سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1978ع

مضمون

صفحو :15

اَلهداد ٻوهيو                             (مضمون)

”شعر جي اُڀياس جا نوان طريقا“- 5

مِٿ- (Myth) يا ڳجهه ڳجهاندر

(1) مِٿ

مٿ جو لفظ پهريون ارسطوءَ جي ڪتاب پوئيٽڪس (Poetics ۾ ڪم آيو هو. ان وقت جيئن هي لفظ ڪم آندو ويو هو، اُن جي معنيٰ هئي: ڪهاڻي، پلاٽ، يا نصيحت ڀري آکاڻي(Fable). اِن قسم جون نصيحت ڀريون آکاڻيون، جن بنيادن تي لکيون ويون آهن، سي اسان هيٺ ڏيون ٿا:

(1)  تاريخ.

(2) سماجي رجحان.

(3) فڪر ۽ فلسفو.

(4) رائج الوقت آداب

(5)  اهم ڪردارن جو اثر.

(6) فرد جو سماجي نظريو (جنهن ۾ فرد جا سڀ پهلو شامل آهن)

(7) خوف ۽ ڊڄ.

(8) تمام مٿاهين طاقتن جو تصور.

(9) سخت ترين طبعي قانوُن ۽ فطرت جو حسن.

(10)          مذهب ۽ عقيدو

(11)           ڪردار نگاريءَ جون تقاضائون.

(12)          داستان گوئيءَ جو فرض.

(13)          نازڪ اُڌما ۽ جذبا يا محبت جو اظهار

غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته گهڻو ڪري دنيا جي تمام وڏن شاعرن: هومر، ڊالٽي، تلسيداس، ملٽن، شيڪسپيئر ۽ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ لڳ ڀڳ اهي ئي ڳالهيون ملنديون. (اسان جڏهن ان ڳالهه تي پهچون ٿا، تڏهن معلوم ٿو ٿئي، ته اسان پنهنجي ادب جي تمام اهم ۽ ڪارائتن مقصدن جي ته اڃا ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ئي ناهي!)

هر قوم کي پنهنجون ڪهاڻيون ٿينديون آهن ۽ هر ڪا ڪهاڻي پنهنجيءَ قوم جي لور(Lore) سان ڪنهن نه ڪنهن ريت ڳنڍيل ٿيندي آهي. اهڙين سڀني ڪهاڻين ۾ قوم جي مجموعي ڪردار کي سموهيو ۽ سمايو ويندو آهي. ان حساب سان هر هڪ ڪهاڻي سڄي داستان يا ڳجهه ڳجهاندر جو رڳو هڪ موڙ (Episode) هوندي آهي، يا هڪ ڪهاڻيءَ کي اسان هڪ صورتحال (Situation) سڏي ٿا سگهون. اِن حالت ۾ سڀ ڪهاڻيون ملي هڪ سلسلو ٿيون جوڙين ۽ اُهو ئي سلسلو، قوم جي مابعدالطبعيات يا رمز يا ڪجهه ڳجهاندر ٿو ٺاهي.

اِن خيال کان مِٿ جو وڏو تعلق ايپڪ سان رهي ٿو، ڇو ته ايپڪ ئي شعر جو اُهو نمونو آهي، جنهن ۾ شاعر قومي صلاحيتن، لاڙن، ڳُڻن، عقيدن، جذبن، داستانن ۽ تاريخي حقيقن کي پيش ڪري ٿو سگهي. ايپڪ دنيا جي تمام اعليٰ ادب جي هڪ تمام وڏي ڳالهه آهي ۽ اُها دنيا جي آڳاٽي ادب جي بهترين صورت آهي. دنيا جي آڳاٽي ادب جون ڪي خصوصيتون هي آهن:

(1)              آڳاٽي ادب جا محرڪ اُهي سوال ۽ اُهي مسئلا هئا، جيڪي انسان جي وسيلن ۽ ذهني قوتن سان حل ٿي نٿي سگهيا.

(2)             هن صورتحال جو دارومدار انساني سماج ۾ وهمن، ڀرمن، خطرن، اميدن ۽ اعتقادن تي هو ۽ اِهي ڳالهيون آڳاٽي ادب ۾ وڏو مقام رکن ٿيون.

(3)             اُن دور جي انسان جي سوچ جي اپت هڪ تصوراتي سماج هو، ۽ اُهو ئي سماج هو جيڪو مِٿ جي صورت ۾ آڳاٽي ادب ۾ اظهار ڪيو ويو آهي. هن تصوراتي سماج جا ڪردار اهڙا هئا جهڙا هيروڊ وٽس ۽ اينڊر يولينج (Herodotus and Andrew Lang) ٻڌايا ويا آهن. (هيروڊ وٽس عظيم تاريخ نويس ٿو ٻڌائي ته پراڻا مصري باهه کي جاندار شيءِ سمجهندا هئا ۽ هوا کي ٻارن جي ماءُ سمجهيو ويندو هو.)

