سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2- 1967ع

مضمون

صفحو :16

”شاهنامهء اسلام“ نالي تي به ڪن حلقن طرفان اعتراض ٿيڻ لڳا، سر عبدالقادر انهن جي جواب ۾ لکيو آهي:

”مون ڪيترن ماڻهن کان نالي تي اعتراض به ٻڌا آهن، ڪنهن جو چوڻ آهي ته فردوسيءَ سان برابريءَ جي دعوى آهي؛ ڪنهن جو خيال هو ته پهرئين حصي ۾ اسان جي مذهبي بادشاهن جو حال درج آهي ۽ اڳتي هلي دنياوي بادشاهن جو ذڪر ايندو، ان ڪري اها هڪ بي جوڙ ڳالهه ٿيندي، پر مان سمجهان ٿو ته مجموعي حيثيت سان شايد ڪنهن ٻئي نالي مان جامعيت سان مصنف جي ارادي جو اظهار نه ٿي سگهي ها. پيغمبر اسلام شاهه دين به هو ۽ شاهه دنيا به هو ۽ اهو ئي حال خلفاءِ راشدين جو هو، بس انهن کي ’شاهه‘ چوڻ ۽ انهن جي حالتن جو نالو شاهنامو رکڻ غير موزون ناهي. پر جيڪڏهن رڳو انهن بزرگان دين جو حال ان ۾ درج هجي ها ته پوءِ مان کيس ’شهنشاهه نامه‘ سڏيان ها! اهو نالو نئون به هجي ها ۽ حسب حال به هجي ها، پر جڏهن ته ان ۾ سڀني مسلمان بادشاهن جو ذڪر ايندو ۽ ملڪ جي تاريخ جا پريشان ورق ان ۾ جمع ڪيا ويندا، ان سبب جي ڪري هي مجموعو9 شاهنامه اسلام سڏائڻ جو مستحق آهي“.

ان کان پوءِ فردوسيءَ سان همسريءَ واري دعوى متعلق سر عبدالقادر لکي ٿو:

”باقي رهي فردوسيءَ سان همسريءَ جي دعوى، سو مصنف پنهنجي تمهيدي شعرن ۾ عجز ۽ انڪساريءَ جو ڪافي اعتراف ڪيو آهي، جيڪڏهن بي ادبيءَ کان بچندي مصنف اها همٿ ڪئي ته رزم ۽ بزم جي ان وسيع ميدان ۾ تگ و دو ڪري جنهن ۾ فردوسيءَ جهڙو وڏو شهسوار پنهنجي شهسواريءَ جو جوهر ڏيکاري چڪو آهي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ اها سندس همٿ جي بلنديءَ جو دليل آهي، باقي حسن قبول خدا جي هٿ ۾ آهي“.

ان صفائيءَ پيش ڪرڻ کان پوءِ سر عبدالقادر، شاهنامه اسلام جي افاديت ۽ اهميت کي بيان ڪندي لکي ٿو:

”فردوسيءَ، فارسيءَ ۾ شاعريءَ جو حق ادا ڪيو ۽ حفيظ اردوءَ ۾ طبع آزمائي ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن اردودان طبقي کي پنهنجي زبان ۾ ان قسم جو ڪتاب ملي، جنهن سان اسلام جي بهادرن ۽ رهبرن جي ياد تازي ٿئي، جيئن فردوسيءَ غير معروف پهلوانن ۽ آتش پرست بادشاهن جي وسريل ڪهاڻين کي تازو ڪيو هو، ته پوءِ اردو ادب يقين ڊگهي عرصي تائين حفيظ جو شرمنده احساس رهندو“.

حفيظ جي فن ۽ سندس شاهنامه متعلق سر عبدالقادر جي تحرير جا ڪجهه اقتباس اميد آهي ته ڪافي ۽ شافي ثابت ٿيندا.

بلڪل ان طرح اسان جي فاضل ۽ مڪرم دوست، شاهنامه اسلام جي پهرئين حصي کي شايع ڪري، سنڌي ادب ۾ مفيد اضافو ڪيو آهي، اهو سوال ته اڄڪلهه اهڙن شعري مجموعن جي ڪهڙي حاجت آهي، نهايت لغو ۽ غلط سوال آهي، سيرت النبي جا واقعا ۽ صحابه ڪرام جا حالات، اهل اسلام لاءِ هر دور ۾ قابل ذڪر به آهن ۽ قابل تقليد به آهي، هي اهو وکر آهي، جو ڪڏهن به پراڻو نٿو ٿئي. ”وکر سو وِهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي“. مسلمانن جي زهني تربيت ۽ جذباتي پرورش لاءِ ان قسم جا وجد آفرين موضوع نهايت ضروري ۽ اهم سمجهڻ گهرجن. خاص طرح سان هن دور ۾ ههڙي شاهڪار کي سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻڻ تي مرزا صاحب کي مبارڪ ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي. اهو هڪ مبارڪ فرض هو، جيڪو مرزا صاحب ادا ڪيو آهي. جيئن ته شاهنامه اسلام تان اخذ ڪيو ويو آهي، تنهن هوندي به آزاد ترجمي جي فني خاصيتن جو حامل آهي، منجهس اصليت ۽ جزالت موجود آهي بر جستگي ۽ پختگي موجود آهي، شيريني ۽ دلاويزي موجود آهي، فني محاسن ۽ شاعراڻه چابڪدستي موجود آهي، عبارت جي شوخي ۽ ڪلام جو روح موجود آهي، سلاست ۽ رواني موجود آهي، جذب ۽ جولاني موجود اهي. اهي سڀ ني محاسن، ڪنهن به ترجمي ۾ نباهڻ، فني پختگيءَ جو ڪليل چئي سگهجن ٿا. مرزا صاحب جو ترجموم رڳو تحت لفظي ۽ اکي ترجمو نه آهي، پر منجھس مرزا صاحب جي تصرفات ۽ فني اصلاح جو به وڏو ذخيرو موجود آهي؛ ابتريقدر جو جتي جتي خود حفيظ صاحب جي قلم ۽ خيال ۾ لغزش پيدا ٿي آهي، اتي مرزا صاحب ان فني لغزش کان پاڻ کي پچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. ٻنهي نسخن کي ڀيٽڻ سان، اهڙا ڪيترا اشعار پيش ڪري سگهجن ٿا، جن ۾ حفيظ جي لغزش ۽ مرزاصاحب جي تصرف ۽ اصلاح جا نمونا ملي سگهن ٿا. ان مان واضح ٿئي ٿو ته مرزا صاحب مشقي دور ۾ به اکيون ٻوٽي ترجمو نه ڪيو آهي، پر خيال ۽ توجھ سان، حفيظ جي ڪلام تي فني نگاهه رکندي، سندس اشعار ترجمو ڪيا آهن. ڪمالايخفيٰ.

اجمل بيگ مرزا جي فني ڪاوش جي تعارف ۽ تقريظ لکڻ جي سلسلي ۾، سنڌي ادب جي جن ٽن مشهور عالمن جا فني تهنيت ناما، شاهنامه عرب، جي منڍ ۾ آيل آهن؛ سي آهن مرحُم واصف، مرحوم رئيس ضياءُ الدين ايس. بلبل ۽ محترم ميان لطف الله بدوي.

انهن ٽنهي عالمن ۽ اديبن، مرزا صاحب جي هن فني ڪاوش کي داد ڏنو آهي۽ دل سان ساراهيو آهي، جنهن جوو پاڻ مستحق آهي.

مرحوم واصف صاحب لکيو آهي:

”تازو جڏهن مرزا صاحب، پنهنجي منظوم ڪتاب شاهنامهء اسلام جا چار حصا، تقريظ لکڻ جي لاءِ منهنجي حوالي ڪيا، تڏهن ڪتاب پڙهي، مان حيرت ۾ پئجي ويس، ته هيءَ ڪم، هڪ سورهن – سترهن ورهين جي هڪ نوخيز نوجوان جو مڪمل ڪيل آهي! جنهن پڙ ۾ پير پائڻ کان، هوند پوڙها اديب ۽ شاعر به ڪيٻائين، اتي ننڍڙي مرزا جو اشهب – قلم، سنگلاخ زمينن کي به لتاڙيندو وڃي پار پيو آهي! ڪتاب جي چئني حصن ۾، جيڪا سنڌي زبان ڪم آندي اٿس، تنهن ته وڏن شاعرن ۽ اديبن کي به شه ڏيئي ڇڏي آهي! موقعي موقعي تي، اهي اصطلاح ۽ محاوارا ڪم آندا اٿس، جن سندس شعر جو شان دوبالا ڪري ڇڏيو آهي!“

واصف مرحوم جي مٿين راءِ نهايت درست آهي، ان کان پوءِ سڌي ترجمي متعلق واصف مرحوم لکيو آهي:

”اصل ۾ ’شاهنامهء اسلام‘، هندستان جي مشهور شاعر، حفيظ جالنڌريءَ جو مرتب ٿيل آهي، جنهن ۾ تاريخ اسلام جا خاص خاص واقعات، عمدي پيرائي ۾ منطوم ڪيا اٿس ۽ وڏيءَ عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. اهڙي بلند پايه جي ڪتاب جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ٿيڻ، اشد ضروري امر هو. مون کي گهڻي خوشي ٿي آهي، جو انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي، محترم مرزا صاحب، شاهنامهء اسلام جي چئني جلدن جي ترجمي جو ڪم، وڏي خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏيئي، هڪ ديني ۽ ادبي خدمت بجا آندي آهي، جنهن لاءِ اهل سنڌ کي سندس ممنون ٿيڻ گهرجي.“

مرزا صاحب جي ترجمي جي فني محاسن ۽ صحت متعلق واصف مرحوم لکي ٿو:

