سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1978ع

مضمون

صفحو :12

اها ڳالهه ٻڌي ڳوٺاڻا کلڻ لڳا ۽ پادريءَ کي چيائون. ”تون ڪابه ڳڻتي نه ڪر. اسين توهان سان گڏ آهيون ۽ جيستائين تون پنهنجي ڳوٺ ۾ سلامتيءَ سان نه پهتو آهين، تيستائين اسين توکي گڏهه تان هيٺ لهڻ به نه ڏينداسون.“

آءٌ سمجهان ٿو ته اوهين وڏا بهادر آهيو. ان کان سواءِ اوهان مون کي عزتون ۽ نذرانا ڏئي، مون تي وڏا احسان ڪيا آهن.“

”اها به ڪا چوڻ جي ڳالهه آهي! تون ته اسان کي پنهنجي ساهه کان به وڌيڪ پيارو آهين.“ ڳوٺاڻا پادريءَ جي پٺيان هلندا رهيا ۽ هن جي ڪرامت جي واکاڻ ڪندا هليا. پادريءَ به سندن ڳالهيون ٻڌندو رهيو ۽ جيڪي ٿي ويو هو، ان تي ويچار ڪرڻ لڳو.

نيٺ پادريءَ چيو، ”سچ ٿا چئو؛ گذريل ڏينهن ۾ مون سان جيڪي ٿيو آهي، ان تي مون کي به حيرت ٿئي ٿي- پر ڇا اهو ممڪن آهي ته اهي ڪرامتون منهنجي دعائن جي ڪري ٿيون آهن.“

”توکي ان ۾ ڪو شڪ آهي ڇا؟

”آءٌ ڪو ولي ڪونه آهيان، جو انهن نَون ڏينهن ۾ اهڙيون ڪرامتون ڪر ڏيکاريان؛ پر اهي اوهان ئي آهيو، جن مون کان اهڙيون ڪرامتون ڪرايون آهن.“

”اسان ڪرايون آهن؟“ هنن سڀني هڪ آواز ٿي چيو.

”تنهنجو ملطب ڇا آهي؟“

آءٌ سچ چوان ٿو. اهي ڪرامتون اوهان ئي ڪرايون آهن.“

”اهو توکي ڪنهن ٻڌايو!“ ڳوٺاڻن هڪٻئي ڏانهن ڏسندي ڀڻڪيو.

”اهو اوهان جو ايمان آهي“، پادريءَ پوري يقين سان چوندو رهيو. ”اوهان جي ايمان عقيدي جي ڪري ئي سڀڪجهه ٿيو. اوهان کي خبر ڪانهي ته هڪ پڪي يقين رکندڙ جو روح ڪيترو نه طاقتور ٿيندو آهي. عقيدو ۽ ايمان هڪ وڏي طاقت آهي، هڪ وڏي قوت آهي. ڪرامتون اوهان جي دلين ۾ گهَراين ۾ اهڙيءَ طرح لڪل آهن، جيئن چشمي جو پاڻي پهاڙ ۾ لڪل هوندو آهي. ۽ رڳو عقيدي ۽ ايمان جي ڪري ئي ڪرامتون وجود ۾ اينديون آهن.“ پادريءَ اهڙيءَ ريت ڳالهائيندو رهيو ۽ سندس پٺيان ڳوٺاڻا هڪٻئي پٺيان آهستي وڌيڪ جذباتي ٿيندو ويو ۽ کيس ڪابه سمڪ نه رهي، ته پويان ڳوٺاڻا هڪٻئي پٺيان آهستي آهستي ٿڙندا پئي ويا. جڏهن پادري پنهنجي ڳوٺ ويجهو پهتو ته خيالن جي دنيا ۾ موٽي آيو ۽ ڳوٺاڻن جا ٿورا مڃڻ لاءِ مُنهن جو پٺيان ورائي ڏسي ته هڪڙو به ڳوٺاڻو موجود ڪونه هو.

پادري اچرج ۾ پئجي ويو ته ايتري ۾ هن جا مٽ مائٽ، ٻيا پادري ۽ وڏا پادري کيس وڪوڙي ويا ۽ خوشيءَ وچان لڙڪ ڀريل اکين سان هن کي ڀاڪر پائڻ لڳا ۽ سندس هٿ چمڻ لڳا، انهن مان هڪڙي شخص پادريءَ کي پنهنجي سيني سان لائي چيو ”آخر تون اسان وٽ جيئرو جاڳندو، سلامتيءَ سان پهچي وئين! هنن پنهنجو واعدو پاڙيو. تنهنجي لاءِ هنن جيڪي اسان کان ڀُنگ پئسا ورتا، اهي تنهنجي سِر تان صدقي ٿيا. تون اسان جي لاءِ ڌن دولت کان وڌيڪ قيمتي آهين.“

پئسن جو لفظ ٻڌي پادريءَ کان رڙ نڪري وئي: ”ڇا جا پئسا؟“

پئسا جيڪي اسان ان ٽولي کي ڏنا.“

”ڪهڙي ٽولي کي؟“

”انهن کي جيڪي توکي زوريءَ وٺي ويا هئا. پهرين ته هنن ويهه هزار روپين کان گهٽ جي ڳالهه ئي نٿي ڪئي، ڇو جو هن جو چوڻ هو ته تون ڪروڙن کان به وڌيڪ قيمتي آهين. نيٺ اسان جي منٿن ۽ خوشامدن کان پوءِ هو اڌ رقم وٺڻ تي راضي ٿيا ۽ اسان هنن کي ديول جي چندي جي پئسن مان ڏهه هزار روپيا ڀُنگ جي رقم ڪري ڏني.“

”ڏهه هزار“ پادريءَ کان دانهن نڪري وئي. اوهان منهنجي لاءِ ايڏي رقم ڏني! هنن اوهان کي چيو هو ڇا ته مون کي زوريءَ ڀڄايو ويو آهي؟“

