سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1978ع

مضمون

صفحو :13

سندس هٿن بيوسيءَ وچان ڪاغذ ۽ قلم کنيا، سڙڪن ۽ سمنڊن جا ڪئين حادثا ڪهاڻين جي شڪل ۾ لکيا ۽ مانيءَ بدران، ٽڪليون خريد ڪري اهي ڪهاڻيون ٽپال ۾ موڪليندو رهيو. جئڪ جي ماءُ فلورا، اٺن مهينن جي جئڪ کي جهوليءَ ۾ وجهي، جنهن مهربان شخص مسٽر لنڊن سان شادي ڪئي هئي، انهيءَ جون اڳين زال مان ٻه ڌيئرون هيون، جنهن مان ايلسا سموري ڄمار جئڪ سان پيار ڪندي رهي، جيترو ماني ٽڪر بچائي سگهي ٿي، بچائي جئڪ کي موڪليندي هئي ۽ پنهنجي گهر جي ڏيهاڻي جي خرچ مان ڪجهه بچائي، جئڪ لاءِ ڪاغذ ۽ سگريٽ خريديندي هئي.....

انهن ڏينهن هڪ هزار لفظن جا ڏهه ڊالر ملندا هئا. نومبر جي هڪ ڌنڌلي صبوح جو جئڪ کي هڪ خط مليو، جنهن ۾ سندس پنج هزار لفظن جي هڪ ڪهاڻي کي ڇپڻ قبوليو ويو هو ۽ پنجاهه ڊالرن جو چيڪ به گڏ هو. انهيءَ خط کولڻ وقت سندس ڏڪندڙ هٿ ڄڻ پنهنجي ڀاڳ جو در کولي رهيا هئا....

۽ پوءِ ٻي ڪهاڻيءَ جا چاليهه ڊالر ملڻ تي، جئڪ گروي رکيل سائيڪل ڇڏائي، واچ ڇڏائي، گهر جي ٻن مهينن جي مسواڙ اڳواٽ جمع ڪرايائين ۽ ماڻس جي بورچيخاني ۾ اٽو- دال ڀري ڇڏيائين. هڪ عرصي کان، هو پنهنجي هڪ امير دوست جي ڀيڻ کي دل جي گَهراين سان پيار ڪندو هو؛ پر اهو پيار، پري کان پوڄا ڪرڻ جهڙو هو، جنهن کي ڄڻڪ جي خوديءَ ڪڏهن سندس چپن تي اچڻ نه ڏنو. جڏهن سندس ٻه ڪهاڻيون ڇپجي چڪيون هيون، تڏهن پهريون ڀيرو سينڊوچز خريد ڪري، هو انهيءَ ڇوڪريءَ کي پاڻ سان گڏ پڪنڪ تي وٺي ويو، جتي انهيءَ ڇوڪريءَ ساڻس من جو ’مڱڻو‘ قبول ڪيو ۽ سال کن کان پوءِ شادي ڪرڻ منظور ڪيائين... تيستائين جئڪ جون ٻيون به ڪهاڻيون ڇپجي وينديون...۽  ٻنهي ڄڻن آڪاس ۾ هڪ چمڪندڙ سپنو ڏٺو: ’جڏهن جئڪ ڪهاڻيون ۽ ناول لکندو هوندو، تڏهن هوءَ سندس زال هن لاءِ پيانو وڄائي رهي هوندي ۽ سندس ٻار گهرجي اڱڻ ۾ کيڏي رهيا هوندا.....‘

دنيا جي چئن دانشورن کي جئڪ پنهنجو سکر وڏو مڃيندو هو- ڊارون، اسپينس، مارڪس ۽ نطشي. جئڪ، من جي سموري هٿ ۽ اتساهه انهن کان ئي حاصل ڪيو. ’سُپرمين‘ جي فلاسافي جئڪ نطشيءَ کان قبول ڪئي هئي. اها ڇوڪري سندس غربت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ تيار هئي؛ پر ماڻس کي اها ڳالهه قبول نه هئي- انهيءَ ڪري هوءَ ورئي جئڪ کان موڪلائي هلي ويئي....

ويهين صديءَ جي جنم واري رات. جئڪ کي لڳو ڄڻ اها سندس اڳئين جنم جي رات هئي... هڪ پبلشر سندس ڪهاڻين جو ڳٽڪو شايع ڪرڻ قبوليو هو.