”ڪنهن ڌارينءَ زبان جي ڪتاب کي، پنهنجي مادري زبان ۾ ترجمي ڪرڻ جي صنعت، هڪ اهڙي صنعت ڪانه آهي، جنهن مان، آسانيءَ ۽ ڪاميابيءَ سان، هرڪو عهده برا ٿي سگهي! ترجمي جي صنعت لاءِ ضروري آهي ته مترجم ٻنهي زبانن ۾ ترجمي ڪرڻ وقت، هڪ مترجم کي جيڪي فني مشڪلاتون ۽ دقتون پيش اچن ٿيون، انهن جو اندازو اهي ئي بخوبي لڳائي سگهندا، جن انهيءَ ميدان ۾ پير پاتو هوندو.“

ان سلسلي ۾ بيشڪ، مرزا صاحب کيرون لهڻيون. پاڻ بيشڪ ترجمي سان گڏ، ’ترجمانيءَ‘ جو حق ادا ڪيو اٿس، بلڪه سندس ترجمي ۽ ’ترجمانيءَ‘ ۾، جا اصليت ۽ جزالت پوشيده آهي، ان ڏانهن افسوس جو تقريظ نگار ڪوبه اشارو نه ڪيو آهي. حالانڪه ترجمي جي خوبي آهي ئي اها! رڳو لفظن جي ترجمي ڪرڻ ۾ ته ٻار به ڪامياب ٿين ٿا. ان کان  پوءِ ’منظوم ترجمي‘ جي فني مشڪلاتن متعلق، واصف مرحوم لکيو آهي.

”منظوم ترجمي جي حالت ۾ ته خصوصاً، هڪ مترجم کي پنهنجي علم ۽ فن جو پورو پورو مظاهرو ڪرڻو پوي ٿو. هن کي ڄڻ پنهنجي علم ۽ فن جو امتحان ڏيڻو ٿو پوي. ڪنهن شاعر جي علمي ۽فني ڄاڻ جي قلعيءَ کولڻ لاءِ سندس منظوم ترجمو ئي ڪافي آهي، مطلب ته منظوم ترجمو ئي هڪ مترجم شاعر جي علم ۽ فن جو محڪَ ۽ معيار آهي.جيڪي صاحب، ترجمي کي هڪ آسان فعل ڄاڻن ٿا يا هن عاليشان صنعت کي بيقدريءَ جي نگاه سان ڏسن ٿا، حقيقت ۾ اهي پنهنجي اڻڄاڻائيءَ جو مظاهرو، پنهنجي منهن سان پاڻ ئي ٿا ڪن. انهن کي جڳائي ته هو خود، ميدان عمل ۾ اچن، ترجمي جي صنعت کي وچڙن، ۽ ان جي متعلق، بعد ۾ ئي ڪا آخري راءِ قائم ڪن.“

مرزا صاحب جي زبان ۽ اسلوب بيان متعلق واصف مرحوم جو چوڻ آهي:

”مرزا صاحب ڪتاب ۾ جيڪا اصطلاحي ۽ سليس سنڌي زبان ڪم آندي آهي تنهن تاريخ جهڙي خشڪ مضمون کي نهايت دلچسپ ۽ دل آويز بڻائي ڇڏيو آهي. جتي جتي موقعو مليو اٿس اتي سنڌي اصطلاحن، محاورن ۽ روزمره کي منڊيءَ جي ٽِڪَ وانگي ويو آهي جڙيندو!“.

بيشڪ مرزا صاحب جي زبان نهايت شسته ۽ پخته، مائيدار ۽ شاهوڪار رهي آهي ۽ سندس اسلوب به نهايت معياري، شيرين، صاف ۽ روان آهي، اهڙي زبان شايد ئي ڪنهن مترجم جي نصيب ۾ آئي هوندي.

ان متعلق ياد رهي ته ڪافي زمانو اڳ مرحوم نظاميءَ پڻ شاهنامه اسلام جو ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ ان جون ٻه چار قسطون سنڌي رسالي ”ڪاميابي“ (ڪراچي) ۾ پڻ شايع ٿيون هيون، ان ترجمي ۾ جڏهن ته ڪابه جان ڪانه پيدا ٿي، تنهنڪري ان سلسلي کي ملتوي ڪرڻو پيو. هي پهريون ترجمو آهي، جو سڀني خوبين ۽ خصوصيتن کي نباهي چڪو آهي، جيڪڏهن ايئن چئجي ته هن دور ۾ ٻيو ڪو به شاعر اهڙو نه سُجهي جو مرزا صاحب جهڙو ترجمو ڪري سگهي، ته ان ۾ ڪو به مبالغو نه سمجهڻ گهرجي.

مٿي عرض ڪيو ويو آهي ته مرزا صاحب ترجمي سان گڏ ترجمانيءَ جي فني تقاضا کي به نظرانداز نه ڪيو آهي، مرزا صاحب ڪيترن هنڌن تي نهايت معياري، پخته ۽ سنجيده اضافا پڻ ڪيا آهن، جي حفيظ جي بيان ۽ اسلوب بيان کان ڪٿي ڪٿي مٿي ويا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي هم آهنگ رهيا آهن، پر ڪٿي به گهٽ نه ويا آهن. ان مان ثابت آهي ته مرزا صاحب جي رواني طبع رڳو ترجمي تي اڪتفا نه ڪئي آهي، پر پنهنجي طرفان اضافا به ڪيا آهن، جنهن مان مرزا صاحب جي تخليقي فن ۽ موزوني طبع جي خبر پئجي سگهي ٿي. واصف مرحوم به ان متعلق باخبر رهيو آهي، لکيو اٿس:

”خاص ڳالهه جنهن ڌيان لهڻو، سا هيءَ آهي ته جيئن ته ظاهري طرح هيءُ ڪتاب حفيظ جي ”شاهنامه اسلام“ جو ترجمو آهي، تنهن هوندي به مرزا صاحب حفيظ جو فقط خيال وٺي پنهنجن ئي قافين ۽ رديفن ۾ قلمبند ڪندو ويو آهي، نه فقط ايترو پر هر عنوان جي تحت ڪيترا بيتن جا بيت، سندس ئي زور طبع جو نتيجو آهن“.

واصف مرحوم سان گڏ مرحوم رئيس ضياءُالدين ايس بلبل ۽ محترم لطف الله بدوي به متفق الخيال آهن، انهن واصف مرحوم جي تقريظ مان ڪيترا اقتباس پڻ ڏنا آهن.

مرحوم رئيس ضياءُالدين ايس بلبل شاهنامه عرب جي اهميت ۽ افاديت متعلق لکيو آهي:

”هن ڪتاب کي بقول اجمل بيگ مرزا عجم جي شاهنامي جي مقابلي ۾ عرب جو شاهنامو چئجي ته بجا آهي، پهريون درمن جي دلاسي تي لکيو ويو هو ۽ ان ۾ رڳو ايران جي بادشاهن جي تاريخ هئي، پر هيءُ ٻيو رشد ۽ هدايت ۽ ايماني جذبي هيٺ لکيل، دين اسلام جي خدمت ڪارڻ لکيو ويو آهي!“.

شاهنامه عرب جي زبان ۽ اسلوب بيان متعلق رئيس مرحوم لکي ٿو:

”هيءُ ڪتاب حفيظ جالنڌريءَ جي ’شاهنامه اسلام‘ جو منظوم ترجمو آهي، جو خود قرآن پاڪ، حديث شريف ۽ اهل سنت والجماعت جي معتبر ۽ مستند ڪتابن جي حوالن تي ٻڌل آهي، تنهنڪري هن ڪتاب جي حجت، صحت ۽ صداقت بابت ڪو وهم ۽ گمان ٿي نٿو سگهي“.

ان سلسلي ۾ هي امر پڻ توجهه ۽ تعريف جي لائق آهي ته مرزا صاحب عقيدي جي لحاظ سان اثنا عشريه خيالن جو آهي، ان هوندي به پاڻ جنهن ديانتداراڻي حيثيت سان هي ڪتاب ترجمو ڪيو اٿن، اهو نه فقط هوبهو اصل سان واڳيل آهي، پر جتي جتي پنهنجي طرفان اضافا ڪيا اٿن اتي اشارتاً ۽ ڪنايتاً ڪوبه اعتقادي بحث نه آندو اٿن، اهڙي ديانتداري اڄڪلهه مفقود آهي. گهڻو ڪري مترجمين، تحريف ۽ تصرف کان ڪم وٺي اصل ڪتاب مان پنهنجي اعتقادات جي خلاف آيل خيالات حذف ڪري ڇڏين ٿا يا ته پنهنجي اعتقادات جي تبليغ ۽ اشاعت لاءِ پنهنجي طرفان اضافا ڪن ٿا. اسان سارو ڪتاب غور سان پڙهيو آهي، اسان کي ڪٿي به حذف ۽ ترميم جو ڪو هڪ اڌ مثال به نظر نه آيو آهي. مرزا صاحب جي اها ديانتداراڻي خدمت، اصول ۽ فن سان گڏ اهل سنت و الجماعت جي خيالن جي خدمت ۽ تبليغ ئي چئي سگهجي ٿي. جيتوڻيڪ اثنا عشريه نقطهء نظر سان ڪيئي اختلافي مسئلا بيان ٿيل آهن، جيئن: نزول وحي، جبرئيل جي آمد، شق صدر، حضرت صديق ۽ حضرت فاروق اعظم جو ايمان آڻڻ، حضرت عمر جي ايمان جو شان، هجرت، صديق اڪبر جي رفاقت ۽ بدر جي جنگ. انهن مسئلن متعلق اثنا عشريه روايتن جو فيصلو جداگانه آهي. ترجمي جي افاديت ۽ فني معيار متعلق رئيس مرحوم لکيو آهي:

”آفرين آهي حضرت اجمل بيگ صاحب کي، جنهن اهڙي مڃيل ۽ منظور پيل ڪتاب جو نه رڳو سنڌي زبان ۾ منظوم ترجمو ڪري هڪ نادر تحفو پيش ڪيو آهي پر هن صاحب ان جي افاديت ۽ عوامي مقبوليت جو هن طرح بندوبست ڪرڻ فرمايو آهي، جو سڄي ڪتاب جو مفهوم ۽ مطلب پنهنجن لفظن ۾ شعر جي اصلي نزاڪت ۽ نفاست کي برقرار رکندي ۽ ڪيترين جاين تي طبعزاد ابيات ۽ ذاتي انوکي خيالن جي واڌاري ڪرڻ سان نت نوان نقطا نکيري نروار ڪرڻ فرمايا آهن. هن ڪم ۾ هن اهائي شسته، شائسته، موزون ۽ مٺي اصطلاحي سنڌي زبان ڪتب آندي آهي، جا حيدرآباد واري خطي جي خاص خوبي بڻجي چڪي آهي“.

