سوچ- لوچ
مون سي ڏٺا ماءِ . . .
جڏهن به هن ڌرتيءَ تي اَنياءُ، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جو
ٻارڻ ٻريو آهي ۽ ڌرتي ڦري ٽامو بڻي آهي، تڏهن مولا
مهر ڪري ڪرم جو ڪڪر ضرور وسايو آهي. شيخ عبدالمجيد
سنڌيءَ جو جنم، ان ڳالهه جو چِٽو ثبوت آهي، ته سنڌ
جي ڌرتي اڃا سَنڍ نه ٿي آهي.
شيخ صاحب صحيح معنيٰ ۾ هڪ انقلابي هو. جنهن دؤر ۾
هن اک کولي، اهو غلاميءَ جو دؤر هو. انگريز سامراج
پاڪ- هند ننڍي کنڊ سان گڏ ڌرتيءَ جي گولي جي ڳچ
ڀاڱي تي، سازشن جا ڄار اُڇلي، پنهنجا لوهي چنبا
کُپائي ڇڏيا هئا ۽ ڪيترين قومن جي ڳچيءَ ۾ غلاميءَ
جو جنڊ پئجي چڪو هو. مسلمان ان جو وڌيڪ شڪار ٿيا.
پاڪ- هند اُپکنڊ جي سياست، لوڀ، لالچ؛ چاپلوسين ۽
جوڻيتن جو ٻيو نالو هو. پوري قوم جي آزادي، ڌارين
گورن حاڪمن وٽ گروي هئي- ۽ پنهنجي هموطنن سان
غداريءَ جي انعام ۾ جاگيرون هيون، عهدا هئا، لقب ۽
خطاب هئا- ۽ انگريز سامراج جي مخالفت جي صلي ۾
گوليون هيون، جيل هئا ۽ جلاوطنيون هيون. شيخ صاحب
به اهائي واٽ ورتي، جيڪا سچار سورهين جو مَرڪ آهي-
۽ هن جبر ۽ قهر آڏو پنهنجو سينو تاڻي، انگريز
سامراج کي پوري سگهه سان للڪاريو.
نياءُ- اَنياءَ جي ان ويڙهاند ۾، شيخ صاحب هڪ جوڌي
جيان وڙهيو- ۽ مخدوم بلاول ۽ دولهه دريا خان جي
عظيم روايتن کي زندهه رکيائين- پوءِ اها ريشمي
رومال تحريڪ هجي يا خلافت هلچل؛ سنڌ جي بمبئيءَ
کان جدائيءَ جي جاکوڙ هجي يا پاڪستان تحريڪ؛ ون
يونٽ خلاف هلچل هجي يا ايوب آمريت خلاف محترمہ
فاطمہ جناح جي جمهوري تحريڪ- شيخ صاحب هر دؤر ۾
قوم جي صحيح ڏس ۾ اڳواڻي ڪندو رهيو.
سنڌڙيءَ جو هي عظيم سپوت، آزاديءَ ۽ انصاف جي راهه
۾، ڏنل لازوال قربانين جي آڌار تي، پاڪ- هند
اُپکنڊ جي پهرين صف جي اڳواڻن مان ليکجڻ لڳو. ۽
اعليٰ ڪردار ۽ نيڪ عمل سان تاريخ جي صفحن ۾ اَمر
بڻجي ويو:
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
شيخ عبدالمجيد سنڌي ساري سڀ ڄمار تيز طوفانن ۽
انڌن واچوڙن سان وڙهندو رهيو- ۽ اوچي ڳاٽ بيٺو
رهيو- اَٽل ۽ اَڏول ڪارونجهر وانگر. اچو ته اڇن
وارن جي ڇَٽَ پهريل ان شخص جي عظمتن کي سلام
ڪريون.
·
موج ڀريو مهراڻ
گهِڙِئا ســــي چَڙهـئا، اِئين اَٿيئي،
مَئي مَتي مهراڻ ۾، پئو ٽپو ڏيئي،
ته ميهار مليئي، سَنڀوُڙو سيڻاههَ سين.
