سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1967ع

مضمون:

صفحو :3

سيد خير شاهه حيدرآبادي           [ لافاني ڪلام]   

مناجات

هردم آکان، حَمد حڪيمان، قادر ڪيتا ڪَرم ڪريمان،

هر ويلي، هر وار، سائين... مين توبه ڪيتي!

سائين تيڏي خاص خُدائي، عَجب عَجائب واهَ وڏائي،

اُٿي نه ڄُلدي، ٻئي دِي ڪائِي، در تيڏي دَرٻار، سائين.

…مين توبهه ڪيتي! 

 تون سائين، اسان تيڏي بَندي، ڪَم ڪيتوسي سَڀيَ گَندي،

ڌوڙ دنيا دي، ڪوڙي ڌنڌي، آکان اَستَغفار، سائين.

…مين توبهه ڪيتي! 

نيڪ آعمال نه ڪيتم ڪوئي، آکيا نفس، سو ڪيتم سوئي،

لاهين لائق نان، لڄ_ لوئي، سَتر پوش ستار، سائين.

…مين توبهه ڪيتي! 

مين هٿون ٿيان بَد برايان، پاؤ پَلؤ ڪر اَڳُون اَئيان،

جهل ڪر ميڏيان، ميٽ مَدايان، بخشين بخشڻهار، سائين.

…مين توبهه ڪيتي! 

شرڪ شيطان دي نال گذاريم، وَٽ اٽاوچ، ريٽون هاريم،

شَڪ مٽا ڪر، ڀاڻ ٻهاريم، ڪَرم ڪرين ڪَلتار، سائين.

…مين توبهه ڪيتي! 

مَين بَندي، پُر عيبين هاڻين، لوڪان دي وچ لاءُ نه لاهين،

هّمت نال، خمير بچائين، مارئي ڪيا مقدار، سائين،

…مين توبهه ڪيتي! 

ڏيک نه ميڏا، مَڪرّ ماڻا، سُتِيسَ سُومل نال سِياڻا،

رَهه راضي ٿي سِگهّا راڻا، وَل نه موڙ مَهار، سائين.

…مين توبهه ڪيتي!

هار سينگار ڪُون باهين لئيسان، گهر حَشر ڪر، وَرّ وَليسان،

محب مَڻني تي مور نه ڏيسان، هَٿّ نه لَئيسان هار، سائين.

…مين توبهه ڪيتي! 

ننڊ نڀاڳي روڪيس راهون، پنهل پاسي ٿيم تيڏانهون،

ڏيک نه ميڏي آوڳن ڏانهون، ڪيچ ڌڻي ڪوهيار، سائين.

…مين توبهه ڪيتي!

پڪا سَٽ تي ڪَچا ڪَڇ چايُم، پار وڃڻ دا پنڌ چِتايم،

گَهڙيِ ڀڳي، وَل هُٿّ نه آيم، تَڪيِا ڏي وچِ تار، سائين.

…مين توبهه ڪيتي! 

اوجهڙ جهنگ، آجايان جهيران، عين عَفي ڪر تون تقصيران،

سَوَ صدقي، لَک، تَئين تون هيران، آ مِل رانجهن يار، سائين.

…مين توبهه ڪيتي! 

مير، محمد ٿيسي شافي، ڪّل اُمت تي هيڪو ڪافي،

مَلڪَ و فلڪّ، ڪريسي معافي، ڇُٽسن، گُنَهگار، سائين.

…مين توبهه ڪيتي! 

خوش ’خير شاهه‘، مِليان وڌايان، عالم دي وچ آيان عيدان،

پاڪ نبي تي، ڀَريَم ڪلمان،ڪفران ٿي بيزار، سائين.

…مين توبهه ڪيتي! 

لا اِلـﮧ الاَ الله، محمد رسول الله

صلي الله عليـﮧ وسلم

بيت

لطف الله بدوي، عارف المولا، ’محسن‘ ڪڪڙائي.

دوها

’ذوالفقار‘ راشدي.  

ڪافيون

عارف المولا: ڊاڪٽر سيد اسدالله شاهه ’بيخود‘ حسيني، حافظ ’احسن‘، ’سام‘ جئسنگهاڻي،  

وايون

عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي، حافظ ’احسن‘ چنا، ’استاد‘ بخاري، ’وفا‘ ناٿنشاهي، ’آثم‘ ناٿنشاهي، ’راز‘ ناٿنشاهي، ’فراق‘ ناٿنشاهي، ’خالدي‘ ٺٽوي.  

