سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2- 1967ع

مضمون

صفحو :8

سُرتين ۾ ٻيو نمبر يجر ويد آهي، جيڪو رگ ويد مان نڪتل آهي، مئڪس ملر جي دعوا ته ’ويد هڪ ٻئي کان ٻه ــ ٻه صديون پوءِ لکبا آيا‘، سا ڳالهه هروڀرو ضروري نه آهي. اهڙا ٻه سئو ساله منصوبا، ڪنهن به مقرر ڪري ڪو نه ڇڏيا هئا. کڻي پهرئين پستڪ يعني رگ ويد ڪٺي ڪرڻ ۾ ته ٿي سگهي ٿو، جو اهو ڪم ٻه سئو ساله معياد کان به گهڻو وڌي ويو هجي، پر انهيءَ کان پوءِ جي شاستر، يجر ويد لاءِ وري ٿي سگهي ٿو، ته انهيءَ کان گهٽ مدت به لڳي هجي! ٻئي ۽ ٽئين گرنٿ(يجر ويد ۽ سام ويد) جي وچ ۾ ته ممڪن آهي، جو فقط هڪ صدي به نه ساري سگهجي! يجر ويد وري ’ياجَن وَلڪيهِ‘ رشيءَ جي زماني(650 ق.م) جو آهي. يا جنوولڪيه جو ٻيو نالو ’واجسنين‘ به آهي. ڪاڪي ڀيرو مل ”قديم سنڌ“ ۾ لکيو آهي ته: يجر ويد جا منتر يا جن ولڪيه جي واتان پڌرا ٿيا. يجنيه ۽ يجر ٻنهي جي معنيٰ آهي ’جُڃ ڪرڻ‘

مني ياجن ولڪيه کي ياگيولڪه به چئبو آهي. اهڙيءَ طرح يجنيه، يجر ۽ يجسه کي يگيه به چئبو آهي، ۽ يگيه جي معنيٰ به کائي ’جُڳ ڪرڻ‘ آهي.ــ ”ياگيه والڪيه جو چوڻ هو ته گئوماس کائڻ سان بدن سگهارو ۽ متارو (رشٽ پشٽ) رهي ٿو، تنهن ڪري اهو ضرور کائڻو آهي.ــ ڪنهن به حالت ۾ ماس ڇڏڻو نه آهي يگيه ۽ يجس ٻنهي جو مقصد ٻليدان يا قرباني ڪرڻ آهي. آريه لوڪ اوائل ۾ انهيءَ يگيه لاءِ اصلي رهاڪن جا ڍور ڍڳا ڪيئن ڪُهندا هئا، اهو اشارو اڳ ۾ به آيو آهي، پرائو مال کائي جيڪي اهڙا جڃ ڪندا هئا، تن جي هاڻي هميشه لاءِ اچي ڏاٺ هري؛ تنهن ڪري هر ڪنهن مجلس ۾ ڀُڳل گوشت کائي جڳ ڪندا هئا. ائتريه برهمڻ (منڊل پهريون 3، 4)  ۾ آهي ته: جڏهن به راجا، يا ٻيو ڪو وڏو مهمان ايندو هو، تڏهن اهڙي ڦنڊر جيڪا ’وهت‘ يعني اٿلاڻ يا ڦنڊي هوندي هئي، سا ڪهندا هئا اهڙيءَ طرح يجرويد جي شتپت برهمڻ (ٽيون، 4)  موجب : ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي مهمانيءَ لاءِ به ڪو وڏو ڍڳو (مهو اُڪش) ڪهڻ گهرجي __”اهڙن يگين ۾ ڳئون،  مينهون ۽ گهوڙا به ڪُهي کائيندا هئا“ گهوڙي جي ٻليدان لاءِ ’اشوَ ميد‘ لفظ ويدن ۾ عام آهي. اشو ميد يا ’راجسويه‘ راجائون ڪندا هئا. اهڙا يگيه اٺ   ــ ڏهه مهينا لاڳيتا بلڪ سڄو سال به ساندهه هلندا هئا جن ۾ ٽي سئو مينهون ۽ ويهه ڏاند اندر ديوتا جي ٻل چاڙهيندا هئا. (رگ ويد منڊل پنجون 29، 7 ۽ منڊل ڏهون 86،4)   ــ ”راجا پسيند جي مهايگيه ۾ پنج سئو وهڙا، پنج سئو وڇون، پنج سئو ٻڪريون، ۽ پنج سئو رڍون، ٿوڻين(يوپن) ۾ ٻليدان لاءِ ٻڌل هيون. نوڪر ويچارا رئندي، ڳوڙها ڳاڙيندي، ڊپ وچان يگيه جو ڪم ڪري رهيا هئا ــ ”اُگت شرير نالي هڪ برهمڻ راجائي مها يگيه لاءِ، پنج سئو ڍڳا، پنج سئو وهڙا، پنج سئو وَڇون، پنج سئو ٻڪريون ۽ پنج سئو رڍون ٻل چاڙهڻ لاءِ، اچي يوپن (ٿوڻين ) ۾ ٻڌيون اول ڀارڳو رشيءَ جي آڪهه وارا پروهت (هوتري) اڪثر اهڙا يگيه ڪرائيندا هئا. يگيه لاءِ جيڪو جانور ٻل چاڙيندا هئا، اهو به هوتري (پنڊت) پنهنجن هٿن سان ڪُهي ڪمائي تيار ڪندا هئا. جيڪو به جانور قرباني ڪندا هئا، اهو به پاڻ ڪاهي اچي اول ٿوڻيءَ (يوپ) سان ٻڌندا هئا. پوءِ ان کي ڪُهي، سندس عضوا ڪپيندا هئا، باهه جي مچ  ۾ اڇليندا ويندا هئا. پنڊت ۽ هوتري انهيءَ محنت جي اجوري ۾ ڏاڻ ۽ ڏکڻا اڳاريندا هئا.“

        اهڙا  يگيه اڪثر ٿيندا ئي رهندا هئا، تنهن ڪري پنڊتن ۽ پروهتن پوءِ پاڻيهي پنهنجيءَ رهبريءَ لاءِ، اهڙو سونهون يا رهبر مرتب ڪيو، جنهن ۾ وڍ – ٽڪ ۽ پچائڻ يا ڀُڃڻ جا اصول وغيره اچي ٿي ويا. اهڙيءَ طرح جر ويد تصنيف ٿيو، جو سئسنگا گهراڻي جي شروعات (600 ق م) کان وٺي ويندي  نندا گهراڻي جي شروعات (475 ق. م) جي وچ واري زماني ۾ مڪمل ٿيو هوندو. –”ڪارو يجر ويد ته گهڻو ڪري نثر ۾ ئي آهي ۽ ڪجهه نظم آهي اهڙنيگين ۾ سوم رس به عام جام پيئندا هئا، جنهن جو ذڪر سوم ويد ۾ آهي. سگهو ئي مهاتما گوتم  ٻڌ

        اهنسا جو پرچار ڪرڻ چالو ڪيو.

