ان کان پوءِ ’روس‘ ۾ به زبانن جو مسئلو پيدا ٿيو.
’روس‘ 1917ع واري انقلاب کان پوءِ، ملڪ جي سورهن
جداجدا علائقن جي ٻولين، لهجن ۽ محاورن کي، ”قومي
۽ سرڪاري“ زبانون تسليم ڪري، ’زبان‘ جي مسئلي کي
هميشه لاءِحل ڪري ڇڏيو. ان طرح ’ڀارت‘ ۾ يورپ کان
به گهڻيون ٻوليون آهن، تاهم ڀارت سرڪار 24 زبانن
کي ’قومي زبان‘ قرار ڏنو آهي. حيرت انگريز امر هي
آهي ته ’سنڌي زبان‘ کي ڀارت ۾ 14 نمبر ڏنل آهي،
حالانڪ ڀارت ۾ سنڌي ڄاڻندڙن جو تعداد ڏهه- پندرهن
لکن تائين مَسَ ملي ٿو! ڀارت جو اهو قدم اسان لاءِ
هڪ سونهري مثال چئي سگهجي ٿو.
انهن حقيقتن جي روشنيءَ ۾ اها تقاضا حق
بجانب ٿيندي ته ’پاڪستان‘ ۾ اردو زبان سان گڏ
’سنڌي زبان‘ کي ساري برصغير لاءِ ’قومي ۽ سرڪاري‘
زبان بنايو وڃي.
سنڌيءَ جي تاريخي عظمت:
’سنڌي زبان‘ جي تاريخي ۽ علمي عظمت ۽ شهرت
ستين صدي هجريءَ ڌاري ايتري ته هئي، جو علامه
اقبال جي مرشد، مولانا جلال الدين روميءَ به
سنڌيءَ ٻوليءَ جو مستقل ۽ جداگانه وجود تسليم ڪيو
آهي. چيو اٿس:
سنديان را اصطلاحِ ’سند‘ مدح،
هنديان را اصطلاحِ ’هند‘ مدح.
هن شعر ۾ ”سنڌ ۽ هند“ ”سنڌي ۽ هندي“ ٻن
جدا جدا ملڪن ۽ ٻن جدا جدا زبانن جوفرق موجود آهي.
’سنڌ‘ جي زبان ’سنڌي‘ آهي ۽ ’هند‘ جي زبان ’هندي‘
آهي، جنهن کي اڄڪلهه ’اردو‘ چيو ويو آهي. مطلب اهو
آهي ته مولانا روميءَ فرمايو آهي ته ”سنڌين کي
سنڌي ٻولي سونهي ٿي، ۽ هندين کي هندي (اردو) زبان
سونهي ٿي!“ اڄڪلهه جي اردو وارن کي گهٽ ۾ گهٽ
علامه اقبال جي مرشد مولانا روميءَ جي مٿئين شعر
تي غور ڪرڻ گهرجي. پر جي اسلامي مفڪرن جي روايات۽
ارشادات تي هلڻ لاءِ تيار ناهن ته پوءِ هن دور جي
جديد فيصلن ۽ مسئلن کي ئي آڏو رکڻ گهرجي. انگريز
سنڌ جي هڪ ننڍڙي ضلعي جيتري پتڪڙي ٽڪري ويالس جي
ننڍڙي ٻوليءَ ويلش کي قومي ۽ سرڪاري زبان ڪري
تسليم ڪري چڪا آهن، ۽ ان لاءِ مستقل ۽ جدا
يونيورسٽي ٺاهي چڪا آهن ۽ ويلش کي پهريون نمبر ۽
انگريزيءَ کي ٻيو نمبر ڪري تسليم ڪيو اٿن، ته پوءِ
ان لاءِ ڪو به معقول سبب نظر نٿو اچي ته پاڪستان
۾، اردوءَ سان گڏ، ’سنڌي‘ ٻوليءَ کي ’قومي ۽
سرڪاري‘ نه قرار ڏنو وڃي، جو ويلس کان ڏهوڻو صوبو
آهي ۽ سندس ’زبان‘ پنهنجي علمي ۽ فني، تاريخي ۽
تهذيبي حيثيت سان نه فقط ’اردوءَ‘ کان گهٽ ناهي.
