سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1972ع

مضمون

صفحو :10

هواتان اٿي جيئن انهيءَ گهر طرف ويو، تيئن سندس دل دڪ دڪ ڪرڻ لڳي. اهو لزا جو گهر هو. فيدور کي اها توقع هئي ته هو پنهنجي گهر جي ويجهو اچي پهتو هوندو. پر ايتري پنڌ ڪرڻ کان پوءِ به خبر نه آهي ته ڪهڙيءَ طرح گهمي ڦري لزا جي گهر جي ديوار جي پاڇي ۾ اچي ويٺو هو. اهو لاسعوري قوتن جو ڪرشمو هو. سندس جذباتي دنيا ۾ افراتفري پيدا ٿي چڪي هئي، ۽ هودل جي هٿان بيوس ٿي چڪو هو. ڏسندي ئي ڏسندي ڪمرن جون بَتيون وسامڻ لڳيون، باقي صرف هڪڙي ڪمري ۾ بَتي ٻرندي نظر آئي. فيدور اڃا به ويجهو ويو ته هن ڏٺو ته لزا هٿ ۾ بَتي کڻي ڪمري ۾ بيٺي هئي. فيدور کان رهيو نه ٿيو. هن دريءَ جي ويجهو وڃي لزا کي سرگوشيءَ ۾ سڏ ڪيو:

”ڪير آهي؟“ لزا سهميل آواز ۾ پڇيو.

”لزا! مان آهيان فيدور!“

لزا بَتي کڻي وسائي، ۽ دريءَ مان ٻاهر ٽپي آئي. حيرت مان پڇيائين:

”توهان هن وقت؟ هن طرف کان؟“

”ها، لزا!“ فيدور لرزندڙ آواز ۾ چيو ”مان خود حيران آهيان ته مان تنهنجي گهر مان هميسه جي لاءِ نڪري وڃڻ لاءِ نڪتو هوس، پر خبر نه اهي ته ڪهڙيءَ طرح وري به هتي اچي پهتو آهيان... اچ لزا! اچ نه ٿورو، هتي ڪو ڏسي نه وٺي.“

لزا بنان ڪنهن ڌڙڪ جي ان سان گڏ وڻن تائين هلي ويئي. فيدور جي دل ۾ جذبات جا طوفان اُٿي رهيا هئا. هن گهڻو ڪجهه چوڻ چاهيو ٿي پر ڪجهه به چئي نه سگهيو. سندس چپ ڏڪڻ لڳا ۽ بيوس ٿي لزا جي ڪلهن تي هٿ رکي رئڻهارڪي آواز ۾ چيائين ”لزا... لزا، مونکي توسان محبت آهي. ائين چوندي هن تي رقت طاري ٿي ويئي. لزا جو ڪنڌ جهڪي ويو، ۽ هوءَ اڃا به وڌيڪ سندس ويجهو ٿي ويئي، ۽ اوچتو ئي اوچتو سندس سيني سان لڳي. هاڻ هن پنهنجو مٿو ان جي ڪُلهي تي کڻي رکيو. فيدور ان جي ريشمي وارن کي سُلجهائڻ لڳو، ۽ لزا سندس هٿ کي جهلي پنهنجي چَپن تي کڻي رکيو. هو هڪٻئي کي ڪجهه به چئي نه سگهيا. دلين جي ڌڙڪنن سڀڪجهه ٻڌو ۽ لزا جي سُڏڪن فيدور جي محبت کي قبول ڪري ورتو.

”هاڻي واپس وڃ لزا“ فيدور چيو ”تون انهن ڇوڪرين مان نه آهين جي چاهڻ وارن کي لِڪچوريءَ ملنديون رهنديون آهن. محبت ڪرڻ ڪو ڏوهه نه آهي، پر ائين چورن وانگر گناهه سمجهيو وڃي ٿو، ڪاش! مان شادي شده نه هجان ها.... مان آزاد هجان ها. هائو... نه!“

”ته ڇا؟“ لزا ڏک واري مگر پر عزم لهجي م چيو، ”اهو ضروري ته نه آهي ته شادي ڪرڻ سان ئي محبت زنده رهي سگهي ٿي.“

هنن گهڻي وقت تائين هڪٻئي جي هٿن کي سوگهو رکيو. جڏهن لزا واپس ويئي تڏهن فيدور ائين پنهنجي گهر ڏانهن هلڻ لڳو، جيئن ڪو خواب ۾ هلندو هجي.

اها رات به گذري وئي. ٻئي ڏينهن هو تمام دير سان اٿيو. سندس دل چاهيو ته لزا وٽ اڏامي وڃي، پر سندس زال، جا کانئس ٻن سالن کان جدا ٿي فرانس ۾ ذلتن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل هئي، هن جي ۽ لزا جي ميلاپ ۾ حائل هئي. هن جي دل جڏهن ڪنهن به ڪم ۾ نه لڳي، تڏهن هو وڃي ميز تي ويهي رهيو. ميز تي ڪيترن ملڪن جي اخبارن ۽ رسالن جو انبار پيو هو، جو هن ڪيترن ڏينهن کان نه ڏٺو هو. هن وقت گذارڻ خاطر اخبارن کي اٿلائڻ پٿلائڻ شروع ڪيو. هڪ فرانسسي اخبار کوليائين ته ڏڪي ويو. سندس دل بي انتها ڌڙڪڻ لڳي. اخبار جي پهرين صفحي جي ڪنڊ تي هڪڙي خبر هئي جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ به کيس يقين نٿي آيو ته اها ڪا حقيقت آهي. خبر ۾ لکيل هو:

”ويرا فيدور، روس جي حسين ترين ماڊل گرل، قلب جي حرڪت بند ٿيڻ سبب گذريل رات پئرس جي هڪ هوٽل ۾ مري وئي. ان کي اڄ شام جو دفن ڪيو ويندو.“

فيدور انهيءَ خبر کي ڪيترائي دفعا پڙهيو. سچ پچ سندس زال مري وئي آهي. خوشيءَ کان سندس هٿ ڏڪڻ لڳا، چپ ٿڙڪڻ لڳا، ۽ اخبار ڪڇ ۾ کڻي لزا جي گهر روانو ٿيو. انهيءَ ڏينهن به کيس لزا اڪيلي ملي وئي. فيدور اخبار کڻي لزا جي اڳيان رکي، پر خبر نه آهي ته ڪهڙي مصلحت جي ڪري هن لزا کي چيو ته اها ڳالهه اڃا پنهنجي ماءُ ۽ ماسيءَ سان نه ڪري.

”لزا!“ فيدور جذبات سان لرزندڙ آواز ۾ چيو، ”مان هاڻي آزاد آهيان، لزا. چو لزا! تهنجي ماءُ سان ڳالهه ڪيان؟“

”توهان کي پنهنجي زال جي مرڻ تي خوشي ٿي آهي؟“ لزا آهستگيءَ سان چيو.”ڪنهن جي به مرڻ تي ڪنهن کي خوش ٿيڻ نه گهرجي. توهان ته چوندا هئا ته توهان جي ان سان محبت هئي؟“

فيدور پنهنجي انهيءَ خوشيءَ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، ”ليڪن هوءَ منهنجي محبت جي نڙيءَ تي ننهن ڏئي عيش ڪندي رهي. انهيءَ کان بهتر هو ته هوءَ مونکي زهر ڏئي وڃي ها ته مان هينئن سڙندو ته نه رهان ها.“ فيدور جو آواز ڪنبي ويو.

لزا تي هڪڙو عجيب سڪوت طاري ٿي ويو.

