اي. ڪي . بروهي
مترجم: سومار علي. ايم. سومرو
جديد دؤر ۾ اديب جي قوت ۽ ذميداري
]مسٽراي.
ڪي. بروهيءَ طرفان، رسالي اردو ڊائجيسٽ جي
منتظمين پاران، 01 اپريل 1965ع تي، بيچ لگزري
هوٽل ڪراچيءَ ۾، منعقد ڪيل ”تقريب ملاقات“ جي
موقعي تي، ڪيل انگريزي تقرير جو سنڌي ترجمو.
–ادارو.[
اڄوڪي هن علمي ۽ ادبي تقريب جي موقعي تي، جا
پاڪستان ۾ تخليقي ادب جي دلير بانين طرفان منعقد
ڪئي ويئي آهي–جن
سان اسين ”اردو ڊائجيسٽ“ جي صفحن ذريعي روشناس ٿيا
آهيو _هر ماڻهوءَ جو ڌيان لازمي طرح، جديد دور ۾
اديب جي حيثيت “ جي سوال طرف مڙي ٿو . هن ٿوري
وقت ۾، جو مون کي ميسر ٿيو آهي، آءٌ اوهان کي
پنهنجن ڪن خيالن ۾ شريڪ ڪرڻ گهران ٿو، جي منهنجي
دماغ ۾ ان وقت تي طاري ٿين ٿا، جڏهن آءٌ جديد دؤر
۾ اديب جي ڪردار بابت، سوچ ويچار ڪندو آهيان.
آءٌ، اديب جي قوت ۽ ذميدارين جي موضوع تي ڳالهائڻ
سان گڏوگڏ، چند اهڙين رڪاوٽن جو ذڪر پڻ ڪندس، جي
سندس تخليق کي روڪين ٿيون ۽ انهن دشوارين تي پڻ
خيال آرائي ڪندس، جي کيس موجوده نامهربان دؤر ۾،
جنهن ۾ اسين زندگي بسر ڪريون ٿا، برداشت ڪرڻيون
پون ٿيون .
جيڪڏهن اوهان تحمل سان، انساني تاريخ جي وهڪ ۽
روانيءَ تي غور ڪندا، ۽ انهن بنيادي قوتن ۽ سببن
تي سوچ ويچار ڪندا، جن کيس سندس موجوده صورت ۾
آندو آهي، ۽ جن کيس اهو تابناڪ جذبو ڏنو آهي، جنهن
سان انسان ۾ انساني وصف پيدا ٿي آهي، ته پوءِ
اوهان کي معلوم ٿيندو ته انسانذات پنهنجي
خوشبختيءَ لاءِ فقط ڪن ٿورين عظيم شخصيتن جي
احسانمند رهي آهي، جي ان پيدا ڪيا آهن: قديم زماني
جي هڪ چوڻي آهي ته اهي ڪي ٿورا ماڻهو آهن، جي هن
دنيا جو جوهر چئي سگهجن ٿا.
انساني تاريخ جون عظيم ترين هستيون
’پيغمبر‘ آهن، جن ڄڻ ته دنيوي معاملن تي خدائي
نُور جو شعاع ڪيو آهي، ۽ انسانذات کي زندگيءَ جي
اسرارن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏني آهي. انهن ئي اسان کي
اهڙن اعليٰ اصولن سان پڻ روشناس ڪرايو آهي، جن جي
روشنيءَ ۾ اسان کي پنهنجي بقا ۽ دفاع لاءِ زندگيءَ
جي راند کيڏڻي آهي. منهنجيءَ راءِ ۾، پيغمبر
انهيءَ معنيٰ ۾ انسانذات جا سچا معلم آهن، جو
انهن کان سواءِ، عام ماڻهن لاءِ پنهنجي وجود متعلق
اصل حقيقت کي ڄاڻڻ ۽ زندگيءَ جي مقصد ماڻڻ لاءِ
آسماني پرواز ڪرڻ، ناممڪن ٿئي ها. سموري عظمت ۽
نُور جو سرچشمو فقط اهو ئي ٿي سگهي ٿو، جو هن
ڪائنات جو معمار آهي، ۽ جنهن اسان تي سندس بندگي ۽
ٻانهپ فرض ڪري ڇڏي آهي. انهن پيغمبرن جا ڏنل سبق،
انسانذات جي وڏن مذهبن جي الهامي ڪتابن ۾ ڏسي
سگهجن ٿا، ۽ انهن الهامي ڪتابن سان لڳاتار رابطي
رکڻ سان، انسان کي جذبي ۽ رهنمائيءَ جو بلڪ جرت ۽
اُميد جو يقيني وسيلو حاصل ٿئي ٿو.
انسان جي رهبري ڪندڙ انهن سرچشمن جي راز
پروڙڻ لاءِ، جن موجب فرد جي آزادانه ترقي ٿي سگهي
ٿي، ۽ پڻ سندس انهيءَ ڪردار کي سمجهڻ لاءِ، جو هڪ
قومي مملڪت يا انسانذات جي وڌيڪ وسيع دائري ۾ هو
ادا ڪري سگهي ٿو، منهنجي خيال ۾، اپيل جي آخري
عدالت وري به مذهبي حقيقت آهي. اسان منجهان ڪنهن
به هڪ لاءِ، مذهبي تعليم جي سهاري کان سواءِ، فقط
فڪري قوتن جي ڪمزور روشنيءَ سان انهيءَ مذهبي
تعليم جي ڄاڻايل حقيقت کان ٻاهر وڃڻ ممڪن ئي ناهي؛
پر جيڪڏهن ڪو به انهيءَ مذهبي تعليم جي سچائيءَ
خلاف اجائي دليل بازي ڪري ٿو، يا ان کي رد –
ڪد ڏئي ٿو، ته پوءِ ڄڻ ته عملي طور تي خدائي
اختياريءَ خلاف بغاوت ڪري ٿو، ۽ ڄڻ ته هو انهيءَ
قانون خلاف جنگ جوٽي ٿو، جو سڄيءَ مخلوقات جي
’تقدير‘ کي هلائي رهيو آهي.
پيغمبرن کان پوءِ، اهميت جي لحاظ کان ٻئي
نمبر تي اهي ماڻهو اچن ٿا، جن کي ڪارلائيل،
”انسانذات جا استاد“
(Priests of Humanity)
يعني ڪتاب لکندڙ چيو آهي.
انهن لکندڙن جو اهم فرض، جيڪڏهن هو انهيءَ نالي
سان سڏجڻ جي واقعي لائق آهن، ڪنهن”نئين“ حقيقت جو
انڪشاف ڪرڻ نه، پر انهيءَ حقيقت کي پنهنجي دؤر جي
مقامي ٻوليءَ ۾، ٻين تائين رسائڻ آهي، جنهن جو
انڪشاف کانئن اڳيئي پيغمبرن ڪري ڇڏيو آهي.
انسانذات جي مذهبي ارتقا، جڏهن آخري پيغمبر جي
تعليمات ۾ پنهنجي معراج کي پهچي ويئي، تڏهن وحيءَ
جو زمانو ختم ٿي ويو. محمدي زماني کان پوءِ واري
دؤر کي عالمي تاريخ جي پس منظر ۾ ڏسندي، بجا طور،
عملي حاصلات جو دؤر سڏي سگهجي ٿو. اسين ان کي
حاصلات جو دور سڏيون ٿا، ڇاڪاڻ ته جيڪي ڪجهه مذهب
جي معلمن هٿان منڪشف ٿي چڪو آهي، تنهن مان هاڻي
انسان کي استفادو ڪرڻو آهي، ۽ انهيءَ تعليم جي
حقيقت آهي، انسان جي انهن معاملن جي تنظيم ڪرڻ،
جيڪي کيس سنڀي ماڻهن ۽ شين واريءَ هن دنيا ۾
سامهون اچن ٿا. مذهبي حقيقت، جيڪا پهاڙن جيتري
قديم آهي، سماج جي ازل کان تبديل ٿيندڙ حالتن
پٽاندر، هر زمان ۽ مڪان ۾ نئين انداز ۽ نئين تعبير
سان پيش ٿيڻي آهي ۽ فرد ته نيٺ به انهيءَ سرشتي جو
هڪ لازمي جزو آهي. ان ڪري انساني زندگي ۽ سندس
تقدير سان تعلق رکندڙ بنيادي مذهبي حقيقتن کي پيش
ڪرڻ جي مقدس فرض ادا ڪرڻ ۾ متواتر مصروف رهڻ، ۽
انسان لاءِ اهي اسباب مهيا ڪرڻ، جي سندس روزمرهه
جي زندگيءَ ۾ حرڪت پيدا ڪن، هر اهڙي اديب ۽ ليکڪ
جو مکيه ڪم هئڻ گهرجي، جنهن کي انهيءَ مثالي قسم
جي اديبن جي طبقي ۾ شمار ٿيڻو هجي، جن کي ڪارلائيل
”انسانذات جا استاد“ سڏيو آهي. اوهان کي ياد هوندو
ته ڪارلائيل اڻويهين صديءَ جي جرمن مفڪرن جي
روحاني فلسفي
(Transcendental Philosophy)کان
گهڻو متاثر هو. اهو فلسفو سيکاري ٿو ته هن زمين
تي اسين جن شين کي ڏسون ٿا، ۽ جن سان گڏجي ڪم
ڪريون ٿا، تن کي، ۽ خاص طرح خود اسان کي توڙي
اسان جي چؤگرد سڀني ماڻهن کي، هڪ حواسي شڪل ۽ صورت
آهي، پر انهيءَ ظاهري صورت جي پردي پٺيان، دنيا جي
انهيءَ خدائي تصور جو نُور ڇانيل آهي، ڄڻ ته اهو
ان جي پٺيان پوشيده آهي. اهو ئي خدائي تصّور فوري
طور ۽ آسانيءَ سان نظر نٿو اچي. اهي ماڻهو پنهنجين
بنيادي ۽ حيواني ضرورتن جي پورائي ڪرڻ لاءِ،
روزانه ڪمن ۾ ايتري قدر ته مصروف آهن، جو کين
تخليق جي اسرارن کي پروڙڻ لاءِ، نه وقت آهي، ۽ نڪا
اهڙي اهليت ئي اٿن، جو هو ان طرح ظاهري شين جي
ڄار وچان پنهنجي نگاهه پار ڪري، انهيءَ نقطي تي
پهچن، جتي انهيءَ خدائي تصور جو کوڙو ڀڃي سگهجي.
