رومانيا پهچڻ کان پوءِ، سڀ کان اول بوتيف
’سووبودا‘ (آزاديءَ) نالي انقلابي اخبار ۾ ڪم ڪرڻ
لڳو؛ پر پوءِ جلد ئي پنهنجي اخبار ڪڍيائين.
بلغاريائي جلاوطنن جي دنيا؛ وري ٻي اخبار به شروع
ڪيائين: ’الارام ڪلاڪ‘. انهيءَ وقت بوتيف شاعري به
شروع ڪئي. سندس سموري شاعري هڪ انقلاب آهي. اهو ئي
ڪارڻ آهي، جو سڄي ملڪ ۾ لڙائيءَ جي وقت سندس گيت
’پوڄا منترن‘ جيئن ڳائبا هئا.
1875ع ۾ جڏهن انقلاب جي لهر اُٿي، ته بوتيف جي هڪ
اشاعت ’بئنر‘ ماڻهن جو آواز سمجهي ويندي هئي.
انهيءَ سان رومانيا جي راڄ ڌاني بخارسٽ ۾، آزاديءَ
جي متوالن جي هڪ گڏجاڻي ٿي، جنهن جو مکيه ڪم بوتيف
کي سونپيو ويو. اپريل 1876ع ۾ اها لهر سموري ملڪ ۾
ڦهلجي ويئي. زندگي ۽ موت جي انهيءَ لڙائيءَ ۾،
حڪومت جي هٿيارن سان مقابلو سولو نه هو. بوتيف قلم
پاسيرو رکي، هٿيار کڻي ٻن ساٿين جي مدد سان پنهنجي
وطن روانو ٿيو. آسٽرين جهاز ۾ پنهنجي ساٿين سميت
ڊئنيوب ندي اُڪري پنهنجي ڌرتيءَ تي پهتا.
بوتيف پنهنجي موت جو گيت، پنهنجي جيئري پنهنجي قلم
سان لکيو:
’جو جنگ جي ميدان ۾ موت ٿو ماڻي
اهو موت ناهي.
جو آزاديءَ جي ويڙهه وڙهي ٿو-
ڌرتي ۽ آڪاس، وٽس حاضري ڏين ٿا
۽ فطرت جهنگلن سان گڏ ڳوڙها ڳاڙي ٿي
۽ وقت جا چارڻ سندس اوسارو ٿا ڪن.‘
ورانسا ديلاگ جي ٽڪرين ۾ بوتيف ۽ سندس ساٿي دشمنن
جي فوج سان وڙهيا هئا ۽ ڇتي ويڙهه کان پوءِ، 2-
جون 1876ع جي رات جو، جڏهن بوتيف جنگ جي ميدان جو
معائنو ڪري رهيو هو، ته اونداهيءَ جي اوٽ مان دشمن
کيس گولي هڻي ماري ڇڏيو. ستاويهه ورهيه ۽ پنجن
مهينن جي ڄمار ۾ مري ويل هن شاعر، پنهنجي موت کان
اٺ ورهيه اڳ، پاڻ جهڙي سورهيه هڪ ساٿي ’حاجي
دِمِتر‘
جي موت تي هڪ اهڙو نظم لکيو هو،
جو هر شهيد تي لکيل نظم چئي سگهجي ٿو:
’هو زندهه آهي... هو زندهه آهي....
هوڏانهن، هُن ٽڪريءَ تي، رت ٻڌل ۽ آخري پساهن ۾
هڪ بهادر، جنهن جو سينو پرڻ
جوان، ڇپ جهڙو اڏول مرد
مجاهد
هڪ پاسي بندوق رکيو، هو پيو آهي، هڪ پاسي تلوار
ڀڃيو.....
سموري دنيا تي لعنت وجهندڙ سندس چپ ڏڪن ٿا...
ڌرتيءَ تي ليٽيل ۽ آڪاس ۾ سج،
لاباري جا ڏينهن آهن
پري وڻڪار ۾ ڪو ڳائي پيو
۽ سڀ رڪاوٽون ڀڃي هن جو رت هي پيو.....
لاباري جا ڏينهن آهن- اي غلام ڇوڪريون!
ڏکن جا گيت ڳايو! ڏينهن چڙهي رهيو آهي
غلامن جي ملڪ تي سج سڙي رهيو آهي
۽ هڪ سرويچ کي اڄ اڃا مرڻو آهي....
جو ويڙهه ۾ مري ٿو، اُهو نٿو مري
هي ساري ڌرتي هن لاءِ روئي ٿي
۽ هي آسمان به ٿو روئي
بن، پن ۽ جانور به ٿا روئن
۽ چارڻ سندس چاهت جا گيت ٿا ڳائين
سرڻ سندس منهن تي ڇانوَ ڪري ٿي
۽ واگهه سندس ڦٽ چٽي ٿو
عقاب- پکين جو سرويچ
منهن سندس مٿان ڦيرا ڏي ٿو- جوڌو جو آهي!