جئڪ شادي ڪئي، گهر وسايائين، پنهنجي ڪهاڻين تي پنهنجي شخصيت جي مهر هنيائين، دل کولي ڪمايائين، اڏايائين ۽ اها ڳالهه ايتري مشهور ٿي جو تقدير به کلڻ لڳي- جنهن اخبار، جڏهن هو ماءُ جي گرڀ ۾ هو، سندس مرڻ- جيئڻ جي خبر ڇپي هئي، انهيءَ اخبار جئڪ جي تصويرن سان پنهنجا صفحا ڀري ڇڏيا.... ۽ بنا ٽڪيٽ گاڏين ۾ سفر ڪندين، جنهن کي گاڏين وارا ڳولي پڪڙيندا هئا، انهن ئي گاڏين مان لهڻ تي مٿس گل نڇاور ڪيا......

وقت آيو، جڏهن جئڪ لنڊن امريڪا جو ’ڪارل مارڪس‘ ڪوٺجڻ لڳو. هن ستن ورهين جي سامونڊي سفر وسيلي، سموري دنيا ڏسڻ جو ارادو ڪيو، جنهن لاءِ هڪ وڏو جهاز ٺهرائڻ شروع ڪيائين. سفر جي دوران کيس جيڪي ڪجهه لکڻو هو، انهيءَ لاءِ پبلشرن کان اڳواٽ پيسا ورتائين، پر ڏهه هزار خرچ ڪرڻ تي به خبر پيس، ته جهاز اڃا اڌ به تيار نه ٿيو هو. وڌيڪ اوڌر ورتائين، ٽڪريءَ واري گهر لاءِ خريد ڪيل هڪ سؤ ٽيهه ايڪڙ زمين به گروي رکيائين، پر پنجويهه هزار ڊالر خرچ ڪرڻ کان پوءِ جيڪو جهاز تيار ٿيو، پاڻيءَ ۾ پونديئي حادثي جو شڪار ٿي پيو ۽ زمين ۾ ڦاسي پيو. اخبارون ڇپيون دوستن جو چوڻ هو: ’هن جهاز ۾ سفر ڪرڻ خودڪشي ڪرڻ جي برابر آهي.‘

پر جئڪ کي اهو موت مرڻ منظور هو، انهيءَ ڪري سفر شروع ٿيو.

انهيءَ سفر دوران اهو لکيل ناول، جيڪو ٻه سال پوءِ شايع ٿيو، جئڪ جو سڀ کان اُتم ناول مڃيو ويندو آهي- -’مارٽن ايڊن!‘ ايڪٽيهن ورهين جي ڄمار تائين پهچندي پهچندي، جئڪ لنڊن جا ويهه ڪتاب شايع ٿي چڪا هئا.

’آئرن هِيل‘ جئڪ لنڊن جو اهو ڪتاب هو، جنهن جي ڪري آمريڪا سامراج نواز پريس سندس خلاف ٿي ويئي هئي ۽ ڏهن ورهين کان پوءِ جڏهن اهو ڪتاب ڇپيو ۽ دنيا ۾ ’انقلاب جو عظيم ڪلاسڪ‘ مڃيو ويو، ته سماجوادين به سخت تنقيد ڪئي، ڇو ته جئڪ پنهنجي جهاز تي جيڪو خرچ ڪيو هو، اهو سماجوادين جي نظر ۾ گهڻو کٽڪيو ٿي.

هر صبوح هڪ هزار لفظ لکڻ جو سلسلو، جئڪ جي عمر جيترو ڊگهو هو. جئڪ جيئن زندگيءَ جي حادثن مان گذرندو رهيو، تيئن ئي اهو هڪ هزار لفظ هر روز لکڻ جو اڻ ٽُٽ نيم به هلندو رهيو. جئڪ جي لکڻ واري ڪمري جي ڀت تي هڪ ننڍو نظم اڻهي ٽنگيل رهندو هو، جنهن ڏانهن جئڪ اڪثر ڏسندو هو ۽ لکڻ شروع ڪندو هو. اهو نظم هو:

’هاڻي، جڏهن مان ڪم شروع پيو ڪريان

دعا ٿو گهران ته اي خدا، ڪم کان منهن نه موڙيان

جي رات کان اڳ موت جي گهڙي اچي پهچي

دعا ٿو گهران ته اي خدا، ڪم مون سان گڏ هجي

مان ڪم ڪندو هجان...‘

جئڪ جو ٽڪريءَ وارو گهر، قلعي جي پٿرن جهڙي ديوارن جيئن جُڙي رهيو هو، جنهن کي روز ٺهندي ڏسڻ، سندس زندگيءَ جو هڪ سهڻو سپنو هو... ۽ انهيءَ جي ٽيويهن ڪمرن مان اڌ دنيا ڀرجي ڪلاڪارن لاءِ مهمان. ڪمرا ٺهي رهيا هئا.

