شرجيل
مٽيءَ جو اثر
تون مون کي ڇا سمجهي
ايڏي هوڏ
ايڏي ناز سان
منهنجي ڀرسان گذري ويندي آهين
ٻُڌُ
مان، سخت موسمن جي تخليق
۽ اولاد آهيان
جُون، جولاءِ جون اُسون ۽ جهولا
ڊسمبر ۽ جنوريءَ جون برفاني هوائون ۽ برساتون
منهنجون مائرون آهن
مان انهن جي ڪُکين مان
چُپ چپاٽ سان
جنم وٺندڙ انسان آهيان
تون، فريبي پيار جو ڄار
مون لاءِ نه وڇاءِ
تنگ دليءَ جو درياهه
مون لاءِ نه وهاءِ
لنگهي، ويندي ڪر
خاموشيءَ سان
اڻ واقفن وانگر
اِهو، ٽيڏي اک سان
مڪارپڻي وارو
ڏسڻ جو انداز ڇڏي ڏي
مان تمام سخت حالتن جو
ڳوهيل انسان آهيان
تون، رجي ويندينءَ
مان، قائم هوندس
تون، ڄَمي ويندينءَ
مان، اڏامندو وتندس!
عشق
ڏئي وڃ، ڏئي وڃ
ڪو ڏهاڳ
مان، سهاڳ
ماڻڻ ٿو گهران!
آرسي
تو وٽ ڪيترا ماڻهو ايندا آهن
هرڪو، پنهنجا پنهنجا سُر آلاپي
اُٿي کڙو ٿيندو آهي
تون ماٺ ماٺ ۾
سڀ سُر ٻڌي
داد ڏيندو آهين
پوءِ جڏهن اڪيلو رهجي ويندو آهين
پنهنجو پاڻ سان ڀڻڪندو آهين
اِهو جو پاڳل پڻو ٿئي ٿو
اِهو جو سور اندر جو وَڍَ وجهي ٿو
اِهو جو ماتم تون ڪندو آهين
ڪنهن ٻئي کي ڇونه ٻڌائين ٿو
حصي وار ڪنهن کي
ڇو نه بڻائين ٿو
ڇو پنهنجو اندر جلائين ٿو؟
اُڌمو
ڪمري جون چار ڀِتيون
بي جان، بي ستيون، خاموش
رات جا ٻَه
زيرو جو بلب ٻريل
هر شيءِ، نيري روشنيءَ ۾ ٻڏل
وِم جو دٻو
ٽائي فون
ڊٽول
سرف جو پاڪيٽ
ٿرمس
مگس
شيشي جا گلاس
ميڪسويل هائوس
ريڊڪائو ملڪ
ماکي
ٽُونِگس بريڪ فاسٽ ٽِي
کنڊ
رنگ برنگي شرٽون
۽ ٽنگيل ڪوٽ
شيلف ۾ پيل ڪتاب
۽ ڪاسميٽڪس
ڀتين تي ٽنگيل تصويرون
در ۽ درين تي لڙڪيل پڙدا
سڀ خاموش
پٿرن وانگر
نيري روشنيءَ ۾
ڄڻ مون ڏانهن گهورين پيا
ڪا ساهه واري شيءِ ڪانهي
وجود ڪونهي
جو رڙهي
مون تائين پهچي
۽ اچي
منهنجي ڳلن تان
وهندڙ ڳوڙهن جي سيلاب کي روڪي!
زخمي ڀؤنر
منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾
ڪو اڻ مقرر ڪيل
پنڌ ته ڪونهي
ڪجهه قدمن جي ته ڳالهه آهي
جيئن ته مان
اُڏامڻ جهڙو نه رهيو آهيان
رڙهي ته سگهان ٿو
تنهنجي پار
تو اوڀر جي کُهرُن
۽ بدشڪل هٿن سان
گُل جهڙو مُک، لڪائي رکيو آ
مان، اُڏامي نه سهي
رڙهي تو وٽ ايندس
جڏهن ته رتوڇاڻ آهي منهنجو تن
جڏهن ته تو، هٿن سان مُنهن
۽ ڪنڊن سان تن،
لِڪائي رکيو آ!
