سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2- 1967ع

مضمون

صفحو :10

پر هتي هندستان ۾ پاڻيهي پنهنجي ٻوليءَ کي سمجهڻ سمجهائڻ لاءِ، سوين سال اڳ، سڪشائون ۽ وياکيائون، نروڪت ۽ نگهنٽو، شبد وديا ۽ ند وديا، ڪوش ۽ وياڪرڻ وغيره وجود ۾ اچڻ لڳا، سا ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي! اسان جي سنڌي ٻولي سکڻ سيکارڻ لاءِ، گذريل صديءَ تائين به گرامر ڪو نه هو، تڏهن به ايامن کان وٺي هتي هلندڙ قديم سنڌي لوڪ ڳيت، سمن سومرن جي زماني ۽ ان کان اڳ جون ڳاهون ۽ دوها، توڙي شاهه جو ڪلام اسان جا اڻپڙهيل هاري ناري، بنان ڪنهن گرامر سکڻ جي، خود بخود سمجهندا ۽ ان جو  حظ  حاصل ڪندا آيا آهن. پر هتي ياسڪ مني ۽ پاڻينيءَ پارن کي پاڻ پتوڙي ڪي نيم ڳولڻا پيا، تنهن جو ڇا سبب هو؟

        ’نارٿ انڊين ميوزڪ‘ جو مصنف انهيءَ ساڳئي سلسلي ۾ لکي ٿو ته ”هندستان ۾ قديم زماني کان وٺي ڳائڻ ۽ ٻوليءَ جو علم، ٻئي ساڳئي ’آواز‘ جي هڪڙي ئي بنيادي علم جون، ٻه متوازي شاخون مڃيون ويئون آهن. اڪثر اهي ٻئي علم، ساڳئي مصنف يا مرتب گڏوگڏ، هڪ ئي وقت ترتيب ڏنا آهن. وشسٽ، ڪيشپ، نارد، ياجن ولڪيه ۽ پاڻيني وغيره جا نالا اوائلي ’وياڪرڻي سنگيتڪارن‘(Musicologist- grammarians)    ۾ ڳڻيل آهن. ساڳئي زماني ۾ ننديڪيشور به سنگيت ۽ ٻوليءَ جي آوازن جي متوازي فلاسافي لکڻ ڪري ڏاڍو مشهور ٿيو. هن ساڳئي عالم جو ناچ تي به هڪڙو ڪتاب ،’اڀينيه درپن‘ (The Mirror of gesture)تمام مشهور آهي. هيءُ پاڻينيءَ جو ساٿياري هو“ مٿئين ساڳئي پروفيسر الائن ڊئنيلو   (Alain Danielou) وري اڳتي لکيو آهي ته ”ويدن کي سمجهڻ لاءِ، نحوي اصول مختصر ڪري، سوترن جي صورت ۾ آندا ويا، ته جيئن انهن کي آسانيءَ سان ياد ڪري سگهجي، ۽ گهرج پوڻ مهل انهن کي هڪدم اُچاري سگهجي“

        انهيءَ قسم جي سڀني ڪتابن جو اڳواڻ، ياسڪ منيءَ جو نروڪت (Nirukta) آهي، جنهن ۾ اهڙن لفظن ۽ محاورن جي وياکيا ڪيل يعني انومان ڪڍيل آهي، جيڪي وقت بوقت جدا جدا منترن ۾ پنهنجو روپ مٽائيندا ۽ نت نت نئون مفهوم  وٺندا پئي ويا. انهيءَ کان پوءِ پاڻينيءَ جو وياڪرڻ به اهڙي ئي وياکيا ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آيو. خود وياڪرڻ لفظ لاءِ مهاودوان شري ڌرمانند ڪوسمجي لکيو آهي ته ”وياڪرڻ جو مقصد آهي ’وياکيا ڪرڻ‘ (واکاڻ ڪرڻ، وينڃائڻ يا وضاحت ڪرڻ  (To interpret)  ڪو به منتر وٺي ڪري، ان جو مطلب مختصر ڪرڻ، يا ان کي کولي سمجهائڻ، سوئي وياڪرڻ آهي“ جيتوڻيڪ سندس سنسڪرت ۽ ان جي وياڪرڻ سان واسطو ڪونهي، پر سندس انهيءَ اُهڃاڻ مان اسين به ڪي نتيجا ڪڍي سگهون ٿا. اڄڪلهه وانگر ته ’هيٺئين جملي جي ترڪيب ڪريو‘، اها ڳالهه اڳي ڪا نه هوندي، مگر جيئن سوال ڏبو آهي ته ’هيٺيون بيت کولي سمجهايو‘، اها آهي وياکيا ڪرڻ.

اهڙيءَ وياکيا واسطي به اسان کي ڪي سبب سجهن ٿا: آريه لوڪن جي اچڻ کان اڳ، هتي سنگيت جو سارو ئي وايومنڊل ’پراڪرتي‘ ڊوا، جو هو. آريه لوڪن کان اڳ وارا جيڪي بنيادي ۽ مقامي لوڪ ڳيت هتي هلندڙ  هئا، تن کي آرين به ديسي يا پراڪرتي (فطري) سڏيو  آهي. انهن فطري ۽ بنيادي لوڪ ڳيتن جي ڊول تي آرين وري سنسڪرتي (بناوٽي) سوترن ۽ تُڪن جي ترتيب شروع ڪئي. اهي تڪو ۽ ڪليون لاڳيتي مٽا سٽا ڪري ــ.’مورڳو سڃاڻپ کان ئي ٻاهر نڪري ويئون‘ ــ ۽ ــ  ’انهن  جو ڪو به مفهوم يا مطلب ئي نه رهيو‘ تنهن ڪري پوءِ ــ ”انهن سوترن ۽ منترن جو ابتو اونڌو ارٿ ڪيو ويندو هو.... تان جو ڪيترن هنڌ انهن منترن جو اهڙو ارٿ ڪڍيو ويندو هو، جو سمجهه ۾ ئي نه ايندو هو“ اهڙي منڌل سُٽ کي سمجهائڻ لاءِ ئي وياکيا ڪرڻي پيئي ۽ اها وياکيا به وري وياڪرڻي سنگيتڪارن يعني نحوي موسيقارن کي ئي ڪرڻي پيئي، جيڪي اصل ۾ انهيءَ سمي جا ڳياڪار ڳهير هئا. ڪاڪي ڀيرومل مٿئين مونجهاري جي وري هيءَ  وياکيا ڪئي آهي ته ”رگ ويد جون رچائون اهڙيءَ ڪنهن قديم سنسڪرت ۾ لکيل آهن، جو جيڪي رشي ويدن واري زماني کان سگهو ئي پوءِ ٿي گذريا، سي به انهن جو مطلب سمجهي نٿي سگهيا“ اهڙين ڳالهين جي وڌيڪ وياکيا ڪرڻ ڀاشا وگيان يعني لسانيات جي علم جو ڪم آهي. هن مضمون جو واسطو شعر ۽ موسيقيءَ سان آهي، تنهن ڪري موٽي وري به سام ويد هٿ ۾ کنون ٿا.

