اڃا منجهند جي مهل ٿيڻ واري هئي ته اها ئي عورت
هيسيل نموني ۾ هڪ پاسي کان آئي ۽ چپ چاپ عبادتگاه
۾ گهري ويئي. خوشنواز بنان ڊپ ڊاءَ جي غير ارادي
طور ان عورت جي پٺيان پٺيان اندر هليو ويو. اها
عورت هيڏهن هوڏانهن نهارڻ کان سواءِ ڳرن قدمن سان
حجره نار ڏانهن وڌندي وئي. ان وقت خوشنواز کي خيال
آيو ته جيڪڏهن هن پٺيان مُڙي ڏٺو ته پوءِ خبر ناهي
ته ڇا ٿئي. هن سوچيو ته هاڻي کيس ان عورت جي پٺيان
وڌيڪ وڃڻ نه کپي، پر تجسس جو جذبو کيس هن جي پٺ
وٺڻ تي مجبور ڪندو رهيو. آخر اها عورت حجره نار ۾
داخل ٿي. خوشنواز ان حجري جي ٻاهران بيهي رهيو.
کيس اندر وڃڻ جي همت نه ٿي. هو اڃا سوچي رهيو هو
ته اندران نهايت مٺو ۽ ڏکويل آواز ٻڌڻ ۾ آيو. آواز
مان هوءَ ارڙهن سالن کان وڌيڪ نٿي لڳي. اوچتو
مصطگي رومي ۽ صندل جي خوشبوءَ سان فضا واسجي ويئي.
ٻيءَ گهڙيءَ ڇوڪريءَ جي ليلائڻ ۽ دعائن گهرڻ جو
آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ائين ٿي لڳو ته ڇوڪري بيحد ڏکويل
آهي. هوءَ چئي رهي هئي: ”اي آذرخش (مقدس باهه)،
تون نرسيءَ تي رحم ڪر. هن مزدڪ جو دين قبول ڪيو
آهي. مان تنهنجي پوڄارڻ گلنار، اهو ڪڏهن به سهي نه
سگهنديس ته توکي ڇڏي هڪ اهڙي نوجوان سان نينهن جو
ناتو رکان، جيڪو زرتشت کي ڇڏي مزدڪ جي دين ۾ داخل
ٿي ويو آهي. اي اهوار مزدا! اهو ڪهڙو ڪلجڳ آهي جو
نرسي ائين چوندو ٿو وتي ته سموريون عورتون سڀني
مردن جي گڏيل ملڪيت آهن ۽ سمورن مردن جو سڀني
عورتن تي حق آهي. هو مون کي به بيحيائيءَ ۽
بيغيرتيءَ تي مجبور ڪري ٿو. مان هن سان محبت ٿي
ڪريان، پر هو چوي ٿو ته محبت ڪا شئي ڪانهي. اي
يزدان! تون مون کي اها توفيق عطا فرماءِ ته مان
پنهنجي دل مان نرسيءَ جي محبت ڪڍي ڦٽي ڪريان، يا
ته وري نرسيءَ جي قلب تان ڪٽ لاهه جيئن هو موٽي
زرتشيت ۾ اچي.“ ان وقت خوشنواز ٿوري همت ڪري اڳيان
وڌيو. اندر جي فضا آتشڪدي جي باهه سان روشن هئي.
اندر گهڙندي ئي هن جي من تي ڪئين احساس ڇانئجي
ويا. باهه جي سرخ روشنيءَ ۾ ڇوڪريءَ جو منهن جنسي
ٻري رهيو هو. هن جي مٿي جا وار رومال ۾ ويڙهيل
هئا. ڳلن تي لُڙڪن جون بوندون پئي ڪِريون، جيڪي
باهه جي چمڪ ۾ جهرمر ڪري رهيون هيون. ڇوڪري پوريءَ
طرح سفيد لباس ۾ ويڙهيل هئي، رڳو منهن ظاهر هو،
جيڪو ڪنهن حور وانگر معصوم ٿي لڳو. سرهاڻ سان
واسيل فضا دل ۾ عجيب احساس، پيدا ڪري رهي هئي -
ڪجهه اهڙا احساس جن جي اثر هيٺ مانهو عبادت ڪرڻ تي
مجبور ٿيو پوي.
اوچتو پيرن جي کڙڪي تي ڇوڪريءَ ڇرڪ ڀري پٺيان
نهاريو. هڪ ڌارين ماڻهوءَ کي ڏسي پريشان ٿي وئي.
يڪدم پڇيائين، ”تون ڪير آهين؟ هتي ڇو آيو آهين؟“
خوشنواز به گهٻرائجي ويو. هن جواب ڏيڻ چاهيو پر
سندس نڙي سُڪي وئي هئي. هن کي ائين ٿي محسوس ٿيو
ڄڻ خود مويداعظم کانئس بيٺو پڇي ته ”اي خوشنواز!