جيئن ”موج ڀريو مهراڻ“ سنڌڙيءَ جي جياپي ۽ سُڪار
جو
Symbol
آهي، تيئن ٽِماهي ”مهراڻ“ پڻ سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽
ثقافت جي بچاءَ، ڦهلاءَ ۽ ڦُلار جي ڏس ۾، ڏکين
حالتن هوندي به، اهڙو اهڃاڻي ڪردار ادا ڪندو پئي
رهيو آهي- ۽ اڳتي به اهڙو ڪردار ادا ڪندو رهندو.
اهو صحيح آهي ته ”مهراڻ“ به ڪڏهن واريءَ جا دڙا
دڙا، پاڻيءَ جا ڊَها ڊَها ”مهراڻ“ بڻيو پئي رهيو
آهي؛ پر وڌيڪ صحيح هيئن ٿيندو، ته ”مهراڻ“ کي ائين
بڻايو پئي ويو آهي: ”بند ڪري ڇڏيو شاعري ۽
ڪهاڻيون“ ۽ ائين هڪ ئي جملي سان سڄي ڪِي ڪمائي ڪُٽ
ڪئي ويئي. ان عرصي ۾ پُل هيٺان ڪيترو پاڻي وهي چڪو
آهي؟
”بند ڪري ڇڏيو دروازا“ ”ٻــوٽي ڇــڏيو
اکـيون“
وارو ورتاءُ، دراصل خطرن کي منهن- سمهون ٿيڻ،
مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ ڪنهن به چئلينج کي قبولڻ کان
لنوائڻ جو اُٺ- پکي اسٽائيل آهي؛ پر اسين خطرن کي
منهن- سمهون ٿيڻ ٿا چاهيون، هر چئلينج کي قبولڻ ٿا
چاهيون- ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ، ساهت ۽ سڀيتا جو مفاد
انهيءَ ۾ آهي- ۽ توهان جي ڀرپور سهڪار سان ئي ائين
ٿي سگهي ٿو.
78/1 جي پرچي جي جتي پڙهندڙن پاران زبردست آجيان
ٿي آهي، اتي ڪن حلقن ۾ ان تي تنقيد پڻ ٿي آهي؛ پر
اها گهڻي ڀاڱي زباني ٿي آهي ۽ زباني تنقيد جي ادب
۾ اهميت ڪڏهن به ناهي رهي. تنقيد ٿيڻ کپي. ايليٽ
چواڻي: ”تنقيد ساهه کڻڻ جيان اڻٽر آهي“- پر جيڪڏهن
توهان جانبدار ۽
Jealous
آهيو، ته پوءِ تنقيد توهان جي ڏانءُ وٽان ناهي.
مڙهڻ، ٿاڦڻ، وڦلڻ ۽ ويندي گارگند تائين لهي اچڻ جا
هٿيار ڪڏهوڪو مُڏا ٿي چڪا آهن. تنقيد جو بنيادي
ڪارج ادب کي متحرڪ رکڻ آهي؛ پر اسان وٽ تنقيد جي
نالي ۾ جيڪي ڪجهه لکيو- آکيو پيو وڃي، اهو ادب جي
مفاد ۾ گهٽ، پنهنجي مفاد ۾ ڪجهه سرس ئي آهي. هٿ
ٺوڪين ٺهيل ٺڪيل نظرين، مدي خارج ۽ اڏوهيءَ کاڌل
ويچارن جي آڌار تي ادب جي پرک چهري تي هڪ وڌيڪ
نقاب آهي- ۽ ڪمري ۾ هڪ لاش آهي، جو پئي پئي سڙي
رهيو آهي- سٺو آهي ته
Cannibals
ٿيڻ بدران، ان لاش کي هميشہ هميشہ لاءِ دفنايو
وڃي.
