سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1972ع

مضمون

صفحو :6

”منير“ سولنگي

ڪو ته راڻو ٿي ڏکن جي ڏيهه کي ڏوري ڏسي،

ڪو ته ساهڙ ٿي محبت جو سڳو سوري ڏسي.

هر ڳلي گرنار آ، هرجا ڏياچ آهن سوين،

پنهنجا سر ڏيندا اچي پر چنگ ڪو چوري ڏسي.

اڄ به سوري ٿي سڏي هت منهن ڏين منصور ڪي،

ڏاڍ ۽ بيدا جا راڪاس ڪو جهوري ڏسي.

منهنجو من ٿيو نينهن نگري، ڪاڪ ڪنڌي ڪين آهه،

ڪو اچي مومل مٺُو، ڀَل حال دل اوري ڏسي.

تنهنجو آهيان تنهنجو رهندس، تنهنجو ٿا ڪوٺن ”منير“،

مون جيان تنهنجي مٿان بيو جان ڪو گهوري ڏسي.

”آرزو“ سنڌي

درد دل ۾ غريبن لاءِ ڌاري هلو،

واڳ گڏجي وطن جي ته واري هلو.

آهه هر چيز کان ملڪ مون کي مِٺو،

هر ملان پير کي اڄ پُڪاري هلو.

ڀل ته ملان ڏين کوڙ قسمون کڻي،

ڌاريا ڌرتتيءَ جا ڌڪاري هلو.

هِر کجي ٿي جي دل اڄ ڏسي حسن کي،

دل اڻانگي ديواني ڌُتاري هلو.

هاڻ هيڻا نه ٿيو ناهه منزل پري،

وِک واري هلو ِکّ واري هلو.

ڍُڪ جنهن جو ڏئي جوش جذبوگهڻو،

جام اهڙا جوانو! پياري هلو.

سور هيڏا سَٺا ماءُ جيجل اڙي،

ڪا ته غيرت اندر ۾ اٿاري هلو.

”ارزو“ ڪار کي دل اڻانگيءَ کي،

ڪوڙ ڪِيني حسد کان اجاري هلو.

”بيوس“ بازيد پوري

لڏي هن دنيا مان ويا ڪهڙا ڪهڙا،

سُتا ڪهڙا ۽ جاڳيا ڪهڙا ڪهڙا.

ڪري قول جي ڪالهه آياسون يارو،

انهن مان اسان پاريا ڪهڙا ڪهڙا.

چيو شاه سچ ننڊ آهي نڀاڳي،

ندوريءَ نهوڙي نيا ڪهڙا ڪهڙا.

ڪري ننڊ مومل به راڻو رُسايو،

پري پرت وارا ٿيا ڪهڙا ڪهڙا.

نه ڏي ڏوهه ڏيرن ڪَچا ڪيچي ڪونهن،

سسي، ساٺ تو ساٺيا ڪهڙا ڪهڙا.

مَين جون مهارون نڌر نت ٻَڌين ها،

هجن ها ڀلي اوٺيا ڪهڙا ڪهڙا.

وڃائي هٿان هوتُ ٿي هيڪلي پو،

چوين مست مهري ميا ڪهرا ڪهرا.

”وَڇون جاڳندن جون، سُتن جا ته ڪونهان“

پهاڪا سياڻن چيا ڪهڙا ڪهڙا.

چيو عشق کي نانگ آهي سياڻن،

گهڻا گهوٽ هن گهائيا ڪهڙا ڪهڙا.

عجب گفتگو يار شيرين زبان اڄ،

سڄڻ سي اکين ساريا ڪهڙا ڪهڙا.

قطعا

شبير ”هاتف“

(1)

مون سندئي موهڻي مورت تي ٽِڪايون اکيون،

هڪ گهڙيءَ لاءِ اکين ساڻ ملايون اکيون؛

جهڙو تون پاڻ، حياتي ٿي لڳي اهڙي حسين،

تو جڏهن مرڪي ۽ شرمائي جهڪايون اکيون.

(2)

تو جِئين شال! جِئن دل ۾ تشريف فرمائي آهي،

منهنجي هر آس ۾ تنهنجي عارض جي رعنائي آهي؛

آرزوئن اُميدن ته ايڏيون ڪيون گلفشانيون،

موسمِ گل به اڪثر ڪري مونکان شرمائي آهي.