”چئو لزا، ڪجهه ته ڪُڇ.“

”مان تنهنجي آهيان فيدور!“ لزا پهريون دفعو پيار مان ”تنهنجي“ چيو ۽ چيائين ”پر ڊڄان ٿي ته شادي اسان جي محبت جو حسن نه ضايع ڪري ڇڏي. مونکي توسان محبت آهي نه! مان توکي دل ۽ جان سان چاهيان ٿي. تون پهريون مرد آهين جنهن سان مون پيار ڪيو آهي.“

فيدور کي خبر هئي ته هوءَ جو ڪجهه چئي رهي آهي اهو سندس فطري معصوميت ۽ پاڪبازيءَ جو عڪس آهي. هن ان کي ڳالهين ڳالهين ۾ راضي ڪري ورتو ته هوءَ ساڻس شادي ڪندي. پر لزا چيو ته ”امان سان تون ذڪر نه ڪجانءِ، مان پاڻ ڪنديس. ڇو ته پاشڪن جي مقابلي ۾ هو شايد توکي پسند نه ڪري. تون ٻن ڏينهن کان پوءِ اچجانءِ. مان پنهنجي خدا کان به پڇنديس.“

خدا جو نالو ٻڌي فيدور کي به ائين اطمينان ٿيو، جيئن خدا سندن محبت تي هٿ رکيو هجي، ۽ اهي ٻيئي ڄڻا هربلا ۽ مصيبت کان محفوظ ٿي ويا هجن. پر خدا کي ته اڃا ڪجهه ٻيو منظور هو.

ٻن ڏينهن کان پوءِ فيدور لزا جي گهر وڃڻ لاءِ روانو ٿيو. هو تيز رفتار گهوڙي تي اُڏامندو پئي ويو. هو ائين پئي ويو ڄڻ ته لزا کي انهيءَ گهوڙي تي ويهاري گهر وٺي ايندو. کيس مڪمل يقين هوته هن پنهنجي ماءُ کي ضرور مڃايو هوندو. جڏهن هو لزا جي ڊرائينگ روم ۾ داخل ٿيو تڏهن اندريون منظر ڏسي ان تي غشيءَ واري ڪيفيت طاري ٿيڻ لڳي. ڊرائنگ روم ۾ لزا، سندس ماءُ، ماسي ۽ انهن سان گڏ فيدور جي زال ويرا ويٺي هئي. فيدور مٿي کي زور سان جهَٽڪو ڏنو ۽ جڏهن مڪمل طور حواس بجا آندائين تڏهن ڏٺائين ته لزا، سندس ماءُ ۽ ماسي ڪمري کان ٻاهر وڃي رهيون هيون۽باقي سندس زال سندس سامهون اڪيلي ڪمري ۾ بيٺي هئي.

”تنهنجي حيرت کي مان پوريءَ طرح سمجهان ٿي فيدور!“ ويرا ڪنهن قدر التجا واري لهجي ۾ چيو ”تو منهنجي موت واري خبر پڙهي هوندي. اها اخبار مون ئي توڏاهن موڪلي هئي. مون کي خبر آهي ته توکي انهيءَ خبر ڪيتريقدر نه  خوش ڪيو هوندو. پر مان.... مان هاڻي هميشه جي لاءِ تو وٽ آئي آهيان.“

”تنهنجو ظاهري حسن اڃا تائين به بي عيب نظر اچي رهيو آهي، ويرا!“ فيدور چيو، ”پر روح جي ناپاڪائي تنهنجي نشيلين اکين ۾ چمڪي رهي آهي. اسان جون راهون جدا ٿي چڪيون آهن ۽ جدا ئي رهنديون. تو پنهنجي موت جي خبر شايع ڪرائي...“

”پهرين منهنجي ته ٻڌ فيدور!“ ويرا جي اکين مان لڙڪ وهي آيا. ”خدا جي واسطي اڄ منهنجي به بڌ...“ هن آهه ڀري چيو، ”مون تنهنجي محبت کي ڌوڪو ڏنو. تون منهنجي محبت ۾ مونکي پنهنجو سمجهندو رهئين. پر مان تنهنجي اکين ۾ سرمو وجهي خبر نه آهي ته ڪٿي ڪٿي ڀٽڪندي رهيس. پوءِ مان فرانس هلي ويس ۽ آواره شهزاديءَ وانگر عيش ۽ عشرت ڪندي رهيس. پر فيدور!... هڪڙي رات  مون محسوس ڪيو ته هي دولت وارا عيش پرست ماڻهو منهنجا انهيءَ وقت تائين ساٿي آهن، جيستائين منهنجي من تي جوانيءَ جي چمڪ ۽ رونق موجود آهي. انهن کي منهنجي جسم سان ۽ مونکي سندن دولت سان پيار هو. پوءِ مان بيزار ٿي پيس ۽ دل انهيءَ ساٿيءَ کي تلاش ڪرڻ لڳي جو مونکي سيني سان لڳائي چوي، ”ويرا، مونکي توسان محبت آهي،” مگر مونکي اهڙو ڪوبه نه مليو. مان محفلن لاءِ روح روان هيس. پر مان انهيءَ هجوم ۾ پان کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳيس. ۽ پيار جي پياس روح ۽ ضمير ۾ زهريلن ڪنڊن وانگر چڀڻ لڳي. انهيءَ وقت تون مون کي ڏاڍو ياد آئين، ۽ مون محسوس ڪيو ته منهنجي محبت جيڪڏهن ڪٿي زنده آهي ته اها تنهنجي سيني ۾ زدنده آهي...“

فيدور ڪجهه چوڻ وارو ئي هوته ويرا ان کي روڪي ڇڏيو ۽ ڏاڍي ملول ۽ هيسيل لهجي ۾ چوڻ لڳي، ”مون کي وري پنهنجي زال بناءِ فيدور! مان ڏوهه جو اقرار ڪري تو وٽ پناهه وٺڻ آئي آهيان. مون پنهنجي موت جي خبر انهيءَ ڪري ڇپائي هئي، ڇو ته مون کي خبر هئي ته گناهن جي جنهن دنيا ۾ مان مبتلا آهيان  انهيءَ مان زنده نڪري نه سگهنديس، جيڪڏهن نڪري به ويس ته منهنجا چاهڻ وارا عيش پرست، دولتمند پاڇي وانگر منهنجي پٺيان لڳا ايندا، آخر مونکي فرار ٿيڻ جي اهائي هڪ راه نظر آئي.  مون پنهنجي موت جي خبر مشهور ڪري پنهنجي  ماضيءَ کي دفن ڪري ڇڏيو آهي. فيدور! مان جيتوڻيڪ زنده آهيان، پر اها خبر به علط نه آهي. اها ويرا سچ پچ مري وئي آهي. پر ويرا فيدور اڃا زنده آهي. تنهنجي زال زنده آهي. فيدور گنهگار ويرا مري ويئي. مونکي نئين روپ ۾ قبول ڪر.“

ليڪن فيدور ان کي زال جي حيثيت ۾ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو، ”ويرا، توکي جيتري به ملڪيت کپي مونکان وٺ، پر مان هاڻي توکي زال جي حيثيت ۾ قبول نه ڪندس.“

ايتري ۾ لزا جي ماءُ ۽ ماسي اچي ويون، ۽ اهي به فيدور کي مجبور ڪرڻ لڳيون ته ويرا گناهن جو اعتراف به ڪري چڪي آهي ۽ توبهه به، انهيءَ ڪري انکي گهر وٺي وڃ. فيدور روحاني اذيت کان تڙپڻ لڳو، ۽ خاموسيءَ سان ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو. جڏهن هو باغ مان گذري رهيو هو، تڏهن هڪڙي وڻ جي اوٽ مان لزا نڪري آئي. لزا به ويرا جي وڪالت شروع ڪئي. فيدور انکي به صاف لفظن ۾ ٻڌايو.