·
مولوي ”مائر“ ۽ ”عارف الموليٰ“
1978ع جـي شـروعات ۾ مـولـوي مـحمد صـديق
”مائر“
۽
”عارف الموليٰ“ اسان کان وڇڙي ويا آهن. مولوي
صاحب فارسي، عربي ۽ ڪتابت جي فن جي ڄاڻ رکندڙ هو ۽
پنهنجي ڏانءُ جو اڪيلو ماڻهو هو- ۽ سائين ”عارف
الموليٰ“ سنڌ جي انهن شاعرن مان هو، جيڪي سُر
سنگيت کان به واقف آهن. ”عارف الموليٰ“ ڪافي، بيت،
وائي ۽ گيت جي صنفن تي ڪاميابيءَ سان لکيو ۽ سنڌي
شاعريءَ کي وڏي اوڄ ڏني. مولوي ”مائر“ ۽ ”عارف
الموليٰ“ جي وفات تي ادارو ڏک جو اظهار ڪري ٿو.
- امداد حسيني
شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ
جي لاڙڪاڻي ۾ ڪيل تقرير تان کنيل
- دنيا ۾ هميشہ ٻن قسمن جا ماڻهو رهيا آهن. هڪڙو
قسم انهن ماڻهن جو، جن هميشہ ائين سمجهيو ته اسان
ڪمزور آهيون، بيوس آهيون، اسان کي هر وڏي ۽ ننڍي
کان ڊڄڻ گهرجي- زميندار جاگيردار کان ڊڄڻ، پير سيد
کان ڊڄڻ- اهي ماڻهو سدائين ڊڄندا رهيا ۽ سموري
زندگي ڊڄندا رهيا ۽ ڊڄندي ڊڄندي قبرن ۾ دفن ٿي
ويا. انهن پاڻ کي سمجهيو ته اسين ڪجهه به نه آهيون
۽ انهن مان ٿيو ڪجهه به نه؛ پر ٻيو قسم ماڻهن جو
سمجهڻ لڳو ته اسان ڪمزور نه آهيون، اسان آزاد
آهيون، اسان ڊڄڻ وارا نه آهيون، اسان بهادر آهيون-
اسان سڀ ڪجهه ڪري سگهون ٿا ۽ هنن سچ پچ ڪري به
ڏيکاريو. انهن سمجهيو اسان کي ڪوبه ماري نٿو سگهي،
اسان هميشہ زندهه آهيون ۽ انهي حالت ۾ هو به قبرن
۾ داخل ٿي ويا؛ پر دنيا انهن کي
مئل نه سڏيو ۽ اڄ به دنيا انهن کي زندهه قومن جي
قطار ۾ شمار ڪري ٿي.
(روزانه ”الوحيد“، 7 فيبروري 1937ع)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
صدف- سمنڊ
(ڪافيون)
مون ۾ آهين تون، تون ئي تون،
تو ۾ آئون آهيان.
وار به ويڇو ناهه ڪو، وچ ۾ ”تون“ ۽ ”مون“،
تو ۾ آئون آهيان.
آهي حقيقت هيڪڙي، ڏيهه ڀلي چئي ڏوُن،
تو ۾ آئون آهيان.
هردم هڪ ئي آهيون، سوجھي سمجھيوسون،
تو ۾ آئون آهيان.
دوئي آهي ڪانه ڪا، هونگ رهي هڪ هون،
تو ۾ آئون آهيان.
آئون به يڪتا آهيان، تون به آهين بيچون،
تو ۾ آئون آهيان.
پاڻ ئي پنهنجي راز کي، صحيح ٿا سمجھون،
تو ۾ آئون آهيان.
شاهد پنهنجي پيار جا، اُڀ، عرش ۽ ڀون،
تو ۾ آئون آهيان.
’طالب مولا‘ جا ٿيا، گفتا گوناگون،
تو ۾ آئون آهيان.
وِرهه وِهائج ويهي ويهي، رُلندي رُلندي ڪنهن نه
ڪمايو.
بند نظر ڪر ظاهر واري، پو تون پسندين صورت پياري،
نام وٺج ٿي نيهي نيهي، ٿيندءِ پو هي سانگ سجايو.
محبت وارو مارڳ مشڪل، ڪو ڪو هلندو ان تي ڪامل،
رمز سان دل جنهن ريهي ريهي، سوئي ويندو وک وڌايو.
هلندي ڪانه ڪا هت مخدومي، جيڪو ماڻيندو مغمومي،
ڳالهه ڪبي هيءَ ڪيهي ڪيهي، سهو سمجھي جو پِڙ ۾
آيو.