(4)             آڳاٽي ادب جي هڪ وڏي ڳالهه اِها به هئي ته ان جو بنياد فن تي نه، پر سادگيءَ (Artlessness) تي رکيل هو. اِهو ئي سبب آهي جو اُهو ادب سچا احساس ۽ قومي جذبا پيدا ڪري ٿو.

آڳاٽي ادب جي هنن ڳالهين کي خيال ۾ رکي ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته مٿ جون ڪي اهم خصوصيتون هي آهن:

(1)              ڳجهاندرن جو تاڃي پيٽو انسان ۽ سندس ماحول جي پاڻ ۾ لاڳاپي تي ٻڌل هو.

(2)              هنن ڳجهاندرن مان هر هڪ انسان جي شڪل ۽ مسئلي جو ڪونه ڪو تصوراتي جواب ڏئي رهيو هو. ڪنهن جو واسطو دنيا جي ابتدا سان هو، ته ڪنهن جو ماڻهوءَ جي ابتدا سان. ڪي ڳجهاندر انهيءَ سوال جو جواب ڏين ٿا ته ماڻهوءَ ڪمان ڪيئن ڪم آندي، هُنَ هَرُ ڪيئن ٺاهيو ۽ مٽيءَ جا ٿانوَ ڪيئن ٺاهيائين؟ يا هئين ته ماڻهوءَ گهر ڪيئن جوڙيو؟ اهڙيءَ ريت ڪن ڳجهاندرن جو واسطو سج سان، ڪن جو چنڊ سان ۽ ڪن جو عورت سان آهي. (انهيءَ ۾ ڪو شڪ ئي نه آهي ته ان دؤر جي عورت جا ڪٿي سسئي ته ڪٿي سهڻي ته ڪٿي ليلان هئي، سا ان دؤر جو به ايڏو وڏو سوال هئي، جيڏو شاهه عبداللطيف جي دؤر ۾ هئي).

(3)             جدا جدا ڳجهاندرن ۾ هڪ جهڙائي (Universality) موجود هئي. هن هڪ جهڙائيءَ جو سبب ڪي ماڻهو هي ٿا ٻڌاين، ته ان وقت جي انسان ذات سڄي هڪ خاندان جهڙي هئي ۽ ان جي مخصوص ڪردارن جي تشڪيل اڃا به نه ٿي هئي، ان ڪري انهن وقتن ۾ دنيا جي هڪ ئي مها ڪهاڻي هئي.

اِها ڳالهه هروڀرو درست ناهي. ان دؤر جو انسان هڪ جاءِ تي ڪونه رهندو هو. هڪ قوميت، قبيلي يا گروهه ۽ ٻئي گروهه جي وچ ۾ پهاڙ، جبل، درياهه ۽ سمنڊ هئا. جدا جدا طبعي حالتن ۽ روزگار جي وسيلن توڙي اقتدار جي جدا جدا صورتن ۾ ان دؤر جي هر علائقي جا مسئلا ۽ مونجهارا جدا جدا هئا. البت ڪي تجربا ان دؤر جي انسان جا هڪ جهڙا به هئا. پهريان اوزار ۽ پهريان گهر هڪ جهڙا هئا. عورت جا مسئلا به گهڻو ڪري هڪ جهڙا هئا، ان ڪري هي ڪهاڻيون جيڪي تجربن جي آڌار تي ٺهيون آهن، تن ۾ ڪٿي ڪٿي هڪ جهڙايون اچي ويون آهن.

آڳاٽي ادب، ڳجهاندرن جي خصوصيتن، ايپڪ جي طريقن ۽ انسان جي تصوراتي سماج جي حقيقتن جي بنيادن تي شاهه سائينءَ جو شعر بهترين آڳاٽي ادب جي هڪ صورت آهي. ساڳيءَ ڳالهه کي يورپ ۾ شيليءَ، بائرن، ڪيٽس ۽ سئائن برن توڙي پوپ به سمجهيو هو. پاڻ اووڊ ۽ هومر به انهن ڳالهين جي ڪري لافاني ٿي ويا آهن. ڊانٽي ۽ شيڪسپيئر به ڳجهاندرن جي بنياد تي عظمت حاصل ڪئي هئي. ملٽن به وڏو ماڻهو هو ته ڪاليداس ۽ تلسيداس به وڏا ماڻهو هئا. (شايد اُها ئي ڳالهه آهي ۽ اُها ئي وڏي ڳالهه آهي جا هن دؤر ۾ اياز ۾ ملي ٿي).