جئڪ جهڙو وشال من ۽ کلمک شايد ليکڪن جي نسل ۾ ٻيو ڪونه ٿيندو هوندو. پنجن ورهين تائين سندس گهر هر مهمان لاءِ کليل رهيو، سندس ميز کاڌي ۽ شراب سان پرڇيل رهي... ۽ سندس گهوڙا... مهمانن جي تفريح لاءِ ... انيڪ شامون آيون، جڏهن هو چئن گهوڙن واري بگيءَ ۾ دوستن کي وهاري، پنهنجي ٽڪريءَ واري گهر کان هيٺ ڳوٺ ڏانهن لهندو هو، ته گهوڙن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل خاص گهنڊڻيون وڄڻ لڳنديون هيون ۽ هو ڳوٺ جي هر شراب گهر ۾ وڃي دوستن کي شراب پياريندو هو، کلندو هو ۽ کلائيندو هو. نه رڳو ايترو، پر سندس گهر جوڙيندڙ مزدور ۽ رازا، جڏهن شام مهل ڳاڙهو شراب پيئندا هئا ۽ ڳائيندا هئا، تڏهن جئڪ انهن سان شامل ٿي ويندو هو ۽ ساڻن گڏجي پيئندو هو ۽ ڳائيندو هو....

جئڪ جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته سندس چپن تي جهڙي مُرڪ هئي، جيڪڏهن اهڙي ڪنهن پادريءَ جي چپن تي هجي ها، ته سموري دنيا مذهبي خيالن جي ٿي وڃي ها....

پوک سان جڏهن لاڳاپو گهرو ٿي ويو ته سندس جيڪو اندروني رشتو سمنڊ سان هو، اهو ئي ڌرتيءَ سان ٿي ويو. زندگيءَ ۾ به، ڪيرتين ۾ به. ٽيونجاهه هاري سندس ٻنين ۾ ڪم ڪندا هئا ۽ پنجٽيهه سندس گهر جوڙڻ ۾ جُٽل هئا. جنهن لاءِ سندس پاڙيسري زميندار مٿس کلندا هئا: ’اهو اٺن ڪلاڪن جو سماج واد آهي!‘

پٿرن جي ديوارن واري ٽڪريءَ واري گهر جي اڏاوت جڏهن پوري ٿي، ته خرچ اسي هزار ڊالر تائين پهچي چڪو هو ۽ جنهن صبوح جو جئڪ لنڊن کي انهيءَ گهر ۾ رهڻ لاءِ وڃڻو هو، انهيءَ رات، اڄ تائين ڪنهن کي خبر ناهي، ته انهيءَ کي ڪيئن باهه لڳي- ۽ جئڪ جي اکين اڳيان رڳو باهه جون ڄڀيون هيون....

انهيءَ باهه جي باري ۾ ماڻهن جا انومان ئي آهن. ڪئين دشمنيون ۽ شڪ سوچي سگهجن ٿا، پر سڀڪجهه سڙي وڃڻ کان پوءِ، جئڪ لنڊن جو هڪ جملو تاريخ ۾ ائين لکيل آهي جنهن کي ڪا باهه ڪڏهن به ساڙي نٿي سگهي. انهيءَ رات جئڪ جا لفظ هئا: ’مان اهو ئي ماڻهو ٿيڻ چاهيندس جنهن جو گهر سڙيو هجي؛ نه ڪي اهو جنهن ساڙيو هجي!‘

جئڪ جو سپنو سڙي ويو... انسانيت ۾ وشواس سڙي ويو. ڪڏهن ڪڏهن هو ايلسا کي چوندو هو: ’اقرار ڪر ايلسا، جيڪڏهن مان چريو ٿي پوان، ته تون مون کي چرين جي اسپتال ۾ نه ڇڏيندينءَ.... تون پاڻ... پاڻ منهنجي پرگهور لهندينءَ... ۽ جڏهن مان مري وڃان، ته مون کي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي دفنائيندينءَ...‘

۽ ايلسا، جنهن نَونَ ورهين جي ڄمار ۾، سال ڀر جي ڄمار واري جئڪ کي پهريون گهمرو هنج ۾ کنيو هو ۽ پوءِ کيس پٽ جيئن پاليو هئائين، اکين ۾ پاڻي آڻي، اقرار ڪندي هئي.

جئڪ زندگيءَ ۾ ٻه ڀيرا شادي ڪئي هئي ۽ ٻئي ڀيرا نراس ٿيو هو... سُپنو پڇاڙيءَ تائين رهيو... جيڪڏهن ڪٿي هو پاڻ جهڙي گنڀير عورت تلاش ڪري سگهي، ۽ کيس پيار ڪري سگهي...