بلڪ ڪن خصوصي حالتن ۾ ته اردوءَ کان به وڌيڪ آهي!
سنڌيءَ جي لغت ۽ گرامر، اردوءَ جي ڌاري ۽ اڌاري
لغت ۽ گرامر کان گهڻو وڌيڪ جامع ۽ ڪامل، صحيح ۽
درست آهي. ان کان سواءِ تاريخي خيال کان عالمي
زبانن ۾ سڀني کان جهوني ۽ پراڻي زبان آهي. جنهن ۾
ادب جي هر پهلوءَ تي بيش بها ڪتاب موجود آهن.
صدر مملڪت جا ارشادات:
صدر مملڪت پاڪستان جناب ذوالفقار علي
ڀُٽي، ٻوليءَ جي مسئلي تي بصيرت افروز انداز ۾
پنهنجي خيالات جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبليءَ
جي تقرير کان وٺي، سنڌ جي وڏن شهرن جي دوري وقت
ڪيل تقريرن تائين، صدر محترم سنڌي ٻوليءَ ۽ اردوءَ
جي فني ۽ ملڪي حيثيت متعلق صاف نموني ۾ واضح ڪيو
آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو حق مليو آهي ۽ قومي
اردو ٻوليءَ کي ڪوبه خطرو ناهي. سندس تقريرن مان
چند اقتباسات پيش ڪجن ٿا:
”اردو سڄي ملڪ جي ٻولي آهي، سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ
جا ماڻهو قومي ٻولي ڄاڻن ٿا. ڪير به ان حقيقت کان
انڪار ڪري نٿو سگهي. انهن فسادن کان اڳ ڪير به
ائين نٿي چئي سگهيو ته سنڌ جو ڪو به ماڻهو اردو
نٿو چاهي. اردوءَ کي خطري جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو
ٿئي. فقط اها ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته صوبي جي ٻوليءَ
جي استعمال ۽ ان ۾ تعليم ڏيڻ کي ترقي ڏياري وڃي.
”اوڀر پاڪستان وانگر ٻوليءَ جومسئلو سنڌ ۾
به پيدا ٿي رهيو آهي، جنهن کي حل ڪرڻو پوندو. سنڌي
هڪ قديم ٻولي آهي. انگريزن جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو
هو تڏهن چارلس نيپئر چيو هو ته ٻوليءَ سان هٿچراند
ڪرڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي وڃي. جڏهن سنڌ بمبئيءَ ۾
شامل هئي، ان وقت بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ به سنڌي
پڙهائي ويندي هئي ۽ 1959ع تائين اها ’سرڪاري‘ ٻولي
هئي، جنهن کان پوءِمارشل لا وارن زباني حڪم جاري
ڪري ان تي بندش وجهي ڇڏي هئي.
”ٻوليءَ واري بل کي لاڳو ڪرڻو پوندو،
ڇاڪاڻ ته مان نٿو چاهيان ته سنڌ جي عوام ۾ پاڪستان
لاءِ نفرت پيدا ٿئي... اردوءَ کي ڪوبه خطرو ناهي،
ڇاڪاڻ ته اها پنجاب ۽ هندستان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي،
پر سنڌيءَ لاءِخطرو پيدا ڪيو ويو هو ۽ اهوئي سبب
آهي، جوسنڌ ۾ ماڻهن جا جذبات شديد ٿي ويا آهن.