        ـــ”سامن يا سام ويد جا ڳيت، جيئن اسان کي اڳيئي معلوم آهي ته گهڻو ڪري رگ ويد جائي ٻول آهن، جن کي ڇانگي، وڍي يا مروڙي ۽ مروٽي، نشيدار سوم ٻوٽيءَ جي گهوٽڻ، ڇاڻڻ، ديوتائن کي آڇڻ ۽ پوءِ انهيءَ پيالي جي پيئڻ لاءِ ڳايو ويندو هو. پر، مخالف ڌر وارا به سگهوئي سجاڳ ٿيا، جن ٺٺوليءَ جي انداز ۾ مٿن نڪت چيني ۽ چٿر ڪرڻ چالو ڪري ڏني. سامن کي پراڪرتي ڳيت سان ڀيٽي، ان کي اڍنگو، بيتالو ۽ بيسرو ثابت ڪرڻ لڳا. خود هڪڙي ته ويد وياس (ويدن جي ليکڪ) به ، انهن پروهتن ۽ پوڄارين جي گيهل جهڙي رينگٽ کي گدڙن جي اوناڙن سان ڀيٽيو آهي، ته ٻئي هڪڙي وياس وري انهن کي برساتي ڏيڏرن جي ’ٽان.... ٽر.... ٽان‘ جي تشبيح ڏني آهي“ ۽ ڪن ته وري انهيءَ سوم يگيه جي سنگيت کي ’سُئا ڳئون جو ، ڦر لاءِ رنڀون ڪرڻ‘ به ڪوٺيو آهي. رگ ويد جو هيٺيون اقتباس پڻ انهيءَ سلسلي ۾ دلچسپ آهي. جنهن ۾ طنز جي هڪ انوکي ڍنگ سان، ڏيڏرن  کي ٽوڪيو ويو آهي؛ اهي به برهمڻن جي ريس تي، انهن جي اهل ڪندي ڳائين ٿا، پر پنڊتن وانگر پاڻ به اڍنگو ئي ‘ٽَرڪو‘ اُچارين ٿا. جيئن پروهت ٿاڌل جي ڀريل ڪونڊي کي ڦري ويهن ٿا ۽ پوءِ نشي جي حالت ۾ وڏو ڌمچر مچائين ٿا

“Songs of priests intoxicated with soma….. Their jollity croaking like frogs:-

1.  From all atonce comes up a noisy croaking,

    As when the cow calls to her calf with loving(P.81)

2.  Like piests attending at the soma-affring,

    Who sit around the full bowl, loudly singing,

    Ye frogs around the pond hail the recurring,

    Of autumn when the rain first Commence.(82)

3.  The shout aloud like Brahmans drunk with soma,

     When they perform their annual devotions,

     Like Adhvryo, sweating o’ver the kettle,

     They issue forth, not one remains in hiding”(82)

سنسڪرت لٽريچر جي مٿي بيان ڪيل فرضي ورڇ وانگر، سنسڪرت شاعريءَ کي به سمجهڻ سمجهائڻ جي ساڳئي سهنج خاطر، ٽن مختلف زمانن  يا مقرر دورن ۾ ورڇيو ويو آهي. انهن مان فقط ’پهريون دور‘ يعني ويدڪ زمانو ئي هاڻي تائين اسان جي بحث هيٺ آيو آهي. ٻيو مک دور وري ڊگهين ڳالهين، ڏندڪٿائن ۽ قصن ڪهاڻين وارو آهي، جنهن کي اتهاسڪ دور سڏيو ويو آهي. ويدن وانگر انهيءَ ’ٻئي‘ زماني جي لکتن کي پڻ رسمي طرح شاعري ڪوٺيو ويو آهي ۽ پراڻي ويساهه موجب، انهن ڏندڪٿائن کي پڻ سچيون تاريخي ڳالهيون ڪري مڃيو ويو آهي. انهيءَ ڪري علمي نقطي نگاهه کان، انهن جي تاريخي تنقيد بلڪل گهٽ ڪئي ويئي آهي. هتي اهڙي تاريخي تبصري جو موقعو نه آهي، بهرحال، چوٿين صدي قبل مسيح واري جنگنامي، رامائڻ کان وٺي، عيسوي سن جي ستين صديءَ سوڌو، جيڪي اتهاس ۽ پراڻ وغيره لکبا آيا، سي سڀ هن ’وچين دور‘ ۾ سمايل آهن. هيءُ دور لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن تائين انگهايو ويو آهي. ايڏي ڊگهي عرصي تائين، آريائي شاعري توڙي سنسڪرت زبان جو ڪو ساڳيو ئي روپ رهيو هوندو؟ سا ڳالهه ممڪن نٿي لڳي. پر هڪڙي هندو پنڊت، ’سنسڪرت شاعري‘ متعلق سندس تحقيقاتي مقالي ۾ لکيو آهي ته ”اتهاسن، سمرتين، تنترن ۽ پراڻن واري زماني جي شاعريءَ جي ’ٻئي دور‘ واري دفعي ۾ ڳڻي سگهون ٿا، اهو دور ايڏي ڊگهي عرصي تائين ضرور پکڙيل آهي، پر جيڪا شاعري انهيءَ دوران ملي ٿي، ڪيترين ئي ڳالهين ۾ اها هڪجهڙي آهي“

رامائڻ واري ڳالهه جي اصلي هجڻ لاءِ ته ڪن عالمن اجايا سجايا شڪ وجهي ڇڏيا آهن، البت ان کان پوءِ ايندڙ اهڙو ئي ٻيو اتهاس، مهارڀارت جو رزنامو آهي، جيڪو انهيءَ اصلي جنگ کان گهڻو پوءِ جو لکيل آهي. ’سنسڪرت شاعريءَ‘ جو مٿيون ساڳيو مصنف، انهيءَ جنگنامي جي مضمون متعلق لکي ٿو ته ”مهاڀارت، جيئن ان مان پڌرو آهي ته اهو پانڊون جي پونير ، راجا جنميجيه  (Janamejoy)کي خطاب ڪيل آهي. انهيءَ مان اهڙيون ثابتيون به ملن ٿيون، ته هيءُ رڳو کٽندڙ ڌر جي خوشامد ۽ پاس خاطريءَ خاطر رچيو ويو آهي ۽ ان ۾ هاسيڪار پانڊون کي پڏايو ويو آهي. هيءُ پهريان جنميجيه  جي ڪنهن درٻاري ڀٽ (ويشم  پائن) شروع ڪيو هو، جيڪو ڄڻ ته انهن رومي شاعرن مان هو، جن سيزر جي ساراهه ۾ ڪوبه سنڌو سيڙهو ڪونه ڇڏيو هو ... هن کي سوڀاريءَ ڌر جي سوڀ وارين ساراهن ۽ انهن جي رسمي ۽ روايتي پچارن ئي انهيءَ کي انساني اُسرائڻ تي آماده ڪيو. انهيءَ ۾ مهاڀارت واري زماني جي ماحول پيش ڪرڻ بدران، شاعر خود سندس زماني جو ئي عڪس آندو آهي“ اهڙن اتهاسن تي ڳنڍ ٻڌڻ، ڪيتريقدر جڳائي ٿي، انهيءَ جو ڪجهه اندازو مٿئين اقتباس مان ٿي سگهندو. چيو وڃي  ٿو ته : هن جنگنامي کي ٽئڪسيلا جي ڪاليج ۾ ڳايو ويندو هو. انهيءَ جي شاعراڻي ڪيفيت ڪهڙي آهي، سا هن کان پوءِ بيان ٿيندي.