(3)

مئي به آهي هزار قسمن جي،

۽ پيڻ جو حساب ئي ڪونهي؛

تو جا نيڻن منجهان پياري هئي،

تَنهن جو سهڻا جواب ئي ڪونهي.

(4)

تو نشيلي نگاهن سان ڪجهه هو پياريو،

آءٌ هڪ مستيءَ جاودان ۾ جيان پيو؛

تو زمانو ٿيو مون ڏانهن مرڪي نهاريو،

آءٌ اڄ تائين گل جئن کلان پيو ٽڙان پيو.

”سليم“ ڳاڙهوي

ڏينهن مان رات بنائڻ آسان،

رات مان ڏينهن بنائي ڪوئي!

ڇو نه الفت جا ڦُٽن گل ٻوٽا،

مهر جو مينهن وسائي ڪوئي.

راه جا رند چِٽا ٿي ويندا،

ٻاٽ ۾ لاٽ جلائي ڪوئي.

لوڻ زخمن تي لڳائڻ وارو!

ٿوري مرهم به لڳائي ڪوئي.

انتظار آهه يا ٽانڊا آهن،

آگ اکين جي وِسائي ڪوئي!

سور اڄ دل ۾ سوايو آهي،

ويڄ منهنجي کي سڻائي ڪوئي.

آس ۽ ياس جي وچ ۾ آهيون،

دست رحمت جو وڌائي ڪوئي!

”نشتر“ ناٿنشاهي

(1)

لڙي پيس شام سان ذوقِ سحر ۾،

ائين مون انقلابِ زندگي آندو؛

نسيمِ صبح سستي جو سبب ٿي پئي،

عذابِ شام احساسِ خوشي آندو.

(2)

توکي سڏيون بارگاهِ حسن ٿا،

توکي جلون جي خدائي ٿا سڏيون؛

تون ته ڄڻ معبود آهين، جو اسان،

صد عقيدت ساڻ سجدا ٿا ڪريون.

(3)

انسان کي انسان ملي يا نه ملي،

سر ساهه جو جيئدان ملي يا نه ملي؛

رخ پنهنجو بيابان ۽ صحرا ڏي ٿيو،

ڪو چاڪ گريبان ملي يا نه ملي.

(4)

رهي ٿو فخر ڪيڏو مهه جبينن کي،

چُٽن ٿا روبرو عاشق جي سينن کي؛

خدا جو سنهن: خبر پئجي وڃي ”نشتر“،

پوي جي دل جلين سان ڪم حسينن کي.

”وقار“ ناٿنشاهي

(1)

گُلپوش بهارن ۾، رنگين نظارن ۾،

سُهڻن جي قطارن ۾، خاموش اشارن ۾؛

نيڻن جي نهارن ۾، ڇا مُرڪ سنواري تو،

اهڙي ٿي لڳين ڳوري! ڄڻ چنڊ، ستارن ۾.

(2)

سوچيان ٿو حقيقت هُئي، يا چنڊ فسانا ها؟

محبوب هُيو ڀر ۾، جذبات توانا ها؛

مسحور ڪرڻ وارا، جي وقت هُئا پنهنجي،

سي ڀي ته اسان وارا، محبوب زمانا ها.

(3)

سينگار پيا ٿيندا، ديدار پيا ٿيندا،

هر وقت جي جهوليءَ ۾ ڪي پيار پيا ٿيندا؛

فناڪر پيا لکندا، راڳي پيا ڳائيندا،

هر دور ۾ مون پارا نروار پيا ٿيندا.

(4)

آغاز ڪيو جاٿي، انجام ڪري ويهو،

هر وار رقيبن جو ناڪام ڪري ويهو؛

غُربت سان، اميريءَ سان اِقرار ڪجو پُورا،

الفت کي متان يارو! بدنام ڪري ويهو.

غلام سرور ”سرور“ ٻگهيو

(1)

ڪوشش ۽ ڪاوش ۾ ڪوتاهي ڪرڻ،

بزدلن ۽ ڪاهلن جو آهه ڪم؛

همتن سان راهه مان ڏونگر هٽاءِ،

پنهنجي منزل تي تون پهچائج قدم.

(2)

منزلِ مقصود تي پهچڻ جي لئه،

سور سختيون سر تي سَهڻا ٿا پون؛

نا اميدي ۽ ٿي مايوسي گناهه،

راهه ۾ ڪنڊا نه روڪي ٿا سگهن.

