سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1972ع

مضمون

صفحو :12

”نرسيءَ جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. ڪاوڙ ۾ ڏڪندي چيائين: ”واهيات ۽ ذليل دين منهنجو آهي يا تنهنجو، اهو تنهنجو ئي دين آهي جنهن ۾ انسان کي ايتري به آزادي ڪانهي ته هو پنهنجي خانداني ڌنڌي کي ڇڏي پنهنجي مرضيءَ جو ڌنڌو اختيار ڪري سگهي. تنهنجي دين ته انسانن کي طبقن ۽ رسمن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. اهو سڀ فطرت جي خلاف آهي ۽ جيڪي به ڪجهه فطرت جي خلاف آهي تنهن کي نيٺ جلد يا دير سان ختم ٿيڻو آهي. تنهنجو دين به ختم ٿيڻ تي آهي.“

گلنار آخري فيصلو ڪندي چيو، ”۽ ان سان گڏ مان به مرڻ قبول ڪنديس پر مذدڪيت قبول نه ڪنديس.“

”تنهنجي مرضي!“ نرسي هن کان ائين الڳ ٿي ويو ڄڻ گلنار سان ڪڏهن ڄاڻ سڃاڻ ئي ڪانه هيس. گلنار کي ان بيرخيءَ تي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. هن هيٺئين چپ کي چَڪ هڻندي چيو: ”بيوفا، ذليل انسان!“

ان ڏينهن کان پوءِ نرسي گلنار کان پري ٿيندو ويو. جيڪڏهن ڪنهن وقت هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا ٿي ته هو منهن ڦيري هليو ويندو هو. گلنار کي شروع شروع ۾ نرسيءَ جي ان هلت تي پيڙا محسوس ٿيندي هئي، پر پوءِ هوءَ آهستي آهستي ان بيرخيءَ تي هري وئي. گلنار جو پيءُ ذيشان به نرسيءَ جي ان تبديليءَ کي گهڻي وقت کان جاچي رهيو هو. هن کي معلوم ٿي چڪو هو ته نرسي مزدڪي بنجي ويو آهي. هن چاهيو ٿي ته ان بيدينيءَ ۽ بدعت کي خودگلنار روڪي. هن جي خيال ۾ ان گمراهيءَ کي فقط گلنار جي محبت ئي ختم ڪري سگهي ٿي. پر جڏهن هن ڏٺو ته ٻنهي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي پيئي آهي ۽ گلنار اُداس ۽ خاموش رهڻ لڳي آهي، تڏهن هو ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو. هڪ ڏينهن هن گلنار کي سڏي چيو، ”ڇا ڳالهه آهي گلنار ڇا نرسي به هاڻ مزدڪيت ڏانهن مائل ٿي ويو آهي؟“

”ها“، گلنار روئڻهارڪي ٿي چيو ”هو چوي ٿو ته مان مزدڪيت کي ڇڏي نٿو سگهان.“

”پر تو هن کي اهو ڪونه ٻڌايو ته جيڪڏهن هو ان بدعت کان پري نه ٿيو ته کيس تو تان هٿ کڻڻو پوندو.“

”مون هن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ۽ هن اهو فيصلو خوشيءَ سان قبول ڪري ورتو آهي.“ هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.

”اهو ته ڏاڍو خراب ٿيو.“ ذيشان وڌيڪ ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو، ”اسان کي هاڻي مزدڪيت خلاف ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو ئي پوندو.“

گلنار ڪو به جواب ڪونه ڏنو. هن جون اکيون پنهنجيءَ منڊيءَ تي کتل هيون.

ذيشان هن کان پڇيو: ”تون آتشڪدي ۾ روز ڇو ٿي وڃين؟“

گلنار دک ڀريل آواز ۾ وراڻيو: ”مان آذر (مقدس باهه) کان اها دعا گهرن ٿي وڃان ته هو نرسيءَ جي من ۾ ڦيرو آڻي جيئن هو سنئين راهه تي اچي.“

ان بعد گلنار روزانو آتشڪدي ۾ وڃڻ لڳي. پوءِ هڪڙي ڏينهن هن ڏٺو ته آتشڪدي ۾ توسيع جو ڪم ٿي رهيو آهي ۽ هن خوشنواز کي به ڏٺو هو، جيڪو ان ڪم جي نگراني ڪري رهيو هو. جڏهن خوشنواز آتشڪدي جي اندر هن سان اچي ڳالهايو تڏهن گلنار کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، پر پوءِ هن تي رحم اچڻ لڳس. هن کي اهو چڱيءَ طرح معلوم هو ته خوشنواز جنهن طبقي مان آهي ان جا مانهو مذهبي اڳواڻن جي عبادتگاه ۾ نٿا اچي سگهن، ۽ جيڪڏهن ڪو اهڙي غلطي ڪري، وجهي ته کيس تمام سخت سزا ڀوڳڻي پوندي. هن اهو سوچي آتشڪدي ۾ وڃڻ بند ڪري ڇڏيو ته جيڪڏهن هوءَ هر روز ويندي رهي ته شايد خوشنواز به هن جي پٺيان اندر هليو اچي ۽ جي پڪڙجي پيو ته باهه ۾ جيئري ساڙيو ويندو. هوڏانهن خوشنواز به گلنار جو بيچينيءَ سان انتظار ڪندو رهيو. هن سمجهيو ٿي ته گلنار مُوبد يا هيربد جي ڇوڪري آهي ۽ هو پاڻ هڪ معمار آهي، ۽ طبقن جو اهو فرق ڪنهن به حالت ۾ اها اجازت نٿي ڏئي سگهيو ته هو گلنار سان محبت ڪري. پر محبت ته ڪڏهن به ذات پات يا طبقن جي پابندين کي قبول نه ڪيو آهي.

