ٻن ڏينهن کان پوءِ سيڪريٽري اچي ويو. ياسمين آفيس
۾ وڃي مليس. عام رواجي گفتگو کان پوءِ اصل مقصد تي
آيا.
”هون، ته توهان رڳو ميٽرڪ ڪري وڌيڪ پڙهڻ ڇڏي ڏنو.“
سيڪريٽريءَ سگريٽ جو ڊگهو سوٽو هڻي، وات مان
دونهون ٻاهر ڪڍندي، پاڻ کڻي پوئتي روالونگ ڪرسيءَ
تي ڇڏيو.
”ها، سر.“ ياسمين ڪوڙ هڻندي چيو.
”ته پوءِ مٿي ڇو نه ٿيون پڙهو“ جيئن هرڪو وڏو
ماڻهو وڏ ماڻهائپ مان ڪنهن غريب مسڪينيءَ تي
همدردي ڪندو آهي، يا ڄڻ رات جو گهرايل ڪنهن پراس
کي هرڪو چوندو آهي، ته شادي ڪري، شريف زندگي ڇو نه
ٿي گذارين...
ياسمين کي ڳالهه نه وڻي. وري اصل مقصد تي آئي.
”سر، پو ڀلا بشير جي نوڪريءَ اسان تي پنهنجي
مهرباني ڪريو. ڏاڍو انٽيليجنٽ آهي.“
”اڄ ڪلهه هوشيار هجڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. سفارش
هجي، پئسو هجي يا وري....“ سيڪريٽري چپ ٿي ويو.
”سر بشير غريب ڇوڪرو آهي ۽ هوشيار آهي.“
سيڪريٽريءَ ياسمين کي گهوري ڏٺو ته نرڙ ۾ گهنج
پئجي ويس: ”اهو اميد وار توهان جو ڇا ٿئي؟“
”سر، هو منهنجو ڪزن آهي. سوچيو هوم ته توهان کي
پرسنلي ان لاءِ رڪئيسٽ ڪيان سر، خدا جي واسطي بشير
کي آرڊر ڏيو.“
ياسمين ٻئي هٿ کڻي سيڪريٽريءَ کي ٻڌا؛ پر هڪدم ان
وچ ۾ هن کي پنهنجي ان ٻاڏائڻ تي شڪائپ به ٿي ۽ هن
جي اندر هڪ لڪل خود دار هستيءَ به ڪَرُ کينو؛ پر
هيءَ پاڻ تي ضبط ڪري وئي ۽ هن جي منهن تي اهي اندر
جون ريکائون اُڀري آيون.
”پر فقط رڪئيسٽ مان ڇا ٿيندو مس ياسمين!“
”سر، ٻارهن مان هڪ سيٽ ته قابليت تي ڏيو.“
”چئبو ته آرڊر مڙئي مون کان وٺي ويندينءَ“
”سر، توهان جي مهرباني ٿيندي.“
”چڱو هي منهنجو ڪارڊ رکو پاڻ وٽ، مون سان ڪانٽيڪٽ
ڪجو.“ ياسمين ڪارڊ کڻي کيسي ۾ وڌو.
”پوءِ ڀلا مس ياسمين، ڊنر مون سان ڪيو. پوءِ ڪٿي
هلي ڪيبري وغيره ڏسنداسين.“
”سر، توهان....“ ياسمين کان ڇرڪ نڪري ويو. مٿي کي
ڀنواٽيون اچڻ لڳس. باهه جا آلا اکين مان نڪري آيس.
دل ۾ آيس ته ميز تي رکيل پيپر ويٽ کڻي ٺڪاءُ
سيڪريٽريءَ جي منهن ۾ ڪرائي؛ پر هٿ روڪجي ويس.
الاجي ڇو چپ چاپ ٻاهر هلي ويئي.
”ٻڌو.. ٻڌو... ياسمين... توهان ناراض ٿي ويون...
منهنجو مقصد.... خير اهي ڇوريون.....“ سيڪريٽري
خاموش ٿي ويو.
ڏاڪڻ تان لهندي سڄي آفيس هن کي لُڏندي محسوس ٿي
رهي هئي؛ پر زلزلو ته هن جي اندر ۾ آيو هو
’ذليل... ڪتو... واهيات... سيڪريٽريءَ جو پٽ...
ماڻس...‘ هوءَ پنهنجي مُنهن ڀُڻڪندي وئي.
اڄ به هوءَ سڄي رات لُڇندي رهي. سوچن جي ڌٻڻ ۾ هيٺ
ڦاسندي وئي. بشير جا جملا پڙاڏو ٿيڻ لڳس. ’ويدن جي
دنيا مان نڪري، اصل دنيا ۾ اچ.‘ ياسمين کي وري
پنهنجا چيل لفظ اڳيان اُڀري آيا ’توهان ماڻهو محبت
۽ قربانيءَ جي لطيف احساسن کي ڀلا ڇا ڄاڻو!‘ هوءَ
کٽ تي اٿي ويهي رهي. وري کٽ تان لهي ٿرماس مان
چانهه ڪڍيائين. چانهه جي ڍُڪ ڍُڪ سان زندگيءَ کي
نون نون روپن ۾ ڏسڻ لڳي. ڪنهن ڍُڪ ۾ جيون اُجهاڻل
لڳيس؛ ڪٿي جيون ڀريا ٽهڪڙا گونجڻ لڳس. ٻُڏ تَر ۾
ٽنگجي پئي: ’جيڪڏهن بشير کي نوڪري هجي، ته بابا به
لالچ تي منهنجي شادي ان سان ڪري سگهي ٿو؛ پوءِ مان
به هن سان جيون ساٿي ٿي سگهان ٿي... جيون ساٿي ٿي
سگهان ٿي...‘ ان جملي ۾ ايڏي ته لذت هئي، جو
ياسمين ان کي ڪيتري وقت تائين ورجائيندي رهي. ان
مان هن کي ڪيئي قسم جا سرور ۽ لذتون اچي رهيون
هيون؛ ’پر بشير کي نوڪري نه ملي ته پوءِ... ته
پوءِ بشير جو ڇا ٿيندو... منهنجو ڇا ٿيندو؟‘
ياسمين ٻئي هٿ کڻي منهن تي رکي ڏنا، آڱريون وارن ۾
وچڙجي ويس پاڻ کڻي وهاڻي ۾ سٽيائين. ياسمين ستي
پئي هئي، هڪ ٽنگ پلنگ کان هيٺ هيس. گلابي ڳٽا پسي
ويس. سڏڪندا، چچريل لفظ ’آخر مان ڇا ڪيان
بشير...... مان ڪاڏي وڃان... ڇا وڏي آهه ڀري، اندر
۾ ڪجهه اوريندي وئي...!
چئن ڏينهن کان پوءِ، ڪمري تي ٽپالي شير کي هڪ
لفافو ڏنو. ليٽر پڙهي آرٽس بلاڪ ڏانهن لوُهه
پاتائين. سڌو ياسمين جي ڪلاس روم وٽ پهچي ويو.
ٻاهر ورانڊي ۾ شاهدا مليس.