”لزا! مان ته ائين به ان کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هوس. پر هاڻي جڏهن ته مان توکي پنهنجي دل ۾ ويهاري چڪو آهيان، تڏهن ته مان ڪنهن به قيمت تي تنهنجي محبت سان هڪ ناپاڪ عورت کي دل ۾ جڳهه نه ڏيندس.“

ليڪن لزا، ويرا، جي وڪالت ۾ هڪ ئي دليل بار بار ڏيئي رهي هئي ته ”ويرا عورت آهي ۽ عورت ايتريقدر ته ڪمزور ٿيندي آهي جو انهيءَ کي مرد به فريب ڏيئي سگهي ٿو ۽ هوءَ پنهنجي هٿان به فريد کائي ويندي آهي.“ پرفيدور ڪو به دليل ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. آخر هن خفي ٿي چيو، ”لزا، تنهنجي ڳالهين مان مونکي شڪ ٿو پوي ته تنهنجي محبت به شايد هڪ فريب آهي. ورنه تون مونکي انهيءَ بدڪار عورت سان گڏ رهڻ لاءِ ايترو مجبور نه ڪرين ها. تون به محبت کي محض راند سمجهي رهي آهين!“

لزا جي اکين مان ڳوڙها ڪِري پيا، ۽ رئڻهارڪي آواز ۾ چوڻ لڳي، ”مون اڳ ۾ چيو هو ۽ هينئر وري به چوان ٿي ته محبت جسمن جو نه پر روحن جو ميلاپ ٿيندو آهي. منهنجي روح ۾ تنهنجي محبت سمائجي چڪي آهي. ۽ هاڻي مان سڄي عمر تنهنجي ئي پوڄا ڪندي رهنديس. مان ڪنهن ٻئي جي نه بنبيس. منهنجي روح ۾، منهنجي چپن تي تنهنجو ئي نالو هوندو. خدا جي واسطي مون کي غلط نه سمجهه فيدور! مان ويرا کي چند ڏينهن پنهنجي گهر ۾ رکنيس، ۽ انهيءَ کي مذهب جي رنگ ۾ رڱي ڇڏينديس. پوءِ تون ڏسندين ته ويرا جي جسم مان لزا جي روح جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.“

فيدور جي اندرين دنيا ۾ زلزلو پيدا ٿي ويو ۽ رنج ۽ ملال جا مقدس جذبات سندس سيي ۾ اڀرڻ لڳا. تنهن هوندي به هو ويرا کي پنهنجي گهر وٺي وڃڻ لاءِ آماده ٿي نه سگهو. ٽئين – چوٿين ڏينهن هو وري لزا جي گهر ويو. ويرا اڃا تائين اتي هئي. لزا ان کي پاڪيزه زندگي بسر ڪرڻ جون هدايتون ڪري رهي هئي – ايتري ۾ پاشڪن اچي نڪتو. فيدور ڏٺو ته ويرا ٿورڙيءَ دير ۾ئي پاشڪن سان گَهري ٿي ويئي آهي، ۽ هوءَ ان سان گڏ پياني تي وڃي ويٺي ۽ ٻيئي گڏجي گيت ڳائڻ لڳا. لزا به خوش هئي ۽ سندس ماءُ، ۽ ماسي به خوش هيون، پر فيدور جي سيني ۾ آنڌ مانڌ هئي. انهيءَ ڪري نه ته سندس زال ڪنهن غير مرد سان گيت ڳائي رهي هئي، پر انهيءَ ڪري جو کيس پنهنجي زال جو اعتراف گناهه، توبهه ۽ وعدو محض فريب نظر اچي رهيا هئا. انهيءَ محفل جو انجام اهو ٿيو جو سڀني گڏجي فيدور کي مجبور ڪيو ته هو ويرا کي پنهنجي گهر وٺي وڃي ۽ ڪجهه ڏينهن پاڻ وٽ رکي ڏسي.

فيدور پنهنجي دل تي پٿر رکي، ان کي گهر وٺي آيو. هوءِ ڪيترائي ڏينهن سندس گهر ۾ رهي، ليڪن فيدور گهڙيءَ پَل لاءِ به ان سان کِلي نه ڳالهايو. هوڏانهن لزا سندس ماءُ ۽ ماسي مطمئن ٿيويون ته زال – مڙس پاڻ ۾ ٺهي ويا آهن، ورنه فيدور ٻئي ڏينهن تي شڪايتن جا انبار کڻي انهن وٽ ڀڄندو اچي ها.

لزا ڏاڍو خوش ٿي ته هن هڪ عورت کي نيڪيءَ جي راه تي لڳائي ڇڏيو آهي، پر هوءَ پنهنجي جذبات تي هڪڙو وڏو پٿر رکي چڪي هئي. پاشڪن سوچيو ته فيدور هاڻي راه تان هٽي ويو آهي، انهيءَ ڪري هن هڪ دفعو وري به لزا سان شاديءَ ڪرڻ جي درخواست ڪئي، ليڪن لزا ان کي صاف ٻڌايو، ”مان پنهنجي راه بنائي چڪي آهيان- پاشڪن! منهنجي شادي ٿي چڪي آهي. چند ڏينهن جي اندر منهنجي ڏولي کڄندي، تون پاڻيهي ڏسندين.“

ويرا پنهنجي گهر کي قيد سمجهڻ لڳي. هوءَ ته اڏامندڙ پکي هو. کانئس پراڻيون عادتون ايترو جلدي ڇٽي نه سگهيون.  هوءَ پاڪيزه زندگي ڀلا ڪيئن ٿي گذاري سگهي. هن فيدور کي التجا ڪئي ته هوءَ ٿورو ٻاهر گهمڻ چاهي ٿي. فيدور کيس بَگي گهرائي ڏني ۽ ويرا جلدي واپس موٽڻ جو وعدو ڪري ويئي. رستي ۾ کيس پاشڪن ملي ويو ته هن ان کي به بگيءَ ۾ کڻي ويهاريو ۽ بگي شام جي منهن اونداهيءَ مان نڪري انهيءَ تاريڪيءَ ۾ وڃي پهتي، جنهن تاريڪيءَ مان ويرا فرانس ۾ نڪري آئي هئي.