جڏهن گلنار لڳاتار ٻه هفتا نه آئي ۽ خوشنواز جو ڪم پورو ٿيڻ تي اچي بيٺو تڏهن هو پريشان ٿي ويو. هن ڪئين ڀيرا هيربدن ۽ موبدن جي محلي جا چڪر لڳايا پر گلنار ڪٿي به نظر نه آئي. هو هر ان عورت جي پٺيان ڊوڙندو هو جيڪا چادر ۾ ويڙهجي آتشڪدي ۾ ويندي هئي، پر ويجهو ٿي ڏسڻ تي مايوس ٿي موٽي ويندو هو.

هڪ ڏينهن جڏهن هو ٻيڙيءَ وسيلي دجلہ جي اڀرندي ڪناري تي لٿو ته هن جي اڳيان هڪ رٿ لنگهي ويئي. هن گلنار کي ڏسڻ شرط سڃاڻي ورتو، جيڪا هڪ اڌڙوٽ مانهوءَ سان گڏ ويٺي هئي. هن کي ريشمي ڪپڙا پيل هئا ۽ منهن نقاب کان آجو هو. صبح جي وقت گهڻو ڪري عورتن ۽ جوان ڇوڪرين جا منهن چادرن جي نقاب کان بي نياز هوندا هئا، ڇو ته ان وقت نه رڳو مقدس آفتاب جي پرستش ڪئي ويندي هئي پر تازيءَ هوا ۾ ساهه کڻڻ جي لاءِ اهوضروري هو ته منهن کليل هجي. گلنار جي پاسي ۾ جيڪو مانهو ويٺو هو سو ڏسڻ ۾ هيربد ٿي لڳو. خوشنواز اوچتو بيچين ٿي ويو. هن جا ٻيئي هٿ بي اختيار پنهنجي ڇاتيءَ تي اچي ويا ۽ هو اهڙيءَ طرح ان سهڻي ڇوڪريءَ کي عقيدت وچان سلام ڪري رهيو هو. گلنار اهو ڏسي پريشان ٿي وئي ۽ منهن يڪدم ٻئي پاسي ڦيرائي ڇڏيائين، ۽ آڏين اکين سان پنهنجي پيءُ کي ڏسڻ لڳي. خوشنواز جي سلام ۽ گلنار جي پريشانيءَ کي ڏسي هو به شڪجي پيو.

”تون هن نوجوان کي سڃاڻين ڇا؟“ ذيشان ”پنهنجي ڌيءَ کان پڇيو.

”نه، مان هن کي بلڪل ڪونه سڃاڻان. يزدان ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته هو ڪير آهي!“ گلنار ڊپ مان وراڻيو.

گلنار جي ان جواب تي ذيشان يقين ۽ غير يقينيءَ جي انداز ۾ چيو، ”پوءِ هن توکي سلام ڇو ڪيو؟“

گلنار روئڻهارڪي ٿي وئي پر پاڻ کي روڪي ورتائين، ”شايد هن کي ڪا غلطفهمي ٿي پئي آهي.“

”گلنار! مون کان نه لڪاءِ، مون کي سچي ڳالهه ٻڌاءِ“ ذيشان هن کي تسلي ڏيندي چيو.

”پر بابا، ڪا ڳالهه هجي ته ٻڌايان به!“ گلنار زوريءَ مرڪندي چيو.

ذيشان ڪوچوان کي حڪم ڏنو ته رٿ پٺيان موٽائي. هن مڙي ڏٺو ته خوشنواز اڃا اتي ئي، بيٺو هو ۽ هن جون اکيون رٿ تي کتل هيون. ذيشان ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو، ”شڪل ته ڄاتل سڃاتل آهي پر هي آخر اسان جي رٿ تي اکيون کپائي ڇو بيٺو آهي؟“

خوشنواز جڏهن رٿ کي پنهنجي طرف ايندي ڏٺو تڏهن هو ڊڄي ويو. هن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو، پر هاڻي ڇا ٿي ٿي سگهيو. گلنار جي دل جي دڪ دڪ به تيز ٿي وئي. هن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته هوءَ خوشنواز کي ان محويت مان ڪهڙيءَ طرح ٻاهر آڻي. رٿ ويجهو اچي بيهي رهي. خوشنواز اتان وڃڻ لڳو ته ذيشان سڏ ڪيس. هن جا پير ڄمي ويا. ذشان ويجهو اچي هن جي ڪلهي تي هٿ رکيو.

