس جادو ڪيو اٿائين. هو هاڻي سواءِ ڪنهن چُرپر جي سندس اڳيان ائين ٿي بيٺو، ﭴڻ ته ٽن سالن جو ٻار آهي. جهازران جي خواهش به اهائي هئي.

شاديءَ تي آيل نوجوان مجبور ٿي پٿر تي ويهي رهيو ۽ ان جي لاءِ ٻيو ڪوبه چاڙهو نه هو ته جو ڪجهه پوڙهو چوي، اُن کي خاموش ويهي ٻُڌي. انهيءَ ريت ان پوڙهي ماڻهو، چمڪندڙ اکين واري چوڻ شروع ڪيو:

”اسانجو جهاز، جيئن بندرگاهه کان ٻاهر نڪري، پنهنجي سفر تي روانو ٿي رهيو هو، تيئن ڪناري تي بيٺل ماڻهن، خوشيءَ ۽ مرحبا جي نعرن سان، اسان کي الوداع ڪيو. جهاز جيئن پاڻيءَ جي سطح تي وڃي رهيو هو، تيئن آهستي آهستي، ديول، ٽڪريون ۽ آخر ڪار روشنيءَ جو مينار، اسان جي نظر کان غائب ٿيندا رهيا ۽ اسان جو جهاز ڏاڍي آرام سان وڃي رهيو هو. ٻئي ڏينهن صبح جو سج اسان کي پنهنجي کٻي طرف کان سمنڊ مان اڀرندي نظر آيو. سج سڄو ڏينهن اسان جي مٿان چمڪندو رهيو ۽ وري شام جو اسان جي ساڄي پاسي کان سمنڊ ۾ غروب ٿي ويو. اهڙيءَ ريت اسان جو جهاز، نهايت مزي سان، هوا جي جهوٽن تي سمنڊ جي لهرين سان کيڏندو، اڳتي کان اڳتي وڌندو ٿي ويو. روزانه سج اسان جي مٿان پنهنجي پوري چمڪ ۽ تابش مان اڀرندو ۽ لهندو ٿي رهيو. هڪ ڏينهن دستور موجب، سج اڀري، مٿي چڙهي، اسان جي جهاز جي بنهه سڙهه مٿان چمڪي رهيو هو، ته اسان کي پريان ڌُنڌ نظر آيو.“

پوڙهو جڏهن ايتري ڳالهه ڪري چڪو ته پريان راڳ ۽ سازن جو دلڪش آواز صاف ٻڌڻ ۾ آيو. نوجوان ڏاڍي افسوس وچان پنهنجا هٿ مهٽيندو رهيو؛ ڇو ته هو شاديءَ جي شادماني ۾ شريڪ ٿي نه سگهيو هو. هن پريان ڏٺو ته ڪنوار شاديءَ جي جوڙي ۾ هڪ_ هڪ مهمان سان ملي رهي هئي ۽ سازيندڙ ان جي اڳيان، خوشيءَ جا راڳ ڳائي، نچي رهيا هئا. پر نوجوان لاءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونه هو، سواءِ هن جي ته، هو ماٺ ڪري پوڙهي جو داستان ٻڌندو رهي.

پوڙهي پنهنجي قصي جو سلسلو ملائيندي چيو_ ”اها ڌُنڌ هاڻي ڪافي اسان جي نزديڪ اچي چڪي هئي. ڏسندي ڏسندي ڌُنڌ، خوفناڪ طوفان جي صورت ۾ بدلجي ويئي. اهو طوفان ايڏو ته تيز گهُلي رهيو هو، جو اسان جو جهاز ڏکڻ جي طرف بي اختيار ڌڪبو ٿي ويو. طوفان جي تيزيءَ جي سبب، اسان جي جهاز جا سڙهه ۽ مُهرو، پاڻيءَ ۾ ٻُڏي ۽ اڀري ٿي آيا. جهاز هر ڀيري، پنهنجي مهُڙ کي، پاڻي ۾ ائين لڪائي رهيو هو، ڄڻ ته پاڻ کي طوفان جي ٿڦيڙن کان بچائي رهيو آهي. طوفان جو آواز هاڻي ڏاڍو گوڙ ۽ گهمسان مچائي رهيو هو. اسان جو جهاز سواءِ ڪنهن روڪ جي، طوفان جي زور ۽ شور سان ٽڪريو، ڏکڻ جي طرف تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳو. جهاز ستت ئي ڪوهيڙي ۽ برف سان وڃي لڳو. هتي اسان ڏٺو ته برف جون وڏيون وڏيون ڇپون، ترنديون، اسان وٽان نڪرنديون ٿي ويون. سردي ايتري هئي، جو ڏند، ڏند سان ٿي لڳو. انسان ته ڇڏيو پر هتي ڪنهن پکي جو به ڪو نالو نيشان نه ٿي ڏٺو. هينئر اسان بلڪل بُريءَ طرح برف جي گهيري ۾ گهيرجي ويا هئاسون. منظر بيحد خوفائتو ۽ هيبت ناڪ هو. هيڏانهن برف، هو ڏانهن برف، چوڌاري برف ٿي ڏٺي.

