سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2- 1967ع

مضمون

صفحو :11

ولي محمد طاهر زادو

پرڻي ۽ مرڻي جون ريتون  رسمون

پرڻي جون رسمون

سڱ جي ڳولا: ڇوڪر وڏو ٿيو، ساماڻو ۽ کٽي ڪمائڻ جهڙو ٿيو ته مائٽن کي لڳندي چورا کورا ته پنهنجي جيئري ئي آسون اميدون ڏسي، ’الهه جوڙيي‘ کي پرڻائي ارڻائي وڃون، حياتيءَ کي بقا ڪونهي، الائجي ڪير مرن ته ڪير جيئن ! پوءِ ، جو ڇورو ڇنو ٿيو پيو ڌڪا ڌومان کائيندو، تنهن کان اَڏي گڏي وڃڻ مائٽن جوئي شيوو آهي . ماءُ کي ته خاص طرح جهوري لڳي ويندي. ’پنهنجائيءَ ۾ ڪا ڏاڏي پوٽي ملي وڃي ته چڱو!‘ ڪئين اَٺسٺا پئي جوڙيندي .نيٺ اٿندي ووڙون وجهڻ، باسون باسڻ ۽ مڃتائون مڃڻ. راڄ ـ ڀاڳ سڀ ڌوڻيندي .جي پنهنجائيءَ ۾ ڪا نيگري بوراڪ ويٺل ڏسڻ ۾ آيس ته سک ڦٽي پوندس. هَن هُن  سان ڪينرو پئي ڪندي : چي، ” جواڻ ڌيءَ گهر ۾ ويهاري انصاف ٿا ڪن ! ڄڻ مٿي جي جُون  مُئي پئي اٿن! مائي، اهڙا به ڪي مائٽ! وڏا چوندا هئا ته جنهن گهر ۾ ڌيءَ ساماڻيل هجي، ان گهر جو پاڻي پيئڻ به حرام آهي ! مائي ،اڄ تيل ڪونه ٿو ٻري، رت ٿو ٻري، گهر گهر کي پيو کائي! آڏ وڏائي سڀڪنهن کي وٺي ويئي آهي! اسين جي غريب آهيون ته به الله ڪيا آهيون، ڪو سندن ذات پات، مٽي مائٽيءَ ۾ نه به آهيون ڇا؟ جي منهنجي ڇوڪر کي سڱ کڻي ڏيندا ته ڪو نڪ ڪونه لهي پوندن.  ابو ابي جهڙو، ڏاڏو ڏاڏي جهڙو، ٻئي گهوڙي ڪَنَ   برابر آهيون!“

        جي بَدي (بدلي) تي يا ڦيري تي سڱ ڪرڻا هوندن ، ته چوندي، ”اسين به پاڻ وٽ ڪَپَر ِ ويهاريو ويٺا آهيون؛ آءٌ پهريائين پاڻ کي ٿي گار ڏيان، پوءِ ٿي ڪنهن ٻئي شريڪ ڀاءَ جو نالو وٺان. ڌيئون ته شل دشمن پيٽان به نه ڄمن! منهنجي الهه جوڙيي کي ڇا ٿيو آهي، ڪهڙي منجهس وِڏ آهي: ڪو منڊو آهي، ٽُنڊو آهي، ڪاڻو آهي يا ڪارو آهي، جو اسان کان پنهنجا پري ٿا ڀڄن! الله سائينءَ کيس ساڃهه ڏني آهي، پنهنجي پورهيي پوئتان  رات ڏينهن لڳو پيو آهي. اشراف به وري اهڙو آهي، جو سئو نياڻين جي وچ ۾ کڻي ويهاريوس ته ’هَل اما! هل ادي‘ کان سواءِ ٻي ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي اصل جهڙي رڍ ڏٺو!“