هڪ عظيم ليکڪ، اسان جي دنيوي تجربي لاءِ تشريح ڪري
ٿو ته جيئن ان ۾ پوشيده خدائي رخ اسان تي ظاهر
ٿئي. ڪارلائيل، بذات خود اديب ڏانهن اهو ڪردار
اهڙن لفظن ۾ منسوب ڪيو آهي، جي يادگار بڻجي ويا
آهن: هو چوي ٿو ته : ”اديب ماڻهو، هر زماني ۾
دائمي ’استاد‘ آهن، جي سڀني انسانن کي اهو سبق
ڏيندا رهن ٿا ته خداتعاليٰ اڃا به سندن زندگيءَ ۾
موجود آهي؛ ۽ اهي سڀ ’مظاهر‘ جيڪي به اسين هن
دنيا ۾ ڏسي رهيا آهيون، دنيا جي انهيءَ ’خدائي
تصور‘ ۽ انهيءَ حقيقت جو ٻاهريون جامو آهن، جا
مظاهرن جي اصل ۽ بنياد ۾ پوشيده آهي. اهڙيءَ طرح
هڪ سچي اديب ۾ جدوجهد آهي، تقدس آهي، جنهن کي هيءَ
دنيا خواهه تسليم ڪري يا نه. هو دنيا جي روشني
آهي، ۽ دنيا جو ’استاد‘ وقت جي ويرانيءَ وچان،
سندس اونداهي سفر ۾ ، باهه جي هڪ مقدس ٿنڀ وانگر،
رهنمائي ڪندو رهي ٿو.“
اسان جي دور ۾، ڪن خاص حالتن کي ڇڏي،
انهيءَ قسم جي اديب کي ڳولي لهڻ ڏُکيو ڪم آهي، هن
زماني ۾ ادب کي تجارت جي صورت ڏني ويئي آهي؛ ادب
گذر معاش جو هڪ ذريعو بڻجي پيو آهي. اديب، پنهنجي
دل جي بار کي هلڪي ڪرڻ لاءِ نه، پر پنهنجي کيسي جي
خلا کي پُر ڪرڻ لاءِ لکن ٿا. هي زمانو لفظن ۽ وڌيڪ
لفظن جي ڀرمار جو آهي_ ۽ افسوس! اهڙن لفظن جو، جن
جو ڪو مقصد ڪونهي! ذرا ڏسو ته سڄيءَ دنيا ۾ ڇپيل
لفظن جو ڪيڏو نه زوردار وهڪرو وهي رهيو آهي _
بيشمار ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ معياري اشاعتون
وغيره وغيره! پر لفظن جي انهيءَ درياهه جي
سيلابيءَ ۽ وهڪري جي باوجود، اهڙو اندروني آواز
ڪنهن جي به واتان نه ٿو ٻڌڻ ۾ اچي، جو هڪ سچي پچي
عظيم روح جو امتيازي نشان آهي، ادب، اڄ محض چند
سڪن حاصل ڪرڻ، ۽ نه انسانن جي روحن کي تسخير ڪرڻ
لاءِ، هڪ تجارت بڻجي پيئي آهي. حق ۽ سچ جي اشاعت
جي ميدان جا حقيقي معلم ۽ دانشمند ايتريقدر ٿورا ۽
پري پري ٿي چڪا آهن، جو انهن جو ڳولي هٿ ڪرڻ، ذري
گهٽ ناممڪن ٿي پيو آهي. اٿاهه ڇپيل مواد منجهان
اهڙو چونڊي ڪڍڻ ، جو سچ پچ اسان جي توجه ۽ ڪم جي
لائڻ هجي، جئن پو تئن وڌيڪ دشوار بڻجي رهيو آهي. ۽
منهنجيءَ راءِ ۾، هڪ عظيم استاد جي مختلف خصوصي
نشانين مان هڪ اها به آهي ته طالب علم کي فقط اهڙي
مواد پڙهڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي، جو سچ پچ قابل توجه هجي،
اهو ڪم ، ڪنهن به صورت ۾ آسان ناهي؛ انهن هزارها
ڪتابن مان ، جي اسان جي زندگيءَ جي هر هڪ ڏينهن ۾
اسان تي اڇلايا پيا وڃن، ڪو اهڙو هڪ ڳولي ڪڍڻ ،
جيڪو پڙهڻ جي لائق هجي، ڏاڍو مشڪل ڪم ٿي پيو آهي.
هر طرح کان ڪيترو نه هلڪي ۽ خسيس قسم جو ادب ڇپجي
رهيو آهي. اهڙا ڪتاب رواجي مذاحيه ڪتابڙن کان
شروع ٿي، ڪنهن نه ڪنهن قسم جي جذبات ڀڙڪائيندڙ
مواد تائين ختم ٿين ٿا. اڄ ڪلهه جا اديب، رواجي
طرح ائين ئي دستوري نموني ۾ لکندا ئي رهن ٿا ، ۽
هيءَ حقيقت ته وٽن ڪو به قابل قدر مواد لکڻ لاءِ
آهي ئي ڪو نه، سندن لکڻ ۾ مانع ناهي ۽ اها صورت
کين انهن ٿڪائيندڙ جلدن لکڻ کان پڻ نه ٿي روڪي، جن
۾ ذري گهٽ ڪا به مفيد ۽ قابل قدر معلومات نه ٿي
ملي.
جديد انسانذات جي ادبي پيداوار جي خوبيءَ
۾ انهيءَ تنزل جي سچي پچي سمجهاڻي ڪهڙي آهي؟ گهڻو
زمانو نه گذريو آهي ته مئڪالي چيو هو ته ”جئن
تهذيب ترقي ڪري ٿي، تئن شعر ۾ زوال اچي ٿو.“
انهيءَ چوڻيءَ مان سندس مطلب اهو ٿو معلوم ٿئي ته
تهذيب جي هر ترقيءَ ۽ واڌاري سان، انسان جي دل،
مشيني بڻجيو پوي، مٿاڇري دليلبازيءَ ۽ بحث مباحثي
۾ ڦاسيو پوي، ۽ اهڙيءَ طرح اها انهيءَ اوزار
وانگر، جو ڪم ڪرڻ بند ڪيو ڇڏي ، جنهن جي مدد سان
هوند حقيقت کي پهچي سگهجي، ۽ قادر مطلق جي تخليق
جي شان ۽ شوڪت کي محسوس ڪري سگهجي. منهنجو خيال
آهي ته اسان جي زماني ۾ صحيح معنيٰ ۾ عظيم اديبن
جي قلت جي مکيه سببن مان، هڪ جو سراغ انهن ٻاهرين
اثرن ۽ هنگامي دٻائن ۾ ملي سگهندو، جي اسان جي
زندگين تي روز بروز وڌي رهيا آهن، جديد انسان کي
ايتري ته گهڻي معلومات رکڻي آهي، جو احساسات لاءِ
سندس صلاحيت، حقيقتن جي انهيءَ اٿاهه قطار سان قدم
به قدم هلي سگهي ۽ جنهن سان هن کي مجبورن شناسائي
پيدا ڪرڻي آهي، جديد انسان وٽ ايتري فرصت ئي
ڪانهي، جو هو هن دنيا سان گهَرَا ۽ جذباتي لحاظ
کان مطمئن ڪندڙ تعلقات پيدا ڪري سگهي، ۽ ان سان گڏ
انهن کي قائم ڪري سگهي. ان کان علاوه، جديد
ماڻهوءَ جي ، تجربي واري دنيا سان تعلق ۾ پڻ ڪيئي
انقلابي تبديليون آيون آهن. ان جو پئمانو وڌيڪ
وسيع ٿيو آهي، ۽ ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه هيءَ ٿي
آهي ته دنيا ۾ جيڪي ڪجهه وهي واپري رهيو آهي، تنهن
۾ سندس دلچسپيءَ جي نوعيت ۾ پڻ ڪافي تبديلي پيدا
ٿي چڪي آهي. شڪر آهي جو مواصلات ۽ سفر جي جديد
ذريعن سان، اسان کي چارو ناچار ، تمام گهڻن واقعن
سان هروڀرو لهه وچڙ ۾ اچڻو پوي ٿو. انهيءَ نظريي
جي مثال پيش ڪرڻ لاءِ ، اچو ته ڪجهه وقت لاءِ اسان
زندگيءَ جي انهيءَ طرز جو پنهنجي لاءِ تصور قائم
ڪريون، جا اڄ کان هڪ سئو سال اڳ جو انسان گذاري
رهيو هو.
هو هڪ ڳوٺڙي يا ننڍڙي شهر ۾ رهندو هو ۽
اتي ئي مرندو هو ۽ مواصلات ۽ نقل و حمل جا اهڙا ته
طريقا هئا، جو ڪن غيرمعمولي حالتن کان قطع نظر،
جيڪڏهن هو ڪڏهن ٻاهر به ويندو هو . ته هو پنهنجي
ڳوٺ کان ، پري ۾ پري، هڪ سئو ميلن کان ٻاهر نه وڃي
سگهندو هو. پر ، ان جي مقابلي ۾ ، هاڻي ان حالت جو
مقابلو انهيءَ ”حد“ سان ڪيو، جنهن تائين جديد
انسان سفر ڪري سگهي ٿو، ۽ سچ پچ ڪري رهيو آهي.