(3)

غم نه ڪر ڏک ٿيا دفع آهي يقين،

ويندا مشڪل جلد سڀ آسان ٿي؛

تنهنجي گهر روشن رهي حق جو چراغ،

ساڻي ”سرور“ آهه تون شادان ٿي.

رباعيون

عبدالله ”خواب“

(1)

راتين جي رهاڻين جون ڪي رمزون سمجهو،

ڏينهن جي اشارن جا ڪي اهڃاڻ پڙهو؛

بي وقت جي ڳائي نه ڪريو وقت خراب،

ڪي وقت جي سُرتار جا انداز سِکو.

(2)

هستيءَ جي سندءِ ماجرا مکڙي ڇاهي،

هڪ گهڙيءَ لاءِ ڇو مُرڪيو ٿي وڃين ڪومائي؛

مشڪي ڏني مکڙيءَ هي وراني مونکي،

هڪ مُرڪ جو موقعو به غنيمت آهي.

(3)

اُميد جي غنچي کي ٽڙڻ ڏي ته سهي،

جو رئندو اچي، تنهن کي کلڻ ڏي ته سهي؛

پرواني چيو شمع کي اي جانِ ازل،

مون خاڪ کي تون نورُ ٿيڻ ڏي ته سهي.

(4)

نظرن جي کنوڻ سان ٿا ڏيا دل جا ٻرن،

پروانا نگاهن جا سلامي ٿا ڏين؛

ٿا عشق جا اسرار کُلن حسن مٿي،

يوسف ۽ زليخا ڏسو لائون ٿا لهن.

(5)

ٽهڪن جي ٿي گجگوڙ ته نظرن جي کنوڻ ٿي،

مُرڪڻ جي وسي بوند ته مکڙي ٽڙي هن جي؛

اکٻوٽ ڏٺم چنڊ جي، زلفن جي ڪڪر مان،

ظلمات جي ڄڻ نور ۾ آباد ٿي بستي!

(6)

فطرت جي مطالع لئه جهانن کي گهمي ڏس،

نڪتن جا ثمر ذهن جي شاخن مان لهي ڏس؛

موتي ٿا ملن معنيٰ جا سيني جي صدف مان،

ڪيئن ڪوزي ۾ دريا پوي، شاعر کان پڇي ڏس.

نيون طرزون

”وفا“ ناٿنشاهي                        ]هائيڪا

*

ڀُوليل ڪهڙو وس،

لَٽي ويو ڪو ڇيڳرو،

تُنهجي گهر جو گس.

*

سُهڻيءَ ٽنگ نه ٻانهن،

ڏيندس ڏينهن قيام جي،

دريا تو تي دانهن

*

هيءَ ڪهڙي ويڌن،

ڀال ٿين ڀورن مٿان،

ڏاها ڏکّ ڏسن.

*

لوڻي منجهه لپاٽ،

جهڙي راهه نهاريان،

تنهنجي گهر جي واٽ.

*

هي ڪهڙو انڌيرُ،

هر پڃري م ٻڪري،

هر ڪلّي سان شيرُ.

*

روز نرالو ويسُ،

پارو تنهنجي جُستجو،

پٿر تنهنجو ديس.

*

اُونڌو ٽنگيل مان،

توکان وڌِ ڇِرڪان پيو،

تنهنجي پاڇي کان.

*

شاعر جو اُڀياسُ،

هر ماڻهوءَ سان دوستي،

هر ماڻهوءَ جو پاسُ.

 

مثنوي (مارئي)

مولوي عبداللطيف ولد قاضي احمد، ويٺل ڳوٺ لليا، تعلقومورو،

(علامه مولانا غلام محمد ملڪاڻي صاحب جو شاگرد رشيد)

 

ڪريان حمد حنان هاديءَ سندو، مارن ساڻ ميلو مون قادر ڪندو.

اچي هِت عمرڪوٽ ۾ قيد ٿيس، ويڙيچن جي ويچار ماري وِڌيس.

مارو مير مختار محشر جا مَل، پيان پلر اُن جي هٿان هر مهل.

پون پور پلپل مٺي مير جا، پهنوارن سندي پير منگير جا.

عمرڪوٽ ۾ امر قيدي ڪيو، قلم جو قضا جو ائين ئي وهيو.