        هن کان اڳ ۾ ويدڪ ڳيتن جو ذڪر ٿي رهيو هو. ــ ”ٻئي طرف، عام خلق ۾ عوامي ڳيت يعني لوڪ سنگيت جو دائمي استعمال، عام جام جاري رهڻ، ڪري مقبوليت حاصل ڪري چڪو هو. انهيءَ پاسي سمجهوُ  طبقي جو چاهه ڏسي ڪي سڄاڻ، لوڪ ڳيتن کي سهيڙڻ ۽ سنوارڻ لڳا. انهيءَ جو نتيجو هيءُ ٿيو، جو پراڪرتي يا ديسي ڳيت، ”مارڳ“ (ميڙ چونڊ) جي معرفت ڌرمي ويدن ۾ مخلوط ٿيڻ لڳا“

        مارڳ جي انهيءَ ميڙ چونڊ ۽ سنوار سميٽ جي سلسلي ۾، هڪڙي بلڪل انوکي ۽  عجيب و غريب ڏند ڪٿا، ويد شاسترن ۾ ڏنل آهي. پنڊ  سوامي پراجننه نند مهراج، انهيءَ وهمي ڏند ڪٿا کي مارڳ جو محرڪ ۽ مکه ڪارنامو قرار ڏيندي، ان جوانگريزي ترجمو ڪري، سندس ڪاب کي سينگاريو آهي. چي ــ ”ست پاٿ برهمڻ ۾ لکيل آهي ته: وسوا واسو نالي هڪڙي گنڌري ڇا ڪيو، جو گايتري ديويءَ کان سوم ٻوٽي لڪائي ڇڏيائين.... هيءُ  گنڌرو هڪڙو ناميارو ڳائڻو هو. ديوتائن کي جڏهن پتو پيو ته هن سوم ٻوٽي گم ڪري ڇڏي آهي، تڏهن هنن هڪڙيءَ نوجوان ڪنواري واڪ ديويءَ کي انهيءَ امرت (سوم ٻوٽي) موٽائي آڻڻ لاءِ روانو ڪيو. چيل آهي ته : هيءُ گنڌرو سهڻين زالن ۽ حسن جو وڏو سيڪڙائو هو. جڏهن ڪُماري واڪ ديوي هن جي اڳيان آئي، تڏهن سندس سونهن سوڀيا ۽ جوڀن جواني ڏسي، هو حيران ۽ قربان ٿي رهجي ويو. بس، پوءِ ته سڌو اچي ديوتائن جي اڳيان پيش پيو  ۽ وچن ڪيائين ته ’هاڻي سوم ٻوٽي اوهان کي ئي پرتي ۽ واڪ ديوي هاڻي منهنجي ٿي!’ اها واڪ ديوي، ’سرسوتي‘ پاڻ خود هئي“

        ڊاڪٽر آنند ڪمار سوامي  (Dr: A.K. Coomar Swami) وري ساڳي واردات، تئتريه  سمهتا منجهان مختصر ڪري ڏني آهي ته ”ساڳيا گنڌرا جيڪي دنياوي ديوتائن سان به مشابهه آهن، جيڪي سهڻو ٻوليندا هئا، سي فقط ڳائيندا وڄائيندا هئا... ’واڪ ديوي‘ انهن کي سوم ٻوٽيءَ جي اجوري ۾ ڏني ويئي هئي.... اهڙو ٻيو به حوالو رڳ ويد ۾ آهي ته: انهيءَ ٻوٽيءَ تي رکَ ڪندڙ يعني رکوالي (برهسپتيءَ) کي ديوتائن پنهنجي زال ڏيئي، سودي ۾ سوم ٻوٽي حاصل ڪئي هئي“

اهي سڀ فرضي ڏند ڪٿائون آهن، جن جو سرسوتي ديويءَ ۽ سوم ٻوٽيءَ سان ته کڻي ڪو واسطو هجي به، پر انهن جو ’مارڳ‘ واريءَ تحقيق ۽ تلاش ۾ ڪوبه عملي حصو نه آهي. مارڳ دراصل هڪڙي عوامي تحريڪ معلوم ٿئي ٿي، جنهن اندازن چوٿين صدي قبل مسيح ڌاري، موريه حڪومت کان وٺي زور ورتو هوندو. آخري ويد يعني اٿرويد به هن کان پوءِ سگهو ئي لکيو ويو، پر انهيءَ جو هن مضمون سان ڪو خاص واسطو ڪونهي. ــ”اهڙيءَ طرح اسين ڏسون ٿا ته سندن والاريل ديس وارن لوڪ ڳيتن جي ڀرپور ڀنڊار مان، عوامي سنگيت اڌارو وٺڻ کان اڳ، آريه لوڪن جو سڄو ئي دارومدار سندن قديم روايتي ڪهاوتن تي هو. کانئن اڳ رهندڙ ڪيترن ئي ڏيهي قبيلن جا عام ڳيت پنهنجا ڪرڻ ۽ انهن جي ڊول  تي اهڙا ٻيا ڳيت گهڙڻ  ڪري، آرين کي انهيءَ ڏس ۾ هڪڙو گهاڙو گس ملي ويو، جنهن کي منڍ ۾ ’مارڳ‘  يعني واٽ يا پيچرو سڏيندا هئا....، جنهن جو مفهوم هو ’ساڳئي ڍنگ وارا ڳيت‘. مارڳ لفظ پوءِ روايتي ۽ پاڪ ڳيتن لاءِ پڻ استعمال ٿيو، پر سندس اصلي معنيٰ هئي ’رستي سان تلاش ڪيل ڳيت‘“

        ڪالي ناٿ، جيڪو سنسڪرت ساهتيه ۾ وڏي سند مڃيل آهي، چوي ٿو ته : هن کي مارڳ انهيءَ ڪري چيو ويو آهي،  ڇاڪاڻ ته ’برهما‘ (500 ق . م؟ ) انهيءَ کي ڳولي ڦولهي ڪٺو ڪرڻ شروع ڪيو هو (يعني سهيڙيو ۽ سنواريو هو.)....، ٻئي هڪڙي ٽيڪاڪار، سمڀا ڀوپال، مارڳيته يعني مارڳ لفظ لاءِ چيو آهي ته ؛ جيڪو ’حاصل ڪيل هجي‘ (Sought)، ۽ جيڪو ’نهاريو ويو هجي‘ (Searched) مٿيان ٻئي لفظ (ڳولڻ ۽ لڀڻ ) انهيءَ شيءِ  لاءِ ڪم اچي سگهيا ٿا، جيڪا اڳواٽ موجود هجي. “

