سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1972ع

مضمون

صفحو :14

خوشنواز ڪو به جواب نه ڏنو، چپ چاپ اٿيو ۽ ڪنهن به ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان سواءِ هليو ويو. وڃڻ وقت هن گلنار ڏانهن نهاريو، جيڪا کيس حسرت سان ڏسي رهي هئي. هوءَ نهايت دکي ٿي نظر آئي.

جڏهن ذيشان موبداعظم سان گڏ ڪول جي موبداعظم آّذر مهر کي وٺي شاهي محل ڏانهن ويو، تڏهن گلنار چادر ۾ جسم ۽ منهن لڪائي، ماڻهن جي نظرن کان پاڻ بچائيندي خوشنواز وٽ ويئي. در اندران بند هو. گلنار ڪڙو کڙڪايو. ٿوري دير کان پوءِ در کليو. گلنار ڏٺو ته خوشنواز جو منهن ڳاڙهو هو، ڳلن تي آليون ليڪون هيون۽ اکيون سُڄيل هيون. گلنار جو من ڀرجي آيو، آواز نِڙيءَ ۾ ڦاسي پيس: ”تون روئي رهيو هئين ڇا؟“

خوشنواز ڪو به جواب نه ڏنو، رڳو تڪيندو رهيو.

”تون مون کي ويهڻ جي لاءِ به ڪونه چوندين ڇا، مان هلي وڃان!“ گلنار ڪجهه حجت مان چيو.

خوشنواز ڏانهنس ائين نهاري رهيو هو ڄڻ چئي رهيو هوس ته ڀلي وڃ.

”مان توسان ڪجهه ڳالهائڻ آئي آهيان. ڳالهائي پوءِ وينديس.“ گلنار وري چيو.

خوشنواز ڄڻ ته روئيندي چيو: ”گلنار! هاڻي سڀڪجهه ختم ٿي چڪو آهي.“

”ڇا ختم ٿي ويو؟ تون چوڻ ڇا ٿو چاهين؟“ گلنار پڇيو.

خوشنواز پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندي چيو: ”گلنار! مون کي معاف ڪج. اڄ مان توسان بنان ڪنهن تڪلف ۽ آداب جي ڳالهائيندس. مان به توکي ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو ۽ ان ۾ ڪنهن به مصلحت کي دخل نه هوندو.“

”جيڪي ڪجهه چوڻ چاهين سو صاف صاف ۽ بيتڪلف چئو.“ گلنار ويهندي چيو.

خوشنواز چوڻ لڳو: ”جڏهن مون توکي پهريون ڀيرو آتشڪدي ۾ دعائن گهرندي ڏٺو ته مونکي توتي ڏاڍو رحم آيو. منهنجي دل ۾ تنهنجي لاءِ رڳي ايتري خواهش هئي ته تنهنجي ڏک کان واقف ٿيان ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي ته وس آهر تنهنجي مدد ڪريان، پر جڏهن تون وري نه آئينءَ ۽ گهڻن ڏينهن کان توکي نه ڏٺم تڏهن مون پنهنجي دل ۾ ڪجهه عجيب ڪيفيت محسوس ڪئي. نيٺ مون کي خبر پئي ته مان سڪجهه هارائي چڪو هوس ۽ توکي پيار ڪرڻ لڳو هوس. گلنار ماڻهوءَ جو پاڻ تي ڪو وس ڪونهي، ان ڪري مون کي چوڻ ڏي ته مون تنهنجي پهرئين نظر سان دل نِڇاور ڪري ڇڏي. جڏهن مون کي نرسيءَ بابت معلوم ٿيو تڏهن اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته هو مزدڪي ٿي چڪو آهي ۽ تون ۽ تنهنجو والد ڪنهن به قيمت تي مذدڪيءَ سان رشتي ڳنڍڻ جي لاءِ تيار ڪونه آهيو. آءٌ دل ئي دل ۾ اهوار مزدا کان اها دعا گهرندو رهيس ته هو نرسيءَ کي گمراهه ۽ بيدين ئي رکي ڇو ته اهڙيءَ طرح آءٌ ديندار ۽ شريف بڻجي تنهنجي قربت ۽ بعد ۾ محبت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيس ٿي. حالتون منهنجي مرضيءَ ۽ خواهش موجب تبديل ٿينديون رهيون، تان جو تو نرسيءَ کي هيمشہ لاءِ ٺڪرائي ڇڏيو. آءٌ ڪنهن حد تائين نرسيءَ جي جاءِ والارڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ لڳس. ان وچ م منهنجي باري ۾ تنهنجو رويو شڪي ۽ غير يقيني رهيو، پوءِ نيٺ مون محسوس ڪيوته تون به مون ڏانهن ڇڪجي آئي آهين. جڏهن تو مونکي اها صلاح ڏني ته آءٌ شهزادي موبداعظم کان پنهنجي خدمت جي عيوض ۾ هيربدن جي طبقي ۾ شموليت جو انعام گهران، تڏهن مونکي پڪ ٿي وئي ته تون به مونکي چاهين ٿي ۽ تنهنجي ان صلاح جوڪارڻ پيار آهي.“ هن ائين چوندي گلنار ڏانهن نهاريو. هوءَ کاڏي تِريءَ تي رکي روئي رهي هئي ۽ لُڙڪ برسات جي بوندن وانگر سندس ڇاتيءَ تي ڪِري رهيا هئا.