هر شيءِ ويجهو ويجهو ٿيندي اچي
چنڊ چڙهي ٿو ۽ تارن جو آسمان تي آهه راڄ
گهاٽا جهنگل جهومن ٿا
هوا اکيون مهٽي ٿي، جبل ’هائيڊڪ گيت‘
ٿا ڳائين
جهنگل جون پريون جهومن ٿيون، کيت لهرائين ٿا
- ۽ هُن جا گيت ڳائين ٿا
سائي گاهه تي هوريان ٽلنديون
پٻن جي سهاري ڀرسان ويهن ٿيون،
ڪا هڪڙي چهري تي پاڻي ٿي ڇڻڪائي
ڪا وري ڦٽن تي مرهم ٿي لڳائي
ڪا جهُڪي چپ ٿي سندس چمي
هو ڇپر اکين جا کڻي تڪي ٿو
۽ مُرڪي ٿو:
حسينو! ’ڪاراجا‘
ڪٿي آهي؟
منهنجي يارن جو ٽولو ڪٿي آهي؟
مون کي ٻڌايو
۽ منهنجي آتما کي منهنجي تن مان ڪڍي وٺو
هي تن هينئر، هتي ئي، هن پل ختم ٿيڻ ٿو چاهي...‘
اهي اڃا ويجهو اچن ٿيون
جهومن ٿيون
هٿن ۾ هٿ ڏين ٿيون
۽ پوءِ اڳي جيئن جهونگارينديون
کيس آسمان ڏانهن وٺيو وڃن ٿيون- -
اڏامنديون، ڳائينديون، آسمان ڏانهن وڌنديون...
باک ڦٽي آهه ۽ هن ٽڪريءَ تي اهو سرويچ سمهيو پيو
آهي
سندس رت اڃا پيو ٽِمي
واگهه رت چٽي ٿو
۽ سج هڪ دفعو وري ساڳي ريت سڙي رهيو آهي.ــ
اوسپ مئنديلستام (1891- 1938)
هي روسي شاعر وارسا (پولينڊ) ۾ ڄائو هو. ماسڪو
موٽي آيو ته کيس
Concentration Camp
۾ رکيو ويو. مير مارڪوف ’جديد روسي شاعر‘ جي مهاڳ
۾ لکيو آهي. ته ’اسٽالن جي باري ۾ طنز مزاح جا نظم
لکڻ ڪري،
Concentration Camp
۾ رکيو ويو، جتي سندس موت ٿيو. اُتي هو پنهنجي حصي
جو کاڌو نه کائيندو هو، ڇو جو کيس ڊپ هو ته کاڌي ۾
زهر ملايل هوندو. انهيءَ ڪري ساٿين جو کاڌو چورائي
کائيندو هو، جنهنڪري اُهي کيس مارئيندا هئا.‘
مئنڊيلستام جو هڪ نظم آهي: ’اچو ڀائرو!- -‘
’اچو ڀائرو! آزاديءَ جي جدوجهد جو گيت ڪو ڳايون
هي مهمان ڌنڌولو ورهيه آهي.....
رات جو تپندڙ پاڻيءَ ۾
ڄار جو جهنگ وڇايل
۽ تون- - اُداس ورهين ۾ اُٿندا ڏسندين....
اي سج! اي نياءُ ڪاري! اي لوڪو!
اچو هن ڌنڌ جا جس ڳايون
جنهن کي لوڪن جا اڳواڻ اکين سان کنيو ويٺا آهن
۽ طاقت جي ڪاري ڌُنڌ جا جس ڳايون
جن کي کڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
اي وقت! تون به ٻُڌ! تنهنجو ٻيڙو ٻڏڻ وارو آهي...
اسان سڀ اپمان پي ڇڏيا
۽ کين جنگي لشڪر تائين وٺي وياسين
هاڻي سج نٿو ڏسجي ڪٿي
۽ سڀڪجهه هڪ ڄار ۾ لُڏي پيو ڄڻ
هڪ گهاٽي ڌنڌ ۾ جهلڪي پيو جيئرو جهڙو
سج ڪٿي ڏسجي نٿو- ۽ ڌرتي تمام ڏور آهي.
خير.... جتن ته ڪريو
ڳؤرا، بڇڙا، رڙندڙ ونجهه ته هٿ ڪريون
ڌرتي وهي پيئي...مردو، حوصلو رکو!
سمنڊ کي کيڙيون ڄڻ هر ٿا ڪاهيون
۽ لينٿي
جي
ٿڌاڻ ۾ به ياد رکنداسين
ته اسان ڌرتيءَ جي قسمت ٻُڌي هئي-
پورن ڏهن بهشتن جي عيوض.ــ
گِيومِليوَ (1895- 1925)
ڪنهن وقت جو ڏوهه، ڪيئن وقت گذرڻ کان پوءِ، هڪ نيڪ
عمل بڻجيو ٿو وڃي، بلغاريائي شاعر گِيو مِليوَ جو
ڊگهو نظم ’سيپٽمبر‘ انهيءَ جو جيئرو جاڳندو مثال
آهي. انهيءَ نظم فاشزم جي چهري کي بي نقاب ڪيو هو؛
انهيءَ ڪري فاشسٽ پوليس، ان ڏوهه ۾ هن شاعر جو گلو
گهُٽِي، کيس صوفيا جي ڀرسان هڪ کاهيءَ ۾ اڇلائي
ڏيو هو.
جون 1923ع ۾ فاشسٽ ٽولي، ان وقت جي هاري- جماعت
کان حڪومت کسي هئي ۽ ملڪ جي سماج وادين 23-
سيپٽمبر جو بغاوت ڪئي هئي. شروعاتي ڏينهن ۾ ڪن
هنڌن تي سندن قبضو ٿي ويو، جيتوڻيڪ ٻنهي ڌرين ۾
جهڙپون جاري هيون. هڪ پاسي گهرن ۾ ٺاهيل ننڍا ننڍا
هٿيار هئا، ٻئي پاسي خوفناڪ هٿيار. اها بغاوت رڳو
رت جون نديون بڻجي پوري ٿي ويئي ۽ جهنگ لاشن سان
ڀرجي ويو.
