هيءُ بند ٿي ويا، مگر اڃا به منجهد تائين سڙهن ۾
ڪوبه شور پيدا نه ٿيو. اوچتو هڪ ڪسي وانگر، جنهن
جي ڪناري تي جون جي پنن جو آواز ٿيندو آهي، هڪ شور
پيدا ٿيو. ڄڻ ته ڪو پکي جهنگ جي خاموش فضا ۾ سڄي
رات ڳائيندو رهيو آهي. منجهند تائين اسان جو جهاز
اڳتي هلندو رهيو پر ڪابه هير نه لڳي. آهستي ۽ آرام
سان جهاز هيٺانهين کان اڳتي وڌندو رهيو. جهاز جو
تَرو، جو ڪوهيڙي ۽ برف جي زمين ۾، اندر بيٺل هو،
روح ان کي ترڪائڻ شروع ڪيو. سڙهن پنهنجو سُريلو
آواز بند ڪري ڇڏيو ۽ جهاز پنهنجي جاءِ تي بيهي
ويو. سج سنئون سڌو مستول جي مٿان، مهاساگر تي پهچي
ويو هو. پر ٿوري ويرم کان پوءِ هو وري تحرڪ ۾ آيو
پنهنجي نيم دائري ۾، ڪڏهن هڪ طرف پئي ٿيو ته ڪڏهن
ٻي طرف. پر ان جو هيءُ سڄو بي آراميءَ سان ڀريل
تحرڪ هو ۽ مختصر ان کان پوءِ، جيئن نه گهوڙو زمين
تي قدم هڻي وڌندو آهي، هو اوچتو روانگيءَ لاءِ
چُريو. هن چرپر منهنجي دماغ ۽ رت جي دوري کي وڌايو
۽ مان ان چڪر کان زمين تي ڪِري پيس.
مان ائين ڪونه ٿو چئي سگهان ته مان اتي ڪيترو وقت
بيهوشيءَ جي عالم ۾ هيس. پر جڏهن سُرت آيم تڏهن
بلڪل چاق ۽ چوبند هوس. ان وقت مون هڪڙا ٻه اهڙا
آواز ٻڌا، ڄڻ ته ڪي پاڻ ۾، هڪٻئي سان گفتگو ڪري
رهيا هئا.
”حضرت عيسيٰ جو قسم آهي ته هيءُ اهو ماڻهو آهي،
جنهن هڪ بيگناهه آلباٽراس پکيءَ کي بي رحميءَ سان
ماري ڇڏيو هو. هي اهو پکي هو، جو قطبي سرحد جي قوت
جو نه فقط پيارو هو، پر هن ان کي به پيارو ٿي
گهريو، جنهن کيس ماريو هو.“
هن آواز کان پوءِ، ٻيو آواز جو ماکيءَ کان وڌيڪ
شيرين هو، چوڻ لڳو ته ”هن ماڻهوءَ پنهنجي گناهه جو
ڪافي
ڪفارو ادا ڪيو آهي ۽ اڃا اڳتي به پنهنجي پشيماني
ظاهر ڪندو.“
(6)
پهريون آواز:
”پر ٻڌاءِ، ٻڌاءِ، وري ٻيهر ڳالهاءِ. تنهنجو نازڪ
ردعمل وري نئون ٿي رهيو آهي. اها ڪهڙي شيءَ هئي،
جنهن جهاز کي تيز ٿي ڊوڙايو؟ مهاساگر جو هن ۾ ڪهڙو
عمل آهي؟
ٻيو آواز:
”جيئن آقا جي سامهون غلام خاموش هوندو آهي، سمنڊ
کي طوفاني حرڪت ڪانه آهي. سندس وڏيون ۽ روشن اکيون
هميشه خاموشيءَ سان چنڊ کي نهارينديون رهن ٿيون ان
کان ئي هن کي خبر پوي ٿي ته هو ڪهڙو رستو اختيار
ڪري. ڇاڪاڻ ته هو (چنڊ) سندس ماٺيڻي حالت ۽ تيزيءَ
جو نگهبان آهي. ڏس، منهنجا ڀاءُ ڏس! هو ڪيڏو نه
پُر محبت نگاهن سان، هن کي نهاري رهيو آهي.
پهريون آواز:
”پر هُو (چنڊ) ڪنهن به موج ۽ هوا کان سواءِ، جهاز
کي ايڏو تيزيءَ سان ڪيئن ٿو هلائي؟“
ٻيو آواز:
”هوا، جا جهاز جي اڳتان هئي، تنهن کي اتان هٽائي
پويان آندو ويو، جئن اها کيس اڳتي ڌوڪي سگهي.“ ٻئي
آواز ايتري چوڻ کان پوءِ، چيو ته ”اُڏام، ساٿي
اُڏام. مٿي ۽ مٿي. ائين نه ٿئي ته رستي ۾ رات پئجي
وڃي. ڇا هاڻ ته هوريان هوريان جهاز هلندو رهندو.
ائين نه ٿئي ته ملاح جي روحاني خوشي روڪجي وڃي.“
مان جاڳيس ۽ اسين اُن نرم ۽ نازڪ هوا ۾ اڳتي وڌندا
رهياسون. اُها رات هئي ۽ پُر سڪون رات. چنڊ مٿان
هو ۽ مردا سڀ گڏ بيٺا هئا. هُو جهاز جي عرش تي سڀ
گڏ هئا ۽ مون ائين محسوس ڪيو ته هُو ڪنهن قبرستان
جهڙي تهخاني ۾ وجهڻ جي لائق آهن. هنن سڀني مونکي
پنهنجي پٿر جهڙين اکين سان پئي ٿي ڏٺو ۽ اهي چنڊ
جي روشنيءَ ۾ ڪڏهن چمڪي به ٿي اُٿيون. اُهو ايذاءُ
۽ پِٽَ پاراتو، جنهن سان هُو مري چُڪا هئا، اڃان
گذري ويو هو. مان پنهنجون اکيون انهن کان ڪڍي نه
سگهيس، نه وري انهن کان ڦيرائي پاڻون دعا لاءِ
آماده ڪري سگهيس. پر جلدئي مون محسوس ڪيو ته مون
تان اهو بد اثر دور ٿيو آهي ۽ مان هڪ دفعو وري
سائي سمونڊ کي ڏسي سگهيس. مان اڳتي نهارڻ شروع
ڪيو، پر مان ٿورو ڏسي سگهيس، جو مونکي ٻيءَ حالت ۾
ڏسڻو هو.
منهنجي حالت حقيقت ۾ اُن ماڻهوءَ وانگر هئي، جو
ڪنهن اڪيلي رستي تي هوندو آهي ۽ خوف ۽ هيبت کان
پنڌ ڪندو ويندو آهي، ۽ هڪ دفعو چوڌاري ڏسي، پنڌ
ڪندو آهي ۽ وري ٻيهر کيس ڪنڌ کڻي نهارڻ جي جرات نه
هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته کيس خبر هوندي آهي ته ڪو ڀوت،
متان سندس رستي کي پويان روڪي نه ڇڏي.
جلد ئي اُتي هوا لڳڻ شروع ٿي. جنهن ۾ نه آواز هو
نه چرپر. سندس رستو نه سمنڊ جي مٿان هو نه لهردار
موج تي نه ڪنهن ٻئي سائي تي. اُن منهنجي وارن کي
مٿي کنيو ۽ بهار جي هوا وانگر، جا ميدانن تي آزاد
گهلندي آهي، منهنجي ڳلن کي هوا ڏيڻ لڳي.
هوءَ عجيب طرح سان، منهنجي خطرن سان گڏجي وئي ۽
ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ منهنجي مرحبا ڪري رهي
آهي.
هاڻي تيزيءَ سان جهاز هلڻ لڳو پر اُن ۾ نرمائي به
هئي. هوا منهنجي مٿان ائين آهستگيءَ سان گذري رهي
هئي، ڄڻ ته هو فقط منهنجي لاءِ ئي آهي. اِهو ڪيڏو
نه خوشيءَ ڀريو خواب هو. منهنجي سامهون روشنيءَ جي
مينار جي چوٽي هئي، ٽڪري هئي ۽ اُن جي مٿان ننڍڙو
گرجا گهر. ڇا هي منهنجو پنهنجو وطن آهي؟ اسان هاڻي
بندرگاهه جي بند ڏانهن وڃي رهيا هئاسون ۽ مان سڏڪن
سان دعا گهرڻ شروع ڪئي ته:
”خدايا! مون کي سجاڳي بخش يا هميشـﮧ لاءِ ننڊ ڏي.“
بندر جي کاري، شيشي وانگر چمڪي رهي هئي ۽ سندس
پاڻي ائين پکڙيو پيو هو، جئن ڪو لَسو شيشو هجي.
چنڊ جي شفاف روشني، اُن جي مٿان پئجي رهي هئي ۽
اِن جو عڪس صاف ٿي ڏٺو. پهاڙ، چانڊوڪيءَ ۾ چمڪي
رهيو هو ۽ ساڳيءَ ريت گرجا گهر به، جو پهاڙيءَ جي
مٿان، سر کنيو بيٺو هو. چانڊوڪي پرسڪون فضا ۽
مضبوط بادنما تي ڇانئجي رهي هئي. کاري ان خاموش
روشنيءَ ۾ سفيد ئي نظر ٿي آئي ۽ منجهس ڪيئي صورتون
۽ سايا ٿي ڏٺا. جي سڀ قرمزي رنگ ۾ رڱيل هئا. مان
اِهي سڀ، جهاز جي اڳئين حصي کان ٿوري فاصلي تي
ڏٺا. مان جهاز جي عرشي تي نظر ڦيرائي ۽ مسيح جو
قسم اٿم ته مان اتي هڪ عجيب منظر ڏٺو. منهنجو هو
هڪ ساٿي، بي حرڪت ۽ بي جان سنئون سڌو پيو هو. مقدس
رستي جو قسم اٿم، هر هڪ لاش وٽ، هڪ نوراني جسم
وارو فرشتو موجود هو. هن فرشتن جي جماعت مان، هر
هڪ پنهنجو هٿ ٿي لوڏيو. اهو هڪ سَماوي نظارو هو.
هي سڀني ڄڻ زمين تي نشان وانگر بيٺل هئا، ۽ محبت
جي روشنيءَ سان معمور هئا.
فرشتن جي هن جماعت مان، هر هڪ پنهنجو هٿ ٿي لوڏيو،
پر سندن ڪوبه آواز ٻُڌڻ ۾ نه ٿي آيو. پر هيءَ سندس
خاموشي، منهنجي قلب تي موسيقيءَ وانگر ڇانئجي وئي.
مان جلد ونجهن جي نشيب و فراز جو آواز ٻڌو ۽
سکانيءَ جي خوشيءَ ڀري آواز ڏي ڪن ڏنم. منهنجو
مَٿو مجبورا ٻئي طرف ڦري ويو ۽ مان ڏٺو ته هڪ ٻيڙي
اتي اچي پيدا ٿي. سکاني ۽ سندس ڇوڪرو ڄڻ ته تڪڙا
تڪڙا اچي رهيا هئا. خدايا! هيءَ ڪيڏي نه خوشيءَ جي
ڳالهه هئي، جو اُهي لاش اڃا تائين خراب نه ٿيا
هئا!
مان هڪ ٽئين شخص کي به ڏٺو ۽ اُن جو آواز به ٻڌو.
هو هڪ نيڪ راهب هو. خدا جي حمد کي زور سان ڳائيندو
آهي، جنهن صدا کان جهنگل معمور ٿي ويندو آهي. مان
سمجهيو ته هو اچي منهنجي روح کي آلود گين کان پاڪ
ڪندو ۽ آلبٽراس جي رت کي ڌوئي صاف ڪندو.
هي راهب اُن ٻيلي ۾ ٿي رهيو، جو سمنڊ جي مٿاڇري
سان مليو. سندس شيرين آواز کي، مان صاف ۽ اوچو ٿي
ٻڌو. کيس ملاحن سان گفتگو ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو، جي
ڏورانهين ملڪن ٿي آيا. هي هر وقت، صبح، منجهند ۽
شام جو گوڏا کوڙي عبادت ۾ مشغول ٿي رهيو. عبادت جي
وقت، هو هڪ پراڻي ڪرسيءَ تي ويهندو آهي، جا سڄي
گاهه سان ڍڪيل آهي.
هو ننڍڙي ٻيڙي هاڻي قريب اچي پهتي هئي ۽ مان کين
ڳالهائيندو ٻُڌو. ڇو، هيءَ هڪ عجيب ڳالهه هئي! مان
ڏٺو ته، هو سڀيئي روشنيون، جي جدا جدا رنگ ۾ ٿي
ڏٺيون ۽ جن اشارا ٿي ڏنا، سي هاڻي گم هيون. هن
منهنجي خوشيءَ جي صدائن جو ڪوبه جواب نه ڏنو. راهب
کي هي ڏسي عجب لڳو ته، جهاز جا سمورا تختا برباد
ٿي ويا آهن ۽ باد بان ايترا ته باريڪ ۽ بوسيده ٿي
ويا آهن. جن جهڙا هن ڪڏهن به نه ڏٺا هئا. اُنهن جي
اُنهن زرد پنن سان مشابهت ٿي پئي سگهي، جي ٻيلي جي
ڪسيءَ جي ڪناري تي ايامن کان پکڙيا پيا هوندا آهن.
اُهي برف جي بار کان ان وقت دٻجي ويندا آهن، جڏهن
اُلو پنهنجي لات، اُن بگهڙ جي مٿان ڪندو آهي، جو
پنهنجي ٻچن کي ان وقت بک کان کائڻ شروع ڪري ڏيندو
آهي.