__ ”رڍن جهڙيون ٿڌي سڀاءَ واريون ۽ دلا ڀري کير ڏيڻ وايون گانيون؛ پير، سڱ يا ئي ڪنهن عضوي سان ڪنهن کي به ايذاءُ نٿيون پهچائين. اهڙين گانين جو راجا اِڪشواڪو، برهمڻن جي چوڻ تي، سندن سڱ جهلي، ڪوس ڪيو.هن ريت گانين تي ڪاتيون وهائيندي..... آڌرم ٿئي ٿو“.(گاٿا)

ٻڌ مذهب جي زور وٺڻ ڪري گيه جو رواج (ٽي صدي قبل مسيح کان ) پوئتي پوڻ لڳو.يجر ويد کان پوءِ سام ويد جو زمانو آهي. برهما ڀارته جو به اهوئي زمانو(500 ق م ؟) ٻڌايو ويو آهي سوم ويد جو ته خاص واسطو هنئي مضمون سان آهي. ’هندستاني ڳيت – سنگيت جو ته اصل ۽ منڍ سوم ويد ئي آهي‘ . انڊو – پاڪستان جي اوائلي شاعريءَ جو به اتان ئي پتو پوڻو آهي. جيڪي برهمڻ سوم يگيه جا سامن، سر ۽ لئي      ۾ ڳائيندا هئا، تن کي ’اُدگاٿ‘ يعني استاد ڳائڻو سڏيندا هئا. انهن کي ’ادوڦريو‘ به چوندا هئا. سوم ويد جي سامن ۾ سوم ٻوٽيءَ جي ساراهه ڪندا هئا. رگ ويد جو نائون منڊل سڄوئي سوم ٻوٽيءَ جي ساراهه ۾ آهي.ـــــــ ”هيءَ ٻوٽي سنڌوندي ۽ سرسوتي نديءَ جي ڪناري تي عام اڀرندي هئي . امبالي ضلعي جي ڪروکيتر واري ڍنڍ جي ڪنارن تي به جام پيدا ٿيندي هئي“. مينهوڳيءَ جي مند ۾ ته هيءَ ٻوٽي، ڪشمير کان وٺي سڄي پنجاب تائين، جهرجهنگ عام جام هوندي هئي .سوم ٻوٽيءَ کي ديوتا ڪري پوڄيندا هئا ۽ سوم رس کي امرت سڏيندا هئا. سوم رس پيئڻ کان اڳ، اها اندر ديوتا ۽ ٻين ديوتائن کي آڇيندا هئا. پيالي جا پياسي، چانڊوڪين راتين ۾ سوم رس پيئڻ کان پوءِ، سنگيت جي  اُڏند کٽولين تي چڙهي، آڪاسي ديوتائن جو درشن ماڻي ايندا هئا. گهڻيءَ پيئڻ ڪري وڌيڪ نشو ٿيندو هون  ـــ ”نشي ٿيڻ ڪري وري اچي ڪام جو خيال ٿيندو هون (منڊل نائون 67 ــ 10 ــ12)“، ۽ ڪي ته وري اچي بَڪ ۾ پوندا هئا. سوم رس عام طرح ڳائڻ ۽ پوڄائن لاءِ ڪتب آڻيندا هئا.

سام ويد جي تصنيف، يجرويد کان سگهوئي پوءِ ٿي آهي. اندازو آهي ته نندا گهراڻي جي راڄ (475  ـ 321 ق. م) ڌاري هيءُ ويد مڪمل ٿيو هوندو ۽ موريه خاندان جي شهنشاهت تنهن کان پوءِ (320 ق م ) کان شروع ٿي آهي. مهاراجا چندرگپت موريه جو ناميارو وزير ’ڪوٽليه برهمڻ‘ هو، جنهن کي چاڻڪيه پنڊت ۽ وشنوگپت به سڏيندا هئا. ڪوٽليه جو لکيل ڪتاب ’ارٿ شاستر‘  (Political Economy)مشهور آهي. ــ”ڪوٽليه جي ارٿ شاستر جڙڻ تائين فقط ٽي ويد ليکبا هئا ۽ اهي ’تريئي‘ (Trayee)  ۽ ’ترئي وديا‘  (The three fold veda or Traividya) سڏبا  هئا“

موريه حڪومت ۾ پهريون ئي دفعو سارو هندستان متحد ٿيو ۽ مهاراجا چندر گپت موريه ڀارت جو پهريون چڪرورتي (شهنشاهه) بڻيو. هندستان جي تاريخ به هتان کان ئي لاڳيتي هلي ٿي، 7 موريه حڪومت جو سال به تاريخ ۾ پڪي خاطريءَ وارو سال مڃيو ويو آهي. انهيءَ تاريخي زماني چالو ٿيڻ تائين به ويد فقط ٽي مڃيا ويا آهن ۽ چوٿون ويد (اٿر ويد) اڃا ياد به ڪو نه هو. ارٿ شاستر جي مصنف چاڻڪيه پنڊت يعني ڪوٽليه برهمڻ جي وفات،  چندرگپت جي پٽ بندوسار جي زماني (297 کان 273 ق،. م )  ۾ ٿي آهي. ان کان پوءِ جي ئي ڪنهن زماني ۾ چوٿون ويد يعني اٿر ويد تصنيف ٿيو هوندو. چوٿون ويد بهرحال موريه حڪومت (297   ــ 155 ق . م ) ڌاري لکيو ويو، تڏهن به ان جي اشاعت انجيل کان يعني عيسويٰ سن کان اڳ ٿي چڪي هوندي.

عام طرح جو ائين چيو ويندو آهي ته اول ويد لکجي دنگ ٿيا ۽ پوءِ واري واري سان براهمن، آرنيڪ، اپنشد ۽ اتهاس وغيره لکبا آيا؛ اهڙو ڪوبه وارو ٻڌل معلوم نٿو ٿئي. البت، ڌرمي ساهتيه کي ترتيبوار سمجهڻ سمجهائڻ لاءِ، اهڙي رٿا مٿال خاطر مقرر ڪري سگهجي ٿي؛ باقي نه ته انهيءَ ادب جو سلسليوار سمو سمجهه ۾ نٿو اچي. اٿر ويد کان اڳ نه رڳو ڪوٽليه (چاڻڪيه) جو ارٿ شاستر معلوم ٿيو آهي، پر ٻيا به ڪيترائي ڪتاب انهيءَ کان اڳ سام ويد (شايد اڃا به يجر ويد) واري زماني ۾ ئي لکجي تيار ٿي چڪا هئا. جن ۾ نگهنٽو، نروڪت، وياڪرڻ، ڪوش ۽ اتهاس وغيره شامل آهن. مثال : ياسڪ مُنيءَ جو نِرُڪت (200 ق. م !) ڪپل منيءَ جو سانکيه شاستر(580 ق. م) پاڻينيءَ جو اشٽ آڌيائي (پنجين صدي قبل مسيح؟) ، شسرت جو آيرو يدڪ چڪستا (پنجين صدي ق. م ) ، والميڪيءَ جو رامائڻ (400 ق. م ) ۽ ڪاتياينه جو سروانُ ڪرمڻي (چوٿين صدي قبل مسيح) وغيره، بلڪل جهونا ڪتاب آهن؛ جن کي وچولي يعني سُوترن واري سنسڪرت سمجهيو ويو آهي.