جيڪو زمان، مڪان کان واقف، سوئي آهي قريب جو ڪاشف،
ديهه انهيءَ جو ديهي ديهي، لوڪان وِهي ٿو پاڻ
لِڪائي.
’طالب مولا‘ سوئي آهي، جنهن کي ضرورت ڪائي ناهي،
پاڻ ۾ ويو جو پيهي پيهي، پرينءَ انهيءَ کي پاڻ
پَسايو.
پرهه نه آهي بيت المال، هِت محتاج جو ڇاهي ڇاهي.
مٿو مَٽيءَ وٽ جيڪو رکندو، سِڪ جي سُرڪي سوئي
چکندو،
پاڻهي ڏيندو ڪيف ڪلال، ڏَس هي ڏنو ڪنهن ڏاهي ڏاهي.
کيڏي اُهو ئي برهه جي بازي، غير ڇڏي جو ٿيندو
غازي،
ٻي کي ملندو محب ملال، عشق اڙانگو آهِي آهي.
دعوا ڪرڻ ڏاڍي سولي سؤکي، پر قرباني آهي اهنجي
اؤکي،
اڳيان جابر جوش جلال، حق حجت جو ناهي ناهي.
هت هزارين هرکي آيا، پير وري تن پٺتي پايا،
سڌڙين جو آهي خام خيال، ڪو ڪو رسندو ڪاهي ڪاهي.
جت گھمسان گھوُرن جا ٿيندا، ات اُڀري ڪي عاشق
ايندا،
فڪر ۾ فاني ٿي في الحال، لڳ لاڳاپا لاهي لاهي.
ڪنٺا ڪولاپا مڻيا مصلا، وِرهه بِنا ويرانءَ سي
وسيلا،
ٿيندو ڪينڪي حاصل حال، ٺاهه ٺڳيءَ جا ٺاهي ٺاهي.
’طالب مولا‘ مرد ٿي مانجھي، سڪ ۾ رهجئين صبح ۽
سانجھي،
قرب ۾ ڪرڻو آهي ڪمال، سندرو ٻڌبو ساهي ساهي.
منهنجي سر جو آهه گھُمنڊ پرين،
آءٌ چوڏهين، منهنجو چنڊ پرين.
هو صاحب ان جي آئون منزل،
هو درد دل ۽ آئون دل،
هو حل سندم، آئون مشڪل،
آئون کير ۽ مون ۾ کنڊ پرين.
آئون نغمو، هوئي نغمه سرا،
آئون سوزگداز، هو اُن جي صدا،
آئون آهيان ادا، هو حسن ادا،
آئون محبت، اُن جو منڊ پرين.
تقسيم ازل ۾ جيڪا ٿي،
محبوب پيو منجھ منهنجي پَتي،
مون سکڻي جو سو مال مڏي،
ونڊ ورڇ ۾ آيم ونڊ پرين.
آئون رات، هو منهنجو صبوح ٿيو،
آئون قالب، هوئي روح ٿيو،
آئون ٻيڙي ۽ هو نوح ٿيو،
آئون اڻ تارو منهنجو، سنڊ پرين.
آئون بيخود، منهنجي هوئي خو،
آئون گل ۽ ان جي هو خوشبو،
آئون دريا جنهن جي رواني هو،
آئون آهيان صدف ته سمنڊ پرين.
آئون ’طالب‘ منهنجو هو مولا،
آئون عشق ۽ ان جا هو جذبا،
آئون آهيان خطا، هو سراپا عطا،
آئون ڏوهه ته منهنجو ڏنڊ پرين.
دلدار ڇو ڏيئي پيار، وري يار،
سهڻا سڄڻ تو ڪيئن ڌڪاري آهيان.
ڇو ٿو ڌڪارين اَلا، مفت ۾ مارين ڀلا، جاني مٺا
جيءَ جيار، سردار،
شايد پرين ڪا آئون اُڌاري آهيان!
مون ڏي مڙيائي اَلا، توڏي نه ڪائي ڀلا، حاڪم ساءِ
هزار، وهنوار،
مون ڏي ٿيا، تن محب ماري آهيان!