”ادي معاف ڪجو، ياسمين ڪٿي آ؟“
”ڇو ادا، اڄ ڏاڍا خوش آهيو!“
”بس، ادي جلدي ٻڌايو ته ياسمين ڪٿي آ؟“
”ادا، ٽيون ڏينهن کان جيئن ڪراچيءَ کان آئي آهي،
ويچاري بيمار ٿي پئي آهي. سول اسپتال ۾.“
بشير جي زبان اٽڪي پيئي.
”بيمار آ! ڇو-- ڇا ٿيو- مون کي ته خبر به ڪانهي.“
پوءِ هن شاهدا کان وارڊ ۽ بيڊ نمبر پڇيو ۽ ذري گهٽ
ڊوڙندو ڪيمپس مان نڪري ويو.
بيڊ تي ياسمين نِست پيئي هئي. منهن تي هيڊ هاري
پئي هُيس. هَن ياسمين جي ٻرندڙ نِراڙ تي هٿ رکي
ڇڏيو. ياسمين جا سُڪل ۽ ٺوٺ چَپَ چَريا؛ پر ڪوبه
لفظ نه چئي سگهي- - ۽ هن پنهنجون ڏرا ڏنل اکيون
کوليون. بشير کي ڏسي چپن تي رُٺل مُرڪ تري آيس- -
۽ سندس هٿ وٺي پنهنجي سُڪل ۽ ٺوٺ چپن تي رکي
ڇڏيائين.
گهڻن لفظن، سٽن ۽ ڪاڳر ڪارا ڪرڻ سان ئي گهڻي ڳالهه
چئي سگهجي ٿي، ان ۾ منهنجو ويساهه ڪونهي.
بادل جمالي
خفتي
ٻن ڏينهن جي مسافريءَ کان پوءِ هو اڃا هاڻ موٽيو
هو. بوٽ لاهي، ويڙهيل بستري تي مٿو رکندي، ٿَڪل
ٽُٽُل جسم کي کٽ تي ڍور ڇڏيندي چيائين:
”يار لاهوتي، ڄنگهون ساڻيون ٿي پيون آهن، وارو ڪر
ٻه- ٽي زور ته ڏي.“
لاهوتيءَ سندس پيرانديءَ کان اچي ويٺو. هن مٿي تان
بوسڪيءَ جو پٽڪو لاهي پاسي ۾ رکندي پڇيس:
”ڏي خبر، ڪو آيو ويو ته ڪونه؟“
لاهوتيءَ سندس سَٿر ۾ مُٺيون وجهندي چيو:
”ٻيو ته ڪير ڪونه آيو، ٽيون ڏينهن وڏيري صالح جو
ماڻهو نياپو کڻي آيو ته، سائينءَ کي چؤ ته سڀاڻي
شام جو سنگت ساٿ سميت بَڇ جي دعوت اٿس، ڪتا ڪاهي
اچي.“ چيومانس ته، ”مرشد پاڻ آهي ڪونه، ويو آهي
آدم جي ٽنڊي اسان کي رُشڪت ڪانهي جو ڪتا ڪاهي
اچون. باقي سنگت ساٿي کي چئبو، جي آيا ته وٺي اچن،
نه ته به آئون ضرور حاضري ڏيندس. ماني ٽِڪي کائي،
همراهه ته ويو هليو، پر منهنجو سک ڦِٽي ويو. سندرو
ٻڌي لهي پيس ڳوٺ ۾. خيرو، جانو، حڪيم، ڏِتو. هڪڙي
هڪڙي کي در تي سڏي چيم ته، ٻيلي سائين پاڻ آهي
ڪونه عزت جهڙي ڳالهه آهي، پرائي راڄ ۾ هيٿن خالي
هلڻ به ٺيڪ ناهي. ڪُتڙا تيار ڪريو ته سڀاڻي هلي
منهن ڏيئي اچون.- پر سائين جنهن کي ڏس، سو نابري
واريو ويٺو آهي ته، ’سائين ڪونهي، اسان ڪي پنهنجي
منهن هلنداسين!‘“
”پنهنجي منهن ڊنا ٿي ڇا؟“
”بس سائين، ڏسو ماڙهن جا حال... پوءِ باشا سُمهاڻي
تائين ڀڳس، پر ٻيو ٿيو خير. سڄي رات ڦٿڪي ڦٿڪي
ڏينهن ڪيم. صبح ساڻ اوطاق جي ٻُهاري سُهاري ڪڍي،
نيرن ڪري، ٻه گهمرا گاهه جا آندم. ڪُتر هڻي، آهورن
۾ وجهي، ائين کڻي منهن ڪيم. وڃي نڪتس صالح جي ڳوٺ.
اوطاق ۾ منهن ڪڍيم ته صالح پريان کان ئي ڀڳو آيو،
چي، ’سائين ڪٿي آهي، ڪتا ڇو ڪونه آندئي‘؟“
چيومانس، مرشد ڳوٺ ڪونه هو، مون کي ڪتن آڻڻ جي
رشڪت ڪانهي. تنهنجي نياپي تي پاڻ اچي نڪتس، جي رنج
ٿين ته موٽي وڃان- پوءِ ته ٻک وجهي پاڻ سان وڃي
ويهاريائين.“
”شابس هجيس جو توکي ايڏي عزت ڏنائين.“
”عزت؟ ۽ سا به مون کي! باشا اها تنهنجي ئي عزت
هئي. آئون ته ڇا، تنهنجو ڪتو وڃي ها ته به عزت
مليس ها،“
”ڳالهه پئي ڪيئي؟“
”ها، سنگت ساٿ به گهڻي هئي. آچر ڪيريو، علي بخش
ٻُچي، ڇُٽو راڄڙ. تنهنجون ڏاڍيون پڇائون ڪيائون.
سلام به ٿي چيائون.“
”وعليڪم سلام.“
”موالي رکوءَ کڻي ڪونڊو گهوٽيو. ڏاڍا پيالا ٿيا.
وچين ٿي ته همراهه نڪتا ٻاهر، ميدان ۾ لٿاسون ته
فقير اڳئي رڇ ٻڌيو ويٺو هجي.“
”رڇ چڱو هو؟“
”واهه جهڙو خراساني گڏهه ٻيو!“
”بَليرَ! چئبو ته همراهه سهي سنڀري پوءِ نياپو
ڪيو.“
”ٻيو نه ته. خلق ته خلق! سڄي اٺاس ۾ تِرَ ڇٽڻ جي
جاءِ ڪانه هجي.“
”ڪُتا گهڻا هئا؟“
”ڪُتا چار هئا صالح جا، ٻه وڏيري آڪن جا، هڪڙو
مينڌري اوڏَ جو، ۽ ٻيو هو دِلو لوهر جو گُلر.؟“
”ها، پهرين ئي پهرين وڏيرو صالح ٿو ’شينهن‘
۽ ’مانگر‘ کي ڇڏئي- رڇ به سمجهي ويو ته هائو ٻيلي،
ڪتن ۾ زور ته گهڻو ئي آهي، پر ڏانءُ اٿن ڪونه. سو
جيئن ئي ڪتا سوڙها پيس، ٺڪاءُ ٿو ڪرائي مانگر کي
ٻوٿ واري چماٽ....“
”واهه ڙي واهه.“
”باشا، خدا ۾ پت ڪرين ته ڀنواٽيون اچي ويون ڪتي
کي! وارو ڪيائين شينهن تي. ڀڳو، پر پوئين ڄنگهه
مان وٺي، سٽ ڏيئي کڻي اُرهه هيٺان ڪيائينس. مانگر
ڏس ته اڃا تائين وايون بتال هجنس. اصل ڀڄڻ جا رستا
پيو ڳولي. شينهن سان ته اهڙي ڪيائين جهڙي چئجي.