انور پيرزادو
ڄميل برف- ٽهڪندڙ رت
غزل
نفرتون هر طرف ٿيون ڪرٽن ڏند،
سڀ زبانون تکيون ڇُريون ٿيون لڳن.
وات ڪاتن جيان وڍڻ ويٺا،
اکيون اُلرون ڪيون ٿيون رانڀوٽن.
ساز، جن پيار جا ٿي گيت چيا،
جنگ جوٽڻ جون ويٺا رنڀون ڪن.
تون چوين ٿي ته توسان پيار ڪيان،
ڇا ڪيان، سُورَ ڏاڍو ڌونڌاڙن.
پيار مون کان ته ٿي نه سگهندو، پر،
نفرتون ڀي ته مون کان ڪينَ ٿين!
تون چوين ٿي ته توسان پيار ڪريان،
ڀل ته ماڻهو سَڙن ۽ نفرت ڪن.
·
ڪنهن جي اکڙين جو اولڙو پيو آ،
مَن جي هر گهاوَ ۾ لهي ويو آ.
دل جي دڪ دڪ جا پاتي ڊوڙ آهي،
هانءُ منهنجو هڄي، ڊهي پيو آ.
رات ساري ته منٽ ۾ گذري،
صبح ٿيندي ئي هو رَهي پيو آ.
سانجهه سُرهي ۽ تنهنجا گُل ڏنل،
هي سمو گيت جان ٺهي پيو آ.
چنڊ ڏاڍو ٿڪل ٿو ڏسجي اڄ،
رات مون ساڻ هت رهي پيو آ.
Lover’s Day
14 فيبروري جو ڏينهن آ
منهنجي دل
ڀَڪَ ٻڌي بيٺي آ
ته مان ’لوَرس ڊي‘ تي
بيچ لگزري هوٽل ۾ وڃي
ڊانس ڪريان-
(پروفيسيءَ جي سرهاڻ کي
روح جي گهراين سان چکي
کَڙاين کُڙين تي بيٺل
ڪنوارن جسمن جي
نئين نڪور شاعري ٻڌان)
پر ڏيڍ رپئي واري
منهنجي ردي پين،
اصل نٿي مڃي-
(ان جو مون کان به
گهڻو مٿو ڦريل آهي)-
چئي ٿي،
هل ته
برف ڄميل ٽڪرين مٿان
ڇڻڪار ٿيل
ٽهڪندڙ رت مان
چيچ ٻوڙي ساٺُ ڪريون-
آءٌ من جي
هن طبقاتي ڇڪتاڻ کان
بور ٿي
بڇڙي منهن سان
ريڊيو ’آن‘ ڪري
ٻيئي ڪن لائوڊ اسپيڪر تي
رکي ٿو ڇڏيان.
(جنهن کي ٻڌندي ئي
خودڪشيءَ جا خيال ٿا اٿن
ائين جيئن لائوڊ اسپيڪر مان
لهرون آواز جون)
ريڊئي جو آواز
ڪنن ۾ ڪوڪرا ڪري ٿو
آءٌ پنهنجي مس ٽمندڙ پين
۽ رت وهندڙ من
ميز جي هڪ ڊراير ۾ رکي
بَر منهن ڪري
هليو ٿو وڃان-
(ڪنهن چوٿين آواز
جي تلاش ۾-)
ڇو ٿي ڀٽڪين
جهُڙَ جي ڪڪري
رات رهي وڃ
اکڙين ۾
مُند ڦِرڻ سان
جيڪي اداس
ٿي ويندا آهن
شاعر هوندا آهن
هاري ٿڪجي
چُور ٿي
چئي ٿو
آءٌ به ائين
مري ويندس
جيئن بابو مري
ويو هو
مريض هڪڙو
نرس کي چئي ٿو
سُئي هڻڻ کان اڳ ۾
ٿورو مُرڪي ڏس
.....................