لزا کي فيدور سان محبت هئي، جنهن جي خبر سندس ماءُ ۽ ماسيءَ کي به نه هئي. انهن لزا کي پاشڪن سان شادي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ شروع ڪيو پر لزا چيو، ”امان! مونکي هاڻي اجازت ڏيو، مان وڃي رهي آهيان!“

”ڪاڏي؟“

”ڪانوينٽ ۾“ لزا چيو، ”مان راهبہ بنبيس.“

”ڇا چيئي؟“ سندس ماءُ ۽ ماسيءَ هڪئي وقت تڙپندڙ آواز ۾ چيو، ”تون راهبہ بنبينءَ؟ هيءُ حسن ۽ هيءُ جواني، جنهن تي روس جا شهزادا مرندا رهن ٿا، تون ان کي راهبہ بنائي تباهه ڪري ڇڏيندينءَ؟“

”مان شهزادي نه آهيان امان!“ لزا سنجيدگيءَ ۽ معصوميت سان چيو،”مان عورت آهيان، منهنجي شادي ٿي چڪي آهي، منهنجو روح هڪ مرد جي روح سان شادي ڪري چڪو آهي.“

سندس پورهي ماسيءَ کيس ٻڌايو، ”توکي خبر آهي ته راهبہ جي زندگي ڪهڙي ٿيندي آهي؟ توکي ڪهن عبادتگاه جي چوديواريءَ ۾ قيد ڪيو ويندو، تنهنجا جذبات ماريا ويندا ۽ خواهشون ختم ڪيون وينديون. توکي ڪنهن مرد جي پاڇي کان به محروم ڪيو ويندو. توکان دنيا جون سڀ رنگينيون کسيون وينديون. ڌيءَ! جذبات مارڻ سان نه مرندا آهن. اهي شعلا بنجي ويندا آهن ۽ عمر ڀر جلائيندا رهندا آهن...“

ليڪن لزا تي ڪو به اثر نه ٿيو. ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن سندس ماءُ کيس جاڳائڻ ويئي، تڏهن ڏٺائين ته سندس بسترو خالي هو. ويرا فيدور سان جي وعدا ڪيا هئا، جي قسم کنيا هئا ۽ هن فيدور جي محبت ۾ جي ڳوڙها ڳاڙيا هئا، اهي پاشڪن جي شگفته مزاجي، زبان درازي، گيتن ۽ سندس دولت جي ڪري ختم ٿيڻ لڳا. هوءَ پاشڪن سان لِڪچوريءَ ملندي رهي. فيدور ان کي ٻه – ٽي دفعا پاشڪن سان گڏ ڏٺو، پر چُپ رهيو. کيس تِر جيترو به ڏک نه ٿيو. آخر هڪڙي ڏينهن ويرا چپ چپ ڪري گهر مان نڪتي ۽ وري واپس نه آئي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ روس جي سوسائٽيءَ ۾ اها خبر پکڙجي ويئي ته فيدور پنهنجي زال کي طلاق ڏني آهي ۽ سندس زال پاشڪن جي زال بنجي ويئي آهي. فيدور انهيءَ سڄي عرصي ۾ لزا وٽ نه ويو، پر ويرا کي طلاق ڏيڻ کان پوءِ جڏهن لزا وٽ ويو، تڏهن اتي ته ماتم لڳو پيو هو. لزا غائب هئي، فيدور پڇيو ته کيس ٻڌايو ويو ته لزا زنده هوندي به مري وئي. هوءَ راهبہ بنجي ويئي آهي. فيدور کي خبر هئي ته ڪنهن به راهبہ سان ملن ممڪن نه هوندو آهي. هو ڪنڌ هيٺ ڪري لزا جي گهر مان نڪري آيو ۽ انهيءَ ئي ڏينهن ڪهن ٻئي ملڪ هليو ويو. هو پندرهن ورهيه ديس بديس ڀٽڪندو رهيو، ليڪن کيس ذري برابر رنج نه ٿيو ته هولزا کي حاصل ڪري نه سگهيو. هو هرگهڙيءَ ائين محسوس ڪندو هو جيئن لزا سندس پنهنجي وجود ۾ موجود آهي ۽ هر گهڙيءَ سندس اڳيان ڦرندي رهي ٿي.

اڄ پندرهن سالن کان پوءِ هو پنهنجي وطن واپس وريو هو. فيدور حسن ۽ معصوميت جي انهيءَ هلندڙ چلندڙ مجسمي کي ڏسي بيهي رهيو. هوءَ لزا هئي، سندس عمر پنجٽيهه ورهيه ٿي چڪي هئي ۽ فيدور هاڻي پنجاهه ورهين جو پوڙهو هو.

لزا ان کي ڏسي مُرڪي ڏنو ۽ سندس ڀرسان لنگهي ويئي. فيڊور جو روح به مُرڪي اٿيو ۽ پاڻ مسرور ۽ سرشار گهر آيو. سندس گهر ويران هو، هيڏن سينگاريل ڪمرن مان کيس اٻاڻڪائي ٿيڻ لڳي، ڄڻ ته پاڻ ڪنهن گهُگهه اونداهي غار ۾ بند ٿي ويو هجي. هو صوفي تي ڪِري پيو ۽ سندس ذهن ۾ لزا جو حسين تصور اُڀري آيو. انهيءَ سان گڏوگڏ کيس ڪمري ۾ مترنم گونج ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳي. کيس ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ لزا انهيءَ ڪمري ۾ گهمي ۽ ڳائي رهي آهي. هو اٿي ويهي رهيو، سندس دل تي جا غشي طاري هئي اها ڌنڌ وانگر اُڏامي ويئي. فيدور پنهنجو پاڻ ۾ خوسي محسوس ڪرڻ لڳو. فيدور دري کولي ڇڏي، ٻاهر چنڊ چانڊوڪي پکيڙي ڇڏي هئي. کيس رات ڏاڍي حسين نطر آئي ۽ لزا جو تصور اڃا به وڌيڪ مهڪي ويو. هن سرگوشي ڪئي، ”آه! جيڪڏهن مان لزا سان شادي ڪريان ها ته اڄ ايترو خوش نه ٿيان ها. هوءِ منهنجي آهي ۽ مان ان جو آهيان. هوءَ مهنجي روح ۾ سمايل آهي.“

اين پاٽون

مترجم: نواز علي شوق

                                (فرانسيسي ڪهاڻي)

ڇو؟

هو منهنجو محبوب آهي.

هونئن ته منهنجا گهڻائي دوست آهن، جن سان گڏ آءٌ سئنيما، ناچ – گهر ۽ تفريحگاه ۾ ويندي آهيان. اهي سڀ منهنجي محبت جا متوالا آهن. منهنجي صرف هڪ اشاري تي اهي سڀڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن. ليڪن هو انهن سڀني کان مختلف آهي. بلڪ هن اڄ ڏينهن تائين مون سان ڳالهايو به نه آهي. آءٌ ان جي نالي کان به واقف نه آهيان، پر جڏهن به ان ناچ – گهر م ويندي آهيان، تڏهن هو مون کي يڪ ٽڪ نگاهن سان ڏسندو رهندو آهي. مان پريشان ٿي ويندي آهيان. منهنجي پريشانيءَ کي ڏسي هو ٻئي طرف مُنهن ڦيري ڇڏيندو آهي.

مون پهريون ڀيرو کيس انهيءَ ناچ -  گهر ۾ ڏٺو هو. آءٌ پنهنجي هڪ سهيليءَ، جينيءَ سان اتي ويئي هيس. هو ڪُنڊ ۾ اڪيلو هڪ ميز جي ڀر ۾ ويٺو هو، مون کي تعجب ٿيو ڇو ته ڪو به ان سان گڏ نه هو. نوجوان ڇوڪرا – ڇوڪريون ايندا هئا، کِل ڀوڳ ڪندا هئا، ناچ ڪندا هئا ۽ هليا ويندا هئا، پر هو اڪيلو اتي ويٺو هوندو هو. سندس سامهون شراب هوندو هو، جو هو هوريان هوريان پيئندو هو. هو جڏهن نوجوان جوڙن کي نچندي ڏسندو هو تڏهن هڪ قسم جي افسردگي سندس چهري تي ڇانئجي ويندي هئي.