”هائو، تنهنجي گم ٿي وڃڻ کان ئي ڏينهن پوءِ اسان وٽ ٻه- ٽي ماڻهو آيا ۽ چيائون ته هڪڙي ڏينهن فجر جو جڏهن تو پنهنجي گهر جي در وٽ پوکيل کجيءَ جي وڻ کي پاڻي پئي ڏنو ته ڦورن جي هڪ ٽولي توکي زوريءَ پاڻ سان وٺي وئي. هنن قسم کڻي چيو ته جيڪڏهن هنن کي ڀُنگ نه مليو ته تنهنجو انت اچي ويندو؛ پر جيڪڏهن اسان هنن کي ڀُنگ جي رقم ڏني، ته توکي باسلامت هت پهچائي ويندا.“

پادريءَ انهن لفظن تي غور ڪيو ۽ جيڪي ٿي گذريو هو، ان بابت سوچڻ لڳو.

”دراصل هاڻي ڳالهه ٻولهه ظاهر ٿي.“ پادريءَ ائين چيو ڄڻ ته پاڻ سان پيو ڳالهائي.

”اهو مئل ماڻهو، بيمار ۽ پنگلو، جيڪو منهنجي دعا سان ٽپ ڏئي اٿي بيٺو هو! واهه جي کيڏ کيڏي هئن!“

پادريءَ جا مٽ مائٽ وري سندس ويجهو آيا ۽ هن جي جسم ۽ ڪپڙن کي چڪاسيندي خوشيءَ وچان چوڻ لڳا، ”تنهنجي سلامتي کان وڌ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. اسان کي پڪ آهي ته هنن جي قيد ۾ توکي ڪا تڪليف نه پهتي هوندي، پر هنن توسان ڇا ڪيو هو؟“

پادري مُنجهي پيو ۽ ٺهه پهه چيائين: ”هنن مون کي ڪرامتون ڪرايون- - اهڙيون ڪرامتون جيڪي ديول کي ڏاڍيون مهانگيون پيون آهن.“

[انگريزي ترجمي ”Miracle for sale“ تان ترجمو]

 ايلن پيٽن

خير محمد لاڙڪ

ڪؤڙو ڍڪ

1940ع ۾ يونين آف ڏکڻ آفريڪا گولڊن جوبلي ملهائي، تڏهن سنگتراشيءَ جي چٽاڀيٽيءَ ۾، هڪ ڪاري کي هڪ هزار پائونڊ انعام ملڻ تي، پوري ملڪ ۾ ڄڻ ٿرٿلو مچي ويو. ان ”ماءُ ۽ سندس ابهم ٻار“ جي بُت کي نه رڳو ملڪ ۾ واکاڻيو ويو؛ پر سڄي دنيا ۾ ان جي هاڪ ٿيڻ جا پڻ وڏا امڪان هئا، ان ڪارڻ ڏکڻ آفريڪا جي ضمير کي ڏاڍو ڌڪ رسيو.

اهو فني شاهڪار رڳو ڀُل وچان مڃيو ويو هو؛ ڇاڪاڻ ته ملڪ جي اها پڌري نيتي هئي، ته ملڪ جا سمورا ميڙ- ملاکڙا ڪارن ۽ ڳورن جا الڳ الڳ ڪرايا وڃن.’سنگتراشي چٽاڀيٽي پرک ڪميٽيءَ تي ڏاڍا ڇوهه ڇنڊيا ويا ته: اهو اعلان ڇو نه ڪيو ويو ته، اها چٽاڀيٽي رڳو اڇن جي وچ ۾ هئي. پر جڏهن کين ٻڌايو ويو ته سيمولين جي سنگتراشي سڀني کان اُتم هئي، ان ڪري انعام جي لهڻيدار هئي. ڪميٽيءَ اهو به فيصلو ڪيو. ته ڪاري سنگتراشي کي، عام جلسي ۾، ٻين سان گڏ انعام ڏنو وڃي ۽ پوءِ ان جشن جي پُڄاڻي آندي وڃي.

ان فيصلي جي اڇن جي گهڻائيءَ پٺڀرائي ڪئي، پر ڪن طاقتور اڇن پاران ان تي ڏاڍو گوڙ متو، ڇاڪاڻ ته اهو فيصلو ملڪ جي روايتن کي آڏو رکي نه ڪيو ويو هو ۽ اهڙو دڙڪو به ڏنو ويو ته، ڳورا احتجاج طور پنهنجا انعام نه وٺندا. پر سنگتراش جي جشن ۾ شريڪ نه ٿيڻ جي ڪري، اهو ڏکيو ٽاڻو ٽري ويو.

”منهنجي دل نه چيو ته، انعام وٺڻ لاءِ ڪو جشن ۾ حاضر ٿيان“ سيمولين مون کي شرارتي لفظن ۾ ٻڌايو ”جوڻهم ۽ منهنجي ماءُ ۽ اسان جي پادريءَ، سڀني مون کي صلاح ڏني ته، آءُ جشن ۾ حاضر نه ٿيان؛ ان ڪري لاچار اهڙو فيصلو ڪيم. البت مئجوسي، سولا ۽ ٻين ڪيترن انعام وٺڻ تي مون کي اُڀاريو، پر مون کين چيو”بابا، آءٌ سنگتراش آهيان، فنڪار آهيان، نڪي فن جي نمائش ڪندڙ.“

”هي فرانسي شراب عجيب آهي“ سيمولين چيو ”خاص ڪري انهن وڏن وڏن گلاسن ۾ ته ڏاڍو سهڻو لڳي. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ايڏي آرام سان برانڊي پيتي اٿم. آرلينڊو ۾ ته اسان کي رُڪ جي نڙي ٺاهڻي پوندي آهي، ڪنڌ مٿي ڪري هڪ ئي ڳيت گلاس ڏوڪڻو پوندو آهي، ته متان پوليس نه اچي مٿان ڪڙڪي.“

”آءٌ پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻيو ڀيرو هي فرانسي شراب پي رهيو آهيان“ سيمولين مون کي چيو ”سُڌ اٿئي پهريون گهمرو ڪيئن ۽ ڪاٿي پيتم؟ توکي البسٽر ڪتاب- گهر جي ته سُڌ آهي؟ ان چٽاڀيٽيءَ کان پوءِ، منهنجي گهڙيل مجسمي کي پنهنجي دڪان ۾ رکڻ جي موڪل ورتائون ۽ ان کي سانڍڻ لاءِ سڄو جارو حوالي ڪيائون ۽ ان کي شفاف ريشمي اڇي ڪپڙي ۾ ويڙهي رکيائون ۽ مٿانهس ان جي شان ۾ ٻه- چار لفظ به لکي ڇڏيائون.