اسان رئيس مرحوم جي حرف حرف کي صداقت تي ٻڌل تصور ڪريون ٿا. واقعي اهي سڀ خوبيون ۽ خاصيتون هن ترجمي ۾ موجود آهن، ان کان پوءِ فني نقطه نگاهه کان رئيس مرحوم مثلان ڏيڻ کان پوءِ لکي ٿو:

”اهڙا انيڪ مثال آهن جن سڄي نظم کي مڪاني رنگ ۽ ماحول سان ڀري پنهنجو بڻائي وڌو آهي، اهڙي فضا مڪاني خوش بياني ۽ رواني، ترجمي جي فن جي جان ۽ نادر نمونو آهي، اڪثر ترجمو ڪندڙ انهن کي بچائي ڪين سگهندا آهن“.

ان سلسلي ۾ محترم ميان لطف الله بدوي صاحب لکي ٿو:

”منهنجي محترم دوست جو هيءُ ان زماني جو ڪارنامو آهي، جڏهن هو اڃا هڪ طالب علم جي حيثيت ۾ پنهنجي منزل کي طئي ڪري رهيو هو“.

موضوع جي افاديت ۽ اهميت متعلق بدوي صاحب فرمائي ٿو:

”اسلامي تاريخ جو مضمون بجاءِ خود هڪ متبرڪ مضمون آهي، جنهن کي سلف صالحين مان به منتخب ۽ ثقه حضرات هن مضمون کي انتخاب ڪيو، هڪ مسلمان جي لاءِ ماضيءَ جي عظمت، سندس حال ۽ مستقبل جو آئينو آهي، جنهن ۾ ئي هو پنهنجي جلال ۽ جمال جو درخشنده عڪس ڏسي سگهي ٿو“.

”سيرت جي هيءَ ضرورت فقط اسلامي يا مذهبي ضرورت نه آهي، پر هڪ علمي ضرورت آهي، اخلاقي، ادبي ۽ تمدني ضرورت، جنهن ۾ دين به آهي ۽ دنيا به“.

ترجمي جي فني معيار ۽ حفيظ جي شاهنامه ۽ ان تان اخذ مضمونن متعلق محترم بدوي صاحب نهايت سهڻو خيال پيش ڪيو آهي، فرمائي ٿو:

”هتي هڪ اهم حقيقت جي وضاحت ٿو ڪرڻ گهران ته مرتب هن تصنيف کي محترم حفيظ جالنڌريءَ جي مشهور تصنيف ’شاهنامه اسلام‘ تان ترجمو ڪيو آهي، پر ان هوندي به هن تصنيف ۾ مرتب جون انفرادي ڪاوشون موجود آهن، ايئن ناهي ته هيءَ اصلي ڪتاب جو  نظمي ترجمو آهي“.

”جن صاحبن جي نظر کان محترم حفيظ جي تصنيف گذري هوندي ۽ اهي چڱيءَ ريت ڄاڻي سگهن ٿا ته مرتب هن ترجمي ۾ ڪيتريون ئي دلڪش تبديليون ڪيون آهن، جي سنڌي ترجمي لاءِ هڪ طرف دلڪش بڻجي پيون آهن ته ٻئي طرف عام فهم، معلوم ائين ٿو ٿئي ته لفظي ترجمي جي بجاءِ اصلي متن کي پنهنجي لفظن ۾ ادا ڪيو ويو آهي، جن جاين تي اصلي عبارت، عربي ۽ فارسي لفظن سان قلمبند ڪيل آهي، اتي انهن جو ترجمو پيش ڪري اصلي نزاڪت ۽ خوبيءَ کي برقرار رکيو ويو آهي. اڪثر جاين تي حفيظ جي فڪر کي نظرانداز به ڪيو ويو آهي ۽ پنهنجي طبعي جوهر کان ڪم ورتو ويو آهي، ان ڪري سنڌي اصطلاح ۽ محاورا آسانيءَ سان سمائجي سگهيا آهن، هن ترتيب جي موجودگيءَ ۾ هيءُ ڪتاب پنهنجي شائستگيءَ ۽ روانيءَ سان شاعريءَ جو هڪ دلڪش مثال بڻجي پيو آهي“.

مرحوم واصف ۽ مرحُوم رئيس ضيا ۽ بدوي صاحب جي تقريظن ۾ شاهنامه عرب جي فني حسن ۽ معيار متعلق جو ڪجھ به چيو ويو آهي، اسان ان کي حقيقت ٿا سمجھون. انهن بزرگن بلڪل درست ۽ سچ لکيو آهي ۽ ڪو به مبالغو نه ڪيو آهي. مرزا صاحب جو هي ترجمو ، هر خيال کان تعريف جي لائق آهي.

ان سلسلي ۾، تحقيقي ۽ تنقيدي نقطه نظر نظر سان پڻ بحث ڪرڻو آهي. اهو هي ته حفيظ جي فن ۾ شاعرانه ضعف جي ڪري، جي فني تسامحات موجود اهن، تن جي موجودگيءَ ۾، فاضل مترجم ڪهڙو پهلو اختيار ڪيو آهي.

فني لحاظ سان، متن ۾ اگر ڪي غلطيون ٿين ٿيون ته پوءِ ديانتدار مترجم لاءِ واجب آهي. ته هو اهي ’نقل به حيثيت اصل‘، ترجمو ڪري ۽ پنهنجي طرفان ان متن ۾ ڪابه ترميم ۽ تصحيح نه ڪري. البت، حاشيه ۾، متن ۾ آيل غلطين جي ڀلي اصلاح ڪري، جئن قارئين ڪرام متن ۽ صاحب متن جي لغزشن ۽ فني ڪوتاهين کان خبردار رهن، ۽ اڳتي هلي پاڻ اهڙن غيرمستند ۽ غير محققانه مسئلن کي حوالي طور استعمال نه ڪن. اها آهي هڪ فني ۽ اصولي ڳالهه.

ان سلسلي ۾ اهو ظاهر ڪرڻ ضروري ٿو سمجھجي ته حفيظ جي شاهنامه اسلام ۾ به ڪيئي معائب ۽ نقائص آهن: هڪڙا فني اهن، جي شاعرانه فن ۽ عروض جي تسامحات تي مشتمل آهن، ۽ ٻيا تاريخي ۽ مذهبي آهن، جي تاريخي واقعات ۽ مستند روايات ۽ مذهبي معتقدات جي خلاف آهن. ان سلسلي ۾ حفيظ جي شاهنامي (ايڊيشن 1-29ع) تي، هند ۽ پاڪ جي علمي رسالن ۽ اخبارن ۾ پڻ ڪافي بحث هليو هو ۽ هڪ اثناعشري بزرگ، گوشه نشين وزيرآباديءَ ته مورڳو 1930ع ۾ هڪ ڪتاب ڇپايو هو، جنهن ۾ نهايت سخت ڪلاميءَ کان ڪم وٺندي، تنقيد نه پر تنقيص ڪئي وئي آهي. وزيرآباديءَ جو اهو تنقيدي ڪارنامو جڏهن ته ذاتي مخالفت ۽ اعتقادي مخاصمت تي ٻڌل هو، تڏهن ان جو معيار نه ڪو محققاڻو تسليم ٿي سگهيو ۽ نه ڪو عالمانو ماحول ۾ ان کي فني ۽ ادبي اضافو تسليم ڪيو ويو. اها حقيقت آهي ته غير مخلصاڻه ۽ ذاتي تنقيد جي نه ڪا ساک پت ٿي قائم ٿئي ۽ نه ڪا کيس وڏي حياتي ٿي ملي.

آءٌ هت، حفيظ جي فني معائب ۽ غلط مسئلن ۽ عروضي تسامحات کي پيش ڪرڻ نٿو گهران، فقط اهو ٻڌائڻ مناسب ٿو سمجهان ته اسان جي فاضل مترجم مرزا اجمل بيگ جي ترجمي ۾ لغزشن ۽ فني ڪوتاهين کي ڪيئن نباهيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ مناسب ايئن آهي جيئن مون مٿي عرض ڪيو آهي ته مترجم کي هوبهو متن جو ترجمو ڪرڻو آهي، ڪنهن به تصرف ۽ تڪلف کان سواءِ، ٻيو ته ان صورت ۾ حاشيه ۾ اصلاح پيش ڪرڻي آهي.

شاهنامه عرب جي مطالع ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو، ته جناب مرزا صاحب، ترجمي ۾ ڪوبه تصوف ۽ تڪلف، عمداً ۽ ارادهً نه ڪيو آهي، يا ته سندن طبع جي جزالت، لاشعوري طور تي حفيظ جي تسامحات کان پاڻ بچائي وئي آهي ۽ حفيظ جي عروضي اسقام جي صحت ڪندي آئي آهي يا ته سندن اوائلي دور جي مشق ۽ مبتدياڻي معلومات حفيظ جي لغزش کي نظرانداز ڪندي رهي آهي، اهي ٻئي رُخَ منظوم سنڌي ترجمي ۾ موجود آهن.