آزاديءَ جي وقت جتي ڏهه سنڌي هوندا هئا، اتي فقط
هڪڙو ڄڻو اردو ڄاڻندو هو، پر اڄ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾
رهندڙ هرڪو سنڌي اردو ڄاڻي ٿو. هاڻي ڪجهه اهڙا
اشتهار لڳايا ويا آهن، جن ۾ چيوويو آهي ته ملڪ کي
هڪ پاڪستاني صدر کپي، ’سنڌي‘ نه کپي‘ افسوس، ماڻهن
اهڙن نعرن جي منطق کي سمجهڻ تي غور نه ڪيو آهي.
’”ڇا انهن نعرن جومقصد اهو ناهي ته هڪ ’سنڌي“ ڪڏهن
به پاڪستاني ٿي نٿوسگهي؟ جڏهن ’سنڌي“ پاڪستاني نٿو
ٿي سگهي ته پوءِ هو پاڪستان جو صدر به نٿو ٿي
سگهي؟
”مان سنڌ جي ٻوليءَ کي بدلائي نٿو سگهان،
انهيءَ سلسلي ۾ مان هر خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار
آهيان.“
”سنڌ اهو پهريون صوبو آهي، جتي صوبائي اسيمبليءَ
پاڪستان جي حمايت ۾ ٺهراءُ بحال ڪيو هو ۽ سنڌ جي
حڪومت ئي نئين قائم ٿيندڙ پاڪستان کي آڇ ڪئي ته
هوءَ ڪراچيءَ کي پنهنجي گادي بنائي.
”سنڌي ان ڪري اردو سکندا رهيا، جو قائداعظم چيو هو
ته اردو پاڪستان جي سرڪاري ٻولي آهي.
”مان سنڌ جي عوام جي حقن کي غصب ڪرڻ نٿو چاهيان، ۽
نه ئي وري سندن ٻولي يا ثقافت کي تباهه ڪرڻ گهران
ٿو.
”سنڌين، نون سنڌين کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون،
سنڌين قربانيون ڏنيون، انهيءَ جي باوجود سنڌين تي
علاقائيت ۽ تعصب جون تهمتون مڙهيون پيون وڃن، اهو
ڪٿي جو انصاف آهي؟
”هندوستان ۾ ٻاويهه صوبا آهن ۽ انهن سڀني کي
پنهنجي پنهنجي ٻولي آهي.“
(قومي اسيمبليءَ کي خطاب، 15-جولاءِ 1972ع، اسلام
آباد)
”مون کي انهن هنگامن جوڪوبه جائز سبب نظر نٿو اچي،
جيڪي سنڌ اسيمبليءَ طرفان ٻوليءَ واري بل جي
اڪثريت سان پاس ٿيڻ جي خلاف شروع ٿيا. جڏهن ته ان
بل ۾ اسان جي قومي ٻولي اردوءَ جي خلاف ڪابه ڳالهه
موجود ناهي ته پوءِ هروڀرو وڳوڙ پيدا ڪرڻ جو ڪوبه
جواز نه هو. سنڌ ۾ حالتون مختلف آهن ۽ هتي ٽالپرن
۽ ڪلهوڙن جي دور کان وٺي سنڌي ٻولي استعمال ٿيندي
رهي آهي ۽انگريزن جي راڄ ۾ به سنڌي ٻوليءَ سان ڪا
هٿچراند نه ڪئي ويئي.“ (28- جولاءِ 1972ع، ٽنڊو
آدم)
”سنڌي زبان جي بل جي منظوري سبب اردوءَ کي ڪوبه
خطرو لاحق نه ٿيو آهي ۽ اهي مفاد پرست عناصر آهن،
جن عوام کي هي چئي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته
سنڌي ٻولي جي بل پاس ٿيڻ بعد اردو زبان ختم ٿي
ويندي! سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت کي جڏهن سمن، سومرن،
ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن تسليم ڪيو تڏهن اسان ان