”تون اسان کي سڃاڻين ٿو؟“ پوءِ هن کي ڄڻ ڪجهه ياد اچي ويو، ”مون توکي ڪٿي ڏٺو آهي.“

خوشنواز جي نڙي سڪي وئي هئي، زور مس ڪري چيائين، ”ها مقدس مُوبد! مان خوشنواز، آتشڪدي جي اڏاوتي ڪم جو مير معمار آهيان. اوهان مون کي اتي ڏٺو هوندو.“

ذيشان جي چپن تي مرڪ اچي وئي، ”آءٌ به سوچي رهيو هوس ته توکي ڪٿي ڏٺو ته اتم! يزدان تنهنجو ڀلو ڪري، تو مونکي ڇا ڪري سڏيو هو؟ مقدس مُوبد! پر مان موبد ڪونه آهيان، هيربد آهيان. باهه کي فروزان رکڻ اسان جي ذمي آهي.“

خوشنواز جي پيٽ ۾ مس مس ساهه پيو. هو ادب ۽ احترام سان ذيشان جي اڳيان جهڪيو. ذيشان هن کي سڌو ڪندي چيو، ”مان سمجهان ٿوته ٿوري دير اڳ به تومون کي ئي سلام ڪيو هو.“

خوشنواز يڪدم ڳالهه کي ٺاهيندي چيو، ”جي ها مقدس هيربد! مان پهرين به اوهان کي سلام عرض ڪري چڪو آهيان.“ ذيشان مرڪيو.

”تون ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟“

”آذر فرونگ.“

ته پوءِ مون سان گڏ هل. مان به اوڏانهن ئي وڃي رهيو آهيان.“

گلنار جيڪا ڊپ مان پنهنجي پيءُ ۽ خوشنواز کي ڳالهين ڪندي ڏسي رهي هئي، تنهن جڏهن ٻنهي کي پنهنجي رٿ ڏانهن ايندي ڏٺو تڏهن ساهه ئي نڪري ويس. هوءِ اهوار مزدا کان پنهنجي لاءِ خير جون دعائون گهرڻ لڳي.

ذيشان رٿ تي چڙهندي چيو، ”هي نوجوان ته پنهنجو مير معمار آهي. مون کي سلام ڪري رهيو هو.“ هو گلنار سان گڏ ويٺو ۽ خوشنواز کي پنهنجي پاسي ۾ ويهڻ جي اجازت ڏنائين، ”تون منهنجي پاسي ۾ ويهه.“ جڏهن خوشنواز ويهي رهيو تڏهن هن ڪوچوان کي رٿ هلائڻ جو حڪم ڏنو.

صبح جي ٿڌي هير جسم ۽ روح کي تازگي بخشي رهي هئي. ذيشان جيڪو گهڻ ڳالهائو هو، سو ڪٿي ٿي ماٺ ڪري ويهي سگهيو. هن خوشنواز کان پڇيو، ”تون روز صبح جو سيلوڪيا مان ايندو آهين نه؟“

”ها“. خوشنواز وراڻيو.

”اتي مزدڪيت جو ڪهڙو حال آهي؟“

”اتي ته ڏاڍو تيزيءَ سان پيو پکڙجي.“

ذيشان يڪدم هن جي ڳالهه ڪاٽي چيو، ”ها، مزدڪيت ۾ نوجوانن ۽ هيٺين درجي  جي مانهن جي لاءِ ڇڪ آهي. پر هاڻي ته اسان جو بادشاهه قباد به مزدڪي ٿي ويو آهي، ان ڪري مانهن کي ڪجهه وڌيڪ اتساهه مليو آهي.“ خوشنواز ڪو به جواب نه ڏنو. اوچتو ذيشان هن کان سوال ڪيو، ”ڀلا تون؟ توکي ته يزدان پناهه ۾ رکيو آهي؟“

”مان ته ان کي بدعت ٿو سمجهان.“ خوشنواز وراڻيو.

”ها، تون ديندار ٿو لڳين. ٻيا نوجوان ته ڏاڍا گمراهه ٿي پيا آهن. هونئن مزدڪيت جون ٻيون سڀ ڳالهيون سٺيون آهن پر ٻه ڳالهيون تمام خراب آهن: هڪ ته ان ۾ ذاتي ملڪيت کي ختم ڪرڻ جي ناقابل عمل ڳالهه آهي ۽ ٻي ان ۾ عورتن ۽مردن جي وچ ۾ سموري حجاب کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه آهي.“ خوشنواز وري به چُپ رهيو.

”تنهنجو نالو ڇا آهي نوجوان؟“ ذيشان پڇيو.