هٿڙو نه لائج اَلا، ناتو نڀائج ڀلا، گولي سندءِ
گنهگار، بيڪار،
توڙي ڪني، ڪوجھڙي ڪاري آهيان!
سهڻل سائين اَلا، واڳون ورائين ڀلا، منهنجا پرين
من قرار، غمٽار،
تنهنجي اهائي قرب واري آهيان!
مهڻن سان ماريئي اَلا، ڳڻتين ۾ ڳاريئي ڀلا، ’طالب‘
چوي قربدار، منٺار،
تنهنجي ڀلارا جيءَ جياري آهيان!
جيڪي برهه ۾ بي پرواهه دليون،
اُهي آهن شاهنشاهه دليون.
جيڪي دردن جي ٿيون چاٽ چکن،
جيڪي سوز فراق کي سانڍي رکن،
جيڪي ڪونه لڀن منجھان ڪيئي لکن،
اُهي اُڪنڊيون عاليجاهه دليون.
جيڪي عالم پاڻ سڏائن ٿا،
جيڪي زوريءَ پاڻ وڻائن ٿا،
جيڪي پنهنجو پاڻ پڏائن ٿا،
سي گھر گھر ڪن گُمراهه دليون.
جيڪي پُورن ۾ پيون روز پچن،
جيڪي برهه جي باهه ۾ ڌار ڌڳن،
جيڪي دردن جو درمان نه ڪن،
سي سهڻن جو ٿيون ساهه دليون.
جتي مخدومي جا نام رُڳي،
جتي پيري فقيري دام رُڳي،
جتي زهد ورع الزام رُڳي،
اُتي ڪونهن حق آگاهه دليون.
مون جن ۾ خليلي خوءِ ڏٺي،
مون جن ۾ بِرهه جي بُوءِ ڏٺي،
مون جن ۾ ريائي نه روءِ ڏٺي،
اهي دلبر جون دلخواهه دليون.
جيڪي وِرهه سڳوري جا ٿي ويا،
جيڪي نرمل واري نينهن نِيا،
جيڪي هردم پِر جي پيش ٿيا،
پوءِ تن جون ٿيون درگاهه دليون.
جيڪي محبت ۾ ٿيا مست مچي،
جيڪي ’طالب الموليٰ‘ ڪن نه ڪچي،
والله چوان ٿو سچ په سچي،
اهي ڪن ٿيون ڪونه گناهه دليون.
اچ وري ته گڏجي گھاريون،
سڀ ميارون تنهنجون محب مڃان ٿي.
آءُ هيڻيءَ وٽ حاڪم سائين،
منهنجا سڄڻ ڪري سرداريون،
تنهنجي ڏسڻ لاءِ سِڪيو سِڪان ٿي.
هي ڪين ٺهن ٿيون ايڏيون ارڏايون،
تو ته ڳالهيون سڀيئي وساريون،
واٽون پرين تنهنجون ڏسيون ڏسان ٿي.
هاڻي کڻي ڇڏ رنج رُساما،
روئي رڙي ڪريان ٿي زاريون،
آهيان معذور نه اچيو سگھان ٿي.
منصف ٿي محبوب مٺا تون،
ڪير کڻندو سندم ٻيو آريون،
حجت پائي توکي اينهين چوان ٿي.
آئون نه وڻان ٿي تون ته وڻين ٿو،
ڪر ايڏيون نه تون بيزاريون،
تنهنجي ملڻ لاءِ اڃا جيان ٿي.
’طالب مولا‘ ويٺين وساري،
مون کي سمجھيو سڄڻ تو ڌاريون،
ٻول ٻين کان ائين ئي ٻڌان ٿي.
تنهنجو حسن اچي نه حسابن ۾،
تون پاڻ ئي پنهنجي جوابن ۾.
سَوَ سودائي تنهنجي لاءِ سِڪن،
ڪئين جاني جنوني منجھ ڌڪن،
چنڊ کاري هيٺان ڪين لڪن،
تون اجايو نوري نقابن ۾.
تو جھڙيون خود آرايون ڪٿي،
ڪن جون پنهنجي لئه پيمايون ڪٿي،
تنهنجون سادگيون البيلايون ڪٿي،
سا رمز نه آ جن دابن ۾.