مٿي بيان ڪيل برهما ديو جي صفت ۽ ثنا ڪندي، سندس شان ۾ پروفيسر گوسوامي لکيو آهي ته ”مٿي ذڪر ڪيل برهما، ڪوئي جڳ جو اُپائيندڙ نه آهي، پر هو آريائي پوڄائن جو اڳواڻ يا سونهون هو، جيڪو سوم پوڄا ۽ ٻين ساٺن ــ سوڻن جو وڏو ڄاڻو هو. پوڄائن ڪرائڻ ۾ هو پنهنجي سر ٻين پنڊتن ۽ پروهتن جي مٿان نگراني ڪندو هو. اهو ساڳيو ئي برهما آهي، جيڪو مارڳ جو مرتب يا سهيڙيندڙ سگهڙ سمجهيو ويو آهي. هيءُ اسان جهڙو هڪڙو فاني انسان هو، جنهن کي پوءِ هندو ڏند ڪٿائن ۾، غلطفهميءَ جي ڪري، ٽن خدائن منجهان هڪڙو خدا ڳڻيو ويو“ ’سنسڪرت شاعريءَ‘ جي مٿئين مصنف پڻ ساڳي اهڙي ڳالهه ڪئي آهي ته: ديوتائن، جن کي ويدن ۾ آرڌنائون ڪيل آهن، سي اسان جهڙا انسان هئا، ۽ ديوتائن کي خطاب ڪرڻ وارا رشي، جن جي نالي تي ويدن واريون رچائون آهن. سي به انسان ئي هئا“ مطلب ته مارڳ واري مٿئين ڪارنامي جي ڪري، برهما کي ديوتا مڃيو ويو، هاڻي مارڳ لفظ جي سمجهاڻي ۾ هتي ڪي وڌيڪ حقيقتون هيٺ ڏجن ٿيون:

        ”سنگيت درپن ۾ ڳيتن جي شاهي سڙڪ (Highway) کي مارڳ سڏيل آهي، ڇاڪاڻ ته اهو شِوَ ۽ دروهنا جو دڳ قائم ڪيل هو. ڊاڪٽر انندڪمار سواميءَ چيو آهي ته: مٿي مارڳ لفظ واسطي ’شاهي سڙڪ‘ جو لفظ آيو آهي، تنهن جي معنيٰ ڪنهن جو پيرو کڻي، ان جي ڪڍ لڳڻ ۽ شڪار ڳولڻ   به آهي. مارڳ لفظ ڳولڻ، حاصل ڪرڻ ۽ ڪٺي ڪرڻ جو مفهوم رکي ٿو ۽ مارڳ پتو ڏئي ٿو ته ويدڪ ڳيتن جو اڪثر ۽ بيشتر مواد، انهيءَ تحقيق ۽ تلاش بعد جمع ڪيو ويو آهي.__ ويدن موجب: مارڳ لفظ جي معنيٰ آهي شڪار جي ڀڄڻ جو پيچرو ۽ پيرو کني ان کي پڪڙڻ واري ڌننج (Dhananja)  واري ’دس روپ‘ ۾، اتم درجي واري انهيءَ ناچ کي به مارڳ چيل آهي، جنهن ۾ لفظن جي بجاءِ موزون اشارا اچن“ انهيءَ مان پڌرو آهي ته پراڪرتي ڳيتن وانگر، پراڪرتي ناچ  به مقامي ماڻهن کان مارڳ جي معرفت حاصل ڪيو ويو، جنهن ۾ سهڻا ۽ دلڪش اشارا اڳي ئي موجود هئا. اندازو آهي ته قديم سنڌين ۾ ڪي ڪٿڪ ۽ نرتڪ به انهيءَ زماني ۾ موجود هئا. انهيءَ زماني تائين چئن نمونن جا ڳيت، عام جام هلندڙ هئا:

(الف)  گرام ڳيا: يعني ڳوٺاڻا ڳيت، جيڪي عام طرح رات جي رهاڻين ۾، ديهاتي ماڻهو ڳائيندا هئا.

(ب) آرڻ ڳيا: يعني ٻيلاين جا ڳيت  (Forest Songs) جن کي جهنگ جا ڌڻار ۽ مالدار سڄو ڏينهن، هُڙين ۾ هونگاريندا ۽ جهونگاريندا رهندا هئا.

(ج) اوها ڳيا: يعني سگهڙ پائي ۽ سڌ ٻڌ وارا ٻول، نصيحت آميز پهاڪا، جن ۾ سوچ سمجهه ۽ آزمودا ۽ تجربا وغيره، چوڻين ۽ سوترن جي صورت ۾ هئا، جيڪي پوءِ ڌرمي پوڄائن ۾ به ڳائجڻ لڳا.

(د) آهيه ڳيا: يعني ڌرمي ويچارن وارا ڳيت، انهن ۾ اندر، اگني ۽ سوم جي ساراهه ڪندا هئا، جيڪي يگيه وغيره ۾ به پروهت ڳائيندا هئا.

        پوئين زماني ۾، انهن مان ڪن کي ’راتڙي ڳيا‘  ۽ ڪن کي ’ڏڻ ڳيا‘ به ڪوٺيندا هئا. جن مان پهريان ٻه قسم ، يعني گرام ڳيا، جي اڪثر رات وڳڙي(راتڙيءَ) ۾ ڳائبا هئا ۽  آرڻ ڳيا، جيڪي وري مالوند ماڻهو ۽ جهنگل واسي، ڏينهن ڏٺي تنواريندا وتندا هئا؛ سي باترتيب رات ۽ ڏينهن جا راڳ سمجهڻ کپن. ڪلاسيڪي راڳ ڳائڻ جا وقت ۽  ويلا عيسوي سن شروع ٿيڻ کان پوءِ مقرر ڪيا ويا.  اسين اڃا عيسوي سن کان اڳئين زماني ۾ آهيون.  ان وقت تائين ته خود ’راڳ‘ لفظ به اڃا پيدا نه ٿيو هو، ان جي بجاءِ’ڳائڻ‘ يا ’جاتي‘ لفظ استعمال ٿيندو هو.

        انهيءَ  زماني ۾، ــ ”هندستان جي آڳاٽن عالمن ڳائڻ جا ٻه قسم مقرر ڪيا، پهريون ديسي يا عوامي ۽ ٻيو مارڳ. هنن جي ليکي ’مارڳيته ديوتائن جو خلقيل ، قاعدي تي بيهاريل ۽ سندن دلپسند ڳائڻ هو. تنهن ڪري اهو ئي پوڄائن جي لائق  ۽ ڌيان ڏيڻ جهڙو هو. ان جي برعڪس ديسي يا پراڪرتي، عام خلق جا ڳيت هئا، جيڪي شاهه کان گدا تائين سڀ ماڻهو دل وندرائڻ  لاءِ عام جام ڳائيندا هئا ۽ انهن لاءِ ڪي به نيم ٻڌل ڪونه هئا“

        مٿي آيو آهي ته موريه راڄ کان ئي مارڳ جو چرچو چريو هوندو. چندر گپت موريه لاءِ چيل آهي ته: جين مذهب ڏانهن جيڪي سو سندس لاڙو سنوالو هو. انهيءَ کان الڳ، ايراني علماءَ ۽ يوناني فنڪار، جيڪي وري فيثاغورث جي مارڳ جا متوالا هئا، تن سان به سندس درٻار سينگاريل هئي. انهيءَ ڪري موريه درٻار جي مذاق غيرمحدود هئي، يعني تنگ ڌرمي دائري کان آزاد هئي.ــ ”ويدڪ ڳيت جيئن ته انهيءَ معاشري جي باشعور ۽ باذوق ماڻهن جي مذاق وٽان نه هئا، تنهن ڪري نامقبول رهيا“ ۽ ــ ”چوٿين صدي قبل مسيح کان يعني رامائڻ جي زماني کان وٺي، ويندي ’هري ونش‘ واري زماني (ٻي صدي قبل مسيح) تائين، وري به گرام ڳين جوئي زور رهيو“(

        -”اهڙيءَ طرح  اسين اهو زمانو ڏسون ٿا، جڏهن عوامي ۽ لوڪ ڳيتن جا نوان نوان نمونا نسري رهيا هئا، جيڪي سوم ڳيتن جي چوڙي جسم اندر پنهنجي سرنگهه هڻي سمائجي رهيا هئا ۽ اتي پنهنجو ديرو دمائي رهيا هئا“