ان سلسلي ۾ ٻه چار مثال پيش ڪرڻ مناسب آهن. حفيظ چوي ٿو:

عرب مين آمنه مشهور تها نام اس عفيفه کا،

اسي کي گود گهواره بني دين، حنيفه کا.

(ص 24، ايڊيشن 5 -1937ع)

حفيظ صاحب ’عفيفه‘ سان ’دين، حنيفه‘ جو قافيو آڻي غلطي ڪئي آهي. حفيظ صاحب جو مقصد جيڪڏهن ’دين حنيف‘ آهي ته پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ان کي ’ه‘ ملائي ’حنيفه‘ ڪيئن ڪيو ويو آهي؟ پر جي امام ابو حنيفه يا حضرت علي جي فرزند ابن حنيفه ڏانهن اشارو آهي ته پوءِ اهو نهايت لغو قياس ٿيندو. تاريخ جي اوائلي دور ۾ حضور جي ولادت جو ذڪر ڪندي امام ابو حنيفه جي دين يا پوءِ پيدا ٿيل ابن حنيفه ڏانهن ’دين‘ جي نسبت ڪرڻ نهايت غلط تاويل ٿيندو.

اسان جو خيال آهي ته حفيظ صاحب ڏٺو ته ڪيترا اردو شاعر قافيه ۾ ڪڏهن ڪڏهن ’الف‘ آڻين ٿا ته ڪڏهن ’ه‘ لکن ٿا ۽ اها ’هائي مختفي‘ اردوءَ ۾ ضرورتاً ’الف‘ سان به بدلائي ڇڏين ٿا. ان طرح قرآن ڪريم ۾ اهو لفظ ’حنيف‘ ڪن هنڌن تي منون منصوب به اچي ٿو، جيئن ”ابراهيم حنيفاؐ“ ان طرح ان کي وقف لازم وقت ’حنيفا‘ ڪري پڙهبو آهي، ممڪن آهي ته حفيظ صاحب اردو شاعريءَ جي روش تي هلندي ’الف‘ کي ’ه‘ سان به بدلايو هجي، بهرحال ’دين، حنيفه‘ آڻڻ غلط آهي.

مرزا صاحب به ان جو ترجمو ساڳيءَ غلطيءَ کي برقرار رکندي ڪيو آهي، مرزا صاحب هن طرح ترجمو ڪيو آهي:

عرب ۾ آمنه مشهور هو نام ان ’عفيفه‘ جو،

انهيءَ جي گود، گهوارو بڻي، دينِ حنيفه جو.

(ص 72)

افسوس جو مرزا صاحب جو خيال ’دينِ حنيفه‘ جي لغزش ڏانهن نه وڃي سگهيو ۽ پاڻ بنا ڪنهن تبديلي ۽ تصحيح جي ترجمو ڪري ويو.

مثال2: حفيظ صاحب فرمائي ٿو:

مبارک هو که ختم المرسلين، تشريف لائي هين،

جناب رحمت اللعالمين، تشريف لائي هين.

هن شعر ۾ حفيظ صاحب قافيه جي صحت کان غافل رهيو آهي. فني حيثيت سان قافيه جو مدار حرف ’روي‘ تي آهي ۽ هن مثال ۾ حرف ’روي‘ جو وجود ئي ندارد! يعني حرف زائد ’روي‘ بڻجي نٿو سگهي ۽ ’ي‘ ۽ ’نون‘ زائده، جيڪڏهن الڳ ڪجن ته پوءِ ”ختم المرسل“ ۽ ”رحمت اللعالم“ رهجي ٿا وڃن ۽ ’مرسل‘ کان ’عالم‘ جو تقضيه رهجي ٿو وڃي، جو نهايت غلط آهي، جناب مرزا صاحب به ساڳي غلطي ڪئي آهي. مرزا صاحب هن طرح ترجمو ڪيو آهي:

مبارڪباد! ختم المرسلين، تشريف اڄ آندي،

جناب رحمت اللعالمين، تشريف اڄ آندي.

(ص 85)

حفيظ واري ساڳي لغزش موجود آهي.

مثال3: حفيظ فرمائي ٿو:

اُڻها غارِ حِرا سي، ابر رحمت، شانِ حق لي کر،

لب اِقرَا باِسم رَبک الذي خلق لي کر.

حفيظ صاحب هن شعر لکندي متعدد فني غلطيون ڪيون آهن، خيال ۾ رهي ته هن شعر ۾ قافيه ’حق‘ ۽ رديف ’لي کر‘ اهي. شان سان ترڪيب اضافي جي تحت ’شان حق‘ چئي ’حق‘ جي ’ق‘ کي مجزوم (ق) ڪيو ويو آهي، ان طرح سان ئي وزن درست ٿئي ٿو، پر ٻئي شعر  ۾ قافيو آهي ”خلق“ ۽ اهو آيت ڪريمه ۾موجود آهي، جنهن کي ضرورت شعري موجب به مجزوم ڪري (خلق) چئي نٿو سگهجي، هڪ ته اها غلطي آهي، ٻيو ته شعر غير موزون ۽ لغو آهي، ڇالاءِ ته قرآن جي آيته ڪريمه غلط وزن تي غلط نموني ۾ استعمال ڪئي وئي آهي ان آيت ۾ ”الذي“ آهي، ان کي تصرف بيجا ڪري جڏهن ”اَلاذي“ ڪبو، تڏهن وڃي ’وزن‘ درست ٿيندو. اهو تصرف بيجا جائز ناهي.

هن طرح:

لبِ اِقرا به اسمي رَبڪا الاذي خلق، لي کر،

ان ۾ هڪ ته آيته ۾ تصرف بي معنى ’الاذي‘ ڪيو ويو ٻيو ته حق سان ’خلق‘ جو تڪلف بيجا پڻ موجود آهي، جو هر حال ۾ غلط آهي، اهو ’خلق‘ آهي ۽ نه ’خلق‘.

مرزا صاحب هن طرح ترجمو ڪيو آهي:

حرا جي غار مان ان ابر رحمت شانِ حق آندو،

سبق اِقرَا باسمِ رَبڪَ الذي خلق آندو.

(ص 107)

هي فقط ٽي مثال پيش ڪيا ويا آهن، نه ته حفيظ جي شاهنامه ۾ تسامحات جو انداز گهڻو آهي. ممڪن آهي ته ڪنهن ناقد جي نگاهه، حفيظ جي اهڙين فني غلطين ڏانهن نه وئي هجي. ٻيو ته ان مان اهو به ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي منظوم ترجمو واقعي مرزا صاحب جي اوائلي ۽ مشقي دور جي ڪاوش آهي. نه ته هن پخته ۽ باڪمال دور ۾ مرزا صاحب ممڪن آهي ته اهڙا شعر درست نموني ۾ آڻي ها ۽ حفيظ جي غلطين جي اصلاح ڪري ها.

ان سلسلي ۾ اهو به واضح ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته حفيظ جي ڪلام ۾ فني ۽ عروضي غلطين ۽ لغزشن جي ڪثرت آهي. اهو مرزا صاحب جو ڪمال آهي جو اڪثر جڳهين تي پاڻ انهن لغزشن جو مرتڪب گهٽ رهيو آهي ۽ نهايت خوبيءَ ۽ خوش اسلوبيءَ سان نباهي ويو آهي.

مثال طور حفيظ چيو آهي:

اسي ني ايڪ حرفِ ڪُن سي پيدا کرديا عالم،

مرزا صاحب ترجمو ڪيو آهي:

ڪجي ان جي ثنا جنهن لفظ ’ڪُن‘ سان هي جهان جوڙيو.

حفيظ ’حرف‘ آندو آهي ۽ مرزا صاحب ’لفظ‘ آندو آهي: ٻئي درست آهن، پر مرزا صاحب ٻن حرفن جي مرڪب ’ڪن‘ کي ’لفظ‘ لکي، درست انداز پيدا ڪيو آهي، ان طرح ٻيا ڪيئي مثال ڏسي سگهجن ٿا، جن ۾ مرزا صاحب حفيظ جي غلطين کان پاڻ بچائي ويو آهي ۽ اصلاح ڪري شعر ۾ صحت ۽ حقيقت پيدا ڪري چڪو آهي.

منظوم سنڌي ترجمي ۾ جيڪي شعر مرزا صاحب اضافو ڪيا آهن، اهي به فني لحاظ سان نهايت پخته ۽ برجسته آهن، اهو مرزا صاحب جو ڪمال آهي جو هڪ پرجوش ۽ جذبات انگيز ڪلام ۾ اضافي طور ان سان هم رنگ ۽ هم آهنگ ڪلام جو اضافو ڪري سگهيو آهي، نه ته ان قسم جو پيوند نهايت ڪمزور ۽ غير فني هوندو آهي.

ان سلسلي جا ڪيئي شعر تقريظ نگار بزرگن انتخاب ڪيا آهن. باوجود ان جي ڪيترن هنڌن تي ڪي اسقام ۽ نقائص به رهجي ويا آهن.

مثال طور: نعت رسول جا حفيظ جي نعت کان گهڻو بلند آهي ۽ مرزا صاحب اضافي طور ان ۾ ڪجهه لکيو آهي، شعرَ اصلاح طلب آهن.

محمد رحمت اللعالمين، سرچشمهء رحمت،

اهو خيرالامم آهي، اهو خيرالورى آهي.

اتي خيرالامم چوڻ سهوَ آهي، البت خيرالانام چوڻ گهرجي. ’خيرالامم‘ امت مسلمه جو لقب آهي.

اهو لولاڪ جو، معراج جو، ڪونين جو صاحب،

اهو شمس الضحى آهي، اهو بدرالادجى آهي.