کي ڪيئن نه تسليم ڪريون؟“ (28- جولاءِ 1972ع،
ٽنڊوالهيار)
”سنڌ ۾رهندڙ سڀني کي سنڌي ٻولي سکڻي پوندي.اردو
قومي زبان آهي ۽ ان جي وجود کي ڪوبه خطرو ناهي، ڇو
ته انکي اڪثريت ڳالهائي ٿي. حفاظت جي ضرورت اهڙين
زبانن کي هوندي آهي، جن کي ٿورا ماڻهو ڳالهائيندا
آهن.“
”سنڌ ۾ ٻوليءَ جو فيصلو انصاف جي تقاضائن موجب ڪيو
ويو آهي.سنڌ صوبائي اسيمبليءَ پاران پاس ٿيل
ٻوليءَ وارو بل، عبوري آئين جي تحت ٺاهيو ويو هو،
جيڪو پڻ قومي اسيمبليءَ جي چونڊيل نمائندن طرفان
ٺهيل آهي ۽ نه بي.ڊي. جي چاليهن هزارن ميمبرن
طرفان آهي! هن بل ۾ اردوءَ جي خلاف هڪ لفظ به
ناهي.“
(25- جولاءِ 1972ع، نوابشاهه)
”سنڌ اسيمبليءَ،سنڌ جي صوبي ۾، سنڌي زبان جي
ترقيءَ لاءِ جيڪو بل پاس ڪيو آهي، اهو حقيقت
پسندانه ۽ منصافانه بل آهي، جنهن ۾ ڪابه ڪوتاهي
ڪانهي. ان ۾ ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿي آهي، پر
سنڌي زبان کي فقط سندس جائز حق ۽ مرتبو مليو آهي،
جنهن کي ڪوبه مٽائي نٿو سگهي.ان بل ۾ نه اردوءَ جي
خلاف ڪاڳالهه آهي ۽ نه ان ۾ صوبائيت آهي.“
(27- جولاءِ 1972ع – حيدرآباد، سنڌ).
صدر ڀٽي جي بصيرت افروز تقريرن جا چند اقتباس پيش
ڪيا ويا آهن، جن جي پڙهڻ سان واضح ٿو ٿئي ته سنڌي
ٻوليءَ جو بل، هڪ لساني ۽ فني حق آهي، جو ’سنڌي
زبان‘ کي مليو آهي. ان ۾ ’اردو زبان‘ کي نقصان
پهچڻ جو ڪوبه انديشو ۽ خطرو نظر نٿو اچي. اگر اڃا
به حقيقت پسندانه خيال کان ڏسجي ته سنڌي ٻوليءَ کي
پاڪستان جي قومي زبان بنائڻ گهرجي ها، جو سندس حق
آهي. هن سنڌ اسيمبليءَ جي پاس ڪيل ٺهراءَ ۾ فقط
”سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ استعمال“ جوذڪر ڪيو ويو
آهي. افسوس جوتنگ نظر حلقن ان اصولي ۽ دستوري
رعايت کي به هڪ اختلافي مسئلو بنائي ڇڏيو آهي.
شڪريو:
اداره ’مهراڻ‘ سنڌ جي سمورن اديبن ۽ شاعرن، محققن
۽ عالمن جو ٿورائتو آهي، جن پنهنجو شاهڪار مواد
پئي موڪليو آهي. اصل ۾ انهن ليکڪن ۽ دانشورن جو
دلي تعاون ئي آهي، جنهن جي ڪري ’مهراڻ‘ پنهنجي
دستوري اعليٰ ۽ علمي معيار تي قائم رهندو اچي ٿو.
اميد آهي ته اسان جا مهربان قلمي معاون پنهنجو
شاهڪار مواد موڪليندي ’مهراڻ‘ سان تعاون ڪندا
ايندا.
بورڊ جي سيڪريٽري مسٽر غلام ربانيءَ جو شڪريو ادا
ڪجي ٿو جنهن صاحب پنهنجي وسيع انتظامي ۽ طباعتي
تجربي سان اشاعت جي سلسلي ۾ مفيد مشورا ڏنا ۽
ڇپائيءَ جي ڪم کي تيز ڪرائي مهراڻ کي پايه تڪميل
تي پهچايو.