ادب هن خيال کان انفرادي نه، پر هڪ اجتماعي ڪارنامو آهي، ان ڪري ڪهاڻيون مهاڪهاڻيون، ڳجهاندر ۽ ايپڪون پنهنجو مواد فردن وٽان نه، پر هڪ ”گڏيل انساني سوچ“ (Difusion of human Sentiments) مان حاصل ڪن ٿيون. هنن مها ڪهاڻين جو اندر (Ennertia) ايترو ڪشادو آهي ۽ سندن مواد ايڏو وڏو آهي، جو انهن جو مرڪز ڪردار؛ خدا، مقدر، عشق ۽ انسانيت کان گھٽ حيثيت وارو ٿي نٿو سگھي، ان ڪري آڳاٽي ادب جا ڪردار به اهي ئي آهن ۽ اهي ئي ڪردار اڄ تائين هليا ٿا اچن. تمام ويجھڙائيءَ ۾ هن قسم جا ڪردار به اقبال ڪم آندا آهن. اسان وٽ هن دور ۾ ڪردارن جي بنياد تي شاعري ڪرڻ وارو شاعر فقط اياز آهي.

آڳاٽي ادب جون اهي ڳالهيون، گھڻو ڪري دنيا جي سڀني وڏن ادبن ۾ ڳولي ٿيون سگھجن. هر ادب جو ”پراڻ“ (Classics) هنن ڳالهين تي مدار رکي ٿو ۽ هر وڏي ادب جو وڏي ۾ وڏو اديب؛ پڳدار، وارث يا امانت دار اهڙو ئي ادب پيدا ڪندو آهي.

دنيا جي ٻن وڏن نظمن اليڊ ۽ اوڊيسيءَ جو خالق (جيئن عام طور تي مڃيو ٿو وڃي) هومر؛ هن قسم جي ادب جو باني ۽ تاجدار هو. هنن ٻن نظمن کي ايپڪ سجھيو ويو آهي. قلم جا ڪي صاحب ايپڪ کي قصيدو سمجھن. اسان ڪنهن حد تائين بروئر صاحب جي لغُت تي ڀروسو ڪري رهيا آهيون. (ڏسجي Brewer’s Dictionary of Phrase and Fable)

”ايپڪ اهو نظم آهي، جنهن جي نوعيت ناٽڪ جهڙي هجي؛ جنهن ۾ بيان جي رستي ڪنهن نه ڪنهن سچيءَ يا خيالي (تصوراتي) تاريخ سان واسطو ڏيکاريو ويو هجي؛ ۽ جنهن ۾ ڪنهن ڪارنامي جي سلسلي کي بهادريءَ جي واقعن ۽ ديوتائن جي مدد سان مڪمل ڪيو ويو هجي.“

هن تعريف جي خيال کان ايپڪ جون ضروري ڳالهيون هيٺون آهن:

(1) ’نظماڻو انداز‘                        (Poetic Style)

(2) ’ناٽڪاڻو بيان‘                (Dramatic Narration)

(3) ’تاريخي سچائي‘                 (Historical truth)

(4) ’انساني سورهيائي‘                      (Human Valour)

(5) ’واقعاتي جوش‘               (Episodal excitement)

(6) ’انسان کان مٿي ڪنهن طاقت جو تصور‘(Super Natural)

(7) ’ڪهاڻي‘                         (Plot)

ايپڪ کي ٻن نمونن ۾ ورهائي ٿو سگھجي؛

(1)              عوامي يا قومي ايپڪ ( Popular Or Natural)

(2)             ادبي ايپڪ

مهاڀارت اليڊ ۽ اوڊيسي پهرئين نموني جون ايپڪون آهن؛ ۽ ملٽن جو وڃايل ”بهشت“(Paradise lost) ٻئي نموني جي ايپڪ آهي. سنڌيءَ ۾؛ جنگ نامو، ڪربلا جو واقعو، ڪيڏارو، سنڌ جو شاهه نامو، دودي چنيسر جي ڳالهه، مير چاڪر عليءَ جو قصو ۽ چانڊئي- مگسيءَ جي ويڙهه، اهڙا ڪارناما آهن، جن ۾ ايپڪ جون خصوصيتون موجود آهن. هنن مان گھڻيون قومي ايپڪون آهن. ادبي ايپڪ جي لاءِ شايد ”ڀڳت سنگھ جي ڦاسي“ جي عنوان سان لکيل اياز جي ايپڪ لاءِ انتظار ڪرڻو پوندو. پر في الحال ان جي باري ۾ فيصلو ڪري نٿو سگھجي