سور نه ٿيندو.
سَرُ نِسرڻ
چِٽ ڀڄڻ
اُتر لڳڻ
چنڊ کِڙڻ
ڀٽائي پڙهڻ
باک ڦٽڻ
ماڪ پوڻ
ڀيڄ ڀنيءَ
ساٺ ٿيڻ
ميندي لڳڻ
لانئون لهڻ
ڪنوار ٿيڻ
گهوٽ ٿيڻ
شهيد ٿيڻ
هي سڀئي ڄڻ
سونهن اسم جون فعلي صورتون آهن
ڪنهن پاڳل
چترڪار جو
ڪو ڦاٽل ڪئنواس آهي
هي منهنجو ڳوٺ ته ناهي.
منهنجو ننڍڙو
ڳوٺڙو
آفريقا ۾ آهي
باقي ملڪ
يورپ لڳو پيو آهي
ٻار انهيءَ لاءِ پيارو ناهي
جو سورن ساڻ
ڄڻيو ويو آهي
..................
ٻارن سان پيار
جسم سان پيار
جو نالو آهي.
سڄو مهينو لوڙيو آهي
پگهار جو ڏينهن
اچي ويو آهي
ڄڻ ٽِيڙ تَپ
چڙهي ويو آهي.
ڪوئي آهي
سڪل وڻن جي
ٽارين جان
هٿ کنيون
اڀ کي ٻاڏائي.
تنوير عباسي
هرڪو پل سنداڻ
(الطاف جي وڇوڙي تي)
هو پيار ته پنهنجو نڀائي ويو،
پر مون کي ته رڻ ۾ رلائي ويو،
هن گهاءِ ته پنهنجا ڪين ڏٺا،
پر سنڌ سڄيءَ کي گهائي ويو.
هو وڻندڙ هئو، هو خوب هئو،
هو مٺڙو هئو، محبوب هئو،
اڄ نظرن کان محجوب ٿيو،
منهنجي اکڙين کي ته سڪائي ويو.
لڙڪن سان ڪيئن هيءُ داغ ڊهن،
سُڏڪن سان ڪيئن هي سور لهن،
سي عمر سموريءَ لاءِ ڳهن،
هو پيچ جني سان پائي ويو.
سهڻا گل اڳ ۾ پَٽجن ٿا،
سونا سنگ پهرين ڪٽجن ٿا،
سامي نه گهڻو ڪِٿ ترسن ٿا،
هو راز اهو سمجهائي ويو.
ڇا هيءُ به ضد ٻاراڻو هو،
ڇا هيءُ به هن جو ماڻو هو،
هو ماڻهو موتيءَ داڻو هو،
جو سنڌ سڄي جرڪائي ويو.
ايڏيون ٿو جدايون ڪري جاني،
جو ڪين قبولي مهماني،
هئي تيار پئي مون وٽ ماني(1)،
هو پنهنجو ماڳ مٽائي ويو.
ڪنهن دک ۾ اڪيلو ڪين ڇڏيئين،
هر درد ۾ منهنجو ساٿ ڏنئين،
اڄ پنهنجي اڪيلي واٽ وَتئين،
هن وياڪل من کي گهائي ويو.
ڇو ايڏو ٿورو وقت رهيو،
ڇو ايڏو جلدي هو اُسهيو،
هو ماڪ جي بوند ته ڪين هيو،
جو پَل ۾ منهڙو مَٽائي ويو.
هوءَ ڪهڙي رات اُماس هئي(1)،
جا چنڊ اسانجو ويئي ڳِهي(2)،
اوندهه ڪري واسو ويهي رهي،
منهن پنهنجو چنڊ لڪائي ويو.
اڄ ياد ۾ جنهنجي نيڻ ٽمن،
اڄ ور ور جنهنجا وَڍَ پون،
اڄ تنهنجون ڳالهيون ياد اچن،
جو سڀني کي ته کِلائي ويو.