بورڊ جي پريس جي مئنيجر ميان علي بخش احمد زئي ۽
سندس ساري عملي جو شڪريو ادا ڪجي ٿو، جن ’مهراڻ‘
جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ پنهنجي عملي صلاحيت ۽ وسيع
تجربي سان تعاون ڪيو آهي.
مسٽر محمد امين بلوچ مئنيجر بوڪ اسٽال جو پڻ شڪريو
ادا ڪجي ٿو، جنهن ۽ سندس عملي ’مهراڻ‘ کي خريدارن۽
ليکڪن تائين وقت تي رسائڻ جي سلسلي ۾ عمدي
ڪارڪردگيءَ جو مثال پيدا ڪيو آهي.
آخر ۾ ”مهراڻ“ جي سب ايڊيٽر۽ مخلص رفيق مسٽر
”ناشاد“ جو شڪريو ادا ڪجي ٿو، جنهن دستور موجب
آفيس جي دفتري ڪاروبار سان گڏ مواد جي نقل، ترتيب،
پروف بينيءَ ۽ ڇپائيءَ جي نظر داريءَ ۾ قابل تعريف
ساٿ ڏنو آهي.
- غ.م. گ
”يارهين صدي هجريءَ جي پوين پنجاهه سالن واري عرصي
۾، عوام جي ڪم از ڪم گهربل ضروري تعليم مان فائدي
پرائڻ جي خيال کان، ’سنڌ‘ جي عالمن، تعليمي نگاهه
کان، قران شريف جي مطالعي کان فوراً پوءِ، جيئن
سڄي اسلامي دنيا جو دستور هو، ٻارن کي ”مادري سنڌي
زبان“ جو باقاعده اڀياس ڪرائڻ ضروري سمجهيو.
ابوالحسن ٺٽوي (وفات 1075هه) اهو پهريون عالم هو،
جنهن ”سنڌي“ جي نالي سان مشهور هڪ درسي ڪتاب
جوڙيو، جوٻين درسي ڪتابن سان گڏ لازمي طرح سان،
مڪتبن ۾ پڙهايو ويندو هو، ’سنڌيءَ‘ جو اهو نئون
نصابي ڪتاب، اعليٰ ديني تعليم توڙي فارسي ۽ عربي
ڪتابن جي تحصيل لاءِ، ”لازمي ۽ تياريءَ جو ذريعو“
هو، اڳتي هلي، ”سنڌي مادري زبان“ ۾، فقہ، تصوف،
اخلاق، تفسير، حديث ۽ قصن تي مشتمل نج ۽ ”خالص
سنڌي“ ڪتاب پڻ تيار ڪري، نصاب ۾ شامل ڪيا ويا.
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ (وفات 1174هه) ابوالحسن
ٺٽويءَ جي نقش قدم تي هلندي، ڪيئي نوان ڪتاب
”سنڌيءَ“ ۾ جوڙيا، جيڪي به درسي نصاب ۾ شامل ڪيا
ويا. نتيجو اهو نڪتو جو مشهور علمي درسگاهن ۾،
عربي، فارسي ڪتابن سان گڏ، ڪيئي ”سنڌي ڪتاب“ مادري
زبان جي نصاب ۾ پڙهايا ويا.
ان سلسلي ۾ اورنگزيب جي آخري دور ۾ آيل مشهور سياح
اليگزينڊر هيملٽن لکيو آهي ته”مون ٺٽي ۾ 700 ڪاليج
ڏٺا، جن ۾ اعليٰ درجي جي تعليم جو انتظام هو.“-
ظاهر آهي ته عربيءَ ۽ فارسيءَ سان گڏ، ”سنڌي نصاب“
جي پڙهائي پڻ مروج هئي، جا اعليٰ تعليم تائين
هوندي هئي.
- غ. م. گ.