گِيومِليوَ هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو هو ۽ ٻن ورهين تائين
صوفيا يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ کان پوءِ برلن هليو ويو.
پوءِ اڻويهن ورهين جي هن شاعر لنڊن جون آرٽ
گئلريون ڏسندي، بيلجيم جي قومي شاعر جي شاعريءَ
مان گهڻو اتساهه پرايو. انهيءَ قومي شاعر جي
شاعريءَ ۾ سندس ملڪ جي ماڻهن جو ذڪر هو- ’اهي
مينهن جو پاڻي پيئن ٿا، هوا کائين ٿا ۽ ڌنڌو سندن
حقو آهي‘-؛ گِيومِليوَ کي منجهس پنهنجي ملڪ جو
چهرو نظر آيو. هن پنهنجي هم وطنن جي ضرورتن کي
سمجهيو ۽ وطن ورڻ تي فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ ڦٽجي به
پيو. سندس هڪ اک جي روشني به ختم ٿي چڪي هئي.
گِيومِليوَ دنيا جي انقلابي شاعريءَ جو هڪ مجموعو
شايع ڪيو ۽ هڪ پڌرنامو تيار ڪيائين: ’شاعرن جو
هاٿي- تند جو منارو ڊهي پيو آهي؛ سپنن جي رک ۽
تصور جي کنڊرن مان اڄ جو شاعر اکيون پٽي پنهنجي
ماڻهن جا رتهاڻا چهرا ڏسي رهيو آهي....‘ جنوري
1924ع ۾ گيِومِليوَ هڪ اخبار به ڪڍي ’باهه جي
لپيٽ‘. سندس نظم ’سيپٽمبر‘ انهيءَ اخبار ۾ شايع
ٿيو هو. هتي انهيءَ ڊگهي نظم جو اڳيون حصو ڏجي ٿو:
’راتين جي مئل ڪُک مان
غلامن جو عمر پراڻو آڪوش ڄائو آهي.
اها تپندڙ نفرت مهان آهي....
ڌنڌ جي اوٽ ۾-
پرڀات کان اڳ- اونداهين جي جهنگ مان
۽ سڀني جبلن جي چوٽيءَ تان
ڌرتيءَ جي ويران سُوٽ مان، اُڃ کان ڦاٽل زمين مان
مٽيءَ ۽ گاري جي گهرن مان،
ڳوٺن مان ۽ شهرن جي نويڪلن اڱڻن مان
کٽن تان، ۽ پوين ڪوٺڙين مان،
چلهن مان، ٻنين مان،
اٽي جي چڪيءَ مان، لوهار جي ڌوَڻ مان
۽ سڀن ڪنڀرن جي چَڪن مان
سڙڪن ۽ ڳلين مان لنگهي
پٿرن جي لاهيءَ تان، کڏن کوٻن، ڇپن ۽ سِرن تان
چوٽين ۽ اوچاين تان... ۽ ڪلهن تان
۽ ڀان ڀان ڪندڙ وڻڪار مان
۽ جهنگل جي ٻيلن پن- ڇڻ ۾ ڇڻيل پنن مان
پٿرن ۽ پاڻيءَ مان
جهوپڙين، واڙن، انگوري باغيچن ۽ جوٽيل ٻنين مان
۽ رڍن جي واڙن، ڪنڊ پاسن ۽ اونداهن کوهن مان
۽ ڪنڊن ۽ ڪسين تان لنگهندي- -
هي ڦاٽل ڪپڙا پاتل، بکيا ۽ ڪومايل چهرن وارا تيز
گرمين ۾ پڪل
پاري ۽ لُڪ جا ستايل
آَڪڙيل ۽ منهن ڦاٽل مهانڊن وارا
۽ جهڪيل پٺي ۽ سُسيل بدن وارا
ميرن ڪپڙن ۾ هميشہ کان اگهاڙا
لڦون پيرن ۾
داڳن سان سٿيل چهرا، اڻ پڙهيل، اٻوجهه جهنگلي
ڪاوڙيل ۽ ٻرندڙ ڪاٺين جيئن...
هٿن ۾ نه ڪو گلاب....
چپن تي نه ڪو گيت...
نه گهڙي، نه گهڙيال.....
نه بگل، نه توتاري، نه ڪو سُر سنگيت...
لباس تار تار
چمڪندڙ تلوار بدران ڏنڊا ۽ لٺيون کنيو
هي پورهيت
لٺيون، ڪهاڙيون، خنجر، ڏانداريون
کُرپا کنيو
۽ ڪي سورج مُکيءَ جا گل کنيو
جوان پوڙها چئني ڏسن کان آيا آهن
ڄڻ جانورن جا واڙا کُلي ويا هجن....