”تون ڇو ٿي روئين گلنار! پهرين منهنجي ڳالهه ٻڌي وٺ. آءٌ تنهنجي خاطر سمورا ڏونگر ڏوريندو رهيس. نيٺ اها اميد پيدا ٿي ته مون کي هيربدن جي طبقي ۾ داخل ڪيو ويندو. تڏهن اوچتو تنهنجو پيءُ مونکي ڌڪار سان ڏسڻ لڳو، ۽ منهنجي آس جي ٻيڙي طوفانن ۾ وڪوڙجي ويئي. جڏهن آءٌ پنهنجو فرض خيرخوبيءَ سان پورو ڪري پنهنجي گهر سيلوڪيا ويس ته اتي نحوست جو منهن ڏٺم. منهنجي زندگيءَ جو بدترين بدسوڻ منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. افسوس.... جڏهن آءٌ گهر ۾ گهڙيس تڏهن ڏٺم ته منهنجي گهر جو آتشڪدو پنهنجو پاڻ وسامي چڪو هو. مون کي ڍڪر وٺي ويا ۽ پڪ ٿي ته ان جي نحوست ڪٿي ظهار ٿئي يا نه ٿئي پر دل جي معاملي ۾مونکي ضرور ناڪام ٿيڻو پوندو- ۽ ائين ئي ٿيو.“ هو ڪجهه دير ماٺ ٿي ويو. اوچتو سوال ڪيائين: ”ڇا وليعهد شهزادي خسروءَ توکي پسند ڪيو آهي؟“

گلنار روئيندي وراڻيو: ”پر مان هن کي پسند نٿي ڪريان. مان هن کي ڪيئن ٿي پسند ڪري سگهان! هو پنهنجي پيءُ قباد کان پوءِ تخت ڌڻي ٿيندو ۽ پنهنجو حرم خزاني وانگر عورتن سان ڀرڻ شروع ڪندو. ان ذخيري ۾ مان ڪٿي هونديس، ڪير ٿو ڄاڻي! مونکي ٻڌاءِ، خوشنواز مان ڇا ڪريان؟ مان مُنجهي پئي آهيان. جيڪر تون نه اچين ها ۽ نرسي بيدينيءَ ڏانهن نه لڙي ها!“

خوشنواز اٿاهه مايوسيءَ وچان وراڻيو: ”جڏهن اهوار مزاد اهو فيصلو ڪري چڪو آهي ته تون هن ملڪ جي راڄ راڻي بنائي ويندينءَ ته تون ڪير آهين جو ان کي بدلائين...“

گلنار نفرت سان چيو: ”مون کي راڄ راڻي ٿيڻ جو شوق ڪونهي، مان هڪ معمولي عورت وانگر رهڻ چاهيان ٿي. خوشنواز! توکي ايترو به عقل ڪونهي جو اهڙي ڪا ترڪيب سوچي سگهين، جنهن وسيلي اسين ٻيئي خوشيءَ جي زندگي گذاريون!“

خوشنواز جي دل ۾ اميد جو هڪ جهيڻو ڪِرڻو پيدا ٿيو. هن چيو: ”ڏسجي ته اڄ سام جو درٻار ۾ ڇا ٿو ٿئي. ٻڌو اٿم ته ڪول جي آذر مهر ۽ مزدڪ پيغمبر ۾ ڪو مناظرو ٿيڻ وارو آهي. جيڪڏهن موبداعظم هار کاڌي ته شهزادو خسرو به پنهنجي پيءُ وانگر مزدڪي ٿي ويندو ۽ جڏهن اهو سرڪاري مذهب قرار ڏنو ويندو تڏهن خبر ناهي ته ڪهڙا قانون رائج ٿين! جيڪڏهن مزدڪيت اچي وئي ته دولت ۽ عورت جو حق ملڪيت، پاڻيهي ختم ٿي ويندو، طبقا ختم ٿي ويندا، ۽ شايد اسين ٻيئي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وڃون.“

