سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1972ع

مضمون

صفحو :3

خوشبو آههِ شراب، هر مکڙيءَ جي جام ۾،

ڏسان پيو مان خواب، تُنهنجي مست اکين جا.

 

ڪنهن کي ٿا ڳولهين هي، راتين جا رولاڪ،

ڇو ٿا لِڪائن لوڪ کان، دل جا چڪندا چاڪ،

پرهه ڦُٽيءَ جي  ماڪ، رئندي ڪنهن جي حال تي.

 

چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، آئي ٿڌي هير،

من ۾ آهي او ميان! آڌيءَ رات اُڪير،

نيڻ وهائن نير، نينهن لڪايو نه لڪي.

*       *      *

تون آهين گل گلاب جو، ۽ مان تنهنجي سرهاڻ،

پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ، ڪڏهن لڪائي نه لڪي.

 

تون آهين گل گلاب جو، مان آهيان تنهنجي سڳنڌ،

خوشبوءِ جو سنٻنڌ، ڪڏهن لڪائي نه لڪي.

 

تون آهين گل گلاب جو،مان آهيان تنهنجو سڀاءُ،

محبت منجهه هنياءُ، ڪڏهن لڪائي نه لڪي.

 

تون آهين گل گلاب جو، مان تنهنجو واسُ،

مٺڙا! چنڊ اماس، ڪڏهن لڪائي نه لڪي.

 

تون آهين گل گلاب جو، مان آهيان تنهنجي سونهن،

روحن جي ورونهن، ڪڏهن لڪائي نه لڪي.

 

تون آهين گل گلاب جو، مان آهيان تنهنجي بوءِ،

گلن جي خوشبوءِ، ڪڏهن لڪائي نه لڪي.

 

تون آهين گل گلاب جو، مان آهيان تنهنجو رنگ،

تنهنجو منهنجو سنگ، ڪڏهن لڪائي نه لڪي.

 

تون آهين گل گلاب جو، مان پره ڦٽيءَ جي ماڪ،

هر هر پنهنجي هاڪ، ڪڏهن لڪائي نه لڪي.

 

تون آهين گل گلاب جو، مان آهيان ٿڌي هير،

مون کان تنهنجو سرير، ڪڏهن لڪائي نه لڪي.

 

تون آهين گل گلاب جو، مان آهيان تنهنجي مرڪ،

موهه منڌ جي سرڪ، ڪڏهن لڪائي نه لڪي.

 

تون آهين گل گلاب جو، مان آهيان سانوڻ منيهن،

ساجن جوڀن ڏينهن، ڪڏهن لڪائي نه لڪي.

”خاڪي“ جويو

موٽي مند بهار جي، ساماڻا ڪي سور،

وڻن ٽڻن پن ڇاڻيا، ٻَٻُرن جهليا ٻور،

مون کان پري مور، سور نه سنبران ڪڏهين!

 

موٽي مند بهار جي، آئي سورن ساڻ،

ويٺو ڪيان وجود ۾، اُڪارون ڪنهن ڪاڻ،

الله سگهو آڻ، سکن واريون ساعتون!

 

موٽي مند بهار جي، کڻي گوندر گس،

سکن ڪارڻ سرتيون، وڏا ڪيڙم وس،

ڏونگر ڏنا ڏس، پوءِ به ڏنگيندڙ ڏک جا!

 

موٽي مند بهار جي، جيءَ وجهي ۾ جنڊ،

ڏکن، بکن جون ڏائڻيون، مڙهين ويٺيون منڊ،

ڏاڍن پوءِ به ڏنڊ، ڏهه – ڏهه وڌا ڏيل تي!

 

موٽي مند بهار جي، ڀينر ڀَنڻ ساڻ،

جڏي جيجل جيءَ ڪيو، هاڃون هلڻ ساڻ،

سورن اچڻ ساڻ، منهنجو منّ مروٽيو!

 

موٽي مند بهار جي، ڏکن سان ڏٽجي،

سکن جي ته سرير مان، پاڙو ئي پٽجي،

ويتر من وَٽجي، سوڙهو ٿيندو سور ۾!

 

موٽي مند بهار جي، درد کڻي درياههُ

سرتيون هن سرير مان، سُڪي ويو ساههَ،

ڄاڻي هڪ الله، جيءُ نه جئندو جڳ ۾!