        مطلب ته ميين الهه جوڙيي جي ماءُ هرهنڌ اهڙا قصا ۽ ڪونسلا ڪندي وتندي، تان جو ڪي همدرد ۽ هڏڏوکي زالون پيدا ڪري وجهندي. زالون زالن جو کاڄ، سو ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن مَنهه مارڪي(مرڪي) ۾ اهو قصو به ڇِڙندو ۽ نبرندو. چوڻ واريون چئي ڏينديون جي ٻيءَ ڌر ’آنهه‘ ڪئي ته اهي زالون چونديون ته ”اسين راضي آهيون پر اسان جو وس ڪونهي. مڙسن سان  ڳالهيون ڪرايو، ڏسو ته ڇا ٿا چون . اسين به سندن ڪنن تائين کِڙڪ يا سمڪ وجهنديوسين ۽ هوشڪارينديونسين. کَٽن پوءِ مائيءَ جا ڀاڳ!

        ڳالهه ونئون سئون، نيٺ ته هڪڙي ڏينهن، نينگريءَ جي وارثن کي به ڪُڻڪ ڪن پوندي ته فلاڻا ڇڪين ٿا ۽ سڱابندي ڪرڻ لاءِ آتا آهن.

        هاڻ مِلندو مَڙدن کي وارو. ٻه  ٽي ڄڻا پاڻ ۾ پيهي، رات جو سهي سنبري، اچي چِتايل ڀاءُ جي در جو ڪڙو کڙڪائيندا . ڪا به پهر نڪري ايندي، کينڪاري، مهمانن کي وٺي، اوطاق يا اوتاري ۾، ڪٿي گهر ۾ يا ڪنهن پڌر تي ويهاريندا. چلم تيار ٿيندي، مانيءَ جي صلاح هڻندن ، پوءِ مُک وارث اچڻ تي کينڪار ٿيندي: ”ادا، ڀلي ڪري آيو، خوش چاق، چڱا ڀلا، جوڙ متارا، کير پُٽ، ٻار ٻچا، ننڍا وڏا... سڀ خوش آهيو؟“ آيل ورنديءَ ۾ ”دعا آهي“ ، ”شڪر آهي“، ”رب جون مهربانيون آهن“، وغيره، وغيره چئي جواب پيا ڏيندا. وري مهمان ساڳيءَ ريت گهر وارن کي کينڪاريندا. کينڪار پوري ٿي ته پوءِ هلنديون ڳالهيون.

ڳالهه ٻولهه: نينگريءَ جو وارث، ڏيو خبرون چارون؟

آيل: ”خبرون مڙئي خير! ذات ڳوٺ نالي جا واقف آهيو. ڀائر آهيون. ڀائرن ويڇو ڪونهي. فلاڻي کي سڃاڻو ٿا. الله سائينءَ جي ٻاجهه سان سندس نينگر ڪَرائي قوّت وارو ٿيو آهي. ربّ  سائين شل بخشي بچائي ڏيس. هڪڙي تند اٿس. مائٽ جي دل سو ،چيائين ته ساهه تي بقا ڪونهي، انسان مُئو ويٺو آهي، توهين ڀائر آهيو. چي ــ ٻيلي، گڏجي هلو ته فلاڻي ڀاءُ کي ڏسون. ڀاءُ   جي منٿ ڳري ٿي، ڪم ڪاريون کڻي ڇڏيونسين. هاسيڪار هڪلي آياسون. چيوسين ته پهرين آهن پنهنجا، پڪين ٻيرين ۾ هر ڪو ٿو ڀتر هڻي! ٻيو سارو خير.“ انهيءَ وچ ۾ ڪو چلم جو ڊڙڪو پيو ڪندو، ته ڪو ٻيانگڙيءَ ۾ ٻيڙي تڪڻيو ويٺو هوندو، ته ڪو ڪَک پيو ڇِنندو. سڀئي انهيءَ ويچار ۾ هوندا ته هاڻ ڏسون ته ڪهڙو ٿو مانُ مليسين!