جئن چيو ويو آهي ته نصف ويهين صديءَ جي انسان جو
سندس همجنس انسانن جي عادتن ۽ تعلقات متعلق
معلومات جو دائرو ، هن سڄي ڪره ارض تي مسلط آهي ۽
اهو تسلط نه فقط جيٽ هوائي جهازن جي پرواز، پر
ريڊيائي نشريات ۽ جديد اخبارن جي وسيلي سان قائم
آهي، جي هر روز هن زمين جي رنگ برنگ زندگيءَ کي،
سندس سڀني تفصيلن سان، اسان جي اڳيان پيش ڪن ٿيون.
بي بي سي تان ڳالهائيندي ماڻهو، لفظي طور منهنجي
گهر جو هڪ ڀاتي بڻجي پيو آهي، حالانڪ منهنجو
پاڙيسري، انهن ڳالهين جو ڏورانهون تماشائي ٿي پيو
آهي، جي مون سان وهي واپري رهيون آهن. ڪي ٿورا
ماڻهو آهن، جي انهيءَ حيرت انگيز تبديليءَ جو
پورو پورو احساس ڪري سگهن ٿا. اها حقيقت ته اسان
جا ابا ڏاڏا، اسان کان نسبتن تمام ٿورن ماڻهن کي
ڄاڻندا سڃاڻندا هئا، پر اها به حقيقت آهي ته اهي
کين قريبي طور تي ۽ چڱيءَ طرح سان سڃاڻندا هئا،
انهيءَ ڪري اهي ماڻهو وڌيڪ جذباتي طرح سان زندگي
گهاري سگهندا هئا ۽ اهي ڳوٺ ۾ رهندڙ ڪنهن به
ماڻهوءَ جي خوشين ۽ غمين ۾ ائين شريڪ ٿيندا هئا،
ڄڻ ته اهي سندن شخصي تجربي جو هڪ حصو هئا، هاڻي هڪ
جديد انسان لاءِ ڪنهن اهڙيءَ ڳالهه ۾ ”جذباتي
طور“ شريڪ ٿيڻ ناممڪن آهي، جنهن جي وقوع متعلق
خبر، هو ريڊيو يا ڪنهن جديد اخبار مان معلوم ڪري
ٿو. اسان کي ، نه فقط اڳي کان وڌيڪ ڳالهيون معلوم
ڪرڻيون آهن، پر اسان کي رونگ ۾ اڳي کان گهڻو وڌيڪ
ڪم به ڪرڻو آهي. انهيءَ جو مطلب اهو ئي آهي ته
اسان جون قوتون انهيءَ چئلينج جي مقابلي ڪرڻ لاءِ
ڪافي نه رهيون آهن، جو هن عجيب ٽيڪنيڪي ڄاڻ واري
دنيا ۾ پيدا ٿيو آهي. انهيءَ حيرت انگيز صورتحال
جو لازمي طرح سان نتيجو اهو نڪتو آهي، جو ’جديد
انسان‘ ڀرپور زندگيءَ گذارڻ جي صلاحيت ئي وڃائي
ويٺو آهي، ۽ جيڪي ڪجهه هن جي چوڌاري وهي واپري
رهيو آهي، تنهن جو هن تي ڪو به گهرو اثر نه ٿو
ٿئي، لاچار مجبور ٿي هن کي ڪره ارض جي زندگيءَ جي
مرڪز تان پاڻ کي هٽائڻو پوي ٿو، جنهن جي عڪاسي هن
دور ۾ پيدا ٿيندڙ ، تيز رفتار واقعات ڪري رهيا
آهن، ان تي قائم رهڻ جي بجاءِ ، هو ان جي هڪ ڪناري
وٽ خاموش ۽ غير واسطيدار تماشائي بڻجي بيهي ٿو. ان
طرح هو دنيوي ڳالهين کي جذباتي طور محسوس ڪري
سگهڻ جي سڄي صلاحيت ، پڻ وڃائي ويٺو آهي، ان جي
بجاءِ هو خيالي ۽ فرضي دنيا ۾ گذاري رهيو آهي،
جيتوڻيڪ اسان کي اهو معلوم آهي ته اسين هن دنيا جي
واقعن ۽ حادثن متعلق پنهنجن ابن ڏاڏن کان وڌيڪ
ڄاڻون سڃاڻون ٿا، ان هوندي به اسين اهو محسوس
ڪريون ٿا ته اسان جي جذباتي قوت عالمي واقعات جي
تمام سطحي مٿاڇري تي ڦهلجي وڃي ٿي، جنهن جي نتيجي
۾ دنيا سان اسان جي تعلقات جو جذباتي رنگ جيڪڏهن
صفا ڦٽي نه ويو آهي، ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ جهڪو ضرور
ٿيو آهي. چنانچه ، هن ڳالهه جي اها ئي صحيح
سمجهاڻي آهي، ته اڄ جو انسان ايتري قدر ته سطحي ۽
اڇاترو بڻجي پيو آهي، جو انهيءَ خدائي خيال سان
پنهنجو رابطو ئي وڃائي ويٺو آهي، جنهن جو ڪارلائيل
، جوش ۽ خروش سان ذڪر ڪري ٿو. اسين پاڻ کان انهيءَ
ڪري ئي دور هٽي ويا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان جو سڄو
سارو توجه، واقعات جي ان مسلسل وهڪري کي ڏسڻ ۾ لڳي
ويو آهي، جن سان اسان جو ڪو به دلي لڳاءُ ڪو نه
رهيو آهي.
انسان جي زندگيءَ جو اصل مقصد تڏهن ئي
پورو ٿئي ٿو، جڏهن سندس شخصيت ۾ همه گير ۽ يڪسان
ترقي اچي ٿي. ”جذبو“ اها خودڪار مشين آهي، جا
تقدير جي هن هلڪي ۽ ننڍڙي گاڏيءَ کي ڇڪي رهي آهي،
۽ اها ڳالهه ايتري قدر ته صحيح آهي، جو اسين ان
مان هڪ عالمي اصول بڻائي سگهون ٿا. يعني انسان
جنهن ڳالهه کي جذباتي طور محسوس نه ٿو ڪري سگهي،
تنهن کي هو سمجهي به نه ٿو سگهي. سمجهه، فقط دماغي
ڪارستاني ڪانهي. حقيقت سان دماغي ٽڪراءُ، ’ڄاڻ‘
ڏيئي سگهي ٿو، پر نه ’سمجهه‘ اوهان هڪ ڳالهه کي
تڏهن ئي سمجهي سگهو ٿا، جڏهن اوهان جي شخصيت جا
سڀئي رخ، غور هيٺ آيل ڳالهه کي جذب ڪرڻ لاءِ تيار
۽ آماده ٿين ٿا. زندگيءَ جي انهيءَ معيار ۾،
(جيڪو انسان هن نام نهاد مهذب دور ۾ ماڻي رهيو
آهي) آيل پستي، انسان جي ڳالهين جي صحيح حقيقت کي
محسوس ڪري سگهڻ ۽ انهن جي مطلب کي تخليقي نموني ۾
سمجهي سگهڻ جي نااهليت جو لازمي نتيجو آهي، اهڙا
سڀ لفظ ، جن مان جذبو ۽ روح غائب ٿي چڪو آهي، هڪ
اهڙيءَ ڳالهه جو بي جان ۽ بي معنيٰ اظهار ڪرڻ لڳن
ٿا، جنهن جو دراصل ڪو وجود ئي ڪونهي. انهيءَ سبب
ڪري، ٻين جديد فنن وانگر، جديد شاعري پڻ، جئن پوءِ
تئن دماغي ڪاوش جو نتيجو ٿيندي رهي آهي، اڄوڪي
شاعريءَ ۾، انسان ۽ هن دنيا ، جنهن سان سڀني جي
تقدير وابسته ڪئي ويئي آهي. روحاني سمجهه ۽ ڄاڻ جو
سڌو سنئون تخليقي اظهار باقي نه رهيو آهي. آخر
ائين ئي چوڻو پوندو ته پنهنجن خيالن کي ٻين تائين
پهچائڻ جي صلاحيت ، انهيءَ حقيقت جي ٻانهي آهي، جا
شخصي طرح محسوس ڪئي وڃي ٿي. جديد دور جو ادب ،
زندگيءَ جي پوشيده ۽ لڪل رخن کي ٻئي تائين نه ٿو
پهچائي سگهي، محض هن لاءِ، جو هن پاڻ ئي انهن کي
ڪڏهن نه ڏٺو آهي. جڏهن ته شاعرانه حقيقت خود شاعر
جي اندر ۾ ئي ڪانهي، ان ڪري هن وٽان اسان کي ڪن
منجهيل لفظي اظهارن کان سواءِ، ٻيو ڪجهه به حاصل
نه ٿو ٿئي. جديد مصوري، ڊراما، موسيقي، اهي سڀ
ساڳيءَ نوعيت سان وابسته آهن. حقيقت ۾ ، فن جا
جديد پارکو هن باري ۾ شڪايت ڪرڻ لڳا آهن ته مقصد
جي ڳولا ڪرڻ، اجائي ۽ بي معنيٰ ڪوشش آهي، ۽ فن جو
مقصد ان جي بي مقصديت، ۽ ان جي معنيٰ ، سندس بي
معنائيت ۾ ملي ٿي.
ان کان پوءِ، اڃا به هڪ ٻي رڪاوٽ حائل
آهي: پئسي جي مطلق قوت ۾ اعتقاد. اسين هن بي دين
دور ۾، خواه اهو تسليم ڪريون يا نه ، فقط پئسي جي
ديوتا جي پوڄا ڪندا رهيا آهيون. اسين سڀ جنهن شيءِ
جي پٺيان آهيون، سا آهي خوشحالي ۽ آوسودگي اسان
اهو وساري ويٺا آهيون ته هن دور ۾ خوشحاليءَ جو
نتيجو، تمدن ۽ ثقافت نه، پر بيهودگي ۽ بداعمالي
آهي!