گلنار ٿوري ڪاوڙ مان چيو: ”جيڪڏهن مزدڪيت اچي وئي ۽ ان کي سرڪاري مذهب قرار ڏنو ويو ته پوءِ مان خودڪشي ڪري ڇڏينديس. مان مري وينديس پر پان تي هر مرد جو حق تسليم نه ڪنديس.“

گلنار جي جذباتي ڳالهه تي خوشنواز کوکلو ٽهڪ ڏنو۽ سڀڪجهه هارايل جواريءَ وانگر چيو: ”گلنار! تنهنجي خودڪشي ڪري ڇڏڻ سان اهو ايندڙ طوفان بيهي ته ڪونه رهندو. آس جو ڏيئو، جيڪو مزدڪ ٻاريو آهي، ان کي ڪوبه وسائي نٿو سگهي. هاڻي چئني طرفن ۾، پري پري تائين، حال کان مستقبل تائين رڳو انتشار ئي انتشار آهي. جيڪڏهن ان ۾ سوڀ بادشاهت جي ٿي ته ڪوبه خوشنواز ڪنهن به گلنار کي حاصل ڪري نه گهندو. گلنار! تون خودڪشي ڪري شهزادي خسروءَ جي حرم ۾ داخل ٿيڻ کان بچي سگهين ٿي، پر منهنجي لاءِ ته اها قيامت جي گهڙي هوندي.“

گلنار هن جي ڳالهين کان متاثر ٿي هئي. هو ڪنڌ جهڪائي لڙڪ لاڙيندي رهي ۽ ڪجهه سوچيندي رهي. اوچتو هن کي خبر ناهي ته ڪهڙو خيال آيو جو هوءَ اُٿي ۽ پنهنجو ڀاڪر کوليندي خوشنواز کي چيائين: ”خوشنواز! هاڻي انهن ڳالهين کي دل ۾ لڪائي رکڻ مان ڇا حاصل. مون توکي گهڻو اڳ محسوس ڪرڻ شروع ڪيو هو. خبر ناهي سڀاڻي ڇا ٿئي! اچ، اڄ منهنجي سيني سان لڳي وڃ، ته جيئن تنهنجي دل ۾ اها حسرت نه رهجي وڃي، ته تون ايتري چاهت کان پوءِ به مقدس هيربد جي ڌيءَ جي ٿوري قربت به حاصل ڪري نه سگهئين. اچ خوشنواز! هيربدن جي مقدس طبقي جي پاڪائي ۽ عظمت کي لتاڙي ڇڏ....“

پر خوشنواز پنڊ پهڻ ٿي ويو هو. هن ڪوبه جواب نه ڏنو، رڳو گلنار کي تڪي رهيو هو، ڄڻ چوندو هجي: ”واه! تون منهنجي عشق جو ڪيڏو معمولي عيوضو ڏئي رهي آهين!“ هن جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا. گلنار هن کي روئندو ڇڏي هلي وئي.

درٻار ۾ بادشاهه قباد پنهنجي تخت تي ويٺو هو. بادشاهه جي ويجهو ڪرسيءَ تي هڪ پوڙهو شخص ويٺو هو. خوشنواز سڃاتو ته اهو پوڙهو مزدڪ ئي هو. مزدڪ جي شڪل جي معصوميت ٻڌائي رهي هئي ته هي شخص بني نوع انسان جو دشمن هرگز نٿو ٿي سگهي. ٻئي طرف شهزادو خسرو، ڪول جو موبداعظم آذرمهر، موبداعظم ۽ ذيشان ويٺا هئا. موبداعظم آذر مهر بادشاهه کان ڳالهائڻ جي اجازت گهري ۽ پوءِ کنگهي نڙي صاف ڪائين. ماڻهو سمجهي ويا ته هاڻي موبداعظم آذر مهر ۽ مزدڪ ۾ مناظرو ٿين وارو ئي آهي.

موبداعظم آذر مهر، مزدڪ ڏانهن نهاريندي چيو: ”ڇا اهو سچ آهي ته تون نجي ۽ انفرادي ملڪيت کي ختم ڪرڻ چاهين ٿو؟“

”ها!“ مزدڪ بيپرواهيءَ سان وراڻيو.

”چڱو ڀلا. جيڪڏهن ان معاشي اصول کي مڃيو وڃي ته پوءِ تنهنجي مذهب ۾ کوهن، مسافر خانن ۽ درسگاهن جو ثواب ڪنهن کي ملندو، ڇو ته نجي ملڪيت جو ته سوال ئي ختم ٿي چڪو هوندو.“ آّذر مهر ٻيوسوال ڪيو.