”خوشنواز.“

ذيشان کلڻ لڳو، ”نالو ته سٺو آهي پر تو ۾ خوشنوازي فقط اوستائين آهي جيستائين تون زرتشت جي مذهب تي قائم آهين. جنهن مهل تون گمراهه ٿيندين ان ئي مهل تنهنجي خوشنوازي ختم ٿي ويندي.“ اوچتو ڪوچوان پٺيان مڙي نهاريو ۽ ڄڻ ڪاوڙ ۾ گهوڙن کي تکوڪيائين. ذيشان خوشنواز سان ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو. ”مونکي شڪ ٿو پوي ته هي ڪوچوان به مزدڪي آهي ۽ اسان کان پنهنجا عقيدا لڪائي رهيو آهي.“

گلنار آڏين اکين سان خوشنواز کي ڏسي رهي هئي. خوشنواز آهستي پڇيو، ”مزدڪيت جي هن طوفان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موبداعظم به ڪجهه ڪري رهيو آهي يا نه؟“ ذيشان هن کي گهَرين نظرن سان ڏنو، ”توکي ان جي خبر ڪيئن پئي؟“

خوشنواز وائڙن وانگر پڇيو، ”ڇا جي خبر؟“

”اها ته مزدڪيت کي روڪڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن!“

خوشنواز جواب ڏنو، ”مون کي ته ڪابه خبر ڪانهي. مون ائين ئي پڇيو هو.“

ذيشان خوش ٿي ويو، ”ان بابت ٻئي ڀيري ڳالهائينداسين. مون کي ڏک ان ڳالهه جو آهي ته خود منهنجو ڀائٽيو نرسي به مزدڪي ٿي ويو آهي!“ ائين چئي هن گلنار ڏانهن مڙي ڏٺو جيڪا نرسيءَ جو نالو ٻڌي اداس ٿي وئي هئي.

خوشنواز جي دل ۾ نرسيءَ جو نالو ٻڌي ڄڻ ڪنڊو لڳي ويو. ”نرسي يعني اوهان جو ڀائٽيو به مزدڪي ٿي ويو آهي!“

”ها“ ذيشان ڪجهه سوچيندي ۽ ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو، ”نرسيءَ جو مزدڪي ٿي وڃن هونئن ته ڪا ايڏي خاص ڳالهه ڪانهي، پر بدقسمتيءَ سان هومنهنجي ڌيءَ گلنار جو مڱيندو به آهي. هن جي مزدڪي ٿيڻ جو سڀ کان وڌيڪ صدمو گلنار کي پهتو آهي، پر خير...“

سامهون ويجهو ئي آتشڪدي جو گنبذ نظر اچي رهيو هو. ان گنبذ کي اشبت سڏيو ويندو هو. اهو سئو هٿ ڊگهو ۽ ايترو ئي ويڪرو هو. هن جي مٿان تمام گهڻا نيزا لڳل هئا ۽ انهن ۾ جهنڊا ڦڙڪي رهيا هئا. رٿ جڏهن ان جي حدن ۾ داخل ٿي ته ذيشان چيو، ”ڇا نالو اٿئي؟ خوشنواز؟ ته خوشنواز تون پهرين منهنجو گهر ڏسي ڇڏ، جڏهن تون آتشڪدي جو ڪم پوروڪرين ته پوءِ منهنجو به ٿورو ڪم ڪجانءِ. مان پنهنجي گهر جي آتشڪدي کي ٻاهرئين حصي ۾ هڪ حجرو ٺاهرائڻ چاهيان ٿو.“

خوشنواز کي ٻيو کپندو ئي ڇا هو. ان بهاني سان هو نه رڳو گلنار جو گهر ڏسي سگهيو ٿي پر اچڻ وڃڻ جي واٽ به ٿي پوندي. پر اڃا تائين هن جي دل ۾ اهو ڪنڊو هو ته گلنار نرسيءَ سان مڱيل آهي. وري هن کي ان ڳالهه تي خوشي به ٿي ته شايد سندس ڀاڳ سببان نرسي مزدڪي ٿي چڪو هو، جنهن سان هاڻي گلنار جي شادي ٿيڻ ناممڪن هئي. پر ان سان گڏ اهو به ڊپ هوس ته متان گلنار جي محبت نرسيءَ کي مزدڪيت ڇڏڻ تي مجبور نه ڪري وجهي ۽ هو موٽي پنهنجي دين ۾ اچي گلنار کي حاصل ڪري. هو اڃا ان ٻڏتر ۾ هو. ته رٿ هڪ گهر جي اڳيان اچي بيٺي هو ٽئي رٿ تان هيٺ لٿا. ذيشان هن کي پنهنجو گهر ڏيکاري ڪوچوان کي حڪم ڏنو ته خوشنواز کي اتي ڇڏي اچي جتي اڏاوت جو ڪم ٿي رهيو هو. ان کان پوءِ هو گلنار سان گڏ گهر ڏانهن وڃن لڳو. ويندي ويندي گلنار غير ارادي طور پٺيان مڙي ڏٺو. رٿ ۾ سوار خوشنواز جون اکيون به هن تي ئي کتل هيون. ٻنهي جون نظرون مليون ته گلنار يڪدم منهن ڦيرائي ڇڏيو. ان وقت ذيشان چئي رهيو هو: ”آهي ته معمار پر ڏسڻ ۾ ڏاڍو نيڪ جوان ٿو معلوم ٿئي.“