ڪن ڪارڻن انهيءَ دريءَ ۾ مجسمي کي چڱي پر نٿي ڏسي سگهيس. ٽيشڻ کان پنهنجي هيرالڊ آفيس ڏي ويندي، دڪان وٽان گس ڏيئي لنگهندو هوس. اتي وڏي پٿر کي مجسمو ڏسندي خوش ٿيندو هوس. اهو منظر آڏي اک سان ڏسي واهو ٿيندو هوس.

هڪ رات جيئن آفيس کان دير سان موٽيس، ته اتي ڪو ماڻهو ڏسڻ ۾ آيم، سوچيم ته، اڄ آءٌ  به پنهنجي مجسمي کي ٽٻٽار نهار سان ڏسي، عام لوڪ جيان مزو ماڻيندس. آءٌ پنهنجي شاهڪار کي ايترو ته گهوري گهوري ڏسي رهيو هوس، جو سڪ ئي نه رهي. اوچتو هڪ اچي چيو: ”ڪيئن ٿو ڀائين دوست!“ توکي سُڌ هئڻ گهرجي ته، ڳورن کان، دوست ڪري کيڪارڻ اسان کي ڪڏهن ڪڏهن نصيب ٿيندو آهي

”بس آءٌ مجسمو پيو ڏسان.“ مون کيس چيو.

”آءٌ هتي ويجهو ٿو رهان ۽ گهڻو ڪري هر رات ڏسڻ ايندو آهيان. توکي سُڌ آهي ته بت به توهان مان ڪنهن ڪاري گهڙيو آهي؟ چتائي ڏس.“ اڇي منهنجو ڌيان ڇڪائيندي چيو.

”ها مون کي سُڌ آهي“ مون اُڄاتي ۾ چيو.

”ڏاڍو سهڻو مجسمو آهي. هن عورت جي منهن ڏي ته ڏس، پنهنجي ٻار لاءِ اکُٽ پيار سندس پيشانيءَ مان بکي رهيو آهي؛ پر هوءَ غمگين پڻ آهي ۽ سوچي رهي آهي ته سندس ابهم جي زندگي سولي نه گذرندي.“ ڳوري چٽائي ڪندي چيو ۽ ڳاٽ اوچو ڪري وري مجسمي کي ڏسڻ لڳو ”ڄاڻين ٿو، سنگتراش کي هڪ هزار پائونڊ انعام مليو، اهي ڏوڪڙ توهان پارن لاءِ وڏي ڳالهه آهن. ڀاڳ ڀلا هئس؛ ڀلا تنهنجي به ڪڏهن اهڙي قسمت ٿي؟“ سُرٻاٽيائين ”دوست، شراب پئيندين؟“

سچ ته اوپري اڇي ماڻهوءَ سان، بيگاهه رات ۾ شراب پيئڻ تي منهنجي دل نه هئي- ۽ مون کي آرلينڊو پهچڻ جي هورا کورا هئي. ”توکي ته خبر آهي، ته اسان ڪارن کي رات جو 11 وڳي هي شهر ڇڏڻو پوندو“ کيس سڻايم.

”گهڻو وقت نه لڳندو، منهنجي ماڙي سڏ پنڌ تي آهي. ڀلا توکي آفريڪي ٻولي اچي ٿي.“  مون کي ڄم کان ايندي آهي.“

”ته بس، اسين افريڪي ٻوليءَ ۾ ئي ڳالهائينداسين. منهنجي انگريزي به ايڏي سهڻي ناهي. آءٌ رينسبرگ آهيان. تنهنجو نالو؟“

آءٌ کيس پنهنجي نالي ٻڌائڻ کان مجبور هئس، تنهنڪري کيس چيم، ته آءٌ والڪزا آهيان ۽ آرلينڊو ۾ رهان ٿو.

”والڪزا؟ مون ته اڄ تائين اهڙو نالو نه ٻڌو آهي!“

هو هلڻ لڳو. آءٌ به اَچتوسندس ڪڍ هلڻ لڳس. هن مون کي چيو ”خبر اٿئي. مون ڪهڙو ڌنڌو ڪرڻ ٿي چاهيو؟“

”نه.“

”مون انهيءَ دڪان وانگر هڪ دڪان ڪڍڻ ٿي چاهيو، جنهن ۾ شيديءَ جو گهڙيل بُت رکيل آهي. ننڍڙي لاڪون ئي ڪتابن جو دڪانڙو هئم.“ پاڻ تي کلڻ لڳو ۽ چيائين ”ڪي ڪتاب ته صحيح معنا ۾ لکيل هئا؛ پر ڪيترا مون پاڻ لکيا- - پر منهنجي بدقسمتي، جو مائٽ مون کي ڇورو ڪري هليا ويا.“ پوءِ هن مون کان پڇيو ”تون پڙهيل آهين؟“ اوچتو نڪري ويم ”ها“- - پوءِ پنهنجي بيوقوفيءَ تي پيشمان ٿيڻ لڳيس؛ ڇاڪاڻ ته هڪ ڪارو پاڻ کي ايتري پڙهيل سڏائڻ جو ست نٿو ساري سگهيو.