ڪؤن ڪؤن ڪؤن، پر سائين ڪير ڇڏائيس!
”تاڙيون وڄي ويون. وڏيري ٽِڪي باسي. فقير رڇ کي
وڃي جهليو. وڏيري کي هجن باهيون، سو ڦوهاري تائين
به ڪونه ترسيو، ’بوڙينڊي‘ ۽ ’وڇونءَ‘ کي کڻي
ڇڏيائين.“
”اهو وڇون وري ڪٿان آندائين؟“
”الائجي، چيائون پئي ته خيرپور ڏانهن کان آندائين.
چڱو وڙهيو، باقي بوڙينڊي ته ماني به حلال ڪانه
ڪيس، جي اهو شامل ٿئيس ها، ته پوءِ وڇون اڃا به
سٺو وڙهي ها، هڪڙي جو زور لڳو ڪونه، وڏيري وري به
ٽِڪي باسي.“
چئبو ته صالح سان ڏاڍي ٿي. ٻيو!“
”باشا، ٿيڻ جي ڪا حد آهي. اصل ڌڪ هڻينس ته رت نه
نڪريس.“
”اَڪن جو ساهه به هيٺ مٿي پيو ٿيندو هوندو؟“
”ٻيو نه ته. صالح جي حالت ڏسي، اَڪن ته ماڳهين
ويڙهائڻ کان بان پيو ڪري.“
”پوءِ؟“
”پوءِ سنگت ساٿ چيس ته، عزت جهڙي ڳالهه آهي، ڪتا
ڇڏ، نه ته يا ڄمار اهو ٽِڪو ڪونه لهندئي- نيٺ ضد
ڪري بيٺو ته پهرين دِلو ۽ اوڏ ويڙهائن. هُو ٻئي
هجن الهڙ مڙس، نڪا ڪيائون هم، نڪا تم، ائين ائين
کڻي رسا ڪڍيائون.“
”انهن جا وري ڪهڙا ڪتا هوندا؟“
”نه باشا، ائين نه چئو ڪَچا گُلر هئا، پر رنگ لائي
ڇڏيائون- دِلوءَ واري ته لهڻ شرط اُڇل ڏيئي ورتس
دوُناڙ مان ۽ ٻئي ورتس ڪَن مان- مرشد، خدا ۾ پت
ڪرين ته هڪڙي ئي اُڇل سان ٻنهي کي ائين ڇنڊي
ڇڏيائين، جئين کانڀاڻي ڳوڙهي کي ٿي اُڇلي! وري
ڳنڍجي ويا- هِن ڀيري دلوءَ واري گُلر ورتس ڄاڙيءَ
مان ۽ اوڏ واري ورتس ڄنگهن جي وچان-“
”واهه ڙي واهه !“
”پوءِ ته باشا، ائين گهِليائونس، جيئن ڳِجهون
ڍُونڍ کي گِهلين! ڪُوڪريا ٿي ويا، تاڙيون وڄي
ويون- دِلوءَ ۽ اوڏ کي ڏس ته ڪپڙن ۾ نه پيا ماپن-
صالح جي منهن تي جهڙي هيڊ هارجي وئي- اَڪن کي به
هورا کورا لڳي پئي هجي ته الائي ڇا ٿئي-“
”اَڪن ته ڇا، ڪير به هجي- ان گهڙيءَ ساهه مُٺ ۾
هجيس ها.“
”ٻيو نه ته ... اِتي فقير رڇَ کي ٺاهوڪو ڦوهارو
ڏنو- اَڪن ڊڄندي ڊڄندي ڪُتا کڻي ڇڏيا- رڇ به هجي
مڇريل، سو وٺندي ئي هڪڙي ڪتي جي پوئين ڄنگهه مروٽي
ڀڃي وڌائين- اهو ته گهِلبو گهِلبو پڙ مان نڪري
ويو، پوءِ اچيو ٿو ٻئي کي وٺي- چَٻون، چَڪ،
رانڀوٽا، پُڇ ته چٻاڙي مرڳوئي لُنڊو ڪري ڇڏيائينس-
هنيائينس چَڪ نِڙي ۾- اَڪن کان ڏس ته رڙ نڪري
ويئي، ”گهوڙا ڙي ڪتو ٿو مري!“
فقير چيس، ”بابا، ٽِڪي مَڃ ته رِڇَ کي جهليان.“
”ٽِڪي مڃين هوندائين؟“
”واهه، نه مڃي ها ته ڪتو اُڦٽ مري وڃيس ها- کيل
ٿيو ختم. وڏيرا ٻوٿ ڦلِهڙو ڪري موٽيا- مون چيو:
لاهوتي هاڻ هت ويهي ڇا ڪندين- هل ته ڍڳي ڍور جي
ڪريون- سو بڪيءَ تي زور.“
”چئبو ته مزو چڱو هو-“
”ٻيو نه ته، مزي جي ڪا ڳالهه هئي! هي پهريون ڀيرو
هو، جو صالح هار کاڌي، نه ته سدائين ٽوپي نِراڙ تي
رکي هلندو هو- باقي باشا- گلر دِلوءَ واري قهر ڪري
ڇڏيو اهو وڙهندو، پر ڏاڍو.“
”پاڻ واري ڏينڀوءَ جهڙو آهي؟“
”مرشد، شڪ ڪجانءِ، ڪاوڙ لڳيئي ته جوتو لاهي کڻي
وٺ، باقي ڏينڀو تو وارو جَنڊ چٽيندو، مِرونءَ سان
ڪونه وڙهندو- ڪالهه هجين ها ته پاڻ مڃين ها-“
”ڇو ڀلا، تون ڏينڀوءَ کي بنهه ائين ٿو سمجهين ڇا؟“
”بس سائين، هاڻي مون گنهگار جو وات نه کول،
ڏينڀوءَ جي لسَ کان آءُ واقف آهيان- - ڪتو ته اوڏ
وارو به چڱو ٿو وڙهي، بر مُهانڊو ڪونهيس. ڌوڏا
وڏا، ڪَن ڍار، پُڇ ٿلهو، قد جو ڏس ته جهڙو
ٽَٽيِهر... باقي دلوءَ وارو گلر جهڙو هينئر پنهنجي
پَٽ ۾ پيو ڪونهي. جهڙو آهي مهانڊي جو مَلوُڪڙو،
تهڙو وري وڙهي ٿو... اهڙي سُوکڙي ته هوند تو جهڙي
امير جي دَر تي سُونهين ڪو خفتي لڙي اچي ڏسيس ته