هي بيشمار- - مڇريل سانَ
سيني ۾ خدا جو سڏ کنيو
وات ۾ فرياد کنيو
ٽُٽا آهن بند جيئن- - اڳتي وڌندا وڃن
واڙ جيئن اٽل ۽ اڻموٽ
خوفناڪ
مهان ماڻهو!“ـــ
فيڊريڪو گار سيالورڪا (1898ع- 1936ع)
هن اسپيني شاعر ۽ ناٽڪ ڪار جو جنم 5 جون 1898ع تي
ٿيو هو. اوائلي سال پڻس جي ٻنين تي گذريس. لورڪا
جو بدن شروع کان ئي نازڪ هو، جنهن کيس ننڍي عمر ۾
ئي گنڀير بڻائي ڇڏيو هو. ڪلاسڪ ۽ روماني ادب
پڙهندي پڙهندي لورڪا کي سنگيت جو به گهرو شوق ٿي
ويو هو. هن قانون جو به اڀياس ڪيو؛ پر سندس بنيادي
لاڙو ادب ڏانهن ئي هو. سندس پهريون ڪتاب هڪ اسپيني
ڳوٺ جي باري ۾ آهي. انهيءَ وقت شاعري ۽ ناٽڪ لکڻ
شروع ڪيا ۽ ڪيترائي ورهيه ناٽڪ منڊلين سان اسپين
جي ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ اسٽيج ڪيائين. 1922ع ۾ لورڪا هڪ
سنگيت ڪار ۽ هڪ چترڪار جي مدد سان لوڪ- سنگيت کي
پنهنجي فن ۾ شامل ڪيو، جنهنڪري کيس اسپين ۽ ڏکڻ
امريڪا ۾ گهڻي شهرت ملي. لورڪا جي فن ۾ شروع کان
ئي موت جي ٽرئجڊي ڳنڍيل نظر اچي ٿي. وري ڍڳن سان
وڙهندڙ هڪ دوست جي موت، کيس انهيءَ ٽرئجڊي ڏانهن
پاڻ وڌيڪ لوڙهي ڇڏيو. سندس ان وقت جي ناٽڪ ’ٻنپهرن
جو پنجين لڳي‘ ۾ اهو اثر پڌرو آهي.
لورڪا جِپسي ناٽڪ به لکيا ته روماني پڻ. 1936ع ۾
جڏهن اسپين ۾ جنگ ڇڙي، ته کيس ميڪسيڪو مان دعوت
مليل هئي؛ پر هو نه ويو. ڪن دوستن کيس فاشسسٽن کان
بچڻ لاءِ پنهنجن گهرن ۾ پناهه ڏني پر هڪ ڏينهن،
جڏهن هو اڪيلو هو، گهر تي هٿياربند حملو ٿيو ۽ کيس
گهر کان ٻاهر وڻن جي وچ ۾ بيهاري گولي هڻي ماريو
ويو.
بينجامِن فيد وئيِانو (1898- 1944ع)
هن رومانيائي شاعر جو پهريون ڪتاب ’لينڊ اسڪيپس‘
1930ع ۾ شايع ٿيو هو؛ پر رومانيا جي ادبي کيتر ۾
کيس ايڏي مڃتا نه ملي هئي، جنهنڪري هو پيرس هليو
ويو. اُتي داد وادي لهر ۾ شامل ٿيو ۽ انهيءَ نئين
لهر جي باري ۾، يورپ توڙي ڏکڻ امريڪا ۾ ليڪچر
ڏيندو رهيو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان اڳ، هن شاعر
کي فرانس ۾ شهرت ملي ۽ کيس فرانسيسي شاعر مڃيو
ويو، اتي هو بينجامن فادين جي نالي سان لکندو هو.
فرانسيسي فوج سان وڙهندي، هي شاعر نازين جي ور
چڙهي ويو ۽ کيس 1944ع ۾ گيس چيمبر ۾ مرڻو پيو.
سندس هڪ دل ڏاريندڙ نظم آهي، جنهن جو سرو آهي:
’سادو سودو گيت.‘
’هڪ شام جو مان هتان هليو ويندس،
اڻڄاڻ ته ڪيڏانهن پيو وڃان
۽ جي اهو وقت جنگ جو هوندو
ته مان چُپيءَ هيٺان ائين دٻجي ويندس
جيئن ڪو مٽيءَ هيٺان دٻجي وڃي....
۽ تون شام جو ايندئين اڻهئي وانگي
۽ هڪ سرد پاڇو ايندو توسان گڏ
پاڻيءَ ۾ ٻڏندڙ پنن جهڙو
۽ تون سڀڪجهه سمجهي ويندئين....
’ڪجهه‘ منهنجي سر ۾ جلندو رهندو
ڪنهن پهرين ميڻ بتي جيئن.....
۽ توکي ڪنهن کان ڪجهه نه پڇي نه سگهندئين
ته تنهنجا گوڏا، ڪنن جا جهومڪ ۽ حسين روح
اڄ ايڏا ڳؤرا ڇو آهن...
بس چپ چاپ ويٺي رهج
نين راهن، نڪور لفظن کي ڳوليندي رهج
شايد تنهنجو اندر
ڪجهه ٻوڙو ٿي ويو آهي
يا ڄڻ واچوڙي جهڙين تيارن ۾ هجي....
پر انسان جي هڪ رڙ وانگي
مان توکي پيار ڪريان ٿو
۽ هر انهيءَ پٿر سان پيار اٿم جتي به هڪ يهوديءَ
جو نالو اڪريل آهي....
غريبيءَ جي قبرستان ۾
ماکيءَ جي مکين جو مانارو
جو پري پٿرن تائين ڦهلبو ٿي وڃي...