        مائٽيءَ جي پَڪ يا جواب: ٻانهن جي ڏيڻي هوندي ته وارث چوندو ته ”آءٌ ڀائرن کان پري ڪونه آهيان. اَڪَ کاڌي ڌيءَ لاءِ ڀائرن کي ناراض ڪونه ڪندس. نياڻيءَ جو جيئن لکيو هوندو تيئن ٿيندو. ڏک سک الله جي وس آهي. جي قسمت سولي هونديس ته اولي ڪڏهن ڪا نه ٿيندي. مون، ڌيءَ توهان ڀائرن جي جهوليءَ ۾ وڌي. کير جو وٽو توهين ڀريو ته کنڊ جو ٻُڪ آءٌ ٿو وجهان“ هُو چوندا ته ”ويچارو سچ ٿو چوي، نياڻين جا لِکيا اٽل آهن، مائٽ سڀڪو ڀانئيندو ته سُرهي پَري سر تان لاهيان. نياڻي شينهن ڪُلهي چڙهِي ته سُک ٿيو. ادا، نياڻيءَ جي ماني بادشاهه جي گهر ۾ به ڪانهي. تو اسان کي نڪ وجهي ڇڏيو. بُڻائتو آهين، اهي ئي ڪم بڻائتن جا آهن!“

        نينگري، ننڍي اڻ سامايل هوندي ته وارث چوندو ته ”اڃا نينگري ماشوم(معصوم) آهي، پئي کيڏي کائي، الائجي مري ڪر جيئي! جڏهوڪا چڪ تڏهوڪا پاڻي! جڏهن وڏي ٿيندي، پوءِ جيئن لکيو هوندو تيئن ڪنداسين. اسان کي کائي ڪو نه کُٽايو اٿس. اسان کي اڃا ڪو اونو ڪو نه آهي“ هُو ورائي چوندا ته ”ميان، ڌيئون  ڊَڀُوريون آهن، نياڻي  ڪا ننڍي  چئجي ! وڌندي ڪهڙي ويرم ٿي ڪري! هونئن به اڀري لڏ کي سُجهندي ئي پلاڻجي.“ يا ته چوندا، ”ٻيلي ڀاءُ پاڻ کي مانُ ڏنو، هاڻ هن جي به مرضي کڻي رکجي!“  ائين چئي اُٿندا.

        پر جي بدي (بدلي ) جو سڱ  نه هوندو ته چوندا ته ”هڪڙي ابي جو اولاد آهيون، جي ڀاءُ ڀاءُ تي وڙ ڪندو، اڀري ڀاءُ سان وارَ وڇائيندو، ته الله ۽ ان جو رسول به سدائين مٿس راضي رهندو. اسان سڄي ڄمار تنهنجا ڳُڻ پيا ڳائينداسون. تنهنجي هڪڙي ٿوري به نه پڄئون، چڱن کان ئي چڱايون ٿينديون....“

        جي سڱ ٽڪن تي وٺڻو هوندو، ته چوندا ”انسان جو ملهه ئي ڪونهي، پر پنهنجي غريباڻي حال سارو جيڪا ڦُلن جي مُٺ مناسب هوندي، سا هٿ جوڙي جهوليءَ ۾ پائي اڳيان رکنداسون. تنهن هوندي به اوهان جو اُٺ جيڏو ٿورو  اسان تي ٿيندو.....“