۽ جنهن رات جئڪ زهر کاڌو، سندس اکين ۾ خبر ناهي ڪهڙي سپني جو لاش هو. ايلسا انهيءَ ٽڪري جي چوٽيءَ تي کيس دفنايو، جتي جئڪ چيو هئس. اتي وري به ٻه وڻ به پوکي ڇڏيائين ۽ هڪ وڏو ڳاڙهو پٿر به آڻي رکيائين ته جيئن اوٽ رهي. انهيءَ پٿر کي جئڪ ڪڏهن نالو ڏنو هو: ”اهو جنهن کي عمارت جوڙيندڙن عمارت ۾ ڪم آڻڻ کان خارج ڪري ڇڏيو.“ـــ

 ولاد مير ماياڪو وسڪي (1893- 1930ع) Vladimir Mayokovosky

  فيوچرزم (Futurism) روس جي انقلابي شاعريءَ جي اها لهر هئي، جا 1910ع ۾ شروع ٿي ۽ جنهن جي پڌرنامي تي ولاد مير مايا ڪو وسڪي به صحي ڪئي. انهيءَ جي سري جو مفهوم هو: ’انسانيت جي چهري تي چماٽ!‘ روس جي فيوچرسٽ ليکڪن، قديم ورثي جي پاڙ پٽي نئون شعور پيدا ڪرڻ چاهيو ٿي. انهيءَ لهر جي اثر هيٺ ماياڪو وسڪي ’پتلونن ۾ بادل‘ (1915-Cloud in paints)، ’آزادي‘ (1918) ۽ ’جنگ ۽ امن‘ (1917) نظم لکيا. 1918 ۾ ماياڪو وسڪي ’پراسرار بئوفي‘ (Mystery- Bouffe) نالي سان نظم ۾ ناٽڪ لکيو، جنهن ۾ هن انقلاب جي جيت کي چِٽيو آهي. انهيءَ کان پوءِ مزاحيه ناٽڪ ’منگهڻ‘ (1921Bed- bug)۽ ’اسناناگار‘ (1930ع) لکيائين.

پر تصوراتي آزاديءَ جي عمل ۾ آيل روپ مان هي شاعر مايوس ٿيندو ويو ۽ 1930ع ۾ خودڪشي ڪيائين. سندس هٿ لکيل آخري سٽون هيون: ’هر روز زندگيءَ جي ڇپن سان ٽڪرائجي پيار جي ٻيڙي ڀڄي ڀري پيئي!‘ انهي جو مطلب اهو به لڳائي سگهجي ٿو ته شاعر کي پنهنجي ذاتي محبت ۾ مايوسي ملي ۽ اهو به ته کيس سياست هٿان نراسائي ملي.

’مان پيار ڪريان ٿو‘ (I Love you) نظم ۾ ماياڪو وسڪي ’پاڻ‘ کي چٽيو آهي:

’مون کي سُڌ آهي- - جتي ٻين کي دل ٿي هجي

سيني ۾، جيئن سڀن کي سُڌ آهي

پر منهنجو وارو آيو

ته رچنا جو وگيان پاڳل ٿي پيو

مان سمورو دل بڻجي ويس

۽ سموري بدن ۾ ڌڙڪيس ٿي.‘

۽ مايا ڪو وسڪي ’پاڻ‘ ۾ سج کي ڏٺو ۽ سج ۾ پنهنجو ’پاڻ‘ کي:

”هميشه چمڪڻ

۽ هر جاءِ چمڪڻ

۽ انت تائين چمڪڻ

اهو سج جو ڌيئهَ آهي

ــــ ۽ منهنجو به.“

مايا ڪو وسڪيءَ جو هي هڪ نظم اڻڄاڻي روشن ڪرڻ جي ڪهاڻي آهي:

’بوندن سان ڀِڳل شام، بادلن جي گهيريل ڀيڙ،

ٿڪل ٽٽل سمهيل مزدور، ساڻ ستي آهي سندن اندر جي پيڙا.

بوندن ڇيڙي پاڻ ۾ ڳالهه—

ڏس، پرائي گاڏيءَ جا ڦيٿا

ڪيئن ٿا ٺاهين نئين پانت!

ورکا- ڌارائون چون ٿيون سڀن کي وسار-

چئن ورهين کان پوءِ هن ڌرتيءَ تي کڙندا واڙيءَ ۾ گُل.

ورکا جون اهي ڊگهيون تارون. ڪري ويون اونداهي رات وسامي ويون آليون ڪاٺيون- ڏيئي اٿندر شعلا ڇڏي ويون سياري جي بات.

گپ جي آلاڻ سان باهه ويئي ٿڌي ٿي

چئن ورهين کان پوءِ هن ڌرتيءَ تي کڙندا واڙيءَ جا گل.