اِهو تمام ضروري آهي ته ايپڪ ۾ جا ڪهاڻي ڪم آئي هجي، تهن جي حيثيت گھٽ ۾ گھٽ ”مثالي ڪهاڻيءَ“ جهڙي هجي ”مثالي ڪهاڻيءَ“ جي معنيٰ به اسان بروئر صاحب جي مٿي ڏيکاريل لغت جي سَنَد تي لکون ٿا. ”لفظي توڙي معنوي طور تي مثالي ڪهاڻي(Legend)اُها آهي، جنهن کي پڙهيو وڃي. ڇاڪاڻ ته شهيدن، سورمن ۽ درويشن جي زندگيءَ جي ڪارنامن کي هرڪو ماڻهو پڙهندو آهي، انڪري انهن کي مثالي ڪهاڻيون چيو ويو آهي، آهستي آهستي هن قسم جا داستان وڌندا ويا ۽ انهن ۾ حيرت ۽ اچرج جهڙيون ڳالهيون ملي ويون ان ڪري هي داستان روايتي ڪهاڻيون بڻجي پيا.“

اسان کي هيءَ تعريف ڪجھ کٽڪي ٿي. ادب جي مزاج ۾ ته ائين آهي ته مثالي ڪهاڻيون پڙهيون نه پر ڳايون وڃن. اسان جي نظر ۾ ليجينڊ جي ڳائڻ جا سبب هي آهن:

(1)              مثال ڪهاڻي (Legend) جو تاڃي پيٽو ڪنهن نه ڪنهن مثالي شخصيت جي ڪردار تي ٻڌل رهي ٿو ۽ انهيءَ ڪردار سان سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي محبت جو جذبو شامل رهي ٿو ان ڪري اُهي ماڻهو گهڻو وقت ياد رکڻ لاءِ هي ڪهاڻيون ڳائين ٿا.

(2)             ڪردار کي پڙهڻ سان پوريءَ ريت سمجهي نٿو سگهجي ڇو ته مڪمل ڪردار لفظن ۾ موجود نه آهي پر انهن تصورن ۽ جذبن ۾ موجود هوندو آهي جن کي آلاپن ۽ صدائن توڙي ادائن ۽ اشارن سان ئي ادا ڪرڻ ممڪن آهي.

منهنجي هنن خيالن جو ڀروسو منهنجي انهيءَ تجربي تي آهي جيڪي مون سگهڙن يا وڏن ايپڪ جي ڳائڻن مان حاصل ڪيا آهن. ساوڻ جا بيت هڪ ادائگيءَ سان ڳايا ويندا آهن ۽ انهن ۾ آلاپ، صدائون ۽ هوڪارا به وڏو ڪم ڪن ٿا. دودي چنيسر جي ڳالهه کي به ادائن کان سواءِ آلاپن جي هڪ سرشتي کان سواءِ ڳائي نٿو سگهجي. ڪربلا جي واقعي کي ڀٽ فقير سالن جا سال ڳائيندا رهيا (گرامي صاحب جي چوڻ پٽاندر ان سلسلي ۾ حسيني  فقيرن جو ٽولو مشهور آهي، جو ڌرمي طور تي هندن منجهان آهي پر داستان ڳائڻ سان هو روزي ڪمائن ٿا. ڀٽ اڃا به ڀارت ۾ جام آهن.)

2. مٿئين بحث مان نڪرندڙ نتيجا

مٿي اسان جن ڳالهين تي لکيو آهي اُهي هي آهن:

(1)  مٿ ڇاکي ٿو چئجي ۽ ان جن خصوصيتون ڪهڙيون آهن:

(2) مها ڪهاڻي ڇا آهي.

(3) مثالي ڪهاڻي جون خصوصيتون ڪهڙيون آهن.

(4) ڪهاڻين جي سماج جي حقيقتن سان ڪهڙو واسطو آهي.

(5)  آڳاٽي ادب جو خصوصيتون ڪهڙيون آهن.

هنن ڳالهين تي غور ڪرڻ کان پوءِ اسان پنهنجي باقي جاکوڙ جي لاءِ هنن ڳالهين جي روشني ۾ ڪي سوال مقرر ڪري رهيا آهيون ته جيئن مضمون جي باقي حصي ۾ انهن تي لکي سگهون.