        موريه راڄ کان پوءِ به، پبلڪ ۾ــ ”هڪڙا اهي ماڻهو هئا، جيڪي هر انهيءَ ڳالهه سان دلچسپي رکندا هئا، جيڪا عوام جو پڙاڏو ۽ پيداوار هوندي هئي. اهي لوڪ ڳيتن جي پراڻن بنيادن تي ئي نوان ڳيت کڙا ڪرڻ ۾ وسهندا هئا. اهڙا ماڻهو، انهيءَ پراڻي مواد جي پٺڀرائيءَ ۾ هميشه هيءَ سمجهاڻي ڏيندا آيا ته: هندستاني ڳيتن جي ڌيان سان چڪاس ڪرڻ مان، هيءَ ڳالهه ڇٽي پڌري آهي ته هن ملڪ جي مقبول عام شاعري، لاڳيتن هزارين ورهين واري ڊگهي مدت جي سهيڙ ، سميٽ، سنوار ۽ ملاوت جو نتيجو آهي..... جهڙيءَ طرح ڪنهن نديءَ کي ڌار ڌار ڀرتي ڪندڙ شاخون، نهرون ۽ نيون، ڀَراءُ ڏيئي؛ درياهه شاهه جي شڪل ۾ آڻين ٿيون.... قبائلي هواين(Airs) ۽ ڳوٺاڻن ڳيتن (Hamlet Singing) مان، هميشه اهڙا عام جام گل چونڊيا پئي ويا آهن، ۽ پوءِ انهن کي سوڌي، سنواري ، نوان روپ ڏيئي، هر زماني جي جدت ۾ ڳڻايو پئي ويو آهي... اهڙو عمل جيتر جاري رهيو ته شاعريءَ جو فن به جيئرو ۽ جواڻ رهيو، پر جيئن ئي اهو ڪم بند ٿيوته شاعري به يتيم رهجي ويندي.“(XXI)

        اسين هتي اڃا سنگا گهراڻي جي راڄ ۾ آهيون، جنهن بعد سگهوئي عيسوي سن شروع ٿيڻ وارو آهي ــ ”عيسوي سن جي شروعات کان ’سِڪشائون‘ عام جام لکجڻ لڳيون، جن ۾ ڇند جا نيم وغيره بنائڻ ۽ سمجهائڻ شروع ڪيا ويا. عيسوي پهرين صديءَ ڌاري ناردمنيءَ جي سڪشا تمام مشهور هئي. ناردي سڪشا ۾ لوڪيه ۽ ويديڪا ٻنهي قسمن جي ڳيتن جو ذڪر آهي. ــ نارد جي وقت ۾ به ستن نمونن جا گرام ڳيت موجود هئا. ــ نارد مني سندس سڪشا ۾(شاعري ۽ موسيقيءَ متعلق) جيڪي به فني محاورا ۽ ادبي اصطلاح استعمال ڪيا آهن، اهي سڀ عوامي يا  پراڪرتي ڏنا اٿس ۽ ويديڪ لفظ ڪو به ڪونهي!.... نارد جي زماني (پهرين صدي عيسوي) ۾، سام ڳيت جون لهرون  (Waves) هيٺتي لهواريون ئي لڙهي چڪيون هيون ۽ ان جي ڀيٽ ۾ وري عوامي ڳيتن جي وير (Tide) ڄڻ ته اڀ ڏانهن اوڀاري اُڀري رهي هئي“

“We find that the Vedic music was at its lowest ebb and folk music at its full tide”

        ”عيسوي پهرين صديءَ کان پوءِ، (ٻي صدي عيسويءَ ڌاري) جاتي ڳين ۾، گرام ڳين ۽ ٻين پراڪرتي ڳيتن جي ميل ميلاپ مان وري’پرٻنڌ‘ ڳيت جڙيا. انهن جا ٻه نمونا ’برهم ڳيتي ۽ ڪپل ڳيتي‘ پرٻنڌ تمام گهڻو مشهور ٿيا. پوءِ ته انهن جا ٻيا به ڪيترا جدا جدا نمونا جڙندا رهيا، جن ۾ گاٿا ، پَڻيِڪا، ۽ ٻيا به ٻه ــ ٽي نمونا هئا“

عيسوي ٻي صديءَ ڌاري ، ناٽڪ تي مشهور ۽ مستند ڪتاب، ڀرت مُنيءَ جو ’نٽ شاستر‘ لکيو ويو. ــ”هن دور واري ترقي پسند طبقي جي ماڻهن ۾ به قبائلي ۽ علائقائي ڳيتن کي سوڌڻ ۽ سنوارڻ جي رغبت زور هئي. انهيءَ زماني جي ليکڪ، مني ڀرت به اٽڪل هڪ ڊزن کن گاڏڙ (سمڪيرڻ) جاتي ڳيا ۽ جاتي راڳ - ڳيتي ويهي سمجهايا آهن ۽ ٻيا به ڪيترائي جاتي ڳيا  بيان ڪيا اٿس. اهڙيءَ طرح هن زماني ۾ ٻيا به ڪيترائي مقامي ۽ علاقائي ڳيت ملڪ ۾ پکڙي پيا. تنهن کان سواءِ پوتر قسم جا ’ڌُروا ڳيتي‘ به انهيءَ زماني ۾ اُسريا. ڌروا ڳيت منترن وانگر هوندا هئا، جن ۾ ديوتائن جي واکاڻ ڪئي ويندي هئي. انهيءَ واکاڻ سبب اهي ’سمڪيرتن‘ ڪوٺبا هئا“ ــ ”ڀرت جي نٽ شاستر (عيسوي ٻي صدي) وقت، شاعريءَ ۾ رس ۽ ڀاو جو عنصر به ڪي قدر نظر اچي ٿو. اسان کي هتي پهريون دفعو، ٻه ــ چار رس محسوس ٿين ٿا، جن ۾ وير رس، شانت رس، هسيه رس ۽ ڪروڻ رس پڌرا ڏسڻ ۾ اچن ٿا“ ”مني ڀرت جي زماني (ٻي صدي عيسوي) تائين به، ’راڳ‘ لفظ هوئي ڪونه. موجوده راڳ جي معنيٰ ۾ به ’جاتي‘ لفظ ئي هوندو هو“