اهو عجيب نظارو
دنيا جو نقشو آهي
هان موت کان هاڻي لڪيل رهي نٿو سگهان. ــ
جوليس فيوچڪ (1903- 1943ع)
’ڦاسيءَ جي تختي تان‘ جيل جي ادب جون اهي ساروڻيون
آهن، جيڪي چيڪو سلووا ڪيا جي جوليس فيوچڪ ڦاسيءَ
جي تختي جي ڇانوَ هيٺ وڃي لکيون هيون. هن صحافي
ليکڪ کي سياسي نظرين جي ڪري، ڪيترا ڀيرا جيل وڃڻو
پيو ۽ چيڪوسلوواڪيا تي نازين جي حڪمرانيءَ دوران
فيوچڪ کي 24 اپريل 1942ع جو پراگ ۾، پيڪيٽس
گيسٽاپو جيل اُماڻي ڀيانڪ عذاب ڏنا ويا. 24 آگسٽ
1943ع جي نازي عدالت فيوچڪ کي موت جي سزا ٻڌائي ۽
ان کان چوڏهن ڏينهن پوءِ 8 سيپٽمبر 1943ع جي ڏينهن
کيس گولي هڻي ماريو ويو.
جيل ۾ ڪولنسٿي نالي هڪ رحمدل چيڪ سپاهي هو، جو
فيوچڪ کي ڪاغذ پينسل آڻي ڏيندو هو ۽ لکيل پنا
لڪائي سنڀالي کڻي ويندو هو. فيوچڪ جي موت کان پوءِ
انهن پنن کي گڏ ڪيو ويو. فيوچڪ شاعر نه هو؛ پر
سندس سيني ۾ جتي هڪ مفڪر رهيو ٿي، اُتي ڌرتيءَ جي
سونهن سان پيار ڪندڙ هڪ شاعر به رهيو ٿي. فيوچڪ جو
نثر، نظم جهڙو گهرو آهي. سندس جيل- ڊائريءَ جو
ڪجهه حصو هن ريت آهي:
’ڪنن ۾ آواز ٻُري ٿو- -
جڏهن سج جي گرمي ۽ تارن ڀري چانڊوڪي
اسان وٽان لنگهي وڃي ٿي- - لنگهي وڃي ٿي
ته آتما ڪيڏي خوشيءَ وچان اُڏامي ٿي.
اوچي آسمان ۾- - کليل آسمان ۾
جتي رات جو اونداهي نٿي هجي
رڳو ڏينهن جو اُجالو ٿو هجي- - رڳو اُجالو....
ٻه شخص ڪٿي موت جو گيت پيا ڳائين
پر اُتي رڳو اُهي، آهن؛ ۽ مان.
اي معزز لوڪو! مان اڃا مئو ناهيان، جيئرو آهيان
مون کي هينئر نه دفنايو.
اهي منهنجو آواز ٻڌي نٿا سگهن
ڇا مان سچ پچ مري ويو آهيان؟
ڇا منهنجو جسم ائين ئي اونڌو پيو هوندو
۽ مان پنهنجو پاڻ کي دفنائيندو ڏسندو رهندس؟...
منهنجي ڳوٺڙيءَ کان ٻاهر جرمن سنتري گهمن پيا
۽ ٻاهر ڪٿي سياستدان بي اعتماديءَ جا ڌاڳا اُڻين
پيا.
ماڻهن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪيترين صدين جي ضرورت
ٿيندي؟
اڳڀرو ٿيڻ لاءِ انسان جيلن جون ڪيتريون ڪوٺڙيون
پار ڪري چڪو آهي
۽ ڪيتريون اڃا پار ڪرڻيون آهن؟
بهادريءَ جي خاندانن جا خاندان ماريا ويا آهن
انهن مان ڪنهن هڪ کي پيار ڪرڻ لاءِ چونڊيو
انهن لاءِ ٺيڪ انهيءَ مانَ کي محسوس ڪجو
جيئن توهان ڪنهن انهيءَ وڏي ماڻهو لاءِ محسوس ڪيو
هجي جو مستقبل جي ساڌنا ۾ جيئرو رهيو هجي....
اهي، اڄ رات منهنجي گُستينا کي
گيهليندا پولنڊ وٺي ويندا
غلاميءَ لاءِ، ٽائيفس سان مرڻ لاءِ.
هروز سانجهيءَ جو هن جا سڀ کان پيارا گيت ڳايان ٿو
نيري نيري گاهه جا گيت- ڇاپا مارن جا گيت
۽ انهيءَ قزاق ڇوڪريءَ جا گيت جا پنهنجي مڙس سان
گڏ
آزادي جي ويڙهه وڙهندي مارجي ويئي.‘ـــ
يي يُتڪ – سا (1905- 1944ع)
هي ڪوريائي شاعر پيڪنگ يونيورسٽي ۾ سوشالاجي
پڙهائيندو هو. اُتيئي پڪڙيو ويو ۽ جاپاني فوجي
پوليس کيس عذاب ڏيئي ماري ڇڏيو. سندس هڪ نظم آهي-
’چوٽي‘:
’سخت سرديءَ جو ماريل
مان اڃا اُتر ڏانهن ڌڪبو ويس
ڪوهيڙو، تلوار جي ڌار جهڙو، جتي مان بيٺو آهيان
خبر نٿي پوي-
گوڏن کي ڪيئن کوڙيان، ڪٿي کوڙيان؛
۽ برفيلي پيرن کي ڪيئن رکان، ڪٿي رکان؛
رڳو اکيون بند ڪريان
۽ خيال ڪريان ته سيارو
لوهه جو هڪ ست رنگو پينگهو آهي.‘ــ
موسيٰ جليل (1906- 1944)
تاتاري شاعر موسيٰ جليل (موسيٰ جليلوف) جو جنم
1906ع تي، ڊرين برگ ڀرسان هڪ ڳوٺ مستافِنو ۾، هڪ
هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو هو. هو مهڙ کان ئي ساميه
واري سوچ رکندڙ هو ۽ سڀاءُ ۾ شاعر هو.