موريه گهراڻي جي راڄ (321  ــ 185 ق. م) ۾ وري ڪوٽليه جي ارٿ شاستر کان وٺي ٻي ــ ٽي صدي قبل مسيح تائين، اٿر ويد سان گڏ يا ان جي آسپاس ته ٻيا به ڪئين ڪتاب لکيا ويا. انهن مان ڪي خاص ڪتاب: ويشم پائن جو  مهاڀاشا (ٻي صدي ق. م) ۽ اپاس تنمبا جا رياضي اصول (150 ق . م) وغيره تمام مشهور آهن. اهي توڙي ٻيا مٿيان ڪتاب، اپ ويد يعني ويدن جا انگ (عضوا) شمار ڪيل آهن.

سنگا راڄ (185  ـ 83 ق . م)  کان وٺي، عيسوي سن جي اوائلي عهد واري، اندرا گهراڻي جي انتها (227ع) تائين ، سنسڪرت ساهتيه توڙي سائنس ۾ ويتر وڌيڪ اوڌ آئي. هندستان جي رياضيدانن به هن ئي زماني ۾ ٻُڙي ۽ ڏهائيءَ جو عام استعمال شروع ڪيو. ويدن جا براهمڻ، اُپنشد، آرڻيڪ، سِڪشائون ۽ سمرتيون به انهيءَ زماني (عيوسي پهرين صدي) ۾ لکجڻ لڳيون. سانگ سنگيت ۽ ڇند وغيره ۾ ناردي سڪشا ۽ برهمت ڪٿا جهڙا عمدا ڪتاب پڻ عيسوي سن شروع ٿيندي ئي لکجڻ لڳا. ماتنگ جو برهه ديشي، وشوڪرما جو ارٿ ويد ۽ چرڪ جو آير ويد به انهيءَ  زماني (عيسوي پهرين  ــ ٻي صدي) جي پيدائش آهن. انهيءَ زماني ۾ ئي شايد چين جو ڪاغذ به ٿٻيٽ ۽ ڪشمير کان اچڻ شروع ٿيو. اشو گهوش ، ناگادرجن ۽ وسومتر جهڙا عالم به هن ئي زماني _120ع ۾ ٿي گذريا. ناميارو ناٽڪ‘سڌرم پندريڪا‘  به انهيءَ زماني (200ع) جو يادگار آهي.

مطالب ته اندرا گهراڻي جي راڄ ۾ ئي، سنسڪرت ساهتيه ۾ علمي چاهي ادبي صلاحيت ايتري اسري آئي، جو اها عيسوي سن جي شروعات (پهرين   ـ ٻي صدي عيسوي) کان ئي راجائي رڪارڊ سنڀالڻ لڳي ۽ انڊو ــ پاڪستان ۾ پهرين سرڪاري زبان قائم ٿي.

سرڪاري توڙي مذهبي حيثيت سان سنسڪرت جو سدا بهار سمو ته اڃا به گپتا گهراڻي جي راڄ (320  ــ 200ع ) ۾ نکڙيو، جيڪو ساڳئي وقت هندو ڌرم جي به انتهائي عروج  (Reform)وارو زمانو هو. گپتا گهراڻي جا هندو راجائون، براهمڻي ڌرم جا پڪا پوڄاري هئا. انهيءَ وقت جي ٻڌ مذهب مان ڪيئين پسنديده ۽ مقبول عام اصول به هنن هندو ڌرم اندر ڳنڍي، ڳتي، انهيءَ کي سڌاري پڪي پائي تي آندو ۽ زور وٺايو .(جاوا، سوماترا ۽ ٻين ڏور ڏکڻ ــ اڀرندي وارن ٻيٽن ۾ به پنهنجا ايلچي موڪلي اتي به سنسڪرت کي پکيڙيائون) پوڄائن واسطي پهريون ئي دفعو (ٻڌ ڌرم وانگر) هندو ڌرم جا به مندر ۽ اڪر دوارا ٺهڻ ۽ اڏجڻ لڳا. انڊو پاڪستان جي پراڻي صنم سازي ۽ بت پرستي، جيڪا موهن جي دڙي سان گڏ ئي هميشه لاءِ فنا ٿي چڪي هئي ۽ جنهن جي نئين سر ايجاد (ٻن هزارن سالن کان پوءِ) راجا مينادر (Milinda)، مهاتما گوتم ٻڌ جي پتلي ٺهرائڻ سان ڪئي هئي؛ گپتا راجائن تنهن کي مقبول عام فئشن بنايو. برهما، وشنو، شو، اندر ، سرسوتي ۽ درگا ديويءَ جا بت، هر آستان، ٽڪاڻي، مندر ۽ مڙهيءَ ۾ اڪيچار گڏ ٿي ويا ۽ انهن جي پوڄا چالو ٿي. پوڄائن کي زور وٺائڻ سان گڏ سنسڪرت کي پڻ سرڪاريءَ طرح سڌاريو ۽ وڌايو ويو. پڙهيل پنڊتن کي همٿائي، انهن کان ڪيترائي مذهبي، علمي ۽ فني ڪتاب لکارايا ويا ۽ انهن کي سڄي ملڪ ۾ پکيڙيو ويو . برهمڻن ۽ پنڊتن کي انهيءَ ڪم تي سرڪاريءَ طرح مقرر ڪيو ويو. بنارس ۽ پاٽنا به، ٻه وڏا علمي مرڪز بڻيا.

هن گهراڻي جي ’ڪويراج‘، راجا سمندرگپت جا ته سنسڪرت ڪويتا ۾ ڪئين ڪتاب آهن. هيءُ رس رهاڻ جو به وڏو شائق هو ۽ ويڻا وڄائڻ ۾ ته سندس ڪو مٽ ئي ڪونه هو. سندس سوني سِڪي تي به ويڻه جي شڪل اڪريل آهي. سندس ’نياڪاري‘ پٽ، مهاراجا وڪرماجيت 375 ـ 423ع) ، جنهن جي نالي تي وڪرمي سنبت اڄ تائين منسوب آهي، سو وڏو داناءُ ، علم دوست ۽ قدردان هو. علم جي قدر داني ايتريقدر ڪيائين، جو وڏا وڏا عالم پاڻهي ڪهي اچي سندس سلامي ٿيندا هئا. سندس درٻار اهڙن عالمن سان سدائين سٿي پيئي هوندي هئي. انهن مان نَوَ  ڄڻا برک عالم هئا، جن کي ’نوَيَتن‘ يعني نوَ املهه ماڻڪ جي املهه لقب سان نوازيائين. انهن اڪابرن ۾ ڪوي ڪاليداس (ناميارو ناٽڪ نويس) ، ورَرُچي (وياڪرڻي) ، امر ڪوش جو ليکڪ ‘امرسمڀا‘(لغت نويس) ڊيگنگا (منطقي) ، آير ويدڪ ڌن ونتري (جراح طبيب) ، برهما گپت (رياضيدان)، آريه ڀٽ (هيئتدان ، جنهن ڌرتيءَ جي گردش توڙي سج چنڊ گرهڻ جا سبب ٻڌايا)، آچاريه ٻڌ گوش ۽ ڪمارل ڀٽ جا نالا پرٿويءَ تي پڌرا آهن.

