مثالي ڪهاڻين جي بنياد تي مها ڪهاڻيون ٺهن ٿيون،
سو هر قوم جي لاءِ ضروري آهي ته هُن وٽ ڪانه ڪا
مها ڪهاڻي هجي. انهيءَ قوم جي ادب جي باري ۾ ڪو
فيصلو ڪري نٿو سگهجي، جنهن وٽ پنهنجي ڪا مها ڪهاڻي
ڪانهي. سنڌ جي هن دؤر ۾ ته مها ڪهاڻيءَ جو سوال
سنڌ جي سطح تي اٿاري نٿو سگهجي، پر شاهه جي زماني
واريءَ سنڌ جي صورت ۾ مها ڪهاڻيءَ جو تصور ممڪن
هو، ڇو ته ان وقت جي سنڌ ڪلچري توڙي فڪري بنيادن
تي هڪ نرالي زمين هئي. اُهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر
سورلي پنهنجي ڪتاب ۾ هنن ئي ٻن ڳالهين جو اڀياس
ڪيو آهي (ڪتاب جي مُنڍ ۾ هُن سنڌ جي ڪلچر تي بحث
ڪيو آهي ۽ ٻئي حصي ۾ هُن شاهه جي شعر جي اڀياس جي
مدد سان سنڌ جي فڪري ۽ نظري حيثيت کي ڏٺو آهي)، ان
ڪري اهو ضروري هو ته ان ۾ شاهه جي مثالي ڪردار جي
مدد سان ڪنهن مها ڪهاڻيءَ کي هٿ ڪري سگهجي، پر هي
ڪم هن حالت ۾ ۽ هن دور ۾ نٿو ڪري سگهجي. سبب ٻه
آهن:
1.
رسالي جي موجوده ترتيب مان (توڙي جو اها جدا
جدا جا نسخن ۾ جدا جدا آهي) اسان هڪڙي ڪهاڻيءَ جي
ٺاهڻ ۾ مدد وٺي نٿا سگهون. (مون اهڙي ڪوشش ڪري ڏٺي
آهي).
2.
نئين سر ترتيب ڏيڻ جي لاءِ اڃا انهيءَ ڳالهه
کي خيال ۾ نه رکيو ويو آهي ته سڄي رسالي جي ڪا هڪ
ڪهاڻي يا مها ڪهاڻي به ٿي سگهي ٿي.
هن صورت حال مان جيڪي خطرا پيدا ٿيندا سي هيٺ
ڏيون ٿا:
3.
اسان شاهه جي عظيم انسان جي تصور فلسفي جي
باري ۾ فيصلو ڪري نه سگهنداسون.
4.
اسان رسالي جو اڀياس هڪ مربوط رٿا پٽاندر ڪري
نه سگهنداسون
5.
اسان اهو فيصلو به ڪري نه سگهنداسون ته سڄي
رسالي ۾ ڪهڙا بيت غير ضروري طور تي آندا ويا آهن ۽
ڪهڙن اڻ ڇپيل بيتن کي انهن جي جاين تي رکي ٿو
سگهجي.
6.
اسان شاهه جي شعر جو سماجي اڀياس (جيڪو آءٌ هٿ
۾ کڻڻ وار آهيان) آسانيءَ سان ڪري نه سگهنداسون.
بيشڪ شاعر پنهنجي ”ديوانن“ ۽ ”بياضن“ ۾ جدا جدا
موضوع ڏيندا آهن ۽ شاهه به اڪيچار موضوع ڏنا آهن،
پر عظيم شاعر جي زندگين کي سڌارڻ ۽ پنهنجي جدا
سماج بڻائڻ لاءِ شاعري ڪندا آهن، سي پنهنجي سامهون
هڪ عظيم تصور به رکندا آهن، جيڪو سندن شعر جو مقصد
هوندو آهي (خبر ناهي ته شاهه جي سامهون ڪهڙا تصور
هئا).
جتي عام شاعر مثالي ڪردار جو هڪ تصور رکي ٿو، اتي
”عظيم شاعر“ عظمت جو هڪ تصور، زندگيءَ جو هڪ مقصد،
وقار جو هڪ نظريو ۽ مثالي يا عظيم انسان جو هڪڙو ۽
واحد تصور به رکي ٿو. اها ئي ڳالهه آهي جنهن جي
ڪري ضروري ٿي پيو آهي ته سڄي رسالي جي هڪ مها
ڪهاڻي مرتب ڪجي.
(5) مِٿ ۽ شاعري.
اسان جي دور ۾؛ مٿ جي بنيادي نقطي تي اتفاق ڪرڻ
آسان ناهي. اها ڳالهه نٿي مڃي سگهجي ته جيڪي سچي
سُر ”سهڻي“ ۾ آيو آهي اهو سچ ۽ نِرو سچ آهي. بيشڪ
اها ڳالهه مڃي نٿي سگهجي؛ پر ان جو سبب هي آهي ته
اسان جي دور جي مٿ ۽ ان دور جي مٿ هڪ جهڙيون نه
آهن. اسان جي دور جي ”سهڻي“ به ڪنهن نه ڪنهن ميهار
جي اوسيڙي ۾ رات جو گهر کان نڪري ٿي، پر ان جا
وسيلا ”ڪَچا“ نه آهن ۽ ان جي اڳيان ڪو درياء ڪونهي
۽ ان جا پير اگهاڙا ڪونه آهن ۽ ان جو ميهار درياء
جي ٻئي طرف جهنگ ۽ ڪچي ۾ ڪونه ٿو رهي. پر.
”سهڻيءَ“ جو نعم البدل ۽ متبادل ڪردار هر حال ۾
اسان جي دور ۾ به آهي ۽ انهيءَ ئي ڪردار واري مٿ
اسان جي دور جي مٿ آهي. اسان ته ايترو به ڏٺو آهي
ته ان دور جي سهڻيءَ جي نفسيات ۽ اڄوڪي دور جي
”سهڻيءَ“ جي نفسيات به هڪجهڙيون هيون. ڪي اهم پهلو
ٻنهي ۾ هي آهن:
1.