آءٌ اهو عرض ڪندس ته آسودگي ۽ خوشحالي
انهيءَ مطلوب شيءِ جو نعم البدل ناهي، جنهن جي
اسان کي ضرورت آهي. ”روشني“ ئي اها اڪيلي شيءِ
آهي، جنهن جي انسان کي سخت ضرورت آهي. جن قومن وٽ
اهڙي روشنيءَ وارن ماڻهن جو قحط هوندو آهي، سي
تباهه ۽ برباد ٿينديون آهن.
عام طرح ائين ٻڌو ويو آهي ته فنون لطيفه
لاءِ سرڪاري امداد يا سرپرستي ضروري آهي. هن دور
۾، جڏهن هڪ مملڪت جي حڪومت سان وڏيون اميدون
وابسته ڪيون وڃن ٿيون، تڏهن هيءُ خيال ترقي ڪندي
نظر اچي ٿو ته مملڪت، عظيم فنڪار ۽ اديب پيدا
ڪندي. اها حقيقت آهي ته ٻين سڀني ماڻهن وانگر،
اديبن کي پڻ گذر سفر ڪرڻو آهي ۽ جيسين وٽن زندگيءَ
گذارڻ لاءِ ڪافي ثمر ۽ سامان نه هوندو، تيسين سندن
راه ۾ بيزار ڪندڙ حد تائين، ايتريون ته رڪاوٽون
حائل ٿينديون، جو اهي ڪي به ادبي شهپارا وجود ۾ نه
آڻي سگهندا. اتي اهو به خيال ۾ رهي ته ، اسباب جو
ڪافي هئڻ هڪ ڳالهه آهي، ۽ حڪومت کان سرپرستيءَ جي
طلب ڪرڻ ٻي ڳالهه آهي.
انهن ماڻهن جي خدمت ۾، جن جو اهو ويساهه
آهي ته پئسي سان ئي سڀ ڪجهه حاصل ٿي سگهي ٿو، آءٌ
وري به ڪارلائيل جو هڪ ٽڪرو پيش ڪريان ٿو، جنهن کي
پڻ اهڙي ئي مسئلي سان منهن ڏيڻو پيو هو:
”هڪ ڳالهه چوڻ جي“ جي عنوان سان هو چوي
ٿو ”مون کي نه وسارڻ گهرجي ته پئسن جا شاهي يا
پارلياماني وظيفا ئي اهو سڀ ڪجهه ناهي، جنهن جي
مون کي ضرورت آهي. اسان جي اديبن ۽ دانشورن کي
فقط وظيفن ڏيڻ ۽ پئسي ڏوڪڙ جي امداد ڪرڻ مان اصل
ڪم ۾ ڪا مدد نه ملندي. مطلب ته، ماڻهو پئسي جي
اعليٰ ترين طاقت جي ذڪر ٻڌندي ٻڌندي ٿڪجي پيو آهي.
آءٌ ته اهو به چوندس ته هڪ سچي انسان لاءِ، غريب
ٿيڻ ڪو خراب ناهي: اديب ۽ دانشور ماڻهن کي ته پاڻ
غريب هئڻ گهرجي. هن ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ته اهي
واقعي سچا آهن يا نه، پينو فقيرن جا نظام جاچڻ
گهرجن، جن ۾ چڱن ماڻهن کي پنڻ تي مجبور ڪيو ويندو
هو، ۽ جي عيسائي ڪليسا طرفان قائم ڪيا ويا هئا؛ ۽
اهو عيسائيت جي روح جو هڪ انتهائي فطري ۽ لازمي
نتيجو هو، انهيءَ جو بنياد ئي غربت، دک درد، تضاد
۽ مصلوب ٿيڻ ۽ هر طرح جي دنيوي ڏک سور ۽ بيعزتيءَ
تي رکيل هو. اسين ته چئون ٿا ته جنهن ماڻهوءَ انهن
شين جو ذائقو نه چکيو آهي ۽ اهي بي بها سبق نه
سکيا آهن، جي انهن مان ملن ٿا، تنهن ڄڻ ته پنهنجي
تعليم جو هڪ سٺو موقعو گنوايو آهي. پيرين اگهاڙو،
کُهرو اوني چوغو پهري، چيلهه کي رسي ٻڌي پنڻ لاءِ
رولڻ، ڪو خوبصورت ڌنڌو ڪو نه هو _ نه ڪو ڪنهن جي
نگاهه ۾ قابل احترام هو، جيسين انهن ماڻهن جي
شرافت ، جن اهو ڌنڌو اختيار ڪيو هو، ڪن ماڻهن جي
نگاهه ۾ کين شريف نه بڻايو هو.“
اسان جي نبي سڳورن فرمايو هو ”غربت تي مون
کي ناز آهي.“ غربت اهو پهريون مڪتب آهي، جنهن مان
اهڙي ٻار کي، جيڪو بيوس ڄمي ٿو، گذرڻو پوي ٿو،
بهترين يونيورسٽي، ’ڏک جي يونيورسٽي‘ آهي. اها ئي
جاءِ آهي، جتي ماڻهو پچي ، ڪامل بڻجي ٿو. اهي عظيم
ليکڪ، جن تي دنيا کي فخر آهي، خوشحال ۽ آسودا
ماڻهو نه هئا، هو هميشه هڪ اهڙي نظام جا جزا بڻيا
رهيا، جن کي زوريءَ تارڪ الدنيا بڻايو ويو هو، ان
۾ ڪو به شڪ ناهي ته پئسو گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو،
پر اهو ڪو فنڪار پيدا نه ٿو ڪري سگهي، اها ته خدا
جي هڪ نعمت آهي، جا هو جنهن کي چاهي ٿو، تنهن کي
ئي عطا ڪري ٿو، پر ماڻهوءَ کي انهيءَ نعمت جي لائق
بنائڻ لاءِ جيڪو هڪ اهم پيشگي شرط آهي، سو هيءُ ،
ته ماڻهوءَ ۾ ايماندارانه ۽ دليرانه سوچ ويچار،
اخلاص جي صلاحيت، سچ کي سندس اصل صورت ۾ ڏسڻ ۽
ان جي انهيءَ ئي صورت ۾ تبليغ ڪرڻ جي همت آهي يا
نه؟ فنڪار جو لازوال ٿيڻ، هڪ وڏو انعام آهي، جو
فقط اهڙي ماڻهوءَ کي نصيب ٿئي ٿو، جو هر مشڪل
هوندي به فقط هن لاءِ جدوجهد ڪري ٿو ته سندس محنت
سان، خدائي مقصد پورا ٿين، ۽ انهن جو بول بالا
ٿئي. اهي ئي ماڻهو آهن، جي اسان کي ٻڌائين ٿا ته
ڪهڙي ڳالهه اهم آهي ۽ ڪهڙي غير اهم، ڪهڙي دائمي
بيماري آهي ۽ ڪهڙي دائمي صحت آهي، موسيقيءَ ۾ ڪهڙو
عارضي ۽ ناپائدار سُر مليل آهي. ڪائنات جي نظام ۾
ڪهڙي ڳالهه مناسب آهي ۽ ڪهڙي ڳالهه اهميت رکي ٿي.
ڇا هيءَ حقيقت ناهي ته آسوده ۽ خوشحال
معاشرو، جو اسان فوري طرح سان قائم ڪرڻ لاءِ آتا
آهيون، هڪ ڳالهه ۾، تخليقي روح جو مکيه دشمن آهي؟
ڇا، فرينچ عوام وٽ هڪ هيءُ پهاڪو مشهور ناهي ته
”آسوده ۽ خوشحال ماڻهن کي ڪا تاريخ ڪا نه هوندي
آهي“ جنهن ماڻهوءَ کي دنيا ۾ پئسي جمع ڪرڻ کان
علاوه ٻيو ڪو مقصد ئي ڪو نه هوندو آهي، تنهن جي
راهه ۾ سندس مال ۽ جائداد جو بار ئي وڏي رڪاوٽ
هوندو آهي. اهڙو ماڻهو پنهنجي دولت کي محفوظ رکڻ ۽
ان جي مقدار وڌائڻ لاءِ هميشه فڪرمند رهندو آهي.