تنهن کان سواءِ سنگيت جو مستند ۽ مشهور ڪتاب’ڀرت جو نٽ شاستر‘، وشنو سرين وارو   لوڪ ڪهاڻين جو نصيحت آميز ۽ جڳ مشهور ڪتاب ’پنج تنتر“ ، جيڪو دنيا جي سڀني سڌريل ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهي ۽ انهيءَ زماني(300  ـ 500)  جي ڪاليجن ۾ ، سنسڪرت ادبيات جو درسي ڪتاب هو، ۽ ڊنڊڻ جو ‘ڪاويه درش‘ (200ع) پڻ گپتا راڄ جا لافاني يادگار آهن. تنتر به هن زماني ۾ لکڻ لڳا. علم تلفظ ، علم موسيقي، علم لغات، علم ڪيميا، علم النجوم، علم بدن ۽ صرف ونحو تي به تمام عمدا ۽ معياري ڪتاب هن ئي زماني ۾ لکيا ويا. اهڙيءَ طرح علمي ڪتابن جو تعداد هزارن کان به چڙهي ويو. مطلب ته گپتا دور حڪومت ۾ سنڪسرت انهيءَ ادبي ۽ علمي عروج کي وڃي پهتي، جو انهيءَ زماني جي علمي دنيا ۾ شايد ئي ڪا زبان ان جي مدمقابل هجي! انهيءَ کي آخرين زماني واري ’پراڻڪ‘ سنسڪرت سڏيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ هندن جا پراڻ پوءِ سگهوئي لکجڻ لڳا. گپتا گهراڻي جو راڄ سن 606ع ۾ پورو ٿيو.

مهاراجا هرش ورڌن (606  ــ 647ع) هندستان جو آخري  شهنشاهه هو. هيءُ به وڏو عالم هو. سنسڪرت ۾ سندس گرامر مشهور آهي. انهيءَ کان سواءِ رتناولي، پريه درشڪا، ناگانند ۽ ٻيا ناٽڪ پڻ لکيا اٿس. باڻا ڀٽ ، ڀرڀوتي ۽ ووپا ديو جهڙا ڪوي به انهيءَ زماني ۾ ٿي گذريا آهن. سنڌ ۾ هيءُ راءِ گهراڻي جو زمانو 450  ـ  632ع) هو. راءِ گهراڻي کان وٺي سومرن جي پڄاڻي تائين، ’قديم سنڌي شاعريءَ‘ تي مضمون اچي چڪو آهي. هتي ان کان ٻه هزار سال اڳ واري عرصي ۾، ’آريائي شاعريءَ جي شروعات‘ کان جاچ پڙتال شروع ڪجي ٿي.

(ب) آريائي شاعريءَ جي شروعات:

        آريه لوڪن جي اچڻ کان اڳ واري سنڌ جي بنيادي شاعريءَ جو تفصيلي جائزو، هن مقالي کان مهند، ’شاعريءَ جي شروعات‘ جي عنوان سان اڳيئي”مهراڻ“ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. انهيءَ ۾ اوائلي شاعريءَ جي شروعات بلڪل اهڙي طرح ڪئي ويئي آهي، جهڙيءَ طرح خود ’زندگيءَ‘ جو آغاز هڪڙي اڻلکي جيوڙي يا ڪنهن تمام خفيف جيوــ گهرڙي (Unicellular)کان شروع ڪري، انهيءَ مان ڪيڙن، مڪوڙِن ۽ ٻين جيتن جڻين جي تاريخ بيان ڪندو، ڪوئي علم حيوانات وارو، جدا جدا جاندارن، جهڙوڪ : سُرڻا، چوپايا، کير ڏيندڙ ۽ بن مانس وغيره جو بيان ڏيندو، اچي اشرف المخلوقات جي ابتدا تائين پهچندو آهي. اهڙي ساڳئيءَ طرح ، شروعاتي  شاعري به اوائلي انسان جي بلڪل ابتدائي آواز کان شروع ڪري، اول اڪيلا  آواز ۽ ڊگها سُر، ٻٽا اُچار  ٻن آوازن ۾ ڳائيندي، بتدريج هڪ لفظو ڳيت، ٽن سُرن ۾ اڪيليءَ تُڪ جو ڳائجڻ، مفرد جملي وارو چئو ـ سُرو جاتي ڳيو ۽ گڏيل سُرن وارو گرام ڳيت وغيره ڳائيندي، آخر انسان اچي با ترتيب شاعريءَ جي سڌريل صورت کي ويجهو ٿيو. انهيءَ طويل تبصري مان هيءَ حقيقت قطعي طور ثابت ڪئي ويئي آهي ته شاعريءَ جي شروعات ۽ ان جي اوسر ’ڳائڻ‘ منجهان ئي ٿي آهي. مٿينءَ دعويٰ جا باني ۽ محقق ميڙي، سڀ اڳئين مقالي ۾ ڪٺا ڪيا ويا آهن. هتي انهن ۾ ٻيهر مناظرو ڪرائڻ جو نه موقعو آهي ۽ نه وري ڪا اهڙي ضرورت به آهي.  ڇو ته هيءَ حقيقت هاڻي دنيا جي دانائن به پوريءَ طرح تسليم ڪئي آهي. انهيءَ ڪري ڳائڻ ۽ نچڻ ٻئي، شاعريءَ جا شروعاتي محرڪ ۽ مصدر مڃيا ويا آهن قديم دنيا جا قديم ترين ڳائڻا ۽ مغني، سنئين سڌي ڳالهه تي به جهونگار جو جادو وجهي ، انهيءَ کي عام گفتگوءَ واري انداز کان الڳ، امتيازي ۽ انوکي قسم جو ڪلام ڪري ڏيکاريندا هئا. اها ئي غنايت ، پوءِ جي تاريخي زماني تائين به، شاعريءَ کي شعور جي جامي ڍڪائڻ ۽ ان کي تنظيم جهڙي تلخ ۽ سخت سانچي ۾ سوگهي ڪرڻ کان پوءِ، پڻ پنهنجو پراڻو  طلسم وري وري آزمائيندي آئي آهي.

        هتي هڪڙو هاڻوڪو، اسلامي عهد حڪومت جي ابتدائي زماني جو، اهڙو ئي اعجاز اسان جي آڏو آهي: سلاطين جي شهنشاهي، بارونق ۽ رنگين درٻارن“، مسلمان موسيقارن کي، معياري قسم جي هڪڙي مخصوص راڳ، ’خيال‘ جي ايجاد ڪرڻ جو فخر حاصل آهي. اهو اڃا تائين وڏا گويا، پڪي راڳ جي نالي ۾، امراءَ طبقي کي پرڀائڻ لاءِ انهن جي اڳيان وڏي ناز ۽ انداز سان ڳائيندا اچن ٿا. اهو ڇا آهي؟ اسين ته عام طرح سان اهو به هڪڙو مرتب ڪلام يا نظم ۽ نغمون ئي ڀانئيندا آهيون. پر ان جي شاعراڻي هيئت ۽ حيثيت ڇا آهي؟ ڪجهه به نه ! هيءَ فقط  ڳائڻ جي هڪڙي غنائي چيز آهي، جنهن جو مرتب، ناظم ۽ شاعر به خود ڳائڻو ئي آهي. ـــ”خيال اصل ۾ اهي ئي نثر، جنهن کي رڳو طلسميءَ طرح ٿورو نظماڻو رنگ ڏٺل آهي. اهو حقيقت ۾ سنئون سڌو نثر آهي، جنهن ۾ ڳائجڻ ڪري ڪجهه نثراڻو ـ  نظم پيدا ٿي پيو آهي. هن ۾ لفظن ۽ انهن جي اُچارن جي ڊگهائي، فقط ڳائڻ جي ضرورتن مطابق ئي مقرر ڪري، مرتب ڪئي ويئي آهي. باشعور شاعريءَ  ۾ الفاظ ڪنهن مقصد کي ظاهر ڪرڻ لاءِ منظوم  ٿيندا آهن، پر هتي اهي اول رڳو راڳ جي ئي گاڏي گهلڻ لاءِ آهن ۽ پوءِ ٻئي ڪنهن به مطلب لاءِ“  مطلب ته هيءُ هڪڙو موسيقارن جي مهارت جو معجزو آهي، جو سڌو سادو نثر به ٻڌڻ وارن کي نظم پيو لڳندو آهي، آريائي دور جي شاعري به ساڳيءَ طرح، اڃا اهڙيءَ غنايت جي محتاج هئي، جيئن اڳتي اسين پنهنجي سر به ڏسي سگهنداسين. تنهن ڪري گذريل  مضمون وانگر، هتي به ’ڳائڻ‘ کي ئي بنياد بڻائي، انهيءَ جي آڌار تي آريائي دور جي شاعريءَ جي پڙتال ڪئي ويئي آهي.