تنهنجو رخ هر وقت ڏسي سگھجي،
تنهنجو منهن هر مهل پڙهي سگھجي،
جنهن کي نظرن ساڻ چُمي سگھجي،
اها خوبي ڪانه ڪتابن ۾.
جا رخسارن جي زيبائي،
سا گل ۾ ناهي رعنائي،
اچي جيڪا ڇُهڻ سان لالائي،
اها شوخن جي نه شبابن ۾.
سڀ نائڪ خود نِوڙي ٿا پون،
سُر تار وساريو نيٺ وهن،
تنهنجي سنهڙن ٽهڪن جي تانن،
وڌا رولا راڳ ربابن ۾.
جيڪي تنهنجي هوڏ ۽ هستيءَ ۾،
جيڪي تنهنجي پاڻ پرستيءَ ۾،
جيڪي تنهنجي اک جي مستيءَ ۾،
سا ڳالهه نه شوخ شرابن ۾.
توکي ’طالب الموليٰ‘ جو قسم،
ڇڏ هاڻ حجاب ۽ ٿي همدم،
روئي روئي چوي ٿو ان جو قلم،
اڃا تائين هيڏن حجابن ۾.
منهنجو سنيهو ڏي وڃي، ٻانڌي! پرين پيرائتو،
چئجئين ته جيڪي ٿو چوان، سو سڀ اٿوَ ساکائتو.
تنهنجون ئي تهدل تاتيون، مون سان جودئون تو
لاتيون،
در در نه پاتم جھاتيون، هي ڪم ڪيم ڪارائتو.
تنهنجي پچر مان ڪئن ڇڏيان، اهڙي اندر ۾ ڇو اڏيان،
توکي سڏي ويٺو سڏيان، ورَ ورَ ڏيو وارائتو.
رمزون ڪي رک رنجور سان، ڪنهن دلبري دستور سان،
ملندو ته رهه مجبور سان، محبوب ٿي ماڻائتو.
ڀيڻي ڪا منهنجي ڀَر ٿجان، ۽ ڏنءُ نه ڪو مون کي
ڏجان،
توساڻ گڏ هردم هجان، آهيان سڄڻ آسائتو.
هئي هئي وڇوڙو ڪيئن وڻئي، اينهين ڪرڻ دل ڪئن چيئي،
مون ۾ کڻي اوڳڻ ڏٺيئي، ته به تون ته هئين قربائتو.
دم دم سڄڻ مهمان جان، ڪا ڳَڻَ ڪجئين سچ ٿو چوان،
هڪ ڀيرڙو توسان ملان، موٽج مٺا مهلائتو.
اڄ لڙڪ پيا لالڻ لڙي، دلڙي جو سورن ۾ سڙي،
اچ ويهه ڪا مون وٽ گھڙي، گوهر پرين گوشائتو.
سهڻل چوان ٿو دل جھلي، تو ساڻ شل حجت هلي،
محبوب من توکان ملي، ڪر وجھ وڏو وصلائتو.
دردن جي آهين تون دوا، تنهنجي ئي هٿ منهنجي شفا،
ڪا سار لهه جلدي مٺا، ورجان وري وقتائتو.
مان عيبدار آهيان اهو، جنهن جو نه ڪٿ مقدار هو،
پر لَڙههَ سندءِ آئون لڳو، عاشق ڪجئين آبائتو.
ناهيان ڪميڻو ڪنهن به پر، تنهنجي ڇڏيندس ڪانه ڀر،
ڪا پوئواري يار ڪر، نرمل آهيان نسلائتو.
هي ’طالب الموليٰ‘ نه ڇڏ، سو پنهنجي گوڏي ساڻ گڏ،
عاشق سندءِ کي يار اڏ، دلبر نه ٿج ديرائتو.
ڪڏهن آهن ٻئي دلخواهه اکيون،
ڪڏهن جوشيليون جانگاهه اکيون.
ڪِٿ رحمت جائي مينهن وسن، ڪِٿ عُجَبَ عتاب سان پيش
اچن،
ڪٿ پيار محبت ساڻ ڏسن، ڪٿ عشق سندو آڙاهه اکيون.