”جيڪڏهن انسان خوشحال هجي ته پوءِ کيس ٻئي ڪنهن ثواب جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي!“

”چڱو، ان ڳالهه کي ڇڏيو. هاڻي تون اهو ٻڌاءِ ته جيڪڏهن عورتن بابت تنهنجي مذهب جا اصول ۽ قانون مڃيا وڃن ته ان حالت ۾ هڪ قباحت پيدا ٿئي ٿي. جيئن ته ان وقت بادشاهه جي راڻي به ان اصول موجب بيشمار مردن سان تعلقات رکندي، ته اهڙي صورت ۾ هن مان جيڪو اولاد ڄمندو، تنهن جو پيءُ ڪنهن کي مڃيو ويندو، ۽ ورثي ۾ حڪومت تي حق ڪنهن جو ٿيندو؟“

درٻارين سمجهيو ته هاڻي مزدڪ لاجواب ٿي چڪو آهي، پر مزدڪ يڪدم جواب ڏنو: ”جهڙي ريت آءٌ ذاتي ملڪيت کي خراب سمجهان ٿو، اهڙيءَ ريت حڪومت کي به خراب ۽ قابل مذمت سمجهان ٿو. پر جيئن ته انسان پيدائشي خود غرض آهي، انڪري جيستائين ان خودغرضيءَ جي پاڙ پٽي وڃي تيستائين حڪومت جهڙي برائيءَ کي گوارا ۽ برداشت ڪرڻو پوندو. پر حڪومت کي ايترو اهم به سمجهڻ نه گهرجي جو اکيون پوري ان جي هر چڱي مَٺي ڪم جي تائيد ڪئي وڃي.“

”پر سائين، منهنجي ڳالهه جو جواب ڪونه مليو.“ آذر مهر چيو.

”سوال وري دهراءِ.“

”اوهان جي مذهبي معاشري ۾ جتي عورت ۽ مرد هڪٻئي جي لاءِ آزاد هوندا، اتي بادشاهه جي والاد جو تعين ڪيئن ٿيندو؟“

”ان ڳالهه جو فيصلو ٻارن جي اهليت ۽ صلاحيت موجب ڪيو ويندو.“

آذر مهر هڪ چڀندڙ سوال پڇيو: ”تڏهن ڇا مان ان ڳالهه تي يقين ڪريان ته سائينجن ڌرتيءَ جي هن خطي تي ان لاءِ نزولِ اجلال فرمايو آهي ته سمورن طبقن، خانداني روايتن ۽ طبقاتي شرافتن جو خاتمو آندو وڃي؟“

”بلڪل، آءٌ طبقن ۽ انهن جي روايتن جو خاتمو ڪرڻ آيو آهيان.“

اوچتو آذر مهر اميد جي خلاف اعلان ڪيو: ”مزدڪ اهوار مزدا جو موڪليل دخشور (پيغمبر) اهي. مان هن سان مناظري ڪرڻ جي طاقت پاڻ ۾ نٿو ساريان.“

شهزادو خسرو مزدڪ جي اڳيان گوڏن ڀر جهڪي ويو ۽ بلند آواز ۾ عرض ڪيائين: ”سائين! جيئن ته مناظري ۾ موبداعظم آذر مهر هار کاڌي آهي، ان ڪري مان پنهنجي مزدڪي ٿيڻ جو اعلان ڪريان ٿو.“

مزدڪ جو منهن خوشيءَ وچان ٽِڙي پيو: ”شهزادا! تون وليعهد آهين۽ تنهنجي مزدڪي ٿيڻ سان هن نئين مذهب کي وڏي مدد ۽ شهرت ملندي. تنهنجي ڪري ان کي عام مقبوليت حاصل ٿيندي.“

ڀير تي ڏونڪو لڳو. اهو ان ڳالهه جو اعلان هو ته شهزادي خسروءَ مزدڪ جو مذهب قبول ڪيو آهي.

شهزادي خسروءَ پنهنجي پيءُ کي عرض ڪيو: ”قبلا سائينءَ هن غلام مزدڪي مذهب قبول ڪيو آهي، ان ڪري اهو مناسب آهي ته هن ناچيز کي فوجن جي ڪمان ڏني وڃي ته جيئن ان جي مدد سان مزدڪيت جي ڦهلاءُ جو ڪم شروع ڪيو وڃي.“

ان ئي وقت بادشاهه قباد جي طرفان اهو اعلان ڪيو ويو ته شهزادي خسروءَ کي سموري شاهي فوج جو سپہ سالار مقرر ڪيو ويو آهي.