گهرو رسمن ۽ قاعدن کان بيزاريءَ جو احساس.
2.
سماج جي ڪن رُکن ۽ سڪن نظرين کان نفرت.
3.
وڏيءَ اوجهڙ ۾ وڃڻ جو عزم.
4.
نتيجن کان بي پرواهي ۽ بي خبري ۽
5.
انفرادي طور تي ڪنهن نه ڪنهن حق ۽ سچ سان
وفاداريءَ جو احساس.
ڳالهه هيئن آهي ته حقيقتون سڀئي هڪجهڙيون نه آهن.
جنهن سچ ۽ جنهن حقيقت تي سهڻيءَ جي ڪردار کي لکيو
ويو آهي يا ڳايو ويو آهي تنهن جي سچائيءَ جا دليل
انسانذات جي سچيءَ تاريخ تي ته پرکي سگهجن ٿا پر
ان کي مخصوص سنڌي معاشري ۾ سمجهي نٿو سگهجي
انسانذات جون حقيقتون اسان جي دور جي شاعريءَ، فن،
آرٽ ۽ ڪهاڻيءَ ۾ موجود آهن. سهڻي به هڪڙو اهڙو سچ
۽ اهڙي حقيقت هئي ۽ ”سهڻي“ به هڪ اهڙو سچ ۽ حقيقت
آهي. اهو ئي سچ ۽ حقيقت اڄڪلهه مٿ جي نالي سان
مشهور آهي.
سترهين توڙي ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ مٿ يا ڳجهاندر
کي ”تصوراتي عمل“ (Fiction)
سڏيو ويندو هو. بعد ۾ جرمنيءَ جي فلسفي ۽ ڪولوج جي
اديباڻيءَ سوچ جي ڪري ڳجهاندر هاڻي هڪ سچ ٿو سڏجي.
تاريخي حساب سان ڳجهاندر جو بنياد رسم ۽ رواج تي
آهي.
”ڳجهاندر رسم جي ڳالهايل حصي جهڙو آهي يا انهيءَ
ڪهاڻيءَ جهڙو آهي جا رسم ۽ رواج واري ناٽڪ جو پلاٽ
آهي.“
هر دور جي مٿ پنهنجي دور جي انسان جو مقدر هوندي
آهي. ۽ فقط انهيءَ ئي بنياد تي اهو ممڪن آهي ته
ٻيجل سِرُ ڇو گهريو ۽ راوَ سِرُ ڇو ڏنو؛ انهن
سوالن جو جواب ڏجي.
دنيا جو ڪوبه ادب رمز جي سچائيءَ ۽ ڳجهاندر جي
حقيقي هئڻ کان انڪار ڪري نٿو سگهي. انسان پنهنجي
عظيم ورثي تان هٿ ڌوئي نه ويٺو آهي. البت هر دور
جي مٿ جدا ۽ نئين هوندي آهي. اسان جو اڄوڪو امداد
اسان جي اڄوڪيءَ مٿ جو شاعر آهي ۽ اها مٿ پڪن
رستن، رونقن، پلين، چوواٽن، باغن، دونهن، بمن،
باهين، جذبات جي شدت ۽ جواني توڙي اڪيلائيءَ ۽
پيار جي مٿ آهي. پر اها مٿ هرڪو شاعر سڄي ساري ڏسي
نٿو سگهي. عظيم شاعر اهو آهي جو سڄيءَ مٿ يعني
پنهنجي دور جي ڪُل مٿ کي ڪم آڻي ٿو سگهجي ۽ اهڙو
ئي شاعر هڪڙو ڀٽائي به هو. شاعر پنهنجيءَ سڄي مٿ
کي به ڪم آڻي ٿو سگهي، پر ان لاءِ اهڃاڻ ڪرڻا
پوندا ۽ ڀٽائيءَ ڪيا آهن.
6 انسان جي مِٿِ.
اسان کي انسان جي ڪهاڻيءَ جو يا مها ڪهاڻيءَ جو
اُهو حصو مليو آهي جنهن ۾:
1.
ڪوبه مٿاهون پٽ ڪونهي. ننڍا ننڍا جبل ۽ رکا ۽
بي رونق ٽڪر آهن. لڪ سوڙها آهن ۽ واٽن تي ڇپيون
آهن رستي تي پٿر آهن، پٿر جيڪي چهنبيارا آهن. لڪ
آڏا ۽ اُڏ تراڇا آهن.
2.
اسان جا ميدان بَرَ، ٿرَ، ترايون ۽ خشڪ ٺوٺ پٽ
۽ رڻ آهن.
3.
اسان کي مينهن اهي مليا آهن جيڪي نينهن جيان
قيمتي هئا.
4.
اسان جا ڪردار- اسان جا ماڻهو: لنگڙيا ريا،
ڪيچي، ڏير، مارو، هوت، وريام، ڏياچ، مينڌرا، راڻا،
ميهار، چنيسر، دودا، عمر، همير، پنهنجيءَ ۾ پورا،
ننگا ۽ لڱئا.
اسان جا ڪردار:
مارئيون، سسئيون، موملون، سهڻيون، نوريون ۽
ناريون. هي سڀڪجهه اسان جي مٿ ۾ آهي
مانائتو شپلي (J.T.
Shiply)
پنهنجيءَ لغت ۾ ڏئي ٿو ته مٿ جي معنيٰ آهي ڪهاڻي“
تصوراتي طور تي هٿ منڍ کان ئي
وٺي انسان جي اندرينءَ تاريخ جي ترجماني ڪندي رهي
آهي ۽ ان حيثيت سان مٿ کي سماج ۾ هڪ مڃيل ڪٿا يا
ڪهاڻيءَ جيان قبول ڪيو ويو آهي. مٿ جي بنيادي
خصوصيت آهي معنيٰ. ٻوليءَ جي ميدان تي مٿ جو ڪم
آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ شروع ٿيو هو ۽ جناب مئڪس
ميولر (Max Miller) شروع ڪيو هو. وڏي ۾ وڏو ڪم نفسيات جي عالم سِي. جي.