ڪڏ آهن ٻئي ميخانه فگن، ڪڏ آهن سرخوش قدح شڪن،
ڪڏ آهن سهڻيون ساغر زن، ڪڏ پيمانن جون ساهه اکيون.
جت هو ٿيون کڄن تت ڪنڌ نمن، جت آمر پڻ ٿا ڪين ڪڇن،
جت چاهؤن شاهه زمين چمن، سا نوراني درگاهه اکيون.
ڪڏ ڪيڏهن ڪونه نهارن
ٿيون، ڪڏ
واعدا پرت جا پارن ٿيون،
ڪڏ مرڳو مفت ۾ مارن ٿيون، اهي بيخود بي پرواهه
اکيون.
ڪنهن ساعت سر به سَٽائن هو، ڪنهن وقت نهاري نٽائن
هو،
ڪنهن مهل ۾ منهن به مٽائن هو، ناگاهه اکيون بي
گاهه اکيون.
اهي دلبر جون دهليز ٻئي، اهي صاحب پر پرهيز ٻئي،
اهي شوق ۾ شور انگيز ٻئي، اهي آهن شاهن شاهه
اکيون.
منهنجي عشق سندي آزارن جون، منهنجي اُلفت چاهه
پيارن جون،
منهنجي طلبن جي تڪرارن جون، والله ته ٻئي گواهه
اکيون.
مجموعو نينهن نصابن جو، تفيسر برهه جي بابن جون،
سي لب لباب ڪتابن جو، والله ته بسم الله اکيون.
اهي آب حيات پيارن ٿيون، اهي نور ڀريون جو نهارن
ٿيون،
اهي هر هر ياد ڏيارن ٿيون، اي ’طالب‘ الالله
اکيون.
ڪنهن سانولڙي جو خواب آهيان،
ڪن جذباتن جو جواب آهيان.
آئون ڪنهن جون طلبون تمنائون،
آئون ڪنهن جي دل جون تقاضائون،
ڪنهن روح جي رمز ۽ راز آئون،
ڪنهن حُب جو هڪڙو حجاب آهيان.
ڪنهنجي آهيان اميد ۽ آس به مان،
ڪنهنجي پيار جي آهيان پياس به مان،
ڪنهنجي عشق جي اُڃ اُداس به مان،
ڪنهنجي شوق جو آئون شراب آهيان.
ڪنهنجي اندر جا ارمان به مان،
ڪنهنجي سڪ وارا سامان به مان،
ڪنهنجي دردن جا درمان به مان،
ڪنهنجي بِرهه جو آئون باب آهيان.
ڪنهنجي نرمل نوري نگاهن ۾،
ڪنهنجي ڪاري رات جي راهن ۾،
ڪنهنجي آهُن ۾ ڪنهنجي دانهن ۾،
ڪنهنجي دنيا ۾ ڪمياب آهيان.
ڪنهنجي ذهن جي سوچ ويچار ٿيس،
ڪنهنجي دل ۾ خودمختار ٿيس،
ڪنهنجي دلبر جو دلدار ٿيس،
ڪنهنجي محبت جو مضراب آهيان.
پنهنجي پاڻ کي پاڻهي پاڻ لکان،
پنهنجي پاڻ کي پاڻهي پاڻ پڙهان،
پنهنجي پاڻ کي پاڻهي پاڻ ٻُڌان،
پنهنجو ناطق پاڻ ڪتاب آهيان.
جنهنکي ڪنهن سوچيو ۽ نه ڪنهن سمجھيو،
جنهنکي ڪنهن نه ڏٺو ۽ ڪنهن نه ٻڌو،
جنهنکي ڪنهن نه لکيو ۽ ڪنهن نه پڙهيو،
تنهن نوري رخ جو نقاب آهيان.
ڪنهن جو ’طالب‘ اڄ مطلوب ٿيس،
ڄاڻي مولا مان مرغوب ٿيس،
ڪنهنجي محبت سان منسوب ٿيس،
ڪنهنجي چاهه جو لب لباب آهيان. |