        ڀرت جي نٽ شاستر کان پوءِ وري ’متنگ‘ جو برهه ديشي لکيو ويو. ــ ”برهه ديشي، جيئن ان جي نالي مان ظاهر آهي ته هيءُ ديسي يعني عوامي لوڪ ڳيتن جي باري ۾ لکيو ويو.... لوڪ ڳيتن جي اهميت کي پهريون ئي دفعو، متنگ مڃيو آهي، تيستائين انهن کي تسليم نه ڪيو ويندو هو. جيتوڻيڪ اهي ئي آدي انسانن جا بنيادي ڳيت هئا، جن ۾ اوائلي انسان پنهنجا امنگ اوتيندا هئا.... انهن لوڪ ڳيتن ئي بنيادي ’ڳائڻ‘ جو ابتدائي خاڪو تيار ڪيو، جنهن جي پيڙهه مٿان پوءِ جي ڪوتا قائم ٿي. هيءُ پهريون ئي ليکڪ آهي، جنهن شروعاتي ڳيتن جي اصلي ماخذ جو پتو لڳايو. اهڙن ڳيتن جي پوري فهرست به ڏني اٿس، جيڪي اڻ آرين کان آريه لوڪن اچي حاصل ڪيا. شڪ شبهه جون سڀ حدون سر ڪري ثابت ڪيو اٿس ته اڳين جي کٽي ڪمائي تي، پوين ڪيئن اچي جاوا ڪيا“ ــ ”ماتنگ جي ئي زماني ۾ اسين پهريون دفعو، ’راڳ‘ لفظ کان واقف ٿيون ٿا. هو پاڻ به اهڙي دعوا ٿو ڪري ته ‘مون کان اڳ ۾ اهو لفظ استعمال نه ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻي تائين (ٻي صدي عيسوي تائين) ڀرت جي نرتيه شاستر سميت، جيڪي به ڪتاب لکيل آهن، تن ۾ اهو لفظ ڪٿي به ڪم آيل نه آهي.‘ بهرحال، متنگ پهريون لکيڪ آهي، جنهن جاتيءَ ۽ راڳ جي وچ ۾ ويڇو  پيدا ڪيو“

        هن مضمون ۾ جو ڪٿي ڪٿي پراڪرتي لوڪ ڳيتن جو احوال اچي رهيو آهي، سو دراصل ڪنهن جدا مقالي ۾ ئي اچڻ کپي ها. هن مضمون ۾ ته فقط آريائي شاعري ۽ ويدڪ سنگيت جوئي بيان هجڻ گهرجي. پر، پڙهندڙ به اميد ته سمجهي سگهندا ته خود ويدڪ شاعريءَ جو مانڊاڻ به ته مارڳ جي مٿان ئي منڊيل آهي. ساڳيءَ طرح هن وچئين دور ۾ به ويدڪ ڳيت يا ڌرمي سنگيت جو سلسلو ملائيندي، وڏا خال محسوس ٿين ٿا. جيسين هيءُ ‘ٻيو دور‘ ختم ٿئي، تيسين لوڪ سنگيت کي محض انهيءَ خانه پُريءَ خاطر وچ ۾ آندو پيو وڃي. ــ”ويندي منو سمرتي لکجڻ وقت (عيسوي ٽي صدي ۾) به، سام ويد سندس بيسُرائيءَ ڪري گهٽ نظر سان ڏٺو ويندو هو. خود منو مهراج ، هيڏي ساري هندو نيتيوان به انهيءَ جي اڍنگن ڳيتن کان بيدعوائي ۽ بيزارگيءَ جو اظهار ڪيو آهي. انهيءَ وقت ڌاري پراڪرتي... وغيره جهڙيون ڪوتائون به ، ڌرمي ڳيتن جي دائري ۾ ڌوڪي ڪاهي پييون، جتي انهن جي سمائجڻ واسطي اڳيئي هڪڙو وڏو خال وات ڦاڙيو بيٺو هو. ڇاڪاڻ جو ويدڪ ڳيت نامقبول ٿي چڪا هئا“

        اندرا گهراڻي جي راڄ (عيسوي چوٿين صديءَ) تائين،  آريائي شاعريءَ جو ’وچيون زمانو‘ يا ٻيو دور ليکيو پئي ويو آهي. ’سنسڪرت شاعريءَ‘ جي مٿي ذڪر ڪيل مصنف، انهيءَ  وچئين دور تي تبصرو ڪندي لکيو آهي ته ”سنسڪرت شاعرن جي سخت محنت ۽ مٿاڪٽ جي باوجود ، سندن پاند سدائين لاءِ هڪڙيءَ اهم اوڻائي ۾ اٽڪيو رهيو. برهمڻ گروهه کان ٻاهر سڄي سوسائٽيءَ ۾ سندن سڻڻ ۽ سمجهڻ وارو ٻيو ڪو هوئي ڪونه، ۽ پنهنجي پاڻ کان سواءِ، سندن ٻيو ڪو نقاد يا پارکو به ڪونه  هو. سنسڪرت ڪڏهن به روزمرهه جي عام گفتگو واري ٻولي ڪا نه رهي آهي. اها فقط محدود ۽ مخصوص طبقي وارا ماڻهو ئي سمجهي سگهندا هئا. شاعرن جي تصور ۽ تخيل کي تنهن ڪري ڪڏهن به  کليل تنقيد ۽ عام پرک جي ڪسوٽيءَ تي کڙو ٿيڻ ۽ پاڻ موکڻ جو موقعو ملي نه سگهيو“ انهيءَ اهنج ۽ اوڻائي جي اٽڪاءُ سبب، سندن شاعري به اڀوڳي ۽ الوڻي رهجي ويئي. مٿيون مبصر به انهيءَ لاءِ اڳتي لکي ٿو ته ”اسان کي مڃڻو ئي پوندو، ته سنسڪرت جا شاعر، سينگار رس (عشقيه شاعري) پيش ڪرڻ ۾ به ڪو خاص لطف پيدا ڪري نه سگهيا. لفظ، تُڪون ۽ جملا اهڙن اجاين ۽ اڍنگن، بيڪار ۽ بي اثر ڇندن  ۾ ڳنڍي ڳتي جوڙيا ويا؛ جي انهن ماڻهن کان ته آچاريا به نه ٿيندا، جيڪي سهڻائي ۽ ڪوجهائي جي ڪا تميز رکندا هوندا“ مطلب ته ٻئي دور واري شاعري به اڃا الڙ ، اڻگهڙيل ۽ رواجي  نموني جي هئي.

        انهيءَ کان پوءِ ــ ”ايندڙ شاعر وري فضول تشبيهن ۽ استعارن جي گورک ڌنڌي ۾ ڪاهي پيا، جيڪا فطرتي سادگيءَ خلاف کليل بغاوت ۽ انهيءَ کان مڪمل علحدگيءَ جو اهڃاڻ هو. هيءُ رڳو هٿرادو هنرمندي ۽ ان جي اثر جي اجائي سڌ هئڻ ڪري ٿيو. اهڙي ڪُريت، اڳي ڪڏهن به ’ٻئي دور‘ واري شاعريءَ ۾ اُپڙي نه سگهي. اتهاس ۽ پراڻ، تنتر توڙي سمرتيون، اڪثر اهڙيءَ فني ٺاهه ٺوهه ۽ تمثيلات جي چڪر کان ٻاهر آهن...“پر، ــ”اصل ۾ چوڻ ته پاڻ هيئن کپي، ته انهيءَ آخرين وقت واري شاعري ئي سنسڪرت کي سندس اعليٰ مقام تي آندو. اگرچ اها شاعري به متاثر ۽ مصنوعي قسم واري چٽساليءَ جي ملاوت کان آجي نه آهي؛ تڏهن به اها بهترين ۽ اعليٰ معيار جي شاعري آهي“ اميد آهي ته پڙهندڙ خود سمجهي سگهندا ته هيءُ ڪهڙو دور، ڪهڙو گهراڻو ۽ ڪهڙو زمانو هوندو.