ويڙيچن بنان مان ويڳاڻي وتان، ڏکن ۾ ڏکويل نماڻي وتان.

ڇڏيم ڏينهن ڇنڇر جي مارن مڪاڻ، پاڙيچن پهنوارن جا ويا مون وٿاڻ.

اپر ڏينهن آچر پيس مان پري، قضا جي قلم قيد قابو ڪري.

سندي ڏينهن سومر مون ڏورڻ ٿيو، لکيو لوح جو نيٺ لوڙڻ پيو.

روئان رت ڦڙا ڏينهن اڱاري اکين، پهنوارن سندا پور پلپل پَون.

اچي ڏينهن اربع ٿيس مان اسير، نه ڏوٿي ڏسان ٿي نه مارو ملير.

گهڻو ڏينهن خميس تي آيو اهنج، جهڄڻ جهوري ۽ ٻيو ريهاڙو ۽ رنج.

جمع ڏينهن جلدي ويا جيرا جلي، پرين کان پيس مان هتي هيڪلي.

جمع ڏينهن جلدي ويا جيرا جلي، پرين کان پيس مان هتي هيڪلي.

پيم رات پهرين جدائي سندي، ٿئي ڪانه شل مون جِيان ڪا بندي.

ٻري رات ٻيءَ جي اندر آڳ مون، سوين سور ٿيڙا سفر سانگ مون.

اندر محل ماڙين نه ٽِينءَ مان ٽِڪان، پکن لئه پهنوارن سِڪيو ٿي سِڪان.

چوٿين رات پرڀات تائين تمام، سهيلين سوا ٿي مون ڪاري قيام.

پنجين رات مون تات سانگين سندي، بنان مَنهه مارن جي مان ڪيئن ڪندي.

ڇڄِي ڇهه پيا مون ڇهين رات ۾، ٿيو ساهه سختيءَ جي سڪرات ۾.

سنڀاليم ستين رات سانگي سويل، ڪيَم وايء ويلا ڪيَم وايء ويل.

اٺين ڪونه اوٺي اوڏهون آئيو، جَنهين ساڻ مون آ جنم جاليو.

اکين مان اچي آب نائينءَ نَيو، بادل جيان ڀِڄي جيئن کِنوڻين کَنيو.

ڏٺم ڪونه ڏوٿي ڏهين رات ٿي، پِٽيندي ڪٽيندي مون پرڀات ٿي.

اُڪاسيام يارهين اباڻن اوطاق، ڪيو قيد قابو اندر طاق طاق.

هِنيو رات ٻارهين فراقن ڦٽيو، مارن آهه مون کان ڇو منهنڙو مٽيو.

تکا تير مون رات تيرهين لڳا، عمر جي ڪيا آڇ مون کي وڳا.

چوڏهين رات  چاڪن اچي چوريو، اباڻن سندو مون اچي پور پيو.

پچارون پهنوارن ٿي پندرهين ڪيون، چڱيون محل ماڙيون سي مارئي وڻيون.

سانگي جي اچي حال سورهين سن، ته مهڻا ۽ طعنا نه هرگز ڏين،

سهيلين ڪئي رات سترهين صلاح، پيا پيٽ مارئي جي پاپڙ پلاء.

اباڻا جي ارڙهين پسن حال هي، ڏوراپا نه ڏين هوند مارو مونکي.

اباڻن جا اڻويهين ڏني آ بدي، عمر ساڻ مارئي ڪا لاوان لڌي.

قسم آهه واحد جو ويهين اديون، عمر سان نه اصلئون مون لائون لڌيون.

ايڪهين رات آيو ڏوراپو ڏوٿين، هجئي حيف مارئي وساريئي وطن.

مارو جي منهنجي آه ٻاويهين ٻڌن، وساري نه مون آهه حب الوطن.

ٽمن نيڻ ٽيويهين ٽهه ٽهه  ڪيو، مارن ڪاڻ من منهنجو ماندو ٿيو.

چُرن چاڪ چوويهين ٻارڻ ٻريو، ڏٺي ڏينهن ٿيئڙا ٿيم چت چريو.

ٿڌن ٿوهرن جي مون پنجويهين پياس، ملڻ ڪان مارن جي آهيان اداس.