اُن جي ڀڄڻ کان گجگوڙ جو آواز ٿي ٻُڌو.

اسان اڃا هن مونجهاري ۾ هئاسون ته ڪئن پاڻ کي اُن مصيبت کان آزاد ڪريون ته هڪ پکي جو ڏسڻ به ڳورو ۽ وڏو ٿي آيو، سو اسان جي جهاز جي مٿان لامارا ڏيڻ لڳو.

اهو وڏو پکي سمنڊ جو پکي هو ۽ ان کي آلباٽراس1 (Albatross) ٿي سڏيو ويو. اسان جڏهن ان پکيءَ کي ڏٺو ته اسان جي خوشيءَ جي ڪا حد نه رهي. اسان ائين سمجهڻ لڳاسون ته ڄڻ اهو اَسان جو ذات ڀائي عزيز آهي. اسان ٻچڪار ڏئي، پکيءَ کي پنهنجي قريب آندو ۽ ان کي کائڻ لاءِ کاڌو به ڏنو. پکي ڏاڍي مزي مان کاڌو کائڻ لڳو. ڄڻ ته اهڙو کاڌو، هُن اڳي ڪڏهن کاڌو ئي نه هو. هُو اسان جي چوڌاري اُڏرندو رهيو. برف گجگوڙ جي آواز سان ڀڄندي رَهي. سُکاني اسان کي اُن مان وٺيو ٿي ويو.

اسان جئن ئي خطري کان ٻاهر نڪتاسون تيئن ڏکڻ کان بيحد خوشگوار هوا گهُلڻ لڳي. الباٽراس اسان جي پويان اڏامندو ٿي آيو ۽ ڪڏهن خلاصين جي آواز تي هيٺ جهاز تي لهي ٿي آيو. خلاصي ڪڏهن ڪڏهن اُن سان کيڏندا ٿي رهيا، يا کاڌو کارائيندا ٿي رهيا. ساندهه نَوَ راتيون هي پکي يا ته اسان جي جهاز جي ٺهيل ڪليءَ تي ويهندو هو يا سڙهه تي. هوڏانهن چنڊ ڪوهيڙي مان پنهنجي جهڪي روشنيءَ سان چمڪندو ٿي رهيو.“

Text Box: 259

نوجوان پوڙهي جهازران کي وچ ۾ ڪپيندي چيو ته ”شال خدا توکي شيطانن کان امان ۾ رکي، جي توکي ڏکائيندا ٿا رهن. پر اهو ته ٻڌاءِ ته تنهنجي مڙدي جهڙي صورت ڇو ٿي وئي آهي؟

پوڙهي جواب ڏنو ته ”مون ان پکيءَ کي پنهنجي تير ڪمان سان ماري ڇڏيو.“

(2)