جڏهن تو اهو ڄاتو ٿي ته مذهبي اڳواڻن جي هن آتشڪدي
۾ ڪنهن ٻئي طبقي جو ماڻهو داخل نٿو ٿي سگهي تڏهن
توکي اها جرات ڪيئن ٿي ته تون، جيڪو رڳو هڪ معمار
آهين، هن مقدس معبد ۾ پير ڪيئن رکيهءِ.“ وري هن
محسوس ڪيو ته مويداعظم پنهنجي گرجدار آواز ۾ چئي
رهيو هو، ”چئو! توکي هن ڏوهه جي ڪهڙي سزا ڏيڻ
گهرجي؟“
ڇوڪري جلدي جلدي چادر ويڙهي ٻاهر نڪرڻ جي لاءِ
تڪڙا قدم کڻندي خوشنواز وٽان اچي لنگهي. هن وٽ
پهچي گهڙي کن جي لاءِ بيهي رهي ۽ خوشنواز ڏانهن
ڏسندي چيائين، ”اي اجنبي نوجوان! مون توکي هتي
ڪڏهن ڪونه ڏٺو آهي، پر مونکي ياد ٿو اچي ته توکي
ڪٿي ڏٺو اٿم. شايد تون انهن شاهي معمارن ۾ شامل
آهين، جيڪي اڄڪلهه آتشڪدي کي وڌائڻ جي خدمت ڪري
رهيا آهن؟“
خوشنواز هيسجي چيو، ”جي ها، آءٌ معمار آهيان، پر
معمار ٿيڻ ڪو ڏوهه ته نه آهي؟“
”تون معمار آهين، توکي مذهبي اڳواڻن جي آتشڪدي ۾
اچڻ نه گهربو هو.“ ڇوڪريءَ جي لهجي ۾ ڪجهه سختي
هئي. خوشنواز کي ڊپ ٿيو ته هيءَ ڇوڪري سندس شڪايت
ڪندي ۽ کيس ان ڏوهه جي نهايت سخت سزا ڏني ويندي.
هن خوشامد ڪندي چيو، ”معزز خاتون! مان غلطيءَ
سببان هتي اچي ويو آهيان- معافي چاهيان ٿو.“
هو ٻاهر ويندي چوڻ لڳو، ”مان هينئر جو هينئر وڃان
ٿو، پر منهنجي لائق ڪا خدمت هجي ته آءٌ حاضر
آهيان.“ ائين چوندي هن پٺيان مُڙي گهَريءَ نظر سان
ڇوڪريءَ ڏي ڏٺو. چادر منجهان هن جو ڪومايل منهن
ائين ٿي نطر آيو، جيئن ڪپهه جي پوڻين جهڙن ڪڪرن
مان چنڊ جهاتيون پائيندو هجي. ڇوڪريءَ اداسيءَ مان
چيو، ”تون منهنجي ڪهڙي خدمت ڪري سگهين ٿو؟“
خوشنواز جا قدم ڍرا ٿي ويا. ”اوهان جيڪا به خدمت
چاهيو، مان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
”تو اهو ڪيئن سمجهيو ته مون کي مدد جي گهرج آهي.“
ڇوڪريءَ ٿوريءَ بيرخي سان چيو.
خوشنواز دل ئي دل ۾ خوش ٿيو ته اها حسين ڇوڪري
سندس ڳالهين ۾ ڦاسي چڪي آهي. هوآهستي آهستي چوڻ
لڳو، ”معزز خاتون! جيڪڏهن اوهان اجازت ڏيو ته مان
اوهان جي ڀيٽ يونان جي ناهيد ديويءَ سان ڪريان.
اوهان جي شڪل جي هڪ جهلڪ ۾ مون جيڪا معصوميت ۽ ڪشش
محسوس ڪئي آهي، اها اسان کي سونهن جي ديويءَ ناهيد
کان سواءِ ٻيو ڪٿي به ملي نٿي سگهي. مون کي پنهنجي
گهٽ درجي جو احساس آهي. آءٌ معمار آهيان، جنهن جو
ڪنهن موبد يا هيربد جي خاندان جي دوشيزه سان
مقابلو نٿو ڪري سگهجي؛ پر انساني همدرديءَ ۽
نيڪيءَ جي جذبي مون ۾ ايتري جرات پيدا ڪئي جو مون
اوهان جي پٺ ورتي ۽ پيشوائن جي آتشڪدي ۾ داخل ٿيس،
۽ اوهان جي مرضي ۽ خواهش جي خلاف اوهان سان مخاطب
ٿيس. اهي سڀ اهڙا ڏوهه آهن جو مون کي انهن جون
ڪئين عبرتناڪ سزائون ڏيئي سگهجن ٿيون.“
ڇوڪريءَ جي چپن تي مرڪ ٽڙي پيئي. ”تون ڏاڍو ڪو
ڳالهير آهين!“ پوءِ ويندي ويندي چوڻ لڳي، ”تون ڀاڳ
وارو آهين جو مون توکي معاف ڪري ڇڏيو، آئيندي وري
اهڙي غلطي متان ڪرين!“
خوشنواز ڏسندي ڏسندي رهجي ويو ۽ ڇوڪري هلي وئي. هو
تيستائين اکيون کُپايو بيٺو هو، جيستائين ڇوڪري
نطرن کان غائب ٿي وئي. هوءَ هيربدن جي گهرن ۾ ڪٿي
گم ٿي وئي هئي. خوشنواز کي ڇوڪريءَ بابت ڪابه خبر
پئجي نه سگهي هئي، پر هن کي ان ڳالهه جي خوشي هئي
ته هوءَ ڪاوڙجي نه وئي هئي. گهٽ ۾ گهٽ هن کي اهو
معلوم ٿي چڪو هو ته ڇوڪري هيربدن جي ڪٽنب مان آهي.