شهزادي مزدڪ کي چيو: ”سائين! اڄوڪي خوسيءَ جي موقعي تي مان پنهنجن سڀني هم مذهبن کي قيمتي خلعتون ۽ هٿيار پهرائڻ چاهيان ٿو. اوهان مهرباني ڪري کين حڪم ڏيو ته هو ويهن ويهن جي ٽولين ۾ محل جي پٺئين حصي ۾ پهچن. اتي کين خلعتون ۽ هٿيار پيش ڪيا ويندا، آخر ۾ اوهان پاڻ هلي اهو شاندار نظارو ڏسڻ فرمائجو.“

مزدڪ پنهنجن پوئلڳن جي نالي اهو فرمان جاري ڪيو ۽ ان حڪم تي يڪدم عمل ٿيڻ شروع ٿي ويو.

شهزادو خسرو، موبداعظم آّذر مهر، موبداعظم تيسفون،ذيشان ۽ خوشنواز محل جي پٺئين حصي ۾ پهچي ويا. اتي هڪ سئو هٿياربند سپاهي ايندڙن جي آجيان جي لاءِ بيٺا هئا. مزدڪي ويهن-ويهن جي ٽولين ۾ هڪ سوڙهي در مان لنگهي جيئن ئي کڏن واري حصي ۾ گهڙيا ٿي ته يڪدم هٿيار بند سپاهين انهن کي جهلي، ماري ٿي ڇڏيو. پوءِ انهن کي بلڪل اگهاڙو ڪري، کڏن ۾ اهڙيءَ طرح چوٽيءَ ڀر دفن ٿي ڪيو جو سندن ٽنگون فضا ۾ بلند هيون. اهڙيءَ طرح هڪٻئي جي پٺيان ٻارهن هزار ماڻهن کي اونڌو چوٽيءَ ڀر دفن ڪيو ويو سڀني کان آخر ۾ خود مزدڪ بادشاهه سان ڳالهيون ڪندو اتي پهتو. هن کي به سپاهين جهلي ورتو. شهزادو خسرو سندس ويجهو آيو ۽ ٽوڪ سان چوڻ لڳو: ”سائين منهنجا! جنهن قوم جا اوهان پيغمبر آهيو، اسان انهن جو هي باغ ٺاهيو آهي. اميد اهي ته اوهان به ان کي پسند ڪندا.“ ان کان پوءِ هن سپاهين کي حڪم ڏنو ته مزدڪ سان به ساڳي ڪار ڪئي وڃي. مزدڪ رڙ ڪري چيو: ”ڌوڪو، فريب، دغابازي.“

سپاهي هن کي ڌڪڻ لڳا. مزدڪ هٿ جي اشاري سان شهزادي خسروءُ کي سڏي چيو: ”هاڻي جڏهن ته آءُ تنهنجي مڪر جي ڄار ۾ ڦاسي چڪو آهيان، مان ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو، اوها سڀ ٻڌو...“

بادشاهه قباد کي مزدڪ جي ان حال تي سخت افسوس ٿي رهيو هو، پر هو پاڻ لاچار هو. فوج شهزادي خسروءَ جي اثر هيٺ هئي. هو رڳو ايترو چئي سگهيو: ”ڇا تون هن بزرگ ۽ مقدس انسان کي به مارائي ڇڏيندين؟“

”ها شاهه عالم! هن بدبخت اها ڪوشش پئي ڪئي ته مون کي ۽ منهنجي خاندان کي تخت ۽ تاج کان محروم ڪري ڇڏي، پر مون ان سازش کي ناڪام بنائي ڇڏيو.“