”گهڻو پڙهيل آهين!“

”ها، گهڻو.“

”ڀلا ڪا ڊگري ٻگري؟“

”ها.“

”ادب ۾؟“

”ها.“

هن ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ کيس ڊگريءَ- ڌڻي نه ٿيڻ جو احساس ٿيو. اسين ميجورامينشن پهتاسين. گيٽ وٽ ڪوبه ماڻهو نه ڏسي سرهائي ٿيم؛ پر تنهن هوندي به پاڻ کي ڳورو محسوس ڪيم ۽ مون کي پنهنجي بچاءُ جي ڳڻتي هئي؛ ڇاڪاڻ ته هو هڪ ڌاريو هو ۽ منهنجو دوست ٿي نه پئي سگهيو. لفٽ ۾ چڙهڻ سان منهنجي نظر ”رڳو اڇن لاءِ“ تي پهتي. هو مون کي حسرت ڀري نگاهن سان ڏسي رهيو هو.

”تون ڀاڳ وارو آهين جو ادب جي ڊگري ورتي اٿئي. منهنجو مقصد پڻ ساڳيو هو؛ پر ايڏو خوش نصيب نه هئس!“ هن جا لفظ دل جي سچائيءَ سان چيل ٿي لڳا. لفٽ مان جيئن ئي لٿاسين ته هن چيو: ”هوند، مون کي به دڪان هجي ها، ته آءٌ به ان ’نيگرو مجسمي‘ لاءِ هڪ جارو مخصوص ڪريان ها.“

اسين اوچي ماڙ تي رسياسين. اها جاءِ مون لاءِ ڏاڍي اوچي هئي. اسين ڪارا ڌرتيءَ تي ليئڙيون پائڻ تي هر پل آهيون. رينسبرگ هڪ دروازي تي بيٺو ۽ مون کي چيائين:

”آءٌ اجهو ٿو اچان.“

هن کن ۾ ڳاڙهي شراب جا ٻه گلاس کڻي آيو ۽ ڏاڍو سَرهو پئي لڳو: ”معاف ڪجو برانڊي نه هئي.“

آءٌ ته سوچي به نٿي سگهيس، ته ڳورن جي جاءِ، ۾ هڪ وهندڙ رستي تي، صحيح سلامت شراب به پي سگهيس ٿي! شراب پيئڻ جي حڪمن جي ڀڃڪڙيءَ (ڳورن تي ڪارن کي شراب پيارڻ تي جهَل آهي) ڪرڻ تي، اجهو ٿو ڪو پوليس وارو جڪڙي جيل ۾ هڻيم. ڪري ڪجهه به نه پئي سگهيس؛ پر ان جاءِ تان مون جلدي ڀڄڻ ٿي چاهيو. ان وير امان جي نصيحت ياد اچي ويم، جڏهن مون ڳورن جي خلاف ڳالهايو هو، ’پٽ، توکي پنهنجو رنگ ۽ حيثيت نه وسارڻ کپي، تون، تون ائين دٻجي ڳالهائي، جيئن هڪ ڪاري کپي ڳالهائڻ گهرجي.‘

رينسبرگ مون کان پڇيو ”تون سيمولين کي سڃاڻين؟“

”مون ان بابت ٻڌو آهي.“ صحيح ڳالهه کي لڪائيندي چيم.

”آءٌ ساڻس ملڻ ٿو چاهيان. آءٌ هن سان اندر اورڻ ٿو چاهيان.“

هڪ پنجاهه سالن جي عورت هڪ ڪمري مان آئي. هٿ ۾ بسڪوٽن جي پليٽ هئس. مون کي کلي کيڪاريائين. مون هڪ بسڪوٽ کنيو ۽ سندس ٿورو مڃيو. رينسبرگ گهٽيل آواز ۾ چيو: ”هي ديس سدا ملوڪ آهي؛ پر منهنجي دل الائي ڇو ويڳاڻي آهي.“ عورت کيس ٻانهن کان جهليو، ڄڻ ڪِرڻ کان روڪي رهي هيس. هڪ ٻي عورت ۽ مرد آيا ۽ رينسبرگ جي ڀرسان اچي بيٺا.

”هي بي. اي. آهي- ڪيئن ٿا ڀانيو؟“ رينسبرگ فخر سان منهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي چيو ”مون کيس برانڊي پيارڻ پئي گهري، پر وٽم نه هئي.“

ٻيءَ عورت کيس پاڻ سان هلڻ لاءِ چيو. جهٽ ئي واپس آيا. ”رينسبرگ سٺو ماڻهو آهي؛  پر ڪڏهن ڪڏهن عجيب غريب ڳالهيون ڪندو آهي.“ عورت چيو. رينسبرگ جي هٿ ۾ برانڊي هئي ۽ خوش پئي نظر آيو. مون کي سڄو منظر عجيب پئي لڳو. اڇن سان گڏ مون کي بي آرامي پئي محسوس ٿي. ائين به محسوس ڪيم، ته هنن انسانيت جي اصولن هيٺ مون کي ڇُهڻ پئي چاهيو؛ پر ساڳئي وقت مون کي اڇوت سمجهي ڇرڪي پئي ويا.