هيڪر وات گيدو ٿي وڃيس.“
”ان ڳالهه کي به ڏسنداسون.“
”باشا، ڏسڻ ٻسڻ واريون ڳالهيون ڇڏ. گُلر اٿئي
ڏينهن پهر جو مَزمانِ. گهڻو ڪري ته وڏيرو صالح
کَنڀي ويو هوندس، جي ان کان بچيو ته پوءِ سمجهه ته
پيروُ کبير آيو ڪي آيو. مهل اها اٿئي. منهنجي صلاح
آهي ته هينئر ئي هلونس.“
”يار لاهوتي، گهڙي کن ساهه پَٽڻ تي ڏي، اڃا هاڻ
مري مري آيو آهيان، هٿ منهن به ڪونه ڌوتو آهيم.“
”باشا، مرڻ لاءِ اسان جهڙا فالتو کُٽا آهن جو تون
مرندين! ڪَرو پاڻيءَ جو آڻي ٿو ڏيانءِ، هٿ منهن
ڌوئي تيار ٿيءُ. بسم الله ڪري ’ها‘ ڪر ته گهوڙو
سنجي ٺڪر ڪري آڻي ڏيان رڳو لانگهه ورائڻ جي دير
ٿيندئي.“
”اهو ته ڀلو، پر هوُ پاڻ شوقين مڙس آهي، جو نه ڏئي
ته پوءِ“
”باشا ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين. تو جهڙي امير کي
ڪهڙي منهن سان موٽائيندو. جي هروڀرو بڇڙائيءَ تي
سندرو ٻڌائين ته پوءِ چار ڏوڪڙ کڻي باسبس. بُک ٿو
مري، پاڻ هتي پڄائي ويندو.“
”اها ڳالهه تو واري لڳي؛ پر هاڻي پروگرام ٺاهه ته
هلونس ڪڏهن“
”پروگرام وري ڇا جو، هينئر ئي ٿا هلونس، ٻيو نه
ته. تون رڳو تيار ٿيءُ، ته آءٌ گهوڙو سنجهي ٿو
وٺان.“
”صفا ائين؟“
”ٻيو نه ته.“
”چڱو وڃ ڀلا، ڇڏيندين هونهين ڪونه.“
ڪَکائين ڇپر جي غريباڻي اوطاق، جنهن جي هڪ ڪنڊ ۾
ڏنوڻ، سانداڻ، وڏا مترڪا، پاڻيءَ سان ڀريل ٺِڪر جي
ڪوناري، ڀت سان رکيل ڪاٺ جي پراڻي پيتي، جنهن جي
سامهون لوهه ۽ ٽينَ جا ٽڪرا. هڪڙو کٽولو اوطاق ۾
اندر، ٻيو اڱڻ ۾ بيٺل نِم جي گهٽائيءَ ڇانَو ۾
رکيل. نم جي پاڙ کان ٿورڙو پرڀرو ٻٻر جي کتل منيءَ
سان ٻڌل ڪڪڙ جي آني جهڙي اڇي رنگ، وڏي مٿي ۽ اُڀن
ڪنن وارو ڪتو.
گهوڙي تان لهي، سائين ڪتي ڏي وڌيو. چَپٽيون وڄائي.
ٻُچڪارون ڏيئي کيس ڦرڻ ڏسڻ لڳو.
لوڙهي جي پاڙ ۾ بيٺل ننڍڙي پير سان گهوڙي کي ٻڌيو.
لاهوتي مرڪندو سائين ڏي ويو.
”ڪيئن ٿو ڀائين مرشد، برابر يا نه“
برابر لاهوتي. تو جيڪي چيو، گلر ان کان به سرس
آهي-“
”ڦِري ڏسينس مرشد، شيءِ اٿئي شيءِ! ٻيو نه ته.
سنهڙو پڇ، پر ڊگهو به نه. ريشم جهڙي چمڙي، کليل
واڇون، چنجهليون اکيون- عيب ته خدا ڏنوئي ڪونه
اٿس. اصل کيسي ۾ وجهي ڇڏڻ جهڙو آهي.“
”برابر، سوکڙي آهي. ڏينڀوءَ جي جاءِ ڪانهي.“
”متان نه مڃين. خفتي ته آءُ به آهيان، پر سُڃو ٿي
پيو آهيان.“
”دل نه هَڻ، پنهنجو مال ورهايل ڪونهي.....پر هاڻي
دير نه ڪر، همراهه کي سڏ ڪر ته حالي حوالي ٿيونس-“
”ڪريان ٿو بندوبست، ”رڳو ڪو ماڻهو نظر اچي ته
موڪليانس.... اجهو، هو پاڻهي پيو اچي؛ پر هاڻي
ڳالهائجانس. تون، مون کان تنهنجو بار وڌيڪ لڳندس.“
”تون به منهنجو ماڻهو آهين، ڪو ڌاريو ڪونه آهين.
بي ڌڙڪ ٿي ڳالهائينس، آءُ ويٺو آهيان.“
”چڱو هاڻي ڪريانس ٿو بسم الله.“
هو کٽ تان اٿي ٻه وکون اڳتي وڌيو ۽ منهن تي مُرڪ
آڻيندي، ڪجهه زور سان چيائين.
”دلِڻ اسان تنهنجا ئي گهورا هئاسين.“
دِلوءَ پريان ايندي حيرت گاڏڙ مرڪ سان چيو:
”خير ته آهي، اڄ ڪيئن ڀُلجي پيا آهيو؟“
”بس بابا، اڄ ويٺي ويٺي سائينءَ چيو، هل ته ڪاريگر
وٽان چڪر هڻي اچون چيومانس ته، باشا حڪم تنهنجو
کپي. مون کي ٻيو ڪم ڪهڙو آهي. پوءِ ته وهندا اچي
هتي پهتاسون، پر تون هئين ڪونه. ماڻهو پئي
ڳوليوسون ته توکي سڏايون. ڀاڳن وارا آهيون جو تون
پاڻهي اچي نڪتو آهين، ملياسون ٻيو مڙئي خير.“
”کپئي خير. ڀلي آياؤ جي آياؤ.... اسان جون خبرون
خير، هي ڪکڙا پنهنجا، ويٺا آهيون منڊل مچايو.