گيت

شيخ ’اياز‘، لطف الله بدوي، عارف المولا، ’استاد‘ بخاري، ’دادا‘ سنڌي.  

لوڪ گيت

شيخ ’اياز‘، ’نياز‘ همايوني، ’تنوير‘ عباسي.  

نظم

’خواب‘ حيدرآبادي، عبدالڪريم ’گدائي‘، ’پروانو‘ ڀٽي، ’ذوالفقار‘ راشدي، حافظ ’احسن‘، ’محسن‘ ڪڪڙائي، ’استاد‘ بخاري، ’نديم‘ انصاري، ’وفا‘ ناٿنشاهي، ’آثم‘ ناٿنشاهي.

آزاد نظم

هري ’دلگير‘، ’آثم‘ ناٿنشاهي، فتاح ملڪ، ’محسن‘ ڪڪڙائي، ’وفا‘ ناٿنشاهي، ولي محمد ’وفا‘، پرڀو ’ناشاد‘.  

نيون طرزون

نارائڻ ’شيام‘، ’آثم‘ ناٿنشاهي، ’راز‘ ناٿنشاهي.

غزل

عبدالڪريم ’گدائي‘، ’عارف المولا‘، ’بيخود‘ حسيني، ’خواب‘ حيدرآبادي، ’سليم‘ هالائي، ’ذوالفقار‘ راشدي، ’محبوب‘ سروري، ’محسن‘ ڪڪڙائي، شبير ’هاتف‘، ’پروانو‘ ڀٽي، حافظ ’احسن‘، ’استاد‘بخاري، محمد علي ’جوهر‘، ميووخان ’موج‘، ’خادم‘ سروري، ’انور‘ هالائي، ’آثم‘ ناٿنشاهي، ’وفا‘ ناٿنشاهي، ’افضل‘ مصرپوري، ’نشتر‘ ناٿنشاهي، ’نديم‘ انصاري، ’جليل‘ سروري، پرڀو ’ناشاد‘.  

قطعا

هري ’دلگير‘، ’عارف المولا‘، ’محسن‘ ڪڪڙائي، شبير ’هاتف‘.

رباعيون

شبير ’هاتف‘.

”شاعري، انسانيت جي ضمير جو آواز آهي. اهو ضمير جو آواز، هميشـﮧ بلند رهندو آيو آهي ۽ بلند رهندو ايندو. البت ايترو آهي ته ان جي اسلوب، پيشڪش ۽ مقصد ۾، زماني جي ضرورت آهر، تبديلي ٿيندي آئي آهي. چوڻ وارا، شاعريءَ کي محروميءَ جو داستان سڏين ٿا، ۽ دماغ عيش چئي، شاعريءَ جي افاديت کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا._ اهي ويچارا، ائين چوڻ لاءِ مجبور آهن.