ڇويهين وڃي شال مارن ملان، سڀئي سور سختيون مان سرتين سلان،

سنڀاليم ستاويهين سانگي سڳر، پري جا پيس مان ندوري نڌر.

اٺاويهين آهي هيڻو حال مون، ڪيو آهه قادر ڪهڙو ڪال مون.

اپر اوڻٽيهين مونکي ٿيو اندوهه، لکيو لوح جو آهه مون ڪاڻ لوهه.

نه ٽيهين ٽڪان هت عمرڪوٽ ۾، وڃان شل وري مان پنهنجي ڳوٺ ۾.

گذاريم سڄو ماه ماتم ڪندي، ڏٺم ڪونه ڏوٿي اوڏهون ايندي.

اجهو عاصين جو محمد آئيو، ڪندو ڪاهلن تي سڄڻ سائيو،

اٻوجهو ۽ عاجز هي ’عبداللطيف‘، اياڻو نماڻو نڌر ۽ نحيف.

مارن ساڻ مليو انهن جو ٿيو،

جني پاڪ ڪلمو قلب سان پڙهيو.

]موڪليندڙ: حافظ محمد ”احسن“ چنا[

افسانا


سمورو فن تخليقي آهي، ۽ ”ادب“- جو پڻ هڪ مڪمل فن آهي. انتهائي طرح تخليقي آهي. ادب پنهنجن پرستارن کي شين کي اونهي جاچڻ لاءِ هڪ ڇهين حِس عطا ڪري ٿو. اهو ’هتان‘ ۽ ’هتان کان اڳتي‘ جي وچ ۾ هڪ پُل مثال آهي. اها هڪ اهڙي ڏاڪڻ آهي، جنهن جي ذريعي اسين شين جي ڏٺل وائٺل دنيا مان روح جي غيررواجي ۽ اڻ ڏٺل دنيا ۾ وڃي ٿا پهچون. انهيءَ مفهوم مطابق ئي ادب جي مطالعي ڪرڻ ۽ ان مان لطف اندوز ٿيڻ سان انسانذات کي پنهنجيءَ وحدت جو احساس ٿيڻ لڳندو. جڏهن آءٌ چيني، جپاني ۽ هندي ادب مان اوتروئي لطف اندوز ٿيان ٿو جيترو پنهنجي ادب مان، ته اها حقيقت ثابت ٿي ڪري ته سموري انسانذات هڪ آهي، ۽ اهي فرق، جيڪي انسانذات جي هڪ گروه کي ٻئي گروه کان مختلف ڪن ٿا، سي فرق حقيقي نه آهن. ساڳيءَ طرح، اها حقيقت ته رومن ۽ يوناني ادب منجهان به مون کي اهڙو ئي لطف ملي ٿو جهڙو جديد ادب منجهان، ڏيکاري ٿي ته منهنجي ۽ انسانذات جي اُنهن قديم ابن- ڏاڏن جي وچ ۾ هڪ روحاني رشتو آهي، ۽ اسين، جيڪي هنن جوئي اولاد آهيون، ساڻن احساس جي وحدت ۾ ڳنڍيا پيا آهيون. انهيءَ ڪري عالمگير ادب پڙهڻ سان دنيا جي مختلف قوميتن ۽ تهذيبن جا نمائندا اهو محسوس ڪري سگهن ٿا ته سموري انسانذات هڪ آهي، ۽ هي جي فاصلي ۽ وقت جون سرحدون ۽ رنڊڪون آهن، سي ڪي آمٽ ڪينهن، بلڪ انهن حدن ۽ رنڊڪن کي سندن عظيم ادبين جي شاهڪارن جي همدردانه مطالعي ۽ اڀياس سان سولائيءَ سان هٽائي سگهجي ٿو.“

- اي.ڪي. بروهي

نجم عباسي

توکي مُرڪندو ڏسان

اوچتو هڪ ڏينهن لالي گُم ٿي ويئي.