”هو روز ان مجسمي کي بنا ويساند ڏسڻ ويندو آهي. هن جو خيال آهي ته خدائي ئي اهڙو مجسمو ٺاهي سگهي ٿو- جنهن ماڻهوءَ ان کي ٺاهيو آهي، خدا پڪ سان ان ۾ سمايل آهي- انهيءَ ڪري ئي هي ساڻس ملڻ ٿو چاهي ۽ پنهجي اندر جو حال اورڻ ٿو چاهي.“

رينسبرگ شراب جي بوتل مون ڏانهن وڌائي، اها بهترين برانڊيءَ جي بوتل هئي؛ پر منهنجي بي آرامي وڌندي پئي ويئي، ڇاڪاڻ ته پڪڙجي پوڻ جو کُٽڪو هو. تڪڙو تڪڙو بوتل کي ڏوڪڻ شروع ڪيم، ائين جيئن آرلينڊو ۾ پيئندو آهيان. رينسبرگ دلداريءَ ڏيندي چيو:

”آءٌ تو کي ٽيشن تي ڇڏي ايندس. آءٌ جيڪر توکي گهر ڇڏي اچان ها؛ پر مون کي رات جو وقت آرلينڊو ويندي ڊپ ٿو ٿئي.“

”تو کي خبر آهي، منهنجي لفظن جو مقصد ڇا هو؟“

”ڪهڙا لفظ!“

”اسان جي ملڪ جي سهڻي هئڻ جي باري ۾.“

ها مون کي معلوم ٿي ويو، ته هن جو مطلب ڇا هو؟ مون ڄاتو ٿي ته منهنجي انسان هئڻ ڪارڻ هن سندم ويجهو اچڻ ٿي چاهيو؛ پر هو ائين ڪري نٿي سگهيو، ڇو ته ڪارن جي ملڪ ۾ رهندي هو انڌو ٿي چڪو هو. ڪارا ماڻهو اڇن جي من کي ڪڏهن ڪڏهن ميڻ ڪري سگهندا آهن- جڏهن اهي ”ماءُ ۽ ابهم ٻار“ جو مجسمو ٺاهيندا آهن. آءٌ سوچ جي سمونڊ ۾ ٻڌي ويس.

”ڇا پيو سوچين؟“

”گهڻيئي ڳالهيون آهن.“ ائين چئي وري چپ ٿي ويس ۽ دل جو سور دل ۾ پي ويس. هو ڇا سوچي رهيو، سا خدا کي خبر؛ پر مون ائين محسوس ڪيو، ته هو شيهي جي جوتن سان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو؛ پر ان هوندي به کيس معلوم ٿي نه سگهيو ته هو چُري ڇو نه پئي سگهيو. سندس دل تي ڪاري سنگتراش گَهرو اثر ڪيو ۽ هن مون کي نيگرو جي حيثيت ۾ ڇُهڻ پئي گهريو؛ پر ڇُهي نٿي سگهيو ۽ نه ڇهڻ جو ڪارڻ نٿي ڄاتائين. هو الاءِ ڇو وساري ويٺو هو. ته ڪارن سان خدا ڪارڻ دشمني انهيءَ جو ڪارڻ هئي.

جڏهن آرلينڊو ۾ پهتس ۽ پنهنجي زال کي سڄي وراتا سڻايم، تڏهن هن ڪارن جي حالتن تي روئي کڻي رَڇ ڀريا.

Ed. E erbert L: Shore, Megcheline Shore- Bos, “Come Back Africa”  Seven Seas, Berlin, 1968.

Shart story- A Drink in chi panage by Alan Paton Page 154 to 163.

ترجمو: نبي بخش کوسو

للـه ۽ گراناز

(بلوچي لوڪ ڪهاڻي)

هيءَ هڪ بلوچي ڪهاڻي آهي- بهرحال مون ان جو ترجمو للـه گراناز تان ڪيو آهي جنهن جا مصنف ته بلوچستان جا عوام آهن، البت ان آکاڻيءَ جي ترتيب بشير بلوچ، عبدالرحمان غور، مير گل خان نصير، مير شير محمد مريءَ، سردار خان گشڪوري پنهنجي ڪتابن: للـه و گراناز، نغمئه ڪوهسار، حمل وجيئند، بلوچي شاعري Literary History of Baloch ۾ پئي ڪئي آهي- ۽ ان کان سواءِ قاضي عبدالرحيم صابر پڻ ’بلوچستان ڪي واديون‘ ڪتاب ۾ ان ڪهاڻيءَ جو ذڪر ڪيو آهي مون گهڻو تڻو بشير بلوچ جي ڪتاب تي depend ڪيو آهي. – ن- ب. ک.

مير باران مڪران جي بندرگاهه جو هڪ هاڪارو شخص هو. گراناز سندس ڌيءَ هئي للـه سان هن جي وهانءُ کي، ايڏا ڏينهن نه لنگهيا هئا. زال ۽ مڙس سُکيا ۽ سرها هئا.

هڪ ڏهاڙي مير باران کي سندس پراڻن ويرين پيغام مُڪو ته، هو وير پاڙڻ لاءِ اچي رهيا آهن. مير باران پنهنجي ٻن جواڻ پٽن سان گڏ ويرين سان ويڙهاند لاءِ تيار ٿيو. للـه پڻ ان گهر جو ناٺي هو، جيتوڻيڪ مير باران جي ويرين سان سندس ڪوبه وير نه هو؛ پر کيس اها ڳالهه نٿي آئڙي، ته هو نئين شاديءَ جو ميهه ڪري گهر ويٺو رهي ۽ سندس ساهرا دشمنن جي حملي جو بک ٿين.

مير باران کيس گهڻو ئي سمجهايو ته، هو پنهنجي ڪنوار وٽ رهي، هي جنگ لاءِ نه، پر صلح صفائيءَ لاءِ وڃي رهيا آهن؛ پر للـه جي غيرت ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ کان نابري واري. گراناز کيس به هٿيار پنهوار ڏئي روانو ڪيو. ترار ۽ زرهه پاڻ پنهنجي مينديءَ رتن هٿن سين پهريائينس ۽ مير باران جي ڪٽنب جي اها ٽولي ويرن سان ويڙهاند لاءِ اُسهي. هوڏانهن ويرين جو به شاهي ڪٽڪ هو. جنگ جو نتيجو ته پڌرو هو؛ پر مير باران ۽ سندس پٽ بلوچي روايت موجب ان ڪرهي ۾ ڪُڏي پيا ۽ پڙ تي ئي پرزا ٿيا، للـه به وڌنديون وکون کنيون. انيڪ گهاءَ رسيس. گهوڙو جهڙو رت- نئن اُڪري آيو هوس. ترار ۾ وڌيڪ وار ڪرڻ جو تيک ئي نه رهيو هوس. گهڻي رت ڇڏڻ ڪري للـه ويو پئي نِستو ٿيندو. سندس نوڪر، جيڪو جنگ ۾ ساڻس گڏ هو، تنهن پنهنجي ڌڻيءَ کي ڦٽيل ڏسي، سندس گهوڙي کي چهٻڪ هڻي ميدان مان ڀڄائي ڇڏيو.