        جي ڪنهن ڏنيل، ڏهاڳيل يا رن زال جي گهر ڪرڻي هوندي به چوندا ”توهان وٽ ڦلانتي(ڦلان ونتي)  ٻانهن ويٺل آهي. اڄڪلهه ٻار ويهارڻ جو زمانو ڪونهي، نبين جي نياڻين به حق ڪيا آهن! اسان توهان جا غلام آهيون، جي اسان سان پير ڀريو ته اوهان جو احسان ٿيندو....“ ڏنيل جو وارث چوندو ته ”مون کي ڪجهه وقت مهلت ڏيو  ته تن من پڇان، پوءِ جيئن هوندو تيئن ٿيندو.“ گهر اچي  وارث، پنهنجي ڏهاڳيل ڀيڻ ۽ ڌيءَ کان رايو پڇندو چوندو ــ ”امان، جي مٿي جي ڇانوَ ڪرين، ته اسان جي جهَل پَل ڪا نه اٿئي. فلاڻا فلاڻا ڀائر گهر ڪري رهيا آهن. اسان تي  بار ڪا نه آهين، جيڪي پيٽن ۾ ٿيون مائين سي  ٽڪرڀور ۾ ڪو نه اڙنديون. ائين نه سمجهه ته مائٽ مون مان ڪڪ ٿيا آهن، اهو خدا ساکي آهي، تون ئي مختيار آهين. سوچي سمجهي، پنهنجو دل من پڇي، پوءِ جيڪا راءِ  بيهارين سا اسان جي ڪن وجهه....“ جي هن کي مڙس ڪرڻ جي خواهش هوندي ته چوندي ”آءٌ اوهان وارثن جي چوڻ کان ٻاهر ڪين آهيان، جيئن توهان کي مناسب لڳي تيئن ڪريو، آءٌ  حاضر آهيان“ پر جي شادي ڪرڻ جو بنهين ارادو نه هونديس. پورهيو ڪريو به پئي پيٽ پالينديس، توهان تي ڀري ٿي ڪين ڪرنديس. الله ڪندو ته منهنجي ٻيائي ڪا نه سُڻندا. اشرف آهيان، اشرفن جو اولاد آهيان، ويهي وقت گذارينديس ...! “جواب يا نهڪر جي حالت ۾ ،جيڪي ڀائر هام هئي، هلي مَلهي، جنهن ڀاءَ جي در تي اچي نڪتا هوندا، تن کي اهو ڀاءُ اُٿيڙي نه ڪڍندو، نڪي سرڪشي ڏيکاريندو . مڙئي ڪنهن نيت سان پرچائي ،روانو ڪندو. چوندو ته ”آئيو ته ڀلي آئيو . ڀائر آهيون، چُهڙا کڻندا . اوهان جون لتون ته منهنجو اکيون .   شرع ۾ شرم ڪونهي . موت نه آهي مهڻو، پرڻو ناهي گار. دل ۾ نه ڪجو ، اسان جا پنهنجائي مئسلا مُوڙها پيا آهن، (يا، اسين ٻئي هنڌ اکيون اڙايو ويٺا آهيون ) مجبور آهيون (يا، اسان کي انهيءَ پير کڻڻ جو خيال ڪونهي ). اهڙا وَٽ تي جواب ڏيندو، پر ٺُپ ناڪار نه ڪندو،  ۽ ساڻن   کلي  کينڪار ڪري، کين روانو  ڪندو .

پڌريءَ جي رسم:  ڇڪايلن ”آنهڪار“ ڪئي ته پڌريءَ جو سانباهو ٿيندو  ڪجهه ڏينهن ترسي، گهوٽ ۽ هڪڙو مڙد ۽ ٻه ـ ٽي زالون گڏجي، ڪنواريتن ۾ اينديون . گهوٽ آڻڻ جو مقصد اهو هوندو ته ڀلي ڪنواريتا به گهوٽ کي ڏسن (جي اڳ ڏٺل نه اٿن ته)،  ۽ ڪجهه گهائل مائل ٿين . اهي هڪ رات اتي رهندا . جي ڪو ڦڏو نه هوندو ، ته ڪنواريتا کين تسلي ڏيندا، ۽ توهان بابت جيڪي شرط شروط هوندا، سي ساڻن ظاهر ڪندا. اهي، جي آيلن قبول ڪيا، ته کين خوشيءَ ساڻ شربت پياريندا. موڪلائڻ وقت، گهوٽيتيون، ڪنوار کي خرچي هٿ ۾ ڏيئي موڪلائينديون .