ٻيڙي جي سکاني آواز ڏنو ته ”هي ڪيترو نه هولناڪ
نظارو آهي.“ مگر راهب، کيس مسرت ڀرئي آواز ۾ چيو
ته ”ٻيڙيءَ کي اڳتي وڌاءِ ۽ اڳتي وڌاءِ.“ ٻيڙي
جهاز جي قريب پهچي ويئي. مگر مان نه ڪجهه ڳالهايو
نه چُريس. ٻيڙي جهاز جي هيٺان اچي پهتي ۽ هڪ وڏو
آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هي آواز هاڻي هيبتناڪ بڻجي ويو ۽
پاڻيءَ جي اندر به گجگوڙ پئجي ويئي. هيءُ اڃا به
پُرشور ۽ سخت بڻجي ويو ۽ جهاز سان اچي ٽڪريو.
کاريءَ جو پاڻي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ۽ جهاز ائين
ٻڏڻ لڳو، ڄڻ ته کيس ڪو پاڻيءَ جي اندر گهلي رهيو
آهي.
ان پُرشور ۽ غضبناڪ آواز کان، جو آسمان ۽ سمنڊ سان
ٽڪرجي رهيو هو، انهيءَ ماڻهوءَ وانگر جو ستن ڏينهن
کان ٻڏي ويو هجي، منهنجو جسم پاڻيءَ تي ترندو
رهيو. پر ان خواب وانگر جو نظر ته ايندو آهي پر
جلد ئي ٽٽي پوندو آهي. مان پاڻ کي سکانيءَ وٽ
ٻيڙيءَ ۾ ڏٺو. واچوڙي وانگر جتي جهاز ٻڏي چڪو هو،
ٻيڙي گرداب وانگر چوڌاري ڦرڻ لڳي. چوڌاري خاموشي
هئي پر پهاڙي، ان آواز جو پڙاڏو ڏيندي رهي.
مان پنهنجي چپن کي چوريو_ سکانيءَ کان رڙ نڪري
ويئي ۽ هو فورا ڪري پيو مقدس راهب پنهنجون اکيون
کنيون ۽ جنهن جاءِ تي ويٺو هو، دعا گهرڻ لڳو ۽ مون
کي بدروح سمجهڻ لڳو. مان ونجهه کي ورتو، مگر
سکانيءَ جو ساٿي ڇوڪرو، جو هاڻي مخبوط الحواس ٿي
چڪو هو، ٽهڪ ڏئي کلندو رهيو ۽ سڄو وقت هيڏانهن
هوڏانهن نهاريندو رهيو. آخر چوڻ لڳو ته ”اڙي، اڙي،
مان چڱيءَ ريت ڏسي رهيو آهيان ته بد روح ٻيڙي به
هلائي سگهندو آهي. هاڻي مان پنهنجي وطن جي زمين تي
هيس. راهب اڳتي قدم کڻي وڌندو رهيو، پر مشڪل سان
بيهي سگهيو.
مان کيس عرض ڪيو ته ”اي مقدس انسان، منهنجي گناهه
جي اعتراف کي ٻُڌ، منهنجي گناهه جي اعتراف کي
ٻُڌ!“ راهب جي پيشانيءَ ۾ گهنج پئجي ويا ۽ هن چيو
ته ”مان توکي اجازت ٿو ڏيان، پر تون عجيب قسم جو
انسان پيو نظر اچين.“ ان کان پوءِ، منهنجي جسم جو
قالب هڪ درد ناڪ عذاب جي جهٽڪي سان مسخ ٿي ويو،
جنهن مون کي مجبور ڪيو ته پنهنجي ڳالهه ٻُڌايان ۽
هن ڪهاڻيءَ جي ٻڌائڻ کان پوءِ، مان پاڻ کي هلڪو
محسوس ڪيو. ان کان پوءِ، هڪ غير معيّن موقعي تي،
هي عذاب موٽي ايندو اٿم ۽ منهنجو قلب جلڻ شروع
ڪندو آهي، ايستائين جو مان پنهنجي ڀيانڪ ڪهاڻي کي
بيان نه ڪندو آهيان.
مان رات وانگر، ملڪ به ملڪ ڦرندو رهندو آهيان ۽
مون کي غير معمولي تقرير جي قوت حاصل آهي. مان
ماڻهو جي منهن ۾ نهاريندو رهندو آهيان ۽ جيئن ئي
سندس منهن مان خبر پوندي اٿم ته هيءُ منهنجي
ڪهاڻيءَ کي ٻڌندو، مان کيس هيءَ سرگذشت ٻڌائيندو
آهيان.
ڪيڏا نه پُرشور آواز دروازي کان اچي رهيا آهن!
شاديءَ جا مهمان اتي اچي گڏ ٿيا آهن. باغ جي ولين
جي جهڳٽن هيٺ ڪنوار ۽ ان جون ساهيڙيون ڳائي رهيون
آهن. هو ٻُڌ، شام جي گهنٽين جو سُريلو آواز، مون
کي عبادت جي لاءِ دعوت ڏئي رهيو آهي. اي شاديءَ جا
مهمان، هي روح، تنها وسيع سمنڊ تي آواره ڦرندو
رهيو آهي. ايترو تنها جو اتي ڄڻ ته خدا جي
موجودگيءَ جو مشڪل سان احساس پئي ٿيو.
او، شاديءَ جي مجلس کان، منهنجي لاءِ هيءَ زياده
دلڪش آهي ته ننڍڙي ديول ڏانهن، چڱي سنگت سان گڏجي
وڃان. ديول ڏانهن گڏجي وڃڻ ۽ اتي گڏجي عبادت ڪرڻ،
ڪيڏي نه عجيب شيء آهي! جڏهن پوڙها، ٻار، جوان ۽
جوان ڇوڪريون ۽ محبت ڪرڻ وارا دوست، عظيم مالڪ جي
سامهون جهڪن ٿا.
الوداع! الوداع! پر اي شاديءَ جا مهمان، مان هيءَ
توکي ٻڌائڻ گهران ٿو ته اُهو ئي نيڪ نيتيءَ سان
عبادت ڪري سگهي ٿو، جنهن وٽ خلوص ۽ محبت آهي، پوءِ
ڇو نه هو انسان هجي يا پکي يا جانور. اُهوئي چڱيءَ
ريت عبادت ڪري سگهي ٿو، جو چڱيءَ ريت محبت ڪري ٿو.
هن ۾ يڪسانيت آهي ۽ ڪنهن به ننڍي وڏي کي دخل نه
آهي. ڇاڪاڻ ته خدا تعاليٰ پنهنجي مخلوق کي يڪسان
پيارڪري ٿو. جنهن ۾ ڪنهن به اعليٰ ۽ ادنيٰ جو
امتياز نه آهي.
ائين چئي پوڙهو ملاح، جنهن جي سفيد ڏاڙهيءَ مان
عمر جو اندازو آسانيءَ سان لڳي ٿي سگهيو، پنهنجي
روشن اکين سان غائب ٿي ويو. شاديءَ جو مهمان گهوٽ
جي دروازي کان موٽي پيو. هُو پنهنجي خيالن ۾ ايترو
ته پريشان ۽ منجهيل هو، ڄڻ ته کانئس سمجهه کسجي
وئي هئي. مگر ٻئي ڏينهن صبح جو هُو زياده سياڻو ۽
عقلمند ٿي ڏٺو. (ختم)
مير حاجي محمد بخش خان ٽالپر
سلطان علاوالدين ۽ سومرا
تاريخ جو فن هڪ عظيم فن آهي. تاريخ جي ماخذات ۾،
واقعات جي اسباب، توڙي روايات جي صحت متعلق جا
ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي ٿي، اها هن فن لاءِ مستند ۽ معتبر
ڪسوٽيءَ جي حيثيت رکي ٿي.
ڪنهن هڪ واقعي جي بيان ڪندي، مختلف مورخن ۾ جي
اختلافي رايا پيدا ٿين ٿا، تن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ
لاءِ ’روايات‘ جو سهارو وٺڻ لازمي امر ٿئي ٿو. ان
طرح سان ئي ڪنهن هڪ تاريخي واقعي کي، صحت ۽ صداقت
سان هم ڪنار ڪري سگهجي ٿو.
ان سلسلي ۾، مون کي معاف ڪيو وڃي، اگر آءُ نامور
مورخن ۽ محققن جي خدمت ۾ ادب سان اهو عرض ڪريان
ته، تاريخي واقعات جي صحت ۽ صداقت کي پرکڻ وقت،
تاريخي ڪتابن جي حوالن ۽ اندراج ٿيل مواد کي وڏي
اهميت حاصل آهي؛ پر ان سان گڏ، انهن واقعن متعلق،
مقامي روايتن کي به نظرانداز ڪرڻ نه گهرجي، جي
متواتر ۽ سينه بسينه مقامي طرح زبان سان بيان
ٿينديون آيون آهن، ۽ لکن ماڻهن کي انهن جي ٻڌڻ ۽
سمجهڻ جو شرف حاصل رهندو آيو آهي.
ان سلسلي ۾ پراڻين روايتن، نيم تاريخي قصن، آکاڻين
۽ چوڻين، پهاڪن ۽ اصطلاحن، نيم تاريخي شاعراڻا بيت
بازين ۾ اشارتاً ۽ ڪنايتاً جي واقعا بيان ٿيل ملن
ٿا، تن کي به ’تاريخ‘ جي مواد ۾ وڏو دخل حاصل آهي.
ان ڪري، ڪوبه مورخ، رڳو ڪن مشهور تاريخي ڪتابن کي
اڳيان رکي، ڪجهه حوالا پيش ڪري، روايتن ۽ آکاڻين
کي نظر انداز ڪري ڇڏي؛ سو ظاهري طرح سان آسان ته
چئي سگهجي ٿو. پر ان طرح جي روش ۽ عمل کي، فن
تاريخ سان وابسته اصولن جي روشنيءَ ۾ درست قرار
ڏئي نه ٿو سگهجي.
گذارش اها آهي ته متواتر ٻڌل روايت ۽ سينه بسينه
پهتل مروج حڪايت کي ايستائين غلط ۽ بي سَنَد چئي
نه ٿو سگهجي؛ جيستائين، گهڻي مطالع ۽ تحقيق، ڇنڊ
ڇاڻ ۽ ورق گردانيءَ کان پوءِ، يقيني طرح سان، ڪو
مستند ۽ قابل ترجيح مواد نه ملي سگهي.
ظاهر آهي ته، اسان جي سنڌ جي تاريخ ۾ به گهڻائي
خال پيل آهن. انهن ۾ سومرن جي دور متعلق پڻ ڪيترا
خال نظر اچن ٿا. ان دور لاءِ اسان وٽ، اسان جي
تاريخي ذخيري ۾ جو ڪجهه به آيل آهي، اهو غنيمت
آهي. پر ان کي پاسيري رکندي، ڏسبو ته اسان جي ’لوڪ
ادب‘ ۾ آيل مکيه روايت ۽ اهم واقعي، ’دودي_ چنيسر‘
کي ته يڪ لخت نظر اَنداز ڪيو ويو آهي. اهو معلوم
ٿي نه سگهيو آهي ته اڄ تائين ان اهم تاريخي واقعي
تي ڇو نه تحقيق ڪئي وئي آهي.
’دودي_ چنيسر‘ جي روايت، جا سنڌ ۾، پراڻي طرز تي،
فقير فقراء ڳائن وڄائين ٿا، اها ته گهڻو ڪري هر
ڪنهن ٻُڌي_ سُڻي هوندي. اها رزميه نظم، ’مواد ۽
پيشڪش‘ جي لحاظ سان به ڪلاسيڪي فن جو شاهڪار چئي
سگهجي ٿي، ته ادائگيءَ ۽ گائڪيءَ جي لحاظ سان به
پنهنجي مَٽ پاڻ آهي. اها ’ڳاهُن سان ڳالهه‘ اڄ به
هر هنڌ، مجلسن ۽ محفلن ۾ ڏاڍي چاهه ۽ اتساهه سان
ڳائي ۽ وڄائي وڃي ٿي، پر افسوس اهو آهي ته اهڙي
نادر ۽ شاهڪار چيز، اڃا تائين ڇاپي هيٺ نه آيل
آهي. ان متعلق سنڌ جي مشهور اديب، عالم ۽ محقق
جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان معلوم ٿيو آهي ته
اها ڳالهه، ايڊٽ ڪري، سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪئي
وئي آهي. بهر حال ان ڳالهه جي ڇپيل ڪاپي پراڻي يا
نئين اڃا ڪٿي به نظر نه آئي آهي.
ان سلسلي ۾، تازو ۵_مئي ۱۹۶۷ع تي، شير سنڌ، مير
شير محمد خان جي ورسيءَ جي سلسلي ۾، جڏهن ’بدين‘
وڃڻ ٿيو ۽ لاڙ جي هڪ علم دوست جي معرفت، ڪَڍَڻ مان
آيل. ’دودي_ چنيسر‘ جي آکاڻي کڻندڙ فقيرن سان
ملاقات ٿي، تڏهن پتو پيو ته جا آکاڻي فقير ڳائين
ٿا، سا تازي دؤر جي مشهور شاعر مل محمود پليءَ جي
ٺاهيل آهي. ان مان واضح ٿئي ٿو ته ’دودي_ چنيسر‘
جي ڳالهه، ممڪن آهي ته ’مل محمود پليءَ‘ کان
سواءِ، ڪن ٻين، جهونن توڙي نون شاعرن ۽ سگهڙن پڻ
شعر ۾ پَلٽي هوندي. ڪاش! ان ڳالهه جون سموريون
پڙهڻيون ۽ روايتون به گڏ ڪيون وڃن ته بهتر.