سج هينئر اسان جي ساڄي هٿ کان اڀريو پر هو اڃا تائين ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل هو. شام جو سج وري اسان جي ڏائي پاسي کان اُلهي، هيٺ سمنڊ ۾ هليو ويو. وڻندڙ هوا، اڃا به اسان جي پٺيان ڏکڻ کان گهلندي ٿي رهي پر هاڻي ڪوبه پکي اسان جي مٿان نه ٿي اڏاڻو نه وري هُو خلاصين جي آواز ڏيڻ تي، راند يا کاڌي کائڻ لاءِ ٿي آيو. منهنجي جهاز جي سڀني ساٿين هاڻي ائين ٿي سمجهو ته مون نهايت بڇڙو ڪم ڪيو آهي ۽ اهو اسان جي مٿان ضرور ڪو ڏولائو آڻيندو. ”تون ته ڪو نُگرو ندورو آهين.“ هو چوڻ لڳا ته ”تو ڪهڙو نه گناهه جو ڪم ڪيو آهي جو، جنهن پکيءَ جي ڪري، خوشگوار هوا ٿي لڳي، تنهن کي تو ماري ڇڏيو. جلدئي سج اڀري مٿي آيو. سج جو هاڻي اڀريو هو، اهو نه ته ايترو ميرانجهو هو ته وري ايترو سرخ ئي هو، پر فرشتن جي مڻيادار مُک جيان روشن ٿي نظر آيو. خلاصين جڏهن سج کي روشن ڏٺو، تڏهن هُو چوڻ لڳا ته ”تو چڱو ڪيو جو اهڙي پکيءَ کي ماري ڇڏيو، جنهن اسان جي مٿان هوا ۽ مٽيءَ جولُڙات آندو هو ۽ ڪوهيڙي کي پيدا ڪيوِ هو اهڙي بدسوڻ پکيءَ کي مارڻ ئي گهربو هو.“

اسان اهي ڳالهيون ڪندا ٿي وياسون. واءُ سڻائو هو ۽ سمنڊ جي سفيد گجي لهرين مان اڏامندي مٿي ٿي آئي. سمنڊ جي خاموش پاڻيءَ تي اسان جو جهاز ڏاڍو سؤلو ٿي هليو، ۽ لس ئي لس پٺيان پاڻيءَ جو چارو، هلندو ٿي ويو. اسان پهريان هئاسون، جن سمنڊن جي خاموشي تي فتح پاتي هئي. مگر ٿوري وقت کان پوءِ، هوا گهڻي قدر گهٽجي وئي ۽ سڙهه جي، هوا ۾ ڀريل هئا، هيٺ جهُڪي پيا. اسان تي هڪدم اداسائي ڇانئجي وئي ۽ اسان پاڻ ۾ محض، هن ڪري ٿي ڳالهايو جئن سمنڊ جي خاموشيءَ کي ٽوڙيون_ منجهند جي مهل هئي، سج بلڪل اسان جي جهاز جي سڙهه مٿان چمڪڻ لڳو. سج ۾ بي حد تپش ۽ گرمي هئي_ سج ايترو ته سرخ ٿي ويو هو، جهڙو ٽامو_ ايترو ته ننڍو ٿي ويو، جيترو چنڊ جو گولو. ٻيو ڏينهن، پهرئين ڏينهن کان وڌيڪ خراب هو. اسان جو جهاز، هڪ جاءِ تي اچي بيهي رهيو، پاڻيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي چرپر نظر نه ٿي آئي. اسان جو جهاز، جهاز نه، پر ان جي تصوير ٿي نظر آيو.

اسان جي چوڌاري پاڻي ئي پاڻي ٿي ڏٺو، پر گرمي ايتري هئي، جو اسان جي جهاز جا ڪاٺ جا تختا سُڪڙندا ٿي نظر آيا. چوڌاري پاڻي هو، پر پيئڻ جي ڪاڻ هڪ ڦڙو به ڪونه هو. سمنڊ جو پاڻي به ائين ٿي نظر آيو، ڄڻ ته هڪڙي جاءِ تي بيٺل آهي. اهو سمنڊ جو بيٺل پاڻي، سخت بدبو دار ٿي لڳو. هن گندي ۽ غليظ پاڻيءَ ۾ نفرت ۽ ڪراهت جهڙا جانور رڙهندا ٿي نظر آيا. جهاز جي گوشن ۽ بادبانن جي رَسين ۾، چوڌاري موت جي آگ رقص ڪندي ٿي ڏٺي. پاڻي ڏائڻ جي ڏيئي وانگر، سائو، نِيرو ۽ اڇو ٿي ڏٺو. اهو نظارو اسان کي ڏاڍو پريشان ڪري رهيو هو، رات جي ان هيبتناڪ نظاري ۾، اسان جي ڪن خلاصين کي ائين ٿي نظر آيو ته ڄڻ ته ڪو روح آهي جو سمنڊ جي نون گزن جي گهرائيءَ مان، نڪري برف ۽ ڪوهيڙي جي دنيا ڏانهن گهلبو ٿو وڃي. گهڻو ڪري، اسان سڀني جون زبانون، پياس جي شدت جي ڪري، سڪي ٺوٺ ٿي ويون هيون. اسان ان ڪري بلڪل ڳالهائي نٿي سگهياسون. وات ائين بند ٿي ويا هئا، ڄڻ ته ڳلو ڪنهن دونهي سان ڀري ڇڏيو آهي_ هاڻي سڀڪنهن ننڍي ۽ وڏي، مون ڏانهن غضبناڪ نگاهن سان ڏٺو. افسوس، سندن نگاهن مان صاف ٿي ڏ‎‎ٺو ته هو مون کي ڏوهاري سمجهي رهيا هئا، جو مون ان پکيءَ کي پنهنجي تير ۽ ڪمان سان نشان بڻايو هو. هنن هاڻي منهنجي ڳچيءَ ۾ صليب جي بجاءِ، آلبٽراس جو مئل جسم کڻي وڌو.“