سُڄيل ٿڌن، نيرن چپن مان اچي ٿو آواز-

سرجيندڙ انهن هٿن جي رکڻي آهي لڄ.

اندر آلاڻ ڀريل، ٻاهر سو ڪهڙي جو تهه

ڄمي ويئي آهي هر شيءِ،

مانيءَ کي گهريو آهي ٻوڏ،

جا اک چيري اوندهه جو پڙدو

جنهن جو سهي نه سگهي تاب

اها ملڪيت ڪيئن ڪندي-

اڇي کي ڪارو؟

پٿرن جي مُڙي ٿي نوڪ-

وِک وِک تي جنهن رکيو آهي بارود!

تکو، ڌرتيءَ کي چيريندو، ڪويل وانگي،

پوءِ گڏجي چپن تي اُڀريو،

توتاري جو گيت....

اي سج، ڌرتيءَ جو سرد اڱڻ ڪوسو ڪر

بٺين جي منهن ۾ جڳمڳ چمڪ، سؤ سؤ چلهن جي.

چت پنهنجي هٿ سان ڇانوَ ڪندي، ڪٽوري ڀريل ماني،

سرنهن جي ڪُک مان هڪ دري اسان کولي ڇڏيون

هن ٽائيگي نديءَ جون لهرون ڌرتيءَ کي ڏين ٿيون رستو

اڄ ڪا اک اونداهيءَ جا ڇوڏا لاهيندي

۽ مئل ۾ پوندو ساهه.

ڌرتي جي ڇاتي ڌڙڪندي، اُڀرندو هڪ شهر

سرد ويران خالي اڱڻ ۾- سونهن ڌريندي پير

مستقبل جا چپ پوءِ ٻڌندا زندگيءَ جو گيت

چئن ورهين کان پوءِ هن ڌرتيءَ تي کڙندا واڙيءَ جا گُل.ـــ

 ارنيسٽ ٽولر (1893- 1939)

ارنيسٽ ٽولر هڪ جرمن شاعر ۽ ناٽڪ ڪار هو. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ هو ڦٽجي پيو، جنهن وچ ۾ مٿس سماجوادي خيالن جو اثر ٿيو. 1939 ۾ خودڪشي ڪيائين. سندس هڪ نظم آهي: ’جيئرن جي نالي‘:

’ڪندن توکي نٿو سُونهي

۽ نه سونهي ٿي توکي دير

توکي جا ڌرو هر ملي آهي

لٿڙيل آهي رت سان

وهيو آهي جو تنهنجي ڀاءُ جي دل مان....

ڀريل گلي سان

تڪي ٿو راهه- توهان سڀن جي

وقت جو تمام ڳورو بار

توهان جي سِرن تي اچي ٽُٽو آهي.

کولي ڇڏيو طاق

بند آهن جي ڪپاٽ

چمڪدڙ صبوح جا!‘ــ

 آتيلايوسف (1925- 1970)

آتيلا يوسف هنگريءَ جو شاعر، پنهنجي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ لکيل نظم جي پڇاڙيءَ ۾ لکي ٿو:

”کير وارن ڏندن سان تو جبل ٽوڙڻ چاهيو

مورک!

سپنا ڏسڻ لاءِ ڇا ڪا رات ئي ڪافي نه هئي؟“

 يوڪو ميشيما (1925- 1970)

خودڪشي ڪرڻ کان اڳ مشيما جا آخري جملا: ’ماڻهو زندگيءَ جي هڪ سرحد آهي، پر مان سدائين لاءِ جيئڻ ٿو چاهيان!‘

ميشما جو سوانح نگار هينري اسڪارٽ اسٽوڪس لکي ٿو: 1960 ۾ ميشما هڪ ڪهاڻي لکي- - ’وطن دوست‘، جنهن ۾ هن خودڪشيءَ کي عجيب مؤت چيو آهي. پوءِ پنجن ورهين کان پوءِ هڪ فلم ٺاهيائين، جنهن ۾ نائڪ جي شروعات هن پوري طرح نڀائي. جنهن به خودڪشي ڪئي. وري 1968 ۾ هڪ ناول لکيائين، جنهن ۾ انتها پسند نائڪ خودڪشي ڪري ٿو. وري هڪ سال کان پوءِ هڪ ٻي فلم ۾ ڪم ڪيائين، جنهن ۾ هڪ ياتر خنجر سان پنهنجو پيٽ ڦاڙي وجهي ٿو.... ريت ميشما ڊگهي عرصي کان پنهنجي مؤت جي ريهرسل ڪري رهيو هو.