اوهان کي الله آندو، مليا آهيون، پر ٻيو مڙئي
خير... سائين باشا، خوش آهيو، چڱا ڀلا، مڙدانا،
آسودا.“
”دعا، رحم، رب جا ٿورا.“
”هاڻي اوهان ويهو ته آئون گهران ٿي ٿو اچان.“
”نه ادا نه. ماني ڌانيءَ جي ڪا تڪليف نه ڪر، اسان
کايو پيا اچون؛ رڳو چارگهڙيون ويهه ته ڪچهري
ڪريون.“
”آئون حاضر آهيان، لک ڪچهريون ڪيون، پر مانيءَ جي
مهل آهي، وڌيڪ نه، ته به- ٽي گرهه ته کائو.“
”ادا، اسان کي حجاب ڪونهي، اجهو هاڻ ڳوٺان کايو
پيا اچون، اڌ ڪلاڪ کن مس ٿيو آهي.“
”ڀلا چانهن ته ٺهرائي اچان؟“
”چانهن جي به تڪليف نه ڪر. اسان تڪڙا آهيون. وري
ڪنهن ٻيءَ ساعت چانهن پيبي.“
”اهو ڇاهي، ڀلا سائين، هيڪر ٿا چؤ ته ڪچهري ڪرڻ
آياسون، ٻيهر ٿا چؤ ته تڪڙا آهيون. ظلم ته اِهو جو
نه چانهه لاءِ ٿا ترسو، نڪا ماني ٿا کائو. آخر مون
غريب تي ڇو ايڏي ڪاوڙ اٿوَ؟“
”ادا، تون اسان جو ڀاءُ آهين، ڪاوڙ توتي ڪانهي؛ پر
ڪجهه ٻيا به زماني جا ڪم آهن، ان ڪري ڪجهه تڪڙا
آهيون.“
”پوءِ ڀلا، ڪيئن تڪليف ڪئي اٿوَ؟ ٿورڙيون خبرون ته
ٻڌايو.“
”لاهوتي، ٻڌاءِ ڀلا ڪاريگر کي خبرون.“
”حاضر باشا... ادا، مرشد اڄ تڪليف ڪري تو وٽ آيو
آهي گُلر جي لاءِ. ڪالهوڪيءَ بڇ کان پوءِ گُلر جي
ڳالهه ٻڌي اٿس گهڻي، سو مَنُ هرکجي پيو اٿس. تون
پاڻ مولائي مڙس آهين، سادات توکي خوش ڪري ڇڏيندو.“
”خوش ڪرڻ جو مطلب؟“
”مطلب ته جيڪي چار ڏوڪڙ پنهنجي وات سان گهُرندين،
سائين توکي ان کان سَرسَ ڏيندو.“
”ادا، سائين قسمت سان منهنجي تڏي تي آيو آهي، آءُ
باشا کان ڪتو ڪين جهليان ها پر اوهان اچڻ سان ئي
مون کي گار ڏني آهي. آءُ ڪو ڀاڙيو ڪونه آهيان، جو
ڪتي جا پئسا وٺي کائيندس.....اوهان گهٽ ۾ گهٽ مون
کي آزمائي ته ڏسو ها، منهنجو جواب ته ٻڌو ها، اچڻ
سان ائين کڻي واڪ ڏنوَ، ڄڻ آءٌ ڪتن جو ڪو واپاري
هجان! هاڻي وهنداؤ ته ڪچهريون ڪنداسون، وينداؤ ته
خدا خوش ڪندوَ. باقي ڪتو ڪونه ڏيندس.“
”ادا تون ڪاوڙ ڇو ٿو ڪرين، اسان ته پاڻ خيال ڪندي،
پئسن جي آڇ ڪئي هئي، ڪجهه سوچ ته ڪر، صبح کان شام
تائين لوهه ٿو ڪُٽين، تڏهن پنج- ڏهه
روپيا ملنئي
اسان توکي گهر ويٺي هزارو کن ڏيون ٿا ته ڪهڙي ڪَس
اٿئي؟“
”سائين باشا، لوهه ڪُٽڻ ڪو گناهه ڪونهي، حق حلال
جو پورهيو آهي. ڪڏهن اوهان وٽ سوالي ٿي ته ڪونه
آيس، ته مون کي اَن جي ٻوري ڏيو؟“ افسوس جهڙي
ڳالهه آهي جو اوهان پئسي کي ئي سڀ ڪجهه سمجهي ويٺا
آهيو.“
”ڪاريگر، اسان توکي ناراض ڪرڻ ته ڪونه آياسون، تون
هروڀرو ٿو رنج ٿين. اسان پنڌ ڪيو آهي گُلر جي
لاءِ، اسان کي خالي هٿين نه موٽاءِ؛ پوءِ پئسن سان
نه سهي، قرب ۾ ئي سهي، پر گُلر اسان کي ڏئي.“
”قرب واري ته اوهان ڳالهه ئي ڪانه ڪئي. اوهان ته
سوداگر ٿي پئسن جو واڪ ڏنو آهي. منهنجو ڪتو ويڪو
ڪونهي، ٻيو ڪو جاچيو، ڳوٺ ۾ ٻيا به گهڻائي ڪتا
اٿوَ.“
دلِوءَ جو کٽو جواب ٻڌي، سائين باشا ۽ لاهوتي
مايوس ٿي ويا. ڪن گهڙين لاءِ خاموش ٿي ويئي. وڏيرو
صالح پريان ظاهر ٿيو ۽ اتان ئي رڙ ڪيائين:
”ابا، سائين باشا پيو ڏسجي ڇا؟“
”هائو بابا، تو ته اچڻ ڇڏي ڏنو، اسان چيو هاڻي
اسان ئي ننڍا ٿي تو وٽان گهمي اچون.“ سائين باشا
جي چوٽ ڪرڻ تي وڏيري وراڻيو: ”شابس هجيوَ بادشاهه،
جو اهڙيون ڳالهيون ڪريون ٿا. آءٌ ته اهو ئي
ٻانهيءَ جو ٻار آهيان؛ پر اوهان ڪجهه وڌي ويا
آهيو. ڪالهه بَڇ هئي، ٽيون ڏينهن هاسيڪار اوهان ڏي
ماڻهو موڪليو هئم ته سائينءَ کي دعوت ڏيئي اچ؛ پر
سائين، خبر پئي ته بادشاهه ٽنڊو آدم پيو گهمي.“
”يار، مون کي پاڻ ڏک آهي، جو بَڇ تي نه اچي سگهيس.