جنگ (C.G. Jung)
ڪيو آهي.
ڪئسل (Cassell)
وارن جي تحقيق مطابق ”مٿ هڪ ڪهاڻيءَ جهڙي آهي جنهن
۾ ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ وارن ٻنهي لاءِ هڪ ڪائناتي ۽ فوق
الارض مقصد موجود هوندو آهي“ (ڏسجي 372 372
P
Vol I
Encyclopedia of literature).
هن حالت ۾ تحقيق مطابق انسان جي يا سماج جي اوسر
واري دور ۾ هر ملڪ ۾ اهڙيون ڪهاوتون ۽ ڪهاڻيون
ٺاهيون ۽ گهڙيون وينديون آهن جن کي فقط مٿ ئي چئي
ٿو سگهجي.
تاريخ جي اهڙن دورن کي ”ڪهاوتي شاعريءَ وارو دور“
(Mytho- poetic age)
چيو ويو آهي. شاهه جو دور به هڪ اهڙو دور هو ۽
شاهه به اهڙو شاعر هو. هن جا ڪردار مرن ٿا پر مات
ڪونه ٿا ٿين؛ راهه ويندي مري کپي ٿا وڃن ۽ رستي جي
سفر جون ڏکيائون ڏسن ٿا هنن جي لاءِ ڌرتي ڦاٽي ٿي
پوي. هو درياهه جي تمام تيز وهڪري ۾ به گهڙي ٿا
پون. هو آواز تي پنهنجو سِرُ پاڻ لاهي پيش ٿا ڪن.
هنن جي ملڪن ۾ ڪاڪ جهڙا محل آهن ۽ هو زهر گڏيل
شراب پيئندا آهن. پر شاهه جي دور جي مٿ اڃا گهڻو
وڏي آهي. هر سُر جي داستان ۾ ان جا ڳرُ موجود آهن.
اها سڄي ساري مٿي هن دور جي شاعرن جو ورثو آهي پر
اياز ئي فقط اهڙو شاعر آهي جو پراڻيءَ ۽ نئين مٿ
جي بنيادن تي هڪ جدا مٿ قائم ڪري رهيو آهي.
7 شاهه جو سريلو شعر.
The lyricism of his Poetry
شاهه جو شعر تمام گهڻو ڳايو ٿو وڃي. اُهو جڏهن
جڙيو هو ته به ڳايو ويو هو. سو شاهه جو شعر بنيادي
طور تي اهو شعر آهي جنهن کي ”سُريلو شعر“ (Lyric Poetry چيو ٿو وڃي.
سُريلو شعر آلاپ تي مراد رکي ٿو. وڏيءَ حد تائين
اُهو شعر راڳ جو علم تي ٻڌل آهي. ڪن حالتن ۾ راڳ
جي علم جو خيال کان به هي شعر تجرباتي آهي ۽ هن ۾
سنڌ جو پنهنجو تجربو شامل آهي. سڄو سارو شعر هڪ
جدا لئه ۾ ڳايو ويندو آهي هن حالت ۾ هن کي ”شاهه
جو راڳ“ چيو ٿو وڃي. پر هي سڀڪجهه اُهو آهي جنهن
کان اسان هاڻي واقف آهيون.
هن مضمون ۾ اسان کي اُهو ڄاڻائڻو آهي ته شاهه جي
شعر کي جو سرن (Songs)
۾ ورهايو ويو آهي ته ان جو مطلب ڇا آهي؛
دنيا جو گهڻو ڪري سڄو آڳاٽو شعر ڳايو ويو آهي.
عربي زبان جو اوائلي شعر ”حدد“ هو. اُهو به ڳايو
ويندو هو، پارسيءَ جو آڳاٽو شعر شاهنامي جي صورت ۾
ڳايو ويندو هو انگريزيءَ جو تمام پراڻو شعر بئلڊ (Ballad)
هو اهو به ڳايو ويندو هو. اهڙيءَ ريت سنڌيءَ جو به
پراڻو شعر ڳايو ويندو هو. بيت، دوهي، وائيءَ جون
قديم ترين صورتون راڳ جي ڪم آيون آهن. سو پهرين
ڳالهه ته پهريون ادب ٺهيو ئي هو ڳائڻ جي لاءِ، سو
شاهه جو شعر به سرن ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي.
پر اصل ڳالهه هيءَ آهي ته هرڪو اُهو شعر جيڪو
ڪردارن جي بنياد تي مرتب ڪيو ويو هو سو ڳايو ويندو
هو. پهريان منظوم ناٽڪ به ڳايا ويندا هئا. ناٽڪ کي
سُرن ۾ ادا ڪرڻ جا جيڪي مقصد هئا تن تي اڄ سوڌو
غور نه ڪيو ويو آهي. ناٽڪائي شعر کي سُرن ۾ ادا
ڪرڻ جا ڪي سبب اسان هيٺ ڏيون ٿا:
1.
ڀرپور تاثر جي لاءِ سازن جو استعمال ضروري هو،
سازن جي وسيلي گهربل ماحول تيار ڪيو ويندو هو.
2.
ڪردار کي مڪمل طور تي اڀارڻ جي لاءِ ان جا اهي
پهلو به ظاهر ڪرڻا هوندا هئا جيڪي لفظن جي مدد سان
ظاهر ٿي نٿي سگهيا. ان ڪري لفظن جي ادائگيءَ جي
مقبول نموني يعني راڳ جي مدد ورتي ويئي هئي.
3.
مثالي ڪردار جي تصور کي قائم رکڻ ۽ ان کي
سانڍي رکڻ جي لاءِ راڳ جو وسيلو ڪارآمد وسيلو هو.
4.