مزدڪ پنهنجي گجندڙ آواز ۾ چيو: ”هيڏانهن پهرين منهنجي ڳالهه ٻڌ! ساساني سلطنت جو باني، تنهنجو ڏاڏو ارد شير چوندو هو ته سلطنت جي بقا مذهب سان آهي ۽ مذهب جو ڦهلاءُ بادشاهه جي قوت سان آهي. اهڙيءَ ريت ٻئي ڀيري هن اها ساڳي ڳالهه هيئن چئي هئي ته مذهب ۽ تاج تخت کي لازم ملزوم سمجهو، ٻنهي جو بقا هڪ ٻئي سان آهي. جنهن جو ڪوبه مذهب ڪونهي، اهوانسان بلڪل بيرحم آهي. شهزادا! اڄ ان قول جي هڪ حصي جي سچائي اسان جي اڳيان ظاهر ٿي آهي ۽ اهو چوڻ ته جنهن جو ڪو مذهب ڪونهي اهو بنهه بيرحم آهي، سو بلڪل غلط آهي ۽ ان جو هڪ مثال اسان جي اڳيان آهي. پر شهزادا! اهو متان وسارين ته مان، جيڪو سچائي آهيان، تنهنجي ماري ڇڏڻ سان ڪو مري ويندس. مان وري موٽي ايندس. ممڪن آهي ته تون وري مون کي ماري ڇڏين، پر مان وري وري پيو ايندس، جهڙيءَ ريت سچائي ايندي رهندي آهي. مان ايترا ڀيرا ايندس جو تون عاجزي اچي ويندين ۽ منهنجي اڳيان پان کي بيوس ۽ مجبور محسوس ڪڻ لڳندين. مان آخرڪار ذاتي ملڪيتن، طبقاتي روايتن ۽ شاهي حسب نسب جي فخر کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندس مان مختلف صورتن ۾ ۽ مختلف دورن ۾ ايندس، ۽ سڄي نوع انسانيءَ تي ڇانئجي ويندس...“

شهزادي سپاهين کي اک سان اشارو ڪيو ۽ ٻيءَ کن ۾ هنن مزدڪ کي به چوٽيءَ ڀر هڪ کڏ ۾ وجهي ڇڏيو، ۽ اهڙيءَ ريت اشتراڪيت جو نعرو هڻندڙ پهريون ماڻهو پنهنجي شخصيت، پنهنجا اصول ۽ نظريا ورثي ۾ ڇڏي پاڻ ختم ٿي ويو.

ٿوريءَ دير کان پوءِ محل جي پٺئين حصي جون ديوارون ڪيرايون ويون ۽ سڀني شهرين کي ان باغ جي زيارت ۽ نمائش جي لاءِ گڏ ڪيو ويو.

*      *      *

خوشنواز دلسوزيءَ سان اهو سڀڪجهه ڏسندو رهيو. هن کي اها ڄاڻ نه هئي ته ڪو سندس محنت ائين ٺڪاڻي لڳندي. هن نرسيءَ کي به هڪ کڏ ۾ ابتو ٿيندي ڏٺو هو. ٻارهن هزار ماڻهن ۾ نرسيءَ کي سڃاڻڻ ڏکيو هو، پر هن کيس سڃاڻي ورتو هو.

موبداعظم آذر مهر، موبداعظم تيسفون ۽ ذيشان جا منهن خوشيءَ ۾ ٻهڪيا پئي. نيٺ خوشنواز، ذيشان ۽ گلنار سان گڏ رٿ ۾ چڙهي آذر فرونگ ڏانهن روانو ٿيو. رٿ جڏهن ذيشان جي گهر جي اڳيان اچي بيٺي ته ذيشان کان اڳ، دستور جي ابتڙ ڪوچوان هيٺ لٿو ۽ ذيشان کي لهڻ ۾ مدد ڪرڻ لڳو. ان ئي گهڙيءَ فضا ۾ هڪ رڙ بلند ٿي. ڪوچوان جو هٿ جڏهن ذيشان جي پاسراٽين کان ٻاهر نڪتو تڏهن ان هٿ ۾ خنجر رت سان ڀريل هو، ۽ هو اطمينان سان چئي رهيو هو: ”مون پنهنجي دخشور جو بدلو وٺي ڇڏيو. مان مزدڪي آهيان ۽ مزدڪي موت کان ڪونه ڊڄندا آهن.“ ٻيووار ممڪن هو ته خوشنواز تي ٿئي ها پر ڪوچوان خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ زمين تي ڪِري پيو.

ذيشان جي قتل ٿيڻ جي خبر وڄ وانگر سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي. موبداعظم ۽ شهزادو خسرو به پهچي ويا. ذيسان جي ڪفن دفن کان پوءِ شهزادو، گلنار کي پنهنجي محل ۾ وٺي ويو.

هاڻي آذر فرونگ ۾ خوشنواز جي لاءِ باقي ڇا وڃي رهيو هو. هن سيلوڪيا واپس وڃڻ جا سانباها پئي ڪيا ته شهزادي کيس پنهنجي درٻار ۾ گهرايو. پنهنجي پيءُ کي نظربند ڪرڻ کان پوءِ حڪومت جون واڳون هن پاڻ سنڀاليون هيون.