سوال هي آهن:

(1) ڇا اها حقيقت آهي ته شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ آڳاٽي ادب جون ڪي اهم خصوصيتون موجود آهن.؟

(2) شاهه صاحب جي ڪلام کي سُرن (Songs) ۾ جو ورهايو ويو آهي ته ان جو مطلب ڇا آهي؟

(3) شاهه صاحب  جا وڏا وڏا ۽ اهم ڪردار ڪهڙا آهن.؟

(4) ڪردارن جي وسيلي شاعري ڪرڻ جو مقصد ڪهڙو آهي؟

(5) ڇا اسان شاهه صاحب جي سڄي رسالي ۾ ڪنهن به هڪ مها ڪهاڻيءَ جو پتو لڳائي سگهون ٿا؟ جي هائو ته ان راهه ۾ ڪي دشواريون آهن ڇا؟

هنن سوالن جي جوابن جي باري ۾ اسان هاڻي اڳتي لکي رهيا آهيون.

(3)           آڳاٽو ادب ۽ شاهه جو شعر

شاهه جي شعر جي مطالعي ڪرڻ وارن کان معلوم آهي ته شاهه جي سڄي شعر ۾ ڪهاڻين جو ”نظام“ موجود آهي. هي ڪهاڻيون شاهه سائين جي پس منظر ۾ آيل سماج جون ڪهاڻيون آهن ۽ انهن جا ڪردار ڪي فرضي آهن ته ڪي سچا. هنن ڪهاڻين جا ڪردار ڪن حالتن ۾ انسان نه، پر ڪي حقيقتون. آهن هي سڀ ڪهاڻيون لوڪ ادب جي طور تي اڳي به ڳايون وينديون هيون (جيئن ڪربلا جو واقعو). شاهه به هنن کي بيان ڪرڻ لاءِ داستان گوئيءَ جي فن کان سواءِ ساز ۽ سُرَ جو سهارو ورتو آهي. گهڻو ڪري سڀني ڪهاڻين ۾ نصيحت جا نڪتا موجود آهن، پر جن ڪهاڻين ۾ سماج جي لاءِ نصيحت موجود نه هئي، انهن کي بيان ئي اهڙي طريقي سان ڪيو ويو آهي، جو انهن مان نصيحتون ملن. سڄي شعر ۾ شاعريءَ جي فن ۽ ٻوليءَ جي حسن کان ڪم ورتو ويو آهي. سڄي شعر ۾ سنڌ جي ڪن اهم واقعن کي بيان ڪيو ويو آهي. ڪردارن ۾ لکيو، مقدر ۽ ڪي ٻيا فرضي ۽ انسان کان مٿي طاقتور ڪردار به شامل آهن. ڪن حالتن ۾ مثالي شخصيت جو تصور به ڏنو ويو آهي [جيئن مومل راڻي ۽ سورٺ راءِ ڏياچ ۾]. ڪن حالتن ۾ مثالي شخصيت جو تصور به ڏنو ويو آهي [جيئن ڪارايل ۾]. هي تصور مثال ڪهاڻي جي لاءِ تمام ضروري هو. وڏي ڳالهه ته هر داستان جو اُهو پس منظر به بيان ڪيو ويو آهي، جنهن جو تعلق سنڌ جي ڪلچر، جاگرافي، تاريخ، سماجي حالتن ۽ نظري ۽ فڪري رجحانن سان هو.

اهڙيءَ ريت شاهه صاحب جي شعر مان آڳاٽي ادب جون خصوصيتون ڳولبيون ته معلوم ٿيندو ته ڪي خصوصيتون هيٺينءَ ريت آهن:

(1) مثالي ڪردار (خيالي يا حقيقي) Legendry character

(2) تاريخي سچائي

(3) شاعراڻو انداز

(4) ڊرامائي طريقو (جنهن ۾ ڪردار، عروجي نڪتا ۽ سماجي پس منظر شامل آهن)

(5) بياني انداز ۾ واقعن جو ذڪر

(6) مقدر يا فوق الانسان حيثيت جو تصور

(7) ڳائجڻ واري خصوصيت (Lyricism) ۽

(8) داستان گوئي.

سو اِها حقيقت آهي ته شاهه جو شعر تمام گهڻين اهڙين ڳالهين وارو شعر آهي، جنهن ۾ پراڻي ادب جي اهم ترين طاقت موجود آهي.