ان مختصر تمهيد کان پوءِ اهو عرض ڪندس ته هن مختصر
مضمون ۾، فقط ٻن ڳالهين تائين پنهنجا خيالات محدود
رکي، ڪجهه تحقيق طلب مسئلا پيش ڪرڻا آهن. (1)
سلطان علاؤالدين پاڻ سنڌ ۾ آيو هو، (2) سومرا
حڪومت ڪڏهن ختم ٿي.
ان متعلق ڪجهه تاريخي حوالا پيش ڪجن ٿا.
”تاريخ معصومي“ (تصنيف ۱۰۰۹هه تقريباً) جي سنڌي
مترجم، صفحي ۷۲ تي هن طرح آندو آهي:
”مٿي ذڪر ٿي آيو ته جڏهن سلطان محمود غازيءَ،
غزنيءَ کان ملتان پهچي، ملتان جو قلعو فتح ڪرڻ جو
ارادو ڪيو ۽ آخر هٿ ڪيائين، تڏهن پنهنجا ماڻهو سنڌ
روانا ڪيا هئائين، جن سنڌ ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو.
”سلطان محمود غازيءَ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ، جڏهن
شهنشاهت سندس اولاد ڏانهن منتقل ٿي ۽ حڪومت ۽
بادشاهيءَ جو وارو، عبدالرشيد بن سلطان مسعود وٽ
پهتو، ۽ هو عيش ۽ خوشيءَ جون مجلسون قائم ڪري،
خوشيءَ ۽ عياشيءَ جي رسمن ۾ مشغول ٿي، حڪومت جي
ڪاروبار کان غافل رهيو، تڏهن گهڻين ڏورانهين سرحدن
جا ماڻهو، سرڪشي شروع ڪري، فرمانبرداريءَ کان نڪري
ويا.
”غرض ته انهيءَ وقت، سومرن ماڻهن، ٿَريءَ (ٺَري
اصل ۾) جي آسپاس گڏ ٿي، ’سومري‘ نامي هڪ شخص کي
حڪومت جي گاديءَ تي ويهاريو.“
هن مختصر حوالي ۾ ڪي به سن نه ڄاڻايا ويا آهن، ۽
نه ڪو ’ٿريءِ‘ لفظ کان علاوه علاقي ۽ ايراضيءَ جو
ذڪر ڪيو ويو آهي.
ان طرح، ساڳي ڪتاب ’تاريخ معصومي‘ جي صفحي ۷۴ تي،
سومرن جي خاتمي ۽ سَمَن جي شروعات جو ذڪر هن ريت
آندو ويو آهي ۽ سومرن جي اوائل کان دودي تائين ذڪر
ڪندي، چيل آهي:
”... ايتري ۾ دودي جي اولاد مان هڪ شخص ’ڦتوءَ‘
نالي ظاهر ٿيو، جنهن وٽ ڏاڍو لشڪر اچي گڏ ٿيو.
حڪومت جي دعويدار جماعت، جيڪا کڙي ٿي هئي، تن سڀني
جو بنياد ڪڍي پاڻ حڪومت جي تخت تي ويٺو. ڪجهه وقت
حڪومت ۾ مشغول رهڻ کان پوءِ، سندس حياتيءَ جا
ڏينهن پورا ٿيا. هن کان پوءِ ’خيري‘ نالي هڪ شخص،
بادشاهيءَ جو سنڀاليندڙ ٿي، ملڪ جي معاملات ڏانهن
توجهه ڪيو. هو وڻندڙ اخلاق جو مالڪ هو، پر ٿورن
سالن کان پوءِ، سندس حياتيءَ جو سج پڻ مماتيءَ جي
افق ۾ غائب ٿي ويو.“ ان کان پوءِ آخري سومري حاڪم
’ارميل‘ جو ذڪر هن ريت آندل آهي:
”کانئس پوءِ ’ارميل‘ نالي هڪ شخص حڪومت جي گاديءَ
تي ويٺو. هو ظالم ۽ ماڻهو ايذائيندڙ هو، جنهن ڪري
ماڻهن هن جي ظلم کان متنفر ٿي، سندس قتل ۽ موقوف
ڪرڻ جو ارادو ڪيو.“
ان کان پوءِ، سمن جي دؤر ۽ انڙ جي شروعات هن طرح
بيان ڪيل آهي:
”... سما جماعت ۾ ’انڙ‘ نالي هڪ شخص هو، جنهن جي
پيشانيءَ ۾ هدايت جا نشان بکي رهيا هئا، تنهنڪري
ملڪ جا سڀ مکيه ماڻهو باک ڦٽڻ وقت مخفي طور سندس
گهر ۾ گڏ ٿيا ۽ هڪٻئي سان صلاح ڪري، يڪراءِ ٿي،
’ارميل‘ کي قتل ڪري، سندس سر، شهر جي دروازي تي
لڙڪايائون، تنهن کان پوءِ ماڻهن اتفاق ڪري انڙ کي
بادشاهيءَ جي تخت تي ويهاريو.“
هنن حوالن ۾ به سن وغيره ڪين ڄاڻايل آهن.
ان طرح ”بيگلارنامه“ (سن تصنيف: ۱۰۳۶هه) ۾، فقط
چند لفظ اچن ٿا، جن ۾ مفصل حالات جو ذڪر ڪين آهي.
آيل آهي:
”سنڌ، حضرت نوح نبي عليه السلام جي پٽ حام جو پٽ
هو. هي ملڪ انهيءَ سنڌ ۽ ان جي اولاد جي قبضي ۾
هو، تنهنڪري ان ملڪ تي نالو ئي ’سنڌ‘ پئجي ويو!“
ان کان پوءِ مفصل حالات کان گريز ۽ پهلو تهيءَ
لاءِ هي عذر بيان ڪيو ويو آهي: ”جنهن صورت ۾ ان
قوم جو ذڪر نه ڪنهن تاريخ مان هٿ اچي ٿو ۽ نه ڪن
معتبر روايتن مان معلوم ٿئي ٿو، تنهن صورت ۾
انهيءَ قوم جو بيان ڇڏي ڏجي ٿو.“
ان کان پوءِ ٻن سٽن ۾ سنڌ تي پنبهه، تاڪ ۽ موميد
قومن جو ذڪر ڪري، الورجي حڪومت ۽ راءِ سهاسيءَ تي
اچي ٿو ۽ ٻن سٽن ۾، چچ ۽ ڏاهر جي ذڪر کان پوءِ
عربن، سومرن ۽ سمن لاءِ بيگلارنامه جو صاحب لکي
ٿو:
”تنهن کان پوءِ سنڌ جي حڪومت بنو قميم قبيلي جي هٿ
۾ آئي، ڪن ڏينهن کان پوءِ ساري سنڌ سومرن جي هٿ ۾
آئي، جن پنج سؤ پنج ورهيه سنڌ تي حڪومت ڪئي ۽
پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڀشبور ڪيو هئائون. مٿينءَ
مدت کان پوءِ وري سمن حڪومت ڪئي.“ (بيگلارنامه“،
ترجمه سنڌي، ص ۱_۲، سن اشاعت ۱۹۴۷ع) ان طرح ”تاريخ
طاهريءَ“ (سن تصنيف ۱۰۳۰هه=۱۶۲۱ع) ۾ مقابلـﺔ
تاريخي احوال گهٽ آيل آهي، ۽ حڪمرانن جا نالا به
بلڪل ٿورا ڏنل آهن، البت عمر سومري متعلق ڪهاڻيون
گهڻيون بيان ٿيل آهن.
ان طرح تاريخ ”مظهر شاهجهاني“ (سن تصنيف ۱۰۳۹هه۽
۱۰۴۴هه جي درميان) ۾ ته سومرن جي حڪومت ته بجاءِ
خود، بلڪ سومرن جي قبيلي جي انفرادي طرح به ڪو ذڪر
نه ڪيو ويو آهي، حالانڪ ان ساڳئي دؤر ۾ پيدا ٿيل،
معاصر مورخين، ڪجهه نه ڪجهه سومرن جو ذڪر ضرور ڪيو
آهي. مثلا: ۱_ معصومي (۱۰۰۹هه =۱۶۰۰ع)، ۲_ تاريخ
طاهري، محمد طاهر نيساني ٺٽوي (۱۰۳۰هه=۱۶۲۱ع)، ۳_
بيگلانامه، ادراڪي بيگلاري (۱۰۳۶هه=۱۶۵۴). ۴_
ترخان نامه، سيد مير محمد ٺٽوي (۱۰۶۵هه=۱۶۵۴ع)
ان طرح تحفـﺔالڪرام (سن تاليف ۱۱۸۱هه) ۾ مير علي
شير قانع، سنڌ جي عباسي دؤر جي ذڪر ڪندي، رقمطراز
آهي:
”..تنهن کان پوءِ، بغداد جي’آل تميم‘ جا ڪي ماڻهو
سنڌ جي حڪومت تي مقرر ٿيا. ’سامره‘ جا رهاڪو عرب
پڻ، وڏي انداز ۾ تميم سان گڏجي سنڌ ۾ آيا ۽ سڪونت
اختيار ڪيائون. گهڻي عرصي گذرڻ ڪري، جيئن ’بني
تميم‘ مان بگڙي ’ٿهيم‘ ٿي پيو، ساڳيءَ طرح ”سامره“
وارن مان پڻ هزارن جي تعداد ۾ مستقل قوم ”سومرا“
تيار ٿي پيئي، جنهن ۾ ڪيئي سرڪش سردار پيدا ٿيا،
جن جو احوال اڳتي ايندو“. (ص ۶۹_۷۰_ سنڌي ڇاپو)
تحفـﺔالڪرام جو صاحب، اڳتي لکي ٿو:
”نيٺ القادر بالله، ابوالعباس احمد بن اسحاق
المقتدر بالله جي خلافت (واري وقت) ۾، رمضان شريف
(۴۱۶هه =۱۰۲۵ع جي وچ ڌاري، سلطان محمود غازيءَ،
غزنيءُ کان ملتان پهتو ۽ اُچ هٿ ڪري القادر بالله
جي ماڻهن کي سنڌ مان ڪڍي ڇڏيائين.“ (ص ۷۰) ان طرح
تحفـﺔالڪرام ۾ وڌيڪ لکي ٿو:
”مخفي نه رهي ته سومرهه قوم، درحقيقت ٻه سو ورهيه
اڳ، سنڌ ملڪ جي ڪجهه حصي تي غالب هئي، پر جنهن
صورت ۾ ڍل ڀريندا هئا ۽ مسلمان حاڪمن جي اطاعت جو
ڳانو پنهنجي ڳچيءَ ۾ ٻڌيو ايندا هئا، تنهنڪري انهن
جو ذڪر نه ڪيو ويو؛ بلڪ غزنوي، غورين ۽ دهليءَ جي
شهنشاهن جي گورنرن جي بيان کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ،
سندن حڪومت جي علحدي ذڪر ۾ انهن جا ڪي نالا ۽
احوال ذڪر ڪيا ويندا_“ (ص ۷۰)
ان طرح صفحي ۹۱ کان ۹۴ تائين، جي عنوان هيٺ،
هن ريت احوال آهي، ته:
”هن قوم جي ڪن ماڻهن جو غلبو (سنڌ جي) زمين جي
ڪجهه حصي تي، درحقيقت هن کان اڳ ۾ پڻ هو. جئن ته
هنن جي خود مختياريءَ جي ڏينهن سميت، هنن ماڻهن جي
(حڪومت جو) عرصو ۵۰۵ سال لکيا اٿن، اهو هن ڪري جو
بني عباس جي پوئين گورنر ’آل تميم‘ کان پوءِ، هنن
ماڻهن جو دخل ڏسي، تاريخ دانن جي هڪڙي ٽوليءَ هن
قوم جو زمانو [انهيءَ وقت کان] ليکيو آهي.“
بهرحال، سنڌ جي مشهور تاريخن ۾، سومرن جي تفصيلي
مطالع لاءِ جو ڪجهه به مواد ملي سگهي ٿو، اهو تمام
مختصر آهي، ۽ ان دور کي سمجهڻ جي سلسلي ۾ پڻ سومرن
جي وڏن ۽ سندن شجرن متعلق هن هيٺ، تحفـﺔالڪرام ۽
عبدالرحيم سومري جي جوڙيل تاريخ ”گلزار سنڌ منظوم“
۽ عبدالله شائق سومري جي ننڍڙي ڪتاب ”دولت علويه“
تان لسٽ ڏجي ٿي.
تاريخ معصومي
تاريخ تحفـﺔالڪرام دولت علويه
1_ سومرو سومرو (وفات ۴۴۵_ سومرو
(وفات
۴۴۶)
۴۴۷هه)
2_ڀونگر ڀونگر (وفات ۴۶۱هه ڀونگر
(وفات
مطابق
۱۰۶۹ع) ۴۴۶هه)
3_ دودو دودو (وفات
۴۸۵هه صمصام الدوله
مطابق
۱۰۹۲ع) ۴۸۱هه ۾ گوشه
نشين ٿي ويو
4_ تاري سنگهار (وفات ۵۰۰هه زينب
(تاري)
مطابق ۱۱۰۷ع) ۴۹۱هه ۾ تخت
تان دست بردار ٿي.