مان ڪيئن ڪريان، مان ڪاڏي وڃان،
سڪ هن مان لٿي هئي ڪين اڃا،
مان ڪيئن مڃان، مان ڪيئن مڃان،
هو مونکان پاند ڇڏائي ويو.
هن ڀيري ته بهار ۾، گوندر گونچ ڪڍيا،
اندر ۾ الطاف جا، ور ور وَڍَ پيا،
پيلا گُل ٽِڙيا، من ۾ مونجهن پاڙ هنئي.
هن ڀيري ته بهار ۾، نسريا آهن سور،
ساروڻين سلا ڪڍيا، پاڙون هنيون پور،
ڪانڊيرا نڪتا ڪئين دل کي اوڏو ڏور،
من نه سمجهي مور، پَل پَل لڙڪ لڙي پون.
هن ڀيري ته بهار ۾، ڦُٽي پيا ڦَٽ،
گهاءَ مليا جن کي، لَٽي سگهي نه وقت جي لَٽ،
اندر آ بَرپَٽ، ٻاهر ڇاهي ڪجهه به نه آ.
پل پل توريءَ تير جان، چڀي وڃي ٿو ڀاءُ،
تنهنجي وڇوڙي لاءِ ڇا، مونکي ڄڻيو ماءُ!
ڪاٿي تنهنجون ڳالهڙيون، ڪاٿي تنهنجو ساءُ،
اهو هڪڙو گهاءُ، لک زخمن کان وڌ لڳي.
پيا ٿا چاڪَ چِڪن، چڪندا رهندا عمر ڀر،
تنهنجي لاءِ سِڪن جي، اهي ڀلا ڪيئن ڪن،
خوابن ۾ ئي ٿي سگهي، ٿو تنهنجو درشن،
هڪڙو هڪڙو کن، توريءَ ٽياس پيو لڳي.
پرين ويا پرڏيهه، اسان هن ڏيهه کي ڪَوڙو ڀانيون،
سامي پهتا ماڳ تهين، ناهي جنهنجو ڇيهه،
مون لئه باقي آ بچي، سندي پيرن کيهه،
تو جو ڏيهه وسائيو، سڀ جو آ ساڻيهه.
تو سوا هيءَ زندگي
ڄڻ ته لوهر جو دڪان
هر گهڙي ڄر ۽ ڄڀي
تو سوا هيءَ زندگي
مان نه ساريان هڪ گهڙي
جنهن ۾ پڄري ڪين جان
تو سوا هيءَ زندگي
ڄڻ ته لوهر جو دڪان
هر گهڙي هڪ مترڪو
هرڪو پل سنداڻ آ
تون وئين ڇو ايئن هليو
هر گهڙي هڪ مترڪو
درد ڪيئن ٿيندو جهڪو
وقت سورن کاڻ آ
هر گهڙي هڪ مترڪو
هرڪو پل سنداڻ آ.
سحر امداد
ڌوتل مک- شيتل اکيون
وائي
چونئري تي جو چنڊ ڏٺوم،
سرتيون ساجن سنڀريوم،
تارا تارا لُڙڪ رُنام.
ڏينهن ڏُونگر، راتيون روهه، جانڊه جهڙي جندڙي،
تو ريءَ جاڙ جيوم.
مَن- بَن ۾ دُکندو دُک؛ ”سُکي آهيان سرتيون!“
ڪيڏو ڪُوڙ ڪيوم.
سهسين سانگ سڄڻ ڪري، مُرڪي ايندا مان ڳَري،
هينئڙي ڏڍ ڏنوم.
ڏُرت ڏُهاڳ ڏُونگرين، جيون جُڌ آ جيڏيون،
ڏانوڻ نه ڏايوم.