        مٿي بيان ٿي آيو آهي ته هندو مذهب جي ترتيب ۽ تنظيم، گپتا گهراڻي جي راڄ (عيسوي چوٿين صدي) کان وٺي شروع ٿي ۽ سندن راڄ ۾ ئي هندو ڌرم جي هاڻوڪي شڪل بڻجي راس ٿي. انهن ئي اول مندر ۽ مڙهيون ٺهرائي، ڀڄن ۽ ڀڳتي جو بنياد وڌو ۽ ان کي زور وٺايو، انهيءَ ڀڄن ڀاو جو آئينده اهو اثر ٿيو، جو ’ڌرمي ناچ‘ هر هڪ مندر ۽ مڙهيءَ جي مک ضرورت محسوس ڪئي ويئي. انهيءَ ناچ آخر ايترو ته زور ورتو، جو ’ديو داسيءَ ۽  ديو نرتڪيءَ جي هستي، هرهڪ مندر ۽ مڙهيءَ جي جند ۽ جان مڃي ويئي“. اهي نچڻيون اڪثر وديار ٿي ڇوڪريون (طالبات يا شاگردياڻيون) هونديون هيون، جن کي مندرن ۾ نچائيندا  هئا. انهن کي هو ‘اَپسرائون‘ (حورون ۽ پريون) ڪوٺيندا هئا. ناچ جي دوران انهن کان سوِ جا  ڪيرتن ڳارايا ويندا هئا، جنهن ۾ هٿن سان،  منهن ، مٿي ۽ ڪنڌ سان ۽ ٻئي بدن سان عجيب اشارا ڪنديون هيون. هتي هيءَ ڳالهه به ياد رکڻ کپي، ته شاعريءَ کي اُسرائڻ ۽ اڀارڻ لاءِ  ناچ جي اها ئي حيثيت آهي، جيڪا برسات کي باغ ۾ بهاري آڻڻ واسطي اهميت حاصل آهي.

گپتا گهراڻي کان سنسڪرت شاعريءَ جو ’ٽيون دور‘ يا پويون زمانو شروع ٿيو، يعني هتان ئي سنسڪرت جو سونو سج اڀريو. ــ ”سنسڪرت شاعريءَ جو ‘ٽيون زمانو‘ يعني آخري دور امتيازي طرح سان ڪاويه جو دور ڪوٺجي ٿو. هندستان جي هندو عالمن ۽ ودوانن، فقط انهيءَ پوئين دور جي لاءِ ئي ’ڪاويه‘ جو لفظ، ان جي مناسب نالي واسطي موزون مڃيو ۽ مقرر ڪيو آهي. هن کان اڳ واري (پهرئين ۽ وچئين دور واري) شاعريءَ جي ڀيٽ ۾، هن دور جي سخن جو ميدان وڌيڪ ويڪرو بڻيو. انهيءَ آخري دور جو نظم پڻ پختو  رهيو ۽ انهيءَ ۾ جزوي احتياط به هر طرح سان وڌيڪ ورتو ويو“

        __”هيءُ پويون زمانو (ٽيون دور) سخت، ڄڻ ته لوهه جهڙو سخت ۽ پٿر جهڙو ڏاڍو هو. اهو ڪو هڪڙيءَ معنيٰ ۾ لوهه جهڙو ڏاڍو نه هو، پر ان کي ڪيترين ئي معنائن سان سخت سڏي سگهبو. مشرقي شاعريءَ خلاف اڪثر هيءُ الزام ته ’اها چَتُر ٻوليءَ جي چڪر ۾ الجهائڻ کان سواءِ، ٿوروئي ڪجهه وڌيڪ ڏيئي سگهي ٿي؛ جيتريقدر ٻئي دور واري (وچئين زماني جي) شاعريءَ جو واسطو هو، ته اهو الزام آسانيءَ سان اُتس اچي ٿي سگهيو؛ پر پوئين زماني واري ’ڪاويه‘ جي مضمونن ۽ ان جي طرزن کي سامهون رکندي، گهڻين ئي حالتن ۾ مٿانئس اهو ٽڪو ٽارڻ کپي. هن دور جي ڪاويه ۾ ، سهڻين صنعتن جي به ايتري ته جَڙت ڪئي ويئي، جيتري جڙاءَ سان سندس وينجهار جو من ڀرجي ۽ سندس دل راضي رهي سگهي. انهن وينجهار ڪَوين جي ويچار ۽ تخيل واسطي پڻ پئمائتي پرواز ۽ معتدل فڪر، سندن مستيءَ جي موج  ۽ جنوني جذبي جي اظهار لاءِ اڻپورو هو. ٻيا ماڻهو عام طرح جيئن سوچين ۽ ڳالهائين ٿا، ائين ڪرڻ ته انهن لاءِ ڄڻ ڪو وڏو عيب هو. اهي پنهنجي تصور جو ڪو اهڙو خاڪو تلاش ڪرڻ ۽ ان جي تيار ڪرڻ ۾ گم هوندا هئا، جيڪو ٻڌندي ئي ٻيا ماڻهو وائڙا ٿي وڃن. انهيءَ کي ويس وري اهڙي ٻوليءَ جو پارائيندا هئا، جنهن جي وضاحت (وياکيا) به هر ممڪن ، شاعر پاڻ ئي ڪري سگهي ۽ سندس بغير ٻيو ڪو به نه....“

        اهڙيءَ طرح گپتا گهراڻي جي پڄاڻي (عيسوي ستين صدي) ڌاري، سنسڪرت ڪاويه جي اتم پد تي پهچڻ وارو به دور آيو. انهيءَ پوئين ڪال جا ڪويراج، سنسڪرت ساهتيه جي هيڏي ساري سنسار کي به، پنهنجيءَ ڪويتا لاءِ ڪوتاهه ۽ سوڙهو سمجهڻ لڳا. هنن هڪڙي پاسي ته پنهنجي ئي پاتال ۾ پاڻ اڇلي اونهون ٽٻيون هيون، ته ٻئي پاسي وري پنهنجي سوداءَ جو پکيئڙو اڀ تائين به اڏائي ڏٺو. پر، پوءِ به پنهنجيءَ ڪاويه کي هر ڪنهن نيم ۽ نيتيءَ جي ڏاڍيءَ ڏور ۾ ئي سوگهو رکيائون. انهيءَ ڪويتا ڪنوار يا چنچل ديويءَ جي چهري کي چمڪائڻ لاءِ به ايتري ته چک مک چالو ڪيائون، جو انهيءَ جي اصلي راز رهسيه ۽ روپ سروپ کي، سندن سمجهائڻ کان سواءِ، سڃاڻي سگهڻ جي ٻي ڪا به واهه ڪا نه رهي. اهڙيءَ طرح ڪشٽ ڪڍندي پنهنجي جيءَ سان جهيڙو ڏيندي، انهيءَ سخت لوهه ۽ فولادي رُڪ جا چڻا چٻيندي به، سنسڪرت ڪاويه کي آخرڪار ۽ آخري دفعو، اچي انهيءَ انوکي ۽ اتم پد تي پهچايائون.