(3)

 ”اسان جي لاءِ، اهو سڀ کان زياده پريشانيءَ ۽ حيرانيءَ جو وقت هو. اسان سڀني جو ڳَلو پياس جي ڪري خشڪ ٿي ويو هو ۽ اکيون ائين ٿي نظر آيون، ڄڻ ته بلور جا ٻه شيشا آهن، جن ۾ ڪابه روشني نه آهي. انهيءَ ڏکئي ۽ مونجهاري واري وقت ۾، جڏهن اسان مان هر هڪ ٿڪايل ۽ جڏو جيءُ هو، مون کي دور، آلهندي طرف آسمان وٽ ڪا شيءَ نظر ٿي آئي. پريان اُها شيءَ اڻ چِٽي پئي معلوم ٿي، پر پوءِ هوريان هوريان اُها ائين ٿي ڏٺي، ڄڻ ته ڪوهيڙو آهي. جو ويجهو پوندو ٿو وڃي. آخر ان اڻ چٽي داغ هڪ خاص صورت اختيار ڪئي، جا هڪ غوراب جان ٿي لڳي. اها غوراب نما صورت اسان ڏي وڌندي ٿي آئي ۽ اڃا به ويجهو پوندي ويئي. اوچتوئي اوچتو اهو غوراب ائين گهمرو ڏئي ڦيرو کائي ويو، ڄڻ ته ڪنهن پاڻيءَ جي روح پٺيان رڙهندو ٿو وڃي. اسان جي حالت اهڙي هئي، جو نه کِلي ٿي سگهياسون، نه روئي ٿي سگهياسون. اُڃ ۽ پياس جي ايتري ته شدت هئي، جو چپ ڪاراٽجي ويا هئا ۽ نڙيءَ ۾ ڪَنڊا ٿي چُڀيا. اسان جي وات مان لفظ به نه ٿي نڪتو.