”بيشڪ شاعري، انسان جي محروميءَ جو داستان به آهي، ته انسان جي مطالبن ۽ تقاضائن جي ترجمان به آهي. شاعريءَ ۾ مشڪلاتن جو حل به پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ ان سان گڏ تلافيءَ جو سامان به مهيا ڪيو وڃي ٿو. شاعري، چند مفروضن جي ذريعي سان، حقيقت کي بينقاب ڪري ٿي. شاعري، زندگيءَ جي مفلوج ۽ مُرده، بيرنگ ۽ بيروح ماحول ۾ حقيقت افروز ۽ معنيٰ آفرين پهلو پيدا ڪري ٿي. شاعري، انساني تهذيب جي حسن ۽ جمال کي وڌائي ٿي؛ تخيل جي شمع افروز سان ظلمات جي عالم ۾ آب حيات کي ڳولي ٿي. شاعري، بيحسيءَ، شڪست دليءَ، ڪورذوقيءَ ۽ ڪمزوريءَ جي عالم ۾، ولوله انگيز ۽ روح آفرين، حرارت ۽ گرمي پيدا ڪري ٿي. شاعري، غيرمانوس ماحول ۾، فڪر ۽ حقيقت تان اجنبيت ۽ غيريت جا غلاف لاهي ٿي، ۽ انسان جي ذهن ۽ فڪر کي پنهنجي ماحول ۽ ان جي واقعات سان روشناس ڪرائي ٿي. شاعري، انسان جي دٻيل ۽ گهٽيل جذبات کي اظهار جي قوت ڏئي ٿي، ۽ قوت اظهار کي تلوار آبدار وانگر پاڻي پياري ٿي. شاعري، بيشڪ هڪ گمنام ۽ گوشه نشين انسان جي واردات ۽ ڪيفيات مان پيدا ٿئي ٿي، پر پنهنجي اثر ۽ افاديت سان پوري انساني آباديءَ کي متاثر ڪري ٿي. شاعري، بيشڪ هڪ خلوت جو چراغ آهي، جو شاعر جي خون، جگر سان ٻري رهيو آهي، پر افاديت جي لحاظ سان عالم افروز آهي. شاعري، لفظن جو جادو ۽ انداز بيان جو منڊ آهي، پر ان ۾ قوت ۽ ترقيءَ جو اهو خزانو لڪل آهي، جنهن جي شدت ۽ زور جو ڪو اندازوئي لڳائي نٿو سگهجي. شاعري، هڪ زخم خورده روح جي آه ۽ فرياد آهي، پر ٻين مجروح ۽ بيمار روحن لاءِ دوا دارون به آهي. شاعري، جگر جو خون آهي، جنهن سان علم ۽ فڪر جي باغ جي گلن ڦلن جي تازگي ۽ حناِبندي وابسته آهي. شاعري بيشڪ هڪ جنون آهي، روح جي خلش آهي، طبع جو اضطراب آهي؛ جا حقيقت تائين پهچڻ جي سلسلي ۾ ڪنهن به وقتي ۽ مادي، رڪاوٽ ۽ جهَل کي قبول نٿي ڪري. شاعري، چشمه حيات آهي، جنهن مان زندگيءَ ۽ تازگيءَ جا نئين سج نوان ارادا ۽ خيال جنم ٿا وٺن، تڏهن ته شاعريءَ کي پيغمبريءَ جو جُزو چيو ويو آهي. ٿورن لفظن ۾ اگر ائين چئجي ته ”شاعري، حق جي متلاشي آهي ۽ باطل کان گريزان آهي“ ته پوءِ ان ۾ سڀڪجهه اچي ويو. شاعري، باطل جي دشمن، غلط ڪاريءَ جي دشمن، استبداد جي دشمن، ظلم ۽ جبر جي دشمن آهي. شاعري، امن پسند، ترقي پسند، صلح پسند، انسانيت نواز، اخلاق پرور آهي، جنهن جي وسعت ۽ افاديت جي ڪا انتها نه آهي؛ جنهن کي جاهل پنهنجي نادانيءَ جي ڪري ڪفر ۽ گمراهي ٿا سڏين_ ”جاهلانش ڪفر داند اَز خري!“_ غ . م . گ

بيت

 

لطف الله بدوي

اَڃا عقل واريون، تندون ڪين ڇنين،

ڪئن تو نانءُ ڳنين، تون عشق جي ارباب جو!

عشق جي ارباب جي، عامين ڪهڙي ڪَلَ،

تن جي جوش جنون وٽ، نه ڪا جهَل نه پَلَ،

وٽن هرَ مَهَلَ، سودو آهي سر جو!

سانگو رکي ساهه جو ۽ پتنگ چَوائي؟

وَهسي اَچي آگ ڏي، مَري ملهائي،

لقب ڪئن لائي؟ قابو قبيلي سان رَهي!

مارڳ جن ڇڏيو، سي توڙ پهتا ڪين ڪي،

تن ڏي ڪن نه ڏيو، جي اوجهڙ ۾ اٽڪي پيا!

مارڳ جن ڇڏيو، تن جا ٻئي جڳ ويا،

پائيندڙ پيا، وري موٽيا ڪين ڪي!

چوندي ڳالهه سچي، ڀَلي وڍجن هَٿ،

مرد نه ڦري ڳالهه کان، ڪري ڪين ڪَچي،

اهڙي در اچي، پڇ حقيقت حال جي!