هيربد موبدن کان گهٽ ۽ انهن جي هيٺان هئا. هو
آهستي آهستي وکون کڻندو اوڏانهن وڃڻ لڳو، جتي مزور
پٿرن ۽ مسالن جي مدد سان ڀتيون ٺاهي رهيا هئا.
جڏهن هو آتشڪدي جي حدن مان ٻاهر نڪري آيو، تڏهن هن
موبداعظم کي سندس پرستارن سان گڏ آتشڪدي ڏانهن
ايندي ڏٺو. مٿي تي سفيد ٽوپي ۽ کير جهڙا اڇا ڪپڙا
پاتل، هو پنهنجن پوئلڳن جي وچ ۾ وڏي شان سان وڃي
رهيو هو. خوشنواز جي دل ۾ هڪ عجيب خواهش پيدا ٿي.
هو سماج جي ان طبقي جو فرد هو جنهن کي نهايت گهٽ
درجي جو سمجهيو ويندو هو. ملڪ۾ سڀ کان معزز ۽ مقدس
رڳو موبد مڃيا ويندا هئا. هن سوچيو ته جيڪر هو به
ڪنهن موبد يا هيربد جي گهر ۾ پيدا ٿئي ها، جتي
مانهن جي ڏاڍي عزت ڪئي وڃي ٿي، ۽ جن جي عزت ۽
احترام جي ڪري ماڻهو کانئن ٻه وکون پٺيان هلندا
آهن. موبد اعظم ڄڻ فرشتن وانگر پر پکيڙيندو آتشڪدي
۾ گهڙيو. خوشنواز جي دل جي ڌڪ ڌڪ يڪدم تيز ٿي
ويئي. جيڪڏهن هو هن آتشڪدي ۾ موجود هجي ها ۽
موبداعظم ان مهل اندر اچي وڃي ها ته هن جو حال
الائجي ڪهڙو ٿئي ها! هو ڏڪي ويو، پر ٻيءَ گهڙيءَ
منجهس اها خواهش وري جاڳي پيئي ته جيڪر هو موبد
گهراڻي جو هڪ فرد هجي ها. پر ان دور ۾ اها ڳالهه
بنهه اڻٿيڻي هئي ته ڪو مانهو پيدا ته هڪڙي طبقي ۾
ٿئي ۽ داخل ٻئي طبقي ۾ ٿئي. اهو سماجي نظام صدين
کان جاري هو ته جيڪو ماڻهو جنهن طبقي ۾ ڄمندو
سومرندو به ان طبقي ۾. ها، البت هڪڙو اهڙو طريقو
به موجود هو، جنهن جي آڌار تي ڪو گهٽ درجي وارو
پاڻ کان اعليٰ طبقي ۾ داخل ٿي سگهيو ٿي؛ پر اهو
طريقو نهايت ڏکيو ۽ اڻانگو هو. اهڙي ماڻهوءَ کي
نهايت ڪٺن آزمائشن مان پار پئي اهو ثابت ڪرڻو
پوندو هو ته هو پنهنجي خواهشن جي پورائيءَ جي لاءِ
زندگيءَ جو خطرناڪ ترين ڪم به ڪري سگهي ٿو. پر
جڏهن اهو ڪامياب ٿي ڪنهن مٿاهين طبقي ۾ داخل
ٿيندو، تڏهن هو ڪيترين پيڙهين تائين اهو محسوس
ڪندو رهندو، ته جيتوڻيڪ کيس طبقاتي اعزاز حاصل ٿي
ويو آهي، پر عملي طور سماج جي معززن هن کي قبول نه
ڪيو آهي، ۽ پوءِ اها پيڙا هن جا پويان به ڀوڳيندا
رهندا.