ميشما جي هڪ نظم جي پڇاڙي:

’هر سانجهي پنهنجي دريءَ ۾ بيٺو مان

عجيب حادثن، عجيب آپسوڻن جي آشا ڪريان ٿو

هڪ ريتلو واچوڙو

ڳَلين ۾ گهُمريون کائيندو رهي ٿو

۽ رات جو

۽ رات جو ست رنگو جهولو جهولڻ لڳي ٿو...‘ـــ

 اليگزينڊر سرگيوچ پُشڪن (1799- 1837)

پُشڪن جديد ورسي ادب جو باني مڃيو وڃي ٿو. پُشڪن جو جنم 6 جون 1799 (پراڻي ڪلينڊر موجب 26 مئي) تي ٿيو. ماڻس ابرام هني بال جي پوٽي هئي. ابرام کي غلام جي طور تي خريد ڪيو ويو هو، جو پوءِ پيٽر عظيم جو ساٿي بڻيو. پُشڪن انهيءَ ڪردار کي، پنهنجي اڌوري ناول ’پيٽر عظيم جو نيگرو‘ ۾ تفصيل سان چٽيو آهي. اڻويهين صديءَ جي امير ڪٽمبن وانگي، پُشڪن جي ماءُ- پيءُ به فرانسيسي تهذيب اختيار ڪئي ۽ ٻارن کي فرينچ پڙهايائون.

1817ع ۾ پُشڪن کي سينٽ پيٽرسبرگ جي پرڏيهي کاتي ۾ وڏو عهدو مليو. جتي هن آزاديءَ جي جدوجهد ۾ حصو روتو ۽ ادبي سنگت ’گرين ليمپ‘ ۾ به شامل ٿيو. پشڪن جا سياسي نظم هٿ سان لکيل شڪل ۾ ئي گهڻو پڙهيا ويندا هئا، جي سندس موت کان پوءِ ڇپيا، پر سندس رومانوي رچنائون 1820ع ۾ شايع ٿيون، جن ۾ لوڪ ڪهاڻين جو رنگ هو. انهن رچنائن تي سخت تنقيد ٿي، پر انهيءَ سان گڏ کيس شهرت به ملي.

مئي 1820ع ۾ پُشڪن کي سندس سياسي شاعريءَ ڪري جلاوطن ڪيو ويو، مولداپيا جي ڏکڻ طرف انهن ڏينهن جا پُشڪن جا لکيل خط ڏاڍا اُداس آهن. هن ڏاڍي ڏک وچان جلاوطنيءَ جي ڪؤڙاڻ جو خطن ۾ ذڪر ڪيو آهي. پوءِ جڏهن اهي خط ڇپجي پڌرا ٿيا، ته روسي تخليقي ادبي لکڻين جو مثال مڃيا ويا.

ڏکڻ علائقن جي ڪهاڻين کي پُشڪن شاعريءَ جي روپ ۾ قلمبند ڪيو آهي؛ پر سياست ۾ به پشڪن جي دلچسپي گهَري ٿيندي ويئي. اتان پشڪن کي سندس ماءُ جي رياست ڏانهن موڪليو ويو، جتي هڪ ڪائونٽ جي زال سان محبت ٿيس ۽ ڪائونٽ ڪاوڙ ۾ اچي، کيس اتان کان به پري روانو ڪري ڇڏيو.

تخليقي نقطه نگاهه کان اهي پشڪن جا ڏاڍا زرخيز ورهيه هئا- ڏاڍا اداس پر تخليقي. انهيءَ وچ ۾ پشڪن ’جِپسي داستان‘ لکيو ۽ اهو ناٽڪ به لکيائين، جنهن ۾ حڪمران ڌُر جي لاڳاپن جو ٻرندڙ سوال هو.

1825ع جي بغاوت کي بند ڪرڻ کان پوءِ، نئين زار، نڪولس پهريوئين، پشڪن جي شهرت ڌيان ۾ رکندي، مٿس لڳل ماسڪو ۾ داخلا جي بندش لاٿي ۽ سينسر تي ڊگهي بحث کان پوءِ اقرار ڪيائين، ته هو پاڻ پشڪن جي لکڻين کي ڏسندو ۽ سينسر جو حق ٻئي ڪنهن کي نه ڏيندو، پر پاڻ وٽ رکندو. پشڪن کي بغاوت دٻجڻ جو ڏاڍو ڏک هو. جن پنجن شخص کي به پشڪن لاءِ ڏاڍو ڏکيو هو. نه رڳو سندس شخصي آزادي تي نظر رکي ٿي ويئي؛ پر هو مارڻ جو حڪم ڏنل هو ۽ جن گهڻن کي سائبيريا جي سزا ملي هئي، پشڪن جي همدردي انهن سان هئي؛ پر هن ڄاتو ته ضروري اُپاءُ مٿين سطح تي ئي وٺي سگهجن ٿا؛ پر اهو وقت به سڌو پوليس چيف جي نظر هيٺ هو. هو بنا اجازت سرحد تي هليو ويو، جتي ڊسمبر- بغاوت جا انيڪ جلاوطن ساڻس مليا... ۽ سندس قلم اڃا گهَرائيءَ ۾ لهندو ويو.