پر تنهن هوندي به اسان هت انهيءَ ڳالهه جو اظهار به ڪرڻ گهرون ٿا ته شاهه جي ايپڪ هڪ تمام سڌريل ايپڪ آهي ۽ مها ڪهاڻيءَ توڙي مثالي ڪهاڻيءَ جي خيالن کان شاهه صاحب هڪ ترقي پسند شاعر هو. هن پراڻ کان هٽڻ جون ڪوششون ڪيون آهن ۽ فن ۽ شاعريءَ جي ڪيترن ئي مامرن ۾ هن نوان تجربا ڪيا آهن. هي ڳالهيون شاهه جي دؤر جي تقاضائن ۾ شامل آهن. شاهه جي دؤر تلسيداس ۽ هومر جو دؤر نه هو. هن دؤر ۾ تصوراتي ڪردارن جو تعداد گهٽ هو ڇو ته عملي طور تي انسان وڌيڪ مضبوط هو، پر ته به تصوراتي ڪردارن جو تعداد ۾ جيڪي وڏا ڪردار هومر هئا (جيئن جوپيٽر ۽ ذيوس) سي شاهه وٽ به آيا آهن (جيئن لکيو، قلم ۽ قضا). هومر جي لاءِ اهو ضروري هو ته هو هيلن جي وسيلي ٻن تهذيبن کي تباهه ٿيندو ڏيکاري ته جيئن مستقبل جو انسان عورت جي باري ۾ ڪو واضح تصور رکي سگهي پر شاهه جي لاءِ اهو تمام ضروري هو ته عورت کي مرڪزي ڪردار جي حيثيت ڏيڻ سان گڏوگڏ ان تي ڪلچري ۽ مذهبي توڙي سماجي پابنديون رکي ته جيئن عورت جي بنياد تي تهذيب کي ترقي ملڻ جو ڪم ٿئي ۽ نه تباهيءَ ملڻ جو.

هن جاءِ تي پهچڻ کان پوءِ اها ڳالهه به سمجهه ۾ اچي ٿي ته اهي ڪهڙا سبب آهن جن جي ڪري ملڪ جو هڪ تمام مشهور ۽ داستانن گوئيءَ جي مقصد کان تمام اهم داستان- دودي چنيسر جو داستان، شاهه پنهنجي رسالي ۾ ڪم نه آندو آهي. آءٌ هي سبب هن هيٺ لکان ٿو:

(1) ٻاگهي هيلن جيان سنڌ جي سورهيائيءَ جي دؤر ۾ سنڌ جي تمام گهڻن سورمن جي خون جي ذميوار هئي.

(2) چنيسر جو ڪردار سنڌ جو مثالي ڪردار ٿي نٿي سگهيو.

(3) دودي جو ڪردار اهم هو پر هن قسم جا ڪردار سنڌ جي تاريخ ۾ ٻيا به موجود هئا، تنهن کان سواءِ اهو ڪردار هونئن به عوامي طور تي مقبول هو.

(4) دودي جي ڪردار ۾ اهو شڪ هو ته هن جي سورهيائي سومرا خاندان جي هڪ ڇوڪريءَ کي ڌارين ۾ پرڻائڻ جي خلاف ڪم آئي يا سنڌ ڏيهه کي آزاد رکڻ جو ڪم آئي يا اڃا به پنهنجي ڀاءُ چنيسر دشمنيءَ ۾ ڪم آئي.

(5) ٻاگهيءَ جي ڪردار ۾ هڪ غير ذميوار ڇوڪريءَ جو اهو مزاج شامل هو جنهن ۾ هوءَ حڪومتن جي مصلحتن کان غير واقف هئي ۽ روايتي عورت جيان طعني تنڪي ۾ قابل هئي.

(6)  شاهه جي دور ۾ شاهه سائين جنگين جي حالتن کان واقف هو ۽ ان لحاظ کان دودي جي ڪردار ۾ ايڏو ايهام موجود هو جو شاهه جي دور ۾ به عجيب ٿي لڳو.

(7) هن داستان جي جيڪا سماجي ضرورت هئي (يعني وندر ۽ جوش جا جذبا ڏيارڻ) سا اڳ ۾ ئي پوري ٿي رهي هئي.

(پر هي سڀئي ڳالهيون رڳو تڏهن درست آهن جڏهن اها ڳالهه تحقيق جي بنيادن تي درست هجي. دودي چنيسر داستان جو شاعر يا شاعر شاهه جي دور کان اڳ جا هئا ۽ شاهه جي دور ۾ اهو داستان سنڌ ۾ موجود هو.)