خوشنواز ڏيهاڙي صبح جو سڙهه واري ٻيڙيءَ تي چڙهي
سلوڪيا کان تيسفون ويندو هو. هو سڄو ڏينهن پنهنجي
ڪم جي نگراني ڪندو رهندو هو. جڏهن به کيس ڪو موقعو
ملندو هو تڏهن آتشڪدي جي ان حصي ڏانهن نهاريندو
هو، جنهن ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ کيس گلنار ملي هئي. پوءِ
هو هيربدن جي انهن گهرن ڏانهن به ڏسندو هو، جتي
هوءِ گم ٿي وئي هئي. عجيب اتفاق جي ڳالهه هئي ته
هوءِ وري ڪونه آئي. هن سوچيو ته شايد هوءَ ساڻس
ڪاوڙجي وئي آهي. خوشنواز اهو سمجهيو ٿي ته هن ۾ ۽
هيربدن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، پر پوءِ به کيس
هن جو انتظار هو. وري ڪڏهن سوچيائين ٿي ته جيڪڏهن
هوءَ آئي به ته ڪهڙو فائدو! ان هوندي به هن جي دل
جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ اميد جو ترورو موجود هو.
اهڙيءَ طرح ٻه هفتا گذري ويا. اڏاوت جو ڪم تڪڙو
تڪڙو ٿيندو رهيو.
هوڏانهن گلنار به ڪا گهٽ پريشان نه هئي. هوءَ
موبداعظم جي نائب هيربد جي ڌيءَ هئي. ننڍپڻ کان
وٺي پنهنجي چاچي جي پٽ نرسيءَ سان سندس ڏاڍي دل
هئي. ٻنهي جو مڱڻو ٿي چڪو هو، پر نرسي جيئن
جوانيءَ جي حدن ۾ داخل ٿيڻ لڳو تيئن هن جي خيالن ۾
بغاوت ۽ الحاد زور وٺڻ لڳا. هن کي پنهنجو اباڻو
ڌنڌو ڪونه ٿي وڻيو، پر نيٺ ته کيس هيربد بنجڻو هو.
انهن جي حوالي آتشڪدي جي سنڀال ۽ باهه کي فروزان
رکڻ جو ڪم هوندو آهي. نرسيءَ کي انهيءَ ڪم کان سخت
نفرت هئي. هن سپاهي بنجڻ ٿي چاهيو، پر ان ۾ سماج
جا طبقاتي قيد ۽ پابنديون رڪاوٽ بنيل هيون. انهن
ڏينهن ۾ نرسيءَ جي شهر ۾ تخت جمشيد کان مزدڪ نالي
هڪ اهڙو انقلابي شخص اچي سهڙيو هو، جنهن موجود
معاشرتي نظام ۾ زبردست تبديليون آڻڻ ٿي چاهيون. هو
طبقاتي ورڇ جي خلاف هو. هن ماڻهن کي اهڙيون
ڳالهيون ٻڌايون جيڪي ان کان اڳ ٻئي ڪنهن به ڪونه
ٻڌايون هيون. اٽڪل ٻه مهينا اڳ جي ڳالهه هئي ته
گلنار نرسيءَ سان گڏ تيسفون جي وڏي بازار مان
لنگهي رهي هئي. هوءَ ٻن گهوڙن جي رٿ تي سوار هئي.
نرسي سندس ساڄي طرف ويٺي مزيدار ڳالهيون پئي ڪيون
ته اوچتو چوسول تي هنن هڪ وڏو ميڙ ڏٺو. ميڙ مان
ڪنهن جو جوشيلو آواز اچي رهيو هو. نرسيءَ پنهنجو
رٿ ميڙ جي ويجهو آڻي، هڪڙي پاسي بيهاريو ۽ گلنار
کي چيو، ”تون هن رت ۾ ويٺي هج، مان اجهو ٿو اچان.
ڏسان ته هيءُ ڪير آهي جنهن پنهنجي چوڌاري ايڏو ميڙ
کڻي ڪٺو ڪيو آهي.“ گلنار چپ چاپ ويٺي رهي ۽ نرسي
بيپرواهيءَ سان ميڙ منجهه گهڙي ويو. ميڙ مان ڪنهن
پوڙهي جو آواز طوفاني بادلن جي گجگوڙ وانگر ٻڌڻ ۾
پئي آيو:
”اي هاريو ۽ پورهيتو! جهڙيءَ ريت مينهن، هوا، اُس
۽ چراگاهون سڀني ماڻهن جي لاءِ خدائي نعمتون آهن،
جن ۾ امير ۽ غريب جو ڪو فرق ڪونهي، اهڙيءَ ريت
دنيا ۾ جيڪي به نعمتون آهن سي سڀني جي لاءِ
هڪجهڙيون ۽ عام آهن ۽ ڪنهن به انسان کي اهو حق
ڪونهي ته هو انهن نعمتن جي مٿان نانگ وانگر ڦڻ ڪڍي
ويهي رهي، خود بادشاهه قباد کي به اهو حق ڪونهي.