مون هن جو نالو ”انٽرنيشنل معشوق“ رکيو هو. جڏهن مون کي پنج-ماڙ هاسٽل جي اولهه واري  بلاڪ ۾ ڪمرو مليو، ۽ مان بالڪنيءَ ۾ بيهي آسپاس جي دنيا جو ديدار ڪري رهيو هوس، ان وقت منهنجي نظر هيٺ هڪڙي ڪَچي گهر جي اڱڻ ۾ بيٺل ڇوڪريءءَ تي وڃي پيئي. هن جي عمر سورهن-سترهن سال مَس هوندي. هوءَ ڦوهه جوانيءَ ۾ هئي ۽ هن جو انگ انگ جوڀن وچان جَرڪي رهيو هو... هوءَ مون ڏانهن گهوري نهاري رهي هئي، مشڪي رهي هئي ۽ منهنجي ڏسندي ڏسندي هڪ ملٽري سئليوٽ (سلام) به ڪري ورتائين، ۽ هٿ سان ائين اشارو ڪرڻ لڳي، ڄڻ ته  پڇيائين ٿي ته خوش چڱو ڀلو ته آهين نه، ٻيو ته مڙئي خير آهي!

منهنجون واڇون ٽِڙي ويون ۽ بي اختيار چهري تي مسڪراهٽ ناچ ڪرڻ لڳي. هر نوجوان وانگر هڪدم خوشفهميءَ ۾ مبتلا ٿي ويس. مون کي پنهنجي حسن تي ناز ٿيڻ لڳو ته ڪيئن نه منهنجو حسن عورتن کي بنان دير جي گهائل ۽ مائل ڪري ٿو وجهي. مون سمجهيو ته لَوِ ائٽ فرسٽ سائيٽ (پهرين نطر ۾ ئي عشق) جو جيئرو جاڳندو مثال قائم ڪيو اٿم. هن هيترن نو عمر شاگردن ۾ جو منهنجو انتخاب ڪيو آهي، ان ۾ به ڪو راز ته آهي!

پر لاليءَ (اهوئي سندس نالو هو) مونکي گهڻو وقت ان خوشفهميءَ ۾ مبتلا رهڻ نه ڏنو. آءٌ اڃا انهيءَ روحاني لذت مان لطف ماڻي رهيو هوس ته هن کي وري سلام ڪندي ڏٺم. مگر هن دفعي هن جو رُخ ڪنهن ٻيءَ بالڪنيءَ طرف هو. مون نِوِڙي ڏٺو، هوءَ سعيد احمد کي سلام ڪري رهي هئي. هو به هن سان ڏند ٽيڙي، اشاري بازي ڪري رهيو هو.

اندر جلي ويم، رقابت جي آگ ڀڙڪڻ لڳي، منهنجو سارو غرور غائب ٿي ويو، ۽ منهنجا بنايل هوائي قلعا هڪ لحظي ۾ لَٽجي ويا.

الاهي بخش ٻاهر بالڪنيءَ ۾ نڪتو ته وري هن سان نخرا ڪرڻ لڳي. مون کي قصو ڪجهه عجيب ۽ واهيات نظر اچڻ لڳو ۽ غصو پڻ سخت اچي رهيو هوم. (خبر نه اهي ته ڪنهن تي ۽ ڇو؟)

نهايت  دلچسپ معاملو هو. لالي سڀني شاگردن جي هئي ۽ سڀ شاگرد لاليءَ جا هئا. جو به هن ڏانهن نهاريندو هو (جيڪڏهن ڪو ڏانهنس نه نهاريندو هو ته پوءِ هوءَ پاڻ ڪنهن نه ڪنهن نموني هن جو ڌيان ڇڪائيندي هئي) يا هن سان حرڪت ڪندو هو ته هوءَ به فراخدليءَ سان ان جو جواب ڏيندي هئي. ڪڏهن هوءَ ويچارا ڪڍندي هئي، ڪڏهن آهستي آهستي راڳ جهونگارڻ لڳندي هئي، ڪڏهن چپن ئي چپن ۾ الائي ڇا بڙبڙ ڪري مصنوعي غصي جو مظاهرو ڪندي هئي، ناچ ڪري ڏيکاريندي هئي، آرسي سامهون جهلي بيهندي هئي يا ان سان اولو ڪندي هئي يا ڪنهن اخبار مان ڪٽيل مورت ڏيکاريندي هئي. هوءَ گهر جو ڪم ڪار (صفائي ڪرڻ، ٿانوَ ٿپا ملڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، کاڌو پچائڻ وغيره) به برابر ڪندي رهندي هئي ۽ بالڪنين ۾ بيٺلن سان به مُنهن ڏيندي رهندي هئي.