 

موٽي مند بهار جي، موٽيا مور نه سک،

ڏيلن ڏونگر ڏاڍ جا، ڏوري ڏٺا ڏک،

بيماري ۽ بک، پو به نه ڇڏيو پيٽ کي!

 

موٽي مند بهار جي، موٽي مور نه موج،

آيل! ڄڻ آڪاس ۾، اڏامي ويا اوج،

ڦوٽهڙي منجهه فوج، ڦٽي نڪتي سورجي!

 

موٽي مند بهار جي، موٽيا سک نه مور،

جايون ٺاهي جيءَ ۾، سرتيون ويٺا سور،

ڏک اسان جي ڏور، هڏ نه ٿيندا هڏ کان!

 

موٽي مند بهار جي، دل ۾ ساڳا درد،

سُڃي هن سنسار ۾، ڦٽيل ڪوڙين فرد،

مانجهي لکين مرد، پٽيون ٻڌن پيٽ کي!

 

موٽي مند بهار جي، هيڻا سي هيڻا،

ڏک ڏٺا هن ڏيهه جا، ٻاجهارن ٻيڻا،

ڦورو پڙهن ڦيڻا، خالي کولي کوٽ جا!

 

موٽي مند بهار جي، هيڻا پوءِ به هڏَ،

سِرجيِو سور وڏا ٿيو، سانگن کي ڪن سڏ،

مال مڏيون ۽ مَڏَ، اڄ به پري پهنوار کان!

 

موٽي مند بهار جي، جيءُ وڌو جهوري،

ڏکن جو ڏاندار ٿو، ماس پٽي ڪوري،

ڪوبه نه اڄ اوري، ڏکن ڌاران ڏيل کي!

 

موٽي مند بهار جي، مون وٽ ڪانا ڪک،

وڄائي اڄ واٽ ويا، سڄڻ کڻي سنک،

لالن مون وٽ لک، ساٿ ڇڏي ويا سور جا!

 

موٽي مند بهار جي، ”خاڪي“ کڻي بُک،

ڏيلن ڏاڍائيءَ جا، ڏهه – ڏهه ڏٺا ڏُک،

ساعت ڪابه نه سک، سنبري سور سرير هي!

ڪافيون

منشي مولابخش ڀٽو ”مسڪين“

مِٺن محبن بنان هاڻي، مران ٿي مفت هت ماندي،

اَلئي ايندا ڪڏهن موٽي، ٿيندا قربئون اچي ڪانڌي.

 

خدايا! خير سان آڻج، پرين پيارا سڄڻ سانگي،

ويا جيڪي سفر ساري، ڇڏي هيڪل، ڪري باندي!

 

ادا قاصد! اُڏر جلدي، پرين جي پار ڏي جاني،

وٺي آ تون وڃي تن کي، پسي پيرين پئي پانڌي.

 

ٿينديس خوشحال آءٌ تڏهن، سهيڙيون سور  کان جائي،

خبر خوش خير جي جڏهين، عجيبن کان انهيءَ آندي.

 

جڏهن ايندا اڱڻ منهنجي، مٺا ”مسڪين“ جا دلبر،

ڪنديس قربان مٿان تن جي، تڏهن سرسون ۽ چاندي.

شمشير الحيدري

پهرين سُڃاڻج پان، پوءِ پُڇائج پنڌ پرين جو.

ڇا تون آهين؟ آهين، ناهين؟

باغَ بدنَ جي ڳالهه پرانهين،

                        ڄاڻج ٿي اڻڄاڻ ….

هيڪل هلجئين هوت حضوري،

ساري سٽجئين سُرت سموري،

                        پاڻ نه کڻجئين پاڻ ….

منجهه محبت مچ مچائج،

آڳ اندر جي لوڪ لڪائج،

                        عشق اهو اهڃاڻ ….

ڪاڪ وڻن جو صاحب آهين،

شوق منجهان ”شمشير“ سڏائين،

                        دوئي ڦٽي ڪر هاڻ ….

”سرويچ“ سجاولي

منهنجي مٺڙي ملڪ تي موجون ملهاريون هُونِ شال،

ڀاڳِيَن جي ڀُون مَٿي بوندون بهاريون هُونِ شال.