اهو ايڏو گهڻو ڪم آهي، جو هن کي ٻئي ڪنهن به ڪم
لاءِ فرصت ئي ڪا نه ملندي آهي، جنهن ماڻهوءَ کي حد
کان وڌيڪ دولت هوندي آهي، تنهن کي هيءُ غلط اعتقاد
پڻ هوندو آهي ته وٽس سندس زندگيءَ جي سڀني خواهشن
۽ ضرورتن کي پوري ڪرڻ جا سڀ ذريعا موجود آهن. آءٌ
تسليم ڪريان ٿو ته جسماني ضرورتون، دولت جي مدد
وٺڻ سان پوريون ڪري سگهجن ٿيون، پر ماڻهوءَ ۾ هڪ
ٻي اهڙي بُک به آهي، جنهن کي ”روحاني آرزو“ سڏجي
ٿو، جا دائمي طور تي پوري ٿيڻ لاءِ پڪاري رهي آهي،
جا ڪافي حد تائين ڪڏهن به پوري ٿي نه سگهي آهي،
خواه اوهان ڪيڏي به دولت جا مالڪ هجو. جيڪو ماڻهو
انهيءَ معنيٰ ۾ دولتمند آهي، جنهن جو مون ذڪر ڪيو
آهي، سو هن دنيا سان، جنهن ۾ هو رهي ٿو، اصل ۾ غلط
تعلق قائم ڪيو ويٺو آهي، هو ان کي انهيءَ صورت ۾
نه ٿو ڏسي سگهي، جنهن صورت جي اها لائق ۽ قابل
آهي، يعني هڪ خوبصورت خوشي بخشيندڙ شيءِ، _ ۽
خدائي قوت ۽ مصلحت جو اعليٰ ترين مظهر. هو ائين
سمجهي ٿو ته اها هن مقصد لاءِ قائم آهي ته جئن هو
پاڻ ٻين ماڻهن جي پورهين، ٻين ماڻهن جي صلاحيتن ۽
ٻين ماڻهن جي قابليتن کي پنهنجي ”شخصي“ شان ۽
شوڪت، ضرورت ۽ مفادات خاطر ناجائز طور استعمال
ڪري! حالانڪ انهيءَ ڪوڙي ۽ غلط رشتي ۾سندس شخصيت
جي ڪنهن حقيقي ترقيءَ جو امڪان ناهي. ان ۾ ڪو تعجب
ڪونهي جو حضرت مسيح چيو هو ته ”هڪ اٺ لاءِ، سئيءَ
جي پاکڙي مان لنگهڻ ڏاڍو آسان آهي، پر هڪ دولتمند
جو جنت جي بادشاهت ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“
مون کي اميد آهي ته آءٌ جيڪي ڪجهه چئي
رهيو آهيان، تنهن جو اهو مطلب نه ورتو ويندو، ته
آءٌ ڪو غربت جي اصول جي تبليغ ڪري رهيو اهيان،
جيڪڏهن ماڻهوءَ کي انتهائي دولتمند يا انتهائي
غريب ٿيڻ، ٻنهين مان ، چونڊ ڪرڻ جو موقعو ملي ، ته
گهٽ ۾ گهٽ آءٌ ته يقينن پوئين حالت کي چونڊيان؛
پر خوشقسمتيءَ سان ، زندگي فقط انهن ٻن ڳالهين مان
ڪنهن هڪ کي چونڊڻ جو مسئلو اسان اڳيان پيش نه ٿي
ڪري. ڀلي ته اسين ايترو حاصل ڪريون، جيترو زنده
رهڻ لاءِ ڪافي هجي، پر ان کان وڌيڪ نه، جو اهو بار
بڻجي پوي، ته پوءِ ان ۾ڪا خرابي نه آهي. جيڪڏهن ڪو
ماڻهو، زمين تي پنهنجو نشان ڇڏڻ چاهي، تنهن کي
گهرجي ته هو پنهنجي دنيوي زندگيءَ کي مال ۽ جائداد
جي بار سان بارگير بنائڻ جي ڪوشش نه ڪري، تاريخ ۾
موثر ثابت ٿيڻ جو واحد رستو آهي، آسمان طرف يڪ ٽڪ
نگاهه ڪرڻ، ۽ هڪ اهڙيءَ شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ
دائمي آرزو رکڻ،جنهن جهڙي شاندار ۽ عظيم شيءِ
انسانذات هن وقت تائين هٿ نه ڪري سگهيو آهي، اهو
هن ڪري آهي، جو جنهن دور ۾ اسين زندگي گذاري رهيا
آهيون، تنهن ۾ مادي خواهشن کي تسڪين ڏيڻ جي پڻ جي
پٺيان ڊوڙڻ ۽ بقول ڪنهن عالم جي : ”پنهنجي رهڻيءَ
ڪرڻيءَ کي سڌارڻ ۽ پنهنجي زندگيءَ جي معيار کي
بلند ڪرڻ لاءِ فڪرمند ٿيڻ ، هڪ دستور بڻجي پيو
آهي؛ تنهن ڪري ئي اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته اسان
وٽ سچ پچ عظيم انسان جو تحفظ آهي. نيٺ ته ماڻهوءَ
کي زندگيءَ مان اهو ئي ڪجهه ملي ٿو، جنهن جي هو
آرزو ڪري ٿو. جيڪڏهن سوئرن کان اهو پڇيو وڃي ته
کين ڪهڙي شيءِ مطمئن ڪري ٿي، ته اهي بنان ڪنهن شڪ
۽ شبهي جي ڪو نه ڪو اهڙو جواب ڏيندا، جو سندن
نقطهء نگاهه کان اطمينان جهڙو هوندو: پر سندن
اهو جواب، يقيني طور انسان ذات لاءِ ڪارگر نه
ٿيندو، جنهن ۾ ڪجهه نه ڪجهه خدائي جز موجود آهي،
ان ڪري هيئن چيو ويو آهي: ”بهتر آهي ته غير مطمئن
سقراط ٿجي، جو مطمئن سوئر ٿي رهجي.“ سڀني حساس
طبيعتن لاءِ خدائي انهن جي غير اطمينانيءَ ۾ لڪل
آهي، جنهن مان اعليٰ تر آرزو ۽ ان جي سرانجامي
وجود وٺي ٿي ٿي، انسان ذات، زندگيءَ جو جڏهن اهو
اعليٰ ترين سبق سکندي، تڏهن ئي اسين اهڙين حالتن
۾ قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسون، جن ۾ ع ظيم ادب ۽
فنڪار وجود ۾ اچي سگهندا.
معاشري کي سندس صحيح معلمن، داشمندن، مفڪرن ۽
هيروز کي ڳولي ڪڍڻ سان اعزاز ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته
اهڙن قسمن جا ماڻهو، هر دور ۽ هر ملڪ ۾ هوندا آهن.
اڪثر طور ، اهڙا ڪيئي غريب ماڻهو ٿين ٿا، جي شهرت
جي دهلن دمامن کان سوا3، گمنام زندگي گذاري رهيا
آهن، پر اهي ئي مانهو اندروني روشنيءَ وارا آهن ۽
اهي ئي آهن، جي اسان ۾ قدر جي لائق زندگي گذارڻ
لاءِ صهيح نموني ۾ جوش ۽ ولولو بيدارڪري رهياآهن.
انهن جو قدر ڪرن، بين جو ئي ڪم آهي. اها به حقيقت
آهي ته جڏهن ڪا قوم، انساني تاريخ جي سچن استادن ۽
دانشمندن ۽ هيروز جي تعظيم ڪرڻ شروع ڪري ٿي، تڏهن
اها بدنظميءَ ۽ افراتفريءَ جي تباهڪارين کان بچي
ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته پوءِ ئي کين اها روشني نظر
ايندي آهي، جنهن سان زندگيءَ جي ڪاروبار کي درست
نموني ۾ هلائڻو پوي ٿو.
هڪ لکيڪ لاءِ، عظيم مقام تي پهچڻ لاءِ،
ضروري آهجي ته هو سچو انسان ٿئي، ڇاڪاڻ ته ”بي
احتياجي، يقينن، هڪ عظيم روح جي بازگشت آهي“
قاضي ظهورالحسن، ” ناظم “ سيوهاروي
مترجم : راڄ محمد پلي
قرآن جا قلمي نسخا
نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جو
ارشاد آهي ته ” سڀ کان زمانو بهتر زمانو آهي. پوءِ
ان کان پوءِ وارو ۽ پوءِ ان کان پوءِ وارو زمانو
آهي.“ انهن ٽنهي زمانن کي، اسلامي اصطلاح موجب، ”
قرون ثلاثه، چئجي ٿو. انهن ٽنهي زمانن جو تفصيل هن
طرح آهيِ:
پهريون زمانو
_ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ۽ صحابه ڪرام جو،
110، هجري تائين. ٻيو زمانو _
تابعين جو، 180، هجري تائين.
ٽيون زمانو
_ تبع تابعين جو، 220، هجري تائين.
اها تقسيم متفقه طور بيان ٿيل آهي. ليڪن
حضرت شيخ عبدالحق محدث دهلوي ( متوفي 1052هه )
ٽئين زماني کي 260 هه تائين شمار ڪري ٿو. هن هيٺ
اسان ان دور جي قلمي نسخن تي روشني وجهون ٿا.
حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن تي وحي
جو نزول، 18 رمضان، مطابق 28 جولاءِ 610ع تي ٿيو.
ان سال کي اسان ” نبوي سال“ سڏيون ٿا. ان ” وحي“
۾ تبليغ جو ڪو به حڪم نه هو. اٽڪل اڍائي سالن کان
پوءِ ، ربيع اول سن 4 هجريءَ ۾ ٻين حڪمن تي مشتمل
” وحي“ جو نزول ٿيو. انهن ۾ تبليغ جو حڪم هو. ان
موجب پاڻ ڪريمن تبيلغ جو ڪم شروع ڪيو. حضرت خديجه
رضي الله عنها ان ڏينهن تي مسلمان ٿي. ٻئي ڏينهن
حضرت علي ۽ حضرت زيد بن حارثه ۽ حضرت ابوبڪر
مسلمان ٿيا. ان کان ٻه ڏينهن پوءِ. حضرت خالد بن
سعيد، اسلام قبول ڪيو. ان وقت تائين، چند آيتون
سورت علق جون ۽ چند آيتون سورت ” مدثر“ جون نازل
ٿي چڪيون هيون.
ان ڏينهن ئي حضور صلي الله عليه وآله وسلم
جن، ”وحي“ جي لکڻ جو حڪم فرمايو.ان سال کي ” ڪتابت
وحي“ جو سال چيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ام خالد بنت
خالد بن سعيد بن ابي العاص جو چوڻ آهي ته سڀ کان
اول بسم الله الرحمان الرحيم جي ڪتابت منهنجي پيءُ
ڪئي.
_ ( استيعاب جلد اول ).
ان کان پوءِ، جيڪي مسلمان ٿيندا ويا، سي
پاڻ وٽ قرآن مان مليل آيتون ۽ سورتون لکندا ويا.
اڳتي هلي، ان ڪتاب جي ڪري، حضور جي زماني ۾ قرآن
ڪريم جا ڪيئي مڪمل قلمي نسخا تيار ٿي چڪا هئا. ان
سان گڏ، قرآن جي حفظ ڪرڻ جو ابتدائي مرحلو به ان
ئي دور سان وابسته آهي.