ڀائرن جا اڳواڻ : راڄ ڪاڄ جي ڪاروبار هلائڻ ڪاڻ، اصلي چار ماڻهو مقرر ٿيل هوندا: هڪڙو پريو مڙس، پٽيل يا جمعدار، جنهن جو فيصلو ڀائرن کي هر صورت ۾ قبول ڪرڻو پوندو آهي؛ ٻيو ’وزير‘، جيڪو پريي مڙس سان صلاح مشوري ۾ شامل رهندو آهي ۽ پريي مڙس جي غير حاضريءَ ۾ فيصلا ڏيندو؛ ٽيون ’ڇڙيدار‘، شاديءَ توڙي غميءَ جي ڀرڀن جي ڪارروائي هن جي صلاح سان ، هليءَ چليءَ وانگي هلندي رهندي؛ چوٿون ’ڪوٺار‘، جو ڀائرن حاضر ڪندو، نينڊون ۽ ڪانڍون ڏيندو آهي.

ڀائرن جو ميڙ:  پڌريءَ تي پڪ ملڻ کان پوءِ ڪاڄيتو، ڀائرن جو ميڙ سڏائيندو، جنهن ۾ خبر پوندي ته ڪهڙا ڀائر ساڻس وک کڻن ٿا، يعني ڪاڄ کائين ٿا ۽ ڪهڙا نٿا کائين ۽ ڇو نٿا کائين . ان لاءِ پريي مڙس کي ڄاڻ ڪندو. پريو مڙس ،کيس هڪ تاريخ مقرر ڪري چوندو ته مٺائي کڻي ان تاريخ تي، اوتاري يا اوطاق ۾ يا پريي مڙس جي گهر ۾ يا ڪنهن پڌر تي اچي، ۽ پوءِ ڪوٺار کي ڪوٺ ڏيڻ لاءِ روانو ڪندو. ان تاريخ تي، رات جو سڀ ڀائر اچي مڙندا . چلم کي ٺُش ڪري رکندو . سڀڪو واري وٽيءَ تي چلم جو چشڪو پيو وٺندو .پريو مڙس پڇا ڪندو ته ”سڀ ڀائر اچي ويا يا اڃا ڪو رهيل آهي؟“ ڪوٺار چوندو ته ”فلاڻا، فلاڻي سبب ڪري ڪو نه آيا 7 پنهنجي فتوا، فلاڻي ڀاءُ تي رکي اٿن. کين ڪاڄ نه کائن جو ڪو به عذر ڪونهي.“ پوءِ ڪوٺار اٿي چوندو ته ”ڀائرو ، فلاڻو ڀاءُ ڪاڄ ٿو ڪري فلاڻي جي گهران، ان جي مٺائي ورهائڻي آهي؛ جنهن به ڀاءُ کي ڪو ڏک سور هجي يا پاءُ پاڻيءَ جو ڀاءُ  ڏانهن رهيل هجي ته پڌرو ڪري، جيئن سڀئي ڀائر سُڻن.“

        ڀائر، هيئن عذر پيش ڪندا : ڪو چوندو ته منهنجا پئسا رهيل آهن، وٺي ڏيو ته ڪاڄ کان؛  ڪو چوندو ته اسان جو سڱابندي جو وهنوار آهي؛ ڪو چوندو ته اسان جي فلاڻي مئي جو پير ڪونه کنيو اٿس، نه پٿر تي آيو آهي، نه ’الله ميان ڏاڍو‘ ڪئي اٿس؛ ڪو چوندو ته اسان پاڻ ۾ وڙهيل آهيون. جي هڪ ٻين ۾ بڇڙي ڪئي هوندائون ته اها به ٻولي ويهندا. ڀائرن ۾ وري ڪي قصور واري کي ٽيڪو وٺائيندا، ته ڪي قصوريل کي.  آخر گهڻن جي رايي سان پريو مڙس فيصلو ڪندو. جنهن  به اهو نبيرو قبول نه ڪيو ته ڀَت پهت مان ڪڍي ڇڏيندس؛ ڀائرن ۾ سندس حقو پاڻي بند ڪري ڇڏيندا، ۽ جي پرچي سرچي ويا،  ته برادريءَ جي هيڪ ــ ميڪ ٿيڻ جي مٺائي ڳڙ،  کارڪون يا پتاشا ورهائيندا. جيڪو غير حاضر هوندو، ان جي ورڇ فتوا رکيل  ماڻهوءَ کي ڏيندا، ۽ ڪاڄيتي کي پهريون ڀيرو مبارڪون ڏيئي، ڀاڪر پائي، کير کنڊ ٿي اُٿندا.