مون ڇا ڪيو، جو پنهنجي ٻانهن ۾ کڻي چَڪُ پاتم ۽ رت چوسي ورتم. منهنجي نِڙي ٿوري آلي ٿي ۽ اَن غوراب کي رڙيون ڪري سڏڻ لڳس. منهنجي ساٿي ملاحن، جڏهن پنهنجي سڪل ڳَلي ۽ ڪاراٽيل چپن سان مون کي رڙيون ڪندي ٻُڌو ته کين حيراني لڳي هو ڏند ڀڪوڙي کلڻ لڳا. جنهن مان معلوم پئي ٿيو ته هو خوشيءَ ۽ شڪر گذاريءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن. ان کان پوءِ هنن اهڙي نموني ته اُڀو ساهه کنيو ڄڻ پاڻي پي رهيا آهن. مون پنهنجي ساٿين کي ٻڌايو ته غوراب اسان جي مدد لاءِ ڪين ٿو اچي پر ٻئي طرف ڦريو ٿو وڃي. وڌيڪ عجب جهڙي ڳالهه اها هئي ته اهو غوراب آهستي آهستي سواءِ ڪنهن هوا يا وير جي وڃي رهيو هو. سج ان وقت باهه جي ڄڀيءَ وانگر ٿي نظر آيو. اهو ويڪرو ۽ چمڪندڙ سج هڪ طرف پاڻيءَ جي ڪناري تي لهي رهيو هو. اها عجيب چيز، جا ان وقت غروب ٿيندڙ سج ۽ اسان جي وچ حائل هئي، تنهن سج کي هڪدم هڪ ليڪي وانگر بڻائي ٿي ڇڏيو. جو پوءِ هڪ تتل لوهي سيخ وانگر ٿي معلوم ٿيو. سج ان وقت ويڪرو ۽ ڄڀيون ڪندڙ سرخ گولي جي صورت اختيار ڪري ويو ۽ ان جا ڪرڻا ائين ٿي ڏٺا، ڄڻ ڪنهن اونداهي بنديخاني جي پڃرن مان ٿي نڪتا. مان سخت دماغي هراس ۽ اُلجهن مان ائين محسوس ڪيو ته اها عجيب شيءَ، اسان جي ويجهو ۽ نزديڪ پوندي ٿي وڃي. اهو ٻيڙو جو سج جي روشنيءَ ۾ جهرجهر ڪري چمڪي رهيو هو، بلڪل ڪنهن وڻ جي ڄار وانگر ٿي لڳو، جو فقط هوا جي ٿوري زور تي ساهه کڻي رهيو هو. مان اڃا تائين به ٿي محسوس ڪيو ته اهي لوهه جون سيخون، جن مان سج، ڪنهن تهخاني جي پڃري مان، اسان ڏي نهاري رهيو هو، سو ان عجيب ۽ غريب ٻيڙي تي سوار آهي. مون اڃا ٿورو ٿورو خيال مس ڪيو ته منهنجي دل زور سان دَڪ دَڪ ڪرڻ لڳي. ڪيترو نه غوراب تڪڙو تڪڙو ويجهو اچي رهيو آهي، جيئن هوا تي ڪوريئڙي جي ڄاري بي آرام لُڏندي آهي.

مون کي ان غوراب ۾ فقط هڪ عورت نظر آئي، ڇا اهائي تنها، ملاحن جو سڄو مجموعو هئي؟ ڇا اها موت هئي؟ شايد غوراب ۾ اهي ٻئي آهن. ڇا موت ان عورت جو ساٿي آهي؟

عورت جا چپ سُرخ هئا ۽ سندس نگاهون آزاد هيون. سندس وار پيلا هئا، جيئن سون، سندس کَلَ اهڙي ته سفيد هئي، جهڙي ڪنهن ڪوڙهيي جي. هوءَ رات جي خواب جهڙي حياتيءَ لاءِ موت برابر هئي. جنهن کي ڏسندي انسان جو رت، سردي کان ڄميو وڃي. اهو عريان پراڻي جهاز جو ڍڍر، ويجهو اچي پهتو. اسان ڏٺو ته اهي ٻئي رفيق ڍاري راند کيڏي رهيا هئا. هن پوڙهي عورت ٽي ڀيرا، سيٽي وڄائي چيو ته ”راند پوري ٿي. مان کٽيو! مان کٽيو!“

ٿوري وقت کان پوءِ سمنڊ جي ٻئي ڪناري تي، اَفق جي هيٺان سج غروب ٿي ويو ۽ اسان جي مٿان اونداهي ڇانئجي وئي. ان وقت اسان ڏٺو ته هڪ تارو نمودار ٿيو ۽ پري سمنڊ تي، خيالي پيڪر واري ٻيڙي جي ڀون ٻڌڻ ۾ آئي. اسان ان کي ڌيان ڏئي ٻڌو ۽ ان پاسي واري رستي ڏانهن نهاريو. منهنجي دل تي خوف ڇانئجي ويو. ڄڻ ته هو منهنجي زندگيءَ جي رت سان ڀريل پيالي کي، سُرڪيون ڀَري پيئڻ لاءِ تيار آهي. ستارا جهَڪا هئا ۽ رات جي سخت اونداهي هئي. سُکانيءَ جو چهرو، فانوس جي روشنيءَ ۾ سفيد ٿي لڳو. جهاز جي سڙهه مان ماڪ جا ڦڙا ٿي ڪريا ۽ اهي ڦڙا، ايستائين ڪرندا ٿي رهيا، جيستائين پورو چنڊ، الهندي کان مٿي اُڀري نه آيو. چنڊ سان گڏ، هڪ چمڪندڙ ستارو به هو.