آخري شعر ۾ تعقيب معنوي آهي، اهو هن طرح اچڻ گهرجي ها:

اهو بدرالدجى آهي، اهو شمس الضحى آهي.

ان طرح ٻيا به ڪيترا اهڙا شعر آهن. جنهن کي هر صاحبِ ذوق هوند پنهنجي ذوق آهر لکي سگهي ها. ڪيترا شعر ممڪن آهي ته ضعف تاليف جو اصل کان شڪار هجن، جي خواهه مخواهه مرزا صاحب جي فرد جرم ۾ لکيا وڃن. هر حال ۾ ڏسڻو اهو آهي ته اصل حفيظ ڇا لکيو آهي ۽ پوءِ ان کي مرزا صاحب ڪيئن نباهيو آهي.

مرزا صاحب جي شاهنامهء عرب کي مطالع ڪندي، ورق تي ڪافي نوٽ لکيا آهن، انهن ۾ ڪٿي ڪٿي لفظن جي صحت، قافيه جي ندرت، بندش جي ايجاز، تعقيب صوري ۽ معنوي جا مثال اچي وڃن ٿا.

مطلب هي آهي ته مرزا صاحب ان لاءِ جوابده ۽ مڪلف نه هو ته هو ٻين جي ذوق کي اڳيان رکي. حفيظ جي ضعف تاليف ۾ اصلاح ڪندو رهي ها. ان هوندي به ڪيئي شعر اهڙا آهن جي حفيظ جي ضعف، تاليف جي هوندي، مرزا صاحب جي پختگيءَ ۽ چابڪدستيءَ سان جواهر پاره ٿي پيا آهن، اهڙا شاهڪار لولو آبدار آهن، جي قطار در قطار شاهنامهء عرب ۾ موجود آهن پر انهن جي پرکڻ لاءِ غواص جي نگاهه گهرجي ۽ نه چشم حسود!

آخر ۾ مرزا صاحب کي گذارش آهي ته هو صاحب اسان جي مخلصاڻن مشورن تي غور ڪري، هن مطبوع حصي تي نظرثاني ڪرڻ فرمائي ۽ ٻين غير مطبوع حصن تي به نظر ڪري جيئن نومشقيءَ جي ڪاوش هن دور جي پخته تر ۽ عظيم تر شاهڪار بڻجي سگهي.

ان سلسلي ۾ پنهنجن مخلص ۽ همدرد احباب سان تبادلهء خيال ڪرڻ ۽ حفيظ جو شاهنامو اڳيان رکي ٻيهر تصحيح ۽ ترميم ڪرڻ مناسب امر آهي.

اسان سنڌ جي اهل ذوق ۽ ادب دوست حلقن کي زوردار سفارش ٿا ڪريون ته هو رڳو علمي ۽ فني شاهڪار جو قدر ڪن، جيئن فاصل مئولف جي حوصله افزائي ٿي سگهي ۽ اڳتي هلي باقي حصا به شايع ٿي سگهن.

ڪتاب جي منڍ ۾ مرزا صاحب پاڻ ديباچو لکيو آهي ۽ ان کان پوءِ مرزا افضل بيگ ’مرد مومن‘ جي عنوان سان سيٺ نذير حسين جي سوانح بيان ڪئي آهي. ٻئي دلپذير تحريرون آهن. (غ. م. گ)

علمي ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون

ڀٽائيءَ جو ميلو

(25 - 26 مئي 1967ع: ڀٽ شاهه، سنڌ)

واديء سنڌ جي سدا حيات شاعر ۽ عارف، شاعرن جي سرتاج، لاکيڻي لال، ڀٽ جي گهوٽ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليه الرحمته جي 215 ورسي، هميشه جي دستور موجب، ڀٽ شاهه تي، گذريل 25 ۽ 26 مئي 1976ع تي ڌام ڌوم سان ملهائي ويئي؛ جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل هزارين عقيد تمندن، سندس حضور ۾ حاضر ٿي، خراج عقيدت پيش ڪيو.

ميلي جي تقريبات جو افتتاح، اولهه پاڪستان جي گورنر، جناب محمد موسيٰ، -هلال پاڪستان، هلال جرات، هلال  قائداعظم__ ڪرڻ فرمايو. ساڻس گڏ، اولهه پاڪستان جا ٻه سنڌي وزير_ جناب محمد خان جوڻيجو ۽ جناب الهه بچايو آخوند__ ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي ڪميٽيءَ جو چيئرمن مسٽر مسرور حسن خان، (ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن) پهتا، تڏهن ثقافتي ڪميٽيءَ جي اعزازي سيڪريٽري  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، تمغهء پاڪستان، آجيان ڪندي، کين گلن جا هار وڌا.

ڊاڪٽر صاحب، گورنر صاحب جي خدمت ۾ سپاسنامي پيش ڪندي چيو:

”هن خطي جي علم ۽ ادب ۽ زندگيءَ تي حضرت شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۽ فڪر جو گهرو نقش، غير ملڪي عالمن جي مطالعي لاءِ پڻ هڪ اهم باب بڻيو. گذريل صديءَ ۾ مشهور انگريز عالم رچرڊ برٽن، سنڌ بابت پنهنجن ڪتابن ۾ اول انهيءَ جو ذڪر ڪيو آهي؛ سنڌ جي ڪمشنر سربارٽل فريئر، حضرت شاهه صاحب جي سوانح تي هڪ مقالو لکارايو؛ جرمن عالم ارنيسٽ ٽرمپ، 1866ع ۾، شاهه جي رسالي کي عربي صورتخطيءَ ۾ لپزگ جي شهر ۾ ڇپارايو؛ ۽ پڻ هن صديءَ ۾، ٽيهارو سال کن اڳ، ايڇ. ٽي. سورلي، حضرت شاهه صاحب جي زندگيءَ ۽ ڪلام تي هڪ تفصلي ڪتاب لکيو، جنهن تي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ طرفان کيس ڊاڪٽريءَ جي سَند ملي. بهرحال، ڌارين جي تسلط واري انهيءَ دور ۾، ٻاهرين عالمن ئي اسان جي نامور هستين ۽ رهنمائن تي قلم کنيو، ۽ جيتوڻيڪ سندن اها سبقت قابل قدر هئي، پر سندن رايا ۽ نظريا، اسان جي قومي نقطهءنگاهه کان قابل قبول نه هئا.“ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽيءَ متعلق، ڊاڪٽر صاحب چيو:

” سهڻيءَ رٿا ۽ گهربل امداد سان، هيءُ مرڪز، قومي اتحاد لاءِ هڪ ڪامياب تجربو ثابت ٿي سگهي ٿو. هيءُ عاليشان مرڪز، جنهن کي صوبائي حڪومت قائم ڪيو آهي، سو قومي ثقافتي ورثي جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ خاطر حڪومت جي محڪم ارادن جي ساک ڀري ٿو، اسان کي اميد آهي ته اوهان صاحبن جي هن موقعي تي تشريف آوري هڪ نيڪ فال ثابت ٿيندي ۽ صوبائي حڪومت هن اُسرندڙ ٻوٽي جي آبياري ڪندي، جيئن اهو وڌي وڻ ٿئي“.

جناب محمد موسى گورنر اولهه پاڪستان افتتاحي تقرير ۾ چيو:

”... اها ڳالهه نهايت خوشيءَ جي آهي، جو اڄ اسين حضرت شاهه عبداللطيف جهڙي عالي مرتبت هستيءَ جي ورسي ملهائي رهيا آهيون، جنهن پنهنجي لافاني ڪلام سان نه فقط سنڌ، پر برصغير جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ معرفت الاهي ۽ ايمان ۽ بقا جي شمع روشن ڪئي، هيءَ اُها بزرگ هستي هئي، جنهن پنهنجي سڄي زندگي پنهنجي انفرادي صوفياڻي رنگ ۾ مذهب حق جو پرچار ڪيو... هو سدائين بني نوع انسان جي مشترڪ ڀلائيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ دُعائون ڪندو رهيو. اهو ئي سبب آهي، جو اڄ اڍائي سئو سالن گذرڻ کان پوءِ به اسان جون دليون هن جي محبت ۽ الفت سان ڀريل آهن ۽ هن جي الهامي ڪلام کي دنيا ۾ لافاني اهميت حاصل آهي... هن جي بيتن ۾ هڪ عجيب ڪيف ۽ سرور آهي جن کي ٻڌي دنيا جون سموريون ڪلفتون مِٽجي وڃن ٿيون“.

پوڻين ڏهين وڳي مرڪز جي هال ۾ گورنر کي تصويرن جي نمائش ڏيکاري وئي، جنهن ۾ ظفر ڪاظمي، دارا ابڙي ۽ غلام مصطفى شيخ جا شاهڪار رکيل هئا. ظفر ڪاظمي گورنر کي هڪ تصوير تحفي طور ڏني، جا هن پسند ڪندي، مصور کي اڍائي سئو روپيا بطور انعام ڏنا.

رات جو ڏهين وڳي کان ساڍي ٻارهين تائين، شاندار آڊيٽوريم ۾ موسيقيءَ جي محفل شروع ٿي، جيڪا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد طرفان منعقد ڪئي وئي هئي ۽ سڌيءَ طرح ڀٽ شاهه کان نشر ٿي. موسيقيءَ جي پروگرام ۾ ملڪ جي مشهور فنڪارن، محمد جمن، محمد ابراهيم، فقير امير بخش، فقير عبدالغفور، خميسو خان، محمد يوسف، حسين بخش خادم، اقبال جوڳي، دين محمد شيخ، صادق علي، ايس جي جان، روبينا، زرينا، زيب النساءَ، نظير بيگم، خورشيد بيگم ۽ ثريا بهرو ورتو.