5_سنگهار خفيف (وفات ۵۳۶هه شهاب
الدين
مطابق ۱۱۴۲ع) سنگهار (وفات
۵۰۳)
6_ همون عمر (وفات ۵۷۶هه همونءَ
جو ڀاءَ
مطابق
۱۱۸۰ع) فخرالملڪ هڪ
سال حڪومت
7_ ڦتو دودو (وفات
۵۹۰هه سراج الدين
مطابق
۱۱۹۴ع) فتح خان (ڦتو
۵۱۱هه وفات)
8_ خيرو ڦتو (وفات ۶۲۳هه عماد
الدين
مطابق
۱۲۲۶ع) خفيف وفات
۵۳۶هه
9_ ارميل گهنراءِ (وفات ۶۳۹هه
جلال الدين عمر
مطابق ۱۲۴۲ (وفات
۵۵۶=
۱۱۶۱ع)
10_۰۰۰ محمد طور (وفات
صلاح الدين هجو
۶۵۴هه مطابق ۱۲۵۶ع)
وفات ۵۷۰هه=
۱۱۷۵ع)
11_۰۰۰ گهنراءِ (وفات
۶۵۸هه غياث الدين
مطابق ۱۲۶۰ع) دودو
(وفات
۶۰۰هه=۱۲۰۴ع)
12_ ۰۰۰ طائي (وفات ۶۸۲هه
علاوالدين خيرو
مطابق
۱۲۸۴ع) گهنرو (وفات
۶۱۹هه=۱۲۲۲ع)
13_
۰۰۰ چنيسر (وفات ۷۰۰هه
سيف الدين طائي
مطابق
۱۳۰۰ع) (وفات ۶۳۸هه=
۱۲۴۱ع)
14_ ۰۰۰ ڀونگر (وفات ۷۱۵هه) شمس
الدين
ڀونگر ۶۷۸هه
15_ ۰۰۰ خفيف (وفات ۷۳۳هه ڪمال
الدين
مطابق ۱۳۳۲ع)
چنيسر تخت تان
لٿو
وفات
۶۹۶هه
16_ ۰۰۰ دودو (وفات ۷۵۸هه)
اسدالملئه دوود
وفات ۷۰۰هه
17_ ۰۰۰ عمر (وفات ۷۹۳هه)
ظهيرالدين
ڀونگر وفات
۷۴۰هه
18_ ۰۰۰ ڀونگر (وفات ۸۰۳هه)
فخرالدين عمر
گوشه نشين
۷۷۵هه
19_ ۰۰۰ همير (هن کي سمن قمرالدين
طاهر
تخت تان لاٿو)
وفات ۸۱۳هه
20_ ۰۰۰ ۰۰۰ ۰۰۰ معين
الدين
ارميل وفات
۸۲۲هه
21_ ۰۰۰ ۰۰۰ ۰۰۰
بهاوالدين
شهمير شاهه عرف
حمير ۷۴۳هه
ان طرح، ”تاريخ سنڌ“، اردوءَ جي مؤلف، مولانا ابو
ظفر ندويءَ هن طرح نالا ڏنا آهن:
نمبر نالو |
مدت حڪومت |
سن وفات |
ڪيفيت |
1_سومرو اول |
۴۰۱_۴۲۲هه |
۴۲۲هه |
سومرن جو پهريون حاڪم خاندان |
2_ راجا پال |
۲۲ سال |
۴۴۴هه |
.... .... .... |
3_سومرو ٻيو |
۲ سال |
۴۴۶هه |
هي ٻيو خاندان آهي |
4_ڀونگر |
۱۵ سال |
۴۶۱هه |
۱۷ ورهين جو، وزيرن جي زير نگراني
|
5_ دودو يا دائود بن ڀونگر |
۲۴ سال |
۴۸۵هه |
۲۶ ورهين جو، وزيرن جي زير نگراني |
6_ ٻائي، يا تاري، يا تائي |
۱۵ سال |
۵۰۰هه |
دودي جي ڌيءَ هئي |
7_ سنگهراءِ، سنگهر، سنگهار |
۱۵ سال |
۵۱۵ سال |
دودي جو پٽ هو، لاولد هو کيس سنج به سڏيندا
هئا، جو غلط آهي. |
8_ خفيف |
۲۳ سال |
۵۴۸هه |
سومره نسل جي ٽئين خاندان جو حاڪم |
9_ انار (عمر) |
۲۳ سال |
۵۷۱هه |
عمر ۷۴ سال، شهاب الدين غوريءَ کيس مارايو. |
10_ دوود ٻيو |
۸ سال |
۵۷۸هه |
قلعي جو رواجي حاڪم، پوءِ بادشاهه ٿيو.
|
11_ ڦتو، دودي بن ڀونگر مان |
۳۳ سال |
۶۱۱هه |
سومره ٻئي جي اولاد مان، کيس خيرو به چيو
ويو آهي. |
12_ کهن راءِ يا گهمراءِ |
۶ سال |
۶۱۷هه |
.... .... .... |
13_ جيسنگ يا جيسيه |
۳ سال |
۶۲۰هه |
.... .... .... |
14_ محمد تور (طور) |
۱۵ سال |
۶۳۵هه |
سومره نسل مان پنهنجي خاندان جو باني |
15_کهن راءِ ٻيو |
۴ سال |
۶۳۹هه |
.... .... .... |
16_ دودو ٽيون |
۱۲ سال |
۶۵۱هه |
غالباً هي لاولد رهيو |
17_ٻائي |
۱۵ سال |
۶۶۶هه |
.... .... .... |
18_ گنيش راءِ (چنيسر) |
۱۸ سال |
۶۸۴هه |
ڪنهن قلعي جو حاڪم يا وزير هو، پوءِ حاڪم
بنيو |
19_ ڀونگر ٻيو |
۱۵ سال |
۶۹۹هه |
هي سومره ٻئي يا محمد طور مان آهي |
20_ خفيف ٻيو |
۸ سال |
۷۰۷هه |
.... .... .... |
21_ دودو يا (دائود) چوٿون |
۵ سال |
۷۱۲هه |
.... .... .... |
22_ دلوراءِ |
.... .... |
.... .... |
باغي هو. اتر سنڌ تي قبضو ڪيائين. |
بهرحال،شجرو غلط يا سهي، پر، ”جتي درخت ناهي اتي
ڪانڊيرو به درخت آهي“. ان ڪري جيستائين ڪِر مستند
نموني ۾ هن کي غلط نه ثابت ڪيو وڃي، تيستائين ان
کي ئي سهي مڃڻو پوندو.
تاريخ جي مختلف حوالن کي بيان ڪري، مضمون کي خشڪ
بنائڻ جي بدران، هت فقط اها ڳالهه ظاهر ڪرڻي آهي
ته جيترا به ’علاوالدين‘ جي لقب سان، دهليءَ جا
بادشاهه گذريا آهن، تن مان ڪوبه پنهنجي سِرِ سنڌ ۾
نه آيو هو، توڙي جو پراڻين روايتن ۾ علاؤالدين جو
سنڌ ۾ اچڻ بيان ڪيو ويو آهي.
مون هڪ دفعي، سنڌ جي هڪ مشهور محقق ۽ مورخ سان ذڪر
ڪيو ته، سومرن جي ڳالهه ۾ جو علاؤالدين اچي ٿو، سو
واقعي بادشاهه ته هو پر دهليءَ جو بادشاهه نه هو،
پر سنڌ تي ڪاهه به ڪئي هئائين. ان تي مون کي ٻڌايو
ويو ته اهو علاؤالدين نه پر جلال الدين هو.
ان متعلق مون تحقيق ڪري ڏٺو ته برابر جلال الدين
خوارزمي پڻ سنڌ ۾ آيو هو، پر فرق هي آهي ته هو هڪ
جدا شخصيت هو.
آءُ هٿ ان علاؤالدين جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، جنهن
سومرن تي ڪاهيو هو، ۽ ساڻن لڙايون ڪيون هئائين.
منهنجي نظر ۾ اهو ئي علاوالدين آهي، جو سنڌ جي
آکاڻين ۾ ذڪر ڪيل آهي.
ان متعلق مون هڪ خاڪو بنايو آهي. محققن کي گهرجي
ته اهو ان تاريخي واقعي جي ڇنڊڇاڻ ڪن ۽ درست
حقيقتن کي معلوم ڪرڻ ڏانهن توجهه ڪرڻ فرمائين،
جيئن ان مسئلي متعلق ڪابه غلط فهمي نه پيدا ٿئي.
اميد ته موقعي تي ان متعلق ڪجهه تفصيل سان لکيو
ويندو.
چند حوالا
(1) ابن بطوط، پنهنجي ”سفرنامه“، جلد اول باب ۳۶
صفحه ۵۲۲ ۾ لکي ٿو ته: ”پوءِ اسان شهر بخارا کان
لشڪر گاهه سلطان صالح معظم علاوالدين ’ترم شيرين‘
ڏي وڃڻ جو خيال ڪيو، جنهن متعلق اسان عنقريب ذڪر
ڪنداسين. اسان جو شهر ’نخشب‘ ۾ ورود ٿيو. هي اهو
شهر آهي، جنهن جي طرف شيخ ابوالنخشي کي منسوب ٿا
ڪن. ننڍو شهر آهي، چئني طرفن کان باغات ۽ پاڻيءَ
سان گهيريل آهي.... آءُ هن شهر ۾ شيخ الفقيه
العابد مولانا حسام الدين سان مليس.... ۽ شيخ
الحسن سلطان جي ناٺي (داماد) سان پڻ مليس. هي
سلطان المعظم علاوالدين ’ترم شيرين‘ آهي. هي عظيم
الشان بادشاهه گهڻن لشڪرن ۽ فوجن جو مالڪ آهي. هن
جي سلطنت تمام وڏي آهي ۽ نهايت قوت ۽ عادلانه
حڪومت وارو آهي. هن جو ملڪ، چئن حڪومتن جي وچ ۾
آهي، يعني ملڪ چين، ملڪ هند، ملڪ عراق ۽ ملڪ ازبڪ.
هي سڀ حڪمران هن کي هديا ۽ سوکڙيون ڏيندا آهن ۽ هن
جي عزت ڪندا آهن. هي پنهنجي ڀاءُ الحڪطي کان پوءِ
ملڪ جو والي ٿيو آهي الحڪطي ڪافر هو ۽ پنهنجي ڀاءَ
ڪبڪ بعد حڪمران ٿيو آهي. ڪبڪ پڻ ڪافر هو ۽ ليڪن
عادلانه حڪومت ڪندو هو ۽ مظلومن جي لاءِ انصاف
پسند حاڪم هو. مسلمانن جي عزت ڪندو هو ۽ سندن ڪم
به ڪندو هو.“
ابن بطوطه، سلطان علاوالدين ”ترم شيرين“ ۽ ان جي
ڀائرن جي ساراهه ۾ ڪئين صفحا لکيا آهن، لکي ٿو:
”.... شهنشاهه هند وٽ، عمادالملڪ سرتبز آيو، جو
ملڪي حلتن جو جائزو وٺندو هو ۽ هن کي حڪومت پڻ اتي
جي سپرد هئي، شهر ملتان، سنڌ جي دارالحڪومت ۾ هو،
ان ڪي ترڪ موڪليا، جي هن کي سڃاڻندا هئا.
”.... پوءِ وزير خواجه جهان احمد بن اياس، ۽
ڪبيرالاامراء قطلوخان، جو سلطان جي ننڍپڻ جو استاد
هو، ملڪ الهند وٽ ويو ۽ عرض ڪيائين: يا خوند عالم،
هيءُ سلطان علاؤالدين ’ترم شيرين‘ آهي، جو هت آيو
آهي. هت هن جي قوم جا چاليهه هزار ماڻهو آهن. هن
جو پٽ ۽ ٻيا ماڻهو به آهن. هن جو هت رهڻ ٺيڪ نه
آهي.
”.... آخرڪار هن کي سنڌ طرف ملڪ بدر ڪيو ويو. رستي
۾ هر شهر وارا هن جون دعوتون ڪندا هئا ۽ هن کي عزت
ڏيندا هئا.“
(2) ”منتخب التواريخ“، مصنف مُلا عبدالقادر
بدايوني، اردو ترجمو، صفحي۱۲۷ تي سلطان ”ترم
شيرين“ (علاؤالدين) جي حملي جو سن ۷۲۹ هجري ڄاڻايو
آهي. ليڪن سن جي صحت ۾ شڪ ڪري سگهجي ٿو، جو يا ته
اصلي تاريخ ۾ يا ترجمي ۾ غلطيون ٿيل آهن. سن۷۲۷
هئڻ کپي.
(3) ”ترم شيرين“ سمر قند جو حاڪم هو. سهي سن ۷۲۷هه
هئڻ گهرجي. (بحواله حاشيه ’سفرنامه،‘ ابن بطوطه،
جلد ٻيو صفحو ۳۸۴).