سامهون اهوار مزدا (يزدا) جو بت ديوار مان اُڀريل هو. اهوار مزدا ڪائنات ۾ معلق بيٺو هو. انساني شڪل جي اهوار مزدا جي مٿي تي ٽوپيءَ جهڙو تاج رکيل هو. پٺيان ڪياڙيءَ کان وارن جا ڳڇا تاج مان نڪتل هئا. ڏاڙهي سيني تان ٿيندي چيلهه تائين اچي پهتي هئي. سيني کان وٺي چيلهه تائين بيشمار پرن جو سلسلو رانن تائين هليو ويو هو ۽ اهي پر آسپاس پوري ڪائنات تي محيط هئا. اهوار مزدا جو هيٺيون لباس به پرن جهڙو هو. رانن جي ٻنهي پاسن کان ٻه ستر پوش ظاهر ٿي هيٺ پيرن تائين وڃي پهتا هئا ۽ انهن جا آخري ڇيڙا مڙي گول ڦيٿي جهڙا ٿي پيا هئا. جيئن ته اهوار مزدا جا پير ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيا، ان ڪري شايد هو خلا ۾ پنهنجي انهن ئي ٻنهي سترپوشن تي بيٺل هو. کاٻو هٿ دعا جي انداز ۾ کنيل هو ۽ ساڄو هٿ ڦيٿي جي دستي تي هو، جنهن سان هو نظام ڪائنات کي حرڪت ۾ آڻي رهيو هو. هيٺ فصا روشنين ۽ بادلن سان ڀريل هئي. بت کي قيمتي ريشمي پردن ۾ لڪائي رکيو ويو هو. ان وقت گلنار ان جي اڳيان گوڏن ڀر جهڪي اوستا جو هڪ سرود سوز ڀريل آواز ۾ ڳائي رهي هئي ۽ ريشمي پردو سامهون ڪاٺ جي هڪ ٽپائي تي رکيل هو. گلنار ڳائي رهي هئي:

”هڪ ڏينهن، جڏهن اهوار مزدا پنهنجي پوري دٻدٻي ۽ شان سان درٻار لڳائي ويٺو، هو تڏهن هڪ طرف کان ڪائنات جي روح اچي روئندي اهوار مزدا سان شڪايت ڪئي ته انسان سندس سار سنڀال لهڻ کان عاجز اچي چڪو آهي ۽ پنهنجي غفلت، بيپرواهي ۽ اهرمني طاقت سان سندس تباهي ۽ بربادي آڻڻ تي آهي.

”اهوار مزدا جي ساڄي طرف زرتشت به موجود هو. هن زرتشت کي اشاري سان اڳيان سڏيو ۽ کيس زمين جي سار سنڀال ۽ سڌاري جي لاءِ مقرر ڪيو.

”زمين ان نامزدگيءَ تي تعجب جو اظهار ڪيو ۽ اهوار مزدا کي چوڻ لڳي، اي اهوار مزدا! جنهن کي تون ڄاڻين ٿو تنهن کان مان لاعلم آهيان، پر اهو ضرور ڄاڻڻ چاهيان ٿي ته هڪ ضعيف انسان منهنجي سار سنڀال ڪيئن لهي سگهندو؟.

”اهوار مزدا زمين کي دڙڪو ڏيئي چپ ڪرائيندي چيو، ”جيڪي مان ڄاڻان ٿو سو تون نٿي ڄاڻين.“

”۽ زرتشت کي زمين جي سار سنڀال ۽ سڌاري جي لاءِ زمين تي موڪليو ويو.“

جڏهن گيت ختم ٿيو ته گلنار دعا گهري: ”اي اهوار مزدا! زرتشت ته پنهنجو ڪم پورو ڪري. واپس وڃي چڪو آهي، پر هينئر هڪ اهرمني قوت مزدڪ جي نالي سان دنيا جي امن امان ۽ نيڪيءَ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اچي نروار ٿي آهي. زرتشت  کي وري موڪل ته دنيا اهرمني شر ۽ فساد کان آجي ٿئي.“

دعا ختم ڪري هن لوبان ۽ صندل دکايو جنهن سان ڪمرو واسجي ويو. دونهن جا ڪڪر سڄي ڪمري ۾ پکڙجي ويا. جڏهن هوءَ ٻاهر نڪتي ته کيس معلوم ٿيو ته ٻاهر مير معمار ساڻس ملڻ لاءِ آيو آهي. گلنار هن کي چوائي موڪليو ته هن وقت بابا گهر ۾ ڪونهي، وري ڪنهن ٻيءَ مهل اچي. پر مير معمار نه مڃيو. هن وري چورايو ”اندر وڃي چئو ته منهنجو ڪم ختم ٿيڻ تي آهي. آءٌ اها جاءِ ڏسڻ ٿو چاهيان جتي مونکي حجرو ٺاهڻو آهي.“ لاچار هن کي خوشنواز جي اڳيان اچڻو پيو. ان وقت خوشنواز ڪجهه وڌيڪ ڦڙت ۽ دلڪش نظر اچي رهيو هو. گلنار کي ڏسندي ئي جهُڪي ويو. گلنار بيرخي ظاهر ڪندي، خشڪ لهجي ۾ چيو، ”هن وقت بابا جن گهر م موجود ڪونه آهن.“

”مان اها جاءِ ڏسڻ ٿو چاهيان جتي مونکي هڪ نئون حجرو ٺاهڻو آهي.“ گلنار چپ چاپ هن کي وٺي وڃي اها جاءِ ڏيکاري.