داستان گوئيءَ جي لاءِ به راڳ کي اختيار ڪيو
پئي ويو آهي.
5.
شاعر پاڻ کي اجتماعيت جي حيثيت ڏيڻ لاءِ راڳ
جي محفل کي همٿائيندا هئا. هن طرح ڀٽائي به پرچار
جو مرڪز بڻجي ويو هو.
6.
راڳ جي وسيلي اظهار جو وسيلو حڪومتن وٽ اعتراض
جوڳو سمجهو نٿي ويو.
7.
ڀٽائيءَ جي حالت ۾ نازڪ جذبا ۽ دل جون ڪيفيتون به
تقاضا ڪري رهيو هيون ته شاعر ساز ۽ سوز جي مجلس ۾
ويهي. ڳائي ۽ ٻڌي.
هن طرح شاهه جو شعر سُرن جي خيال کان ڏاڍو اهم
آهي.
هن طرح اسان هن ڳالهه تائين پهچي ٿا سگهون ته شاهه
جي شعر ۾ ناٽڪاڻو انداز ڳولي سگهجي ٿو. ناٽڪاڻي
انداز جون وڏيون وڏيون ڳالهيون ته اسان ڏسي چڪا
آهيون، راڳ، ڪردار ۽ ڳجهاندر کي هلائڻ (Manipulation)
جو مخصوص انداز جيڪو شاهه جي شعر ۾ موجود آهي، سي
ڳالهيون شاهه جي شعر کي ناٽڪاڻو انداز ڏين ٿيون.
پر ياد رکڻ گهرجي ته موجوده دور جي ناٽڪ جون ڪي
فني ڳالهيون اهڙيون آهن جو شاهه جو شعر انهن جي
لحاظ کان ناٽڪاڻو چئي نٿو سگهجي. پر هي سوال هڪڙو
فني سوال آهي.
هاڻوڪو ناٽڪ فني طور تي اداڪاريءَ، اسٽيج جي
تڪنيڪ، پلاٽ ۽ ڪهاڻيءَ جي فني خوبين ۽ سماجي ڪارج
جي خيال کان هڪ تمام وڏي ٽيڪنيڪل ڳالهه آهي پر
اسان هروڀرو ناٽڪ جي جديد ترين صورت کي شاهه ۾ ڇو
ڳولينداسون.
شاهه جي ناٽڪاڻي شعر ۾ وڏي ڳالهه پلاٽ جي آهي. هنن
پلاٽن ۾ عروجي نقطا (Episodes)
ٿين ٿا. هنن پلاٽن ۾ ابتدا ۽ انتها ٿئي ٿي. هي
پلاٽ انتها ئي عروجي نقطو (Cricis)
به ڏين ٿا. هنن پلاٽن جو ڪو نه ڪو سماجي پس منظر
به ٿئي ٿو ۽ آخر ۾ هي پلاٽ اميد، خوف خطري ۽ نازڪ
جذبن جي مدد سان به ٺاهيا ويا آهن. ان ڪري هر
لحاظ کان هي پلاٽ ناٽڪ جي پلاٽن جهڙا آهن ۽ اسان
انهن جي بنياد تي سهڻا ۽ سٺا ناٽڪ لکي ٿا سگهون.
دنيا جي ڪيترن ئي ناولن جي بنياد تي ناٽڪ لکيا ٿا
وڃن. سو اسان به هنن سُرن جي بنياد تي ناٽڪ لکي ٿا
سگهون. هن طرح اسان شاهه جي شعر کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ
لاءِ هڪ ويڪرو ميدان تيار ڪري سگهنداسون ۽ ان ۾
نئين دلچسپي پيدا ڪري سگهنداسون جڏهن صورتحال اها
آهي جو اسان جو جوانن جو نسل رسالو ڏکيو ٿو سمجهي
۽ نٿو پڙهي ۽ اسان وٽ ان کي نون طريقن سان پيش ڪرڻ
جو ڪو پروگرام به ڪونهي ته پوءِ آخر ٻيو ڪهڙو
طريقو آهي رسالي کي محفوظ ڪرڻ جو (خبر نه آهي ته
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز وارن وٽ پروگرام ڪهڙو آهي)؟
8 شاهه جا ڪردار.
شاهه جي ڪردارن تي مفصل ۽ تڪنيڪي بحث هن جاءِ تي
ڪري نٿو سگهجي ڇو ته هت اسان جو موضوع ڳجهاندر ۽
ان جي شاعراڻي حيثيت آهي ۽ نه ناٽڪ. پر ڇاڪاڻ ته
سڀ ڳجهاندر ڪردارن جي ياد تي ٺهيا آهن. اسان شاهه
جي حالت ۾ به ڪردارن تي به ڪجهه نه لکي رهيا
آهيون.
اهم ترين ڪردار اُهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي خالق
جي ذهن ۽ صلاحيت جو مظهر هجي ۽ ان جي ذاتيات تي
دلالت ڪندو هجي. اهڙي ڪردار جون ٻيون خصوصيتون هي
آهن:
1.
هي ڪردار سماجي ٽڪر ۽ ڇڪتاڻ مان پيدا ٿيندو
آهي.
2.
هي ڪردار پنهنجي خالق جي انهيءَ تصور جو حامل
هوندو آهي جيڪو هو مثالي ماڻهو جي باري ۾ رکندو
آهي.
3.
هي ڪردار ناٽڪ جي سماجي دنيا ۾ وڌيڪ همدرديءَ
جي لائق، ۽ اثرائتو هوندو آهي. ۽
4.
هي ڪردار ناٽڪ جي سماجي دنيا ۾ انساني لاڳاپن
جي هڪ مخصوص طرز کي ادا ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
5.
هنن حالتن ۾ شاهه جي ڪردارن جو اڀياس اسان کي
اها ڳالهه سمجهائيندو ته سنڌي ادب ۾ مثالي ماڻهوءَ
جو تصور ڪهڙو آهي ۽ ان مان ئي اها ڳالهه سمجهه ۾
ايندي ته اسان جو شاهه جي دور جو فڪر ۽ فلسفو اڄ
به اسان جي رهبري ڪري ٿو يا اهو سماجي طور تي هاڻي
مدي خارج آهي.