هوڏانهن اها سُڻس للـه کان اڳ سندس گهر پهچي چڪي هئي. گراناز کيس سندس سرتيون طعنن سان تنبي رهيون هيون ته: ”اهڙي سونهن ئي گهوري، جيڪا مڙسن کي جنگ مان ڀاڄ جو سبق سيکاري.“ گراناز کي پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ جي موت جو سور وسري ويو- کيس پنهنجي مڙس جي ڪانئرتا تي جک اچي رهيا هئا.

جڏهن للـه زخميل حالت ۾ پنهنجي گهر جي چانئٺ تي پهتو، ته گراناز سندس آجيان ڪرڻ بدران کيس چيو: ”ڪجهه ڏينهن اڳ، مان پنهنجي جيڏين سرتين سان، تنهنجي بهادريءَ جي ڳالهه ڪيڏي نه مان سان ڪندي هيس- سدائين سوچيندي هيس، ته تون شينهن جو موت مرندين ۽ سورهيه سورمن ۾ تنهنجو نانءُ سڀ کان مٿاهون هوندو، ڪاش، تون ائين ئي مرين ها ۽ مان پنهنجا سمورا زيور هميشہ لاءِ لاهي بند ڪري ڇڏيان ها ۽ تنهنجي سوڳ ۾ ڌڪار ڀري نهار سان، تنهنجي دشمنن جي ڳوٺ کي اوستائين ڏسندي رهان ها، جيستائين تنهنجو پلاند نه وٺان ها- پر.. پر توکي ڇا چوان؟ توکي ڪانڌ ڪيئن چوان؟ بلوچ ڪيئن مڃيان؟ ڇاڪاڻ ته بهادر ۽ غيرتمند بلوچ، رُڪ وهندي راند ۾، چنڊ جهڙا چهرا وساري ترار جي چمڪاٽ تي ڌيان رکندا آهن؛ پر اَلا، توکي، ويرن سين ويڙهاند ۾ رڳو سهڻ جون مجلسون، سکيو ستابو گهر، ڳڀرو پٽن جي کنيچل ۽ منهنجون مٺڙيون ڳالهيون ياد آيون. حيف هجئي، تون منهنجو ڪانڌ نه پر منهنجو پٽ آهين، جنهن کي مون ٿڃ پياري هجي ڏينهن قيام تائين تون سونهن ۽ سينگار لاءِ ڀاءُ ۽ پيءُ برابر آهين!“ ۽ گراناز کيس گهر ۾ گهڙڻ نه ڏنو. للـه پنهنجي ڪاٺير ڀائرن سان گڏ رهڻ لڳو.

للـه کي پنهنجي گهاڻن جو سور وسري ويو. گراناز جي سهمن سندس اندر جو ڦٽ چڪائي وڌو هو. گراناز کي چوائي مَڪائين: ”مٺڙي، مڙد ۽ نامڙد جو فرق پڌرو پيو آهي. جيڪي گهاءَ مون سٺا آهن، تن جي توکي ڪهڙي ڪل! توکان ته اول ڪاٺين جو اهو ڍڳ چڱو آهي، جن کي ٻوڏ ۾ نديون وهائي ڪلمت کڻي اينديون آهن ۽ سياري جي سرد راتين ۾ اهي ڪاٺيون منهنجي جسم ۽ روح جي زخمن سان گڏ ٻرنديون رهنديون آهن. گراناز، جي تون منهنجي سيرانديءَ کان ويهي، رڳو منهنجا گهاءَ ڳڻين، ته هوند تنهنجا چاڪ به چڪي پون.“ پر گراناز هڪ ڪانئر جي زال سڏائڻ کان انڪار ڪندي رهي.

للـه پنهنجي اندر جو سور مڪران جي ڪارين ڪِوِلِين سان اوريو: ”وڃو ڪِولِيون، وڃي منهنجي چنڊ جهڙي پرينءَ کي ٻڌايو، ته مون پنهنجي ناموس جي لاءِ ويرين سان وڙهندي، ڪيڏا نه گهاءَ سَٺا آهن! مون پنهنجي ڏاڏاڻي ترار سان ويرين کي ڇانهين جي ڦاڪن جيان ڪپيو آهي. منهنجي گراناز کي سُڻايو، ته زخميل هئڻ جي ڪري، سندم نوڪر گهوڙي کي چهٻڪ هڻي نه ڀڄائي ها، ته مان پڙ تي ئي پرزا ٿيان ها! کيس ٻڌايو، ته مون کي اها سُڌ آهي ڀاڄوڪڙ کي اسان جي قوم ۾ ڪوبه وريام نه سڏيندو آهي. کيس چئو، ته مون کي سندس ماکيءَ سپ چپن جو سُنهن، ڪجلن نيڻن ۽ ڇلا ڇلا وارن جو سوڳنڌ آهي، ته جيستائين مير باران جي ويرين سان پلاند ڪندس، تيستائين مون کي ڪلمتي نه سڏي ڀلي لورو سڏي!“

”اي مڪران جون هوائون، کيس ٻڌايو ته جيستائين مير باران جو پلاند نه ڪندس، تيستائين گراناز منهنجي مڌ جي پيالي لاءِ ڀيڻ سمان آهي!“