جڏهن پهريون دفعو مون کيس ڏٺو، تڏهن هو مونکي بيحد حسين لڳو. ڪُشادي پيشاني، وڏيون وڏيون اکيون، سهڻو نَڪ، ڪتابي چهرو۽ وري سندس گهُنڊيدار وار. آءٌ ته ڄڻ انهن ۾ ڦاسي ويس. هن هڪ دفعو مون ڏي ڏٺو ۽ پوءِ نظرون ڦيرائي ڇڏيائين. مان سڙي ويس، مون اها پنهنجي توهين تصور ڪئي. آءٌ جيڪڏهن تمام گهڻي خوبصورت نه آهيان. ته به حسين ته ضرور آهيان، ۽ تڏهن ته ڪيترائي نوجوان مون تي مرندا آهن. سندس اهڙيءَ طرح مُنهن ڦيري ڇڏڻ کي مون پنهنجي توهين سمجهي، پر جلدي ئي مون کي احساس ٿي ويو ته هن جو اهو مطلب نه هو جو مون سمجهيو هو. هُن غير ارادي طور مون ڏي نهاريو هو ۽ پوءِ وري ٻئي طرف ڏسڻ لڳو هو. ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ کيس منهنجي موجودگيءَ جو احساس ئي نه هو. مون کي اهو معلوم نه هو ته هو ڪو ايڏو بي مروت هوندو! گهٽ ۾ گهٽ هو اخلاقي طور مون ڏي مشڪندي ڏسي سگهيو ٿي. يا وري اٿي منهنجو آدرڀاءُ ڪري ها. مون کي ان جي تمنا هئي. ليڪن هن منهنجي ڪابه پرواهه نه ڪئي. سندس ڌيان ڇڪائڻ لاءِ آءٌ هڪ دفعو وري به زور سان کِليس، ته هن ناگوار انداز ۾ منهنجي طرف نهاريو. مون کي ڏاڍي پشيماني ٿي. مون سوچيو ته هو ڇا خيال ڪندو ته ڪيڏي نه بد تهذيب ڇوڪري آهي. اهڙي جاءِ تي ڇا اهڙيءَ طرح ٽهڪ ڏنا ويندا آهن؟ مان ٺهي ٺڪي ويهي رهيس. ان کان پوءِ مون وري ڪڏهن به اهڙي حرڪت نه ڪئي.

گذريل آچر تي پنهنجي ساهيڙيءَ سان گڏ آءٌ وري اتي ويس ته هو پنهنجي ساڳي جڳهه تي ويٺو هو. مون کي ڏسي سندس چپن تي هلڪي مرڪ ڦهلجي ويئي، پر مون ڄاڻي واڻي ان جو ڪو جواب نه ڏنو. هو به ذرا سنڀري ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويهي رهيو. مون سندس ڀرواري ميز وڃي والاري. مون محسوس ڪيو ته هن ڪڏهن ڪڏهن مون ڏي ڏٺو ٿي. ليڪن ان کان وڌيڪ ڪڏهن سندس چپن تي مُرڪ به تَري ٿي آئي، پر ان کان اڳتي ڪجهه به نه. مون چاهيو ٿي ته هو شروعات ڪري. آخر ته هو مرد هو. يا مون خيال ڪيو ته آءٌ ئي کڻي ابتدا ڪريان. هن جي ڏسڻ جو خاص انداز هو. هو عام نوجوانن وانگر مون کي بکايل نطرن سان نه ڏسندو هو. بلڪ ان ۾ هڪ خاص قسم جي پنهنجائپ ۽ خلوص جهلڪندا هئا، جيئن ڪو پنهنجي دوست جي طرف ڏسندو هجي. اهڙي وقت آءٌ سندس نظرن جو تاب سهي به نه سگهندي هيس ۽ نظرون جهڪائي ڇڏيندي هيس. مون کي تعجب هو ته جيڪڏهن انهيءَ نموني ۾ ڏسڻ جو ڪجهه مطلب آهي ته پوءِ هن کي مون سان محبت آهي. پوءِ ڀلا هوپاڻ اُٿي منهنجي ميز ڏي ڇو نٿو اچي، ۽ مون سان اچي رهاڻيون ڪري. سندس اهڙيءَ طرح خاموش رهڻ تي مون کي ڪاوڙ ايندي هئي. آءٌ بيزار ٿي اجايو سجايو پنهنجي ساهيڙيءَ سان وڙهندي هيس. هو اسان جي لڙائيءَ مان محفوظ ٿيندو هو. هو مون ڏي ائين ڏسندو هو، ڄڻ هُن منهنجي دل ۾ ويٺل چور کي سڃاڻي ورتو هجي. پر جيڪڏهن ائين هو ته هو پاڻ ڇو نٿو اچي؟ اخر هنجي لاءِ ڪهڙي رڪاوٽ آهي؟

مون ڪيترا ڀيرا سوچيو ته اوڏانهن نه وڃان ۽ سندس خيال ترڪ ڪري ڇڏيان، پر ائين به ٿي نٿي سگهيو. آچر جو خيال ايندي ئي مون تي هڪ ڪيف طاري ٿي ويو ٿي، ۽ شام ٿيندي ئي منهنجا قدم خود بخود ناچ گهر جي طرف وڌڻ لڳندا هئا. آءٌ هميشہ پنهنجي ساهيڙيءَ کي ساڻ وٺي ويندي هيس. ان سان گڏ مون کي آٿت ملندو هو. آءٌ اڪيلي وڃڻ کان گهٻرائيندي هيس، ڇو ته آءٌ هنجي نظرن جو مقابلو نه ڪري سگهندي هيس. جيڪڏهن هو مون سان گفتگو ڪرڻ لاءِ ميز تي اچي وڃي ته هڪ لفظ به جيڪر منهنجي زبان مان نه نڪري آءٌ ته شرم کان جيڪر اتي زمين ۾ گهڙي وڃان. شايد محبت ان کي چوندا آهن. لک کڻي ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ دل چاهي، پر جڏهن هو سامهون اچي نڙي خشڪ ٿي وڃي ۽ هڪ حرف به نه اُڪلي!

مون پنهنجي انهيءَ خاموش محبت کي پاڻ تائين ئي رکيو. پنهنجي رازدار ساهيڙي جينيءَ کي به نه ٻڌايم، ته ڪٿي هو مون کي تنگ نه ڪري. منهنجي محبت عام محبت نه هئي ۽ سچ ته صحيح معنيٰ ۾ محبت جو مفهوم مون کي هينئر ئي معلوم ٿيو هو. پوءِ جيڪڏهن آءٌ ڪنهن کي ڪجهه چوان به ها ته ڇا چوان ها؟ ماڻهو مون کي ڇا سمجهن ها: ته محبوب سان اڃا تائين ڳالهايو به ڪونه اٿس ۽ دل ئي دل ۾ کيس پوڄڻ شروع ڪيو اٿس. ليڪن آءٌ ان جذبي کي ڄاڻڻ لڳي هيس، جنهن کي ڪو ٻيو شخص سمجهي نٿي سگهيو! مون نٿي چاهيو ته مانهن کي منهنجي هن محبت جي خبر پئجي وڃي، ۽ هو منهنجي متعلق غلط فواهه ڦهلائين.