قباد جي دولت ۾ سڀني جو حصو آهي، اميرن جي دولت ۾
پڻ سڀ ماڻهو هڪجهڙا حصيدار آهن.“ اوچتو خوشيءَ ۽
آفرين جا نعرا ايڏي ته زور سان لڳڻ شروع ٿي ويا جو
بند ئي نٿي ٿيا. گلنار کي جنهن ڳالهه تي سڀ کان
وڌيڪ عجب لڳو سا اها هئي ته ايڏي وڏي ميڙ ۾ عورتون
۽ مرد هڪٻئي سان بنهه بيتڪلف هئا. جڏهن ميڙ جو جوش
۽ گوڙ ڪجهه گهٽيو ته ساڳئي پوڙهي جو گجندڙ آواز
وري ٻڌڻ ۾ آيو:
”اي انسانو! دنيا ۾ سڄي فساد جو بنياد ٻه شيون
آهن: عورت ۽ ملڪيت. جهڙيءَ ريت پاڻيءَ، هوا ۽ اُس
مان سڀ هڪجهڙو فائدو وٺن ٿا، اهڙيءَ ريت عورت به
ڪنهن خاص ماڻهوءَ جي ملڪيت نٿي ٿي سگهي. ڏسو! اهو
ڪيڏو وڏو ظلم آهي ته هڪڙي ماڻهوءَ جي زال ته بيحد
حسين آهي پر ٻئي جي انتهائي بدصورت. اهڙيءَ حالت ۾
دينداري ته اها آهي ته اوهان پنهنجون زالون
بدلائيندا رهو ته جيئن مساوات قائم ٿئي. ڏسو! اهو
ڪيڏو انڌير آهي ته هڪڙي ماڻهوءَ وٽ بي انداز مال ۽
دولت هجي ۽ هو ڏاڍا عيش ڪندو رهي، ۽ ٻيو ماڻهو
تمام مسڪين هجي ۽ ويلا ڪاٽيندو هجي. ان ڪري
دينداري اها آهي ته مالدار ماڻهو پنهنجو مال غريبن
۾ ورهائي ڇڏي ته جيئن سڀ برابر ٿي وڃن ۽ جيڪو
ماڻهو ورڇ ۽ مساوات جي ان طريقي تي راضي نه ٿئي سو
اهرمني آهي ۽ شيطان آهي.“ هڪ ڀيرو وري گوڙ آسمان
ڏارڻ لڳو ۽ خوشيءَ وچان ميڙ هڪٻئي کي چنبڙي ويو.
عورتن ۽ مردن جي جنس جا آداب ۽ حجاب ختم ٿي ويا،
ٻيئي هڪٻئي ۾ پيهي ويا. کُلئي رستي تي چمي - چٽ
جي نظاري گلنار جي دل ۾ باهه ٻاري ڇڏي. هن ۾ ايڏي
سگهه نه هئي جو ان نظاري جو چڱيءَ طرح مشاهدو ڪري
سگهي، پر هن جيڪي ڪجهه ڏٺو ان ۾ حيرت جي ڳالهه اها
هئي ته ڪيتريون بدصورت عورتون خوبصورت مردن جي
ڀاڪرن ۾ ۽ بدصورت مرد خوبصورت عورتن جي ڀاڪرن ۾
هئا ۽ ٻيئي ڏاڍي گرمجوشيءَ سان مساوات جو مظاهرو
ڪري رهيا هئا. گلنار کي ڊپ ٿيڻ لڳو ته ڪي ماڻهو
متان هن ڏانهن نه هليا اچن! هوءَ بيچينيءَ سان
پنهنجي مڱيندي کي نهارڻ لڳي پر هو ڪٿي به ڏسڻ ۾
ڪونه ٿي آيو. هن اوچتو گهٻرائجي پنهنجي ڪوچوان کي
ڏٺو ڊپ ۾ کيس يڪدم حڪم ڏنائين: ”ڪوچوان! هيٺ لهي
نرسيءَ کي ڳولهي وٺي اچ.“ ڪوچوان کي ته ڄڻ ان
ڳالهه جوئي انتظار هو سو ٽپ ڏئي رٿ تان لٿو ۽
ڊوڙندو ميڙ ۾ گم ٿي ويو. گلنار ڏاڍي منجهيل هئي.
هوءِ هاني ڇا ڪري! اوچتو هن جي اک نرسيءَ تي وڃي
پئي. هڪ نهايت ئي حسين ڇوڪري سندس ڀاڪرن ۾ هئي ۽
ٻنهي ۾ نالي ماتر به حجاب ڪونه هو. گلنار جي اکين
اڳيان ڄڻ اوندهه ڇانئجي وئي. پوءِ جڏهن هو سامت ۾
آئي تڏهن سڄو منظر خواب وانگر پورو ٿي چڪو هو.
هوءَ هئي، سندس ڀر ۾ نرسي هو ۽ رٿ جو ڪوچوان هو.
رٿ آتشڪدي ۾ داخل ٿي چڪو هو ۽ اتي جو سڄو وايو
منڊل صندل ۽ لوبان جي واس ۾ ويڙهيل هو.