هيڏي شهر ڀنڀور ۾، ”موتي مون نه وڻجئا،
ڪايو ڪمايوم.“
مُٺل مارو، ڪُٺل ڪِيڪُون، اکئين ٻَڌم اکئا،
ڪَنين ميڻ وڌوم.
تاسين پِرَ نه پُڇئو، جاسين ڪارين راتيين،
ريٽو رت نه رنوم.
دَڳَ سمورا نرڳ ڏي، سَرڳَ سمان سپرين،
ڀؤ ساگر اُڪريوم.
ٽيڙو
لِتل اڱڻ تي
ڇَڻيل پَن
وِسريل يادون ۽ مون مَن
پَن- ڇَڻ جو آواز ايئن
پُور پِرينءَ جو
ڌيري پير ڌري جيئن
ناتو
ها پر ڪڏهن ڪڏهن
جڏهن
مان تو وٽ نه هوندو آهيان
سي راتيون
تون سيج تي
لُڙڪن جون مالهائون پائي
سمهندي آهين
تنهن کان پوءِ
پاڻ جڏهن به ملندا آهيون
(ڌرتي ۽ آڪاش ملن ٿا)
سي راتيون به
ڀاڪر پائي
چرين وانگر چميون ڏيندي
روئي پوندي آهين
تنهن سمي
او روپ ونتي
هڪڙوئي ٿو پُور پويم
(سُور ٿو سَريم)
گذريل ڪنهن به جنم ۾ تون
سانوڻ جي موسم هونديين
۽ مان ٻاٻِيهو
ڪٺو
سَجل سَجنِي
ڌوتل مُک
شِيتل اکيون
تنهنجي چهري کي
شوڀا ڏينديون آهن
تنهنڪري
پهرين ڏينهن کان
مان
توکي روئاڙيندو اچان.
امداد حسيني
پڳهه مٿان آ گُل ٽِڙيو
وايون
واءُ لڳو واريءَ تان پيرا، پَرَ ڪري اُڏريا.
ڏُور پٽي ويا ڏيهي ڏيرا، گهنگهر ڏينهن گُذريا.
بندوق ڇُٽي اُڏريا ڳيرا، حد لاحد اُڪريا.
اُڀ هو پک پک ڇيرا ڇيرا، تان ڦٽ اُجريا.
لُڏي رهيا لامن آکيرا، سج اُلٿا اُڀريا.
·
مان بي ڏوهي، مان بي ڏوهي، منهنجو ڏوهه نه ڪوئي،
منهنجو ڏوهه اِهوئي.
سَج سُهائيءَ اُوچائيءَ تان، سچ ڏيان ٿو چوئي؛
منهنجو ڏوهه اِهوئي.
مات نه مُور مڃان او لوڪو، موت مڱان مُرڳو ئي،
منهنجو ڏوهه اِهوئي.
چانڊوڪيءَ جي لڙڪن سان مان، داغ ڏيان ٿو ڌوئي،
منهنجو ڏوهه اهوئي.
چئي ڏيان ٿو: ”اندر ڪارا، ڪاريءَ پيرو پوئي“،
منهنجو ڏوهه اهوئي.
پيلي رُت ۾ هئڊ ڳٽي تي، رت پوان ٿو روئي،
(ليڙ لٽن تي، هئڊ ڳٽن تي، رت پوان ٿو روئي)
منهنجو ڏوهه اِهوئي.
جهنڊي وانگر جيءَ جڙي وئي، لويارين جي لوئي،
منهنجو ڏوهه اهوئي.
وقت
وقت به آهي ميتَ جيان،
روڪڻ چاهيان-
روڪي ڪونه سگهان،
ڄاڱرين ٻيرين وانگيان-
رُڙندو آڱرين مان،
رت ڳاڙيندو وِٿين منجهان-
اکڙين جي ڳِڙکين اڳيان
لنگهندو ويندو آهي-
ڪيڏي ڪٺورتا سان-
پَروَس پِراڻَ جيان:
مُڙي به ڪين ڏسي پٺيان-
ٽوڪڻ چاهيان-
ٽوڪي ڪونه سگهان،
روڪڻ چاهيان،
روڪي ڪونه سگهان-
وقت به آهي ميت جيان!