آهستي آهستي هو منهنجي دل و دماغ تي ڇانئجڻ لڳو. هينئر هميشہ سندس صورت منهنجي نظرن جي سامهون ڦرندي رهي ٿي. ڪنهن به ڪم ۾ دل نٿي لڳي. بس دل چاهي ٿي هت هو آڏو ويٺو رهي ۽ آءٌ کيس ڏسندي ئي رهان! جيڪڏهن هو نٿو ڳالهائي ته پوءِ به ڇا آهي.مرڪندي ته منهنجي طرف ڏسندو آهي! ايترو ئي منهنجي لاءِ سخت ڏک ۽ ايذاءَ جي بربر آهي! ڪڏهن ته منهنجي دل چاهيندي آهي ته کيس سڌيون ٻڌايان! هميشہ هميشہ جي لاءِ سندس سڪ دل مان تڙي ڪڍان، ليڪن سندس موهڻي مورت آڏو اچي ويندي آهي ۽ آءٌ پنهنجي هار مڃيندي آهيان! مون ٻين ڇوڪرن سان ملڻ جلڻ ڇڏي ڏنو آهي. ممڪن آهي ته اها ڳالهه کيس بري لڳي. سڀ منهنجي متعلق عجيب عجيب ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن. ڪو چوي ٿو ته مغرور ٿي وئي آهي. ته ڪو وري سمجهي ٿو ته مون کي ڪو اندر جو غم کائي رهيو آهي. ساهيڙيون مون کان پڇي پڇي ڪڪ ٿي پيون آهن. ليڪن آءٌ انهن کي چوان ته ڇا چوان، ته آءٌ هڪ اهڙي شخص جي محبت ۾ گرفتار ٿي ويئي آهيان، جنهن اڃا تائين مون سان ڳالهايو ٻولهايو به نه اهي. هو منهنجي لاءِ هڪ معمو آهي. آخر هو ڪير آهي؟ ڪٿي رهي ٿو؟ ڇا ڪندو آهي؟ کيس ڪهڙو ڪم آهي؟ جنهنڪري هو هميشہ اڪيلو نظر ايندو آهي؟  ڪڏهن به سندس ڪو دوست وٽس نظر نه آيو! آخر هو ڪهڙيءَ طرح پنهنجي زندگي گذاري رهيو آهي. جيڪڏهن مون کي سندس غم معلوم ٿي وڃي ته آءٌ جيڪر سندس مدد ڪريان ۽ سندس غم هلڪو ڪريان. آءٌ ڇا ڪريان؟ آءٌ خود ساڻس ڳالهائڻ جي سگهه نٿي ساريان. هن کي ڏسندي ئي منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳندي آهي، ۽ جيڪڏهن سچ پچ هو ڪڏهن به سامهون اچي بيهي رهي ته آءٌ جيڪر مري وڃان ۽ هنيانءُ ڦاٽي پوي!

هو ٻين ڇوڪرين ڏي نه ڏسندو آهي، فقط مون ڏي تڪيندو رهندو آهي، ۽ اهو به چپن جي مرڪ سان. يا خدا! هو مونکي ڇو تڙپائي رهيو آهي؟ ڇا منهنجو امتحان وٺي رهيو آهي؟

هڪ ڏينهن، دستور جي خلاف سندس ڪجهه دوست، جن ۾ ڇوڪريون به هيون، ساڻس گڏ ويٺا هئا. سڀ ٽهڪ ڏئي رهيا هئا. هن مون کي ان ئي انداز سان ڏٺو، پر سڙي ويس. ناراض ٿي کانئس پري ٻئي پاسي وڃي ويهي رهيس. ٿوريءَ دير کان پوءِ وٽس ويٺل ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ناچ ۾ شامل ٿي ويا، پر هو پنهنجي ئي جاءِ تي ويٺو رهيو. هن مون ڏي انهن ئي نظرن سان نهاريو. مون کي ائين معلوم ٿيو، ڄڻ هو مون کان معافي گهري رهيو هجي ۽ منهنجي غلط فهمي دور ڪرڻ گهرندو هجي. آءٌ اجايو انهن ڇوڪرين سان حسد ڪرڻ لڳي هيس. آخر هو منهنجو ئي ته هو!

منهنجي دل شاهدي ٿي ڏئي ته هو مونکي دل سان چاهي ٿو ۽ آءٌ به ساڻس پيار ڪريان ٿي. پوءِ به خبر نه آهي ته ڇو هن مون کي هڪ آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ آءٌ صبر ڪنديس ۽ کيس ٻڌائينديس ته آءٌ اهڙين ڪيترين ئي آزمائشن مان پار پهچي سگهان ٿي. جيڪڏهن هو ائين مون کي تڙپائڻ گهري ٿو ته اهو به ڪري ڏسي، پر ڪڏهن ان جو انجام سوچي آءٌ ڏڪي ويندي آهيان! آخر اها راند ڪيترو وقت کيڏي ويندي؟ جيستائين زبان سان محبت جو اقرار نه ٿئي ته اهو ٻنڌڻ مضبوط نه ٿيندو آهي. ڪڏهن هڪ دم گهٽيندڙ خيال ايندو آهي ته متان کيس ٻار ٻچا نه هجن، پر سندس طرز عمل مان مون اهو اندازو لڳايو آهي ته ائين نه آهي. مون کي يقين آهي ته هو مون کي ڌوڪو نه ڏيندو.

آءٌ هنجي خليا ۾ ايترو غرق رهڻ لڳي آهيان جو هينئر مون کي پنهنجي سينگار ۽ ميڪ اپ جو به هوش نه آهي. آءٌ هينئر سادو لباس پهريان ٿي. مون سندس طرز عمل مان معلوم ڪيو آهي ته کيس اهو پسند آهي. هڪ ڏينهن اءٌ سادي لباس ۾ بغير ميڪ اپ جي ويس ته هن جون اکيون خوشيءَ وچان چمڪڻ لڳيون. ان کان پوءِ مون ڀڙڪدار لباس پائڻ ڇڏي ڏنو ۽ مون ناچ ۾ حصو وٺن ڇڏي ڏنو. جڏهن به ڪنهن مون کي ناچ لاءِ چيو ٿي ته مون بهانو ڪيو ٿي. آءٌ خاموشيءَ سان پنهنجي جاءِ تي ويهندي هيس ۽ هُو پنهنجي ميز جي ڀر ۾ مُرڪندو رهندو هو، ڄڻ منهنجي ان ڇيڙڻ تي هو لطف اندزو ٿيندو هجي. منهنجي ڪن ساهڙين کي شڪ پئجي ويو هو ته آءٌ هن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳي آهيان، پر هنن مون کان ڪڏهن به هن جي متعلق نه پڇيو ۽ نه وري مون ئي کين ٻڌائڻ ضروري سمجهيو.

هر دفعي پڪو پهه ڪري ويندي هيس ته هن ڀيري هن سان ضرور ڳالهه – ٻولهه ڪنديس ۽ سندس چُپ جو روزو ٽوڙينديس، پر هن جي ويجهو پهچندي ئي همت هاري چپ چاپ پنهنجي ميز وٽ ويهندي هيس. هو منهنجي ڪيفيت ڏسندو هو ۽ مُرڪندو رهندو هو. آءٌ جلي ويندي هيس، ليڪن ڇا ٿي ڪري سگهيس؟ بعد م پاڻيهي ڪاوڙ ختم ٿي ويندي هئي.

هڪ ڏينهن مون پڪو ارادو ڪيو ته اڄ هن سان ضرور ڳالهائينديس. مون هن اڻڄاتل باهه ۾ هميشه سڙڻ نٿي گهريو. هن کي صاف لفظن ۾ چوڻو پوندو ته هو مون سان محبت ڪري ٿو يا نه. مون زياده دير ٻُڏ تر ۾ رهڻ نٿي چاهيو. جينيءَ سان گڏ اتي ويس ته هميشه وانگر مون کيس اتي ئي ويٺل ڏٺو. هو مونکي ڏسي مرڪيو، پر مون سندس جواب مُرڪ سان نه ڏنو ۽ چپ چاپ وڃي پنهنجي جڳهه تي ويٺيس. جيني جلد ئي رقص ۾ شروع ٿي ويئي، پر آءٌ ويٺي رهيس. هڪ ساٿيءَ صلاحيو، پر مون انڪار ڪري ڇڏيو، اخر همت ڪري سندس ميز جي ويجهو آيس ۽ وڏيءَ مشڪل سان چيم، “معاف ڪجو – اوهان وٽ ماچيس هوندو؟“ ”تشريف رکو“! هن مُرڪندي لائٽر ٻاريو، مون شڪريو ادا ڪيو ۽ ويهي رهيس. منهنجي عجيب حالت هئي، منهنجي مُنهن تي پگهر اچي ويو هو.