(4) ”تاريخ فرشته“ جلد ۱ صفحو ۲۰۶ تي سلطان
علاؤالدين ’ترم شيرين‘ بابت هيئن لکيل آهي. ”ترم
شيرين خان بن دائود خان حاڪمالوس چغتائي، جنهن جي
ذات ۾ شجاعت، رحم ۽ عدالت جا جوهر جمع هئا ۽
مسلمانن جو بادشاهه هو، سو وڻن جي پنن ۽ بارش جي
قطرن جيتري فوج (به معنيٰ ڪثير فوج) وٺي، هندستان
جي فتح ڪرڻ جي ارادي سان، ۷۲۷ هجريءَ ۾، (مطابق
۱۳۲۶ يا ۱۳۲۷ع) هن مملڪت ۾ داخل ٿيو، لمنان، ملتان
۽ دهليءَ جي دروازن (نزديڪيءَ دهلي) تائين ملڪ کي
تاخت ۽ تاراج ڪيائين... دهليءَ جي ٻاهران ميدان کي
پنهنجو لشڪر گاهه بنايائين ۽ سلطان محمد تغلق
شاهه، مقابلي ۽ مقاتلي جي طاقت نه ڏسي، عجز ونياز
جو رستو اختيار ڪيو. هڪ اعتبار جوڳو ماڻهو سفير
مقرر ڪري، کيس نقد ۽ جواهر پيش ڪيائين، جنهن کان
ترم شيرين خوش ٿي ويو. بظاهر ته هن ڪوچ ڪيو مگر
گجرات جي طرف وڃي اتي خوب ڦرلٽ ڪيائين، ۽ ماڻهن کي
غلام بنايائين ۽ پوءِ سنڌ ۽ گجرات جي رستي کان سهي
سلامت، غنيمت جو مال هٿ ڪري، واپس وطن وريو.“
(5) ”تاريخ هندستان“ ۹ ايڊيشن، جلد ۳، صفحي ۳۹۵ ۾
مسٽر ايلفنسٽن لکي ٿو ته: ”مغلن جو لشڪر، هڪ تمام
بهترين جنرل، تيمور جي هٿ هيٺ پنجاب ۾ داخل ٿيو.
جنهن کي سلطان محمد تغلق جو ناخان تمام خرچ سان
واپس ڪيو.“
(6) ”دي انڊين ايمپائر_ اِٽس هسٽري، پيپلس ائنڊ
پروڊڪٽس“ جي صفحي ۲۲۸ تي ڊبليو. ڊبليو. هنٽر، لکي
ٿو ته: ”مغلن ڪيترائي ڀيرا محمد تغلق جي زماني ۾
حملا ڪيا، جي هنن پئسا ڏيئي، هٽائي ڇڏيا.“
(7) تاريخ بخارا از آرمسيس ديمبرر پروفيسر، پرٿ
يونيورسٽي. مترجم: نفيس الدين احمد ايم. اي
(عليگ): به نظر ثاني عبدالمجيد سالڪ، صفحي ۱۹۵ جي
فٽ نوٽ ۾، ڊي آهسن جي حوالي سان، جن ۳۰ چغتائي
شهزادن ۽ حڪمرانن جي لسٽ ڏنل آهي. ان ۾ ۱۷ نمبر
’ترم شيرين‘ جو نالو ڄاڻايل آهي. ان طرح صفحي
علاوالدين ’ترم شيرين‘ جو نالو ڄاڻايل آهي. صفحي
۲۰۰ تي ڄاڻايل آهي ته ”چغتائي سلطان ’ترم شيرين‘
جي زماني ۾ تمام گهڻا مسلمان ٿيا“.
(8) سفرنامه ابن بطوطه ص ۵۲۲ کا ۵۳۱ تائين، سلطان
علاوالدين ’ترم شيرين‘ جي احوال ۾ ڏنل آهن، جنهن ۾
ان دعوا ۽ خبر جي پڻ تڪذيب ۽ ترديد ڪيل آهي، ته ڪو
سلطان
(9) ”تاريخ گجرات“، تاليف پروفيسر مولانا سيد ابو
ظفر ندوي مرحوم، ص ۳۶۹ تي ان ڳالهه کي تسليم ڪيو
آهي. مثلاً لکي ٿو ته: ”محمد تغلق جي تخت نشينيءَ
کان ٻن سالن بعد ۷۲۷هه_ ۱۲۲۶ع ۾ ’ترم شيرين‘ بن
دائود خان چغتائي، ملتان جي رستي کان دهليءَ ۾ هڪ
جرار فوج سميت پهچي ويو. محمد تغلق اوچتي پهچڻ
واري دشمن جي مقابلي ڪرڻ جو خيال مناسب نه سمجهي،
ساڻس صلح ڪيو ۽ خان موصوف کي توقع کان زيادهه زر و
جواهر ڏئي رخصت ڪيو. ان کان پوءِ خان موصوف مارواڙ
۽ گجرات ۾ ڦرمار ڪري سنڌ رستي پنهنجي وطن وريو.“
(10) ”ملتان ڊسٽرڪٽ گزيٽئر“ پارٽ
A
سال ۲۴_۱۹۲۳ع صفحي ۳۷ تي ڄاڻائي ٿو ته: ”هڪ مغل
لشڪر، جو ’ترم شيرين خان‘ جي هٿ هيٺ هو، تنهن
ملتان کي زير ڪيو، مگر محمد تغلق زر نقد ڏئي کيس
پٺتي موٽايو.“
هنن سمورن حوالن جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ، ان نتيجي
تي پهچي ٿو سگهجي ته دودي چنيسر جي آکاڻيءَ ۾ جنهن
سلطان علاوالدين جو ڪردار پيش ڪيو ويو آهي، اهو ڪو
هرو ڀرو فرضي ناهي. ممڪن آهي ته چنيسر جي وقت ۾،
جڏهن هو دهليءَ ڏانهن امداد لاءِ ويو هو، ان وقت
سلطان علاوالدين ”ترم شيرين“ پڻ دهليءَ ۾ خيمه زن
هو. ممڪن آهي ته کيس مال ۽ دولت جي لالچ ڏئي، سنڌ
تي چاڙهي آيو هجي.
اهو به ممڪن آهي ته چنيسر، کيس دلاسا ڏيئي، گجرات
جي راهه کان سنڌ ۾ آندو هجي.جڏهن ته سلطان کي
دهليءَ مان چنيسرئي آندو هو، ان ڪري، سنڌ جي عوامي
قصن ۾ کيس ’دهليءَ جو بادشاهه‘، ڪري مشهور ڪيو
ويو. ان طرح سان، اسان جا تاريخي ۽ نيم تاريخي
ڪتاب، پاڻ کي سلطان علاؤالدين خلجيءَ تائين محدود
رکندا آيا آهن ۽ انهن مورڳو علاؤالدين جي نالي کان
ئي انڪار ڪري، هڪ مشهور عوامي روايت کي غلط قرار
ڏنو آهي. سومرن تي هن جو حملو هڪ ڪاپاري ڌڪ هو،
سندن طاقت کي اهڙو زوال رسيو جو پوءِ هو وري ڪڏهن
به اڀري نه سگهيا، جنهن کان پوءِ سمن زور ورتو.
اگرچه ۱۳۲۷ع کان پوءِ ڪجهه وقت سومرا سردار ڪن
ٽڪرن تي حڪمران رهيا، مگر تيزيءَ سان زوال پذير
ٿيندا رهيا.
سما سردار ٺٽي ۽ سنڌ جي ڳپل حصي تي قابض ٿي چڪا
هئا، تاهم عمرڪوٽ ۽ ان جي آس پاس، خصوصاً ٿر ۾
سومرا حڪمران رهيا، جن ۾ آخري حڪمران همير چيو وڃي
ٿو.
جناب ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر
تاريخ“ صفحي ۷۱ تي ”انشاءَ ماهرو“ جي حوالي سان
آخري سومري حڪمران جو نالو همير پٽ دودو ڄاڻايو
آهي. جناب سيد حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ’مڪلي
نامي‘ ۾ ”همير دودي“ جو نالو لکيو آهي، مگر غالباً
مراد هميربن دودو آهي، جنهن بابت ملتاني گورنر عين
الملڪ ماهرو جا خط شاهد آهن، جيڪي هن ۱۳۵۲ع تائين
سلطان فيروزشاهه تغلق کي لکيا هئا.
هڪ خط ۾ هو لکي ٿو ته ”هن وقت سومري حاڪم همير پٽ
دودي جي حڪومت جو سَلو سُڪي رهيو آهي، محض سلطان
جي مدد سان ئي قدري سائو ٿيو بيٺو آهي ٻئي طرف سمو
ڄام ٻانڀڻو پٽ انڙ پنهنجي سرڪشيء ۽ طاقت سببان
اڀري رهيو آهي.“
جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان صاحب بلوچ، پنهنجي ڪتاب
’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ‘ ۾ همير سومري جو
موت، سندس سهري ڄام هالي سمي ۽ سندس پٽن هوٿي،
عليءَ ۽ پليءَ هٿان ڏيکاريو آهي، جنهن ۾ هالي جو
پٽ هوٿي ۽ همير قتل ٿي ويا، ۽ اهڙيءَ طرح سومرن جي
آخري حڪومت جو خاتمو ٿي ويو. جيڪڏهن بقول ڊاڪٽر
صاحب جي، اها لڙائي ۱۳۶۵ع ڌاري شمار ڪريون، ته
پوءِ سندس حڪومت جو دور ۱۳۲۵ع کان ۱۲۶۵ع تائين
ٿيو، يعني سندس دور حڪومت ۳۸ ورهيه رهيو. يا سندس
والد دودي جي وفات سارجي جو اسان جي خيال موجب
سلطان علاؤالدين ’ترم شيرين‘ جي هٿان ۱۳۲۷ع ۾ شهيد
ٿي ويو هو، ته پوءِ ان صورت ۾ ڪوبه سبب نه آهي جو
اسان سلطان علاؤالدين ۽ دودي سومري جي قصن ۾
علاؤالدين جي ڪردار کي فرضي ٺهرايون. باقي ائين
چئي سگهجي ٿو ته گهڻي عرصي گذرڻ بعد دودي کان اڳ
وارا سومرا پڻ ان عوامي آکاڻين ۾ شامل ٿي ويا هجن،
ته شڪ نه آهي. ولله اعلم.
محققن کي خبر آهي ته تاريخ ۾ وڌيڪ معتبر اهو حوالو
هوندو آهي، جو تاريخ دان وٽان ان دور ۾، يا ان جي
نزديڪ دور ۾ لکيل هوندو آهي. ابن بطوطه قريبن ۷۳۴
هجريءَ ۾ سنڌ ۾ آيو. سلطان علاولدين ’ترم شيرين‘
هن کان فقط ست يا اَٺ سال اڳ سنڌ ۾ تباهي مچائي
ويو هو، ان ڪري اسان کي ٻين تاريخن کان وڌيڪ ابن
بطوطه تي اعتبار ڪرڻوئي آهي.
باقي هڪ ڳالهه ته ڪن تاريخن ۾ هن کي سلطان
علاوالدين ’ترم شيرين‘ ته ڪن ۾ فقط ’ترم شيرين‘
لکيو ويو آهي سو ڇو؟ ان جو سبب هي آهي. ته هندستان
جي اڪثر تاريخن ان کي سلطان علاوالدين جي بدران
فقط ’ ترم شيرين‘ لکيو آهي. ان جو ظاهري سبب اهو
به آهي، ته هو هندستان ۽ سنڌ تي فاتح ٿي آيو ۽
چغتائي نسل جو هو، جيڪي اڪثر ڪافر يا غير مسلم
هئا. هن ملڪ جي ماڻهن، خواهه تاريخ نويسن کي هنن
کان نفرت هئي، انڪري هنن شايد تعصب وچان فقط سندس
نالو لکيو آهي، مگر جيئن ته سلطان جي لشڪر ۽ فوج ۾
سندس نالو ’سلطان علاوالدين ترم شيرين‘ مشهور هو،
انڪري عوام ۾ پڻ ’علاوالدين‘ نالو مشهور ٿيو ۽
رهيو. ٻيو ته هو دهليءَ مان سنڌ ۾ آيو هو، ان ڪري
سنڌ جي عوام هن کي ”دهليءَ جو بادشاهه“ تصور ڪيو ۽
عوامي ڪهاڻين ۾ هو ’علاوالدين خلجي ئي مشهور ٿي
ويو.
آخر ۾ سنڌ جي تاريخدانن ۽ محققن کي عرض آهي، ته هو
هن مسئلي تي ٿڌيءَ دل سان غور ڪن، ڇو ته هڪ عوامي
روايت کي يڪسر غلط ٺهرائڻ غير موزون آهي. اگر هن
تي مزيد تحقيق لاءِ ڪنهن صاحب مستند تنقيدي قلم
کنيو، ته پوءِ جستجو جو ميدان اڃا به وسيع ثابت
ٿيندو، ۽ بندي کي پڻ لکڻ جو موقعو ملندو.
ڪرشنچندر جيٽلي
سنڌ ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت هڪ ويچار
(هيءُ مضمون، ليکڪ جي فرزند، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي،
دهلي يونيورسٽي واري محترم علي نوازصاحب، جتوئي
(صدر سنڌي شعبي، سنڌ يونيورسٽيءَ) کي موڪليو آهي،
جنهن وري ”مهراڻ“ ۾ ڇاپڻ لاءِ موڪليو آهي.
_ادارو.)