        آريه لوڪن جي هت اچڻ کان اڳ، سنڌ سڳوريءَ جي سهاڳ جو سمون هو. سونهاريءَ سنڌ جي ساهتيه ۽ سڀيتا جي سهڻي تصوير ته اڳ ۾ ئي پيش ڪئي ويئي آهي، ساڳئي سلسلي ۾ مسز ماني شاهوڪار (Mrs Mani Sahukar) به لکي ٿي ته : هيءَ ڳالهه هاڻي چٽي پڌري پئي آهي ته آريه لوڪن جي سنڌو ماٿريءَ ۾ اچڻ کان ، دراوڙ، داس ۽ ٻيون پراڻيون ڏيهي قومون، علوم ۽ فنون جي وڏي عروج تي پهتل هيون. مهن جي دڙي ۽ هڙپه وغيره جي کوٽاين مان جنهن اعليٰ تهذاب ۽ عظيم تمدن جو انڪشاف ٿيو آهي، تنهن ۾ وڌيڪ ڪنهن به شڪ شبهي جي گنجائش باقي نه رهي آهي. انهن کان سواءِ ’ڪلا‘  (فن لطيف The fine Art=) ۽ ’شِلپ‘ (ڇِلپ،تراش صنعت وغيره جهڙا فني الفاظ پڻ پراڻين پراڪرتي  (Original) ٻولين جا ثابت ٿيا آهن، جيڪي پوءِ اتان کڻي سنسڪرت جي گهرج پوري ڪئي ويئي آهي

        ٻين هنرن ۽  حرفتن وانگر، خود ڳيت ۽ سنگيت، ڪلا ۽ ڪويتا جا اصلي خالق ۽ مالڪ به اهي ئي مقامي ماڻهو هئا، جا ڳالهه اڳ ۾ ئي ثابت ڪئي ويئي آهي. پروفيسر گوسوامي به آريائي ادبيات جو جائزو وٺڻ کان پوءِ، هن نتيجي تي پهتو آهي ته ”سڄي ويدڪ ساهتيه مٿان رڳو سرسري نگاهه وجهڻ سان ئي جهٽ سهي ڪري سگهبو، ته اوائلي آريه لوڪ ڳائڻ ــ وڄائڻ ۽ ڳيت ــ سنگيت جي سلسلي ۾ اڻ آرين جي اڳيان مطلقن اڻڄاڻ ۽ ڪورا ڄٽ هئا، انهيءَ ڳالهه کي آرين خود پنهنجي زبانيءَ به مڃيو آهي. اهڙي قبوليت ڏيندي، اٿر ويد جي هڪڙي سوڪت ۾ انهيءَ حقيقت جو کليل اعتراف ڪري چڪا آهن

        “Even a cursory glance at very the early religious texts goes to show that the early Aryans were not well disposed towards music…. For the Aryans, from their own testimony expressed in a verse of the Atharva veda, seem to have been rather inferior to the native population in this regard.”

اوائلي آريه لوڪ اصل ۾ شڪار ڪندڙ ۽ ڏٿ ميريندڙ هئا، جن وٽ شڪاري ڪتن  جون وڏيون لوڌون به هيون. اهي ڌراڙ به بڻجي چڪا هئا، پر پوک يا کيتيءَ ڪرڻ جو ڌنڌو هنن اڃا نه سکيو هو.ــ ”ڳائڻ، وڄائڻ ۽ نچڻ واريءَ مست جي پيڙهه، اڻ آريه قومن جي کيتي ــ واهيءَ واري انهيءَ ڌنڌي جي بنياد تي بيٺل هئي، جنهن ۾ شيشنا ديو(پيدائش ۽ آباديءَ جي ديوتا) جي پوڄا به شايد ٿيندي هئي. اوائلي آرين انهن ئي پوڄارين سان اچي جهيڙا جهٽا ڪيا ۽ انهن کي دربدر ڪيو. اهڙين ئي ڳالهين سان ويد شاستر به ڀرپور  آهن.“ مقامي ماڻهو آرين سان ويڙهه کائيندا، مرندا جهرندا، جيتوڻيڪ دربدر ٿي ويا، سندن شهر تباهه ٿي ويا، سندن پوکون، واپار ۽ ٻيا سڀئي ڪم ڌنڌا رُلي ويا؛ تڏهن به اهي پوڄاري ، بدستور ڳائيندا وڄائيندا ۽ ڀڄن ڀاو جاري رکندا آيا. آريه وير، اول دل جهلي به، اهو عجيب و غريب تماشو، لڪي ڇپي ڏسندا ضرور هئا؛ پر، ڳائڻ، وڄائڻ ۽ نچڻ انهن لاءِ هڪڙي بلڪل نئين ڳالهه هئي، جيڪا ڪيترو ئي وقت هنن ٻڌ وانن جي ويچار ۾ نه اچي سگهي. پوءِ شايد اها ڳالهه پاڻ هنن کي ڏکي به لڳي. ــ”انهيءَ اوپري ۽ انوکي ڪم کي آريا اول ڪوئي ڪامڻ ۽ جادوءَ  جهڙو ڪو هٿ  ـ ناٽ (وير مٺ!) يا ڪوئي خوفناڪ سحر ۽ طلسم تصور ڪندا هئا، جنهن جي اثر کان بچڻ لاءِ هي پرديسي پاونگ ڪيترو ئي وقت ٽهندا، ڇرڪندا ۽ پاڻ بچائيندا رهيا“

“To them it was a kind of magic from which, in the beginning, they kept aloof….”

        اهڙي جادو منتر ۽ وير مًٺ جي اثر کان ، ڀلا ڪيترين پيڙهين تائين هو پاڻ بچائي سگهيا هوندا! ڳائڻ وڄائڻ جو پراڻو جادو، جنهن جيءَ ڄار ۾  نانگ بلائون ۽ مرون مانگر به پاڻمرادو اچيو ٿا ڦاسن، تنهن کان ڪيئن ڪو ڀڄي ۽ بچي ڇٽندو! انهن جنگي جوڌن ۽ ڳوڌن تي اهڙي منڊ ۽ ڪامڻ جو ڪڙو ڪڙڻ ۾، ڪي لاڳيتيون صدين جون صديون ٿورو ئي لڳي ويون هونديون؟ پر، اهڙيءَ اٺور ۽ ڪٺور قوم  جي ڪويتا جي ڪهاڻي ڪرڻ ڪيڏو نه ڪٺن ڪم آهي، سو ته سڀڪو سمجهي سگهندو.