1831ع ۾ پشڪن شادي ڪئي ۽ سينٽ پيٽرسبرگ ۾ رهڻ لڳو. انهيءَ وقت هڪ ڀيرو وري سرڪاري نوڪري ورتائين ۽ پيٽر عظيم جي تاريخ لکڻ شروع ڪيائين. ٽن ورهين کان پوءِ هڪ عهدو مليس. ’شهنشاهه جي حرم جو خاص ماڻهو!‘ انهيءَ جو ڪارڻ اهو سمجهيو وڃي ٿو، ته زار جي مرضي هئي، ته پشڪن جي زال نتاليا راڄ- درٻار ۾ اچي سگهي. نتاليا کي اها درٻاري زندگي بيحد پسند هئي؛ پر پشڪن کي راس نه آئي. پيٽر عظيم جي تاريخ لکندي وقت پشڪن جي لکڻين ۾ هاري- بغاوت جي تاريخ به اچي ويئي.

انهيءَ وقت پشڪن جي گهرو توڙي دفتري زندگي، ٻئي هن لاءِ ڏاڍيون ڏکيون ٿي پييون. درٻاري حلقن ۾ شڪ شبها وڌندا ويا. استعيفا ڏيڻ جي موڪل گهريائين جا نه مليس. نيٺ 8 فيبروري 1837 جي ڏينهن کيس زبردستي هڪ ڊيوئل ۾ ڦاسايو ويو، جا سندس رسوخ وارن دشمنن جي جال هئي. انهيءَ مقابلي ۾ زخميل پشڪن ٻن ڏينهن کان پوءِ 10 فيبروريءَ تي مري ويو.ــ

 شاندور پئتوفي (1822- 1949)

هنگريءَ جا ماڻهو، پنهنجي هن شاعر کي، زندگيءَ جي حقيقي چهري واري ادب جو، سڀ کان وڏو شاعر مڃين ٿا. پڻس جي ڪاسائيڪي ڌنڌي جي شايد اها تقاضا هئي، هُن پنهنجي پنڌرهن ورهين جي ڄمار واري شاعري ڪندڙ پٽ سان لاڳاپا ٽوڙي ڇڏيا، جنهنڪري سندس ڪومل پير رستن تي ڌڪا کائيندي، هڪ ڀيرو موت جي کاهيءَ ۾ ڪرندي ڪرندي بچيا. ناٽڪن ۾ کيس ننڍا ننڍا ڪردار ملي ويندا هئا؛ پر گذاري لاءِ اهو ڪافي نه هو. تنگ ٿي هو فوج ۾ ڀرتي ٿيو؛ پر ڪمزور جسم جي ڪري، سال- ڏيڍ کان پوءِ کيس اُتان ڪڍيو ويو. هو وري دوستن ۽ ٿيئٽرن جا در کڙڪائڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن سرڪاري دستاويزن جي نقل ڪرڻ جو ڪم ملي ويندو هوس؛ پر سندس شاعريءَ کي، جا ايندڙ وقت جو دستاويز هئي، ڪنهن به نه ڇاپيو. ايڪويهين ورهين جي ڄمار ۾، هڪ اخبار جي ايڊيٽر منجهس لڪل فنڪار کي سڃاتو ۽ کيس ٻانهن ٻيلي ڪيائين، تڏهن سندس پهريون نظم شايع ٿيو- ’شرابي.‘

انهن ڏينهن پِلويڪس ڪيفي هڪ اهڙي جاءِ هئي، جتي آسٽريائي حڪومت جي خلاف هنگريءَ ۾ ٿيندڙ بغاوت پنهنجو ڪَر کنيو هو. پئتوفي ٻه ڊگها داستاني نظم لکيا- - ’ڳوٺ جو هٿوڙو‘ ۽ ’نايڪ جان‘. اڄ اهي نظم هنگريائي ادب ۾ امر تخليقون مڃيون وينديون آهن، جيتوڻيڪ انهيءَ وقت جي نقادن انهن کي غير معياري قرار ڏيئي، ڄڻ پئتوفي جي فن تي حملو ڪري ڇڏيو هو؛ پر انهيءَ ڪري پئتوفي جي قلم کي پاڻ وڌيڪ مان مليو ۽ قلم جو لوڪ- گيتن جهڙو ميٺاج ۽ لوڪ- گيتن جهڙو رس- هنگريءَ لاءِ سڌي ترار جي ڌار بڻجي ويا. انهن ڏينهن جو سندس ناول ’جلاد جي رسي‘ به اُنهيءَ نقطه جو نئون موڙ آهي ۽ هڪ عظيم تخليق آهي.