9. آخر عرض:
هن وقت تائين اسان شاهه جي شعر جي انهيءَ پهلوءَ
جو جائزو ورتو آهي جنهن ۾ شاهه جي شعر جو دور جو
ڳجهاندر شامل آهي. اسان ڳجهاندر جي جن ڳالهين تي
لکي آيا آهيون سي هيٺ اختصار سان ڏيون ٿا:
(1)
ڪهاڻي ۽ مها ڪهاڻي.
(2)
مثالي ڪهاڻي.
(3)
ڪردار ۽ انهن جي ادائگي.
(4)
ڳجهاندر جي زمين جون طبعي حالتون.
(5)
ايپڪ ۽ ان جون خصوصيتون.
(6)
ڳجهاندر واري شعر ۾ سُر ۽ آلاپ جو حصو.
(7)
شاهه جي شعر ڳجهاندرن جا ڪي مثال.
(8)
شاهه ۽ هومر ۾ هڪجهڙايون.
(9)
آڳاٽي ادب جون ڪي اهم خصوصيتون ۽ ڪي ٻيون اهم
ڳالهيون.
هن کان پوءِ اسان شاهه صاحب جي نظري ۽ فڪري صلاحيت
کي سمجهڻ جي لاءِ ان جي ڪن ڪردارن جو اڀياس
ڪنداسون.
جيڪڏهن اُهي ليکڪ، جن ۾ خاص طرح سان ’جديديت‘ ڏانهن لاڙو رکندڙ ليکڪ اچي وڃن ٿا، نراسائي، پيڙا ۽ تنهائيءَ
جي ڳالهه ڪن ٿا، ته ڇا اهي زندگيءَ جون حقيقتون
ڪونهن؟ ڀلا نراسائيءَ، پيڙا تنهائيءَ جي ذڪر نه
ڪرڻ سان ڇا انساني زندگي انهن روڳن کان ڇوٽڪارو
حاصل ڪري وٺندي؟ يا سماج جي پيدا ڪيل يا سماج ۾
پيدا ٿيل انهن بيمارين کي ظاهر ڪرڻ سان ئي انهن جو
تدارڪ ڳولي وٺبو! منهنجي خيال ۾ ته جيستائين
انساني الميا ٿيندا رهندا، تيستائين اُنهن کي ادب
جو موضوع بڻائبو رهيو. ادب جي تاريخ ۾ الميا
لکڻيون ئي مٿانهون مقام رکنديون آهن ۽ پڙهندڙن تي
وڌيڪ تاثر ڇڏينديون آهن.
- ممتاز مهر
(س.ا.س پاران ڪراچي 10- مئي 1978ع تي ساڻس ملهايل
شام ۾ ڪيل تقرير مان روزانه ”هلال پاڪستان“ 13-
مئي 1978ع ص. 5.
غلام رباني
رني ڪوٽ
اڄڪلهه رني ڪوٽ کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو سمجهيو
وڃي ٿو. اهو تاثر ڪرنل خواجه عبدالرشيد جي هڪ
مضمون مان پيدا ٿيو آهي، جو هن ڏهاڪو کن سال اڳ
لکيو هو. تن ڏينهن ۾ خواجه صاحب ڪراچيءَ جي جناح
پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جو سپرنٽينڊنٽ هو.
تاريخ ۽ آثار قديمہ سان چاهه هئڻ ڪري، کيس سنڌ جي
آثار قديمہ ۾ پڻ دلچسپي هئي. جڏهن کيس خبر پيئي ته
لڪيءَ جي جبلن ۾ آمريءَ کان ويهه- ٻاويهه ميل
اولهه طرف هڪ تاريخي قلعو آهي، جنهن جي ايراضي
ڪيئي ميل ٿيندي، تڏهن کيس دنيا جي انهيءَ عجوبي
ڏسڻ جو اشتياق ٿيو. قلعو ڏسڻ بعد خواجه صاحب سنڌ
شناسيءَ جي ڪن ماهرن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽
پوءِ ’اقبال رويو جرنل‘ ۾ رني ڪوٽ تي مضمون لکيو.
منهنجي خيال موجب، رني ڪوٽ تي اهو پهريون اهم علمي
۽ تحقيقي مضمون هو. خواجه صاحب رني ڪوٽ کي دنيا جو
وڏي ۾ وڏو قلعو قرار ڏنو ۽ ان جي تعمير بابت
ٽالپرن سان منسوب ٿيل عام مشهور روايت کي رد ڪندي،
جناب جي- ايم سيد سان اتفاق راءِ ڪيو، ته رني ڪوٽ
ايران جي ساساني بادشاهن جو ٺهرايل ٿو ڏسجي. خواجه
صاحب جو چوڻ هو ته کيس وچ هندستان ۾ هڪ قلعو سجهي
ٿو پر، اهو ارڙهن ميلن ۾ آهي ۽ رني ڪوٽ ٻاويهن
ميلن ۾ آهي، انڪري رني ڪوٽ ئي دنيا جو وڏي ۾ وڏو
قلعو آهي. خواجه صاحب جي مذڪور مضمون شايع ٿيڻ بعد
رني ڪوٽ علم دوست ماڻهن جي توجهه جو مرڪز ٿي پيو ۽
اها ڳالهه پڻ تسليم شدهه قرار ڏني ويئي، ته اهو
دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو آهي.
هاڻي رني ڪوٽ بابت تقريرن ۽ تحريرن ۾ اها ڳالهه
عام جام ورجائي وڃي ٿي، ته رني ڪوٽ دنيا جو وڏي ۾
وڏو قلعو آهي.
ان سلسلي ۾ تازو هڪ مضمون ’هلال پاڪستان‘ ۾
شايع ٿيو آهي، جنهن جو لکندڙ جناب فضل قاضي آهي.