[نوٽ: مسٽر ڪرشنچندر، سنه ۱۹۵۷ع ۾ ’سنڌي ڀاشا ڪا
سنکشپت پرچيه‘ (سنڌي ٻوليءَ جي مختصر ڄاڻ) نالي
ڪتابڙو، هندي ٻوليءَ ۾، پوني مان شايع ڪيو، جنهن ۾
چارباب آهن. پهرئين باب ۾’سنڌي ٻوليءَ جو
بنياد‘وراچڊ پئشاچيءَ مان ٻڌائيندي، ليکڪ
’وراچَڊَ‘ ۽ ’پئشاچي‘ لفظن جي وستار سان سمجهاڻي
ڏني آهي، ۽ انهيءَ ٻوليءَ جو ڳالهائيندڙن ۽ سندن
علائقي بابت ڇنڊ ڇاڻ ڪري، هن پنهنجو فيصلو ڏنو
آهي. ٻئي باب ۾ سنسڪرت ۽ پراڪرت مان سنڌيءَ ۾
آوازن جي ڦير گهير ڪيئن ٿي آهي، انهيءَ جا ڪجهه
نيم ڏنل آهن. ٽئين باب ۾، سنڌيءَ جي اُپڀاشائن_
سرائڪي، وچولي، لاڙي، ٿري، ڍاٽڪي، ڪَڇي ۽ لاسيءَ_
جي ٿوري ۾ واقفيت ڏنل آهي. ڪتاب جو چوٿون باب،
ليکڪ جي فرزند مرليڌر جيٽلي لکيو آهي،جنهن ۾ هن
اٽڪل چوهٺ صفحن ۾ سنڌيءَ جو وياڪرڻ ڏنو آهي، ۽
وياڪرڻ‘ سنٻنڌي سنڌيءَ جي خوبين ڏانهن اشارو ڪيو
آٿائين.’سنڌي ٻوليءَ جي بنياد‘ بابت ڳالهائيندي،
ليکڪ جيڪي ڪجهه چيو آهي انهيءَ جو تت هتي ڏجي ٿو.]
ڀارت ۽ پاڪستان جي اُتر_ اولهه وارين ٻولين جي
پيدائش، پئشاچي پراڪرت مان مڃي ويئي آهي.
’گُڻاڌِيِه‘ نالي هڪ شاعر، پئشاچي پراڪت ۾ ’برِهَت
ڪَٿا‘ نالي آکاڻين جو ڪتاب لکيو هو، جو هٿ ڪونه
آيو آهي؛ پر انهيءَ ڪتاب جا سنسڪرت ۾ ترجما ملن
ٿا، جي ’برهَت ڪَٿا مَنجَري‘ ۽ ’ڪٿا سَرِت ساگر‘
نالي سان شايع ٿيل آهن” پئشاچي پراڪرت جا ٽي قسم
آهن: (1) چوُلِڪا پئشاچي، (2) ڪيڪَيَه پئشاچي، ۽
(3) وراچِڊ پئشاچي، سنڌيءَ جي پيدائش، وراچَدَ
پئشاچيءَ مان سمجهي وڃي ٿي.
’پئشاچي‘ لفظ جي اکري معنيٰ آهي ’پشاچن جي ٻولي‘
يا ’جنهن ڏيهه ۾ پشاچ رهندا هئا، اُنهيءَ ڏيهه جي
ٻولي‘. هاڻي سوال آهي ته پشاچ ڪير هئا ۽ سندن ڪهڙو
ڏيهه هو. هتي انهن سوالن تي خلاصو ويچار ڪرڻ لازمي
آهي.
رگويد واري زماني ۾ آريه لوڪ آسيريا، ڪئسپين سمنڊ،
ڪاري سمنڊ، ڀونوچ سمنڊ ۽ ڳاڙهي سمنڊ وارن ملڪن کان
وٺي ’سپت سنڌوءَ‘ واري ايراضيءَ تائين ڦهليل هئا.
سمي پڄاڻا، اهي آريه لوڪ جيئن جيئن هڪٻئي کان جدا
ٿيندا ويا، تيئن تيئن پاڻ ۾ پيدا ٿيل وهنوار
وسرندا وين، ۽ هڪٻئي جي ياد گيري پڻ گهٽجڻ لڳن.
انهيءَ حقيقت جا ثبوت اسان کي خود رگويد ۾ ملن ٿا
مثال طور، رگويد ۾ پيروُ، پيرُڪَ، پيرَوَ لفظ ڏسو،
جي اُتي ديوتا، راجا ۽ رعيت جي معنائن ۾ استعمال
ٿيا آهن. هن وقت هتي اسان کي اِنهيءَ نالي سان
ڪوبه ديوتا ڪونه سجهي، نڪو هتي جي رهندڙ ڪن ماڻهن
يا ذاتين جو اهو نالو آهي. مصر جي پراڻي تهذيب تي
جيڪڏهن نظر ڊوڙائبي ته معلوم ٿيندو ته اُتي جا
راجائون
phraoh
[Fa`Ro]
خطاب سان پاڻ کي سڏائيندا هئا. اُنهيءَ وقت جي مصر
جي تهذيب ۾ ’Ra‘
سج جو نالو آهي. جنهن کي مصر نواسي ديوتا ڪري
پوڄيندا هئا. هيبرو ٻوليءَ ۾ سج لاءِ لفظ آهي ’Ra’Ph’،
رگويد ۾ پڻ ’پيرو‘ لفظ جو اشارو سج ڏانهن آهي.
آسيريا ۽ مصر جا راجائون سج کي مکيه ديوتا ڪري
پوڄيندا هئا، انهيءَ ڪري هو اُنهيءَ طاقتور ديوتا
جي مهرميا هيٺ رهڻ لاءِ پنهنجي نالي سان گڏ
Phraoh
=FaRa
لفظ جوڙيندا هئا. رگويد ۾ بيان ٿو
اچي ته ڀارد واج رشي ’پيرُڪ‘ نالي راجا جي درٻار ۾
رهندو هو. ممڪن آهي ته هيءُ راجا پراچين مصر جي
راجائن مان هوندو. سنڌي هندن ۾ ڦيرومل نالو آهي.
خبر نه آهي ته هيءُ لفظ ’ڦيرو‘ ڦرڻ مصدر مان نڪتو
آهي يا سندس لاڳاپو ’پيرو‘ (Fa`Ra)
سان آهي.سنسڪرت جي مشهور شاعر جڳنناٿ جي پيءُ جو
نالو ’پيرو ڀَٽُ‘ آهي. تامل ٻوليءَ ۾ ’پيرو‘ جي
معنيٰ آهي’مهان‘، يعني عظيم. انهيءَ ٻوليءَ ۾ وشنو
ڀڳوان جو هڪ نالو پيرومل يعني مهان وشنو ڀڳوان پڻ
آهي (ص ۵). رگويد ۾ آيل لفظن ’پَراوَت‘ (پري) ۽
’آرواوَت‘ (ويجهو) لفظن جو لاڳاپو فرات (Euphrates)
۽ عرب ديش سان ٿو ڏسجي. ’سپت سنڌوءَ‘ جي ميدانن ۾
جڏهن آريا اچي رهيا، تڏهن فرات ندي کين پري هئي ۽
اُنهيءَ جي ڀيٽ ۾ عرب ديش کين ويجهو هو، جنهن تان
’پراوت‘ ۽ ’آرواوت‘ لفظ انهيءَ معنيٰ ۾ مروج ٿيا.
رگويد ۾ ’آروا‘ لفظ جي معنيٰ ’گهوڙو‘ پڻ آهي. عربي
گهوڙا اڄ ڪالهه پڻ مشهور آهن. (ص ۶).
آريه لوڪ، فرات کان سپت سنڌوءَ تائين هڪ ئي وقت ۽
هڪ ئي ٽوليءَ ۾ نه آيا هوندا. جدا جدا هنڌن تي
ڊاٻو ڪري، سپت سنڌوءَ تائين پهچڻ ۾ سندن گهڻيئي
پيڙهيون گذريون هونديون. رگويد جي ڪيترن ئي منترن
مان صاف ظاهر آهي ته منتر رچيندڙ، پنهنجن ابن ڏاڏن
جون ٻڌايل ڳالهيون اُچاري رهيا آهن. رگويد ۾ ٻيا
به ڪيترائي لفظ آهن، جن مان رگويد جي آرين جو دور
دور ملڪن سان لاڳاپو صاف ظاهر آهي. مثال طور،
’مَنا‘ لفظ رگويد ۾ ’سوني مهر‘ جي معنيٰ ۾ ڪم آيل.
هندستاني ٻولين ۾ انهيءَ معنيٰ ۾ ’منا‘ لفظ جو
استعمال ڪو نه ٿو ملي، پراچين بئبيلان، اسيريا ۽
يونان ۾ سون ۽ چانديءَ جي سڪي کي ’منا‘ سڏيندا
هئا. (ص ۷). رگويد ۾ ’پرَمگَنَد‘ لفظ آهي، جنهن جي
معنيٰ ’سايڻ آچاريه‘ ڏني آهي ’وياج خور جو اولاد‘.
هن جي ٽيڪا موجب ’مگند‘ معنيٰ آهي ’وياج خور‘.
مگند جو لاڳاپو ’مگه‘ لوڪن سان ٿو ڏسجي، جي
’ميڊيا‘ ۾ رهندڙن ’ميد‘ ذات وارن جي هڪ شاخ آهن.
’فونيشين‘، ۽ ’مگه‘ انهيءَ زماني جون مشهور واپاري
قومون هيون، جي ممڪن آهي ته وياج خوريءَ جي ڪري پڻ
نالي چڙهيون هونديون.
ويدن ۾ بيان ڪيل ’پڻي‘ قوم جو لاڳاپو پڻ فونيشين
سان آهي. فونيشين لوڪن جي پهرين بستي سائيرس (Cyprus)
۾ ۽ ٻي بستي ڪريٽ (Crete)
۾ هئي، جنهن کي ’ڪريڪاٽ‘ به چوندا هئا. ويدن ۾
ڪيڪٽ ديش جو بيان ٿو اچي، جو ڪريڪاٽ ديش ئي هوندو
(ص ۹).
مٿين حوالن مان رگويد جي زماني ۾ آرين جي ايراضيءَ
۽ سندن ٻين ڏيهن ۽ لوڪن سان لاڳاپي بابت چڱي ڄاڻ
پوي ٿي. سپت سنڌوءَ جي ميدانن تائين پهچندي
پهچندي، آريه لوڪن جو جن مقامي لوڪن سان سنٻنڌ
ٿيو، سي هئا پشاچ، اپسرائون، يڪش، راڪشس ۽ گنڌروَ.
پشاچ ۽ راڪشس مکيه طاقتور قومون هيون، جن سان آرين
کي مقابلو ڪرڻو پيو.
رگويد ۾ پشاچ لفظ هڪ دفعو آيو آهي، جتي پشاچن لاءِ
نفرت ظاهر ڪيل آهي. ’گوپٿ براهمڻ‘ ڪتاب ۾ ’پشاچ
ويد‘ جو حوالو ملي ٿو. ’پاڻني‘ رشيءَ، پشاچن کي
لڙاڪو قوم ڪري بيان ڪيو آهي. جيئن جيئن ٻاهران آيل
ويدڪ آرين جو مقامي پشاچ قوم سان وهنوار وڌندو
ويو، تيئن تيئن هو سندن خوبين کان متاثر ٿيڻ لڳا.
پشاچن جي ٻوليءَ جي ميٺاج آرين کي ڏاڍو موهت ڪيو.
سنسڪرت ۽ پراڪرت جي شاعرن، پئشاچيءَ کي مٺي ۽
رسيلي ٻولي ڪري سڏيو آهي. (ص ۱۲). سنسڪرت ڊڪشنرين
۾ پشاچ جي اشتقاقي معنيٰ ’گوشت خور‘ ڏنل آهي.
پهاڙي علائقن ۾ رهڻ ڪري هيءَ قوم گوشت ۽ شراب جام
ورتائيندي هوندي. پئشاچيءَ کي ’ڀوت ڀاشا‘ به
سڏيندا آهن. (ص ۱۳)، ’ڀوت‘ لفظ جو اشارو ’ڀوتان
نواسين‘ ڏانهن ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڀوت ۽ پشاچ
ٻئي پهاڙي علائقن ۾ رهندڙ پاڙيسري قومون هيون.
گريئرسن اهو ثابت ڪيو آهي ته هندستان جي اتر اولهه
جي سرحدي علائقن ۾ ’دردستان‘ ۽ ’چترال‘ لوڪن کي
پشاچ ڪري سڏيندا هئا. ’هارنلي‘ جي ويچار موجب،
ڪافرستان جي ڏکڻ ۾ هاڻوڪي لگمان (پراچين لنپاڪ) جا
ڀر وارا رهواسي پشائي ڪافر پشاچ آهن، جنهن جي
پٺڀرائي گريئرسن به ڪئي آهي. (ص ۱۳)
سنسڪرت لفظ ’پِشاچ‘ سنڌيءَ ۾ ’پساچُ‘ ۽ پراڪرت ۾
’پسائو‘، ’پيسايوَ‘، ’پسايو‘ آهي. ڪُوَلَيهَ مالا
ڪٿا‘ ۾ پشاچ ڀاشا کي ’پيسايا‘ چيو ويو آهي، جنهن
تان پوءِ معنيٰ جي ڦهلاوَ سببان، پراڪرت ’پِسَ‘
لفظ سنسڪرت ۾ ڀاشا يا ٻوليءَ جو معنيٰ ۾ مروج ٿي
ويو. شَڪ ٻوليءَ ۾ ’بيشا‘ لفظ جي معنيٰ آهي ’ڀاشا‘
سنسڪرت ۾ ’پُس‘ ڌاتوءَ جي معنيٰ آهي ڳالهائڻ.
سنسڪرت مان پراڪرت ۾ آوازن جي تبديل جا جيڪي آصول
آهن، اُنهن موجب ’پشتو‘ لفظ جو سنسڪرت روپ پشاچ
هئڻ ممڪن آهي. (پَشتو> پَشچو> پِشچو> پِشاچو>
پِشاچَ). رگويد ۾ پشتو ٻولي ڳالهائيندڙن جي علائقي
جي راجا لاءِ پَڪٿَ ۽ اُتي جي رهواسين لاءِ
’پَڪٿاسَهه‘ لفظ آيل آهي علم لسانيات جي ماهرن
موجب، پَڪٿَ مان ئي پَختون، پختو ۽ پٺاڻ لفظ نڪتا
آهن. قنڌار شهر کي رگويد واري زماني ۾ گنڌار چوندا
هئا ۽ اُتي جي ٻوليءَ لاءِ ’گنَڌ روي‘ لفظ ملي ٿو.