”اڄوڪي شاعريءَ ۽ روايتي شاعريءَ ۾ هڪ نمايان فرق
آهي ماحول جو. شاعري ڀلي ته دنيا جي ڪنهن به حصي
جي هجي، ان جو تعلق انسان جي بنيادي جبلتن- مثلاً
سونهن سان پيار، وطن دوستي، زنده رهڻ جي چاهنا،
وغيره سان آهي. شاعري جذبن ۽ احساسن جو اظهار آهي،
۽ جذبا ۽ احساس انهن ئي بنيادي جبلتن جي ٿُڙ جون
ڌار ڌار شاخون آهن. هر قوم جي شاعريءَ ۾ جيتوڻيڪ
اظهار انهن ئي جبلتن جي نشاندهي ڪندو آهي، تنهن
هوندي به اهو هڪ خاص رنگ ۾ ٻڏل ۽ ڪنهن خاص ماحول
سان وابسته هوندو آهي، ۽ ان ئي قوم جي جغرافيائي،
تهذيبي، معاشرتي ۽ نفسياتي صورتحال جو آئينو هوندو
آهي. سنڌيءَ ۾ روايتي شاعري فارسيءَ کان بيحد
متاثر هئي، انڪري، ان جو ماحول به ايراني هو-
(روايتي محفلون، جن ۾ ساقي شراب کڻي پياريندو هو،
رند ايندا هئا، جام تي جام طلبيندا هئا، ۽ ”رقيبِ
روسيه“ به موجود هوندو هو، وغيره). سروَ جا وڻ
(جيڪي اسان رڳو تاج محل جي تصوير ۾ ڏٺا هئا) ۽
نرگس جا گل (جيڪي مون خواب ۾ ڏٺا اهن) ايتريقدر ته
عام بيان ڪيا ويندا هئا، ڄڻ اسان جي گهر گهر ۾
نرگس ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ سروَ جو وڻ اُڀو آهي. ان
مان اهو نتيجو ٿو نڪري ته اسان جا اڳيان شاعر
مشاهدي، احساس ۽ تاثر-سڀني کان وڌيڪ مطالعي جي اثر
هيٺ، ۽ مطالعي جي ئي سهاري تي شاعري ڪندا هئا،
جيڪو سندن مشاهدي جي ڪميءَ ۽ احساس جي ڪُند هجڻ جو
ظاهر ظهور ثبوت هو، ۽ منجهن تخليقي قوتن جي ناپيد
هجڻ جو دليل پڻ….“
- ”تنوير“ عباسي
بيت
فقير غلام علي ”مسرور“ مرحوم
موڪليندڙ: بيدل ”مسرور“ بدوي
آيم ڏير ڏکيءَ جا، سي جوڌا جُنگ جوان،
جيءَ ۾ جوڙيم جائيون، مون کِلي کيڪاريا خان،
مون ڀانيا مهمان، پر هئا مدعي مئيءَ جا.
هليس هوت پنهل ڏي، کڻي سور سمر،
جهاڳي بر بحر، چڙهنديس هيڪر چوٽ تي.
کڻي پير پنهل جو، هليس حال في الحال،
سهائي اڳهين ساهه کي، ڪلي ڪاف ڪشال،
ماڻي موج وصال، سرهي ٿينديس سرتيون.
پرانهون پنهل يار، واڪا ويچاريءَ جا،
سڻي موٽج سگهڙو، موڙي اُٺ- مهار،
ڪيچي قربدار! ننگ نهاري پنهنجو.
هيبت حب جبل جي، جيڏيون ڏسن جي،
ته پاڻهي سچي سي، هوند ڪرن ها حب ۾.
ويهي ڌرتيءَ داخل ٿي، جيئن جو ڪيم نهار،
ته پنج ٺڳ ويٺا در تي، چاري هن چوڌار،
جن ٿي روهه رلايو، انڌن جي آچار،
ڏک ڪشالا ڏاکڙا، ٿي حيلا ڪيم هزار،
همت هاديءَ جي سان ٿيا، ڌنيل ڌارون ڌار،
لٿا غم غبار، لڌم رندڙو روح ۾.