        آڳاٽن سنڌين جيڪا جڳان جڳ جاکوڙ ڪري، لاڳيتي ادم  ۽ اتساهه سان، هيءُ جيڪو آڏاڻو اڏيو، هيءُ جو مانڊاڻ منڊيو هو؛ سو ته مانجهي مين، ڪٽڪ جي ڪوڏين، پهريون ڪوڏ ڪنديئي ڪيرائي وڌو! اڳيون جڳٽ ته گويا سڄو ئي ڪوچ ڪري ويو ۽ هيءَ دنيا ڄڻ ته هاڻي وري نئين سنئين پيدا ٿي!

هتي هيءُ ٽوٽڪو ته سڀني جو سئل آهي: ڪنهن جت کي سئو موچڙا ڳڻي هڻڻ جو بادشاهه حڪم ڏنو. ڄٽ اچي هٺ تي چڙهيو، چئي، سو پادر پورا ڪرڻ ڪو نه ڏيندس. ڪوٽوال هڪ ـ ٻه ـ ٽي... ڳڻيندو ويو. ميو مڳ ماٺڙي ڪيو ويٺو رهيو! جڏهن نوي کان چڙهي ، سئو پورو ٿيڻ لڳو، تڏهن هڻي جو ‘گِڙدولي‘  ته ڳڻيندڙ ئي ڀلجي ويا، اڳيون ليکو گم شم، وري نئين سنئين ‘ چاڪر ويچارا منڍ کان هڪ ـٻه.... ڳڻيندا اچن، جت اچي رونشي چڙهيو، ايڪانوي، ٻيانوي... وري اها گِڙدولي! همراهه هجي ڪو ڀوڳائي، سو اچي ڪُڏ کنيس، ويچارا نوڪر وري به نئين سنئين، هڪ ....، يار اچي  جتڪي لاڏ ۾ پيو! سو وري به.... ، اڳيون ليکو گم شم! اهڙيءَ طرح سئو نه پورو ٿيڻو هو، نه ٿيو.

        ساڳيءَ طرح آريه آهيڙين به پنهنجي پهرين ’گڙد وليءَ‘ سان ئي سڄو ڪم لاهي ڦٽو ڪيو ، هاڻي ته وري به نئين سنئين هڪ ، ٻه، ٽي....  پوءِ به کتري بانڪا جيئن پڌاريندا پئي آيا، تيئن اهڙيون نت نت نيون گڙدوليون هڻندائي  پئي رهيا،  جنهن ڪري انهيءَ جڳٽ ڄڻ ته وري نيئن جوڻ ورتي، وري نئين سنئين، نئون جنم ورتو، سو نه ڄاڻي، هاڻي ڪڏهن سامائجي وري ڪڏهن جواڻ ٿئي! انهيءَ سبب ، هن مقالي جو عنوان ئي آريائي شاعريءَ جي ’شروعات‘ رکيو ويو آهي. بهرحال، هن دنيا جي نئين جنم کان، نئين آکاڻي شروع ڪرڻي پيئي! سا ڪٿان شروع ٿيندي! ڪيئن شروع ڪبي؟....!!

        هنن وٽ ٻيو جي ڪجهه نه، تڏهن به سندن وڏن جون روايتون ۽ حڪايتون، ڪهاڻيون ۽ ڪهاوتون ته موجود هيون ئي. انهن ۾ اوائلي جنگين ۽ ٻي درپدريءَ واري زماني جون ڪيتريون ئي مائٽاڻيون يادگيرون، ڪن پُرين کان وٺي، ڪن صدين لاڪر سانڍيل هيون. ”قديم ترين منتر، جن جي اسان کي معلومات ٿي سگهي آهي، سي رگ ويد جون ئي رچائون (روايتون) آهن، جيڪي انڊو پاڪستان ۾ شروع ٿيون ۽ انهن آرين جون چيل آهن، جن سنڌو ماٿريءَ ۾ اچي بيٺڪ وڌي.  انهن منترن (ڪهاوتن) جي سرجڻ جو سمون ، ڏيڍ هزار سال  قبل مسيح کان وٺي، ويندي پنج سئو سال قبل مسيح تائين آهي“. اهي پچارون، انهن ۾ ايترقدر ته زبان زد عام هونديون هيون، جو انهن کي هر وقت هو جهر جهنگ به  ورجائيندا وتندا هئا. پروفيسر مئڪس ملر شايد انهيءَ ڪري ئي انهن کي ڳنوارن جا ڳيت ڪوٺيو هو! پروفيسر صاهب جو اهڙين چوڻين ڳيت ڪوٺڻ، سندس  سراسر خوشفهمي آهي.

حقيقت ۾__”رگ ويد جون پراڻيون رچائون (روايتون) سڀ نثراڻي نوعيت جون ئي هيون. پر، انهن کي سُر ساڻ پڙهڻ ۽ لاڳيتو جهونگارڻ سان ئي منجهن ڪنهن ترتيب ۽ تناسب (Rhyme) جو وڃي ڪو ڍنگ پيدا  ٿيو“ . پنڊٽ مهراج گوسوامي اها مٿين ساڳي ڳالهه وري ٻئي هنڌ به ڪئي آهي. چي، ”رگ ويد جون رچائون، بناوٽ ۾ سڌيون سنواٽيون ۽ ديوتائن کي ڪيل پڪارون (آرڌنائون) آهن؛ جيڪي فقط هڪ_سري آواز (آرچڪ) ۾ زور سان ۽ وڏي واڪي ورجائبيون هيون. ساڳئي سُر کي ئي قائم رکڻ ڪري، اهي رچائون ڳائڻ جي بجاءِ  ڳالهائڻ يا اڃا به پڙهڻ (recitation) وانگر لڳنديون هيون. هيءَ هڪڙو سکڻو ريرنگٽ هوندو هو، جنهن ۾ ڪو به سرائتو گڻ يا جان نه هوندي هئي. انهن منترن کي جيتوڻيڪ شعر ڪوٺيو ويو آهي، پر انهن جي فني چڪاس ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ تي، اسان کي انهن ۾ ماترائن جي بيترتيبي، پد جي اڻپورائي، تڪن جو گهٽ وڌ هجڻ، سٽن جي بيڍنگائي ۽ ڇنڊ جي ٻين رواجي ڳالهين جي به سخت اڻاٺ ڏسڻ ۾ اچي ٿي؛ جيڪي ڳالهيون شاعريءَ لاءِ عام طرح ضروري آهن. تنهن کان سواءِ شاعراڻو مضمون ۽ مواد به ڪافي ڪمزور ۽ اڃا هيٺئين درجي تي ئي آهي. هي سڀ ڳالهيون، انهن رچائن کي محض پڪارون ۽ آرڌنائون (صدائون ۽ دعائون) قرار ڏين ٿيون، جن ۾ انفرادي آواز جي ڪا ڇڪتاڻ ئي انهن کي سُر ۽ تار جي ڪنهن امڪاني شڪل ۾ آڻي سگهي هوندي“

“Though, they have been called poetry, in analyzing them we find in a good many an absence of the usual regulations in respect of duration and length of syllables, lines and rhythm that are usually associated with poetry. The poetical content and emotions were also rather week and this rendered these hymns mere exclamation in which the noise of the individual syllables spoilt their possible over-all musical effect.”  