پشاور شهر، پشتو ٻولي ڳالهائيندڙن پوءِ اچي وسايو
۽ پنهنجي ٻوليءَ پٺيان اُنهي بستيءَ جو نالو
رکيائون پشاور، يعنيٰ پِشا نالي ٻولي ڳالهائيندڙن
جو وَر (عظيم) شهر. پشتو ٻولي جو بنياد ’مَدي‘
ٻولي آهي، جنهن مان اويستا پڻ نڪتل آهي. مدي
ٻوليءَ لاءِ رگويد ۾ ’مندرا‘ لفظ ملي ٿو. جيڪڏهن
مدي ٻوليءَ کي شَڪَ ٻولي چئجي ته به جڙي، ڇو جو
شَڪَ لوڪ، اصل مَدَ ديش (ميڊيا) جا هئا، جنهن ڪري
کين ميد (Mede)
به سڏيندا هئا. شَڪن جو پاڻنيءَ کان گهڻو اڳي،
ويدن واري زماني ۾ پڻ ڀارت سان لاڳاپو پئي رهيو
آهي. گڻيئي عالم هاڻي انهيءَ نتيجي تي پهتا آهن ته
شڪ لوڪ پڻ آريه هئا. (ص ۱۶). سندن ٻوليءَ جو ڀارتي
آريه ٻولين سان گهاٽو سنٻنڌ رهيو آهي. پئشاچي
پراڪرت، شڪن جي ٻوليءَ کي ڀارتييه آريه ٻولين سان
ڳنڍيندڙ هڪ زنجير جي ڪڙيءَ مثل هئي. پئشاچي
پراڪرت، درد_ ديش ۾ ڳالهائي ويندي هئي. انهيءَ جي
اُتر ۾ ڪمبوج ديش هو، جتي کَلچا ٻوليون ڳالهائڻ ۾
اينديون هيون (ص ۲۰). هتي جي ٻولين تي پراچين
ڀارتييه آريه ٻولين جو ۽ پراچين ايراني ٻولين جو
اَثر هو. پشتو ۽ کَلچا ٻوليون ڳالهائيندڙن کي پشاچ
سڏيو ويندو هو. (ص ۲۳). گريئرسن، درد لوڪن کي به
پشاچ سڏيو آهي. مها ڀارت ۾ درد لوڪن کي ڪشمير جي
ويجهو پهاڙي علائقن ۾ رهندڙ قوم ڪري بيان ڪيو ويو
آهي، جن جي ڀرسان ڪمبوج، کش، شڪ، يَوَنَ،
تِرگَرتَ، مالَوَ ۽ چيني لوڪ رهندا هئا. (ص ۳۳).
مسٽر جيميچندر وديا لنڪار جي کوج موجب ”ڪرشن گنگا“
جهلم نديءَ جي اُتر واري شاخ) جي گهاٽيءَ کان وٺي
سنڌونديءَ جي گهاٽيءَ تائين درد لوڪ رهندا هئا ۽
سنڌونديءَ جي پارگلگٽ ۽ هُنجا ندين جون گهاٽيون پڻ
سندن هيون. هندستان جي اها اتر اولهه واري سرحدي
ايراضي پشاچ لوڪن جي اصلوڪي بستي هئي، جتان پوءِ
هو راجستان ۽ ڪونڪن طرف ڦهلجي ويا. انهن حصن جي
ٻولين تي ۽ هندستان جي ٻين پڻ ڪيترين ئي ٻولين تي
پشاچن جي ٻولي پئشاچيءَ جو اَثر صاف نظر اچي ٿو.
(ص ۳۵).
ويدن جي سنسڪرت ۾ انهيءَ وقت جي مقامي ٻولين جا
لفظ ۽ انهن جو اَثر نظر اچي ٿو. ڪلاسيڪي سنسڪرت،
جنهن جو پاڻنيءَ ويا ڪرڻ لکيو، تنهن ۾ اِهو اثر
نالي ماتر مس آهي. سنڌيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ آهن،
جيڪي ڪلاسيڪي سنسڪرت ۾ نٿا ملن، پر ويدن جي سنسڪرت
۾ اهي قائم آهن. مثلا: سنڌي_جهُور، رگويد_
جُوريهَ، ڪلاسيڪي سنسڪرت جِيرڻ؛ سنڌي_ وار، رگويد_
واراه، ڪلاسيڪي سنسڪرت_ ڪيش؛ سنڌي_ ڀلو، رگويد_
ڀَلَ (ڪلاسيڪي سنسڪرت ۾ انهيءَ سان ملندڙ ڪوبه لفظ
ڪونهي). ’سِري جي سنڌي‘ سُر ۽ لات جي لحاظ کان
ويدن جي سنسڪرت کي وڌيڪ ويجهي آهي، جتي پڻ سر کي
گهڻي اهميت آهي.
سنڌي، پئشاچي پراڪرت جي ’وراچڊ اپڀرنش‘ مان نڪتل
چئي وڃي ٿي. اپڀرنش جا به گهڻيئي قسم آهن، جن ۾
آڀِيرلوڪن جي آپڀرنش کي ڊنڊيءَ نالي عالم پهرين
جاءِ ڏني آهي. (ص ۵۸). آڀيرن جي اپڀرنش، پنهنجي
زماني ۾ هندستان جي (Standard)
ٻولي سمجهي ويندي هئي. ادب ۾ پڻ انهيءَ جو استعمال
ٿيڻ لڳو.
هتي آڀيرن جي باري ۾ ڪجهه لکڻ غير واجب نه ٿيندو
حقيقت ۾ سنڌ جا ’لاڙائي‘، آڀيرن ۽ يادَون کان الڳ
ڪونه هئا. اهي ٽيئي نالا هڪ ئي قوم جي فردن ڏانهن
اشارو ڪن ٿا. ’لاڙائي‘ لفظ جي معنيٰ فقط ’لاڙ جا
رهندڙ‘ ناهي، پر انهيءَ جو اشارو ’لاڙڪ‘ نالي قوم
ڏانهن پڻ آهي. اتر سنڌ ۾ ’لاڙڪ قوم‘ وارا جتي اچي
رهيا، انهيءَ هنڌ تي ’لاڙڪن جو ڳوٺ‘ ۽ پوءِ
’لاڙڪاڻو‘ نالو پيو. (ص ۵۰). ميسو پوٽاميا ۾ تگرس
نديءَ جي ڪناري تي لارڪ (Larak)
نالي مشهور شهر هو. ايراني نار ۾ ’لارستان‘ نالي
هڪ علائقو آهي، جتي لارڪ نالي هڪ ٻيٽ پڻ آهي.
سائپرس ۾ لارنڪ (Larnaca
or Larnaka
) شهر آهي. لاڙڪ (Lodik)،
’لاڙڪيي‘ (Ladikiyeh)
’لٽڪئي‘ (Latakia)
ايشيائي ٽرڪيءَ ۾ شهر آهن. عيسوي سن کان اٽڪل
۹۵.۲۰ ورهيه اڳ جي هيءَ قوم، مٿين هنڌن تان
بلوچستان جي رستي کان سنڌ ۾ پهتي يا سنڌ مان
اوڏانهن ويئي، اهو اڃا پڪ سان چئي نٿو سگهجي. لاڙڪ
جو ئي ننڍڙو روپ آهي ’لاڙ‘، جنهن مان سنسڪرت ۾
’لاٽ‘ لفظ جڙيو آهي (ص ۵۲). لاڙڪ جا لاڪڙ، لاڪر ۽
لانڪر روپ به آوازن جي تبديل جي اصولن موجب ٿي
سگهن ٿا. بلوچستان ۾ مڪران جي ويجهو سمنڊ جي ڪناري
تي ’لنگو يا لنڪر‘ نالي ذاتيون ملن ٿيون. هي لنگر
يا لنڪر مها ڀارت ۾ ’اَڀير‘ ۽ ’ونگه‘ نالي سان
سڏيا ويا آهن. ’اَڀير‘ يا ’يادَوَ‘ ڀاڳيا هئا.
ڍڳيون مينهون وٽن جام هيون. بلوچستان ۾ ”کيرٿر“
جبل مشهور آهي، جنهن جو سنسڪرت نالو کير_ کيتر يا
کيرمٿل آهي. ’يڌشٽر‘ جڏهن يگيه ڪيو هو، تڏهن هتي
جا رهاڪو هن لاءِ، گيـﮧ، مکڻ، کير، ماکي، ڍڳيون،
ٻڪريون، مينهون ۽ ڪنبل سوکڙيءَ طور کڻي ويا هئا.
(ڏسو مها ڀارت_ سڀاپرو) انهيءَ مان ظاهر آهي ته
لاڙڪ، اَڀير، ۽ يادَوَ هڪ ئي قوم هئا. لاڙڪ،
لاڙڪاڻي واريءَ ايراضيءَ مان پوءِ ڏکڻ سنڌ، گجرات،
سؤراشٽر، ڪونڪن ۽ ڀارت جي ٻين حصن ۾ ڦهلجي ويا، (ص
۵۴) پراڻن واري زماني ۾ سنڌ ونديءَ جي پوربي ڪناري
تي ۽ ڪڇ ڪاٺياواڙ ۾ اَڀيرن جي هئڻ جا حوالا ملن
ٿا.
وراچڊ لفظ جي سمجهاڻي: ممڪن آهي ته اَڀير هندستان
۾ ٻاهران اچڻ ڪري ’ورِشَل‘ سڏيا هوندا. پراڪرت
ٻوليءَ ۾ ’ش‘ (مورڌني)، ’ڇ‘ ۾ بدلجي ويندي آهي.
انهيءَ ڪري ’ورشل‘ جو پراڪرت ۾ روپ ٿيو ’ورڇُل‘،
’ڇ‘ جو ’چ‘ ۾ بدلجڻ، ۽ ’ل‘ جو ’ڊ‘ ۾ بدلجڻ به
پراڪرت ٻوليءَ جي نيمن موجب آهي. اهڙيءَ طرح
’ورڇل‘ جو روپ ٿيو ’ورچڊ‘ ۽ سندن ٻولي ٿي ’وراچڊ‘،
شري ’سينتيڪمار چئٽرچيءَ جي راءِ موجب اَڀيرن جي
بستيءَ کي سنسڪرت ۾ ’ورَج‘ سڏبو آهي، جنهن مان ئي
’ورچل> ورچڊ> وراچڊ‘ روپ جڙيو آهي. ڪجهه ٻيا عالم
وري ’وراتيه‘ لفظ مان ’واچڊ‘ جي پيدائش سمجهن ٿا.
وراتيه يا وارت هڪ قوم جو نالو آهي. (ص ۶۴)
مارڪنڊييه جي لکيت موجب، وراچڊ اَڀيرنش سنڌ ۾
ڳالهائي ويندي هئي، انهيءَ مان ئي سنڌي نڪتي آهي،
(ص ۶۵).
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي
سنڌي ڪهاڻيءَ جو اوائلي دور
دنيا ڀر جو ادب جي نظم سان شروع ٿيو آهي، ته انهن
جو نثر اڪثر ڪهاڻيءَ سان شروع ٿيو آهي. هر ٻوليءَ
۾ ڪهاڻيءَ جي شروعات اڪثر ڏند ڪٿائن سان ٿيندي
آهي، جي ڏاڏيون ۽ نانيون، مائر ۽ ماسيون، ٻالڪن کي
رات جي روٽي کارائي سمهارڻ کان اڳ، برزبان
ٻڌائينديون آهن، ۽ جي اڪثر ڪتابن ۾ ڇپيل نه
ملنديون آهن. هن لکندڙ کي پڻ اهڙين، ڏاڏيءَ جي
ڏند_ ڪٿائن جي چٽي سانڀر آهي، مثلا ”الڙبُلڙ“،
”هيتلِي کيتلِي“ ”جهرڪ ۽ جهرڪي“ ۽ ”وِندر ۽ ريجهه“
جون ڪهاڻيون، جي نهايت دکدائڪ يا نهايت کلائيندڙ
هونديون هيون، ۽ جن جو اثر وڏيءَ ڄمار تائين به دل
تي ڇانيو پيو آهي. ويچاري وِندر، جنهن کي ڪاسائڻ
سَسُ ڪُهي گم ڪري ڇڏيو هو، تنهنجي آکاڻيءَ مان،
وِندر_ گهوٽَ جو هيءُ ورلاپي اڃا ڪنن ۾ پيو ٻُري:
”امان ڙِي امان، جان وڃان ماڙيءَ تي،
جيجان ڙِي جيجان، جان وڃان ماڙيءَ تي،
ته وندر جو نُورو پيو آهه، پر وندرٺهيئي ڪانه!“
”الڙ بُلڙ“ جي مذاقي ڪهاڻيءَ مان به هيٺيون بيت
چٽو ياد اٿم:
”او مائي ڪو الڙ ڏٺئه، او مائي ڪو بُلڙ ڏٺئه؟
او مائي ڪا جنگ ڪيئه، او مائي ڪا ٻنگ ڪيئه؟.