قاضي صاحب جو مضمون هڪ قابل قدر ڪوشش آهي. قاضي
صاحب سنڌ جي اڳوڻن عالمن جي روايت کي قائم رکندي،
رني ڪوٽ کي ٽالپرن جو تعميراتي ڪارنامو قرار ڏنو
آهي ۽ ان کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو ڪوٺيندي چيو
آهي، ته رني ڪوٽ ارڙهن ميلن ۾ آهي.
منهنجي خيال موجب، رني ڪوٽ کي دنيا جي وڏن قلعن ۾
ته بلاشبہ شمار ڪري سگهجي ٿو، پر ان کي دنيا جو
وڏي ۾ وڏو قلعو سڏڻ لاءِ تحقيق ۽ ثابتيءَ جي ضرورت
آهي. جيڪڏهن جناب فضل قاضيءَ جو اهو بيان صحيح
آهي، ته رني ڪوٽ ارڙهن ميلن ۾ آهي، ته پوءِ رني
ڪوٽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو ٿي نٿو سگهي، ڇو ته
سنڌ جي اوڀارينءَ سرحد راجستان ۾ هڪ قلعو موجود
آهي، جو چوويهن ميلن ۾ آهن. مورخن ان کي ”ديوار
چين“ سان تشبيہ ڏيئي ”ديوار هند“ سڏيو آهي ٻڌايو
آهي ته اهو قلعو راجستان جي راڻي ’ڪمڀا‘ اٽڪل 500
ورهيه اڳ، مسلمانن جي ڪاهن کي روڪڻ لاءِ اراولي
پهاڙن تي ٺهرايو هو. راڻي ڪمڀا اهڙا ٻٽيهه قلعا ٻه
به ٺهرايا هئا.
مذڪور قلعي جي تصوير آمريڪا مان شايع ٿيندڙ نيشنل
جاگرافيءَ جي فيبروري 1977ع واري پرچي ۾ شايع ٿيل
آهي. نيشنل جاگرافي پنهنجي نوعيت جو منفرد ۽ دنيا
ڀر ۾ مشهور رسالو آهي.
راجستان واري قلعي ۽ رني ڪوٽ جون تصويرون ڀيٽڻ سان
محسوس ٿيندو ته ٻئي قلعا هوبهو هڪجهڙا آهن ۽
پهاڙين جي مٿان ”ديوار چين“ جي نموني تي تعمير ٿيل
آهن. تاهم ائين چئي ڪونه سگهبو، ته رني ڪوٽ به
راڻي ڪمڀا جو ٺهرايل آهي، ڇو ته سنڌ ڪڏهن به راڻي
ڪمڀا جي تابع ڪانه هئي.
جيڪي عالم ان راءِ جا آهن، ته رني ڪوٽ ڪنهن به
صورت ۾ ٽالپرن جو ٺهرايل نٿو ٿي سگهي، تن جو دليل
اهو آهي، ته جڏهن هزارين مزورن، ماهر انجنيئرن جي
نگرانيءَ هيٺ، ورهين جا ورهيه ڪم ڪيو هوندو، تڏهن
مس مس وڃي رني ڪوٽ ٺهي راس ٿيو هوندو. ايڏو خرچ ۽
ڪشالو ڪا اهڙي حڪومت ئي برداشت ڪري پئي سگهي، جنهن
وٽ وڏي سلطنت هجي ۽ اڻ مَيو ڌن دولت هجي. انڪري
اها ڳالهه ٽالپرن جي وس کان ٻاهر هئي، ڇو ته بقول
پير حسام الدين راشدي، ٽالپرن سنڌ تي سؤ سال به
حڪومت ڪانه ڪئي ۽ پنهنجيءَ حڪمرانيءَ جي سڄي دور ۾
هنن ڪٿي به ڪو ايڏو وڏو تعميراتي ڪارنامو سر انجام
ڪونه ڏنو، جو رني ڪوٽ جي تعمير ڏانهن منسوب ڪرڻ
لاءِ جواز پيدا ٿي سگهي. ٻيو ته ٽالپرن جي رهڻي
ڪهڻيءَ بابت تاريخن ۾ جيڪي مواد ملي ٿو سو، ان
ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو ته هو سادگيءَ ۽ قناعت پسند
حاڪم هئا ۽ شڪار گاهن جا شوقين هئا. اهو ممڪن آهي
ته هنن رني ڪوٽ جي مرمت ڪرائي هجي يا رني ڪوٽ اندر
ميريون ۽ شيرڳڙهه نالي جيڪي ننڍا قلعا آهن، تن جي
تعمير ڪرائي هجي.
ٽالپرن کان اڳ ماضيءَ جي سنڌ جي ٻي ڪا اهڙي حڪومت
ڪانه ٿي سجهي، جنهن رني ڪوٽ جي تعمير ۾ هٿ وڌو
هجي، انڪري ڀائنجي ٿو ته رني ڪوٽ ان وقت تعمير ٿيو
هوندو، جڏهن سنڌ ايران جي ساساني بادشاهن جي سلطنت
جي هڪ اقليم هوندي، جيڪي فوجي بچاءُ جي لحاظ کان
سرحدن تي وڏا وڏا قلعا ٺهرائيندا هئا.