        اهڙي اڍنگي رينگٽ جي ڇڪتاڻ، ’را ديوتا‘  کي ڪو انهن آهيڙين جي ڦندي ۾ ڦاسائي سگهي هوندي، ۽ ’ڪويتا ديويءَ‘ کي ڪو ڌراڙن جي واڙي ۾ واڙي سگهي هوندي؛ اها دعا دل سان نٿي لڳي. اهڙيءَ چنچل ديويءَ کي وندرائي وانڍن جي وٿاڻ تي آڻڻ، يا اهڙي ٻلوان راڪاس کي ريبي پارڌين جي پنجوڙ ۾ ڦاسائڻ لاءِ به، ڪنهن استاد جوڳيءَ جوئي منڊ کپي. ائين ته صاحبلوڪن به سنڌين کي چلم ڇڪيندو ڏسي، نَڙ گوءِ، ڊول چمٽو ۽ ٽوپي ٽانڊو سڀڪجهه اچي ڪئمپ ۾ ڪٺو ڪيو. پر چلم جو پاڻي پورو بيهارڻ لاءِ به ته استادي کپي! انهيءَ استاديءَ بغير، اول جن به وزم هنيو، تن گويا گيهه جو ڍُڪ ڪيو، ته ٻين وري اوڀاري ڦوڪ هڻي، ابتو نار وهايو ۽ اڳو پوءِ ٻرندڙ ٽوپيءَ کي ئي غسل صحت ڪرائي ڇڏيو. ’جيڪي ڄڻين ، سي نپائين.‘  موسيقي ۽ شعرسازيءَ جهڙي پيچيدي ۽ نفيس ڪم لاءِ به استادي کپي، صحبت کپي ۽ ماحول کپي.

        پيڙهين گذرندي، آخرڪار_ ”آرين ۽ مقامي ماڻهن جو هڪٻئي ۾ باهمي ميل ميلاپ ۽ شادين مرادين جو سلسلو عام ٿيڻ ڪري، ڪيترائي اڻ آريه قبيلا ۽ غير آريائي قومون به آريائي قوميت ۾ گڏجي مسجي ويئون. انهن سان گڏئي ڪيتيرون انوکيون ريتيون رسمون ۽ ٻيا تهذيبي عناصر به آرائي سڀيتا ۾ داخل ٿي ويا... آرين ۽ ديسي ماهن جي اهڙي ميل ميلاپ مان هڪڙي نئين تهذيب اسرڻ شروع ٿي“. انهيءَ مان ڪهڙو کڙتيل نڪتو هوندو، سو هن هيٺ ڏسڻو آهي.

        هن مضمون جي گذشته حصي ۾ اڳيئي اچي چڪو آهي ته ’شام جي يهودين ۽ اسرائيلي ڀوپن (ڪاهنن) عيسوي سن کان ڪي هزار سان اڳ، رواجي نثر جي سڌن سنواٽن جملن کي ڳائيندي، ڪيئن انهن ۾ تنظيم آندي ۽ انهيءَ ڪري ئي ’ڳائڻ‘ کي سرياني (عبراني) ۾ شعر ڪوٺيو ويو.‘ انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر ڪرٽ سڪس (Dr: Curt suchus) جي تحقيقات آهي ته؛ ”پوريءَ تنظيم ۽ ترتيب سان، باقاعدي ڳائڻ جا جيڪا تحريري رڪارڊ مليا اهن، سي تورات کان ڏيڍ هزار سال اڳ ۽ حضرت عيسيٰ کان ٽي هزار سال اڳ جا آهن. انهن ۾ ڪليسائي سنگيت يعني پوڄائي_ڳائڻ جو ذڪر عام جام آهي. لاگاش جي عظيمالشان مندر، نگيرو (Nigiru) ۾ ڳائيندڙ ڀڳتن جي هڪڙي ٽولي واسطي خاص ذميدار آفيسر مقرر هو. اهڙو ٻيو آفيسر وري ڳائيندڙ، وڄائيندڙ ۽ نچندڙ ديوداسين ۽ گوين جي ڪيترن ئي مختلف طبقن جي تربيت ۽ سکت لاءِ جوابدار هوندو هو. معبد جي انهن موسيقارن جو گروهه، ايندڙ زماني ۾ آخرڪار علمائن جو طبقو تسليم ڪيو ويو“ هتي جا هندستاني ڪاهن (پروهت) پڻ ساڳيءَ طرح، عيسوي  سن کان ڪيتريون صديون اڳ، سندن سنڌي سيڻن جي سنڀال هيٺ، ساڳئي گس تي ئي وڌا ويا؛ جيئن اڳتي به کين انهيءَ حالت ۾ ئي ڏسي سگهبو.

__”آڳاٽن آرين به ويدن جون رچائون ورجائيندي، انهن جا الفاظ هيٺ ۽ مٿي جي ٻن سُرن ’اُداته‘ (اُسريل) ۽ ’انوداته‘ (ڪيريل) آوازن ۾ ڳائڻ چالو ڪيا. ناردي سِڪشا موجب،  انهيءَ کي گاٿيڪا جو دور سڏيو ويندو هو“.  انهيءَ مان هيءُ اندازو ٿئي ٿو ته__ ”گاٿائون (ڳاهون) ويدڪ زماني کان ئي موجود هيون. اهڙيون ڳاهون ڪن منتخب منترن تي مشتمل هونديون هيون“. __”اهي ڳاهون (گاٿائون) پروهت ۽ ٻيا ڳائڻا واري واري تي ويٺا ڳائيندا هئا، جن ۾ سندن آوازن جا ٻه سُر هيٺ ۽ مٿي چڙهندا ۽ ڪِرندا رهندا هئا. آواز جي انهيءَ اوچائي جهڪائي ڪرڻ ۾ به شايد ايتير رواني رکينه سگهندا هئا، تنهن ڪري ڌيري ڌيري  پڙهندا هئا. __”رگ ويد جي رچائن تنوارڻ ۾ ’لئي‘ (چال يا رفتار(Temipo =  لاءِ ٽي لفظ ڪم ايندا هئا؛ (1) هِرسوَ = عام رواجي رفتار. (2) دِرگهه= انهيءَ کان ٻيڻي ڊگهي چال.(3) پِلوُ ته = انهيءَ کان به ٽيڻي ڊگهي لئي. گاٿائن ڳائڻ لاءِ اول، اوچا آواز (اُداته) يا چڙهيل سُر، تمام ڊگها يعني ٽيڻا ڊگها (پلوُته) ڪري ڳائبا هئا، ته ڳاهون ڪجهه سُريليون لڳن ۽ رڳو پڳو نثر معلوم نه ٿئي“. هن قسم جا سڀ حيلا وسيلا، جيئن پڌرو آهي ته اڻ آرين جي ئي پيرويءَ ۾ ڪيا پئي ويا. اهڙي ذوق جي پٺيان هن ديس جي هوا پانيءَ جو اثر به ڪجهه ڪم ڪري رهيو هجي ته ڪهڙو شڪ؟ اهڙيءَ طرح اڍنگن اچارن جي غنائي رڪاوٽن مان پار پوڻ لاءِ به. __”سخت اچارن جي رد عمل ۾، انهن کي نرم بنائڻ لاءِ، يا انهن ۾ روانيءَ جي ڪا سهولت پيدا  ڪرڻ لاءِ، جيئن پوءِ تيئن ڇڙواڳ نموني جون لاتيون ۽ آزاد قسم جا آلاپ (cadence) به گهڻي ۾ گهڻا ڪم آڻڻ لڳا. سنسڪرت جيئن ته منڍ ۾ حرف صحيح (Consonents) جي لاڳيتي سلسلي واير ٻولي هئي، تنهنڪري حرف علت (Vovels) جا آواز انگهائڻ تي گهڻو زور ڏنو ويو، ته ٻوليءَ جي کَهُراڻ حتي الامڪان گهٽجي وڃي ۽  ٻيو ته پد جا اچار به چٽا ٻڌڻ ۾ اچن. اهڙي تجربي مان کين اهو به پتو پيو، ته ٻڌڻ وارن کي به سٺي جهيل ۽ ڍار گهڻو وڻي ٿي. آهسيت آهستي آرين جي رواجي گفتگو واري ٻوليءَ ۾ به اهڙي ير گهير اچڻ شروع ٿي. لفظن جي حرف علت وارن آوازن کي اهڙيءَ طرح انگهائڻ ۽ سسائڻ جي سلسيل سان ڪجهه ترنم ۽ تناسب جو بنيادي اثر به اچڻ لڳو“