هومر جي زماني وارو انسان يا ڪاليداس ۽ تلسيداس جي دور وارو انسان اڃا پنهنجي ماحول کي پوريءَ ريت سمجهي نه سگهيو هو. ان ڪري هومر جي اڳيان ”طاقت محض“ تمام وڏي ڳالهه هئي، عقل ۽ کيڏ وارن طريقن جي ڪا اهميت ڪانه هئي، پر شاهه جي زماني جو انسان ماحول کان واقف هو. هو جسماني طاقت کان سواءِ ٻين طريقن ۽ سٺن اوزارن جو استعمال به ڪندو هو. ان ڪري شاهه جي ڪردارن ۾ هومر جي ڪردارن جهڙي رکائپ، هوڏ، ظالماڻي حرڪت موجود نه آهي. باقي ٻيون ڳالهيون هومر ۽ شاهه ۾ هڪ جهڙيون آهن؛

مثال طور

(1) هومر جا مثالي ڪردار ڪنهن نه ڪنهن خصوصيت جا حامل آهن:

يوليسيز- سهڻ واريءَ طاقت جو

اچيليز- جذبات جي عمدگي ۽ نزاڪت جو

هيلن- حسن ۽ سادگيءَ جو

پينيسلوپ- وفاداريءَ جو.

اهڙيءَ ريت شاهه جا ڪردار عمر، مارئي، سسئي، سهڻي، نوري، تماچي، چنيسر، ڏياچ، چارڻ، راڻو ۽ مومل به ڪنهن نه ڪنهن اهڃاڻي ڪردارن جا حامل آهن.

(2) هومر به پنهنجا ڪردار ان دور جي ”افرادي نمونن“ مان ورتا آهن ۽ شاهه به ائين ڪيو آهي.

(3) هومر به ڪردارن جون اُهي ئي خصوصيتون وڌيڪ اڀاريون آهن جيڪي ان وقت جي ماڻهن جي ڀرمن، رسمن، عقيدن ۽ ويساهن پٽاندر هيون ۽ شاهه به ائين ئي ڪيو آهي.

(4) هومر به انساني سماج ۽ خصوصي يوناني سماج جي تاريخ کي ملائڻ لاءِ ڪردارن کي ڪي انساني ۽ سماجي خصوصيتون ڏنيون آهن ته شاهه به ائين ڪيو آهي.

(5) هومر به ٻولي عام ڳالهه ٻولهه واري يا عوامي اظهار واري ڪم آندي آهي ته شاهه به ائين ئي ڪيو آهي.

(6) هومر به پنهنجي ٻوليءَ جي انهيءَ دؤر ۾ هو جڏهن يوناني ٻولي پنهنجي پوري اوج تي هئي ۽ اظهار جي وڏي قوت رکندي هئي ته شاهه به سنڌي ٻوليءَ جي اهڙي ئي دؤر ۾ شعر چيو هو.

(7) هومر به شعر ”چيو“ هو ۽ نه لکيو هو ته شاهه به شعر ”چيو“ هو ۽ نه لکيو هو.

(8) هومر به نه ڪنهن ادبي انجمن جو سربراهه هو؛ نه ميمبر نه درٻاري شاعر؛ نه شام ملهائڻ وارو ۽ نه پوئٽ لاريئٽ ۽ شاهه به اهڙو ئي شاعر هو.

(9) هومر به پنهنجي دؤر جي ”ڪٿا“ کي شعر ۾ ڪم آندو آهي ته شاهه به ائين ڪيو آهي.

(4) مها ڪهاڻي ۽ مثالي ڪهاڻي

مها ڪهاڻي مثالي ڪهاڻين جي هڪ سلسلي جو نالو آهي ۽ مثالي ڪهاڻيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪردار جو تصور موجود هوندو آهي. آءٌ ڀايان ته هن جاءِ تي اسان جي لاءِ ضروري آهي ته اسان مثالي ڪردار جي باري ۾ وضاحت سان لکون، ڇو ته مثالي ڪردارن مثالي ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي ۽ مثالي ڪردار جو ڪو نه ڪو تصور هر شاعر يا هر آرٽسٽ جي سامهون رهي ٿو. انڪري مثالي ماڻهو ۽ مثالي ڪردار شاعريءَ جي اڀياس جي باري ۾ وڏي اهميت رکن ٿا.

پراڻي ادب جي خيال کان مثالي ڪردار سڀ نه سهي، پر گهڻا اهڙا هئا جو انهن ۾ بهادريءَ جو جوهر موجود هو. بهادري فرد جو هڪڙو گڻ آهي. پر انهي ڳالهه تي تڪڙ ۾ اها راءِ قائم ڪري نٿي سگهجي ته ڪنهن مثالي ڪردار جي لاءِ رڳو بهادر هئڻ ئي ضروري آهي، يا ان جي لاءِ ڪي ٻيون ڳالهيون به ضروري آهن. بيشڪ امير حمزي جي داستان ۽ بيوولف جهڙن داستانن ۾ بهادر هئڻ تمام ضروري هو ۽ ڪن حالتن ۾ اُهو ئي گُڻ سڀني گُڻن جو مَٽ هو، پر انهيءَ هوندي به جدا جدا حالتن ۾ شاعرن ۽ ڏاهن ماڻهن مثالي ڪردارن جون جدا جدا خصوصيتون بيان ڪيون آهن. نيٽشي جهڙن عالمن وٽ مثالي ڪردار سپرمئن جهڙو آهي. اقبال وٽ اُهو شاهين يا مرد مؤمن آهي ۽ شاهه وٽ اهو هنجهه آهي. پر اِها ڳالهه درست نه آهي ته تصور انهن ٽنهي جو هڪ جهڙو آهي.