گورنر صاحب نج سنڌي موسيقيءَ کان نهايت متاثر ٿيو ۽ ڪن فنڪارن ۾ پنج سئو روپيا انعام ورهايا.

26 مئي

صبح جو نائين وڳي جناب مخدوم محمد زمان صاحب ’طالب المولى‘ تمغه پاڪستان رُڪن قومي اسيمبلي پاڪستان، جي صدارت ۾ ادبي ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘، رشيد احمد لاشاري، ميوو خان موج، پير شاهنواز ’عارف المولا‘ ۽ عبدالعزيز بيدل شعرن ۽ مقالن سان ڀٽائي بادشاهه جي ڪلام ۽ حيات جي اُپٽار ڪندي فرمايو:

”..... ثقافتي مرڪز جي تعمير ۽ تشڪيل جي سلسلي ۾ جن شخصن جون محنتون شامل آهن ۽ اڄ اهي اسان ۾ موجود نه آهن انهن جا يادگار قائم ڪيا وڃن. جهڙوڪ: مرحوم ميران محمد شاهه، مرحوم آغا تاج محمد وغيره“.

ان کان پوءِ، ٻيڙي فقير ڪنڀر ۽ حاجي فقير مهيسر سگهڙن جا گفتا ٻڌايا ۽ محمد مسخري ناصحانه نقطا پيش ڪيا.

منجهند جو ’شاهه جي ڪلام ۾ انساني ڪردار ۽ اخلاق جو معيار‘ جي عنوان تي هڪ سيمينار منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽي ڪئي. ان سيمينار ۾ الله بخش نظاماڻي، رشيد احمد لاشاري، عبدالرحيم ڏيٿي، علي نواز جتوئي ۽ ٻين صاحبن مقالا پڙهيا، جن متعلق حاضرين عالمن ۽ اديبن سوال پڇيا. آخر ۾ ڊاڪٽر هاليپوٽي شاهه تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.

ساڳيءَ رات جو ’ثقافتي ڪانفرنس‘ ۾ شاهه ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ڳايو ويو. ان بيٺڪ ۾ منظور علي خان، اقبال جوڳي، عبدالغفور، فقير يار محمد، مصري فقير، الهڏني، يوسف خاصخيلي، اڪرم فقير، گل محمد ماڇي، انبن فقير، ٽيئون مل، هيمنداس ڀڳت، جوڳي خان، مصري خان جمالي، طالب پالاري ۽ فيضل فقير حصو ورتو.

آخر ۾ جناب مخدوم محمد زمان صاحب ’طالب المولى‘ صدارتي تقرير ڪئي ۽ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سڀني جو شڪريو ادا ڪيو.

تصويرن جي نمائش

(24-26 جون 1967ع، حيدرآباد سنڌ)

”مهراڻ آرٽ ڪائونسل“ جي اهتمام سان گذريل 24 کان 26 جون 1967ع تي ٽريننگ ڪاليج فار مين جي ڊرائنگ هال ۾ سنڌ جي ڊرائنگ ماسترن جي تصويرن جي نمائش منعقد ڪئي وئي، جيڪا ٽي ڏينهن شهر جي ڪافي ماڻهن ڏٺي.

24 جون شام جو 6 وڳي اولهه پاڪستان هاءِ ڪورٽ ڪراچي بينچ جي جج مسٽر جسٽس فيروز نانا صاحب نمائش جو افتتاح ڪيو، نانا صاحب ان موقعي تي فرمايو:

”..... مهراڻ آرٽ ڪائونسل جي سهاري هيٺ آرٽ جا نوان قسم ۽ تمام سٺا تجربا ٿيندا رهن ٿا ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو تمام ٿوري وقت اندر انهيءَ اداري سنڌي هنر ۽ ثقافت جا ڪارگر ۽ قابل قدر مثال پيش ڪري ڏيکاريا آهن....“

”..... مهراڻ آرٽ ڪائونسل کي گهرجي ته سنڌ جي لوڪ ادب ۽ فن توڙي موسيقيءَ جي سلسلي ۾ ڪراچي آرٽ ڪائونسل سان تعاون ڪري، ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيندڙ آرٽ جي نمائش ۾ سنڌي تهذيب ۽ ثقافت کي ٻاهرين ملڪن جي قومن اڳيان به متعارف ڪري“.

ان کان اڳ ’مهراڻ آرٽ ڪائونسل‘ جي سيڪريٽري جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، نانا صاحب جي آجيان ڪئي ۽ ڪائونسل جي مقصدن ۽ ڪمن کان کيس واقف ڪندي فرمايو:

”.... ڪائونسل جي ترقيءَ واسطي مرڪز جي تياريءَ جي سلسلي ۾ لطيف آباد ۾ هڪ پلاٽ حاصل ڪيو ويو آهي، جنهن تي شاندار عمارت جوڙائڻ جو ڪم عنقريب شروع ٿيندو. ان مرڪز ۾ سنڌي فن ۽ ثقافت، هنر ۽ دستڪاري، علم ادب ۽ شاعري، موسيقي ۽ مصوري وغيره جي سڀني شعبن جي ترقي لاءِ خاص ڪم ڪيو ويندو“.

نمائش ۾ سنڌ جي مقبول آرٽسٽن مان ظفر ڪاظمي، مس زبي شيخ، طالب نعمان، دارا ابڙي، لال محمد، آر. بي. ملڪ، عبدالعظيم، جي. ايم. شيخ، همايون، طارق، عبداللطيف، اين. شمس، ايم. وي. سومرو، جميل اي. خان، اياز عالم ۽ عبدالفتاح هاليپوٽي جون تصويرون سينگاريل هيون.

آخر ۾ طالب نعمان کي پهريون، ظفر ڪاظمي ۽ غلام مصطفى کي ٻيو ۽ فتاح هاليپوٽي کي ٽيون نمبر انعام مليا.

غلام رباني

آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين!

مرحومه ايلسا قاضي

28 مئي 1967ع تي سنڌ جي مايه ناز مفڪر ۽ هر دلعزيز شخصيت علامه آءِ. آءِ. قاضي (مدظله) جي رفيقه حيات محترمه ايلسا قاضيءَ حيدرآباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه بنگلي نمبر 37، سول لائين ۾ وفات ڪئي، مرحومه گهڻن ڏينهن کان عليل هئي، ملڪ جا بهترين ڊاڪٽر سندس علاج ۾ مصروف هئا، پر جڏهن حياتيءَ جا ڏينهڙا پڄي اچن ٿا، تڏهن ڪنهن به ويڄ جو دارون ڪارگر نٿو ٿئي، تنهن ڪري آچر جي رات، آڌيءَ ڌاري هن پنهنجي لائق ۽ فائق رفيق حيات علامه قاضي صاحب ۽ مڙني عقيدتمندن کان جي احترام ڪري کيس ’مدر‘ (امڙ) ڪوٺيندا هئا، هن جهان مان موڪلاڻيون ڪيون.

ولادت ۽ ننڍپڻ: ’مدر‘ جو پورو نالو هو ايلسا گرٽ روڊ لاش (Elsa Gertrude Loesch)، هوءَ جرمن نسل جي هئي، سندس ولادت جرمنيءَ جي روڊل اسٽاٽ (Rudel Stadt) نالي هڪ ننڍي شهر ۾ 13 آڪٽوبر 1884ع تي ٿي. سندس والد محترم اعليٰ پايي جو موسيقار هو. هن جي مرضي هئي ته پنهنجيءَ نياڻيءَ کي به موسيقيءَ جي سکيا ڏئي. پر ’مدر‘جو ذهني لاڙو مصوريءَ ڏانهن هو، سو هن موسيقيءَ کان وڌيڪ تصوير ڪشيءَ ۾ دلچسپي ورتي. ننڍڙيءَ ڄمار ۾، هن سڀ کان اول پنهنجي ئي هڪ تصوير آئيني ۾ عڪس ڏسي، تيار ڪئي. ستت  پوءِ شعر ۾ دلچسپي ورتائين ۽ جرمن زبان ۾ ننڍڙا ننڍڙا نظم ٺاهڻ لڳي. (موسيقيءَ سان هن جو شغف بهرحال ننڍپڻ کان وٺي پيرسنيءَ تائين قائم رهيو. درحقيقت، آخري عمر ۾، هن جو چاهه موسيقيءَ ۾ گهڻو وڌي ويو هو.) جيئن جيئن تصوير ڪشيءَ ۽ نظمن ٺاهڻ ۾ سندس مشق وڌندي ويئي، تيئن تيئن سندس نالو مشهور ٿيندو ويو.

علامه صاحب سان ملاقات ۽ شادي: 19 صديءَ جي آخر ۾، هنن جو خاندان جرمنيءَ مان لڏي انگلنڊ آيو. هو لنڊن جي پسگردائيءَ ۾ ڊلوچ (Dulwich) ۾ گهر ڪري اچي ويٺا. اتي ئي علامه صاحب جي پنهنجي آئينده_رفيقه حيات سان پهرين ملاقات ٿي. علامه صاحب جن تن 0ينهن ۾ لنڊن ۾ بئريسٽريءَ لاءِ ويل هئا. سندن رهائشگاهه پڻ ڊلوچ ۾ هئي. هڪ ڏينهن جيئن پاڻ بَس ۾ سوار ٿيڻ لاءِ بس اسٽاپ تي آيا، ته کين سامهون هڪ نوجوان ڇوڪري نظر آئي. انگلنڊ ۽ ٻين مغربي ملڪن ۾ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا عام جام پيا هڪٻئي سان ملن ڳالهائن؛ تنهنڪري بس اسٽاپ تي هڪ ڇوڪريءَ سان ملڻ سندن لاءِ هڪ رواجي ڳالهه هئي. پر قبله علامه صاحب جن جو چوڻ آهي ته، ” جيئن ئي اسان ٻنهي هڪٻئي کي ڏٺو ته الائجي پو مون کي انهيءَ گهڙيءَ ئي دل ۾ ويهي ويو ته اسان ٻنهي کي زندگي گڏ گذارڻي آهي.“ اڳتي هلي ٿيو به ائين. ان ملاقات کان پوءِ سندن ٻي ملاقات ڊلوچ جي ريلوائي اسٽِشن تي ٿي، جنهن کان پوءِ هنن جي هڪٻئي سان ڏيٺ ويٺ گَهرَي ٿي ۽ آخر ڪار هنن شادي ڪئي.