ڪم هو ٿورو سيٺين ۾، پر يڪا ٻه ڏينهن ويهاري
ڇڏيائون. تون پاڻ سيٺين جي ڏيتي ليتيءَ کان واقف
هوندين، شل نه ڪو ڪم پوين، ويٺا بهانا ڳوليندا ته
ڪئين همراهه کي گشو ڏيئي جِند ڇڏائجي؛ پر سائين،
آءٌ به آءٌ آهيان، ڪٿي ٿو ڇڏيانِ. ٻه ڏينهن به
ترسي، پنهنجي ليکو چُڪتو ڪري آيس. جي اِتي هجان ها
ته پاڻ کڻائي به تو وٽ پڄان ها.“
”بس مرشد، هاڻي آءٌ گنهگار اُمتي ڇا چوان، دل جو
سور دل ۾ آهي... ڀلا ڪيئن اچڻ ٿيو؟“
”خبرون خير، ڪالهه لاهوتي بَڇَ ڏسڻ تو وٽ آيو هو،
گُلر ڪو چڱو لڳس. پڇا ڳاڇا تي خبر پيس ته اهو هِن
يار جو آهي. لاهوتي ضد ڪري ويهي رهيو ته ’بادشاهه
گُلر اهو پاڻ کي کپي‘. چيومانس، ”هلون ٿا ڪاريگر
وٽ، پوءِ ڏئي يا نه ڏئي، اها ٿي سندس مرضي. گلر
ڏسڻ کان پوءِ مون کي به وڻيو. همراهه کان
گهُريوسون؛ پر ٺُپ جواب ڏيئي ڇڏيائين. وڃڻ وارا
هئاسون جو تون مٿان اچي وئين.“
”گلر ڏيندو وري ڪئين نه؟ ابا دِلڻ، هي تون ڇا ٿو
ڪرين، امام جي اولاد کي ڪُتي لاءِ موٽي ٿو ڇڏين؟
اسان ته هوند به سر مٿانئس گهوري ڇڏيون... ڏاهو
ٿيءُ، ڪجهه عقل ڪر، قيام اهو ڇڏائيندئي. جي
رنجايئيس ته ٽنگيو پيو هوندين. ماٺڙي ڪري، پيرين
پئي مرشد کان بخشراءِ ۽ پوءِ ڪُتو ڇوڙي ڏينس، پاڻ
ڳوٺ پڄائي اچينس.“
”وڏيرا، سائين کان آءٌ ڪتو ڪونه جهليان ها؛ پر هي
خفتي ٿي ڪونه آيو، سوداگر ٿي آيو آهي. سوداگر لاءِ
مون وٽ ڪتو ڪونهي.“
”سوداگر وري ڪئين؟“
”ائين جو اچڻ سان چيائين ته، ڪتي جا پئسا وٺندين؟“
چيومانس، ’آءٌ ڪو گُرگُلو ڪونه آهيان جو ڪتو وڪڻي
پئسا کائيندس‘. هاڻي تون پاڻ انصاف ڪر، خفتيءَ
لاءِ هن کان وڌيڪ ٻي ڪا گار آهي؟“
”مرشد، اها اوهان بي واجبي ڪئي آهي. دِلو اهڙو مڙس
ڪونهي، جو اوهان جهڙي امير کي هوند جواب ڏيئي ها.
اوهين پهرين سنگت ۾ چئي ته ڏسوس ها...“
”ادا، اسان کان ٿي جو اهڙو گفتو ڪڍيوسون. هاڻي چوي
ته کڻي معافي وٺونس. هروڀرو ڳالهه مان ڳالهوڙو
ٺاهي ويٺو آهي.“
”بس بادشاهه، اوهان جي پاران آءٌ معافي وٺي
ڇڏيندوسانس. گلر اوهان جو ٿيو....“ هاڻي منهنجي
صلاح آهي ته گهڙي کن مون واريءَ اوطاق ڏي هلون،
اتي به دعا جا پير گهمائي اچو، پوءِ موٽ تي هتان
ٿيندا، گلر ڪاهيو وڃجو. ڪئين دِلو؟“
”وڏيرا، ڳالهه مون ڪئي هڪڙي، ٻي ٿيندي ڪانه. ڪتو
آءٌ بي جهاني ڪونه ڏيندس. باقي اتي ويهي ڪچهري ڪن،
يا تو وٽ هلن، اها سندن مرضي آهي، آءٌ ڪونه ٿو
جهليان.“
”چريا، وڏن جي ڳالهه کي مانُ ڏبو آهي. هروڀرو ٻار
نه ٿيءٌ دلو!“
وڌيڪ نه دلوءَ ڳالهايو، نه وري وڏيرو ۽ سائين
ڪڇيا، ماٺڙي ڪري هو اوطاق مان نڪري ويا. لاهوتي به
گهوڙي کي ڳليءَ مان جهلي، سندس پٺيان پٺيان هلڻ
لڳو. هنن جي وڃڻ کان ڪجهه گهڙيون پوءِ دلو اٿي گهر
ڏي ويو، ۽ ماني کائي پينگهي ۾ سمهي پيو. ڪلاڪ ڏيڍ
کان پوءِ چؤنري لسيءَ جي ۽ ٻه- ٽي ڊَڳڙ ڪتي لاءِ
کڻي، هو گهران نڪتو. اوطاق ۾ اچي ڏسي ته مُنِي
خالي آهي، ڪُتو سنگهر سوڌو غائب آهي اندر سَڙي
ويس. هيٺ ڌڌڙ ڏي ڏٺائين ته ڪتي، گهوڙي ۽ همراهن جا
پيرا اوطاق کان ٻاهر نڪري، ڳوٺ جي ڏکڻ طرف ويندڙ
وڏي رستي ڏانهن پيا وڃن... انتقامي جذبي جي لهر
نَس نَس مان ڊوڙي ويس. لسيءَ جي چؤنري ۽ ماني واري
دٻڪي کڻي ذري گهٽ ڊوڙندو گهر پهتو. ٽپڙن جي
گهڙامنجيءَ تي رکيل، سَوَڙ جي تَهن مان بندوق ۽
ڪارتوسن وارو ڳٺو کڻي، پوري زور سان پيرن پٺيان
ڀڳو. سامهون بيٺل گهاٽن وڻن جي اوٽ مان نڪرندي
ڏٺائين، ته سَڏُ کن پنڌ تي همراهه وڃن پيا. سائين
گهوڙي تي آهي، لاهوتيءَ کي ڪُتي جي سنگهر هٿ ۾
آهي، هو پوئتي نهارڻ کان سواءِ ڏاڍي مزي مزي سان
وڃن پيا.
دلو ڊُڪندو ڊڪندو کين ويجهو وڃي پيو، ۽ گار ڏيندي
هڪل ڪيائين:
”اڙي لاهوتي، اِتي بيهه، تنهنجي ته.....! توکي همت
ڪئين ٿي جو منهنجو ڪتو ڪاهيو اٿئي؟“
سائين ۽ لاهوتي بيهي رهيا. کيس ڏسي ڪتو پڇ لوڏڻ
لڳو. سائينءَ گهوڙي جي ڳلي ٽيڪيندي وراڻيس:
”زبان سنڀالي ڳالهائيءِ لوهر جا پٽ! ڪتو اسان کي
صالح ڇوڙي ڏنو آهي وڃي ان سان ڳالهاءِ. اسان سان
ٽَرٽَر نه ڪر.“
”سڃاڻا ٿو صالح کي به اوهان سان گڏ، ڇڏ ڪتي کي
لاهوتي!“
”ٿڌو ٿي ٿڌو... دماڪ جاءِ تي ڪر. ساهه گهڻو اٿئي
جو بندوق کڻي ڀڳو آهين؟“
لاهوتيءَ ٽوڪ واري ڍنگ ۾ چيس. سندس ڳالهه کي ٽيڪ
ڏيندي شاهه چيو:
”درياهه ۾ رهڻو اٿئي ته واڳونءَ سان وير نه رک، نه
ته هوندين ئي ڪونه.“
”اهي دڙڪا ٻين کي ڏجانءِ ڦڏي کي وڌائڻ مان فائدو
ڪونه پوندئي. آءٌ مئي مارائي ڪتو ڪونه ڏيندس.“
”اڙي، تون آهين ڇا، جو ايڏو ڊگهو ڊگهو پيو ٿئين؟
آءٌ ته سمجهندس ته هڪڙي اٺاس جون ڦُٽيون نه کاڌم،
تنهنجا ٻچا ئي رُلي ويندا!“
دلوءَ اکين ۾ شور وجهي مرشد ڏي ڏٺو، ۽ پوءِ
لاهوتيءَ ڏي وڌيو. ڪتي جي سنگهر ۾ هٿ وجهندي
چيائين:
”سنگهر مان هٿ ڪڍ لاهوتي!“
هو لاهوتيءَ جي سامهون اڏول جبل جيان بيهي رهيو.