ياد رکڻ گهرجي ته اِهو به ضروري نه آهي ته هرڪو مثالي ماڻهو عظيم انسان يا فرد هوندو آهي. عظيم ماڻهو ۽ مثالي ماڻهو هرڀرو هڪ جهڙا ڪونه ٿا ٿين! مثالي ماڻهوءَ ۾ جن عام خصوصيتن کي ڏسڻ پسند ڪيو ويو آهي، سي هي آهن:

(1) سماج ۾ عزت ڀريو ۽ ڄاتل سڃاتل ماڻهو هجي.

(2) ان جي حيثيت کي بحث يا تڪرار جو موضوع نه بڻايو وڃي.

(3) هُن جي ڪردار ڪن نه ڪن ڪردارن کي متاثر ڪيو هجي.

(4) هن ۾ سهڻ، نٻرڻ يا مقابلي ڪرڻ جي وڏي قوت هجي.

(5) هن جا نظريا ۽ عقيدا نرا روايتي نه هجن، پر هو تبديل جو اتساهه رکندڙ هجي ۽ نظرياتي توڙي فڪري بنيادن تي مضبوط هجي ۽ قربانيون ڏئي سگهي.

هنن ڳالهين جي بنياد تي ڪنهن ماڻهوءَ جي مثالي ڪردار ٻين جي لاءِ به مثالي ڪردار ٿي ٿو سگهي. پر عظيم انسان جو تصور هروڀرو ڪنهن مثالي ڪردار جهڙو نٿو ٿئي. مثالي ڪردار جهڙا ڪردار هر قوم وٽ آهن. مثالي ڪردار جي لاءِ اِهو ضروري نه آهي ته:

1.      هو وڏي ۾ وڏو ڏاهو هجي.

2.     هو پاڪ ۽ معصوم هجي.

3.     هو انسانن کان مٿي ڪنهن ٻيءَ مخلوق جو فرد هجي.

4.     هو نوان ۽ نرا ويچار رکندو هجي؛ ۽

5.     هن جي زندگيءَ کي عملي طور تي اختيار ڪري نه سگهجي.

هن قسم جا ڪردار سماج ۾ وڏي جڳهه وٺي ويندا آهن ۽ انسان جي تاريخ ٺاهڻ ۾ به وڏو هٿ هنن ڪردارن جو آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ به مثالي ڪردار جام ملن ٿا، پر اسان هت انهن جي نالن جي لسٽ لکي نٿا سگهون (اميدوارن جي قطار وڏي آهي ۽ اسان کي سڀني جي مثالي ڪردار هئڻ ۾ شڪ آهي، تنهن کان سواءِ هن قسم جي اڀياس کي سياسي رنگ به ڏئي سگهبو).

البت تاريخي ڪردارن کان سواءِ اسان وٽ ڪي تصوراتي مثال ڪردار به آهن. مثال طور: جمن چارڻ، گاموسچار ۽ وتايو فقير. هي سڀ ڪردار هر هنڌ مثال طور ڪم اچي رهيا آهن ۽ ياد ڪيا ۽ ڳايا وڃن ٿا.

اهڙن ڪردارن جي بنياد تي ٻڌل ڪهاڻيون ٿين ٿيون. اهي ڪهاڻيون ڳايون ٿيون وڃن. اسان وٽ انهن مان گهڻيون تحرير هيٺ آيون آهن. ۽ اهڙيءَ ريت مثالي ڪردار زندهه رهن ٿا، پر هنن مثالي ڪردارن جي تصور کي ڪڏهن به اٽل چئي نٿو سگهجي.

ڀٽائيءَ جا ڪيترائي مثالي ڪردار اياز به ڳايا آهن، پر نظري ۽ فڪري بنيادن تي اياز ساڳين ڪردارن جي مدد سان مختلف نتيجا ڪڍيا آهن. هيءَ ڳالهه اياز جي شاعريءَ جي اڀياس ڪرڻ وارن لاءِ شايد ڪا اهميت رکندي هجي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com