 

ڏيهه ساري ۾ نَه ڪوئي، ڪيٿ هُجي ڏوٿي ڏُکيو،

سادڙا سانبي گذارن، جيئن سدا سهنجو سُکيو،

سانگيَن جي سيم جون ساريون ئي ساريون هُونِ شال.

 

ٻانهن لوڏي ٻاگِهيُون ٻانهيَنِ سان ٻَنين ۾ گهُمَن،

لال لويَن جون لِيارن ۾ ٻَڌيو لوڏون لُڏنِ،

سينڌ سُرهيءَ ساڻِ  ساڻِهه ۾ سنگهاريون هُونِ شال.

 

جوتِ جهرمر سان جڙيل جهانگيَن جي جُو، جُو، جوُ هُجي،

گهَرَ اڳيان گُجرون مِڙن، گُوهَن جي گهُو، گهُو، گهوُ هُجي،

ڪَنڌ هيڏي ساڻ ڪانڌن سان ڪُنواريون هُونِ شال!

 

عام کي اُلڪو نه اونو آب داڻي جو هُجي،

ڀاڳ بالا ۽ بلند ڀاڳِيَن جي ڀاڻي جو هُجي،

ڌَڻَ چَرن ڌاڃُور تي ۽ خوش ڌناريون هُونِ شال!

 

”شاهه“ جون وايون وَٿاڻن ۽ وَڻن ۾ گونججَن،

بيت ”سانوڻ“ جا مِٺا جهر جهنگ ۾ جهونگارجن،

روز ريجهون ۽ رهاڻيون روح واريون هُونِ شال!

 

مرض مهنگايون مِڙئي مارن ڏي ماڳهين مُنهن نه ڪَنِ،

صاف دل ”سرويچ“ سانگي سَڀ سُکيا ساوا هُجن،

ڏيهه ساري ۾ ته ڏينهاڻي ڏياريو هُونِ شال!

احمد خان ”آصف“

ويڙهيچن جا واهڻ وسن ڳوٺڙا،

جهُرن شل نه جهوپا ڪَچا ڪوٺڙا.

ججهو جهُڙ ٿيو ٿو گجي ۽ گُڙي،

وَسڻ سان وڏا وَس ڪيا وڏ ڦڙي:

پَلر سان پُسي پُر ٿيا پوٺڙا.

پٽن تي ويا واه، واهڙ وَهي،

لَٿو ڏُٿ ته ڏوٿين جا ڏک ويا لهي:

ججهيون ٿيون جُواريون ۽ مُڱ موٺڙا.

گَسن تي لڳا گهاهه گُل ڦُل ڦُٽڻ،

ڇُڙي ڇيڪ پيڙا ڌنارن جا ڌڻ:

چرن چاهه مان ٺينگ ڏِئي ٺوٺڙا.

اباڻن ۾ ”آصف“ اٿم آسرو،

ملن شال مارو لهي مامرو:

ڪندا ڪين ڏوٿي ڏمر ڏوٺڙا.

”نديم“ انصاري

کيانتل کڻي آ خبر خير واري،

وري ڇو ويڙهيچن وساري ويچاري؟

وڃي چئه، اوهان جي نياڻي نماڻي،

رئي ۽ رڙي ٿي، اوهان لئه اياڻي،

خدا لڳ سندس ڪا ڪريو پوئواري.

روئي ۽ نهاري، ويڙهيچن جون واٽون،

ڏکن جون ڏهاڙي، لڳن ٿيون لپاٽون،

اٺئي پهر آهي رڳو آه زاري.

سهيليون سنڀاري، ڇڄي منهنجي ڇاتي،

گذاريم جني ساڻ، هيڏي حياتي،

وڇوڙي انهن جي سڄي جان ڳاري.

اٺا مينهن ٿي آهي ٿاڌل ٿرن تي،

ڦٽا گاهه ساوا وراڪن ورن تي،

ڪئي آهه باريءَ بدن ۾ بهاري.

عُمر جي عذابن مون کي ڪين ماريو،

”نديم“ آهي ڳڻتين اباڻن جي ڳاريو،

ڄمڻ سان مران ها ته ٿئي ها نه خواري.