شهزادي خوشنواز کي چيو: ”اسان پنهنجو وعدو وساريو ڪونه آهي. هاڻي تون جڏهن به چئين، توکي هيربدن جي طبقي ۾ داخل ڪيو ويندو.“

خوشنواز ادب سان وراڻيو: ”خوش بخت شهزادا! مان جنهن طبقي ۾آهيان ان ۾ ئي رهڻ ٿو چاهيان.“

”پر اسين توکي ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻ چاهيون ٿا.“

”مون کي هڪ هزار ڍور عنايت ڪيا وڃن، ڇو ته هاني هي خادم معمار جو ڪم نٿو ڪرڻ چاهي. مان هاڻي ڌڻ ڌارڻ ٿو چاهيان.“

شهزادي جي حڪم سان خوشنواز کي هڪ هزار ڍور عطا ڪيا ويا، جن کي ڪاهي هو سيلوڪيا هليو ويو.

ان ڳالهه کي پندرهن سال ٿي ويا. ان وچ ۾ شهزادي خسروءَ ”نوشيروان عادل“ جو خطاب حاصل ڪيو. نوشيروان عادل بنجڻ کان اڳ  هن کي پنهنجي پيءُ کي قيد ۽ ڀائرن ۽ ڀائيٽن کي مارائڻو پيو هو. مزدڪ ۽مزدڪي هن جي انصاف جا پهريان مثال هئا. هڪ ڏينهن شڪار کيڏندي هو سيلوڪيا جي ان حصي ۾ وڃي پهتو جتي پري پري تائين رڳي سڃ ۽ ويراني هئي. هلندي هلندي تڪجي، هو هڪ جهوپڙيءَ جي اڳيان اچي بيٺو. جهوپڙيءَ جي پاسي ۾ مال جو هڪ وڏو وٿاڻ هو. اندران هڪ اڌڙوٽ ۽ عجيب قسم جو مانهو ٻاهر نڪتو. هو نوشيروان کي ڏسي ادب سان جهڪي ويو. نوشيروان هن کان پاڻي گهريو. اهو شخص نوشيروان کي ان در وٽ وٺي ويو جيڪو وٿاڻ ڏانهن کلندو هو. اتي هڪ نهايت سگهاري ڪتي جو لاش ٽنگيل هو.

نوشيروان حيرت مان پڇيو: ”هي ڇا آهي؟ هن کي ڪهري ڏوهه ۾ ٽنگيو ويو آهي؟“

”جهان پناهه! هن  هڪ نهايت وڏو ڏوهه ڪيو آهي.“

”اسين نوشيروان داد گر آهيون. جو ڪجهه چوڻو اٿئي صاف صاف چئو، شايد اسين ڪو انصاف ڪري سگهون.“

هن شخص چيو: ”جهان پناهه! مون هن ظالم کي پنهنجن ڏيڍ هزار ڍورن جي رکوالي سونپي هئي. ڪجهه ڏينهن کان مون محسوس ڪيو ته منهنجا ڍور گهٽبا ٿا وڃن. مون جڏهن ڳڻيا تڏهن خبر پئي ته پنجاهه ڍور گهٽ آهن. مان پريشان ٿيس ۽ وائڙو پڻ. مون اها ڳولها ڪرڻ شروع ڪئي ته آخر اهو ڇا پيو ٿئي. هڪڙي ڏينهن مون لڪي اهڙو منظر ڏٺو جو دنگ رهجي ويس. جهان پناهه! ڪتي بگهاڙيءَ سان وڃي سنگت رکي هئي ۽ ان جي محبت ۾ ايترو انڌو ۽ فرض ناشناس ٿي ويو جو ان مان پنهنجي ڪم ڪڍڻ بعد هڪ اڌ جانور پنهنجي خوشيءَ سان سندس حوالي ڪري ڇڏيندو هو. غلام کي جيئن ئي اها حقيقت معلوم ٿي تڏهن مون هن کي ڦاسيءَ تي ٽنگيو ۽ سندس لاش ٻين جي عبرت لاءِ هتي لٽڪائي ڇڏيو آهي.“

”پوءِ ته تو وڏو ظلم ڪيو.“ نوشيروان افسوس ظاهر ڪندي چيو.

هن شخص بيرخيءَ ۽ بيمروتيءَ سان جواب ڏنو: ”پر جهان پناهه، هن غلام ته رڳو هڪ ڪتي کي ماريو آهي. هن مزدڪ ۽ سندس ٻارهن هزار پوئلڳ ته ڪونه مارايا آهن... هن ناچيز، پيءُ کي قيد ۽ ڀائرن ڀائٽين کي مارايو ته ڪونهي! جيستائين هن ناچيز جي راءِ آهي ته منهنجو هي قتل بيان ڪيل خون خرابي کان ته بنهه هلڪو آهي.“

نوشيروان جي منهن جو پنو ئي لهي ويو. هن غور سان ڏسندي چيو: ”تون... معمار ته ڪونه آهين؟“ معمار پنهنجون اکيون جهڪائي ڇڏيون. نوشيروان هنجي حق گوئيءَ کي سهي ويو.