”توهان ڇا پيئندو؟“ هن پڇيو.

”شمپين“ غير ارادي طور منهنجي زبان مان نڪري ويو، حالانڪ ان کان اڳ مون ڪڏهن به شراب نه پيتو هو. هن مُرڪندي مون ڏي نهاريو ۽ بيري کي گهرائي آرڊر ڏنو. ”ساز ته ڏاڍو سٺو وڄي رهيو آهي.“ مون ڳالهه شروع ڪرڻ چاهي، ”اونهه“ هن ڳالهه ٽاري ڇڏي. ”تون ناچ ۾ ڇو نه شرڪي ٿئينءَ؟“ هن پڇيو:

”منهنجي دل نه چاهيو“ مون چيو.

”تعجب آهي، تو جهڙي حسين ڇوڪريءَ کي ته ناچ ۾ ضرور شامل ٿيڻ کپي ها.“ هن چيو هن جي واتان پنهنجي تعريف ٻڌي مون کي خوشي ٿي.

جيڪڏهن هو مون کي ناچ لاءِ چوي ها ته آءٌ فوراً تيار ٿي وڃان ها، پر هن ڪجهه به نه چيو ۽ آءٌ ادس ٿي ويس. عجيب انسان آهي، مون کي رکي رکي ڪاوڙ ٿي آئي. هن پنهنجو گلاس کنيو ۽ منهنجي صحت جو جام تجويز ڪيو. هو شراب آهستي آهستي پِي رهيو هو. خاموشي مون تي گران گذري رهي هئي. مون چاهيو تي ته هو ڳالهائي، پر هو خاموش هو. مون شراب جو گلاس کنيو ۽ اهو پِي ويس. توڙي جو شمپين هلڪو شراب هوندو آهي، پر تنهن هوندي به اهو مون کي تمام ڪرو ٿي لڳو. مون جڏهن مُنهن ڪوجهو ڪيو ته هُو کِليو. هال ۾ اچانڪ منهنجي نظر جينيءَ تي پيئي. هوءَ پنهنجي ساٿيءَ کي ڪجهه چئي رهي هئي، ”ڏس! هن ڪهڙوشڪار ڦاسايو آهي.“ مون هڪدم منهن ڦيري ڇڏي ڇڏيو، خاموشيءَ کان گهٻرائيندي مون ٻيوگلاس ڀريو ۽ اهو به پِي ويس. ٽئين گلاس تي هن منهنجو هٿ روڪيو ۽ منهنجي جسم ۾ ڄڻ بجلي جي لهر ڊوڙي ويئي. ”توکي زياده شراب نه پيئڻ گهرجي“ هن ايترو چيو. پر مون ان جي پرواه نه ڪئي ۽ سندس هٿ هٽائي ڇڏيم. مون هن کان بدلو وٺڻ چاهيو ٿي، آخر هو منهنجي بيعزتي ڇو ڪري رهيو هو؟ آخر مون کيس ڪهڙو نقصان پهچايو هو؟ خاموشي مون کي ڏنگ هڻي رهي هئي. مون چاهيو ٿي ته اتان اُٿي ڀڄي وڃان، پر ڄڻ ته منهنجا ڪنهن پير جڪڙي ڇڏيا هئا.

ناچ – گهر سنسان ٿي ويو، پر مون کي ان جو احساس نه ٿيو. جيني به هلي ويئي هئي، صرف هو ۽ آءٌ ويٺل هئاسين. بيروڪرسيون کڻڻ لڳو، مون کي اٿندو ڏسي هن چيو: ”رات گهڻي گذري چڪي آهي، تون وڃڻ چاهيندينءَ پر افسوس آهي جو آءٌ توکي ڇڏڻ لاءِ گهر تائين هلي نٿو سگهان! اميد آهي ته تون منهنجي ان خطا کي معاف ڪندينءَ“ آءٌ ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهي ٿي ويس. مون کي اميد نه هئي ته هو ايتريقدر منهنجي بيعزتي ڪندو. مون ڪاوڙ  ۾ چيو، ”توکي منهنجي بيعزتي ڪرڻ جو ڪو به حق نه آهي. مون کي خبر نه هئي ته تون ايترو بد تهذيب آهين جو مون کي گهر جي دروازي تائين به ڇڏڻ نه هلندين. مون توکي ايترو ڪِريل نٿي سمجهيو.“ ڪاوڙ جي سبب آءٌ روئڻ لڳيس. هن مون کي تسلي ڏني ۽ چيو، ”تون نٿي سمجهين، آءٌ قسم کڻي چوان ٿو ته تنهنجي بيعزتي ڪرڻ جو خيال به آءٌ دل ۾ نٿو آڻي سگهان، بس ايترو سمجهه ته آءٌ معذور آهيان؛ نه ته توسان گڏ ضرور تنهنجي گهر هلان ها.“ ”آخر ڪهڙو سبب آهي؟ آءٌ به ته ٻڌان. ايترن ڏينهن کان آءٌ خاموش رهيس، پر هينئر مون کان برداشت ٿي نٿو سگهي. آءٌ انهيءَ قصي کي اڄ ختم ڪرڻ چاهيان ٿي“.

”سٺي ڇوڪري غصي ۾ نه اچ. زندگي اسان کي جيڪي حسين گهڙيون بخشيون آهن، تن کي ضايع نه ڪجي، سمجهه ته آءٌ مجبور آهيان“.

”نه، نه، نه توکي ٻڌائڻو پوندو“، مون زور سان چيو، ”آءٌ هڪ دفعو وري به چوان ٿو ته اهو طلسم نه ٽوڙ“ هن التجا ڪئي. ”نه، نه، نه“ مون چيو.

”جيڪڏهن اهائي مرضي اٿئي ته ڏس“. ائين چئي هو ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ مون ڏي وڌيو. اُف! خدايا!....آءٌ هڪ ڀوائتو خواب ته نه ڏسي رهي هيس! اهڙي خوبصورت جسم لاءِ ايتريون ننڍڙيون ٽنگون! هو ته منهنجي ڪلهن تائين به نٿي پهچي سگهيو. آءٌ خوف ۽ غم کان هوٽل مان ڀڄي نڪري آيس ۽ هو هٿ وڌائي ان ئي جاءِ تي بيٺو رهيو.