        انهيءَ ڪاويه جو اهڙي انوکي ۽ اتم پد تي پهچڻ جو عجيب مثال  شريمد ڀڳوت گيتا آهي. ــ ”وياڪرڻي ’وُپديو‘  (Vopadeva) جيِ لکيل شريمد ڀڳوت گيتا، جيتوڻيڪ اتهاسن ۽ پراڻن جي دفعي ۾ سمجهي ويندي آهي، پر انهيءَ جو ڊول ڍنگ ۽ روپ رنگ  ئي انهن سڀني کان الڳ ۽ انوکو آهي. انهيءَ جي طرز تمام ڏکي ۽ سخت، معنيٰ بلڪل مبهم ۽ مخفي، سندس فلاسافي بي انت گهري ۽ ويدانتي نموني واري آهي. تمام پختين ثابتين جي بناءَ تي، هن کي بلڪل هاڻوڪي زماني جي ڪوتاِ  قرار ڏنو ويو آهي“

        ــ ”شريمد ڀڳوت گيتا جي لکجڻ واري زماني لاءِ پڻ عالمن ۾ گهڻي ڇڪتاڻ رهي آهي.... پر گهڻن جو اهو رايو آهي ته : انهيءَ جي لکت ’اٺين ـ نائين صدي عيسوي‘ کان اڳ ۾ هرگز نه ٿي آهي“

        هاڻي اها راجپوتي سمي جي سنسڪرت ڪويتا، جيڪا پنهنجي ڪمال عروج ۽ بزرگيءَ کي پهچڻ ڪري، افغاني عهد کان وڃي اندر جي آسماني آکاڙي جي سونهن ۽ ورونهن بڻي، تنهن جي انت جو اندازو ڪرڻ، هن مقالي جي مراد نه Aهي. اسان جو واسطو آريائي شاعريءَ جي شروعات سان هو، انهيءَ جي انت سان ڪوبه مطلب ڪونه هو. انهيءَ ڪري هن مضمون جو مطلب ته پوئتي ئي پورو ٿي ويو. اسين ته رڳو سنسڪرت شاعريءَ جي سڪ ۽ سنگت ۾، سندس ساٿ ڏيندي ايترو اوري اُڪري آيا آهيون. هن جي حد حقيقت ۾ ته ٻوڌي زماني شروع ٿيندي ئي ختم ٿيڻ کپندي  هئي. پر انهيءَ دنگ وٽ اٽڪي بيهڻ سان، سنسڪرت ’ڪاويه‘ جو ڪوبه ساءُ ، ڪوبه سماءُ  لهي نه سگهجي ها. ٻوڌي زمانو، نج ڏيهي تمدن ۽ تهذيب جو علمبردار آهي، جنهن جي اوٽ ۾ انشاء الله آئيندي ’پراڪرتي شاعريءَ جي شروعات‘  ڪئي ويندي. (اول خير)

ڪتابن جي فهرست

1.   Rig Veda: Translated by prof: Adolt Kaegi (Boston)

2.  Sonscrit Poetry Edited by Dr: Rev: Haeberlin. Calcutta review vol: XVI. NpXXXII. Art: VII

3.  Swami Prajnananada: Historical Development of Indian Music

4.  Prof: Alain Danielou: North Indian Music.

     Prof: O Gosvemi: The story of Indian Music.

6.  Prof: Sturat Piggate:  Pre Historic India

7.  Michael Martin: A. Graphic Guide to World History.

8.   ”هماري موسيقي“ (سجاد سرور نيازي: ’موسيقي اور تمدن عالم‘، ڪراچي)

9.   شري ڌرمانند ڪوسمجي: ”ٻڌ ڀڳوان“ (سنڌي ترجمو) پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻي.

10.  دوارڪا پرشاد روچيرام شرما: ”سنڌ جو پراچين اتهاس“

11.  ڀيرومل مهرچند آڏاواڻي: ”قديم سنڌ“

12.   پروفيسر پوپٽي. ر. هير ننداڻي، ”ڀاشا شاستر“ (بمبئي 1961)


(1)  Prof: Alain danielous: North Indain music. PP. 16, 17.

(2)  Prof: Alain danielous: North Idnain music. P. 18.

(1)  ڌرمانند ڪوسمجي: ”ٻڌ ڀڳوان“ ص 27 (ڀومڪا).

(1)   ڌرمانند ڪوسمجي: ”ٻڌ ڀڳوان“ ص 8.

(2)  ڀيرومل: ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ص 26.

(1)  Prof: O. Gosvami: The Story of Idnian Music. P. 21.

(2)  Rig Ved: by Prof: Adlof Kaegi. Pp. 81,82.

(1) ‘Sanscrit Poetry’. Edited by The Rev: Dr: Haeberlin.

    Calcutta Review: Vol: XVI. No. XXXII. Art: VII p. 504

(*)  مشهور يوناني راوي ڊي ون ڪرسوسٽوم  چيو آهي ته : ”هندستان ۾ يوناني اقتدار جي زماني ۾، هو مرجي ڪلام ‘اليڊ‘ جو مقامي زبان ۾ منظوم ترجمو، مقامي طرز ۽ انداز ۾ ڳائجڻ لڳو.

”هماري موسيقي“: انٽرنيشنل پريس، ڪراچي(سجاد سر رو نيازي: موسيقي ۽ تمدن عالم) ص 65

ڪن جو چوڻ آهي ته : هن رزمنامي جي مڪمل تشڪيل ڪرڻ، تئڪسيلا جي استادن جو ئي ڪم آهي.

(1)  Calcutta Review: Dr: Rew: Haeberlin: Sanscrit Poetry. P. 507

(1) Swami Prajnanananda: Historical development of Indian Music.P 56,57.

(1) Swami Prajnanananda: Historical development of Indian Music.P. 57

(2)  Prof: O. Gosvami: The story of Indian Music. P. 18.

(1)  Prof: O. Gosvami: The Story of Indian Music. P. 19

(2) Prof: O. Gosvami: The Story of Indian Music. P. 21, 22.

(1)  Dr: Rev: Haeberlin: “Sanscrit poetry”. Calcutta review. P. 504.

(2) Swami Prajnanananda: Historical development of Indian Music, pp. 65, 66.

(1)  Prof: O. Gosvami, The Story of Indian Music. P. 110.

(2)  Swami Prajnanananda: Historical development of ndian Music P.65

(1)  Swami Prajnanananda: Historical development of ndian Music P.68,69

(2)  Prof: O. Gosvami: The Story of Indian Music. P. 25.

(1)  Prof: O. Gosvami: The Story of Indian Music. P, 23.

(1)  Swami Prajnanananda: Historical development of ndian Music P.69

(2) Swami Prajnanananda: Historical development of ndian Music P.71.

(*)  گهڻن جي راءِ آهي ته ڀرت جي لکت ۾ ئٿاگورص چو اثر صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

(3)  Swami Prajnanananda: Historical development of ndian Music P.46.

(1)  Prof: O. Gosvami: The Story of Indian Music. P. 46

(2)  Prof: O. Gosvami: The Story of Indian Music. P. 53

(1)  Prof: O. Gosvami: Story of Idnian Music. PP. 52, 53.

(2) Prof: O. Gosvami: The Story of Indian Music. P. 21.

(1)  Dr: Haeberlin “Sanscrit poetry> Calcutta review. P, 511.

(2)  Dr: Haeberlin: “Sanscrit poetry” P. 511.

(1)  Dr: Haeberlin “Sanscrit poetry” Calcutta review. PP. 504, 505.

(1)  Swami Prajnanananda: Historical development of ndian Music P.193

(2) Swami Prajnanananda: Historical development of ndian Music P.290

(3)  Dr: Haeberlin: Sanscit poetry P. 509.

(1)  Rev Dr: Haberlin: Sanscrit poetry. P. 509.

(1)  Rev Dr: Haberlin: Sanscrit poetry. P. 509.

(2)  Swami Prajnanananda: Historical development of ndian Music P.266.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com