لڙائي ڇڙنديئي هو فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو ۽ محاذ تي
هليو ويو. جولاءِ 1942ع ۾ هو دشمن جي گهيري ۾ اچي
ويو ۽ تمام گهڻو زخمي ٿي پيو. کيس پولينڊ هليم جي
Concentration Camp
۾ رکيو ويو. سال جي پڇاڙيءَ ۾ کيس جنگي قيدين جي
ڪيمپ ۾ موڪليو ويو ۽ پوءِ ٻئي سال برلن ڪيمپ ۾.
اُتي هن روپوش سنسٿا جي هدايتن تي ڪم شروع ڪيو؛ 12
آگسٽ 1943ع جي رات جو کيس وارسا جيل موڪليو ويو-
نيٺ 1944ع ڊريسڊين جي عدالت کيس موت جي سزا ٻڌائي.
سال جي پڇاڙيءَ ۾ کيس قتل ڪيو ويو.
جيل جي شيخن پويان رهي هن 115 نظم لکيا، جن ۾
آڪٽوبر 1943ع تي لکيل هڪ نظم آهي: ’دوست جي نالي‘:
’دوست، افسوس نه ڪج ته اسان هيئن وڇڙي وياسين
ڌرتيءَ تي هر ڪنهن جي ڀاڳ ۾ موت لکيل آهي
هرڪو پنهنجي ڄمار جي ورهين جي سرحد پاڻ طئي ڪري ٿو
پر ورهه جيون جي گاڏيءَ ۾ ساٿي نٿا بڻجن
نه ئي ڪنهن جو جنم کان موت تائين جو وقت گاڏيءَ ۾
ساٿ جو عرصو آهي.
سچي مقصد ڪاڻ وهايل رت سرويچن کي امر ڪري ٿو
۽ سندن مقصد کي ديوي طاقت ٿي بخشي.‘
موسيٰ جليل جو هڪ ٻيو نظم آهي:
’منهنجي گيتن سيکاري آهي
آزاديءَ سان محبت
۽ گيت ئي سيکاريندا- بيڊپو موت
منهنجي زندگي لوڪ جو هڪ گيت هئي
۽ منهنجو موت، لڙائيءَ جي للڪار هوندو.‘
پنهنجي دشمنن سان مخاطب ٿي هن نظم لکيو:
’قاتلو! مون کي گوڏن ڀر ڏسڻ ڏيو
سر ٽوڙ ڪوشش نه ڪريو!
اچو! مون کي ڏيئو نه گهرجي
تنهنجو رت سان رڱيل هٿوڙو
منهنجي اک کي نه ڇينڀائيندو
مان ويهي نه، بيهي مرندس.‘ـــ
راد نوتي مِلڪوش (1901 – 1944ع)
1930ع ۾ رادنوتي هنگري توڙي فرانس جي ادب جو اڀياس
ڪندي شاگرد سنگت ٺاهي ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ جو اڀياس
شروع ڪيائين. رادنوتي کي، يهودي هجڻ ڪري ڪو
باقاعدي روزگار نه هو؛ پر ڪڏهن ڪڏهن ترجمي جو ڪم
ملي ويندو هئس. 1941ع کان کيس اڪثر زوري ڪيمپ ۾
گهرايو ويندو هو. 1944ع ۾ کيس يوگوسلوويا جي بور
نالي شهر ۾ هڪ ڀيانڪ عذاب ڏيندڙ ڪيمپ ۾ رکيو ويو ۽
جڏهن جرمن فوجون يوگوسلوويا کان واپس موٽيون، ته
ڪيمپ جي قيدين کي ’Death
Parade‘
ڪرائينديون پاڻ سان گڏ وٺي هليون قيدين جي جٿي سان
جڏهن رادنوتي پنهنجي وطن مان لنگهيو ٿي ته ٿڪجي
ڪِري پيو. نازين جي چوڻ تي جڏهن هو ٻيهر اٿي نه
سگهيو، ته کيس گولي هڻي ماريو ويو. پوءِ سندس ڪوٽ
جي کيسي مان ڪجهه شعر مليا.
رادنوتي جي
شعرن جا ڇپيل مجموعا آهن- ’پيگن گرِيٽنگ‘ (1930)،
’سانگ آف ماڊرن شيفرڊس‘ (1931)، ’رائيزنگ
وِنڊ‘ (1933)- نيوُمَون (1935). ڪيپ آف واڪنگ
يوڊُومد (1936) ۽ ’اسٽيپ روڊ‘ (1938) ۽ موت جي
ڪنڊائين تار جي واڙ جي گهيري ۾ آخري ڏينهن ۾ هن
اَٺ نظم لکيا: ’ايٽ ايڪلوگس‘.
’هڪ وياڪل گهڙي‘
مان تمام اوچو، هوا ۾ جيئندو هوس، سج ڀرسان
هنگري، تو پنهنجي ڄائي کي ڌرتيءَ سان ڪيئن ٻڌي
رکيو؟
ڏس، منهنجي تن تي پاڇن جي پوشاڪ آهي
۽ لهندڙ سجن جي باهه پنهنجا هٿ نٿي گرمائي
جبلن جون چوٽيون تمام پري ۽ آسمان ان کان به پري
مان گونگي پٿرن جي پاتال ۾ ڪِريو آهيان.