        مڱڻي جي رسم گهوٽيتن ۾: جڏهن گهوٽيتا سَتُ ساريندا، تڏهن اول اول مڱڻو ڪندا. مڱڻي  جي معنيٰ  آهي گهُرڻ، پر اها گهُر پڌريءَ  تي ئي پوري ٿي ويندي، تنهن هوندي وري به اوري پري وارن کي مڱڻي جون ڪانڍون ڪڍندا. ڪوشش ڪري مڱڻو ڌام ڌوم سان ڪندا. چڱي موچاري ڄڃ  وٺي، ڪنواريتن ۾ وڃي لهندا. مڱڻو ڪري اچڻ کان پوءِ ’مند ـ شاخ‘  جيڪا به پئي لهندي، سا ڪنواريتن کي پيا موڪليندا ۽ جي وچ ۾ ڪو عيد جهڙو ڏڻ وار ٿيو، ته هڪ اونڌر يعني وڳو به ڪنوار کي موڪليندا رهندا.  جيستائين وهانءُ نبري.

        مڱڻي جي رسم ڪنواريتن ۾:  گهوٽيتا، جيئن ڄڃ ڪري ڪنواريتن ۾ پهچندا ته ڪنواريتا کين اوطاق (ڇنو) نُک، تڏو، تونري، ديگ، ٿانءُ ٿپو موجود ڪري ڏيندا. ڪنواريتا، پنهنجي برادري يعني ماڃين ۾ مڱڻي جو سڏ اٿاريندا. رات جو سڀ ڀائر توڙي سياءَ اچي گڏ ٿيندا. اجازت  سان ڪوٺار، گهوٽ جي ڪُلهن ۾ ملير يا لونگي وجهندو، جنهن جي جهول ۾ ’موڙو‘ به هوندو. موڙي ۾ ڏونگهيون، مصري، ڦوٽا، باداميون، جوهر جون ٽڪيون ۽ هڪ رومال به هوندو. ان کان پوءِ ڪنواريتا ، مِٺي ڪڙهيل کير جا گلاس ڀري، ڄاڃين توڙي ماڃين کي پياريندا. رواج سارو سڀئي ڄاڃي گهور ڏيندا. ٻاهر اها رسم پوري ٿيندي؛ تنهن کان پوءِ زالون ڳائي، ڪنوار کي کيرول  منڊي ۽ ويڙهه آڱرين ۾ وجهنديون. ڪي پوتي به ڪنوار کي ان مهل مٿان ڍڪائين. ڪنواريتا انهيءَ کي ’پوتي پوڻ‘ جي رسم ڪوٺين، ڪي ته وري پوتي پوڻ تي ڪنوار جو نڪ به ٽوپي ڇڏين، يعني سُئيءَ  ۾ ڪارو ڌاڳو وجهي، نڪ جي ڇنوٽيءَ  مان اڦڪاري ، نڪ ۾ نٿ وجهڻ لاءِ ٿوري وٿي ڪن. پوءِ زالون زالن تي ۽ مڙس مڙسن تي ڳاڙهو يا گلابي ڪڙهيل رڱ اوتين. زالون سڄي رات ڳائي وڄائي، نچي پنبي صبح ڪن. صبح جو ڄڃ واپس گهر ورندي آهي.