”ولي“ سروري

جيسين ساهه آ تنهنجي سڏائينديس،

جي نه ٿورا لٿا ته به ڳائينديس.

پنهنجي بت تي برهه جي ٻاري بٺي،

تو ڪاڻ سَهي موچاري مَٺي،

تنهنجي نام بنان ٻيو نام وٺي،

ڪيئن لالڻ پاڻ لڄائينديس.

جي توتي ڪا آئي ڪوسي صنم،

مون کي تنهنجي وفا ۽ سر جو قسم،

قربان ڪري هڏ ماهه ۽ چم،

سر تو تان گهور گهمائينديس.

تنهنجي ساءَ لئه صدقو ساهه ڪنديس،

تنهنجي چاهه ۾ چور چري رهنديس،

تون جيءَ ڪندين ته مان جِي پونديس،

جي ٻوڏ ڪندين ته ٻاڏائينديس.

جي توسان ڪڏهن ناراضي بکي،

منهجا لالڻ ۽ لڄپال لکي،

تنهنجي پيرن تي سر پنهنجو رکي،

توکي روئي روئي ريجهائينديس.

ڪا جا جانب جيءَ ۾ لايئه جڙ،

وئي وسري ”وليءَ“ کان ڀڃ ۽ گهڙ،

تو لئه طعنا ڄڻ مصريءَ جي تڙ،

تو لئه مهڻا ماکي ڀائينديس.

”نثار“ بزمي

جيئين شال سدا، آهين سک جو سبب،

تو تان صدقي سڄڻ! منهنجو حسب نسب.

تنهنجي مرڪڻ سان منهنجا غم ٿا لهن،

اولا اکين جا لهي جهٽ ۾ وَڃن،

تنهنجي هوندي مهر جا ٿا مينهن وسن،

تون جي ناهين ته گويا آهي غضب،

جيئين شال سدا، آهين سک جو سبب.

تنهنجي زلفن مان ٿا زنجير ٺهن،

جيڪي دلين کي ٿا وڪوڙي وڃن،

تنهنجي گهور کان گهايل ڪيئن بچن،

توکي ڪهڙو ڏيان مان لال! لقب،

جيئين شال سدا، آهين سک جو سبب.

توڏي آس کڻي ٿا ڪيئي اچن،

تنهنجي خوشبو جو ويٺا واسُ وٺن،

تنهنجي تانگهه اٿن، تنهنجي تات اٿن،

تنهنجي پرت جي آهي ريت عجب،

جيئين شال سدا، آهين سک جو سبب.

ناهين ”بزمي“ رڳو، ڪيئي لڇن پڇن،

تنهنجي در تي عاشق ڪيئي جهُڪن،

ويهين جي ته وهن، اُٿين جي ته اُٿن،

تنهنجو ڪرڻو ته آخر آهي ادب،

جيئين شال سدا، آهين سک جو سبب.

غلام نبي ”عاقل“

هئو هوت سندو، مون کي ڀَرُ ڙي اديون،

وٺي وندر ويا، سو ته وَرُ ڙي اديون.

اديون اڱڻ سندو پالهو پَٽُ ٿي ويو،

کلڻ کاڄ ڪلئي چلڻ چٽ تي ويو،

ڀلن ڀاڳن سان جيڏيون جَهُٽ ٿي ويو،

ڀانيان هاڻ ڀنڀور کي بَرُ ڙي اديون.

هاڙهي هوتن لئه ڪرڻو پنڌ پيو،

سڙي سورن ۾ سَنڌُ سَنڌُ پيو،

ٽَڪَر منجهه ٽُڪَرَ ڪرڻو ڪنڌ پيو،

ويو منهنجي هٿان پنهل پَرُ ڙي اديون

سرتيون سوريءَ تي چانگا چاڙهي ويا،

اوکيءَ عشق سنديون پَٽيون پاڙهي ويا،

ننڊ ۾ ننڊ ڏئي هليا هاڙهي ويا،

ڌاران ڪيچ ڌڻيءَ گهوريو گهَرُ ڙي اديون.

آڏو ”عاقل“ ٿو سُڃو پنڌ سُجهي،

هاڙهي هاڪو ٻُڌي منهنجو هانءُ منجهي،

ڪَٺي ڪيچ هلي سنگت سا نه سُجهي،

ڏينديس ڏونگر کي هيڪل هَرُ ڙي اديون.

بهاول خان لغاري

ايندم اباڻا وٺي نال نيندا،

اهي غم گوندر لهي ڪُل ويندا.

سرتين ساهيڙين کي منهنجو ساهه ساري،

روئان روز تن لئه هنجون جام هاري،

ڪندوماڙ مُرسل ڇني نا ڇڏيندا.

مارن لاءِ منهنجي سدا دل آ ماندي،

قضا آڻي ڪوٽن اندر ڪيڙو باندي،

ڪري ٻاجهه پنهنجي، گوليءَ کي گڏيندا.

وطن ۽ ويڙهيچا نٿا مُور وسرن،

الله شل ڇڏائي منجهان قيد ڪوٽن،

ڏسي ماڳ مارو خوش نيڻ ٿيندا.

ايندم سانگ سانگي مارو مال ڪاهي،

منهنجو من اُداسي سنگهارن لئي آهي.

”بهاول“ ڀِٽن پاسي، کڙا اَڏيندا.

عبدالمبين ”پَنائي“

سادڙا سهڻا لڳن سانگي سندم سچ سير سان،

ري ڌنارن ويا نماڻا نيڻ ڀرجي نير سان.

ڀاءُ لڳين منهنجو عمر! ارڏو نه ٿي، انصاف ڪر،

قيد مونکي تو ڪيو، ڪهڙي ڀلا تقصير سان.

يا ته ڏي موڪل کڻي يا مار مون مظلوم کي،

ترت تڪڙي ڪنهن تکي تلوار سان يا تير سان.

ٻي به هڪڙي ڳالهه ٻُڌ، جيڪر مران تو وٽ ميان!

ڏج ڪفن هن لاش کي، لوئي اباڻي لير سان.

مينهن موهر ۾ وٺا، ويٺا ٿري ٿڌڪار تي،

من مرادون ماڻيان، مان محب ماروءَ مير سان.

ڌڻ ڌنارن جا وڻن، ويتر وطن جا وڻ وري،

دل اڙي ويئي اٿم، اهڙي عجب اڪسير سان.

پار پنهنجن جا ”پنائي“ ڪير ڏيندم ڪوٽ ۾،

پيش ڪج احوال هي، پهرين پهنوارن پير سان.

وايون

 

عبدالقيوم ”صائب“

اسان کان سڄڻ سائين پاسو ڪريو،

اسان آهه وهه جو پيالو ڀريو،

            اسان زندگيءَ تان کنيو آسرو.

اسين سچ چوڻ کان نه گسنداسين مور،

جنهين مان نه جئري ڪڏهين ڪجهه وريو،

            اسان زندگيءَ تان کنيو آسرو.

اسان جي صداقت اسان تائين آهه،

اسان تي نه ڪوڙا اڀر اڄ ڀريو،

            اسان زندگيءَ تان کنيو آسرو.

اسين ذات منصور وانگر ڪسون،

ٿيو سچ تان صدقي وڃون ٿا مريو،

            اسان زندگيءَ تان کنيو آسرو.

اسان آهه سرمد سان ياري رکي،

زمانو چوي ڀل چريو ۽ کريو،

            اسان زندگيءَ تان کنيو آسرو.

اسين سر اڏيءَ تي رکيو ٿا وڃون،

اوهين ڪرت پنهنجي ڪريو نا ڪريو،

            اسان زندگيءَ تان کنيو آسرو.

احمد خان ”آصف“ مصراڻي

ڪير نه ڪنهن جو سُورن ڀائي،

سڀڪو پنهنجيءَ ۾ پورو آهه.

رس ڪس کائڻ وقت اڳوڻو، هاڻي ليکو پائي پائي.

سڀڪو پنهنجيءَ ۾ پورو آهه.

الفت ايڪي جي هنڌ آهي، ڪلفت ٻيائي لائي چائي.

سڀڪو پنهنجيءَ ۾ پورو آهه.

هيڻن کي هيسائڻ هر هر، ڏاڍا ڏاڍي ڪن ڏاڍائي.

سڀڪو پنهنجيءَ ۾ پورو آهه.