لڙڪ- سنگهر
توکان ايترو به ڪونه پُڳو
هٿ رکي نراڙ مٿان
ڏسين ته
ٻران پيو يا ٺران پيو
تو ته اهو به نه پڇيو
ڪيئن آهيان؟
۽ مان؟؟؟
لڙڪ- مرڪ جا گل ۽ ماڪ
توکي آڇڻ کان به ويس
پر
لُڙڪ- سَنگهر ڪو ڏاوڻ ناهي
مرڪ ڳرهاٽي ناهي
لڙڪ- سنگهر ڪڏهن به ٽوڙي سگهجي ٿي
مرڪ اورانگهي سگهجي ٿي
جڏهن به ڪوئي چاهي!
اُداس نيڻن جي نانءُ
هِيوُجِ ڪار، پٺينءَ سيٽ تان اُداس ٻه نيڻَ
بِنا نِهارَ جي مون ڏي تَڪي رهيا آهن
۽ آءٌ ٺيڪ ڏيو پول کي هميشا کان
جُڳن ڪَنان جَنَمن کان اِيئن اڻيهي کان
نظر جي ڏور ٻڌيو تاڻجان پيو توڏي
(ڪڏهن ته تون به لهي آءُ لهر لهر هلي
۽ منهنجو هٿ جهلي روڊ تان اُڪارين پار!)
۽ منهنجي ذهن ۾ هڪ ٻار راند ٿو کيڏي
۽ منهنجي ياد ۾ ٿڏجي ٿو چنڊ جو کينهو
۽ تنهنجي ڪُونج ڳچيءَ منجهه سَتَ سَري دُهري
۽ وقت؟ ڪات جو هر ريکَ کي ڪَپي ٿو ڇڏي
۽ موت؟ ماتِ جو جهَڙپي جهَٽي جهَپي ٿو ڇڏي
۽ روڊ هَٿَ تِريءَ جي لڪير ڪانهي ڪا
جو آءٌ روڪي سگهان صرف مُٺ بند ڪري
جي آءٌ روڪي سگهان ٿو ته صرف لڙڪن کي
اُهو به شرط اِنهيءَ سان: وڃڻ جي وقت سندءِ
هِيُوجِ ڪار پٺيان ڌوڙ ڪانه اُڏاريندي!
ٽيڙو
ڪٿان چڙهئي هي رنگ؟
وار، نيڻَ، من-
ڪَلر ميچنگ!
پهر پهر زهر
اَلهندو ڏينهن جڏهن ڏوهه ڏَنڊَ سڀ باسي
اُداس شام جڏهن دونهن دونهن ٿي ويندي
ته ڀاسندوءِ اڱڻ تي گهڻو اڪيلو بڙ
۽ منهنجي ياد دريون در ڀڃي هلي ايندي:
اُماس رات جڏهن پهر پهر ٿيندي زهر
آلُوٽ ننڊ ۾ هوند ستل اَڀاڳو شهر
گهڙي گهڙي به ائين گذرندي پئي توتان
”سراپ، ويل ۽ بغداد، هاءِ، گهوڙا، قهر!“
ته ڀاسندوءِ ته در تي ڪڙو لڳو آهي
۽ چونديين ته اِها رول جي صدا هوندي
۽ لُوهَه پائيندين، پر پري پري تائين
گهٽيءَ ۾ ڪوبه نه هوندو، رڳي هوا هوندي!
ٽيڙو
تون ۽ مان
هڪ سَڪي جي
ٻِن پاسن جان!