جڏهن رٿ گلنار جي گهر اڳيان اچي بيٺو ته نرسي
ڦڙتيءَ سان ٽپ ڏئي لٿو ۽ گلنار کي سهارو ڏئي هيٺ
لاٿائين. گلنار تمام ڪموزري محسوس ڪري رهي هئي. هن
جي دل ٻڏي رهي هئي ۽ اکين اڳيان ڪارا ٽٻڪا نچي
رهيا هئا. ڪوچوان خالي رٿ کي ڪاهي هليو ويو. ان
وقت چوطرف خاموشي هئي. نرسيءَ ڪمزور ۽ اداس گلنار
کي وٺي وڃي ڇٻر تي ويهاريو، جتي چوطرف گل ٽڙيل
هئا.
نرسيءَ هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي چيو: ”گلنار ڇا
ڳالهه آهي، تون ايڏي منجهيل ڇو آهين؟“
گلنار جي سيني ۾ رقابت ۽ حسد جون ڄڀيون ڀڙڪي رهيون
هيون. نرسيءَ جي ان سوال ويتر ڄڀيون ڄرڪائي ڇڏيون،
”تون منهنجي مونجهاري جو ڪارڻ ٿو پڇين، مان
ٻڌايانءِ ڪارڻ؟“
نرسيءَ هن کي سيني سان لائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو،
”ضرور ٻڌاءِ.“ گلنار هن کي پٺڀرو ڌڪو ڏنو ۽ ڪاوڙ
مان چيو، ”ڇا تون اهو پسند ڪندين ته مان ڪنهن ٻئي
جي ڀاڪرن ۾ هجان، ڇا تون مون کي اهڙيءَ حالت ۾ ڏسي
سهي سگهندين، جنهن حالت ۾ مان توکي ڏسي چڪي
آهيان!“
نرسي بي اختيار ٽهڪ ڏيڻ لڳو ۽ گلنار پاڻ وڌيڪ
پريشان ٿي وئي. هن کي ائين لڳو ڄڻ نرسيءَ جو دماغ
خراب ٿي پيو آهي.
”گلنار، تو ڏاڍو سٺو ڪيو جو پاڻ ئي ڳالهه شروع
ڪئي.“ هو پري افق تي نظرون کپائي چوڻ لڳو، ”تو هن
عظيم انسان کي ٻڌو، جنهن جي ڳالهين ٻڌڻ جي لاءِ
آءٌ توکي اڪيلو ڇڏي ويو هوس.“
”ها،“ گلنار ٽوڪ سان چيو، ”تون خبيث کي عظيم انسان
چئي رهيو آهين؟“
ڳالهه اڃا پوري ڪانه ٿي هئي ته نرسيءَ هن جي وات
تي کڻي هٿ رکيو ۽ رکائيءَ سان چيائين ”گلنار، تون
هن عظيم بزرگ جي لاءِ ناشائستہ اکر نه ڳالهاءِ، نه
ته مان توسان وڌيڪ ڪجهه نه ڳالهائيندس.“
”چڱو توکي جيڪي ڪجهه چوڻو هجي سو چئو، مان پوءِ
ڳالهائينديس.“
”مان توکي ڳالهائڻ کان روڪيان نٿو، پر ان ڳالهه جو
خيال رکج ته مان هن بزرگ جي شان ۾ ڪابه گستاخي سهي
نه سگهندس.“ گلنار چپ رهي ۽ نرسي چوڻ لڳو ”هو چئي
ٿو ته ذاتي ملڪيت جو تصور ئي فساد جو بنياد آهي.
مزدڪ چوي ٿو ته هتي جيڪي به ڪجهه آهي سو سڀني
انسانن جي گڏيل ملڪيت آهي. اوچ نيچ جي حدن کي ٽوڙي
ڇڏيو، سموريون ننڍ وڏايون ختم ڪري ڇڏيو ۽ تفرقن ۽
تفاوتن جون ديوارون ڊاهي ڇڏيو. مزدڪ دين فطرت کڻي
آيو آهي.“ ان بعد هن آهستي چيو ”مون اهو نئون دين
قبول ڪيو آهي ۽ آءٌ مزدڪي ٿي ويو آهيان.“
گلنار جي پيرن هيٺان ڌرتي کسڪڻ لڳي. ”نرسي! اهو
تون ڇا ٿو چئين؟ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“
”اهو سوچڻ تنهنجو ڪم ناهي ته ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي
۽ ڪيئن نٿو ٿي سگهي.“
”تڏهن تون مون کي هتي ڇو وٺي آيو آهين؟“ گلنار
بيزاريءَ مان پڇيو.
”ڳالهين ڪرن جي لاءِ.“
”ته پوءِ ڪر ڳالهيون.“
”پهرين مون کي اهو يقين ڏيار ته تون مون کان ناراض
ڪونه آهين؟“
”منهنجي ناراضپڻي ۽ رضامنديءَ جو قطعي فيصلو ان
وقت ٿيندو جڏهن مان تنهنجون سموريون ڳالهيون ٻڌان،
ان کان اڳ مان ڪجهه چئي نٿي سگهان.“ گلنار وراڻيو.