انگريزي زبان ۾ تصنيف تاليف: شاديءَ کان پوءِ علامه صاحب پنهنجي رفيقه حيات کي مشورو ڏنو ته جيئن ته اڳتي هلي کين سنڌ ۾ رهڻو آهي، جتي جرمن نه پر انگريزي زبان مروج آهي، ان ڪري هوءَ جرمن بدران انگريزيءَ ۾ تصنيف تاليف ڪري. قبله علامه صاحب جو چوڻ آهي ، ته ” انهن ڏينهن ۾ ايلسا کي انگريزي زبان ايتري به ڪانه ايندي هئي، جو ان ۾ آسانيءَ سان گفتگو ڪري سگهي. پر ذهين ۽ شوق واري ماڻهوءَ اڳيان ڪابه ڳالهه مشڪل نه آهي. سو هن ستت ئي انگريزيءَ تي ايترو عبور حاصل ڪيو، جو ان ۾ شعر چوڻ لڳي.“__سنه 1910ع ۾، لائيپزگ جي هڪ مشهور ناشر ’مدر‘ جا پنج ڪتاب: هڪ ناٽڪ جو، ٻه شعر جا، هڪ نثر ۾ رومانس ۽ هڪ سوانح جو ڪتاب شايع ڪيا. اهي سڀئي ڪتاب سندس اوائلي جرمن تحريرن جا هئا.

سنڌ ۾ اچڻ: سنه 1911ع ۾ علامه صاحب ۽ ’مدر‘ سنڌ ۾ آيا. علامه صاحب جن جي والد بزرگوار رئيس مرحوم قاضي امام علي صاحب پنهنجي پياري پٽ ۽ نُنهن جي رهائش لاءِ حيدرآباد جي لائينس علائقي ۾ 3 نمبر بنگلو اڳيئي خريد ڪري ڇڏيو هو. چنانچه، هو ٻيئي ان ۾ ئي اچي رهيا.

حيدرآباد ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ بعد ’مدر‘ پهريون دفعو پنهنجو انگريزي شعر اشاعت لاءِ اخبارن ڏانهن موڪلڻ شروع ڪيو، جو ان زماني جي مکيه اخبارن ۽ رسالن ’ڊيلي گزيٽ‘ ’ايسٽ ائنڊ ويسٽ‘، ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مخزن ۽ ’ڊيلي آبزرور‘ ۾ شايع ٿيڻ لڳو. ’ڊيلي گزيٽ‘ جي ايڊيٽر ته ’مدر‘ جي شعر لاءِ پنهنجيءَ اخبار ۾ هڪ خص جاءِ مقرر ڪري ڇڏي. ’ايسٽ ائنڊ ويسٽ‘ ۾ ’مدر‘ جو پردي بابت هڪ مضمون پڻ شايع ٿيو.

1914ع ۾ جڏهن پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي ته علامه صاحب ۽ ’مدر‘ انگلنڊ هليا ويا ۽ 1914ع کان 1920ع تائين اتي رهي. انهيءَ عرصي ۾ ’مدر‘ انگريزيءَ ۾ ايترو شعر لکي ويئي، جو ان جو هڪ قابل اشاعت مجموعو تيار ٿي ويو. بعد ۾ اهو حيدرآباد جي اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ ورڪس جي مسٽر آر. ايڇ. آڏواڻيءَ سهڻي نموني ۾ ڇپي پڌرو ڪيو.

ڪتب جو نالو”AEOLIAN NOTES OF AN OVER-STRUNG LYRE

رکيو ويو. اهو ’مدر‘ جو انگريزيءَ ۾ پهريون ڪتاب هو. ڪتاب جي منڍ ۾ هيءُ نظم ڏنل آهي:

LOVE AND FEAR

The Crimson Secret of the rose,

Did make my heart with passion bleed;

The hoary mystery of the moon,

Did pale my heart with fear indeed.

And since I kissed the rose at morn,

And felt at night moon`s eerie ray-

I love and fear, and fear and love

Until their Secrets they may say.

۽ ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ هيءَ دعا آهي:

PRAYER.

Thou spirit of the infinite;

Thou great, eternal, beauteous Light;

To Thee I call; I thee implore.

O give me ‘Love’ to love ‘Thee’ more.

To love all things that ‘Thou’ hast made;

The modest violet in the shade;

The brilliant tulip in the sun,

The shaggy thistle loved by none.

The lorn, the wretched and the old;

The stone, with heart so hard and cold.

The rose`s softness and her thorn;

Life`s sweetness, and life`s bitter scorn.

O grant me ‘Love’; aye, Love so great

That wooing turn to ‘Love’ all ‘Hate’:

That ever serves; that ever kneels;

And thus enthralled ‘Thy’ presence feels.

ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان ۽ خيرپور ۾ رهائش: 1921ع ۾، علامه صاحب ۽ ’مدر‘ موٽي سنڌ ۾ آيا. علامه صاحب کي سندس عزيزن ۽ احبابن مشورو ڏنو ته ذريعه معاش لاءِ ڪانه ڪا مشغولي اختيار ڪريو. علامه صاحب جن کي ڪنهن به پور هئي ڪرڻ کان عار ڪونه هو، پر وڪالت ڪرڻ تي سندن دل اصل ڪانه هئي. ساڳئي وقت ڪنهن به ملازمت لاءِ ’درخواست ڏيڻ‘  واسطي پاڻ تيار نه هئا. سندن دوست عزيز ۽ احباب اهو ڏسي هميشه سندن لاءِ دلپسند مشغوليون پيدا ڪندا هئا. چنانچه، علامه صاحب جن ڪجھ وقت ٽنڊي محمد خان ۾ سڀ جج رهيا، ان کان پوءِ خيرپور ۾ اول ڊسٽرڪٽ جج ۽ بعد ۾ ميرعلي نواز خان جي اصرار تي رياست جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۾ هوم ميمبر جي عهدي تي رهيا، ۽ ڪجھ وقت حيدراباد ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر جي عهدي تي رهيا. انهيءَ عرصي ۾ ڪيترائي دفعا انگلنڊ آيا ويا ۽ سالن جا سال اتي رهي. اهو سمورو عرصو بهرحال ’مدر‘ ۽ پاڻ هر هنڌ_ٽنڊي محمد خان ۾، خيرپور ۾، حيدرآباد ۾، ڪراچيءَ ۾ ۽ لنڊن ۾ گڏ گذاريائون. ’مدر‘ جا ڪيترا اهڙا نظم آهن، جن ۾ هن انهن شهرن جا نالا آندا آهن ۽ انهن جو ذڪر ڪيو آهي.__انهيءَ وقت تائين ’مدر‘ انگريزي زبان جي هڪ مستند شاعره ۽ اديبه تسليم ٿي چڪي هئي. ملڪ جي ڪا اهڙي مکيه اخبار ڪانه هوندي هئي، جا کانئس تحرير نه گهرندي هئي. ڪلڪتي جي مشهور اخبار ’اسٽيٽسمن‘ هيڪر سندس هڪ نظم ’مسلم آئوٽلڪ‘ تان کڻي شايع ڪيو ۽ ادارتي نوٽ ڏنو ته ”هن نظم جي اشاعت لاءِ اسان هڪ ننڍيءَ اخبار جو شڪريو مڃڻ ضروري نٿا سمجھون.“ اڪثر اخبارن جا ايڊيٽر ’مدر‘ کي پنهنجي ادار تي نوٽن ۾ ”اسان جي شاعر“ ڪري لکندا هئا.

1937ع ۾ علامه صاحب ۽ ’مدر‘ انگلنڊ مان موٽي آيا، ته ڪن خاندانن کين گذارش ڪئي ته اسان ٻارن کي تربيت ڏيو. چنانچه، هنن ڪراچيءَ ۾ ’پسٽنجي هائوس‘۾ سڪونت اختيار ڪئي، جتي سنڌ جي گهڻن ئي خاندانن جا ٻار وٽن رهندا هئا. انهن ٻارن جي ايڏي ته پيار سان پرورش ڪيائون، جو هنن کي پنهنجي والدين جي جدائيءَ جو احساس به نه رهيو، ۽ ورهيه پوءِ جڏهن اهي ٻار جوان ٿيا ۽ خود شاديون ڪري ٻارن وارا ٿيا، ته علامه صاحب ۽ ’مدر‘ کي اڳي وانگر پنهنجي ابي امان مثل سمجهندا رهيا.

1947ع ۾ جڏهن هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ پاڪستان قائم ٿيو، ته علامه صاحب ۽ ’مدر‘ انگلنڊ هليا ويا ۽ اتي وڃي رهيا. سنه 1951ع ۾ انگلنڊ مان موٽيا ۽ حضرت علامه صاحب جن سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر مقرر ٿيا. سنڌ يونيورسٽيءَ کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ۽ علامه صاحب جن ان کي هڪ ”مثالي يونيورسٽي“ بڻائڻ جي ڪم ۾ لڳي ويا. سول لائن جي 37 نمبر بنگلي ۾ سڪونت اختيار ڪيائون، جتي ’مدر‘ تا دم حيات رهي.