شايد مون کي ماٺ ۾ رهڻ گهرجي.
اڄ شعر ڇو پيو لکان!
زندگيءَ جي ڳالهه ڪيئن نڪتي؟ ڪنهن به نه ڇيڙي
۽ شعر جو سوال به ڪنهن نه کنيو
سُڌ اٿم- اها رڙ به اجنبي آهي
اهي مون کي مٽيءَ ۾ نه دفنائيندا
رڳو هوائي هڏين کي وکيري ڇڏيندي.....
پر وري، هڪ پٿر مان آواز گونجندو
اهي لفظ جي اڄ چوان پيو
۽ جوان مرد ۽ عورتون-
سڀ سمجهي ويندا.ـــ
ذِڪولا واپتساروف (1901- 1942)
واپتساروف جو ننڍپڻ ۽ جواني بلغاريائي لڙائي ۽
مهاڀاري لڙائيءَ جي ڏکين ورهين ۾ گذريا، جن سندس
من تي اڻ مٽ اثر ڇڏيو. گورڪي سندس پيارو ليکڪ هو،
۽ پوءِ سندس واقفيت انهن جهازين سان ٿي، جي انهن
ڏينهن مارڪسي ادب ۽ سوويت اخبار لِڪي ڇِپي وٺندا
هئا واپتساروف روس وڃڻ جو فيصلو ڪيو، پر پنهنجي
وطن جي سڏ کيس وڃڻ نه ڏنو. هن ملٽري اسڪول ۾ تعليم
ورتي ۽ پوءِ کيس هڏٽوڙ محنت ڪرڻ پيئي ۽ بَکن جا
ڏينهن ڏسڻا پيا. ريلوي ۾ ڪوئلا ڍوئڻ جو ڪم ڪيائين
۽ مستري به ٿيو. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو پورهيت طبقي
جي زندگيءَ جا سمورا نقش سندس تخليقن ۾ ملن ٿا.
پوءِ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي باهه ڀڙڪي اُٿي. 1940ع
۾ روسي سفير پنهنجي حڪومت پاران بلغاريا کي
دوستيءَ جي معاهدي ڪرڻ لاءِ چيو؛ پر بلغاريا جي
فاشٽ حڪومت انهيءَ آڇ کي ٿڏي ڇڏيو ۽ اها حقيقت
ماڻهن کان لڪيل رکي ويئي. بلغاريا جي ليکڪ طبقي
انهيءَ ڳالهه کي کنيو. پِرن جي علائقي ۾ اهو
ذميدار ڪم واپتساروف کي سونپيو ويو. 4 مارچ 1942ع
جي ڏينهن فشسٽ پوليس واپتساروف کي گرفتار ڪيو. 23
جولاءِ 1942ع تي فوجي ٽربيونل ۾ مٿس مقدمو هلايو
ويو ۽ موت جي سزا ڏني ويئي. اوپتساروف ڏاڍي ٿڌي دل
سان اهو فيصلو ٻڌو ۽ چيائين: ’پنهنجي ڌرتيءَ جي هڪ
سپوت هئڻ جي ناتي، مان فاشسٽن کان نفرت ڪريان ٿو-
انهيءَ ڪري مون اهو قدم کنيو هو.‘
جنهن ڏينهن کيس گولي هڻي ماريو ويو، هن شاعر چيو
هو:
’سڀاڻي اها زندگي جوان ٿيندي، اهو وشواس منهنجي
اندر ويٺل آهي ۽ انهيءَ وشواس کي لڳڻ واري گولي
ڪٿي به ناهي.‘
واپتساروف جي شاعري گهري مانوَتا واري آهي، جا
ملڪن ۾ امن ۽ دوستيءَ جي اميد ڪري ٿي. سندس گيتن
تي لوڪ گيتن جي سهج سمجهه ۽ سادگيءَ جو ڇاپ آهي.
سندس موت کان پوءِ 1953ع ۾ عالمي امن ڪانفرنس
واپتساروف جي لکڻين تي
Grand Honourary Prize
ڏنو. واپتساروف جون سموريون لکڻيون امن ۽ انصاف کي
اجاگر ڪن ٿيون. سندس هڪ نظم آهي: ’اتساهه جي
نالي‘-
’اسان گمنام ڪارڪن آهيون، تون اسان جو ذڪر ڪندين؟
پنهنجي ڪنهن پني ۾ اسان جو نالو لکندين؟
بصر ۽ ماني سنگهي اسان هيءَ ٻني کيڙيندا رهياسين
۽ زندگيءَ جي منهن تي ڦٽڪار وجهندا رهياسين.
شڪر ڪر اسان توکي خبرون ڏيندا رهياسين
توکي جنهن جي اڃ هئي؛ اسان رت پنهنجي سان ريج
ڏيندا رهياسين
ايندڙ وقتن جي شاعرن جا قلم ترقيءَ جا گيت لکندا،
پر پيڙا جي هيءَ ڊگهي ڪٿا اڻ لکيل رهجي ويندي
۽ اسان جي هن زندگيءَ جي ڪا معنيٰ ناهي ڇا؟
زهر جو بس هڪ وَڍُ آهي- اسان کي ٻيو ڪجهه چوڻو
ناهي.
ڪنڊن جي هڪ واڙ هئي جنهن جا پاڇولا گهٽندا وڌندا
رهيا،
۽ اسان جي ماءُ اسان کي ڄڻي سورن ۾ سڙندي رهي.