ويهي ڌرتيءَ داخل ٿي، ويهي ڪيم ويچار،
طبعي هيبت حب جي، ترڪ ٿيو تڪرار،
پائي قرب قرار، سونهي ٿيڙس ساٿ جي.
ويهي ڌرتيءَ ۾ لنگهي، پاتم جيئن ليئو،
ڏٺم ڏيهه ڏيو، پرتو هوت پنهل جو.
منشي مولا بخش ڀٽو ”مسڪين“
موڪليندڙ: حبيب الله ڀٽو
پهر اڳياڙي گذريو، ٿي پيدا پوياڙي،
راڳ رهاڻيون رس ويو، ٿي تال وڄي تاڙي،
سونهن سندي سٿ ۾، ٿا سونهن اناڙي،
دان لهن ٿا دربارين ۾، اڄ ڀڙوا ۽ ڀاڙي،
مفت خورا مال تي ٿا ڪوڙائن ڪياڙي،
ٿي دل ٻهون ٻاڙي، پسي ڦير فلڪ جو!
عزت وارا اُٿي ويا، ڀڻڪ نه جن جي ڀاڻ،
اڄ اتي ڳالهيون عشق جون، رنڊين روح رهاڻ،
نڪي رکن خوف خدا جو، نڪي ڪڍن ڪان،
حڪيم ويا هماء ٿي، حجت نه رهي هان،
سچائيءَ جي هن دور ۾، کُٽي ويئي کان،
”مسڪين“! مئجي ڪهڙي ماڻ؟ هاڻي سودو هن سنسار جو!
جهڙو رنگ ريڙهن جو، تهڙو ڀَنورن ڀيرُ،
هونگ ٻنهي جي هيڪڙي، نڪو ڦند نه ڦير،
هو وٺي واس گلن جو، هو ڦولي گند ڦُلهير،
فائق پسين ڦيرُ، ته مجلس مان معلوم ٿئي.
اکين گهُور گهَٽ ڪئي. ڪو ڳل ٻڌن نه ڪَن،
ڏندن کائڻ ڇڏيو، ته ساءُ نه اچي اَن،
هئه ڙي يار جوڀنَ! جو پنجئي نيئي پاڻ سان.
اڇا سڀ چڱا، پر اڇا چڱا نه وار،
مهر مهريءَ نه پئي، توڙي سرس ڪجن سينگار،
دهشت دشمن نه کائي، توڙي ٻڌجن خوب هٿيار،
هئه ڙي جوڀن يار! جو پنجئي نيئي پاڻ سان.
رک درد دل ۾ دوست جو، ٻاهر ڪڍ نه ٻاڦ،
بڪ – بڪ ڇڏي بيفائدي هڻ نه ڪڏهن لاف،
ڪري پنڌ پيرن سان، ڪاهي پُڄُ تون ڪاف،
سمر کڻ تون صاف، سيني مان ڪينو ڪڍي!
الياس ”عشقي“
ڪنهن آلاپي ڀيروي، اڄ هيءَ سنجهي ويل،
تنهنجي منهنجي روح جو، آهي سُرن ۾ ميل،
آءُ پرين سويل، سَليون سور فراق جا.
من ۾ مچ مچائي ٿو اڻڄاتو آواز،
ڄڻ ته چُري ٿو چِت ۾، ڪو روحاني راز،
يا ڪو مام مجاز، ڏسان پرينءَ جي نيڻ ۾.
ستن سُرن جي سيج تي، سنجهي جاڳي ڪيئن،
ڪنهن وَل تي ولهار ۾، مکڙيون ٽِڙن جيئن،
منهنجا نيڻ به ايئن، ڏسن خواب وصال جا.
سُمهي سُرن جي سيج تي، ڪيئن گذاري رات،
پڇي ٿي پرڀات، هيءَ سنجهي جي سانت سين. |