۽ پوءِ هڪ ڏيهاڙي، للـه واچوڙي وانگر ويرين تي وڃي ڪڙڪيو. اها سُڻس گراناز تائين به پڳي. کيس پنهنجي ڪانڌ سان هجت تي ڏاڍو ڏک ٿيو. هوءَ ڳوٺ جي چڱن مڙسن وٽ ويئي؛ ليلايائين ۽ کين للـه کي پرچائي ڏيڻ لاءِ چيائين؛ پر هنن ته قسم کنيا هئا، ڏاهن وٽ انهن قسمن بابت پڇڻ ويا- ڏانهن چيو ته جيڪڏهن گراناز سڄي ڄمار ڳهه ڳٺا نه پائي ۽ للـه مڌ جي پيالي کي هٿ نه لائي، ته پوءِ هو ٻيئي زال مڙس جيان رهي سگهن ٿا.

ٻيئي زال مڙس، پنهنجي وچن کي پاڻي ڏيئي، هيڪ ميڪ ٿي ويا. ڀلا گراناز لاءِ پنهنجي ڪانڌ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو زيور هو! للـه وٽ پنهنجي پرين جي نيڻن کان وڌ ٻي ڪهڙي مڌ هئي!

 هن حصول پاڪستان جي تحريڪ ۾ قائدا اعظم سان گڏجي اهم ڪردار ادا ڪيو سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ ۽ سنڌ جي مسلمانن کي حصو پاڪستان جي لاءِ مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ جمع ڪرڻ ۾ شيخ عبدالمجيد به ٻين سان گڏجي اهم ڪردار ادا ڪيو. حصول پاڪستان ۾ شيخ صاحب جو اهم ڪردار هو؛ اها ڌار ڳالهه آهي، ته قيام پاڪستان کانپوءِ هن جي خدمتن کي وساريو ويو ۽ هو سياست کان ڪناره ڪش ٿي گوشه نشين ٿي ويو.

روزانه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي، 25- مئي 1978ع

(ايڊيٽوريل مان)

امرتا پريتم

ولي رام ولڀ

پن- ڇڻ جا ڇڻيل سدا ساوا پن-

 هڪ قديم نظم

پئپيرس هڪ اهڙو ٻوٽو آهي جو قديم دؤر ۾ مصر جي نيل نديءَ جي ڀر وارن علائقن ۾ پوکيو ويندو هو ۽ ڏکڻ يورپ جي مختلف علائقن ۾ اهو اڄ به اُڀريل ڏسبو آهي. انهيءَ ٻوٽي جي مُک پاڙ ڪنهن مرد جي ٻانهن جهڙي ٿلهي ٿيندي آهي، جنهن مان ڪيتريون ئي سنهڙيون پاڙون ڦٽنديون آهن ۽ ٽاريون اٽڪل چار هٿ کن مٿي وينديون آهن جن ۾ ٽڙندڙ گل ديوتائن تي چاڙهيا ويندا هئا. اهيءَ ٻوٽي جي پاڙ جي ڪاٺيءَ مان ٻيڙين جا ونجهه ۽ ٻين گهڻن قسمن جا آواز ٺاهيا ويندا هئا ۽ ٽارين مان ڪاغذ ٺاهيو ويندو هو. چيو وڃي ٿو ته انهي جي ڪاٺيءَ مان پوڄا- اسٿانن جي پوڄارين جون چاکڙيون به جوڙيون وينديون هيون.

مصر جو اوائلي ادب انهيءَ ٻوٽي مان جوڙيل ڪاغذن تي لکيو ويو هو، جو گهرن جي ڀتين تي لڳل ۽ قبرن ۾ سنڀالي رکيل آهي. اهڙن ڪاغذن تي جيتوڻيڪ يوناني ادب توڙي اطالوي ادب جا حوالا ملن ٿا؛ پر انهيءَ جو بنياد مصر ۾ پيو هو ۽ شروعاتي شڪل ۾ اهو ڪاغذ به اوڏانهن مصر مان ئي ويو.

چون ٿا، انهيءَ جي ٽارين کي ڪپي، انهن کي هڪ جهڙو ڊگهو ۽ هڪ جهڙو سنهو ٺاهي، هڪ تهه ۾ سريکو ڪري وڇايو ويندو هو ۽ پوءِ اهڙين ئي تيلين جو ٻيو تهه انهن مٿان تاڃي پيٽي جيئن وڇايو ويندو هو. پوءِ انهيءَ اُڻيل ٽڪر کي نيل نديءَ جي پاڻي ۾ پَسائي آلو ڪري سڪايو ويندو هو. ڏانڊين مان نڪرندڙ رس پاڻيءَ ۾ آلو ٿي، کين پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيندو هو. پوءِ انهيءَ ٽڪر کي لوهي بار سان هڪ جهڙو سريکو ڪري سج جي پَس ۾ سڪايو ويندو هو ۽ انهيءَ جي کهراڻ تي سِپن يا هاٿيءَ جي ڏندن جي ٻوري جي پالش ڪري ان کي چمڪايو ويندو هو.

قديم مصر جون اهي لکڻيون، جي اهڙن ڪاغذن تي لکيل مليون آهن، گهڻو ڪري مذهبي رنگ جون آهن. نظم ۾ به ته نثر ۾ به. انهن ۾ هڪ ننڍڙو نظم لکيل مليو آهي، جنهن جو سرو آهي: جيون- ڍائو ماڻهو. اها هڪ ماڻهوءَ جي خودڪشيءَ کان اڳ پنهنجو پاڻ سان ڳالهه ٻولهه آهي. نظم هيئن آهي:

’اڄ موت مون اڳيان ائين آهه سمهاڙو....

جيئن پراڻي روڳ جو ڪو روڪي ٿئي نوبنو

۽ جيئن ڪو بند ڀڃي ٻاهر نڪري....