ڪتابن ۾ آيل آهي ته هڪ ڏينهن حضور جن،
قرآن ڪريم جا ڪي قلمي نسخا ملاحظه فرمايا. انهن جي
ڏسڻ کان پوءِ فرمايائون : ” رڳو هي ڪافي ناهن، خدا
شخص کي ڪڏهن به عذاب نه ڏيندو، جنهن کي قرآن ياد
هوندو.“ _ ( ڪنزالعمال )
مطلب هي هو ته تحرير جي ڀروسي تي، قرآن
ڪريم جي حفظ کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. هڪ سفر ۾،
مڪي ۽ مديني جي وچ ۾، هڪ شخص، حضور جن جي خدمت ۾
عرض ڪيو ته ” مون وٽ لکيل قرآن مان هڪ جُز گم ٿي
وئي آهي.“ ( ڪتاب المصاحف) مطلب ته لکڻ جو رواج
هو.
قرآن جي لکڻ جي سلسلي ۾ آيل آهي ته ڪيترن
جليل القدر صحابن، ڪيئي ڀيرا ورائي ورائي، قرآن جا
قلمي نسخا تيار ڪيا. حضرت عبدالله بن مسعود رضه،
چار ڀيرا نسخا لکيا.
عرب جو مشهور شاعر ” لبيد“ جڏهن مسلمان
ٿيو، تڏهن کان قرآن نويسيءَ جو مشغلو اختيار
ڪيائين. خدا ڄاڻي، ” لبيد“ جي قلم مان قرآن جا
ڪيترائي قلمي نسخا تيار ٿيا هوندا.
_ ( جمهرته العرب).
ان طرح ناجيته الطفاري صحابي به قرآن جا
نسخا قلم سان تيار ڪندو هو._ ( الستيعاب قسم 2
جلد1) امهات المومنين مان، ام سلمه، حفضه ۽ عائشه
به قرآن جا نسخا قلم سان لکيا._ ( ڪنزالعمال) ان
طرح آيل آهي ته، حضرت عائشه جي آزاد ڪيل غلام ابو
يونس به هڪ نسخو تيار ڪيو._ ( تر مذي)
ان سلسلي ۾ آيل آهي ته عمر بن رافع رضه،
حضرت حفضه رضه لاءِ قرآن لکيو._ ( تيسيرالاصول)
بهرحال تاريخ ۽ حديث جي ڪتابن ۾، اٽڪل روءِ
اوڻيتاليهن صحابه ڪرام متعلق آيل آهي ته انهن قران
جا قلمي نسخا تيا ڪيا هئا. مشهور يورپين مستشرقين
به تسليم ڪيو آهي ته برابر حضور جي زماني ۾، قرآن
ڪريم جا ڪيئي قلمي نسخا تيار ٿي چڪا هئا.
ڊاڪٽر راڊويل لکي ٿو:
”قرآن جا ڪيئي قلمي نسخا تيار ٿي چڪا هئا،
جي حضور صلعم جن جي زماني ۾ استعمال ڪيا ويندا
هئا.“ _ ( انگريزي ترجمه قرآن)
سر وليم ميور لکي ٿو:
” ن حقيقت کي تسليم ڪرڻ جا ڪيترا مضبوط
دليل موجود آهن ته. رسول ڪريم صلعم جن جي حياتيءَ
۾ مختلف صحابه ڪرام وٽ ڪيترا قلمي نسخا موجود هئا.
انهن نسخن ۾ پورو قرآن ڪريم، يا تقريبا سارو ڪلام
مجيد موجود هو.“ ( ديباچو، لائف آف محمد صه) قرآن
ڪريم ۾ به ڪيتريون اندروني شاهديون موجود آهن،
جئن: ” فال اساطير الاولين اڪتبتها فهي تمليٰ عليه
بڪرته و اصيلا“
مطلب هي آهي ته : ” ڪافي چوندا هئا ته اهي
ته پراڻا قصا آهن، جن کي نبي لکائي رهيو آهي ۽ هي
ماڻهو لکي رهيا آهن.“
هيءُ ته هرڪو ڄاڻي ٿو ته ان دور ۾ دنيا ۾،
ڪٿي به پريس ۽ ڇاپخاني جو وجود ڪين هو، صرف هٿ سان
ڪتابت ڪرڻ جو رواج هو. ان طرح هي به عام دستور آهي
ته جڏهن ڪا چيز بهتر صورت ۾ پيدا ٿئي ٿي، تڏهن ان
جي اوائلي ۽ پراڻي صورت جي حفاظت جو انتظام گهٽ
ڪيو وڃي ٿو.
مسلم تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته مسلم
بادشاهت تي، ڏاڍا اُگرا ۽ سخت زمانا گذريل
آهن.فساد ٿيا، قتل عام ڪيو ويو، شهر اُجاڙ ڪيا ويا
گهر ساڙيا ويا، ڪتبخانا ۽ سرڪاري دفتر جلايا ويا.
اهڙين حالتن ۾، قديم ڪتابن ۽ پراڻين تحريرن جو بچي
وڃڻ به مشڪل ڳالهه آهي. اهو ئي سبب آهي جو ان دور
جو ڪوبه قلمي قرآن ڪريم هن وقت موجود نه آهي.
پهرين خلافت جا نسخا.
حضرت ابوبڪر صديق رضه الله عنه جي خلافت
واري دور ۾، جو نسخو، خلافت جي دفتر ۽ ڪتبخاني
لاءِ لکيو ويو، ان کي ” مصحف. ام“ سڏيو ويو آهي.
اهو نسخو، آخر تائين حضرت صديق اڪبر وٽ رهيو. ان
کان پوءِ حضرت عمر خليفو ٿيو ته پوءِ ان وٽ آيو.
حضرت عمر جي شهادت کان پوءِ سندن صاحبزادي ام
المئومنين حضرت حفصه وٽ رهيو. ان جي فوت ٿيڻ کان
پوءِ، مديني جي گورنر مروان بن حڪم، اهو نسخو هٿ
ڪيو. اهو نسخو46 هجري ۾، کانئس هڪ سفر مان گم ٿي
ويو.
امام ابن حزم لکيو آهي ته: ” صديق اڪبر جي
دور ۾ اهڙو ڪو شهر نه هو، جتي ماڻهو وٽ، قرآن جا
ڪيئي نسخا نه هجن“ ( ڪتاب الفصل الملل و النحل _
جلد ٻيو).
29 مشهور نسخا:
ان دور جي مشهور نسخن جو ذڪر، بخاري،
نسائي، مسند امام احمد بن حنبل، ڪنز العمال،جمهرته
اللغت، تهذيب، طبقات ابن سعد، فتح الباري، خلاصته
البيان احمد جو دت افنديءَ ۾ آيل آهي.
ان دور ۾ قرآن جي قلمي نسخن کي ” مصحف“
چئبو هو ۽ سندس مالڪ جي لحاظ سان، مثلا، مصحف علي
بن ابي طالب وغيره چئبو هو.
هيٺين صحابن جا ” مصحف“ مشهور هئا:
(1) علي ابن ابي طالب، (2) عثمان بن عفان، (3)
عبدالله بن مسعود، (4) ابي بن ڪعب، (5) ابوزيد،
(6) ابواندرداءَ، (7) معاذ بن جبل، (8) زيد بن
ثابت، (9) عبدالله بن عمر، (10) ابو موسيٰ اشعري،
(11) عمرو بن عاص، (12) سعد بن عبادهه، (13) سالم،
(14) ابو ايوب انصاري، (15) عبادهه بن الصامت،
(16) تميم الداري، (17) مجمع بن حاربه، (18)
عبدالله بن عمر بن العاص، (19) عتبه بن عبدالله بن
الحارث، (20) لبيد بن ربيعه،(21) عقبه بن عامر
جهنبي، (22) قيسبن بن ابي صعصعه، (23) سڪن بن قيس،
(24) عمر فاروق، (25)حضرت عائشه (26) ام سلمه،(27)
حضرت حفصه،(28) ام سلمه، (29) ام ورقه بنت نوقل.
موجوده نسخا:
مٿين نسخن مان ڪيترا مشهور مصحف اڄ به
موجود آهن، ۽ دنيا جي مشهور ڪتبخانن ۾ سندس ڏس_
پتو ملي سگهيو آهي. چند مشهور نسخن جي ڪيفيت بيان
ڪجي ٿي.
مصحف علي:
ان جو هڪ نسخو ” مشهد“ (ايران) ۾ اڄ تائين
موجود آهي. ان جو ٻيو نسخو، ” جامع ابا صوفيا“
قسطنطنيه جي ڪتبخاني ۾ هو، ان کي سلطان صلاح
الدين، شاهي خزاني ۾ محفوظ رهڻ لاءِ رکايو هو.
ٽيون نسخو، جو حضرت علي ڪرم الله وجهه،
حضرت صديق اڪبر جي دور ۾ ترتيب ڏنو هو، ان کي 378
هجريءَ ۾، ابن النديم مشهور مورخ ۽ عالم، ابي
يعليٰ حمزته الحسينيءَ وٽ ڏٺو هو. ان ابن النديم
لکيو آهي ته ” چند صفحا هيٺ مٿي ٿي ويا آهن، باقي
نسخو مڪمل آهي.“ (الفهرست)
چوٿون نسخو، مديني جي ” امانات مقدسه“ ۾
رکيل هو. اهو نسخو 1918ع ۾ مديني شريف کان
قسطنطنيه آندو ويو. اهو نسخو اڄ تائين اتي موجود
آهي. ( ڪشاف الهدسيٰ)
پنجون نسخو، ” جامع امام حسين“ عليه
السلام قاهره ۾ موجود آهي.
مصحف عثماني:
هي مصحف حضرت عثمان غنيءَ جو لکيل آهي. ان
نسخي جي پڄاڻيءَ تي لکيل آهي:
”ڪتبته عثمان بن عفان“
ان مصحف جي تلاوت ڪندي، حضور جن جي بشارت
۽ پيشنگويءَ موجب، باغين سندن هٿ تي تلوار هنئي
هئي. سندس خون، آيت: ” فسيڪفيڪهم الله، و هوالسميع
العليم“ تي ڪريو. اهي داغ اڄ تائين موجود آهن.