اُن چنڊ ۽ ستاري جي مستقل روشنيءَ ۾، منهنجي ساٿين جي ٿڌن ساهن ۽ ڪنجهڻ جو تڪڙو آواز ٿي آيو. هر هڪ، شديد صدمي جي باعث، مون کان پنهنجي اضطراب زده چهري کي ڦيرايو ٿي ۽ اکين ئي اکين ۾ مون کي بد دعا ڏيندا رهيا. چار ڀيرا، پنجاهه زنده انسان_ جن کي هاڻي نه ٿڌو ساهه کڻندي يا ڪِنجهندي ٿو ڏسان_ سخت ڌڪاءَ سان، بي جان لاشن جي صورت ۾، هڪ هڪ ٿي هيٺ ڪري پيا. روح سندن جسمن مان اُڏري ويا، خبر نه آهي ته اهي بهشت ۾ ويا، يا دوزخ ۾، مگر هر هڪ روح مون وٽان ائين گذرندو رهيو، جئن منهنجي ڪمان مان تير ڪَڙ ڪَڙ ڪري نڪرندو آهي.

(4)

پوڙهو جهازران جڏهن ايتري ڳالهه ڪري چڪو، تڏهن نوجوان کيس وچ ۾ روڪي ورتو ”مون کي تنهن جي هڏائين هٿ کان خوف ٿو ٿئي، جنهن ۾ گوشت جو نالو ئي نه آهي. مون کي تنهنجي ڊگهي ۽ ضعيف بدن کان خوف ٿو ٿئي. جنهن ۾ سمنڊ جي ريتي وانگر ور وڪڙ ۽ گهنج پيل آهن. مون کي تنهنجي چمڪندڙ اکين کان به ڊپ ٿو ٿئي.“

”تون ڪوبه ڊپ نه ڪر. مان پنهنجي ساٿين سان ڪونه مري ويس. پوڙهي ملاح کيس تسلي ڏيندي چيو. ”اڪيلو، اڪيلو، سڀ کان اڪيلو. ان وسيع سمنڊ جي مٿان اڪيلو هيس. ڪنهن به مقبول ٻانهي کي، منهنجي عذاب ۾ ورتل روح تي رحم نه ٿي آيو. ڪيترا نه حسين انسان! سڀئي مري چڪا هئا ۽ هزارين هزارين گپ ۽ غلاظت ۾ پيل شيون زنده هيون ۽ انهن سان گڏ مان به. اُن بدبودار سمنڊ کي ڏٺم ۽ اکيون ڦيرائي ڇڏيم. مان ان مسخ ٿيل جهاز جي تختي کي ڏٺو، جتي ان مري ويلن جا لاش پيل هئا. مان آسمان ڏي نهاريو ۽ دُعا گهرڻ جي ڪوشش ڪيم، مگر هن کان اڳ جو منهنجي چپن مان دعا نڪري ڪنهن پاپي روح جو سايو منهنجي مٿان پئجي ويو ۽ منهنجو قلب ڄڻ رک بڻجي ويو.

مان پنهنجي اکين جي ڇَپرن کي پوري ڇڏيو. ٻوٽي ڇڏيو. کينهونءَ جهڙيون سُڄيل نبضون دَڪ دَڪ ڪرڻ لڳيون. فقط آسمان ۽ سمنڊ، سمنڊ ۽ آسمان، منهنجي ٿڪايل اکين جي مٿان بار وانگر پئي لڳا ۽ مري ويل منهنجي پيرن ۾ پيا هئا. سرد پگهر سندن عضون مان پئي ٽِميو. سندن جسم نه خراب ٿيا نه وري انهن مان ڪا بدبوءِ ٿي آئي. انهن ساڳين نگاهن سان مون کي ٿي نهاريو، جن سان هو نهاريندا ٿي رهيا. اِهي اڃا به موجود هيون ڪنهن به معصوم جون بد دعائون، ڪنهن کي به بهشت مان ڇڪي، جهنم ۾ آڻي سگهن ٿيون. ست ڏينهن ۽ ست راتيون، مان انهن بد دعائن کي برداشت ڪندو رهيس، پر ان هوندي به مٿان، متحرڪ چنڊ، آسمان ڏي پنڌ ڪندو ٿي ويو ۽ ڪٿي به نه رڪيو. هوريان هوريان هو ويندو رهيو. سندس پاسي ۾ هڪ ٻه ستارا ٿي ڏٺا. چنڊ جي ٿڌي ۽ پُرسُڪون روشني جا ڪرڻا، سمنڊ جي گرم پاڻيءَ ۾ ايترا لطيف ٿي لڳا، ڄڻ ته اپريل جا ڪرندڙ شبنمي قطرا آهن. مگر جتي اسان جي جهاز جو پاڇو ٿي پيو اها جاءِ ٻرندڙ ۽ گرم لوهه وانگر ٿي لڳي.