”چڱو ته ٻڌ: مان مزدڪي ٿي ويو آهيان. مزدڪ يزدان
جو پيغمبر آهي ۽ هو اسان وٽ ان ڪري آيو آهي ته نور
کي اونداهيءَ کان پري ڪري. هو غريبن ۽ مسڪينن جو
مددگار ۽ هڏڏوکي آهي، هوامير ۽ دولت وارن جو دشمن
آهي. هن جي تعليم اهائي آهي جيڪا زرتشت يا ماني
پيغمبرن جي هئي، بس هن ان ۾ ايترو اضافو ڪيو آهي
ته ”انفرادي ۽ ذاتي ملڪيت جي تصور کي ختم ڪيو
وڃي.“ هو چئي ٿو ته هيءَ دنيا هڪ حادثي وانگر
اتفاق سان وجود م اچي ويئي آهي. شروعات ۾ نور ۽
ظلمت الڳ الڳ هئا، پر پوءِ اهي ٻيئي شيون اتفاق
سان هڪٻئي ۾ گڏجي ويون. مزدڪ چوي ٿو ته هڪڙو ڏينهن
اهو ضرور ايندو جڏهن اهي ٻيئي شيون الڳ الڳ ٿي
وينديون. بس، اسان کي رڳو ان سڀاڳي ساعت جو انتظار
آهي.“
گلنار چيو ”اهي ڳالهيون منهنجي سمجهه کان مٿي آهن،
پر هن کي اهو حق ڪهڙي يزدان ڏنو آهي ته هو مردن ۽
عورتن جو حجاب ختم ڪري ڇڏي؟“
”خدا، يزدان، اهوار مزدا...“ نرسيءَ جواب ڏنو: ”پر
اخر اُن ۾ هرج يا شرم ڪهڙو آهي؟“
گلنار هن کي حيرت وچان ڏٺو ”ته تون به ائين ٿو
چئين ته ان ۾ ڪوبه هرج يا شرم جي ڳالهه ڪانهي.“
”بلڪل، مان ڇا، لکين ماڻهو اهو سمجهڻ لڳا آهن ۽ ان
۾ ڪوبه شرم يا خرابي محسوس نٿا ڪن.“
گلنار ٽٽل دل سان چيو ”هي تنهنجي عقل ۽ غيرت کي ڇا
ٿي ويو آهي، نرسي! يعني مان، جنهن سان تون محبت ٿو
ڪرين، جنهن سان تنهنجي شادي ٿيڻ واري آهي، سا رڳو
تنهنجي ٿي نه رهي پر سڀني جي ٿي وڃي، توکي ان ۾
ڪوبه عار يا شرم محسوس نه ٿيندو؟“
”ها، مون کي ان ۾ ڪو به شرم يا عار محسوس نه ٿيندو
۽ اهو انڪري نه ٿيندو ته اسان جو سڄو سماج ائين
هوندو ۽ ان ۾ ڪو به ڪنهن کان شرمندو نه ٿيندو.“
گلنار منهن ڦيري چيو ”مون کي ته اهي ڳالهيون سمجهه
۾ ئي ڪونه ٿيون اچن.“
توکي ڀلي هينئر سمجهه ۾ نه اچن، پر جڏهن سڄو سماج
ان رنگ ۾ رڱجي ويندو ته پوءِ تون پنهنجي موجوده
سماج ۽ اخلاقي قدرن تي کلندينءَ ۽ نئون سماج توکي
اهڙيون خوشيون، لطف ۽ لذت ڏيندو جنهن جو تون تصور
به نٿي ڪري سگهين.“
گلنار قطعي فيصلو ڪندي چيو: ”مان ان سماج يا نظام
کي ڪنهن به قيمت تي قبول نه ڪنديس، چاهي مون کي ان
لاءِ جان ڇو نه ڏيڻي پوي.“
نرسيءَ جي چپن تي مرڪ ڊوڙي آئي ”پنهنجن ابن – ڏاڏن
جي رسمن رواجن کي ڦِٽو ڪري نين ڳالهه کي قبول ڪرڻ
وڏي حوصلي ۽ همت جو ڪم آهي. ماڻهوءَ جي عظمت جو ان
ڳالهه مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو.“ هن هيڏانهن
هوڏانهن نهاري گلنار کي ڇٻر تي ليتائي ڇڏيو ۽ پاڻ
هن جي پاسي ۾ ليٽي پيو.
”گلنار! سچ ٻڌاءِ، توکي مون سان واقعي محبت آهي؟“
گلنار هن جي سيني ۾ مُنهن لِڪائي چيو، ”ها، پر
توکي ان ڳالهه پڇڻ جي ضرورت اڄ ڇو محسوس ٿي آهي؟“
”ڀلا مان تنهنجي محبت جو امتحان وٺان؟“ نرسيءَ
پڇيو.