(فتح العزيز)
حضرت عائشه رضه کان پوءِ، مصحف عثماني،
بني اميه جي خليفن وٽ رهندو آيو. نافع بن نعيم 169
هجريءَ ۾ ان جي زيارت ڪئي هئي. (فتح العزيز). حافظ
ابو عمر، مقنع ۾ لکي ٿو ته ” عبيد بن قاسم بن سلام
(المتوفي 224 هه) به ان مصحف جي زيارت ڪئي آهي.“
شيخ ابن بطوطه سياح، جو بيان آهي ته ” مون
ان نسخي جي بصري ۾ زيارت ڪئي هئي. امير تيمور جي
دور جي (10 صدي هجري) ابوبڪر الشاشي، ٻڌايو آهي ته
” مون اهو مصحف، حضرت عبدالله جي مزار تي رکايو
هو.“
1914ع جي پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ،
جڏهن روس ۾ بالشويڪ حڪومت قائم ٿي، تڏهن اهو نسخو
کين هٿ آيو. اڄ اهو ’ماسڪو‘ لئبرريءَ ۾ محفوظ آهي.
تازو ان جي مائڪرو فلم ذريعي نڪتل هڪ ڪاپي، فيلڊ
مارشل محمد ايوب خان، ، صدر مملڪت پاڪستان کي،
تاشقند جي خطيب پاران، جنوري 1966ع تي تحفي طور
ڏني وئي، ان مصحف جي زيارت، پاڪستان جي مشهور شهرن
۾ ڪرائي وئي. هينئر اها ڪاپي اسلام آباد جي ميوزم
۾ موجود آهي.
مصحف عبدالله بن مسعود
:
ان مصحف جي نقل واري ڪاپي، 2 صدي هجريءَ
۾ ڪئي وئي. ان نقل کي ابن النديم ڏٺو هو، ان طرح
ان جو پتو 300 هجريءَ تائين، ۽ ان جي نقل جو پتو
400 هجريءَ تائين پئجي سگهيو آهي.
هن مصحف جي خصوصيت اها آهي ته حضرت
عبدالله بن مسعود، ڪجهه آيتن کي نزول واري ترتيب
موجب درج ڪيو هو؛ ۽ پوءِ ٻئي نسخي ۾ طويل سورتون
درج ڪيون هئائين. اهو ٽيون نسخو مڪمل چيو وڃي ٿو،
جو ابن النديم ڏٺو آهي.
ان نسخي جي ٻي خوصوصيت اها به آهي ته حضرت
عبدالله بن مسعود، ان نسخي کي پنهنجي قبيلي جي
لغت، قرائت، لهجي ۽ محاوري تي تيار ڪيو هو.
حضرت عمر جو دور:
هن دور ۾ ، سڀ کان پهرين مصحف لاءِ چيو ويو آهي ته
:
”حضرت عمر رضه، زيد بن ثابت کان ، پنهنجي لاءِ
قرآن لکارائي تيار ڪرايو.“ (معارف ابن تيميه)
ڪتاب لکن ٿا ته حضرت عمر رضه جي دور ۾، هڪ
شخص وٽ، باريڪ ۽ نفيس خط ۾ ، قرآن جو هڪ نسخو
موجود هو، پاڻ ان کي هدايت فرمايائون ته ”هو اڳتي
جَلي حرفن ۾، صاف نموني ۾ ڪتابت ڪري، جيئن پڙهڻ ۾
مونجهه نه ٿئي. “
علامه ابن حزم جي تحقيق آهي ته :
”حضرت فاروق اعظم جي دور ۾ مسلمانن وٽ، قرآني
نسخا، هڪ لک کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ انداز ۾ نه
هئا.“ (ڪتاب الفصل)
اڄ ڪلهه مصر ۾ ان دور جي قرآن جي هڪ قلمي جز موجود
آهي.
ڪتاب لکن ٿا ته : ” هڪ جماعت، حضرت
ابوالدر داء وٽ قلمي نسخا ڏسڻ آئي، انهن تقاضا ڪئي
ته ”کين زيد بن ثابت، ابي بن ڪعب ۽ علي المرتضيٰ
جا قلمي نسخا ڏيکاريا وڃن“(ڪنزالعمال جلد 1)
حضرت عثمان جو دور:
حضرت عثمان رضه 25 هجريءَ ۾، ”مصحف ام“ جو
نسخو، حضرت ام المئومنين حفصه وٽان گهرائي ورتو ۽
”لغت قريش “ سان موافق، ان جا ست نسخا تيار ڪرايا
، انهن مان هڪ نسخو پاڻ وٽ رکايائين، ان ڪري ان
نسخي کي ”مصحف الامام“ چيو وڃي ٿو.
ان نسخي جي آخر ۾ لکيل آهي:
”هذا ما اجمع عليه جماعت من اصحاب الرسول الله صلي
الله عليه وسلم منهم زيد بن ثابت، و عبدالله بن
زبير و سعيد بن العاص...“ (ان کان اڳتي ٻن صحابن
جا نالا آهن.) (نفح الطيب جلد 1)
اهو نسخو آخري وقت تائين حضرت عثمان وٽ
رهيو، ان کان پوءِ حضرت علي رضه وٽ رهيو، ان کان
پوءِ حضرت امام حسن رضه وٽ آيو. ان کان پوءِ، پاڻ
خلافت سميت، اهو نسخو امير معاويه جي سپرد ڪيائون،
امير معاويه کان پوءِ اهو نسخو اسپين پهتو، اپسين
کان پوءِ مراڪش ۾ دارالسلطنت ’قاش‘ ۾ آيو.(تاريخ
ادريسي و تذڪرت المصاحف) ان کان پوءِ اهو نسخو وري
مديني ۾ آيو.
1914ع جي پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾، ترڪيءَ
جي گورنر فخري پاشا، ٻين تبرڪات سميت، اهو نسخو
قسطنطنيه کڻائي ويو، جتي اهو نسخو ميوزم ۾ اڄ
تائين موجود آهي، باقي حضرت عثمان جا ڪرايل 2 نقل
هن طرح تقسيم ٿيا.
(1)
هڪ نقل عبيدالله بن صائب جي هٿان، مڪي ڏانهن
موڪليو ويو، ان کي اڄ تائين ’مصحف مڪي‘ سڏجي ٿو.
اهو نسخو 657 تائين ”قباده تراب“ ۾ هو. محمد بن
جبير اندلسي سياح، 579 ۾ ، مڪي ۾ اهو نسخو ڏٺو هو.
ان طرح ابو القاسم احمد، متوفي 665، به ان نسخي جي
زيارت بيان ڪئي آهي، ان طرح شيخ عبدالمالڪ به 735
هه ۾ ان نسخي جي زيارت بيان ڪئي آهي. علامه شبلي
لکي ٿو ته ”مون اهو نسخو، جامع دمشق‘ ۾ ، صفر 1329
هه ۾ ڏٺو هو.۾ (تهذيب الاخلاق) مولوي شبلي صاحب
غالبن 1896ع ۾، سلطان عبدالحميد خان جي دور ۾ سير
ڪيو هو. اهو نسخو اڄ موجود نه آهي، مسجد ۾ باهه
لڳڻ ڪري، اهو نسخو ضايع ٿي چڪو آهي.
(2)
ٻي ڪاپي، مغيره بن شهاب جي هٿان شام ڏانهن اماڻي
وئي، ان کي اڄ تائين ”مصحف شامي“ سڏيو وڃي ٿو.
مورخ احمد مقرريءَ، 375هه ۾ ان جي زيارت ڪئي هئي،
ان کان پوءِ اهو نقل ’ڪوفي‘ ۾ آندو ويو، ڪوفي کان
اندلس جي حاڪمن، سلاطين موحدين ۽ انهن کان پوءِ
بني مرس جي اميرن جي قبضي ۾ آيو، ۽ ڳچ وقت تائين
قرطبه جي جامع مسجد ۾ رهيو، ان کان پوءِ، قرطبه
وارن اهو مصحف، سلطان عبدالمومن جي سپرد ڪيو، ان
سلطان جي حڪم سان ’ابن بشڪوال‘ 11 شوال 520
هجريءَ تي ، اهو نسخو قرطبي مان مراڪش ڏانهن منتقل
ڪرايو. 645 ۾ خليفي معتضد علي بن مامون وٽ هو. ان
ئي سال تي خليفي تلمسان تي فوج ڪشي ڪئي، جنهن ۾
ماريو ويو. ان هنگامي ۾ اهو مصحف گم ٿي ويو، پر
پوءِ گهڻي ڳولا کان پوءِ لڌو ۽ تلمسان جي توشه
خانه ۾ محفوظ ڪيو ويو، اتانهون هڪ واپاريءَ خريد
ڪيو ۽ ’فاس‘ ۾ آندو، جتي اهو مصحف اڄ تائين موجود
آهي.
(3) ٽيون نسخو عامر بن قيس جي هٿان، بصري ڏانهن
موڪليو ويو هو، ان کي اڄ سوڌو ، مصحف بصري، چيو
وڃي ٿو. اهو نسخو، سلطان صلاح جي وزير 75 هه ۾
ٻٽيهين هزارن اشرفين سان خريد ڪيو هو(الخطط
المقريزي) اهو مصحف، ”ڪتب خانه خديويه مصريه“ ۾
اڄ تائين موجود آهي.
(4)
چوٿون نسخو ابو عبدالرحمان اسلميءَ جي هٿان، ڪوفي
ڏانهن موڪليو ويو هو، اهو نقل ، اڄ سوڌو ”مصحف
ڪوفيءَ “ جي نالي سان مشهور آهي، ۽ هن وقت
قسطنطنيه جي ڪتبخاني ۾ محفوظ آهي.
(5)
پنجون نسخو يمن ڏانهن موڪليل هو. اهو ، ڪتب خانه
جامع ازهر مصر ۾ موجود آهي. ان کي ’مصحف يمني‘
چيو وڃي ٿو.