پن- ڇڻ ۾ اسان مکين جيئن مُئاسين
مائرن جي سور کي رڳو جهنگلي پن ئي ٻڌي سگهيا.
جيڪي باقي رهيو، پگهر سان تر هو
اسان کي ڍڳن جيئن جوٽيو ويو
وڏن چيو- اهو ئي آهي ارٿواڻ جيون!
پر اسان جو ڏوهه رڳو اهو جو اسان انهيءَ ڏيک تي
ٿُڪيو....
انهيءَ دک جي، پيڙا جي، قيمت نٿا گهَرون
عيوضي ۾ ڪنهن اجوري، شهرت جي گهرج ناهي
نه ئي ڪئلينڊر جي تصوير بڻجڻو اٿئون-
بس، جي اسان کان پوءِ اچن، کين ايترو چئجو:
هڪ زندگي، هڪ ڪلپنا، هڪ مورت گهڙيندا رهياسين
روشنيءَ لاءِ، اونداهي ۾ وڙهندا رهياسين ـــ
- هندي رسالي ”ساريڪا“ دهليءَ تان
ايڊيٽر ڪمليشور
شيخ صاحب جي رحلت هڪ عظيم سانحو آهي. سندس وفات
سبب برصغير هند و پاڪ جي اها آخري نشاني به
موڪلائي ويئي، جنهن جو تاريخ سازيءَ ۾ نمايان حصو
هو سندس رحلت سبب سنڌ کي ته ايڏو وڏو نقصان ٿيو
آهي، جنهن جي تلافي ٿيڻ مشڪل آهي. شيخ صاحب تاريخ
ساز هو. معمار ۽ عظيم رهنما هو، بلڪ بذات خود هڪ
تاريخ هو.
روزانه ”مهراڻ“ حيدرآباد، 25- مئي 78
(مقاله خصوصيءَ تان)
شيخ عبدالجيد سنڌي مرحوم دنيا جي جيڪڏهن سڌريل ۽
پنهنجي هيرن جي قدر ڪرڻ وارن ملڪن ۾ پيدا ٿئي ها،
ته نه صرف ڪنهن ممتاز مرتبي تي فائز هجي ها، بلڪ
پوري دنيا ۾ سندس عزت افزائي ڪئي وڃي ها. مگر
افسوس، ته اسان وٽ پنهنجن سچن ۽ مخلص
رهنمائن ۽
خادمن جو جيئري ڪو قدر ڪونه ڪيو ويندو آهي، شيخ
صاحب کي به سندس حياتيءَ ۾ اهو اعزاز نه ملي
سگهيو، جنهن جو هو هر لحاظ کان مستحق هو.
روزانه ”آفتاب“ حيدرآباد، 25- مئي 78
(ايڊيٽوريل مان)
افسوس جو شيخ عبدالمجيد سنڌي ’سنڌ‘ ۾ پيدا ٿيو،
جنهنڪري هن اعليٰ پايه جي رهنما جو اهو قدر نه
ٿيو، جيڪو ٿيڻ کپندو هو. شيخ صاحب پيرانه ساليءَ ۾
هڪ وسريل انسان وانگر قوم جي بي حسيءِ تي خاموشيءَ
سان ماتم ڪندو رهيو، پر ڪڏهن به دامن صبر کي هٿن
مان نه ڇڏيائين. هن نحيف ۽ ضعيف انسان جون رڳون
رُڪ جون ٺهيل هيون، ۽ اهو ئي سبب هو جو ڪنهن به
جابر حاڪم اڳيان سندس گردن خم نه کاڌو
روزانه ”عبرت“ حيدرآباد، 25- مئي 78
(ايڊيٽوريل مان)
انتهائي سادگي، سچ ڳالهائڻ واري، ننڍن کي سمجهائڻ
۽ نوجوانن جي هردم رهنمائي ڪرڻ واري هن عظيم رهنما
کي به زماني جي اٿل پُٿل نه ڇڏيو، ۽ جڏهن سندس عمر
جو پويون پهر ٿيو، ته کيس سندس اجهي واري معاملي
تي تنگ ڪرڻ شروع ڪيائين. اهو شڪر آهي، جو چند
حيادار نوجوانن سندس همت ٻڌائي، ورنه شايد کيس
اجهي تان هٿ کڻڻو پوي ها. زماني جي اها بي مروتي
روايتي آهي، جنهن کان ٻين کان شڪايت ٿي سگهي ٿي،
پر شيخ عبدالمجيد سنڌي اهي ڏهاڙا به صبر سان
گذاريا.
روزانه ”سنڌ نيوز“ حيدرآباد، 25- مئي 78
(ايڊيٽوريل مان)
(1)
حاجي دمتر پنهنجي فقط 128
ساٿين جي مدد سان ترڪيءَ جي حڪومت خلاف بغاوت
ڪئي هئي ۽ 28 ورهين جي ڄمار ۾ جولاءِ 1868 ۾
قتل ٿي ويو.
(1)
ان وقت گوريلن جو گيت.
(2)
حاجي دمِتِر جو ساٿي جو
حاجيءَ کان ڪجهه ڏينهن اڳ جنگ ۾ زخمي ٿي ترڪ
حاڪمن جي جيل ۾ مري ويو.
(1)
لينٿي، پاتال- لوڪ جي هڪ ندي
آهي جنهن جي پاڻيءَ ۾ گذريل ڳالهيون وسريو
وڃن.
|