        ڏينهن چِٽو ڪرڻ يا ڏينهن ٻڌڻ يا ڏينهن وٺڻ:  گهوٽيتن وٽ جي چار ڏوڪڙ گڏ ٿيا، ته هڪدم ڏينهن وٺڻ جو سعيو ڪندا. هڪڙي ــ ٻه زال ۽ هڪڙو ــ ٻه گهوٽ جو مائٽ، ڌوڪي ويندو ڪنواريتن ۾. ڪنواريتا جي راضي هوندا، ته ڏينهن چِٽو ڪري ڏيندن. گهوٽيتا ان وقت ڪنوار کي پوتي ڍڪائي، ’سانباهي‘ جي رقم  پوتيءَ ۾ ٻدَندا ۽ جي ٽَڪن وارو سڱ هوندو ، ته اها به ڏيتي ليتي انهيءَ مهل ڪندا آهن. ڪنواريتو، گهڻو ڪري اهڙو ڏينهن شاديءَ لاءِ ڏيندو، جنهن ۾ ڪنوار ڇُوت ڇات کان آجي تاجي هوندي آهي.

        ٻُڪي جي رسم: اصل لفظ ’ٻَهڪي‘  چيو وڃي ٿو، جو پوءِ بدلجي وڃي ٻُڪي بيٺو آهي. ”ٻَهڪي“ جي معنيٰ ”چَلتي واري رونقدار“ آهي. ٻُڪي وجهڻ ڪري ڀائرن کي معلوم ٿيندو ته هاڻي ڄاڻ ته شاديءَ جو گهماگهم ڀَت ٿيو، جنهن کي ’ڄُڃ‘  چون، ۽ اهو ڄاڃي کائي رَڄ ڪندا. ٻُڪي تڏهن  پوندي،  جڏهن وهانءَ لاءِ گهرايل چانور اچي موجود ٿيندا. زالون، پنج ــ ست گڏجي ڀيڻن توڙي سيائن کي ٻُڪي جو پرڀ ملهائينديون، يعني آيل چانورن مان پنجن چوٿاين يا پنجن پاٽين جي ’واڌائي‘ آکريءَ يا نِنگههَ ۾ وجهي ۽ انهن ۾ ست جوڙا کارڪن جا وجهي، آکرين ۽ مُهرين کي داءَ (دانگ) جا لينگها ڪڍي، ست سهاڳڻيون، مُهريون کڻي، چانور ڇڙڻ ويهنديون. ست ئي مُهريون واري سان پيون ڦِرينديون، انهيءَ ۾ جيڪا هوشياريءَ سان ڇڙڻ واري هوندي، سا کارڪون ڪڍندي ويندي ۽ کائيندي ويندي. ٻيون چَپ پيون چَٽينديون. ٻيون ٻُڪيءَ جو ’ساٺ ڳيو‘ بيٺيون ڳائينديون، تان جو سڀ چانور ڇَڙي اُٿنديون.

        گهر چِٽڻ: ٻُڪيءَ کان پوءِ گهوٽيتيون گهر چِٽڻ شروع ڪنديون، ڪنڀار کان دانگ يا داءُ گهرائي، سڄي گهر جون ڪنڊون ڪُڙڇون، جارا ڀتيون، لينگها ڪڍي ڳاڙهيون ڪري ڇڏينديون. انهن ليڪن ڪڍڻ مهل به ڳيچ پيون ڳائينديون آهن.

شاديءَ جي تياري : گهوٽيتا، پهريائين پنهنجائيءَ جون ڪنواريون نياڻيون ٽِڪڻ لاءِ وٺي اچي پاڻ وٽ رهائيندا، جي ڪم ۾ هٿو پاري پيون ڪرائينديون، ۽ اک ٽيٽ سان سڄي  ڪاڄ جو انتظام به پيون سکنديون. مڙد ماڻهو مَنهه يا ڇَنو ٺاهڻ شروع ڪندا، جيئن ڄاڃي سولا اچي ويهن. ان کان پوءِ، وهانءَ جو سامان جهڙوڪ : ٺڪر جون پاٽيون ۽ طباخ، ڪونرا ۽ چلمچيون، ڦيلهيون ۽ ