عربي تاريخن منجهان ڪن انپورن عبارتن کي تلاش ڪري،
هنن يشتا جي ديباچي ۾ انهن کي ٽنبي اهو ثابت ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي ته فارس جي عرب فاتحن ايراني
صحيفن کي نابود ڪري ڇڏيو آهي. پر انهن عبارتن جي
حقيقي حالت معلوم ڪرڻ جي ڪابه ڪوشش ڪانه ڪئي اٿن.
يقيناً نام نهاد استنتا جي طريقي جو اهو غلط
استعمال آهي، جنهن جي ذريعي ڪنهن مخصوص نتيجي تي
پهچڻ لاءِ اهڙي مفروضات جي مجموعي جي ضرورت آهي،
جيڪو مڪمل طرح سان ٺهڪي اچڻ جوڳو هجي.
مسٽر ايرانيءَ جو بي بنياد الزام:
مسٽر ڊي. جي ايرانيءَ ٿورو وقت اڳ ”دي پوئٽس آف دي
پهلوي رجيم“ (پهلوي دور جا شعرا) نالي ڪتاب جهڙي
عمده تصنيف کي شايع ڪيو آهي، مگر نهايت افسوس جهڙي
ڳالهه آهي، ته مسٽر ايرانيءَ، هن ڪتاب جي ديباچي ۾
آغا پور دائود جي پيروي ڪندي تحرير ڪيو آهي ته
عربن ئي ايراني تهذيب جي آثارن کي صفاً صفا ڪري
ڇڏيو آهي. جيڪڏهن مسٽر ايراني ڪجه خيال کان ڪم وٺي
ها ته هوند اهڙي بي بنياد ڳالهه نه لکي ها. مثلاً
”ڪنهن زماني ۾ هڪ ايرانيءَ لاءِ پنهنجي مادري زبان
۾ گفتگو ڪرڻ جرم هو،“ (صفحه 56) ۽ ”هڪ ايراني جو
پنهنجي زبان ۾ ڳالهائڻ موت کي دعوت ڏيڻ جي برابر
هو.“ (صفحه 6) پر افسوس هيءُ آهي جو اهرا واقعا
ثابت به نٿا ڪيا وڃن. آغا پور دائود جي نقش قدم تي
هلندي، مسٽر ايرانيءَ، ابن خلدون، البيروني ۽ دولت
شاه جي عبارتن کي دهرايو آهي، ۽ اهو خيال ظاهر ڪيو
اٿس ته عرب ئي هئا، جن ابتدائي فارسي ادبيات کي
نيست ۽ نابود ڪيو هو مٿين ذڪر ڪيل عبارتن ۽ ٻين
مشڪوڪ عبارتن جي بابت تحقيق ڪرڻ کان اڳ ۾ اسان کي
زرتشتي ادبيات جي انهيءَ دور جو مطالعو ۽
معائنوڪرڻ گهرجي، ۽ اها حالت ڏسڻ گهرجي، جا حالت
عربن جي ساساني سلطنت جي گاديءَ جي هنڌ استخر تي
قابض ٿيڻ کان اڳ ۾ هئي.
قديم ترين ايراني تاريخ، پيشدادي بادشاهن جي ابتدا
کان وٺي آخر تائين رڳو حڪايات ۽ افسانا ئي بيان
ڪيا آهن، سا رڳو مفروضن ۽ افسانن کان سواءِ ٻي
ڪابه علمي ۽ تاريخي چيز پيش ڪري نه سگهي آهي.
لهاذا ڪو به صحيح الدماغ شخص يقين نٿو ڪري سگهي ته
انسان جي شروعاتي تاريخ جو رسم الخط طهمورث جاري
ڪيو هو يا ضحاڪ؟ ان طرح ستن يا ٻارهن عاليشان
سيارن يا ٻارهن برجن جي نالي سان منارا ڪنهن تعمير
ڪرايا؟ ۽ ڪنهن سڀني علمن جي ڪتابن کي انهن ۾ جاءِ
ڏني؟ آدم جي اولاد ان وقت بربريت کان ٿوري وڌيڪ
ترقي ڪئي هئي، لهاذا انهيءَ زماني ۾ علم فلسفي جي
ڪتابن جي وڏي خزاني جي مالڪ هجڻ جو سهرو انهن جي
سر تي ٻڌڻ، گهٽ ۾ گهٽ منهنجي سمجهه کان ته ٻاهر
آهي.
اشڪانين جي دور (550-330 ق.م) کان بهرحال اسان
نبستاً زياده مطمئن ٿي سگهون ٿا، انهيءَ ڪري جو
انهيءَ خاندان جا ڪي بادشاهه مثلاً ڪيخسرو،
گشتاسپ، دارا ۽ زرڪيس آهن، جن جي متعلق ڪجهه ڪجهه
اشارا يونان جي انهيءَ زماني جي تاريخ ۾ ڏٺا وڃن
ٿا. ڪي اعلانات وغيره اهڙا آهن، جيڪي ميخني طرز ۾
آهن ۽ ڪتابن جي صورت ۾ موجود آهن، پر سموري ڪتابت
۾ صرف چئن سون لفظن جو ذخيرو مس موجود هوندو، تن ۾
به بادشاهن پنهنجن ڪارنامن وغيره جو ڪو به نشان
ڇڏيو ناهي. (برائون جي تاريخ ادبيات جلد اول، صفحو
7).
بعثت زرتشت:
دستاشپ جي حڪمرانيءَ جي (يعني شاهنامه جي گشتاسپ)
ٽيويهن سالن ۾ پيغمبر بزرگ زرتشت جو ظهور ٿيو.
عموماً اهو خيال ڪيو پيو وڃي ته هو حضرت مسيح کان
ست صديون اڳ يعني اسڪندر مقدونيءَ کان به ٽي سو
سال قبل آيو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته مغربي تحقيق
اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پارسين جي مقدس
ڪتاب”اوستا“ جو فقط هڪ ننڍو حصو يعني ”گاٿا“ حضرت
زرتشت جي تصنيف آهي، پر باقي حصو عهد رياست
روحانيءَ ۾، سندس جانشينن جو تاليف ڪرايل آهي. پر
انهيءَ بحث کي به ڪجهه دير لاءِ پاسي تي رکو.
روايت هيءَ آهي ته سڄو ڪتاب ايڪويهن حصن تي مشتمل
هو، ۽ ٻارهن هزار ڍڳين جي کلن تي اهي حرف مبارڪ
لکيا ويا هئا! (مسعودي – تنبيہ والاشراف – ص ص 11
کان 12).
انهيءَ کان پوءِ اسان کي اهو چيو ٿو وڃي ته اها
زبان، جنهن ۾ اهو مقدس ڪتاب نازل ٿيو، سو ماڻهن
لاءِ ناقابل فهم هو، تنهنڪري حضرت زرتشت انهيءَ جو
تفسير (پازند) لکيو. مسعودي لکي ٿو ته اڄ (يعني سن
345ع کان سن 956ع ۾) ڪوبه شخص انهيءَ زبان کي نٿو
ڄاڻي، فقط ڪن ٿورن ترجمن کان سواءِ، جيڪي فارسيءَ
۾ (شايد جديد فارسي) ڪيا ويا آهن ۽ جن کي اهي،
يعني زرتشتي پيرو، پنهنجي عبادت ۾ پڙهندا آهن،
مثلا اشناديشت، چدراشتو، آبان يشت لي هدوخت وغيره،
سي ڪجهه سمجهه ۾ اچي سگهن ٿا.
بهرحال، اهو سمجهه ۾ اچي سگهي ٿوته دشتاسپ جو عاقل
وزير جا ماسپ، جيڪو اڳتي هلي زرتشت جو روحاني قائم
مقام ٿيو، تنهن حضرت مسيح کان 590 سال قبل پنهنجي
استاد جي مواعظ کي ٻڌي، ”اوستا“ جي تاليف ڪئي.
(ڏسو جاڪسن جي ڪتاب زهوراشٽر صفحو 817 ۽ دينڪرت،
ڪتاب چوٿون صفحو 21 وغيره) اوستا جو اهو قلمي
نسخو، دشتاسپ، گنج شاپيگان سمرقند کي وديعت ڪيو، ۽
انهيءَ جو هڪ نقل دزپنشت استخر کي روانو ڪيائين.
(دينڪرت ڪتاب ٽيون، پيرا 3) تنهن تي هن هرابده جو
تقرر ڪيو ۽ عوام کي ان جي پڙهڻ کان منع ڪيائين
(طبري ٻيو جلد، ص 675، ابن الاثير جلد اول، ص 110
و مابعد مطبوعہ قاهره). انهيءَ ڪري عوام ۾ هن
صحيفي واري علم جي محدود ترويج جو صاف صاف پتو پوي
ٿو. ابن حزم ”خدائي نامه“ واري سَند مطابق چوي ٿو
ته پنهنجي زماني يعني سن 999ع کان 1064ع جي زرتشتن
۾ نهايت محترم ڪتاب هو، تنهن ۾ لکي ٿو ته سندن
مذهب وارا به جرد کان شروع ٿيا ۽ ابتدا ۾ ان جي
تعليم استخر ۾ شروع ٿي. نوسيروان حڪم جاري ڪيو ته
انهيءَ جي تعليم ارد شير خره کان سواءِ ڪٿي به نه
ڏني وڃي. (الملل والنحل ج اول، ص 115). شعبهء
ادبيات جي ڪنهن ٻيءَ شاخ تي جيڪي ڪتاب دور
اشڪانيان ۾ لکيا ويا هئا، سي لازمي طرح سان مذهبي
خصوصيت رکندا هوندا. مثلاً انهيءَ مقدس ڪتاب جا
تفسير ۽ سندن مذهبي رسمن متعلق ڪتابچا ۽ رسالا، جي
ان جي مڃيندڙن جي راه نمائيءَ لاءِ تيار ڪيا ويا
هوندا وغيره. انهيءَ سموري ادبيات جي ذخيري کي
ملعون (گجسته) اڪسندر 330 ق.م فنا ڪري ڇڏيو.
سڪندر جي بربريت:
اشڪاني دور جو آخري خاتمو ۽ دارا جو اسڪندر کان
شڪست کائڻ، اهم تاريخي واقعا آهن. ان طرح سندس ٻن
عاملن سيس ۽ برزنتيس جي هٿان حسرت خيز موت پڻ اهم
واقعو آهي. اسڪندر پنهنجي فتح و نصرت جي نشي ۾
پنهنجي يوناني داشتہ جي اڪسائڻ ۽ ورغلائڻ تي،
زرڪيس جيڪو يوناني مندر ڊاٺو هو، تنهن جي بدلي وٺڻ
لاءِ سڄي شهر ۽ قصر شاهيءَ کي لقمہء نار بڻائي
ڇڏيو. (ڊايوڊ روس 17 صفحي کان 27 صفحي تائين،
ڪرتيس جلد پنج جو صفحو 7، ايران تي اڪسندر جا
حملا، ٽيون جلد 18 صفحو). اهڙيءَ طرح دزپنشپ ۾
”اوستا“ جو نسخو، جيڪو شاهي محل منجهه موجود هو،
سو فنا ٿي ويو. اڪسندر سر زمين فارس کي يوناني ڏيک
ڏيڻ واري جنون ۾ گرفتار ٿي ايراني تهذيب جا سڀئي
آثار ڊاهڻ ۽ ٻارڻ ٿي گهريا. نه صرف اهو بلڪ هن
اڪثر پٿرن اڪريل ڪتابت کي به نيست ۽ نابود ڪرڻ جو
حڪم ڏنو. (ابن نديم، الفهرست صفحو 239، البيروني
اله آثار و الباقيہ صفحو 129) انهيءَ ڪتاب جي اصلي
نسخي جو نقل، جيڪو ”آتشڪدهء گنج شاپيگان“ ۾ رکيل
هو، تنهن جو به ساڳيو ئي حشر ٿيو. ٻين مقدس ڪتابن
۽ دستاويزن سان گڏ اهو مٿيون نسخو به يونانين جي
ور چرهي ويو، جنهن کي يا ته انهن باهه جي نذر ڪيو،
يا وري درياءَ جي حوالي ڪيائون. (شترو به ايران
صفحو 72، سرجيون جي. مورديءَ واري اورينٽل ڪاليج
وارا خطبات). چيو اهو ٿو وڃي ته زرتشتين جي ڪتابن
کي باهه جي حوالي ڪرڻ کان اڳ ۾، اسڪندر انهن جي
علمي حصن جو ترجمو، يوناني ۽ قطبي زبانن ۾ ڪرائي،
ارسطوءَ کي اٿينس ۾ روانو ڪيو هو، ۽ ان سان گڏ
اسڪندريه کي پڻ رسالا موڪليا هئائين. مگر اهو امر
ناممڪن پيو معلوم ٿئي. انهيءَ ڪري جو هڪ فاتح وٽ
پنهنجي فاتحانه ڀڄ ڊڪ ڪري ايترو وقت ڪٿي هوندو
آهي، جو هو فلسفي يا ادبي مضمونن منجهان لطف اندوز
ٿي سگهي، ۽ وري انهن تي غور ۽ فڪر به ڪري سگهي.
بهرحال، اهو ٿي سگهي ٿو ته سندس مورخن انهيءَ وقت
جي رهاڪن جا حالات درج ڪيا هجن، جيڪي شڪست کائي
ويٺا هئا.
اسڪندريه جي اڻوڻندڙ سلوڪ جون ڪيتريون ئي مڪروه
روايتون، زرتشتين جي مقدس ڪتابن مثلاً دينڪرت،
ويراف نامه وغيره ۾ موجود آهن. (ڏسو جيونجيءَ جا
مضمون صفحات 69-86). ان ۾ هڪ هنڌ مذڪور آهي ته هن
ڪيئي آتشڪدا ڊهرائي، زمين تي ڪيرائي ڇڏيا. موبدن ۽
هرابده کي، جيڪي مذهبي علم ۽ دانش جا محافظ هئا،
تن کي قتل ڪرائي ۽ وڏن بزرگن کي، جيڪي فارس ۾
رهندا هئا، تن جا سِر تن کان ڌار ڪرائي ڇڏيا. حمزه
پنهنجي تاريخ ۾ ”جنهن جي پهرئين باب جو ترجمو مون
ڪيو آهي) لکيو آهي ته ”ڪيترائي ايراني پابزنجير
هئا، جن منجهان هر روز ايڪيهه ڄڻا هن جي ٻاهر نڪرن
شرط قتل ڪيا ويندا هئا.“
اهڙيءَ طرح زرتشتين جي سمورن ذخيرن کي اسڪندر
باقاعدي برباد ڪري ڇڏيو. انهيءَ جا فقط ڪي حصا،
جيڪي ديني رسمن متعلق هئا ۽ جن کي مذهبي ڄاڻن
روزانه عبادت لاءِ حفظ ڪري ڇڏيو هو، فقط اهي باقي
رهي سگهيا. اسڪندر جي انهن ظالمانه حرڪتن کان پوءِ
جيڪو ڪجهه بچيو، تنهن بابت احوال، پهلوي ڪتابن
منجهه ڏاڍيءَ وضاحت سان موجود آهي. موجوده ”اوستا“
انهيءَ جوئي مجموعو آهي. (ڏسو سرجيونجيءَ جا
ڪانفرنس وارا خطبات، جيڪي 75-79 صفحن تي آهن ۽ هاگ
جا مضمون خصوصاً صفحو 166) انهن ايڪيهن حصن
منجهان، جن تي ئي شروع ۾ اهو مقدس ڪتاب مشتمل هو،
صرف ”وينديداد“ ئي اهڙو حصو آهي، جيڪو اصلي حالت ۾
باقي رهيو آهي. انهيءَ کان علاوه جيڪو ڪجهه باقي
رهيو آهي، سو ڪن ٻين نسخن جي ٽُڪرن منجهان حاصل
ٿيل ٿورو ۽ ننڍڙو مواد آهي، جيڪي اسٽوٽ يشٽ
باڪوهتوست، هسپرم ۽ باڪن يشٽ جي نالن سان ڄاتا ٿا
وڃن، ۽ مذڪوره نسخن جي پهرين ٻن مجموعن جا ڪي جزا
آهن. ليڪن ٽيون مجموعو، جيڪو هڪ محدود عالمن ۽
اديبن جي دائري کي پسند هو، سو شايد انهيءَ محدود
مقبوليت جي ڪري ئي سڄي جو سڄو غائب ٿي ويو آهي.
بدامني ۽ غفلت شعاري:
وڌيڪ نسخا، جن جا نالا دينڪرت ۽ ٻين پهلوي ڪتابن ۾
ملن ٿا، اهي يا ته اسڪندر جي هٿان تباه ٿي ويا، يا
وري پنج سو سالہ بدنظميءَ ۽ بدامنيءَ ۾، جا ان
نوجوان فاتح جي موت کان پوءِ پيدا ٿي، تنهن ۾
بتدريج نيست ۽ نابود ٿي ويا، يا اڻلڀ ٿي ويا.
انهيءَ عرصي دوران ملڪِ فارس 99 رياست ۾ تقسيم ٿي
ويو، جن جا مقامي حڪمران سليوڪس خاندان جا مطيع ۽
فرمانبردار هئا، تن ان جي زوال کان پوءِ ”پارٿيا“
جي بادشاهن جي شهنشاهيءَ کي تسليم ڪيو. اها
بادشاهت پنهنجو سمورو وقت ۽ قوت، رومين سان وڙهڻ ۾
صرف ڪندي هئي، امن امان جو ڪو ٿورو ئي وقت گذريو
هوندن، ۽ انهيءَ وقت زرتشت جي مذهب تي نالي ماتر
عمل ڪيو ويندو هو. ”اوستا“ جي زبان فراموش ڪئي وئي
۽ هڪ نئين زبان، جيڪا پهلوي ڪري ڪوٺي وڃي ٿي، سا
هڪ ناقص رسم الخط سان وجود ۾ آئي هئي. ”پارٿيا“ جي
آخري بادشاهه بلاش ”اوستا“ جي وکريل ۽ منتشر حصن
کي جمع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر اها ڪوشش ڪا خاص
ڪارگر نه ٿي.
زرتشتي صحيفات جا اها درهم برهم حالت، ساساني
خاندان جي باني اردشير جي زماني تائين باقي رهي
سگهي. ارد شير پنهنجي حڪومت کي مستحڪم ڪري، مصحفِ
مقدس جي ”تدوين ثانيه“ ڪرڻ ڏانهن نگاه وڌائي.
چنانچه زرتشتن جو اعتقاد آهي ته هن ڪتاب کي اصلي
تڪميل هن کان ئي حاصل ٿي. ليڪن اهو امڪان کان بعيد
آهي. ڇو ته گذريل 550 سالن جي عرصي ۾ انهيءَ حصي
جون ٻه پتيون کن مفقود ٿي چڪيون هيون، ۽ فقط اهي
ئي ٽڪرا، جيڪي روزاني مذهبي ڦير گهير وسيلي عمل ۾
ايندا ٿي رهيا، سي ڪجهه وقت لاءِ نسل در نسل منتلق
ٿيا. ابن حُزم، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ به اچي چڪو آهي،
سو ”خدائي نامہ“ جي سَند وسيلي چوي ٿو ته ”اسڪندر
مذڪوره ڪتاب جو ٽيون حصو برباد ڪري ڇڏيو ۽ باقي
جيڪو بچيو، تنهن کي ٽيويهن وڌيڪ حصن ۾ ورهائي ڇڏيو
۽ تنهن کان پوءِ وري ٽيويهن هرابده ۾ تقسيم ڪيو
ويو. اهڙيءَ طرح سان انهن منجهان هر هڪ پنهنجو
پنهنجو ورتل حصو دهرائيندو رهيو. صرف موبداعظم يا
موبد موبدان کي ٽيويهن جا ٽيويهه مليل هئا.“
(صفحات 113-115) مسعودي لکي ٿو ته”چيو ويندو هو ته
چوٿينءَ صديءَ جي اوائل ۾ سجستان جي هڪ باشندي
(جيڪو شايد موبد هوندو) تنهن اوستا جي سموري
موجوده متن کي ياد ڪري ورتو هو.“
زرتشتي ادبيات جي حقيقي تصوير اردسير جي عالم ۽
وزير قانون تنسر، اهڙيءَ طرح چٽي آهي، جيڪا هن
جسنفشاہ حاڪم طبرستان کي لکي آهي ۽ جنهن کي
دارميستيتر پهريون دفعو 1894ع ۾ هڪ رسالي ايشياٽڪ
۾ ڇپرائي آهي. (ڏسو سلسله 9 جلد 3 صفحات 185-150 ۽
55-505) آءٌ هيٺ صرف انهيءَ منجهان برمحل ۽ موزون
حصي جو ترجمو پيش ڪريان ٿو. تنسر جسنفشاہ کي لکي
ٿو ته ”تون ڄاڻين ٿو ته سڪندر استخر ۾ اسان جي
مذهبي ڪتابن کي ٻاري ناس ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي ٻارهن
هزار ڍِڳِين جي کلن تي لکيل هئا، جن منجهان صرف هڪ
نسخي (غالباً دينديداد) جو مضمون دلين ۾ محفوظ هو
۽ اهو به سراسر قصن ۽ حڪايتن تي مشتمل هو. انهن
(زرتشتين کي) شرعي قوانين جو به ڪجهه علم نه هو.
بس انهيءَ زماني جي مانهن جو زوال سندن اخلاق جي
پستيءَ، سندن پيغمبر جي طريقي جي فقدان، بدعت ۽
رياڪارءَ ڪري آيو. آهستي آهستي سندن حافظن منجهان
اهي حڪايتون به محو ٿينديون ويون ۽ انهن منجهه
رتيءَ جيتري به اصليت ۽ صداقت باقي نه رهي آهي.“
اردشير جو شوق:
ساسانين جي ابتدائي زرتشتي مذهب جي مقدس ڪتابن جو
اهڙو ئي حال هو، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. هاڻي
اردشير ۽ سندس جانشينن، خصوصاً شاهه پور ثاني
(309ع – 379ع) پنهنجن ڪوششن سان، جنهن پنهنجي
استاد جي وکريل جزن دوست اردويراف ۽ آذرباد مهر
سپند کي جمع ڪرڻ چاهيو، پر سواءِ ڪن موجوده متن
وارن الحاقات جي، ٻيو ڪجهه به ميڙي ۽ سموهي نه
سگهيو. بهرحال ارد شير، زرتشتي مذهب کي حڪومت جي
مذهب جي حيثيت ڏئي اها ثابتي ڏني ته مذهب ۽ حڪومت
پاڻ ۾ قوام ۽ لازم و ملزوم آهن، ۽ هڪ کان سواءِ
ٻيو ترقي نٿو ڪري سگهي. اها ڳالهه انوقت بلڪل صحيح
ثابت ٿي جنهن وقت ساسانين جي حڪومت جو زوال اچي
رهيو هو. يعني اسلام جو نهايت ئي سادو عقيدو،
زرتشتي مذهب کي پاڙئون پٽي پنهنجي خاموش وهڪري
منجهه لوڙهي ويو.
دستور دهالا پنهنجي ڪتاب ”ايراني تهذيب“ (صفحو
273) ۾ ساساني سلاطين جو پورو احوال ڏئي ٿو ته ”ان
وقت جا بادشاهه جنگي مهمن ۽ ويڙهه ڏانهن ايترا ته
مائل هئا، جو هنن عام زندگيءَ جي قدرن ۽ مدارج
ڏانهن توجهه به نه پئي ڏنو.“ چنانچه اڪثر ڪتاب،
جيڪي هن دور ۾ لکيا ويا، سي ”اوستا“ جي متن جو
پهلوي ترجمو هئا، انهيءَ ڪري جو انهيءَ زماني ۾
”اوستا“ جي اصلي زبان بعيد از فهم ٿي چڪي هئي.
بقول وسٽ جي (ڏسو دور پهلوي جي موجوده زبان تي
مضمون جا صفحات 433، 436، 437) دينڪرت، بنڌشن ۽
اردوارف نامه جهڙيون اهم تصنيفات نائين صدي
عيسويءَ ۾ مدوّن ٿيون. سندس خيال آهي ته اهي ڪتاب
ڪنهن به شخص ڇهين صديءَ تائين لکيا نه آهن. هونئن
نه ته اوستا ۾ ڪنهن مفسر جي باري ۾ ڪجهه ذڪر موجود
آهي، پر هر صورت ۾ ڇهين صديءَ عيسويءَ کان اڳ ۾،
ڪجهه به ٿيو ناهي. بلڪ ايترو سو فاضل مضمون نگار
جي خيال موجب سمجهه ۾ اچي ٿو ته اهي ڪتاب عباسي
دور جي اوائل ۾ لکيا ويا هجن، جنهن کي حقيقي معنيٰ
۾ اسلام جو سونهري دور سڏيو ٿو وڃي.
هن وقت تائين اسان فقهي ادب جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو
ساساني دور جي پيداوار هو، پر انهيءَ سان گڏوگڏ
غير فقهي ادب جو هڪ وڏو ذخيرو به موجود آهي.
خصوصاً ”خدائي نامه“ ۽ انهيءَ قسم جي ٻي تصنيفات،
جا اڄ تائين مٽجي چڪي آهي، انهن جو ذڪر اسان اڳ ۾
ئي ڪري چڪا آهيون. اسان کي انهن جا نالا ۽ ڪي قدر
انهن جي مواد بابت ڄاڻ، قديم ايراني ۽ عربي مصنفن
جي ذريعي ئي حاصل ٿي آهي. زرتشتي پيشوا جيڪي
خصوصاً ساساني سلطنت جي زوال کان پوءِ قديم ادب جا
محافظ هئا، تن انهن ڪتابن متعلق نسبتاً بيرخيءَ جو
ورتاءُ ڪيو آهي، خاص طور تي اهڙن ڪتابن سان غير
همدردانه رويو رکيو ويو آهي، جيڪي سندن سمجهه جهڙا
نه هئا. جيئن ته اوستا جي سائنس، جا فلسفي جي نسڪ
ضايع ٿيڻ جو سبب بڻي، ان ۾ شڪ نه آهي ته ساڳي
بيرخي غير مذهبي ادب جي هڪ وڏي حصي جي ضايع ٿيڻ جو
پڻ سبب بڻي هوندي.
انهيءَ قسم جون نهايت ئي اهم تصنيفات، جيڪي اسان
تائين پتهيون آهن، تن منجهان هڪ مشهور تصنيف آهي
”يادگار زيران“. انهيءَ ڪتاب جي لکڻ واري تاريخ
تقريباً سن 500ع يقين ڪئي وئي آهي ۽ نهايت پر لطف
تاليف ”ڪارنامڪ ارتڪشير پاپڪان“ آهي، جا تقريباً
سن 600ع ۾ لکي ويئي هئي ۽ ٻين موجوده ڪتابن جو
شمار ويسٽ ۽ برائون پنهنجي تصنيفات ۾ ڄاڻايو.
جڏهن ساساني حڪومت جي اصلي دور ۾ ”زرتشتي ادب“ جي
حالت اها هئي ته پوءِ اسان جي سمجهه ۾ نٿو اچي ته
آخر ڪهڙي ”زرتشتي ادب“ کي عربن برباد ڪيو؟ حضرت
سعد بن وقاص رضه جي القطرلابيض تي قبضي ڪرڻ کان اڳ
۾، ”وينديداد“ ۽ ”اوستا“ جا ڪي غير مربوط نسڪ جا
ٽڪرا، ڪن مذهبي ۽ غير مذهبي ڪتابن ۽ شايد ڪن
سرڪاري سَنَدُنِ يا ڪن تاريخي واقعن کان علاوه،
شاهي درٻار منجهه ٻيو ڪجهه محفوظ ئي نه رهي سگهيو
هوندو. چنانچه بلري ۽ ٻين مشهور مئورخن لکيو آهي
ته ”جڏهن نماز شڪرانه ادا ٿي رهي هئي تڏهن حضرت
سعد بن وقاص رضه شاهي درٻار منجهان سينگار جي
سامان کان وٺي بتن تائين ڪنهن به شئي کي پنهنجي
اصلي جاءِ تان چوريو به نه هو.“
مسٽر ايرانيءَ جي بيان جي تحقيق
تاريخ انهيءَ واقعي جي شهادت ڏئي ٿي ته ابتدائي
مسلمانن ڪڏهن به پنهنجي مفتوح قوم جي مذهب جي مقدس
ڪتابن کي برباد نه ڪيو آهي. وري جڏهن ته اسان اهو
به ڄاڻون ٿا ته هڪ نالي ماتر رقم بطور جزيه جي ادا
ڪرڻ سان، نه فقط زرتشتن کي پنهنجي طريقي مطابق
عبادت ڪرڻ جي آزادي مليل هئي، پر ان سان گڏ سندن
جان ۽ مال جي امان به ڏني ويئي هئي، تنهن هوندي به
آخر اسان کي اهو ڪيئن سمجهه ۾ اچي سگهي ته عربن
سندن مقدس ڪتابن کي ٻارڻ بڻايو؟ اهي واقعات انهن
مختلف معاهدن منجهان، جيڪي مسلمانن ”الحميره“ ۽
ايران جي ٻين صوبن جي ماڻهن سان ڪيا هئا، بلڪل
واضح آهن. ليڪن مسٽر ايراني صفحي 57 ۾ فرمائي ٿو
ته ”مسلمانن جي طرفان ايراني مذهبي ۽ غير مذهبي
ادبيات کي برباد ڪرڻ جي سلسلي ۾ وسان نه گهٽايو
ويو!“ انهيءَ تي ڪنهن قسم جي تنقيد ڪرڻ کان سواءِ
اسان ٽن مشهور مصنفن جا حوالا ڏيون ٿا ۽ اهڙي
نموني اسان انهن جي حوالن تي اڪتفا ڪندي، هن دل
شڪن مضمون کي پورو ڪنداسين. |