”مقدس هيربد ڪڏهن ايندو؟“ خوشنواز پڇيو.

”منجهند جو“ گلنار جواب ڏنو.

خوشنواز ڄڻ منت ڪندي چيو، ”هيربد جي معزز ڌيءَ! منهنجي مجال ناهي جو اوهان جو نالو به وٺان، پرآءٌ اهو ضرور ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته مون کان آخر ڪهڙي غلطي ٿي آهي جنهن جي سزا مونکي ڏني پئي وڃي.“

”نه، اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي. توکي سزا ڏيڻ جو ڪهڙو سوال آهي،” گلنار تڪڙ مان چيو.

خوشنواز وري خوشامد ڪندي چيو، ”مان هيربد جو نماڻو ٻانهو، ڇا انهيءَ جي لائق ڪونه آهيان ته جيڪڏهن ڪنهن وقت قدمبوسيءَ جي لاءِ حاضر ٿيان ته بار يابيءَ جي اجازت نه فرمائي وڃي؟“ هن جي خوشامد کان متاثر ٿيڻ بدران هوءَ مرڪڻ لڳي.

خوشنواز جي لاءِ اها مرڪ به وڏي ڳالهه هئي. گلنار چيو، ”تون چوڻ ڇا ٿو چاهين؟“

”فقط اهو ته جيڪڏهن مان اوهان جي ڪنهن ڪم اچي سگهان ته حاضر آهيان.“

ان گهڙيءَ ذيشان به اچي ويو. هو ڪنهن ڳڻتيءَ ۾ هو. خوشنواز کي ڏسي ڇرڪي چيائين، ”تون هتي ڪيئن؟“

جواب گلنار ڏنو، ”هيءُ اها جاءِ ڏسڻ آيو اهي جتي حجرو تعمير ٿيندو.“

”ته پوءِ جاءِ ڏٺائين؟“ ذيشان مرڪي چيو.

”ها.“ گلنار وراڻيو.

خوشنواز سمجهيو ته ذيشان کيس ويهاريندو پر هو پنهنجن خيالن ۾محو هو. اهو ڏسي خوشنواز هن کان وڃڻ جي موڪل گهري.

”اجازت ڏيڻ کان اڳ آءٌ توکان هڪ وعدو وٺڻ چاهيان ٿو.“ ذيشان چيو، پر ترت ئي ڪجهه سوچي وري چيائين، ”چڱو تون هينئر وڃ. ان بابت پوءِ ڳالهائينداسين.“

خوشنواز کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو پر هن کي ايتري مجال ڪانه هئي جو مقدس هيربد سان بحث ڪري. جڏهن هو وڃڻ لڳو ته ذيشان چيو، ”ڇا نالو اٿئي؟ خوشنواز؟ ممڪن آهي ته مونکي هڪ – ٻن ڏينهن لاءِ ڪول وڃڻو پئي، تون ان کان اڳ اچي مون سان ملي وڃج.“

خوشنواز پڇيو: ”سڀاڻي صبح جو اچان؟“

”نه، مان توکي اهڙي وقت کوٽي نه ڪندس جڏهن تون اتشڪدي جي خدمتن ۾ هجين. تون مون سان سڀاڻي شام جو اچي ملج.“

ٻئي ڏينهن شام جو هو ذيشان جي گهر ويو ته هن کي ڪجهه غير معمولي ڳالهيون محسوس ٿيون. هڪ پراسرار خاموشي ڇانيل هئي. ذيشان گهر ۾ ڪونه هو پر هڪ نوجوان گلنار سان ڳالهيون ڪري رهيو هو گلنار کيس ويهڻ جي لاءِ چيو.

”بابا اچڻ وارو آهي، تون ٿورو ترس.“ هوءَ وري نوجوان کي چوڻ لڳي، ”نرسي! تون غلط متان سمجهين. هي نوجوان مير معمار خوشنواز آهي. بابا هن کان هڪ حجرو ٺهرائڻ چاهي ٿو.“

نرسيءَ پاسو بدلائي چيو، ”غلط ڇو سمجهندس! آءٌ ته رڳو انلاءِ آيو آهيان ته آخري ڀيرو تنهنجي مرضي معلوم ڪريان.“ گلنار بيوسيءَ ۽ مايوسيءَ وچان هن کي ڏسڻ لڳي. نرسيءَ وري چيو، ”بادشاهه قباد مزدڪيت کي قبول ڪيو آهي ۽ پنهنجو خزانو جلد غريبن ۾ ورهائڻ وارو آهي. شهزادن ۾ ڪائوس به مزدڪيت جو دين قبول ڪيو آهي. باقي رهيو ننڍو شهزادو خسرو، جيڪو شايد وليعهد به آهي، جلد ئي اسان جي دين ۾ اچڻ وارو آهي. اڃا به اوهان کي مزدڪيت جي سچائي تي شڪ آهي؟“