(6)
ڇهون نسخو بحرين ڏانهن موڪليو ويو هو، اڄ اهو
پيرس جي ميوزم ۾ محفوظ آهي.
ٻيو، ٽيون ۽ چوٿون نسخو:
ان طرح مصحف عثماني ٻيو، جامع مسجد امام
حسين،قاهره ۾ موجود آهي.
مصحف عثمان ٽيون، جامع مليه دهليءَ جي ڪتب خاني ۾
موجود آهي.
مصحف عثماني چوٿون، جنهن تي ”ڪتبه عثمان بن عفان“
لکيل آهي، سو مغل بادشاهه وٽ هو. ان تي اڪبر جي
مهر پڻ لڳل آهي. اهو نسخو 1845ع ۾ ميجر لارينس کي
هٿ آيو، جنهن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪتبخاني کي
ڏئي ڇڏيو . اهو نسخو اڄ تائين لنڊن ۾ موجود آهي.
ان ۾ 181 صفحا آهن ۽ هر صفحي ۾ 16 سٽون اٿس. سورتن
جا نالا پاسيري ۽ نفيس خط ۾ آيل آهن. ٻيو ته ڏهن
ڏهن سٽن کان پوءِ، هڪ ’نشان‘ اهڙي ’حرف‘ جي صورت
جو آيل آهي، جنهن جو تعلق ڪنهن قديم مغربي زبان
سان چيو وڃي ٿو. ان طرح ٻن سون آيتن کان پوءِ
حاشيي تي نشان آهي، مطلب ته حضرت عثمان رضه جو
لکيل نسخو، ’روس‘ جي قبضي ۾ آيل آهي، جنهن جو ذڪر
مٿي ٿي چڪو آهي. ان طرح هڪ بحرين مان پيرس پهتو
آهي ۽ هڪ نسخو لنڊن ۾ آهي.
مصحف ابن مسعود:
حضرت عبدالله بن مسعود رضه، جيڪو نسخو حضرت عثمان
رضه جي دور ۾ تيار ڪيو هو، اهو ”ڪتب خانهء شيخ
الاسلام “ مدينه منوره ۾ موجود آهي.
ان ڪتب خاني جي مهتمم، شيخ ابراهيم حمدي،
1357هجريءَ ۾ اهو نسخو هندوستان ۾ آندو هو ۽ ان جي
زيارت لکن مسلمانن ڪئي هئي.
حضرت علي جو دور خلافت:
حضرت علي ڪرم الله وجهه لاءِ آيل آهي ته پاڻ ڪافي
قلمي قرآن لکيا هئائون، حضور صلعم جن جي حياتيءَ ۾
به ۽ پوءِ به .
حضرت علي رضه جو هڪ قلمي قرآن، اڄ سوڌو
جامع مليه دهليءَ جي ميوزم ۾ موجود آهي.
سندن قلم سان لکيل چند ورق، شاهي مسجد
لاهور جي ميوزم ۾ موجود آهن.
سندن قلم مبارڪ سان لکيل چند سورتون، امير
تيمور جي هٿ آيون هيون، جي ڪنهن زماني ۾ لاهور جي
سرڪاري ڪتب خاني ۾ هيون، ان کان پوءِ ’پيرس‘ جي
ميوزم ۾ پهچي ويون ۽ هاڻي لنڊن جي انڊيا آفيس
لئبريريءَ ۾ محفوظ آهن.
ان طرح حضرت جي مبارڪ قلم مان نڪتل ٻيون
چند سورتون، انڊيا آفيس لئبريري لنڊن ۾ آهن.
حضرت علي رضه جي قلم مان هڪ نسخو لکيل ، تبرڪات
جامع مسجد دهليءَ ۾ موجود آهي، اهو نسخو دمشق جي
فتح ڪرڻ تي امير تيمورلنگ کي هٿ آيو هو.
حضرت جي قلم مان لکيل چار ورق، حبيب الرحمان خان
شروانيءَ جي ڪتب خاني ۾ به موجود آهن، نواب صاحب
مرحوم پنهنجي دور جو جيد عالم ۽ فاضل شخص هو.
حضرت علي ڪرم الله وجهه جو خادم ، خالد بن
هباج، هڪ مشهور خوشنويس هو، ان جو لکيل هڪ نسخو،
علامه ابن النديم، محمد بن حسين بغداديءَ جي ڪتب
خاني ۾ 4 صدي هجريءَ ڌاري ڏٺو هو.
مصحف حسني:
امام حسن عليه السلام جي قلم سان لکيل هڪ
نسخو، اڄ ڪلهه انڊيا آفيس لئبريريءَ لنڊن ۾ موجود
آهي.
ان طرح ٻيو نسخو، تبرڪات جامع مسجد دهليءَ
۾ موجود آهي.
ٽيون نسخو ڪابل ۾ آهي. ان جي هڪ ورق جو
فوٽو، مجله ڪابل 1311هه ۾ آيو هو.
مصحف حسيني:
حضرت امام حسين عليه السلام جي قلم مبارڪ
جو لکيل هڪ نسخو، اڄ تائين، جامع مسجد دهليءَ جي
تبرڪات ۾ موجود آهي.
ان دور ۾ ايترا ته گهڻا نسخا تيار ٿي چڪا
هئا، جو اڄ انهن جو اندازو لڳائڻ به مشڪل آهي.
جنگ صفين ۾ جڏهن امير معاويه جي فوج، نيزن
تي قرآن بلند ڪيا هئا، انهن جو انداز پنج سو لکيو
ويو آهي. ظاهر آهي ته ان وقت قلمي نسخن جي ڪئرت
هئي. جنگ ۾ ئي پنج سو نسخا هئا ته گهرن ۾ ان کان
به گهڻا هوندا.
مصحف زين العابدين:
امام حسين عليه السلام جي فرزند، امام زين
العابدين عليه السلام ( 94 هجري) جي قلم مان لکيل
نسخو، اڄ به ڪتب خانه جامع مليه دهليءَ ۾ موجود
آهي.
سندن قلم مبارڪ مان لکيل ٻيو نسخو،
دارالعلوم ديوبند جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي.
تابعين جو دور:
خلافت راشده ۽ صحابه جي دور کان پوءِ،
تابعين جو دور آهي. ان دور متعلق آيل آهي ته :
” طائوس بن ڪيسان تابعي ( متوفي 106هه)
چوي ٿو ته ” مون هڪ وڏو گروهه ڏٺو، جن جو ڌنڌو
قرآن جي ڪتابت هو. هو ” قرآن“ ڪتابت ڪري، ذريعه
معاش حاصل ڪندا هئا.“ (طبقات قسم ٻيو،جلد ٻيو)
ان زماني جا مصحف، اگرچه اڄ تائين دنيا جي
مختلف علمي مرڪزن ۾ موجود آهن. پر انهن سڀني متعلق
منهنجي معلومات ناقص آهي.
رڳو پاڪستان ۽ هندستان ۾ ئي ڳچ سارا نسخا
موجود آهن، جن جي معلومات سولائيءَ سان حاصل ٿي
نٿي سگهي. ٻين ملڪن جو ڪهڙو سوال ٿو اٿي!
امام جعفر صادق عليه السلام ( شهادت
141هه) جي قلم مان لکيل هڪ نسخو، جامع مسجد دهليءَ
جي تبر ڪات ۾ موجود آهي.
ان دور جو هڪ نسخو، جو 168هه جو لکيل آهي،
اهو قاهرهه ۾ موجود آهي.( انسائيڪلوپيڊيا آف
اسلام).
تبع تابعين جو دور:
ان دور جو مشهور نسخو، جو امام علي رضا بن
امام موسيٰ ڪاظم ( شهادت 203هه) جي قلم مان لکيل
آهي، اهو بڙودي جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. (تاريخ
صحف سماوي، نواب علي ” برق“).
اهو نسخو اصل ايران ۾ موجود هو. ڪنهن طرح
سان، گجرات جي بادشاهن وٽ آيو. ڳچ وقت تائين احمد
آباد جي شاهي خزاني ۾ محفوظ رهيو. جڏهن مرهٽن احمد
آباد کي لٽيو، تڏهن هي نسخو به کڻي ويا.
مرهٽن ان نسخي کي ضايع نه ڪيو، بلڪه عزت ۽ احترام
سان محفوظ رکيائون، ۽ آخر وقت تائين ان جي حفاظت
ڪيائون. شيواجيءَ، ان جا نقل، سائلن کي مفت لکرائي
ڏنا،۽ سندس پٽ ساهوجي، جو هڪ مسلمان درويش جي دعا
سان پيدا ٿيو هو، ۽ سندس تعليم ۽ تربيت به ان
درويش هٿان ٿي هئي، سو اهو نسخو ساهه سان سانڍيو
آيو. مرهٽن جي زوال کان پوءِ بڙودي ۾ آيو.
اسحاق بن مراد شيبانيءَ ( متوفي 260هه)،
هڪ نسخو ڪوفي جي ممبر تي رکائي ڇڏيو. ان جا 90 نقل
تيار ڪرايا ويا. ان دور جا نسخا، ڪوفي ۽ بغداد ۾
اڄ تائين موجود آهن.
الغرض، دنيا ۾ صرف قرآن ئي اهو ڪتاب تعليم
۽ تحرير ۽ ٻنهين حيثيتن سان اعتبار ۽ سَنَد جو
درجو رکي ٿو، قرآن جا قلمي نسخا، رسالت جي دور کان
خلافت راشده، تابعين ۽ تبع تابعين تائين، لکيل
ڪاتبين جا اڄ تائين موجود آهن، جن ۾ هڪ حرف جو فرق
به ڪين آهي.الله تعاليٰ خود فرمايو آهي، اناله
الحافظون! ان جي تصديق اڄ تائين موجود آهي.اهو به
هڪ معجزو آهي جو غير مسلمان به تسليم ڪن ٿا.
( ثقافت سيپٽمبر 1956 ع لاهور تان ورتل) |