جهاز جي پاڇي ۾، مان پاڻيءَ جي نانگن کي ٿي ڏٺو. جڏهن هو پاڻيءَ جي سطح کان مٿي ٿي آيا ته مٿن جا چند جي پُرسرار روشني ٿي پئي ته ائين ٿي لڳا، ڄڻ ته هو برف جي تهخاني مان نڪري آيا آهن. نيرن، ساون ۽ ڪارين پوشاڪن ۾ ملبوس ٿي ڏٺا. هو جيئن هيڏانهن ۽ هوڏانهن ٿي ڦِريا، تيئن سندن گهمڻ جي نشانن تجلا ٿي ڏنا. اُهي ڪيتريون نه خوش ۽ زندهه شيون هيون. جيڪر مان انهن جي سونهن کي ظاهر ڪري سگهان. منهنجي قلب مان محبت جو چشمو ڦاٽي نڪتو. مان کين بي اختيار دعائون ڏيڻ لڳس. مون کي پڪ آهي ته منهنجي شفيق نيڪ مردن مون تي رحم کاڌو هوندو، مان بي اختيار کين دعائون ڏيڻ لڳس. اُن عين گهڙيءَ ۾ مان پاڻ ۾ عبادت ڪرڻ جي طاقت ڏ‎ٺي. منهنجي ڳچي مان آلباٽراس جو مرده جسم، نهايت آساني سان جدا ٿي، وڃي سمنڊ ۾ ڪِريو.

Text Box: 267

(5)

ننڊ! هيءَ سچ پچ هڪ رحمدل ديوي آهي، جنهن کي دنيا جي هڪ قطب کان ٻئي قطب تائين پيار ڪيو وڃي ٿو. مان آسماني معبود جو بيحد احسانمند آهيان، جنهن مون ڏي هيءَ جنت کان موڪلي ڏني. جنهن پنهنجي نرم ۽ نازڪ ٻانهن ۾ مون کي جهلي، لولي ڏيئي سمهاري ڇڏيو. اهي بالٽيون جي جهاز جي عرشي تي، خالي هيون، مون خواب ۾ ڏٺو ته ماڪ سان ڀرجي ويون آهن. جڏهن مون کي جاڳ ٿي ته برسات پئجي رهي هئي.

منهنجا سڪل چپ تَڙڦي ويا هئا ۽ گرم سينو ٿڌو ٿي ويو هو. منهنجا ڪپڙا به گهم ۾ آلا ٿي ويا هئا. مون کي پَڪ هئي ته ننڊ ۾ مان ضرور پاڻي پيتو آهي ۽ منهنجو بدن اڃا تائين پاڻ ۾ پاڻي جَذب ڪري رهيو هو. مان گهمڻ ڦرڻ لڳس ۽ مون کي بدن جو ڪوبه بار محسوس نه ٿيو. مان پاڻ کي هلڪو سمجهڻ لڳس. ائين محسوس ڪرڻ لڳس ته ڄڻ ته مان مري ويو آهيان ۽ پاڪ روح آهيان. جلدئي مان پُرشور هوا جو آواز ٻڌو، پر طوفان جو شور ويجهو نه ٿي ٻُڌو. ان آواز سڙهن ۾ جنبش پيدا ڪئي، جي نازڪ ۽ هلڪا هئا.

جهاز جي مٿان جا هوا لڳي رهي هئي، ان ۾ گويا زندگي اچي وئي هئي ۽ سوين سُرخ رنگ جا ٽانڊاڻا، چمڪندا ۽ اُڏامندا نظر آيا، هو جهاز جي اندر ۽ ٻاهر هيڏانهن هوڏانهن ٿي ڦِريا. انهن جي درميان وري ڦِڪا ستارا، رقص ڪندي ٿي ڏٺا. گهلندڙ هوا جي شور ۾ وڌيڪ زيادتي پيدا ٿي، ۽ جهاز جي سڙهن ڄڻ ته ٿڌو ساهه کڻڻ شروع ڪيو. مٿان هڪ ڪاري ڪڪر وسڻ شروع ڪيو ۽ ان مان لڪل چنڊ جو ڪنارو ظاهر ٿيو. جلدئي ڪڪري ٻن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويئي، مگر چنڊ اڃا ان جي ڀر ۾ بيٺو هو. کنوڻ سواءِ ڪنهن روڪ جي ائين ٿي چمڪي، جيئن هڪ مٿاهين کڙٻڙ واري ٽڪريءَ تان تيز پاڻيءَ جون ڌارون ڪرنديون آهن.