هوءَ ڪافيءَ کان زياده معصوم هئي، جهڙو بي سمجهه ٻار. نوجوان شاگردن کي نهاريندو ڏسي، هوءَ ايترو خوسيءَ ۾ ڀرجي ويندي هئي جيترو ننڍو ٻار نئين رانديڪي کي ڏسي.

سچ پچ ته لالي اسان واسطي هڪ وڏي وندر هئي. جڏهن ڪتاب پڙهي پڙهي ڪَڪ ٿيندا هئاسين ته اچي بالڪنيءَ ۾ بيهندا هئاسين. جيڪڏهن لالي پنهنجي گهر جي پڌر ۾ نه هوندي هئي ته اسين ڪنهن جونالو پڪاري آواز ڪندا هئاسون ”اوفلاڻا“ ۽ لالي ٻاهر ايندي هئي. هوءَ به اسان جا اهي اشارا ڄاڻندي هئي. اهڙيءَ ريت بيمارين ۽ دوائن جي ڪتابي دنيا مان نڪري اچي صحت ۽ سونهن، مسڪراهٽن ۽ معصوميت جي فرحتي فضا ماڻيندا هئاسين. انهن ڳالهين ڪري ئي مون هن کي ”انٽرنيشنل معشوق“ جو لقب ڏنو هو.

شام جو بالڪنين ۾ رونق لڳي ويندي هئي. جيڪي شاگرد راندين ۾ بهرو وٺڻ يا شهر گهمڻ نه ويندا هئا سي ٻاهر بالڪنين ۾ نڪري ايندا هئا. ڪي ڪرسيون ڪڍي ويهندا هئا ۽ ڪي ريڊيا ٻاهر رکي، ان جو آواز بلند ڪري ڇڏيندا هئا. پوءِ لاليءَ سان مستيون پيون ٿينديون هيون. هوءَ پنهنجي اڱڻ ۾ نڪري ايندي هئي ۽ ڪم ڪار ڪندي هئي يا ويهي رهندي هئي.

ڪي ڇوڪرا شيون وٺي پاڻ وٽ رکندا هئا ۽ ان مهل لاليءَ جي آڏو هن جي پڌر ۾ اڇلڻ شروع ڪندا هئا. اهي شيون گهڻو ڪري کائڻ جون هونديون هيون، خاص ڪري کٽمٺڙا ۽ بسڪوٽ.

اهو به ڏاڍو مزيدار ڏيک هوندو هو. لالي هڪ هنڌ ويٺي هوندي هئي يا بيهي رهندي ۽ ڇوڪرا جدا جدا بالڪنين مان، جدا جدا طرفن کان هڪ-هڪ ڪري کٽمٺڙا اڇلائيندا ويندا هئا. بلڪل ائين، جيئن مداري کيل ختم ڪرڻ کانپوءِ، وچ ميڙ ۾ چادر وڇائيندو آهي ۽ ان تي ماڻهو ڏوڪڙ اڇلائيندا ويندا آهن.

اڇلائڻ وقت هرڪو ڇوڪرو ڪونه ڪو رومانوي ۽ محبت ڀريو لفظ يا جملو به چوندو ويندو هو: ”اچئي ٿو منهنجي پيار جو نذرانو.“، ”تون به هن ٽافيءَ جهڙي مٺي آهين.“، ”اڏامي وڃي تون پياريءَ جي چپن سان لڳ.“ ”جيڪر مان به کٽمٺڙو هجان ها.“ ”تنهنجي مرڪ تان قربان.“ وغيره.

لالي هڪ خاص انداز سان کٽمٺڙن کي ڏسندي هئي، ۽ اڇلائيندڙ ڏي ڏسي مرڪندي هئي. هن جي مرڪ ڏاڍي پياري ۽ دلڪش هوندي هئي، ڄڻ ته وايومنڊل ۾ هڪ ئي وقت هزارين- لکين مکڙيون ٽڙي پونديون هيون. هن جي مرڪ اندر ۾ اهڙي مٺڙي احساس کي جنم ڏيندي هئي، جو مرڪ جي مالڪياڻيءَ کي، دنيا جهان کان بي نياز ٿي، سيني سان لڳائڻ لاءِ دل تڙڦي اٿندي هئي.

پوءِ جڏهن ڇوڪرا سيون اڇلائڻ بند ڪندا هئا، لالي اهي ميڙي گڏ ڪندي هئي ۽ شڪريي مڃڻ طور سلام ڪندي هئي.