لاهوتيءَ مرندي ڪسندي مرشد ڏي ڏٺو. هو سندس نهار
جو ملطب سمجهي ويو. گهوڙي کي آڙي هڻي، دلوءَ جي
مٿان اچي بيهاريائين. هن منهن مٿي ڪري کيس ڏٺو.
هاٿيءَ جيڏي گهوڙي تي، ديوَ جهڙو ٿلهو ٿنڀرو قداور
شخص، سندس هٿ ۾ ريوالور.
لاهوتيءَ هڪ گهمرو وري مٿس چٿر ڪندي چيو:
”پئسن لاءِ پيٽ ۾ سور اٿئي ته اها ڳالهه ڪر، نه ته
چار ئي دروازا کليل اٿئي. جنهن کي وڻئي تنهن کي
دانهن ڏي. ٻيو نه ته.“
”پئسن ڏيڻ واري جي جوءِ کي.... پئسن وٺڻ واري جي
به رَن کي....!“ دلو گار ڏيئي، ٻه وکون پوئتي
هٽيو، ۽ خبر ناهي ڇا سوچي، بندوق سڌي ڪري ڌوڙيو
کڻي ڪرايائين. ٻه چار چار بولاٽيون کائي، ڪتو ڪري
پيو. ماحول تي موت جهڙي ماٺ ڇائنجي ويئي.
دلوءَ ڦٽيل هانءَ سان پڇاڙڪو گهمرو مئل ڪتي ڏي ڏٺو
۽ ٿڌو ساهه کڻي، بندوق ۾ نئون ڪارتوس ڀري، ڳورن
قدمن مان پوئتي موٽيو.
لاهوتي ۽ سائين باشا، هراس ۽ اچرج وچان کيس
ڏسندائي رهجي ويا.
ــــــــــــــ اسان جا نقاد ڳالهه کي ڳالهوڙو ڪري
پيش ڪرڻ جي اڻٿڪ محنت ۾ رُڌل آهن.
بيدل مسرور
۽ منهنجو ڪردار
هاڻي:
پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو آهي، سموري وارتا لکڻ لاءِ ٿو
سوچي.
ڪنهن وقت به:
اوچتو سوڀيا کيس ملي وڃي ته پڪ ئي پڪ ڀَرُ ڪري کيس
ڳل تي چپاٽ وهائي ڪڍندي. ڪجهه ڏينهن کان:
من ۾ اچي درد ديرو ڄمايو اٿس. ڪنهن به ڪم ۾ دل
ڪانه ٿي لڳيس. منجهيل من سبب آفيس جو ڪم به نه ٿو
اُڄهيس. پاڻ کي وندرائڻ لاءِ ايلفي، سمنڊ جي ڪناري
يا طارق روڊ تي وڃڻ چاهي ٿو. سوير آفيس مان نڪري
ٿو، پر وڃي ڪٿي ڪونه ٿو، سڌو گهر هليو ٿو اچي.
ڪارڻ:
آفيس ۾ ڪم ڪندي کيس اڻ لکئي ڊپ جو سيئانڊو محسوس
ٿيندو رهي ٿو، ته متان سندس ئي آفيس ۾، سوڀيا
پنهنجو بدلو چڪائڻ لاءِ اچي نه وڃي. پنهنجي ئي
آفيس ۾ پنهنجي بيعزتي ٿيڻ جي ڊپ کان هو سوير ئي
آفيس مان نڪري ٿو وڃي.
سمجهي ٿو:
سمنڊ جي ڪناري تي هلندي هو ان کان وڌيڪ اٻاڻڪو ٿي
پوندو ۽ هن پيدا ٿيل مونجهاري جو حل اتي کيس ملي
به نه سگهندو. ايلفيءَ جي گوڙ شور ۾ سندس ڪو
واقفڪار کيس ائين هلندي رلندي ڏسي وٺندو ته کيس
ڪهڙو جواب ڏيئي جان ڇڏائيندو. پنهنجي ذهني پيڙا جو
آجپو هن کي ان گهمسان جهڙي وايو منڊل ۾ ڀٽڪڻ ۽
ڪنهن ٻي تفريح ۾ به نظر نه ٿو اچي. طارق روڊ تي
وڃڻ کان پاڻ ئي نٽائي ٿو، انڪري ته سوڀيا جو گهر
ان طرف آهي ۽ اتي هلندي ڪندي اوچتو سوڀيا ٽڪرائجي
ويندي، ته پڪ ئي پڪ چماٽ وهائي ڪڍندس.
نتيجو:
اسان جي سماج ۾ هر عورت جي نفرت جي اهڙي کليل
اظهار تي ماڻهو گڏ ضرور ٿيندا آهن ۽ سوڀيا به جڏهن
کيس چماٽ هڻندي ته ماڻهو ضرور گڏ ٿي ويندا، تڏهن
هو ڪئين پنهنجي جان ڇڏائي سگهندو، شايد ڪجهه به
چئي نه سگهي ۽ انهن ماڻهن جا موچڙا چپ چاپ سهي،
اچي گهر ڀيڙو ٿئي.
هاڻي:
پين کڻي ٿو. ڪمري جي در ڏانهن ڏسي ٿو. در بند ڏسي،
پاڻ کي محفوظ سمجهي ٿو. اندر ۾ اڀري آيل ڊپ جي ان
خيال تي پنهنجي منهن مرڪي ٿو. پنا کڻي سامهون ڪري
رکي ٿو.
چاهي ٿو:
اڻ ڳڻ ڀيرا سوچڻ کان پوءِ، هاڻي هو سوچن جي اها
سموري ولوڙ قلمبند ڪرڻ ٿو چاهي. انهن ڪورن ڪاغذن
تي اندر جا چِٽ چِٽڻ ٿو چاهي.
سمجهي ٿو:
سوچون، پين ۾ پيل مس جيان ڪاغذن تي هارجڻ لاءِ
آتيون آهن، ڄڻ لکي ڇڏڻ کان پوءِ سندس من ۾ عذابن
جا ڀريل بادل، مينهن وسائي هلڪا ٿي پوندا.
واقفيت:
منهنجو هي ڪردار هميشه ڪجهه نه ڪجهه محسوس ڪندو
رهندڙ مرد آهي. شادي ڪيل اٿس، جيڪا سندس ڳوٺ واري
گهر ۾ سندس پيءُ- ماءُ سان رهندي آهي. پاڻ کي هر
وقت اڪيلو اڪيلو لڳندو آهي. اڪيلائيءَ جا ڏنڀ
ڏيندڙ احساسن کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن سپ
جهڙي وجود جو ڳولهائو رهندو آهي. جڏهن به ڪو وڻندڙ
۽ موهيندڙ وجود کيس نظر ايندو آهي، ته اوڏانهن
ڇڪجي ويندو آهي ۽ پوءِ ان جي معيارن مطابق ثابت
ٿيڻ لاءِ پنهنجي سڀني صلاحيتن کي اٿلائي پٿلائي،
ڪنهن مثالي ڪردار جهڙو بڻجي پوندو آهي. سوڀيا سان
زندگيءَ جي ڪجهه پيارين گهڙين گذارڻ مان هن اهو
فيصلو ڪري ڇڏيو هو، ته ساڻس شادي ڪري ڇڏيندو؛ پر
ڪجهه ڏينهن اڳ هن جي سوڀيا سان جيڪا فون تي گفتگو
ٿي آهي، تنهن کيس پريشان ۽ مايوس ڪري ڇڏيو آهي.