هڪ چالو نظم
شعر لکڻ ليءِ ڪهڙو مُوڊ؟
سِٽن جي پَتر جو
هڪڙو جهُريل جهُوپو ٺاهي
لفظن جي وڏيري هٿان
اُن کي ڊاهي
لڳرائي باهي
ڳاههِ ڳَهي جيئن
تيئن هڏا هاريءَ جا ڳاهي
اُن جي لَڄ تان لوئي لاهي
تشبيهن جا تَلهڙ هڻي
ڀُوريون ڪُنڊيون
بَگا ساوا
هَڙئي ڪاهي
ڪوتا جوڙي سگهجي ٿي
پر ڇا ان سان-
ڪنهن ظالم جي
پاڙ اُکوڙي سگهجي ٿي؟
پيرن ۾ جا پاتل آهي
سا سنگهر ٽوڙي سگهجي ٿي؟
جي ايئن آهي
جي ايئن ناهي
پنهنجو ڇاهي؟
هروڀرو ڇو پڙهجي
سوچ لوچ جي ڦاهي!
ننڍو نظم
ڊَڀَ مُهرِي ويا نِرڙ تي
اکين منجهه ٿُوهر ڦَٽا
رُڳي رُڃ ئي رُڃَ ڪوري پني تي!
غزل
ٻاهر وايومنڊل انڌو
منهنجي ڪمري ۾ سورج هو
مون ته اهوئي آهي ڄاتو
دنيا دوکو- ماڻهو دُلبو
اڄ الائي ڀاسي ٿو ڇو
رستو هرڪو تنهنجي گهر جو
وقت ٽرئفڪ جان ٿي لنگهيو
سگلنز جيان هئس مان بيٺو
صبح ته ٿيڻو هوندو ٿيندو
پنهنجي ننڊ ڦٽايان ڇو ٿو
ڊومڻ واهه جيان هر جذبو
نَڪُ سدا کان آهي نِرڄو
هوا اُڏاري ويئي ڪاڳر
پاتم لوُهه: اڙي، او، او، او
بسنت رُت کان موڪلايو
پوءِ روئجو هاڻي مُرڪو
پاپي آهي وقت وڏو ڪو
چارڻ کان ڏس چنگ کسي ويو
آيم اهڙو ڪو اولاڪو
وڻ وڻ هو واڍوڙيل واڪو
گهَرُ- ٻار، آفيس ۽ باس
جيون آ ڏچو ئي ڏَچو
تنهنجي ڀر ۾ آهيان بيٺو
ديوار سهاري جئن پاڇو
اک ۾ پاڻي ڀرجي آيو
لوڪ پڇي پيو: ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيو؟
جيون آهي تاڃي پيٺو
پيار اسان جو آهي اوڄو
ڪِرِ ڦلهورڻ مان ڇا ورندو
سڀ ڪجهه آهي رَکَ ٿيو پيو
بازارن ۾ ڀِينگ وسي پئي
هَٽ نه آهي ڪوئي هوڪو
آءٌ اِيائين اُن کي اوڏو
جيءَ جيائين ڀايان جوکو
ڇاڙڪيءَ جيترو هو رستو
توڏي ايندي پنڌ اِنگهي پيو
اڱڻ اسان جي اچڻو هو ڪو
جهرڪي پيو هو جيءَ جهروڪو
نيزي پانڌ لهي سج آيو
سارو لوڪ پگهر ۾ شم هو
رات ماءُ ۽ ٻار ستارا
چندرما جو هڪڙو لولو
آهين ٺيڪيدار ادب جو
پَني پَني هڻندو وڃ ٺپو
کوهِي ڏيڏر تون ڇا ڄاڻين
پَڳهه مٿان آ گُلَ ٽِڙيو ڪو
آفيس امداد اوير آيو
موڊ بِگڙجي ويو صاحب جو
ڪاٿي ڦُول اسان جي ڀاڳين
تنهنجي هٿُ به پٿر هوندو.
(1)
ان رات مون وٽ اچڻو هو، ۽ سندس ماني به تيار
هئي.
(1)
ايڪسيڊنٽ اُماس رات ٿيو.
(2)
الطاف کي امان پيار مان ’چنڊ‘ چوندي هئي.
|