گلنار چيو، ”مان هڪ شرط تي مزدڪيت قبول ڪري سگهان ٿي، اهو به رڳو تنهنجي لاءِ.“

”ڪهڙو شرط؟“

”جيڪڏهن مان مزدڪيت اختيار ڪريان ته رڳوتنهنجي زال ٿي رهنديس ۽ منهنجو ڪنهن ٻئي مزدڪيءَ سان واسطو نه رهندو.“

”اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي! ڪنهن مذهب کي قبول ڪرڻ جي معنيٰ اها ڪانهي ته ان جا ڪجهه اصول مڃيا وڃن ۽ ڪجهه رد ڪيا وڃن.“

گلنار بيزاريءَ مان چيو، ”مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر مانهن اهو ڪيئن گوارا ڪيو آهي ته سندن عورتن کي سڀني جي ملڪيت سمجهيو وڃي. هنن جي غيرت ڪيڏانهن هلي وئي آهي!“

”گلنار! اهي ڳالهيون تنهنجي سمجهه ۾ اينديون به ڪونه. ان ۾ رڳو ايثار جي ڳالهه آهي. تون مزدڪيت کان پري رهي انکي ڪيئن سمجهي سگهندينءَ! مزدڪيت هجر ۽ فراق، عشق ۽ محبت تي پيل بندشن ۽ رڪاوٽن، پهرن ۽ چوڪين، ساڙ، حسد ۽ مايوسين جي وجود کي ئي ختم ڪرڻ ٿي گهري. عورت آزاد پيدا ٿي آهي ۽ ازاد رهندي، مرد آزاد پيدا ٿيو آهي ۽ آزاد رهندو. مزدڪيت ڪنهن به اهڙيءَ آزاديءَ کي نٿي مڃي جيڪا لفظن ۾ ته موجود هجي پر عملي طور نه هجي. اسان ڪوڙي اخلاق جي نالي ۾ پنهنجو پاڻ تي اهڙيون هٿرادو پابنديون مڙهي ڇڏيون آهن، جن اسان جي حياتين کي دوزخ بنائي ڇڏيو آهي.“

خوشنواز کي نرسيءَ جي انهن ڳالهين مان ڏاڍو مزو پئي آيو. هو سوچي رهيو هو ته جيڪڏهن مزدڪيت اهائي آهي ته ان کي قبول ڪندي ئي عورت ۽ مرد هڪٻئي جي لاءِ بلڪل آزاد ٿي وڃن ٿا ته پوءِ اهو دين ڏاڍو سٺو آهي. ان حالت ۾ هوگلنار کي آساني سان حاصل ڪري سگهيو ٿي.نرسي تمام ذهين هو، تنهن خوشنواز جي ذهني ڪيفيت کي ڪنهن حد تائين سمجهي ورتو هو، ان ڪري ترت ئي خوشنواز کي چيائين، ”ڪيئن سائين! مون جيڪي ڪجهه چيو سو اوهان ٻڌو؟“

”ها سائين، چڱيءَ طرح ٻڌم.“ خوشنواز وراڻيو.

”ته پوءِ اوهانجو ڪهڙو خيال آهي؟“

خوشنواز جي اڳيان مصلحتون هيون، هڪ ته خود گلنار انهن ڳالهين سان متفق نه هئي ۽ ٻيو ته هوءَ هيربد جي ڌيءَ هئي، جنهن جي دين سان مزدڪيت جو مقابلو هو. هن کي نرسيءَ جون ڳالهيون دل سان لڳيون ٿي. پر هن سوچي جواب ڏنو: ”نه سائين، مان اوهان جي ڳالهين سان اتفاق نٿو ڪري سگهان، ڇو ته اهو گناهه آهي، ان ۾ آوارگي ۽ عياشي آهي.“

”بيوقوف، ماضيءَ جو پوڄاري، رسمن جو غلام...“ نرسيءَ کي جواب تي ڪاوڙ وٺي وئي، ”تون، جيڪو طبقن ۽ روايتن جي شڪنجي ۾ جڪڙيل آهين، عجب آهي ته تون ان انسانيت سوز ۽ انسان دشمن دين کان بغاوت ڇو نٿو ڪرين.“ نرسي سياڻو هو، هن وري يڪدم چيو، ”ڳالهه ڪا ٻي آهي، تون ضرور موقعي پرست آهين.“ هو سمجهي ويو هو ته هي نوجوان معمار گلنار کي اهڙين نظرن سان ڏسي رهيو آهي جن ۾ ڪو نياپو آهي. هن خوشنواز جي ڏکندڙ نبض تي هٿ رکيو. ”ڪٿي ائين ته ڪونهي ته تون منهنجي مڱ گلنار کي پسند ڪرين ٿو، جيڪڏهن مان صحيح آهيان ته تون ضرور هن دشيزه جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مون سان اتفاق ظاهر نٿو ڪرين.“