الياس سيتاپوري

مترجم: شوڪت حسين

باهه جي راند

دجلہ نديءَ جي اُلهندي ڪناري تي سڪندراعظم جي نامور جرنيل سيليوڪس هڪ شهروسايو ۽ ان جو نالو پنهنجي نالي جي نسبت سان سيلوڪيا رکيو هن شهر ۾ جلد ئي ڪئين قومون آباد ٿيڻ لڳيون، جن ۾ عرب ۽ يهودي گهڻائيءَ ۾ هئا. آخر سيليوڪس به ماضيءَ جي سورمن سان گڏ مٽيءَ ۾ وڃي آرامي ٿيو،۽ ايران پنهنجو وڃايل وقار ٻيهر حاصل ڪري ورتو. ايرانين سيلوڪيا جي مقابلي ۾ دجلہ جي اُڀرندي ڪناري تي تيسفون نالي شهر آباد ڪيو. ڏسندي ڏسندي شهر جي آبادي وڌي وئي. ان کان اڳ ايراني بادشاهن جي گاديءَ جو هنڌ استخر هو، جيڪو شيراز کان اٽڪل پنجٽيهه ميل پري هو، ۽ ان ئي شهر م تاريخ جي عظيم عمارت تخت جمشيد آڏيل هئي. پر جڏهن تيسفون آباد ٿيو، تڏهن استخر جي بدران ان نئين شهر کي گاديءَ جي هنڌ بنائڻ جو اعزاز بخشيو ويو. اهوشهر اڄ موجود ڪونهي، ڇوته بعد ۾ ان جي جاءِ مدائن ورتي هئي ۽ جڏهن مدائن به ڦٽي ويو، تڏهن ان جي جاءِ هڪ ٽئين عظيم الشان شهر بغداد ورتي، جيڪو اڄ به موجود آهي.

جڏهن تيسفون ساساني بادشاهن جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ٿيو، تڏهن اُتي هنڌ هنڌ تي آتشڪدا تعمير ٿيا ۽ انهن ۾ اهڙي باهه روشن ڪئي ويئي، جيڪا اٽڪل هڪ هزار سالن تائين قائم رهي. اهي آٽشڪدا، جن جي پکيڙ تمام گهڻي هوندي هئي، سي عبادتگاهن کان سواءِ رهائشگاه جو ڪم به ڏيندا هئا. انهن جي آسپاس موبدن (پروهت) جا ڪٽنب رهندا هئا ۽ مويدن جي رهائشگاه کان پري ڪنڊ پاسي ۾ انهن غريب خادمن کي به رهڻ جون جايون مليل هونديون هيون، جيڪي آتشڪدن ۽ مويدن جي خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا ويندا هئا. ٻين ملڪن مان جيڪي ايلچي ايندا هئا، سي به انهن آتشڪدن جي مهمان خانن ۾ رهايا ويندا هئا. ايلچين ۽ بادشاهه جي وچ ۾ واسطي جو ڪم اتي جو موبداعظم ڪندو هو. تيسفون ۾ ٻاهران آيل ڪوبه شخص موبداعظم جي مرضيءَ کان سواءِ بادشاهه سان ملي نه سگهندوهو. ان وقت ٻاهران ايندڙن جي تعداد ۾ مڙئي ڪجهه واڌ اچي وئي هئي ۽ مهمانخانا پورا نٿي پيا، ان ڪري موبداعظم فيصلو ڪيو ته آتشڪدي کي وڌائڻ ضروري آهي.

دجلہ نديءَ جي ٻئي ڪناري تي وسيل شهر سيلوڪيا ۾ خوشنواز نالي مکيه عمارتساز کي موبداعظم جو اهو حڪم مليو ته ترت مذهبي اڳواڻ جي آتشڪدي آذر فرونگ ۾ پهچي ساڻس ملي. خوشنواز پنهنجا سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. جڏهن هو دجلہ جي ڪناري تي پهتو، تڏهن اتي سندس لاءِ هڪ ڊگهي سڙهه واري ٻيڙي بيٺي هئي. قاصد بيڙيءَ کي هڪ مضبوط رسيءَ سان ڪپ تي پيل ڳري پٿر سان ٻڌي ڇڏيو هو. جڏهن خوشنواز قاصد سان گڏ ٻيڙيءَ تي چڙهيو، تڏهن رسيءَ کي کولي ٻيڙيءَ کي پاڻيءَ ۾ اندر ڌڪيو ويو۽ ٻيڙي اڀرندي ڪناري ڏانهن وڌڻ لڳي.

ان ڏينهن خوشنواز بيحد خوش هو. پنج سال اڳ، جڏهن هو ويهن ورهين جو هو، تڏهن هن سپاهين جي آتشڪدي آذر گشپ منجهه ٻرندڙ مقدس باهه کي ڏٺو هو ۽ اتي ئي هن جهان جي خالق اهوار مزدا جي اها مورتي به ڏٺي هئي، جنهن کي ريشم ۽ زريفت جو لباس پهرايل هو. ان وقت به هو ساڳيءَ ريت آتشڪدي کي وڌائڻ جو ڪم ڪري رهيو هو. جڏهن ڪم پورو ٿيو، تڏهن وري کيس اتي وڃڻ جي اجازت نه ملي. آخر ته هو هڪ مزور ليکيو ٿي ويو ۽ مزورن جي لاءِ جدا آتشڪدا ٺهيل هئا، جن کي آذر برزين سڏيو ويندو هو. اڄ هو مذهبي اڳواڻن جي آتشڪدي آذر فرونگ ڏانهن وڃي رهيو هو. هن کي ان مقدس آتشڪدي کي ڏسڻ جي تمام گهڻي خواهش هئي. ٻيڙي اوڀر واري ڪناري ڏانهن وڌندي ٿي ويئي. هن پري تائين ڪناري تي نگاهون کپائي ڇڏيون. اتي سرو ۽ صنوبر جي چوٽين کان مٿي آتشڪدن جا گنبذ صاف نظر اچي رهيا هئا. آتشڪدن جي قبن تي ريشم ۽ زربفت جون بيرقون ڦڙڪي رهيون هيون.

هن کي آرام ڪرڻ جي لاءِ آذر فرونگ ۾ هڪ ڪمرو ڏنو ويو، پر هو شام جو واپس درياء اُڪري پنهنجي گهر ويو. ٻئي ڏينهن تي صبح جو موبداعظم هن کي پنهنجي روبرو گهرايو ۽ پاڻ سان گڏ وٺي وڃي آتشڪدي جو اهو حصو ڏيکاريو، جتي هاڻي وڌيڪ پنجاهه ڪمرا ٺاهڻا هئا. آتشڪدي جي عبادتگاهه ان هنڌان تمام ويجهي هئي. هن دل ئي دل ۾ پهه ڪيو ته هو ماڻهن کان لڪي اندر ضرور ويندو، ۽ اتي هو مقدس باهه، اهوار مزدا ۽ ٻين مورتين جي زيارت ڪندو. هن جي دل ۾ اها خواهش مدتن کان موجود هئي. اڏاوت شروع ٿي چڪي هئي. اٽڪل هڪ سئو ماڻهو هن جي هٿ هيٺ اڏاوت جي ڌار ڌار ڪمن ۾ لڳل هئا. جڏهن موبداعظم کي هن تي پورو ڀروسو ڄمي ويو تڏهن هو گهٽ اچڻ لڳو. خوشنواز پنهنجي مٺين مٺين ڳالهين سان هن کي مطمئن ڪري ڇڏيو هو. صبح، منجهند، وچينءَ جي ويل، شام ۽ رات جو پنج ڀيرا جيڪي مانهومعبد ۾ ايندا هئا، انهن سڀني کي خوشنواز ڏسندو رهندو هو. انهن ماڻهن ۾ هڪ عورت اهڙي به هئي، جيڪا هر ٻئي – ٽئين ڏينهن اهڙي وقت معبد ۾ ويندي هئي، جڏهن اندر ڪو به ڪونه هوندو هو. هوءَ ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين اڇيءَ چادر ۾ ويڙهيل هوندي هئي ۽ سندس سڄو جسم اهڙيءَ طرح لڪل هوندو هو، جو اها خبر نٿي پئجي سگهي، ته هوءَ ڪهڙيءَ عمر جي آهي ۽ سندس شڪل صورت ڪهڙي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com