”آصف“ تو نه شڪايت ڪئي پر، ڳالهه چئين ٿو جائي پائي.

سڀڪو پنهنجيءَ ۾ پورو آهه.

                         

”بيوس“ بازيد پوري

پئي ٿي جان جلي، من ڪا هلي، ڪوهياري ڪيچ ڌڻيءَ ڏي.

رئان رڙان ٿي راه ۾، مون کي ساڻ رلي، من ڪا هلي،

ڪوهياري ڪيچ ڌڻيءَ ڏي.

ڀوريءَ ساڻ ڀنڀور ۾ سور نه ڪائي سلي، من ڪا هلي،

ڪوهياري ڪيچ ڌڻيءَ ڏي.

سرتيون ريءَ سيد جي، چارو ڪونه چلي، من ڪا هلي،

ڪوهياري ڪيچ ڌڻيءَ ڏي.

حاضر ٿي ته حضور ۾، بيشڪ ٿينديس بلي، من ڪا هلي،

ڪوهياري ڪيچ ڌڻيءَ ڏي.

پيزار مان پرين جي، چم-چم لايان گلي، من ڪا هلي،

ڪوهياري ڪيچ ڌڻيءَ ڏي.

”حسن“ هل تون هوت ڏي، سانگا پوءِ جا پلي، من ڪا هلي،

ڪوهياري ڪيچ ڌڻيءَ ڏي.

گيت

 

سروپچندر ”شاد“

پيار جو متوالو

پيار جو آهيان مان متوالو:

مُنهنجي فطرت پيار ڪرڻ،

دِلڙين کي گُلزار ڪرڻ.

هي دُنيا يا هو دُنيا، ڄڻ مُنهنجو آهي من،

مان دُنيا جو درپن، دُنيا منهنجي  آ درپن؛

آيوآهيان قدم قدم تي ٻول ٻول ٻلهار ڪرڻ،

             سوريءَ کي سينگار ڪرڻ:

             پيار جو آهيان مان متولو.

هي ڌرتي آ مُنهن جي سرتي، هر ماڻهو، من-مِيت،

ڪارا گورا مون لئه برابر، مُنهنجي سڀ سان پريت؛

هر ڏُکايل کي چاهيان ٿو هينئڙي جو مان هار ڪرڻ،

                     ۽ اکڙين جو ٺار ڪرڻ:

                     پيار جو آهيان مان متالو.

سور ڪِٿي به ۽ ڪنهن جا آهن، منهنجا آهن سور،

مون لئه آهن موڙ مٿي جو ڏُکيا ۽ مجبور؛

گهايل گهايل دل ۾ گهُران ٿو نينهن کي مان نروار ڪرڻ،

                   گيتن جي گُونجار ڪرڻ:

                   پيار جو آهيان مان متوالو.

هي ڌرتِي، هي پيار جي وَستِي سُرڳ آهي تن  لاءِ،

ٻئي جي ڏُک کي پنهنجو سمجهڻ پوڄا آهه جن لاءِ؛

اکڙين جا پي آنسو تِن کي مُرڪڻ لئه لاچار ڪرڻ:

                       جيون سا آ پيار ڪرڻ:

                       پيار جو آهيان مان متوالو.

پيار جو آهيان مان متوالو،

منهنجي فطرت پيا ڪرڻ،

دلڙين کي گلزار ڪرڻ.

”ناشاد“

سنڌو!

 

او سنڌو!

ڪر سورنهن سينگار،

تُنهنجي سهاري ساجن ايندو، اهڙو اٿس اقرار:

او سنڌو!

ڪر سورنهن سينگار!

 

تنهنجي سيني تان هو تَرندو،

سِڙه نه کڻندو، و نجهه نه هَڻندو:

توڙي تِک ۽ تار-

او سنڌو!

ڪر سورنهن سينگار!

 

لهرين سان گڏ لُڏندي لَمندي،

تن جا مٺڙا ساز به سُڻندي:

ايندو هن ڪِنار-

او سنڌو!

ڪر سورنهن سينگار!

سيگهه منجهان تون آ ڻج ساجن.

دل جا صحرا ٿيندا گلشن:

او سنڌو!

ڪر سورنهن سينگار!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com