منهنجي خيال موجب، مٿين ڳالهه منطقي لحاظ کان بيشڪ
وزندار لڳي ٿي، پر ان کي تاريخي حقيقت ڪري قبول
ڪرڻ لاءِ سَندَن ۽ حوالن جي ضرورت آهي. ايران جي
تاريخ گهڻي قدر محفوظ آهي ۽ ماضي قريب ۾ ته ان تي
چڱو تحقيقي ڪم ٿيو آهي. اهڙيءَ صورت ۾ اهو معلوم
ڪرڻ مشڪل نه هئڻ گهرجي، ته ايران جي ساساني
بادشاهن سنڌ ۾ ڪهڙي هنڌ قلعو يا قلعا ٺهرايا هئا ۽
سنڌ کا ٻاهر هنن پنهنجيءَ سلطنت ۾ ٻين هنڌن تي
جيڪي قلعا ٺهرايا هئا، تن جي اڏاوت جي لحاظ کان
رني ڪوٽ سان ڪا نسبت آهي يا نه؟
ان سلسلي ۾ اسان کي سنڌ جي تاريخ ۾ به هڪ اهم
حوالو ملي ٿو. سنڌي ادبي بورڊ جي شايع ڪيل سنڌ جي
تاريخ جي جلد ٻئي جي مصنف ايڇ- ٽي- لئمبرڪ لکيو
آهي ته:
”شاهي قلعو، جنهن لاءِ يوناني جاگرافيدان هِڪيٽس
جو چوڻ آهي ته سنڌو نديءَ جي ڀرسان اوليائي جي
سرزمين تي واقع هو. سو ڀانئجي ٿو ته نئين سرحدي
صوبي ۾”ايراني لشڪرگاهه“ هو. اوٻياڻي جي وضاحت
ڪندي هِڪيٽس لکي ٿو ته: اهو سنڌوندي جي ڀر وارو
علائقو آهي ۽ ان کان پرتي رڻ آهي، جو هند سان وڃيو
ٿو لڳي.“
لئمبرڪ جي هيٺين حوالي ۾ جنهن ۾ قلعي جو ذڪر آهي
ان لاءِ سنڌ جي بزرگ اديب محمد ابراهيم جويي جو
خيال آهي ته اهو رني ڪوٽ ٿي سگهي ٿو. پر جناب محمد
حسين پنهور جو چوڻ آهي. ته رني ڪوٽ سٿين يا پارٿين
جو ٺهرايل آهي ۽ لئمبرڪ جنهن قلعي جو ذڪر آندو
آهي، اهو پٽيالا ٿي سگهي ٿو، جنهن جو اصلوڪو نالو
نيرن ڪوٽ هو.
سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ ٻئي هڪ علم دوست جناب
علي احمد بروهيءَ ان سلسلي ۾ وضاحت ڪندي مون کي
ٻڌايو هو، ته رني ڪوٽ کي پاڻي پهچائڻ جو واحد
ذريعو هڪ نئن آهي، جنهن کي مخلتف زمانن ۾ مختلف
نالن سان سڏيو ويو آهي. ان کي اڳي ’نئن موهن‘
ڪوٺيندا هئا ۽ هاڻي ’نئن سن‘ سڏيندا آهن. ڪنهن
زماني ۾ ان کي ’نئن رني ڪوٽ‘ ڪوٺيندا هئا. سنڌ
صورتخطيءَ جي ٺهڻ کان اڳ لکپڙهه جو ڪم فارسيءَ ۾
ئي ٿيندو هو. بروهيءَ جو خيال آهي ته ’نئن رني
ڪوٽ‘ کي فارسيءَ ۾ گڏي لکبو ته اسان کي ’نئنرني
ڪوٽ‘ نالو ملندو. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي، ته نئن
رني ڪوٽ سنڌ جي تاريخ جو اهوئي مشهور و معروف شهر
’نيرون ڪوٽ‘ آهي. جنهن کي عرب سپهه سالار محمد بن
قاسم فتح ڪيو هو ۽ جتي ايرانين، سڪندر جي ڪاهه کان
به اڳ قلعو ٺهرايو هو.
رني ڪوٽ ۽ نيرن ڪوٽ واقعي هڪ ئي آهي يا نه، ان
ڳالهه جي تصديق يا ترديد ان جي کنڊهرن جي کوٽائيءَ
وسيلي ٿي سگهي ٿي. هونئن به رني ڪوٽ ايترو اهم
ضروري آهي، جو محڪمہ آثار قديمہ وارا ان ڏانهن
توجهه ڪن. هيڪر رني ڪوٽ وٽ هڪ آمريڪي اسڪائوٽ ٽيم
جي اڳواڻ مون کي چيو ته ”مون موهن جو دڙو ۽ رني
ڪوٽ ٻئي ڏٺا آهن. مون کي رني ڪوٽ وڌيڪ وڻيو، ان
ڪري پنهنجن اسڪائوٽن کي ڏيکارڻ آيو آهيان.“
منهنجي خيال موجب رني ڪوٽ جي تعمير جو معاملو
تيسين فيصل نه ٿي سگهندو جيسين محڪمہ آثار قديمہ
وارا ان طرف توجهه نه ڏيندا. بهرحال هن مضمون جي
وسيلي مون سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪندڙ عالمن کي
هيٺيون ٻه ڳالهيون گوش گذار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي:
(1) رني ڪوٽ جي تعمير بابت، ٽالپرن سان منسوب ٿيل
روايت کي جيڪڏهن رڳو اهو دليل ڏيئي رد ڪبو، ته ان
جي تعمير لاءِ وٽن گهربل وسيلا موجود ڪونه هئا، ته
پوءِ سوال اٿندو ته راجستان جو هڪ راڻو رني ڪوٽ
کان به وڏا يا گهٽ ۾ گهٽ ايڏا وڏا ٻٽيهه قلعا، پنج
سؤ ورهيه اڳ ڪيئن تعمير ڪرائي ويو؟
(2) جيئن ته رني ڪوٽ جيڏو يا ان کان به وڏو قلعو
سنڌ جي اوڀارينءَ سرحد تي موجود آهي، ته پوءِ رني
ڪوٽ کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو سڏڻ ڪيتريقدر درست
آهي؟
آگ لهرائڻ
ٽي- وي جا هونئن ته گهڻي ڀاڱين سنڌي پروگرام
ڀرتيءَ جا هوندا آهن؛ پر ”مخزن“ پروگرام ان ڏس ۾
اُتر لهڻي. ثبوت طور ”مجروح“ وارو پروگرام پيش ڪري
سگهجي ٿو. ڪنهن شاعر ۽ اديب کي پروجيڪٽ ڪرڻ ته پري
رهيو، پر هن کي سندس مان ۽ مرتبي پٽاندر رڳو پيش
به نٿو ڪيو وڃي. مان سمجهان ٿو ته: دوستن جي ڀيٽ ۾
”مجروح“ جا دشمن ساڻس صحيح معنا ۾ انصاف ڪري سگهن
ٿا!