هنن کي هتي رهندي به هاڻي ويهارو _ ٽيهارو پُريون ته بيشڪ لنگهيون هونديون. انهيءَ عرصي ۾، سڌاري جي راهه تي ضرور ٻه وکون اڳتي ئي رڙهي آيا هوندا. __”سرن جي  مناسبت ۽ ڪوت اجي رٿا جو احساس ٿيڻ ڪري، ويدن جون رچائون، جيڪي اڃا تائين فقط سڌيون سنواٽيون صدائون ۽ دعائون هيون، تن ۾ هاڻي وڌيڪ ڦير گهير اچڻ شروع ٿي. ساڪن حرف علت جي آوازن ۽ گونجندڙ اچارن کي به ڏاڍيان ڳائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي. آڳاٽا آريه، پد جا اچار ڳائڻ کان سواءِ شايد رهي نه سگهندا هئا. آوازن ۽ لفظن جي اهڙيءَ مناسبت ضرور شاعريءَ جي ظاهر ٿيڻ جو ڪو امڪان پياد ڪيو هوندو ۽ جيڪو شايد مشڪل سان نظر انداز ٿيو هوندو. سادين سٽن کي جهونگاريندي به، هو انهن کي ڪوتا جي روپ ۾ آڻڻ ڏانهن مائل ضرور ٿيا هوندا. نئين هنر پيدا ٿيڻ واري خيال جو هيءُ مکه موقعو هو. رگ ويد وارو نثر يا جنهن کي نظماڻو نثر کڻي چئجي، سو وري وري اٿل پٿل هيٺ آيو، ته انهيءَ کي ڪنهن سُر تار ۾ آڻي سگهجي...“. رگ ويد جي انهيءَ نظماڻي نثر (يا نثراڻي نظم) جي وڌيڪ وياکيا يعني ويچار ڪرڻ، هن مضمون جي مدنظر ملتوي ڪرڻ ئي مناسب آهي. البت ان کان پوءِ ايندڙ يجرويد ئي ڦٽي نڪتو آهي، تنهن ڪري هاڻي يجرويد وارو زمانو جاچڻ ۽ واچڻ گهرجي.


*  هتي ڪم آيل سن ۽ صديون سڀ گهڻو ڪري هيٺين ڪتاب تان ورتل آهن.

Graphic guide to World History by Michael Martin,New Yark1959.

(1)  ڀيرو مل: قديم سنڌ ص 408

(1)  ڌرمانند ڪوسمجي: ”ٻڌ ڀڳوان“ ص 351 ۽ 352.

(2)  ڀيرومل : ”قديم سنڌ“ ص 288

(3)  ڀيرومل : ”قديم سنڌ“ ص 288

(4)  ڀيرومل : ”قديم سنڌ“ ص 288

(5)  ڀيرو مل : ”قديم سنڌ“  ص ص، 467، 473.

(6)  ڀيرو مل : ”قديم سنڌ“  ص ص، 467، 473.

(1)   ڌر مانند ڪوسمجي: ”ٻڌ ڀڳوان“ ص ص 288 ۽ 290

(2)  ڌر مانند ڪوسمجي: ”ٻڌ ڀڳوان“ ص ص 288 ۽ 290

(3)  ڀيرو مل: ”قديم سنڌ“ ص 407.

(4)  ڀيرو مل : ”قديم سنڌ“ ص 470

(1)  ڀيرو مل: ”قديم سنڌ“ ص 409

*  هن تاريخي تبصري ۾ ٻڌ مذهب ۽ ان جي علمي ، ادبي، تهذيبي ۽ تمدني تاثرات کي ترڪ ڪيو ويو آهي. انهيءَ عرصي اندر جن ڌارين قومن هندستان تي حملا ڪيا ۽ حڪومت ڪئي. سي به هتي شامل نه آهن. انهن لاءِ ، خدا چاهيو ته اسلام جي ابتدا تائين الڳ مضمون ايندو. هتي فقط آريه قوم، سندن سماج سڀيتا سان ئي واسطو رکيو ويو آهي.

(2)  ڌرمانند ڪوُسمجي : ”ٻڌ ڀڳوان “ ص 351

(3)  سوامي پراجننه نند: هسٽاريڪل ڊيولپمينٽ آف انڊيين ميورڪ ص   98.

(1)   ڀيرو مل: ”قديم سنڌ“ ص  294.

(2)  ڀيرو مل: ”قديم سنڌ“ ص   296.

(1)  ڀيرو مل: ”قديم سنڌ“ ص   410

(*)  مٿيون احوال گهڻي ڀاڱي هن ئي ڪتاب A Graphic Guide to World History  by Michal Martin. مان ورتو ويو آهي.

(1)  مٿئين سڄي تفصيلي بحث واسطي پڙهي ڏسو ’شاعريءَ جي شروعات‘

(1)  Prof: O. Gosvomi: The Story of Indian music. P. 139.

(1)  Prof: O. Gosvami: The Story of Indian Music P. 12.

(2)  Prof: O. Gosvami: The Story of Indian Music P. 12.

(1) Prof: O. Gosvami: The Story of Indian Music P. 12.

(2) Prof: O. Gosvami: The Story of Indian Music P. 12.

(1)  Prof: O. Gosvami: The story of Indian music. P, 3.

(2)  Prof: O. Gosvami: The story of Indian music. P, 10.

(1) Prof: O. Gosvami: The story of Indian music. P, 3,4.

(1)  Prof: O. Gosvami: The story of Indian music. PP. 11,12.

(1)  The Rise of Music in Ancient World pp. 58,59.

(2)  Prof: O. Gosvami: The story of Indian music. P,4.

(3)  Swami Projnananda: Historical developant of Indian Music p. 335 & 372.

(1)  Swami Projnananda: Historical developant of Indian Music p. 335 & 372.

(2)  Prof: O. Gosvami: The story of Indian music. P,161.

(1)  Prof: O. Gosvami: The story of Indian music. P, 4.

(1)  Prof: O. Gosvami: The story of Indian music. PP, 8,9.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com