ڪامل ڪاپڙين کان، پڇ حقيقت حال،

جن جي چائنٺ تي وڃي، دائم درد ڌمال،

لائق ڪو لڄ پال، نه ته اوندهه اٿي جو ڪندين!

ولهي:

ڪتيون ڪَر کَڻي، وري آيون مُند تي،

لڳي واءُ اُتر جي، اُڏرن پَن ڇَڻي،

توريءَ ڏکيا ڏينهڙا، ڄاڻي ٿو ڌَڻي،

هيڪل هڪ ڄَڻي، ساجن سانگ رهائيو!

اُڀاريو آيٿُ وَري، لڳي واءُ اُتر جي،

بڻي ڳالهه ڳَري، هيڪل گهارڻ وِلهه ۾َ!

 

ويڙهي وَسندي کي ڇڏي، تو منهن مٽايو ڇو؟

ديس ڇڏي پرديس ۾، وڃي ڪيئي واسو،

محرم آهه نه ڪو، جنهن کي قاصد ڪري موڪليان!

 

جڏهن تو ڇڏيو، وَسنو نه ويڙهي ۾ رهي،

اَچي اُڌمن جيءُ ۾، منهنجي ڪوٽ اَڏيو،

مون کي مهڻا ڏيو، وڃن پاڙي واريون!

 

هلي آءُ اَڱڻ، ڳِرَ لڳي ڳالهيون ڪريان،

راتو ڏينهان روح کي، توڏانهن آهي تَڻ،

تن جي هيءَ تَپَڻ، موران ماٺي ڪين ٿي!

 

هلي آءُ اڱڻ، ته منهنجو منهن مٿي ٿئي،

نيڻين ننڊ ڪرڻ هي، اوسيڙو نه ڏئي،

مري ۽ جِئي، تنهنجي ڪارڻ سپرين!

 

سائين سڪنديَن جو، پورو ڪَر سوال،

اڱڻ آسروند جي، اَچن اُهي شال،

آجي اجهڙوال، ڏسي ٿئي ڏيهه ۾.

Text Box: 39

 

ڏياچ:

 

ماري رکي مامُ، آيو ڏيهه ڏياچ جي،

ڪُلّ مَن عَلَيهَافَانِ جو، ڌري هٿ تي جام،

تنهن سخيءَ کي سلام، جو سَر ڏئي سَرهو ٿيو!

تُنبي جي تارُن ماريو مير نه هڏهين،

سخي شهادت کي سدا، ويٺا سُنڀارُن،

پلپل پُڪارن، ته ڪو منگتو آهي ملڪ ۾!

چارڻ چنگ کي چور، ته راضي ٿئي راءُ،

سورهيه کي سَماءُ، اڳهين تنهنجي سَين جو!

پَوي ٿو اڻڄاڻ، سدا هلاڪت ۾ اُهو،

موتي ۽ شيشي جو، يڪسان رکي ماڻ،

سخيءَ جي ساڃهه جو، ڇا جاجڪ ڄاڻي ڄاڻ،

ٻُوهي وجهي پاڻُ، ماريئين راءِ ڏياچ کي!

موٽي نه آيو منگتو، جهوناڳڙهه جهرُيو،

قضا ائين گهرَيو، وَس نه جاجڪ جو هُيو!

مارئي:

 وس نه منهنجو ڪو هيو، بيوس بند پيام،

قابو قيدالماءَ ڪئي، ڪوٽن منجهه قيام،

مارو مَنِ مدام، موٽي ملن ڪڏهين!

مون کي عمرڪوٽ ۾ اَچي ڪين قَرار،

اَلدّنيا سِجنِ المومنين، هتان وڃان هڪوار،

ته ٿريچن سان ٿَر ۾، کلي ڪريان کيڪار،

انهن کان هت ڌار، گنگهر گهاريان ڏينهڙا!

مون کي هت مُنجهائيو، مارن جي ميار،

وئي جمعيت جان مان، ڌرارن کان ڌار،

پائر وارن جي سدا، مون کي آهه پَچار،

مون وٽ ڪوهه قرار، اُڻ تڻ اَٿم ساه سان!

ڪوٽن منجهه زنجير، مون نه ڪڏهن کلئا،

هت به ساٿي ڪوٽ ۾، مارن جي اُڪير،

سيڻن ريءَ اَمير، سُرت نه اَچي ساهه کي!