مانهن جي نظرن کان بچندو، لڪندو لڪندو، اهو معمار شاهي لشڪر ۾ اچي پهتو. گهڻيءَ مدت کان پوءِ گلنار جي ياد هن جي دل ۾ وري ڪَر موڙي اٿي هئي. هن نوشيروان جي ڪنيزن کي رشوت ڏئي کانئن گلنار بابت پڇيو. انهن ڪنيزن ۾ جيڪا سڀني کان وڌيڪ باخبر ۽ هوشيار هئي، ان جواب ڏنو: ”تون ڪهڙي گلنار بابت پڇي رهيو آهين. محل ۾ ته الائجي ڪيتريون گلنارون پيون آهن!“

هن چيو: ”اها گلنار، جيڪا هيربد ذيشان جي ڌيءَ هئي...“

”اها گلنار!“ ڪنيز اوچتو کلڻ لڳي، ”اها پوڙهي! منهنجا ڀاءُ، تون به ڪهڙا پراڻا قصا کڻي ويٺو آهين. مون هن کي گهڻي وقت کان ڪونه ڏٺو آهي. ڀلا بادشاهه به زوال پسند ٿي سگهن ٿا؟ ڪير ٿو ڄاڻي ته هوءَ ڪٿي آهي ۽ آهي به يا نه!“

نوٽ

ڇهين صديءَ (528-529ع) جي هن ڪهاڻيءَ جي تاريخي پس منطر جي لاءِ مصنف هيٺين ڪتابن تان مدد ورتي آهي.

1. سياستنامہ                  نظامالملڪ طوسي

2. تاريخ ايران پاستان          محمد خليل الرحمان

3. البرامڪہ                   عبدالرزاق ڪانپوري

4. تاريخ ايران حصه اول                پروفيسر مقبول بيگ بدخشاني

5. قديم مشرق

6. دبستان مذاهب

7. مقالات ورسائل             علامہ شبلي

8. شعر العجم                علامہ شبلي

ادب لطيف

محمد عثمان ”ناطق“

سک جا سکر ڏينهن شال موٽي اچن

ڇا اُهي سکر ڏينهن وري مارئيءَ لاءِ موٽي ايندا ۽ سندس بند بِدا ٿيندو، ۽ هي ظلم ۽ جبر تي عمر جو اڏيل ڪوٽ ڊهي ويندو؟

عمر جا پنهنجا پاڻ ٺاهيل قاعدا ۽ قانون، هي لوهي زنجيرون ۽ ڪڙا، جي آزاد انسان کي جڪڙڻ لاءِ تيار آهن. ڇا اهي ظلم ۽ زبردستيءَ جا زنجير ٽٽي ويندا ۽ ملير جو ملڪ وري سائو ستابو ٿيندو؟ نماڻي نار، مارن جو مرڪ، صبر سيل ۽ ست واري مارئي وري وطن موٽي ايندي؟ مارئيءَ جي موٽ ڪري، ملير ۽ هر هنڌ خوشيون ۽ شادمانا ٿي ويندا. ورهين جا وڇوڙا ۽ ورونهن هڪ لحظي ۾ لهي ويندا. محبت ۽ميٺ جي پالوٽ ٿي ويندي. ملير جا مانهو ته مٺا آهن، پر ڪڙو ۽ ڪسارو ته کين عمر جي ڏاڍ ڪيو آهي. ماروئڙا ته اڱڻ آيلن کي اکين ۾ جايون ڏيڻ وارا آهن. آيل جي آڌر ته کانئن ڪو سکي، وٽن ڪوواٽهڙو لنگهي آيو، ته پوءِ انکي جيءَ ۾ جايون پيا ڏيندا ۽ سندس آرام ۽ آسائش جو خيال پيا رکندا ته جيئن کيس ڪو ڏک نه پهچي، متان اسان جي ڏيهه جي پرڏيهه ۾ وڃي ڪا بري مقال ڪري. مز مان کي مِهر الاهي ڪري ڄاڻن. هيڻي حال هوندي به آيل جي آڌر ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏين. جيڪي وٽن هوندو، سور آيل جي اڳيان ڏاڍي قرب ۽ چاهه، ڇيڄ ۽ محبت سان رکن. ان بعد ٻچن جو خيال رکن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com