اهو هنگامه خيز طوفان جهاز جي بلڪل قريب ڪونه آيو، پر اهو معجزو هو، جو جهاز هلڻ شروع ڪيو ۽ اوچتو مئل ماڻهو، چنڊ جي روشنيءَ ۽ کنوڻ جي روشني ۾ ڪنجهڻ لڳا هو ڪنجهيا ۽ ڪرڪيا، منجهن حرڪت پيدا ٿي ۽ پوءِ اُٿي کڙا ٿيا، مگر زبان مان هڪ ٻڙڪ به نه ڪڍيائون. سندن اکين ۾ اُهائي نظر قائم هئي. مئلن جو اهڙي نموني اُٿي ويهڻ هڪ عجيب واقعو هو ۽ شايد خواب ۾ به اهڙيءَ شيءَ تي يقين نه اچي. اُهو ساٿي، جو هميشـﮧ سُکان تي هوندو هو، ان وڃي ان کي ورتو ۽ جهاز اڳتي هلڻ لڳو، پر هوا ۾ ذري جي به جنبش ڪانه هئي. سڀني ملاحن، هاڻي وڃي پنهنجي جاءِ ورتي هئي ۽ رَسيءَ تي گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا. اهو سڀڪجهه مشين جي پرزن وانگر هو. اهو ڏسي سچ پچ ملاحن جي جماعت وڌيڪ وحشت انگيز ٿي نظر آئي. منهنجو ڀائٽيو، منهنجي ڀرسان بيٺو هو ۽ مون سان گڏ، ساڳي نوڙيءَ کي ڇڪيائين پر سندس زبان مان ڪوبه آواز نه ٿي نڪتو.

”پوڙها ملاح، مون کي، توکان خوف ٿو ٿئي.“

”تون ڪوبه خوف نه ڪر“ پوڙهي ملاح جواب ڏيندي چيو،. ”ائين نه سمجهه ته اهي، اُهي روح هئا، جي سخت تڪليف سان، جدا ٿيا هئا ۽ وري پنهنجي لاشن ۾ آيا هئا. نه، هيءَ بابرڪت روحن جي فوج هئي.

Text Box: 269

منهنجا ساٿي ايستائين ڪم ۾ مشغول هئا، جيستائين باک ڦٽي. هو پوءِ پنهنجيون جايون ڇڏي، اچي جهاز جي کوهي وٽ گڏ ٿيا. سندن منهن مان شيرين آواز نهايت آهستگي سان نڪرڻ لڳا ۽ سندن روح جسم مان پرواز ڪري ويا. چوڌاري اهي دلڪش نغما اُڏرندا رهيا ۽ موٽندا ٿي رهيا، تان جو سج تائين وڃي پهتا. آهستي آهستي، اهي آواز وري موٽڻ لڳا. ڪڏهن گڏيل هئا ته ڪڏهن جدا جدا. ڪڏهن ڄڻ ته آسمان کان آواز ٿي آيا. مون ٻُڌو ته چنڊول ڳائي رهيو آهي. ڪڏهن ته ننڍڙا پکي آسماني فضا ۾ ڀرجي ٿي ويا ۽ سندن نه سمجهه ۾ اچڻ واري شيرين ٻوليءَ ٻڌڻ ۾ ٿي آئي. ڪڏهن ته هو موسيقيءَ اسازن وانگر ٿي نظر آيا ۽ ڪڏهن اڪيلي بنسريءَ وانگر. هاڻي هي فرشتن جو راڳ بڻجي پيو هو، جنهن آسمان کي خاموش بڻائي ڇڏيو هو.


[1] _هي پکي ائٽلا نٽڪ سمنڊ يا ڏکڻ وارن سمنڊن ۾ نظر ايندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com