1946ع جي هاري انقلاب سندس من جي انقلابي ٻج کي اهڙو پاڻي پياريو، جو هن دوستن جو هڪ هٿياربند جٿو ٺاهيو- - ’ڏهن جو جٿو‘ نظم لکيائين: ’وڻ ڏڪن ٿا‘، ’شاعر جو سُپنو‘، ’وڻن کي ڇُهندڙ اُداس پن- ڇڻ جي هوا‘- - آخر ۾ 1947ع جي پڇاڙيءَ ڌاري ’شاعر جو خيال مون کي پريشان ڪري ٿو‘ لکي، سوچ ۽ عمل کي هڪ ڪرڻ جي خيال کان سندس هٿ اڳتي وڌيا... ۽ هن هنگريءَ جو قومي گيت لکيو: ’سمنڊ جاڳي اُٿيو آهي.‘

آسٽريائي حڪومت ڪيفي مان اٿندڙ انقلاب جو دونهو ڏٺو ۽ راڄ ڌانيءَ ۾ خوف ۽ هراس جو ٻارڻ ٻاريائين. پئتوفي 31 جولاءِ 1949ع تي سرڪاري فوج سان وڙهندي مارجي ويو. اُن وقت سندس ڄمار رڳو ستاويهه ورهيه هئي.

پئتوفي جو هڪ نظم سندس زندگيءَ کي پاڻ ۾ سميٽيندي هڪ اڳڪٿي ڪري ٿو- جهڙي موت جو تصور ڪيو هئائين، اهڙو ئي ماڻيائين:

’هڪ خيال مون کي پريشان ڪري ٿو

متان ڪٿي وهاڻي تي مٿو رکي مري نه وڃان

يا هوريان ڪنهن گل جيئن ڪومائجي نه وڃان

متان ڇاتي منهنجي کي جيوڙا چُهٽي نه چٽين

۽ منهنجي پنکڙي پنکڙي ڏانڊيءَ مان ڇڻندي رهي

يا ڪنهن ويران ڪمري جي روشني جئن

اونداهيءَ ۾ سڏ ڪندي رهي...

اهي مالڪ! شل ائين ڪو نه مري....

مان چاهيان ٿو- ته مان ڪو وڻ هجان

۽ آسمانن جي وِڄ مون تي ڪِري.

يا ڪا ڳؤري ڇِپ هجان

جا جبل تان بولاٽيون کائي ڪنهن وڻڪار تي ڪِري.

۽ ٻيڙين ۾ جڪڙيل هر قوم جڏهن جنگ جي ميدان ۾ اچي

ته سندس چهري تي لهو جي لالاڻ هجي

هٿ ۾ جهليل جهنڊو اَڀو هوا ۾ لهرائيندو رهي-

اسان کي آزاد ٿيڻو آهي

۽ انهيءَ آواز جو پڙاڏو اوڀر کان اولهه ۾ هجي...

اُن وقت مان، ڏاڍو خوش، اُن ميدان ۾ هجان

۽ رت منهنجي جو آخري ڦڙو انهيءَ ڌرتي تي ڪِري

۽ منهنجو پڇاڙڪو آواز لوهه جي آواز ۾ ٻُڌي

پوءِ منهنجي لاش مٿان

فاتح فوجين جا گهوڙا ڊوڙندا لنگهن

۽ دليرن جي ياد ۾ هڪ ماتمي جلوس هجي

جي تو لاءِ مُئا آهن، اي سموري دنيا جي آزادي!

هي منهنجون هڏيون انهن جي هڏين سان گڏ قبر ۾ هجن...

اي سموري دنيا جي آزادي.‘ـــ

خر سِتو بوتيف (1848- 1876)

ڪالڪان جبلن جي ڪُک ۾ هي شاعر ڪالوفر نالي ڳوٺ ۾ 25 ڊسمبر 1848ع تي ڄائو هو. وطن سان حُب جو ٻج سندس من ۾ پڻس پوکيو هو. اوائلي تعليم کان پوءِ ذهني لاڙو کيس روس ڏانهن ڇڪي ويو. 1867ع ۾ جڏهن پنهنجي وطن بلغاريه وٽي آيو، ته سمڪالين يُووانسل سندس ساميه وادي نظريئي کي وڏي اُتساهه سان قبول ڪيو، پر ستت ئي بلغاريا جي ان وقت جي حڪومت کيس جلاوطن ڪري ڇڏيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com