جڏهن به پاڻ کي سوچن جي دٻاءُ ۾ گهٽجندي محسوس
ڪندو آهي، ته ڪا ڪهاڻي يا ڪو شعر لکي وٺندو آهي ۽
هاڻي به هو ڪجهه لکڻ ٿو چاهي؛ ڇو ته کيس پڪ ٿي وئي
آهي، ته ڪجهه نه ڪجهه لکڻ سان سندس مونجهه هلڪي ٿي
ويندي.
هاڻي:
هن کي بس اهو ئي محسوس ٿو ٿئي، ته ٽيليفون دوران
کائنس ڪي جملا چوڻ رهجي ويا آهن. جيڪي سوڀيا کي ان
ئي وقت چئي ڇڏي ها، ته جيڪر هاڻي سندس اها حالت نه
هجي ها.
ان وقت:
جڏهن سوڀيا کيس چماٽ هڻندي ته ڇا هو کيس ڪجهه به
نه چوندو، شايد ڪجهه به نه چويس.
سوچي ٿو:
انڪري ته مان کيس چاهيان ٿو ۽ من ڀائيندڙ شخصيت جي
اهڙي عمل کي ٻاراڻي، انگل، نخرو، حجت يا ڪاوڙ ڇنڊي
ڇڏڻ جو بهانو سمجهي برداشت ڪري سگهي ٿو.
سوڀيا جڏهن کيس چماٽ هڻندي ته ماڻهن جو گوڙ ضرور
ٿي ويندو، تڏهن هو سوڀيا ۽ پنهنجي متعلق فيصلو،
انهن گڏ ٿيل ماڻهن تي ڇڏي ڏيندو، ڇو ته هن سماج ۾
احساس کانسواءِ ٿيندڙ فيصلي کي ئي صحيح ۽ سچو
سمجهيو ويندو آهي.
ان وقت:
ٿي سگهي ٿو، فيصلي کان اڳ ۾ هو اتان لوُههَ پائي
ڪيڏانهن ڀڄي وڃي.
سوچي ٿو:
هو ڀڄڻ نه ٿو چاهي، بيهي ماڻهن جو ري ايڪشن ڏسڻ
ٿو چاهي، ان ڳالهه جي پڪ ڪرڻ لاءِ، ته اجتماعي قوت
کي، انفرادي ذهني سطح جي پرک آهي به يا نه! پر هو
ائين به نه ڪندو.
چاهي ٿو:
ان مونجهاري تي ڪجهه لکي، لکڻ لاءِ وٽس نثر ۽ نظم
جا ئي وسيلا آهن، پر هيءَ وارتا هو نثر ۾ ٿو لکڻ
چاهي، هو چاهي ٿو ته سوڀيا کيس چپاٽ ضرور هڻي، نه
ته منجهيل ڳالهه منجهيل ئي رهجي ويندي.
ڪارڻ:
ٻي ڪابه صورت ڪانه آهي، جنهن هيٺ هو سوڀيا سان
صاف صاف ڳالهائي سگهي.
چاهي ٿو:
جن حقيقتن ۽ واقعن مان پيدا ٿيندڙ هيءَ سچي ڪهاڻي
جنم وٺي ٿي، تنهن جي پُڄاڻي به حقيقت تي ٻڌل هجي.
پهريون باب
سوڀيا جڏهن کيس چپاٽ هڻندي ته هو کائنس ان جو سبب
پڇندو، تڏهن هوءَ چوندي ”تون وڏو ڪميڻو ماڻهو
آهين.“ ائين نه، نه ته به هئين ته ضرور چوندس
”توکي شرم نه ٿو اچي، منهنجي لاءِ ڳالهيون
ٺاهيندي.“
پڇندس، ”ڪهڙيون.“
”ائين چوندي، پنهنجي گريبان ۾ منهن وجهي ڏس بي
شرم.“
تڏهن، هن کي پنهنجي ٽاءِ ڍري ڪرڻي پوندي، قميص جو
بٽڻ کولي، اندران گنجيءَ کي هٽائي سيني تي هلڪن
ٿورن وارن کي ڦهليل ڏسي، سوڀيا جي عقل تي دل ئي دل
۾ کلي چوندو، ”مون کي ٻيو ڪجهه ته نظر ڪونه ٿو
اچي، سواءِ...“
”معصوم بڻجڻ جي اجائي ڪوشش نه ڪر.“
”نيٺ توکي ڪنهن ٻڌايو آهي، ڪير اهڙو تنهنجو سڄڻ
ٿيو آهي، جو غلط ڳالهيون گهڙي توکي ٻڌائي، سرخرو
پيو ٿئي.“
”ڪير به هجي، تنهن ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو.“
”واسطو ڇو ڪونه آهي.“
”ڇو، تون منهنجو ڇا لڳين؟“
”پنهنجي دل کان پڇ.“
”مان چوان ٿي اهڙي بڪواس ڪرڻ ڇڏي ڏي. اها بڪواس
ڪري ئي ته تون مون کي بدنام ڪندو رهيو آهين.“
”اهي سڀ الزام آهن مون تي. مان اهو اڪيلو ماڻهو
آهيان جيڪو تنهنجي عزت ڪندو آهيان.“
”عزت، عزت، عزت- ٽڪي ٽڪي جا ماڻهو به عزت جا
دعويدار ٿا ٿين. ٽري وڃ منهنجي اکين اڳيان.“
”هاڻي نه ته، پر هڪ ڏينهن توکي پنهنجي غلطيءَ جو
احساس ٿيندو. مان وري به چوان ٿو ته مون ڪنهن کي
ڪجهه ڪونه چيو آهي. مان تنهنجي خلاف سوچي به نه ٿو
سگهان ته تنهنجي خلاف ڪجهه چئي سگهندس.“
سوچي ٿو:
ايترو سارو تڏهن ٿو ڳالهائي سگهجي، جڏهن سوڀيا
ڪنهن اڪيلي گهٽيءَ ۾ ملي وڃي ۽ اهڙو بحث تڪرار
ٿئي.
پر جي اڪيلي گهٽيءَ ۾ ملي وڃي ته ڇا چپاٽ هڻندي؟
نه، شايد، مون کي ڏسي گهٽي ئي مٽي ويندي، يا واپس
وڃڻ لڳندي.
ڪارڻ:
اڪيلي گهٽيءَ ۾ ڪنهن مرد سان مهاڏو اٽڪائڻ سٿري
ڳالهه ڪانهي.
ان وقت: |