مکيه  شايع ڪتاب: سنڌ ۾ اچڻ بعد ’مدر‘ جيئن جرمن زبان ڇڏي انگريزي زبان ۾ لکڻ شروع ڪيو ته پوءِ هميشه ان ۾ ئي لکندي رهي. سندس لکيل ڪتابن، مضمونن، افسانن ۽ شعرن جو تعداد تمام وڏو آهي. هن جي شايع ٿيل ڪتابن، ۾ مکيه هي آهن:

جرمن

1.      Das Idol-a drama in verse.

2.     Steigende und fallende Saleen_a romance in  prose.

3.     Erhards Leben und Ideal (in verse)

4.     Lyrische und andere Gedichte.

5.     Neue Gedichte.

انگريزي

1.      Old English Garden Symphony – a novel dealing with English life before and through the two world wars.

2.     Temptation – a drama of Sindh Life.

3.     Civilization Through the Ages – dealing chiefly with History of Muslims in Europe.

4.     Terrestrial and celestial echoes – dealing with local subjects as well.

5.                 Risalo of Shah Abdul Latif – Selections.

سنڌ جي هاڪاري شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي منتخب ڪلام جو منظوم انگريزي ترجمو سندس آخري شايع ٿيل ڪتاب آهي، جنهن جو مهاڳ جناب اي. ڪي. بروهيءَ لکيو آهي. اهو ڪم ’مدر‘ ۽ علامه صاحب، سنڌي ادبي بورڊ جي استدعا تي گڏجي هٿ ۾ کنيو هو. ان ڪتاب جي اشاعت بعد سنڌي ادبي بورڊ ’مدر‘ ۽ قبله علامه صاحب جي سمورن اڻ ڇپيل ۽ ڇپيل پر اڻلڀ ڪتابن کي شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، انهيءَ فيصلي موجب سردست ٻه ڪتاب پريس ۾ موڪليا ويا، جن مان هڪ عنقريب شايع ٿيڻ وارو آهي ۽ ٻيو پاڻ پنهنجي مداوَ تي شايع ٿيندو.

تصويرون. تصنيفن وانگر ’مدر‘ جي ٺاهيل تصويرن جو تعداد پڻ تمام وڏو آهي. گهڻيون تصويرون ته ’مدر‘ پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ ئي پنهنجي لاڳاپي وارن ملڪي ۽ غير ملڪي خاندانن کي تحفي طور ڏيئي ڇڏيون هيون، پر اڃا ڪي وڏيون (آدم قد) ۽ ڪي ننڍيون تصويرون بچيل آهن، جن سان سندن حيدرآباد واري رهائشگاهه بنگلي نمبر 37 سول لائينس، جي ڊرائنگ روم سينگاريل آهي. انهيءَ ئي ڪمري ۾ ’مدر‘ جو پيانو به رکيل آهي، جنهن تي هوءَ موسيقيءَ جيڪي مشق ڪندي رهندي هئي.

سڀاءُ ۽ سيرت: اڪثر ڪري ذهين ماڻهو ڪنهن هڪڙي ئي فن ۾ ڪمال حاصل ڪندا آهن. پر ’مدر‘ کي فنون لطيفه جي مڙني مکيه شعبن – شعر، نثرنگاريءَ،مصوريءَ ۽ موسيقيءَ - ۾ ڪمال حاصل هو. اها قدرت جي ڏات آهي، جا ورلي ڪنهن خوشنصيب کي عطا ٿئي ٿي.

ابين سعادت بزور بازو نيست

اهڙو همه صفت فنڪار پنهنجي صلاحيت ۽ حاصلات تي جيترو فخر ڪري اوترو کيس جڳائي، پر ’مدر‘ جو سڀاءُ نرالو هو. هوءَ سراپا قرب ۽ نياز هئي، ۽ ٻار وانگر معصوم هئي. غريبن ۽ هيڻن لاءِ هن جي دل سدائين پيار سان ڀرپور هئي. اخبار ۾ ڪا ڏک جهڙي ڳالهه پڙهندي هئي، ته ڏينهن جا ڏينهن ڪومايل رهندي هئي. پنهنجي بنگلي جي صحن ۾ بيٺل وڻن هيٺ پکين لاءِ پاڻ چوڳو ۽ پاڻي رکندي هئي. هڪ برسات جي مند ۾، صحن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪو جهنگلي ٻوٽو نڪتو، جنهن گل ڪيا. نوڪر، پنهنجي منهن، صفائيءَ جي خيال کان ٻوٽو پاڙان پٽي ڇڏيو.’مدار‘ کي ان ڳالهه ايڏو ته رنج رسايو، جو هن جي طبيعت ڪيترا ڏينهن ناساز رهي.

مون کي ’مدر‘ ۽ قبله علامه صاحب سان ميل ملاقات جو شرف سنڌي ادبي بورڊ طرفان سندن ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ حاصل ٿيو. پر، هيڪر ماڻهوءَ وٽن پير پاتو، ته هميشه لاءِ سندن قر جي ڏوريءَ ۾ ٻڌجي ويو. ۽ پوءِ سندن خدمت ۾ حاضري’روح جي راحت‘ٿي. جي مون کان ڪڏهن وٿي پئجي ويئي، ته قبله علامه صاحب جن پاڻ فون تي ياد ڪندا. مدر ته ناراض ٿي ويندي هئي. هنن جي انهيءَ ئي قرب هر ڪنهن کي سندن گرويدو ڪري ڇڏيو هو.

تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نه رڳو!

’مدر‘ جي علالت وارن ڏينهن ۾ ماڻهن جو اچڻ وڃڻ بند هو. چناچ، مان به زيارت کان محروم رهيس. اوچتو 28- تاريخ ’مدر‘ جي وصال جي خبر پئي. اکيون اشڪبار ٿي ويون. شام جو مان ۽ گرامي صاحب بنگلي تي حاضر ٿياسون. ٻه ٽي عقيدتمند اڳيئي موجود هئا. ڊرائنگ روم ۾ قبله علامه صاحب جن پنهنجي مقرر صوفي تي ويٺل هئا. سندن ڀرسان ’مدر‘ جي ويهڻ وارو صوفو خالي ۽ اداس هومون ان صوفي ڏي چتائي نهاريو، اکين اڳيان هڪ صورت آئي: ساڳيو مانوس دائمي مرڪ وارو چهرو، ساڳيا سون چانديءَ جهڙا اڇا ڀورا وار، سنهڙو فراڪ، پاسي ۾ پکو. آهستي آهستي صورت خلا ۾ تحليل ٿي ويئي. مون ٿڌو ساهه ڀريو. ڊرائنگ روم ۾ خاموشي ڇانيل هئي. قبله علامه صاحب ڪنڌ مٿي کنيو ۽ مون ڏي نهاريو چيو، ”ابا، رباني، ’ماءُ‘ کي وري نه ڏسندين!“ انهن اکرن ۾ ڪيڏو درد ۽ سوز سمايل هئو ۽ ان منهنجي دل تي ڪهڙو اثر ڪيو، سو مون کان ڪڏهن ڪونه وسرندو. مان خاموش رهيس. قبله علامه صاحب گهڙي رکي چيو، ”پوين ڏينهن ۾ هوءَ هر ڪنهن کي ايئن چنبڙندي هئي، جو ڄڻ ته ان کان هميشه لاءِ جدا ٿيڻ واري آهي – ڪيئن رباني؟“ منهنجي اکين مان لڙڪ وهي آيا. ڊرائنگ روم ۾ وري خاموشي ڇانئجي ويئي. ڪجهه دير بعد اسان موڪلائڻ لاءِ اٿياسين ته هڪ ڄڻي قبله علامه صاحب کي چيو، ”سائين، اڄ پهرين رات آهي، جو اوهان اڪيلا هوندا. جيڪڏهن اجازت هجي ته اسان مان ڪو هت ٽڪي پئي.“ پاڻ جواب ۾ فرمايائون، ”ابا، اوهين ته ڪي ٻار آهيو. مان جڏهن ماڻهن سان هوندو آهيان ته اڪيلو هوندو آهيان ۽ جڏهن اڪيلو هوندو آهيان، ته ماڻهن سان هوندو آهيان.“ – اهي اکر حقيقت جا ترجمان هئا. قبله علامه صاحب ۽ ’مدر‘ تقريباً سٺ سال گڏ گذاريا ۽ اهڙيءَ مثالي محبت واري نموني گذاريا، جو موت جو مفاصلو سندن وچ ۾ وِيرِي وجهي ئي نه سگهندو.

هونئن به موت ڪڏهن به اعليٰ انسانن کي ماري نه سگهيو آهي. اهي پنهنجن ڪارنامن ۽ نيڪناميءَ سان هميشه ياد رهندا. ’مدر‘ ته اعليٰ انسانن ۾ به ممتاز مقام تي هئي. سندس خوبين، خصلتن ۽ نيڪ ڪارنامن جي هڪ سهڻي تصوير سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه اردوءَ جي صدر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان پنهنجي هڪ قطعه ۾ چٽي آهي، جنهن مان هن جي وفات جي تاريخ پڻ نڪري ٿي:

قطع تاريخ

آه آن مخدومہء ما ’ايلسا‘،

حب،حق هم داشت، حب، مصطفيٰ،

ماهري بوده به هر فنِ لطيف،

در نظافت بي مثال و بي مثيل،

همدم و دمسازِ ”علامہ“ چو بود،

رافت و شفقت به هر کس داشتہ،

”مِئۡلُهَالَمۡ يُخۡلَقۡ“ است از روئي امر،

1387 =, + 1386 هه

(18- صفر)

شد بہ آن دنيا ز دنيائي سقيم،

بود قائم بر صراط، مستقيم،

عالمي بوده به هر علم نعيم،

در لطافت بي همال و بي سهيم،

واقفي بوده ز اسرار عليم،

بود بر خورد و کلان هردم رحيم،

ايلسا قاضي به جنت، شد مقيم.

1967ع

(68 – مئي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com