مير حاجي محمد بخش خان ٽالپر
المنصوره برهمڻ آباد -1
تاريخ جي ڄاڻن ۽ ماهرن کان ته منصوره ۽ برهمڻ آباد
جو ذڪر ڪو ڳجهو نه آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ
جي تاريخ تي تحقيقي ڪم گهٽ ٿيل آهي. البت هاڻ
انهيءَ قديم کنڊرن جي ڪجهه سالن کان پاڪستان جي
آثار قديمہ وارا کوٽائي ڪري رهيا آهن، اهي ڳالهيون
ڪڏهن ڪڏهن اخبارن ۾ به ڇپجنديون رهيون آهن؛ جن ۾
ڪڏهن ڪنهن مسجد جي ڪتبي ملڻ جو اظهار ته ڪڏهن عربي
ورق جي ملڻ جو ذڪر هوندو آهي ته ڪڏهن تاريخ کان
اڻڄاڻ صاحبن جا رايا ڇپجندا رهندا آهن. تاريخ ۾
آثار قديمہ ڪجهه نه ڪجهه رهنمائي ضروري ڪري ٿي
سگهجي، نه ته به علمي تحقيق جو دروازو ضرور کوليو
وجهي. اڃا ڪا واضح ۽ مڪمل رپورٽ ته شايع نه ٿي
آهي. مون تازي کوٽائيءَ کان اڳ به ٻه ڀيرا ان کنڊر
جو ديدار ڪيو آهي. تازو 77-1-26 تي کنڊر کي ۽ ان
مان ڪجهه هٿ آيل سامان کي ڏسڻ جو پڻ وجهه مليو.
کاتي جي آفيسرن سان خيالن جي ڏي وٺ به ٿي ۽ جيڪا
کوٽائي ٿي رهي آهي، يا ٿي چڪي آهي، اها به ڏٺيسين.
هن مضمون ۾ اسين هيٺين ڳالهين جو جائزو گهڻو ڪري
وٺنداسين:
1.
منصوره ڪنهن، ڪڏهن ۽ ڇو ٺهرايو؟
2.
منصوره جو ماڳ ۽ هنڌ ڪٿي آهي؟
3.
منصوره تي سرديون گرميون.
4.
منصوره جو زوال:
منصوره جو ٺهرائڻ:
ابن خردازبہ (سن250) هجري منصوره جي جڳهه سنڌوءَ
جو ڪنارو ٻڌائي ٿو (1). ابن خردازبہ پاڻ سنڌ ۾
ڪونه آيو هو، البت خليفي معتمد عباسيءَ جي زماني ۾
ٽپال ۽ خفيه اطلاعات جي محڪمي جو آفيسر هو، ان ڪري
کيس ملڪ جي چڱي واقفيت هئي ۽ هن بيطلموس يونانيءَ
جي جاگرافيءَ مان به استفاده ڪيو آهي. هو اهو ڪونه
ٿو ٻڌائي، ته منصوره ڪٿ ٺهرايو ويو آهي، يا برهمڻ
آباد سان ان جو ڪهڙو ناتو آهي.
مولوي نظاماڻي بلاذريءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”جڏهن حڪم بن عوانه ڪلبي سنڌ ۾ گورنر مقرر ٿي آيو،
ته هو فاتح محمد بن قاسم جي پٽ عمرو کي به ٻانهه
ٻيلي ڪري پاڻ سان گڏ وٺي آيو... هن عمرو گهڻيئي
سوڀون حاصل ڪيون ۽ انهن سوڀن جي خوشيءَ ۾ يادگار
قائم ڪرڻ لاءِ، سنڌو جي الهندي ڪناري تي هڪ ٻيو
شهر آباد ڪيائين، جنهن جو نالو منصوره رکيائين. هي
اهو ئي شهر آهي، جو پڇاڙيءَ ۾ سنڌ جي گاديءَ جو
هنڌ رهيو ۽ عباسي حڪومت جا حاڪم سنڌ ۾ اچڻ وقت اچي
رهندا هئا (2). پر فتوح البلدان بلاذريءَ جي اردو
ترجمي ۾ هن ريت لکيل آهي: ”محمد بن قاسم برهمڻ
آباد جي قديم بستيءَ ۾ پهتو، انهيءَ شهر کان ٻه
فرسخ جي فاصلي تي پوءِ المنصوره وسايو ويو. برهمڻ
آباد ۾ ڏاهر جي ڀاڄ کاڌل فوج گڏ ٿي ويئي. محمد جنگ
ڪئي ۽ طاقت سان شهر فتح ڪيو، اٺ هزار ۽ ڪن جي
چوڻيءَ موجب ڇٽيهه هزار ماڻهو ماريا ويا. برهمڻ
آباد ان ڏينهن کان ويران آهي. برهمڻ آباد ۾ عامل
مقرر ڪري محمد الرور ۽ بغرور ٻئي طرف ڪوچ ڪيو...
عمرو هڪ لشڪر وٺي محفوصه کان نڪتو هن قدم ۾ ڪامياب
ٿيو. مهراڻ جي ان طرف (برهمڻ آباد کان ٻه فرسخ) هڪ
نئون شهر المنصوره آباد ڪيائين(3).
(1)
(فن هن لغت ۾ آيل ڪن خيالن
سان اتفاق نه هئڻ ڪري اسان هنن جو ذڪر نه ڪيو
آهي.)
*
خواجه صاحب جي انهيءَ مضمون جو ترجمو ”مهراڻ“
رسالي جي سال 3- 1967ع ۾ ڇپيل آهي.
|