”ها مان تيار آهيان.“
”هن وقت به؟“
”ها، هن وقت به.“
”چڱيءَ طرح سوچي وٺ.“ نرسيءَ هن جي مُنهن تان وارن
جي چڳ هٽائي ته ائين لڳو ڄڻ ڪڪرن مان چنڊ نڪري
آيو. گلنار جواب ڏنو: ”سوچي ورتم.“
”متان پنهنجي ڳالهه تان ڦري وڃين؟“
”نه، ائين نه ٿيندو.“ گلنار اکيون ٻوٽيندي، هڪ
ڊگهو ساهه کڻي چيو، ”تون مون کي اڃا سمجهي نه
سگهيو آهين.“
نرسيءَ هن کي پاڻ سان زور سان ڀڪوڙيو ۽ هن جي سَنڌ
سَنڌ مان ٽِڙڪاٽ نڪري ويا. جڏهن گلنار پنهنجي وس
کان نڪري مست ۽ بيخود ٿي وئي تڏهن نرسيءَ اوچتو
پنهنجو فيصلو سڻايو. ”گلنار! توکي منهنجي خاطر
مزدڪيت کي قبول ڪرڻو پوندو.“
گلنار جا سمورا نشا ٽُٽي ويا، هن اکيون کولي ڇڏيون
۽ نرسيءَ جي ٻانهن جي گهيري مان نڪرڻ جي لاءِ
پتوڙڻ لڳي، ”اهو ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي، ڇڏ مون
کي....“
نرسيءَ جي جَڪڙ وڌيڪ سوڙهي ٿي ويئي، ”ان جي معنيٰ
ته توکي مون سان محبت ڪانهي؟“
گلنار ڪاوڙ ۾ لڇندي چيو، ”جيڪي وڻيئي سو سمجهه، پر
مان پنهنجي زرتشتي مذهب کي ڇڏي نٿي سگهان. مان
ڪڏهن به مزدڪيت قبول نه ڪنديس.“
”بيوقوف!“ نرسيءَ هن کي پيار مان چيو ”توکي خبر
ناهي ته زتشيت جي زندگي خشڪ ۽ بيڪيف آهي. هتي
اميرن ۽ غريبن جا طبقا آهن. هتي بادشاهه آهي، جيڪو
مختار مطلق آهي. شهزادا آهن، جيڪي سڀني کان وڌيڪ
خوشحال ۽ بالادست آهن. عورتون آهن، جيڪي اهڙن
مانهن جي ملڪيت به آهن، جن کي عورتن جي ضرورت ئي
ڪانهي پر عورتون انهن سان گڏ زندگي گهارڻ تي مجبور
آهن. ڇا توکي اهڙو ماحول پسند آهي، اهڙو دين ۽
نظام حيات پسند آهي؟“ گلنار وٽ انهن ڳالهين جو ڪو
به جواب ڪونه هو. نرسيءَ سمجهيو ته شايد هوءَ قائل
ٿيندي پئي وڃي، ان ڪري هن پنهنجي تقرير جاري رکي،
”۽ پوءِ اها ڳالهه فطري ڪانهي ته هڪ ماڻهو هڪ ئي
ماحول ۽ هر وقت اڳيان رهندڙ شڪل مان بيزار ٿيو
پئي. ماڻهوءَ کي تبديلي کپي، هن جي طبيعت ڦرندي
رهندي آهي. ڇا توکي اها ڳالهه پسند آهي ته تون هر
گهڙيءَ بدلجندڙ خواهشن ۽ چاهتن ۾ ناڪام رهين.“
پر هن جا سمورا دليل به گلنار کي مطمئن ڪري نه
سگهيا. هوءِ چوندي رهي، ”مان چاهي مري وڃان، پر
مزدڪيت کي قبول نه ڪنديس.“
اوچتو نرسيءَ جي ٻانهن جو گهيرو ڍلو ٿي ويو. هو
گلنار کي ڇڏي پري ٿي ويو ۽ چيائين، ”ته پوءِ اسان
ٻنهي جون راهون جدا جدا آهن. تون شوق سان پنهنجي
دين تي قائم رهه ۽ مونکي منهنجي حال تي ڇڏي ڏي.“
گلنار اٿي بيهي رهي. ڪپڙن کي ڇنڊيندي چيائين، نه
رڳو مان پر گهر جو هڪڙو فرد به ان تي تيار نه
ٿيندو ته مان مزدڪيت اختيار ڪريان.“
نرسيءَ کي وري به اميد پيدا ٿي ته شايد گلنار
مزدڪيت قبول ڪري وٺي ۽ هن جي ناڪار جو ڪارڻ
خانداني ۽ مذهبي روايتن جي خلاف بغاوت جي همت نه
ساري سگهڻ هجي، انڪري هن همت وڌائڻ جي لاءِ چيو،
”تون رڳو ها ڪر، ان کان پوءِ جيڪي به ٿيندو ان جو
ذميدار مان آهيان.“
گلنار وراڻيو، ”مان ان واهيات ۽ ذليل دين جي لاءِ
ها ڪيئن ڪريان!“ |