نه مائي ڪو الڙ ڏٺم، نه مائي ڪو بُلڙ ڏٺم،
نه مائي ڪا جنگ ڪيم، نه مائي ڪا ٻنگ ڪيم.“.
تنهن کان سواءِ، اوطاقن ۽ اوتارن ۾ به قصا ۽
ڪٿائون کڻندڙ ايندا هئا، جي جنن ڀوُتن، ديوَن،
پريُن ۽ راجائن سورمن جون دل اُڀاريندڙڪهاڻيون
ٻڌائيندا هئا، پر انهن مان به ڪي جزوي ڇاپي هيٺ
آيون آهن.
وندر ۽ سکيا وارين آکاڻين جو دؤر
سنڌيءَ ۾ پهرين نثري آکاڻي جا ڇاپي ۾ آئي، سا هئي
مشهور لوڪ_ ڪٿا تي ٻَڌل ”آکاڻي راءِ ڏياچ ۽ سورٺ
جِي“، جنهن جو لکندڙ ڳچ عرصي تائين گمنام هو؛ پر
پوءِ مرحوم محمد صديق ميمڻ جي ”سنڌ جي ادب جِي
تاريخ“ (۱۹۳۷) مان معلوم ٿيو ته هوُ صاحب سنڌي نثر
جي پائي وجهندڙن مان هڪڙو، منشي اُڌارام ٿانورداس
هو. اها آکاڻي، ڪئپٽن اسٽئڪ جي ”سنڌي گرامر“
(۱۸۴۹) ۾ ضميمي طور ڏنل هئي، جو ڪتاب ديونا گري
لپيءَ (خط) ۾ ڇپيو هو، ڇو جو عربي لپي تيار ئي
۱۸۵۳ ۾ ٿي. هيءَ آکاڻي ٺيٺ ۽ نبار سنڌيءَ ۾ لکيل
هئي، جنهن مان جهوني زماني جو هڳاءُ پيو اچي. ۱۸۶۱
۾ اها آکاڻي، ٻين ڏهن فارسيءَ ۽ اُردوءَ تان ترجمو
ڪيل مزيدار نقلن سان شامل ڪري، منشي اُڌارام،
نئينءَ صورتخطيءَ ۾ هڪ مجموعو ڇپايو هو. اها دل_
ڀِڄائيندڙ پهرين سنڌي آکاڻي، هڪ جهوني درسي ڪتاب ۾
ڇپيل، ننڍي هوندي اسڪول ۾ ڏاڍي چاهه سان پڙهندا
هئاسون. آخر۱۹۰۵ ع ۾ ديوان ڏيارام مير چنداڻيءَ،
”چونڊ سنڌي نثر“ مجموعي ۾ اها آکاڻي ڇپائي پڌري
ڪئي هئي، پر لکندڙ جو نالو هٿ ڪونه لڳو هوس_ توڻي
جو اهو سندس سڳو چاچو لڳندو هو! اُن آکاڻيءَ جي نج
ڏيهي عبارت جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:
”تنهن کان اڳاهون ڪنهن الله لوڪ هرڻ ماريو هو، سو
ڪُهي، اُنهيءَ جا عضوا شِيخ ڪري پچائي کائِي، آنڊا
اُنمان وڻ تي اُڇلي کڻي ڇڏيا هئائين ۽ پاڻ ويندو
رهيو. ڏکڻ جو واءُ جو لڳو سو اُهي تندون آواز اهڙو
پييون ڪن، جو مرون پکي سڀيئي ڪنڌ نائي بيهو ٻُڌن
جڏهين واءُ بس ٿيو، تڏهين تندن به بس ڪئي ۽ پکي
پکڻ به ويندو رهيو. اتي ٻيجل جو آيو، سو (هن) اُهي
آنڊا اچي کنيا ۽ چنگ ٺاهي تنهن تي کڻي چاڙهيا ۽
پوءِ تير جو سنهت ڪُندروءَ تي گَهي جان کڻي وڄائي
ته چؤڻا هرڻ مرون پکي هليا اچن. هيءُ هيئن ڪري جو
جيڪي ٻه_ ٽي منجهان کپنس اُهي وٺيو اچي، ٻيا کڻيو
ڇڏي.“
ڪئپٽن اسٽئڪ جي گرامر واري ضميمي ۾ ٻيون به ڪي
لاپتي ليکڪن جون سندر آکاڻيون ۽ بيت ديونا گريءَ ۾
ڇپيل هئا، جن مان هڪ ڪرامتي ڪهاڻي، ”شهزادي املهه
ماڻڪ ۽ شهزاديءَ حسين پريءَ جي آکاڻي“، ديوان
ڏيارام، عربي_ سنڌي لپيءَ ۾ اُتاري ”سنڌو“ مخزن ۾
۱۹۳۴ ڌاري ڇپائي هئي. باقي رهيل ٽي آکاڻيون به
جيڪڏهن چالو لپيءَ ۾ آڻي شايع ڪجن ته اُن زماني جي
سنڌي زبان جو سٺو ساءُ ملي پوي:
ڇپائڻ
کي وڏي هٿِي ملي ويئي، ۽ اوائلي ڪتاب، جي نئين
لپيءَ ۾ نڪتا سي آکاڻين جا هئا. تن ڏينهين آکاڻين
کي قصا يا ڳالهيون چوندا هئا، جن ۾ ساديون سوديون
ڳوٺاڻيون يا گهرو ڪهاڻيون بيان ڪيل هونديون هيون ۽
منجهائن اخلاقي نصيحتن ڪڍڻ تي زور ڏنو ويندو هو.
اهڙي پهرين ڪهاڻي هئي غلام حسين قريشيءَ جي لکيل
’ڀنڀي زميندار جي ڳالهه‘ (۱۸۵۴)، جا پنڊت بنسي
ڌرجي هندي قصي تان ورتل هئي ۽ سنڌي ڳوٺاڻِي
زندگيءَ ۾ بيهاريل هئي. قريشي صاحب جي نبار سليس
سنڌي هن ريت هئي:
”هيڪڙي مند ڀنڀي زميندار پنجن جريبن ڌرتيءَ جو پٽو
اوڀائي کي لکي ڏنو. اوڀائي آکاڙ جي مهني ۾ هيڪڙي
ڏينهن هر ۽ ڍڳا ڳنهي وڃي ٻني کيڙي. تا ماٿيلي جي
ماڻهن، جي ويري ۽ جهڳڙائي هوا، ڏٺو ته اوٻاڙي جو
زميندار اسان جي دنگ جي پاسي ۾ ڦِٽل ڌرتي ٿو کيڙي.
اُهي کاڻا ۽ ڊنا ته متان اوٻاڙي جو زميندار
کيڙيندي کيڙيندي اسان جي ڌرتي پڻ کيڙي وڃي. نيٺ
سڀني مڙي سڙي ٻنيءَ تي وڃي اوڀائي کي ماري ڪٽي
ڀڄايو ۽ ان کي هيڪلو ڏسي ڊيڄاريائون ته جي وري تون
ڪڏهين هيءَ ٻني کيڙيندين، ته توکي لَٺيون هڻي هٿ
پير ڀڃي ڇڏينداسون. هاڻ اُتان اوڀايو گهوڙا گهوڙا
ڪندو ڀڳو ويو.“
تنهن کان پوءِ، سيد مران محمد شاهه متعلوي (اول)،
”سڌاتوري ۽ ڪڌا توري جي ڳالهه“ (۱۸۵۵)، ساڳئي پنڊت
بنسِي ڌر جي هندي قصي ”ڪيڌي سيڌي“ تان سنڌيءَ ۾
اُٿلو ڪئي، جا سماهي ”مهراڻ“۱/ ۱۹۶۵ ۾ ڇپي هئي. هن
اخلاقي آکاڻيءَ مان ان زماني جي سلوڻي سنڌيءَ ۽
پراڻي صورتخطيءَ جو مثال ڏجي ٿو:
”منشيءَ دفتر جي ڪلڪٽر صاحب کي ونڃي چيو ته ساءِ
جلالپور جي ڪاغذن ڏسڻ منجهان ٿو پروڙجي ته جيڪِي
مختيار ڪار (سنڌاتوري) لکئو آهي، سو سچ آهي ۽ دفتر
جي ڳال ڪوڙي* اُن ڪوڙ ۾ ڪڌاتوري جو کوٽ ٿو پروڙجي*
تڏه صاحب ڪڌاتوري کي ڪوٺائي پڇئو ته هن ڳال جي
وچوڙ ڪيئن آهي* صاحب سمجهيو ته هيءُ کوٽ ۽ ڊوه
ڪڌاتوري ڪئيو آهي ۽ منشيءَ دفتر جو پڻ ڏوه آهي جـﮧ
پهجي ڪم ۾ پاڻ سارَ ڪان رکِي ۽ ٻئي کي پهجي ڪم ۾
موڪل ڏيئي ڇڏيا ۽* هاڻ اُن سبب منشي دفتر جو ٻه
مهينا پهجي ڪم کان نڪري وهي ۽ ڪڌاتورو پهجي کوٽ ۽
ڊوه سبب ٽي وڙهه بند ۾ رهِي ڏلا کڻي* ماڻهن کي
گهرجي ته ڪڌاتوري جي ڳال سڻي پاڻ کي پلين ته بڇڙن
جي گڏ اُٿڻ وهڻ منجهان ڪهڙيءَ ڀلاءُ ٿِيءَ رسن*
پوءِ گهرجي تجي ماڻو دنيا ۾ پاڻ کي چڱن ماڻن مان
ٿا ڀائين سي چڱي ۽ موچاري واٽ ڏسي پاڻ کي بڇڙائي ۾
نگڏين“
ننديرام
ميراڻيءَ، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ايلس
صاحب سان شراڪت ۾، مشهور ”ايسپ جون آکاڻيون“
انگريزيءَ تان ترجمو ڪيون هيون. اُهي، ميمڻ صاحب
جي ادبي تاريخ موجب، منشي اُڌارام ٿانورداس،
نئينءَ ترتيب سان لکي، سڌاري سنواري، ۱۸۷۱ع ۾ وري
ڇپايون هيون_ توڻي ڪي جهونا ڄاڻو، انهن کي سڌيون
منشي اُڌارام جون ترجمو ڪيل ٿا سمجهن. ۱۸۶۰ع ڌاري،
منشي اُڌارام جو ”طوطي نامو“، آکاڻين جو ڳٽڪو پڌرو
ٿيو هو، جو اصل سنسڪرت تان ورتل ۽ فارسيءَ تان
ترجمو ڪيل هو. منجهس الف ليليٰ جي طرز تي دلچسپ ۽
نصيحت آميز ڪهاڻيون ڏنل هيون. ان ڪتاب جي آخر ۾،
ضميمي طور ڇپيل، هڪ مزيدار ڳالهه ”وهئين ۽ ولهي جي
آکاڻي“ تجنيس حرفي (aliteration)
۾ لکيل هئي، جنهن جا اڪثر لفظ ’و‘ سان شروع ٿا ٿين
۽ جا جهوني سنڌيءَ جو عجيب نمونو آهي:
”هڪڙي وهئين جي وياءَ جو ويانهن هو، تنهن وٽ هڪڙو
ولهو ويو ته وهئين ويٺي وڙين جو پلاهه واڱڻن جي
ڀاڄيءَ سان کاڌو. تڏهن ولهو وڃي ويجهو ويٺس. وهئين
کڻندي ئي وڙي، ولهي جي وات ۾ وڌي، ته ولهي ويچاري،
جنهن ويهن ورهين لاڪر وڙيءَ جو واس ئي نه ورتو هو،
سو وسو ٿي ويو ۽ وات پٽيو ويٺو ڪري واهه، واهه.“
سيد ميران محمد شاهه (اول) جو ٻيو جهونو آکاڻين جو
ڪتاب هو ”مفيدالصبيان“ (۱۸۶۱ع)، جو به هنديءَ تان
ورتل، ٻارن لاءِ فائديمند آکاڻين جو مجموعو هو،
جنهن مان هڪ آکاڻي ”فارسي جو شهزادو“ پڻ ڏيارام
ميرچنداڻيءَ جي مٿي ذڪر ڪيل انتخاب ۾ ڇپيل هئي.
ٻاراڻين آکاڻين جي هن پهرئين سنڌي ڪتاب مان،
انهيءَ آکاڻيءَ ۾ هيٺون فقرو جهوني محاوريدار
سنڌيءَ ۾ اچي ٿو:
”بادشاهه جي محلي جي پاسي ۾ هيڪو موچي ڪميڻو بڇڙو
رهندو هو. بادشاهزادو سدا ان جي گهر ايندو ويندو
هو ۽ انسين ڏاڍو پيار رکيائين. وزير چيو، ’ڏيـﮧ
ڌڻي، ٻارن کي ڪميڻن جي سنگت ۾ ڇڏڻ ڦٽاڻي آهي. ٿورن
ڏينهن ۾ انهن جا آرکڻ ٻار وٺندا آهن. ماڻهوءِ جي
جهڙي سنگت هوندي اهڙا آرکڻ سکندو. گهرجي ته شهزادو
موچيءَ وٽ نه وڃي.‘ بادشاهه چيو ته اوُ ٻار اٻوجهه
آهي ۽ موچيءَ سين پيار ٿي ويو آهيس، جيڪڏهن ان
سنگت کان جهلبو ته ڏکوئبو ۽ متان ان ڏک ۾ اگهو ٿي
پوي. ڪي ڏينهن کاند ڪجي، جڏهن وڏو ٿيندو تڏهن
نصيحت ڪري موچيءَ جي سنگت ڇڏائبيس. وزير ماٺ ڪري
رهيو.“
|