اڄ موت مون اڳيان ائين آهه سمهاڙو....

جيئن ڪنول جي گلن مان پکڙجي سُڳنڌ

۽ جيئن ڪو ويٺو هجي مہ مست ڌرتيءَ ڪناري...

اڄ موت مون اڳيان ائين آهه سمهاڙو....

جيئن ڪو پنهنجي گهر لاءِ اُتاولو

۽ جيئن ورهين جا ورهيه بند ۾ گهاري....‘

زندگي جو موهه، انسان جي بنيادي خواهش آهي، پر ائين ٿو لڳي، ته زندگي مان کٽو ٿيڻ به تاريخي آهي. قديم زماني ۾، زندگيءَ کان انڪاري شخصيتن جي ڪهڙي تاريخ آهي، اها اڄ ڳولي نٿي سگهجي؛ پر اهو نظم هڪ تاريخي حقيقت آهي، جنهن کي من جي بيحد اداس ڪيفيت ۾، مرندڙ ماڻهن جو ’ازلي نظم‘ چئي سگهجي ٿو. ۽ هن کي’ازلي نظم‘ چوڻ کان پوءِ، اڄ جي دنيا جي ڪجهه انهن شاعرن ليکڪن جي شاعريءَ ۽ لکڻين جو ذڪر ڪجي ٿو، جن جيئڻ مان به ڪڪ ٿي، هن جڳ ۾ جيئڻ کان انڪار ڪيو هو، يا وري اُن وقت جي حڪومتن جي گولين جو شڪار ٿيا، جلاوطن ڪيا ويا، جن جلاوطني قبول ڪئي. بيزاري وقتي ٿيندي آهي ۽ انهيءَ جي خاص پلن ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو؛ پر مهان شاعرن ۽ ليکڪن جي ڪيرتين ۾ ڪجهه به وقتي نٿو هجي، انهيءَ ڪري سندن ڪيرتين مرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.-

جئڪ لنڊن (1875ع- 1961ع) Jack London

’مون کي سچ جي چهري کي ڏسڻ ڏيو. مون کي ڏيکاريو، سچ جو چهرو ڪهڙو ٿو ٿئي...‘ اهي دنيا جون بيحد پياريون سٽون جئڪ لنڊن جون آهن. هڪ ناول نويس جي شاعري.

اهو دنيا جو ايڏو بي ڊپو شخص ڪير هو؟ چون ٿا 1875ع جي جون جي شروع وارن ڏينهن ۾، مئن فرئنسڪو جي ’ڪرانيل‘ اخبار ۾ هڪ خبر ڇپي هئي، ته هڪ عورت پنهنجي ڪن ۾ گولي هنئي آهي، ڇو جو هن پنهنجي اڻ- ڄائي ٻار کي مارڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن تي سندس مڙس کيس گهر مان لوڌي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو. اها عورت، جا مرڻ چاهيندي به مري نه سگهي، فلورا ويلمين هئي- - ۽ سندس مڙس (جنهن سان سندس شادي ڪڏهن ٿي نه سگهي) آئرش پروفيسر چئني هو... ۽ گرم جو اهو ٻار جو فلورا سڙڪن تي نڌڻڪو گهمندي ڄڻيو، دنيا جو تمام وڏو ناول نويس ’جئڪ لنڊن‘ هو.

اورنگ اسٽون، جئڪ لنڊن جي جيوني لکندي يڪساهي کيس ڌاڙيل، عاشق، حرامي ۽ سڄاڻBastard) and Genius, Pirate, Lover) چيو آهي.

ڌرتي پنهنجي ڇاتيءَ جا ٻيڙا کولي’ جئڪ کي پنهنجي اندر سموري ڪُروپتا ۽ سونهن ڄڻ اکين ڏيکاري ڏني هئي. دنيا جي هر ليکڪ ڪجھ ڏٺو’ ڪجھ ٻڌو ۽ ڪجھ انوما ڪيو’ پر جئڪ لنڊن اهو سڀ ڪجھ اکين سان ائين ڏٺو’جو کيس اک ڇينڀڻ جو به وجھ نه مليو. هو ساموندي ڌاڙيل به ٿيو، مِلين ۾ ڪوئلا وجھندڙ به _۽ هو بي درو ديوار راتين جو ڏوهي بڻجي جيل جو قيدي به بڻيو... ۽ هو دنيا جي ڪتابن کي، نرم آڱرين سان ائين ڇُهي ڇُهي  ڏسندو رهيو، ڄڻ دنيا جي هر عظيم ڪتاب جو جلد، سندس پريمڪا جو بدن هجي ۽ سندس پنهنجا هٿ جنم جنم جي پريميءَ جا هجن...

جئڪ کي فرش جي صفائي يا بٺيءَ ۾ ڪوئلا وجھڻ جهڙي جسماني ڪمن جي عيوض، هڪ ڊالر روز کان وڌيڪ نٿي ملي سگھيو. ۽ اهو ظاهر هو ته جسماني پورهئي جو عيوضو سموري عمر ۾ انهيءَ کان وڌيڪ ٿئي ٿي سگهيو. موت جو پاڇو، هر هنڌ ساڻس گڏ هو، جنهن کي هن هر وقت جو ساٿي قبولي ورتو هو. سمنڊ ۾ ٻڏي مرڻ جو خيال ڪيئن ڀيرا سندس اکين ۾ چمڪيو، ايتريقدر جو هڪ ڀيري هو تمام گهڻي دير تائين سمنڊ ۾ ترندو رهيو ۽ پاڻيءَ جي لهر جي ڇهاءُ کي من ئي من ۾ الوداع ڪندو رهيو- پر ٿڌي کاري پاڻيءَ، سندس جسم ۾ وري ويساهه ڀري ڇڏيو ۽ هن هڪ ڀيرو وري مرڻ گهڙي ٽاري ڇڏي....

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com