ڪن موقعن تي هڪ-ٻن شاگردن سرخيءَ جي شيشي، ڪنن جون واليون، پائوڊر جي دٻي وغيره جهڙيون شيون اڇلايون. لاليءَ پهرين ٻانهون ٻڌي ڄڻ معافي ورتي ته هي شيون مان پاڻ وٽ رکي نٿي سگهان، ۽ پوءِ اهي شيون ڀت کان ٻاهر رستي تي اڇلائي ڇڏيائين.

مهينن جا مهينا ائين ٿيندو رهيو، پر مون ڪڏهن به ڪونه ڏٺو ته لاليءَ ڪنهن ڇوڪري سان سڌي گفتگو ڪئي هجي يا سوال جواب ۾ ڳالهايو هجي. سڀ مستيون اشارن ۽ اڻسڌن واڪن ذريعي ٿينديون هيون.

جنهن ڏينهن هن کي مٿي تي ڀنڊي ٻڌل هوندي هئي، ان ڏينهن اسين سمجهي ويندا هئاسين ته هوءَ بيمار آهي. جو به ڇوڪرو هن کي پهرين اهڙي حالت ۾ ڏسندو هو، ته هٿ جي اشاري سان هن کان پڇندو هو ته ڇا ٿيو آهي؟

لاليءَ کي ڄاڻ هئي ته هي ڇوڪرا ڊاڪٽري ٿا پڙهن، پوءِ هوءَ هٿن جي اشاري سان پنهنجو مرض ٻڌائيندي هئي. جي ڪڻس هوندي هيس ته نبض ڏسڻ وانگر پنهنجي ٻانهن تي هٿ رکندي هئي. مٿي ۾ سور هوندو هوس ته مٿي ڏانهن آڱر سان اشارو ڪندي هئي. مٿي ۾ ڦيريءَ جي حالت ۾ مٿي تي آڱر رکي هٿ ڦيرائي ڏيکاريندي هئي. پيٽ ۾ سور هوندو هوس ته پيٽ تي هٿ رکي بيهندي هئي. دست هوندا هئس ته پيٽ تي هٿ رکي، پوءِ هٿ هيٺ زمين ڏانهن ڇنڊيندي هئي. کنگهه هوندي هئس ته کنگهي ڏيکاريندي هئي.

اشاري مان بيماري سمجهي پوءِ ڇوڪرو، جي کيس ڪا دوا سُجهندي هئي، نه ته ٻين سان مشورو ڪري، اها دوا پاڻ وٽان يا ٻئي ڪنهن شاگرد وٽان، نه ته ڊوڙ پائي بازار مان وڃي وٺي ايندو هو. پوءِ اها ڪاڳر ۾ ويڙهي، بالڪنيءَ مان لاليءَ جي پڌر ۾ اڇلائيندو هو. لالي مٿي نهاريندي هئي، ۽ هو آڱرين جي اشارن سان هن کي دوا جو وزن سمجهائيندو هو ته هڪ گولي ٽي دفعا يا ٻه ٽڪيون ٽي دفعا. ان تي لالي هٿ لوڏي ۽ مرڪي شڪريو ادا ڪندي هئي. اهائي دل  لڀائيندڙ مرڪ. دوا ڏيندڙ جي دل بهار بهار ٿي ويندي هئي. ٻنهي کي پنهنجي پنهنجي درد جي دوا ملي ويندي هئي. ٻيئي ساڳئي وقت هڪٻئي لاءِ ڊاڪٽر به هئا ۽ بيمار به!

هن جي گهر ۾ فقط ٻه ڀاتي هئا، هڪ پاڻ ۽ ٻيو سندس مڙس. هن جو مڙس پنجيتاليهن ورهين جو پوڙهو هو، ۽ اهائي لاليءَ جي حياتيءَ جي وڏي ٽريجڊي هئي.

پوڙهي کي شهر ۾ پان جو دڪان هو. هو سارو ڏينهن گهر مان غير حاضر رهندو هو هو موالي هو ۽ چرس جام پيئندو هو. جيترا لاليءَ ۾ ڦڙتائي ۽ زنده دليءَ جا اهڃاڻ هئا، اوتروئي سندس مڙس ڪند ذهن، چُرندڙ پُرندڙ بوتو ۽ زندگيءَ کان خالي نطر ايندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com