هجن جي هتي، هُو سڱيڻا سامهون،

ته جيڪر اُنهن سان ڪريان، ويهي روح رَڄون،

منهنجون سڀ مندون، رئندي ويون ڪوٽ ۾!

سدا هتي سوءِ، مون کي ماروئڙنِ جي،

ماڻهو چون هوءَ، وَهسي عمرڪوٽ ۾.

سدا تند تنوار، مون کي ماروئڙن جي،

اُٻري آب اکين مان، رئان زار و زار،

ماڻهن ۾ پچار، وَهسي عمرڪوٽ ۾!

سسئي:

 ساجن رات ويو، سسئي جا هيءَ حال،

پڇي پئي پاڙي کان، ڏينهن ۾ گهڻا سال،

ٻُڌي هي سوال، رُئن ٿيون ريهان ڪري!

 

اڄ سُڀان جو آسرو، ويڳاڻي نه وڻي،

سندس منهن ملول مان، پئي ٿي رک ڇَڻي،

رئندي پيرَ کَڻي، واڪا ڪندي وَر ڏي!

 

نه ڪو خواب خيال، پنهون نيندو پاڻ سين.

ڪوهيارو ڪيچ ويو، هِت جيئڻ آهه جنجال،

Text Box: 41

 

ڀينر مون سين ڀال، جيڏيون جَت ڪري ويا!

 

ويڳاڻو ڀنڀور، آريءَ ريءَ نه وَڻي،

جَت اوتيم ٿي عنبير کي، اُت ٿي خاڪ ڇَڻي،

سرتيون هڪ ڄَڻي، سارا سير سُڃا ڪيا!

 

ڳالهيون ڳڻائتن جون، ويٺي روز ڪري،

جِئي ۽ مَري، آسروند اُڪير ۾!

حال ۽ قال:

مڻيا جن مٿي ۾، لڪا ڪين رهن،

واهر وهيڻا ڪينڪي، پنهنجي پَر پَهن،

سهمن ۽ سارهه لئي، قالون ڪين ڪُهن،

ڪوڙن ڪُريتن کان، توڙي سور سهن،

هيٺ مٿاهين کان لنگهي، واهڙ جان وَهن،

سي ٿا مانُ لهن، جن جو قال سڄوئي حال ٿيو.

 

جن جي قال قلب ۾، حاضر ناهي حال،

تن جي صحبت ساءَ جي، ڳال مڙيئي ڳال،

تن وٽ جذبي جوش جو، اَٺئي پهر آ ڪال،

ڪئن چوين لڄپال، جي لَڄ نه رکن عام جي!

 

جي حال ڇڏي پيا قال ۾، سي نه پهتا توڙ،

تن جون ٻڌي ڳالهيون، پاڻي ڪين ولوڙ،

وايون تن جون ويڳ ٿي، منهن کان موڙ،

تن وٽ جايون جوڙ، جن کي رس رهاڻ ۾!

 

انڌو ان سڄي کان، بهتر مانُ لهي،

پڇندو وڃي راهه کي، وڃي توڙ رسي،

جو اکين سان نه ڏسي، اوجهڙ ڏي سٽون ڪري.

آضم وارو:

آيل! اڄ آضم کان، کنوڻيون ٿيون چمڪن،

ڪڪر انهيءَ پار ڏي، گينور گوڙيون ڪن،

منهنجا نيڻ ٽمن، پروس ٿيس پرديس ۾!

 

اوسيڙو عجيب جو، مون کي راتو ڏينهن،

آڻي جنجل ۾ وڌو، جانب سندي نينهن،

شوَريو وتي شينهن، ماٺو ٿئي ڪينڪي.

 

بوقبيسون اُڀريو، ڪڪر ڪارونڀار،

صحرا ۾ ساهه پيو، ڏسي مينگهه مَلار،

سارنگ جي سينگار، رحمت آندي ملڪ تي!

 

مون کي ياد پيو، ساڙيهه ۽ سڄڻ،

ويٺو نهاريان سج جو، اُڀرڻ ۽ لَهڻ،

پَر ۾ پيو پچڻ، حال نه اورڻ جهڙو!

 

وٺي واٽ وڃـي، خامش هڪ انسان،

نميو نهارين اُن کي، کجوريون ۽ بان،

اُسروند جهانُ، نمايو نيڻ کڻي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com