خوشنواز ظاهر ٿي چڪو هو، پر هو چپ رهيو. نرسيءَ هن جي جواب لاءِ ترسڻ بنان چيو، ”جيڪڏهن سچ پچ تنهنجي دل حسن جي هن انمول شاهڪار تي ريڌي آهي ته مان توکي مزدڪيت جي دعوت ڏيندس. مزدڪيت قبول ڪري تون پنهنجين محرومين کي ختم ڪري سگهين ٿو. مزدڪيت ۾ طبقا ڪونه آهن، عام مساوات آهي، تون پنهنجي پسند موجب ڪا به عورت چاهي ڪيتري به حسين هجي يا بدصورت، آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهين ٿو. ويندي گلنار تائين، جيڪا شايد اسان ٻنهي جي پسند آهي. جيڪڏهن هيءَ به اسان جي دين ۾ اچي ته اسين ٻيئي هن مان خوش رهي سگهون ٿا ۽ هيءَ اسان ٻنهي مان.“

گلنار ڪاوڙ ۾ اٿي کڙي ٿي، ”نرسي! اڄ کان اسان ٻنهي جا تعلقات ختم آهن. تون حد ٽپي چڪو آهين. مان اها بيهودگي سهي نٿي سگهان.“ نرسيءَ کلندي هن جو هٿ جهلڻ چاهيو پر گلنار سندس هٿ کي پري اڇلائيندي چيو، ”تون هينئر جو هينئر هليو وڃ. مان توکان بلڪل نااميد ٿي چڪي آهيان، ايتريقدر نااميد، جو آئيندي ڪو به منهنجي زبان مان تنهنجو نالو نه ٻڌندو. بيحيا، بيشرم، بيدين ڪٿي جو....“ هوءَ اندر هلي وئي ۽ پٺيان زور سان دربند ڪري ڇڏيائين.

نرسيءَ خوشنواز ڏانهن مڙي چيو، ”ماڻهو ڪنهن نئين ڳالهه کي ڏاڍو ڏکيو قبول ڪندو آهي.“ وري هن کان پڇيائين، ”سچ ٻڌاءِ توکي اسان جو دين پسند آيو؟ جيڪڏهن چاهين ته هاڻي جو هاڻي مون سان گڏ هل ۽ حضرت مزدڪ جي هٿن تي ان دين کي قبول ڪر. ان دين ۾ايندي ئي ڏسندين ته هڪ ڇا، ويهه گلنارون تنهنجي آسپاس انتظار ۾ بيٺيون هونديون. ذرا سوچ ته ذاتي ملڪيت جو تصور ڪيترو نه غلط آهي.“ پنهنجن ڪنن کي هٿ لائي چوڻ ڳو، ”جيڪڏهن انسانن جو هوا، پاڻيءَ ۽ اُس تي به اختيار هجي ها ۽ انهن شين کي به پنهنجي ذاتي ملڪيت بنائي رکي سگهن ها ته ٿورو سوچ ڪهڙي حالت ٿئي ها؛ گهڻا مانهو جيئرو رهي سگهن ها ۽ جيڪي جيئرا هجن ها انهن ۾ ڪمزور طاقتور جي اڳيان ڪيڏو بيوس، هيڻا ۽ مجبور هجن ها. اهوار مزدا انهن شين کي انڪري ئي ته پنهنجي اختيار ۾ رکيو آهي جو کيس انسان جي خود غرضيءَ جي چڱيءَ پر پروڙ آهي.“

خوشنواز جي دل چاهيو ته هو ها ڪري پر يڪدم اهو خيال آيس ته متان گلنار کيس به ائين ٺڪرائي ڇڏي جيئن نرسيءَ سان ڪيو اٿس ۽ هينئر ته گلنار کي راصي ڪرڻ جو پاڻ وجهه مليو آهي. اهو سوچي هن ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.

نرسيءَ اوٻاسي ڏيندي لاپرواهيءَ سان چيو، ”خير ڪا ڳالهه ڪانهي.اڄ نه ته سڀاڻي توتي مزدڪيت جي سچائي ظاهر ٿي ويندي. تون شايد اهو سوچي رهيو آهين ته گلنار ون کان مايوس ٿي توڏانهن ايندي. پرآءٌ توکي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته اهو هرگز نه ٿيندو. گلنار هيربد جي ڌيءَ آهي ۽ تون معمار آهين، ڪنهن معمار جوئي اولاد، اهو فرق هميشه رهندو، ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهندو. تون ڪنهن به حيلي سان گلنار کي حاصل ڪري نه سگهندين“ نرسي هليو ويو ۽ خوشنواز اڪيلو رهجي ويو. اونداهي پکڙجي چڪي هئي. ذيشان اڃا ڪونه آيو هو. ٿوري دير کان پوءِ اندرئين ڪمري جو در کليو ۽ گلنار ميڻ بتي هٿ ۾ کڻي ٻاهر آئي. هن هڪڙي طاق ۾ بتي رکي ۽ خوشنواز کان پڇيائين، ”نرسي ڪيڏي مهل ويو؟“

”بس، اوهان جي ويندي ئي.“

”منهنجي وڃڻ کان پوءِ ڇا ٿي چيائين؟“

”چيائين ٿي ته آءٌ مزدڪيت قبول ڪريان.“

”گلنار حيرت مان هنکي ڏٺو، ”پوءِ تو ڪهڙو جواب ڏنو؟“

”مون صاف انڪار ڪيو. مون کيس چيو ته مان بيديني ۽ بيشرميءَ تي موت کي ترجيح ڏيندس.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com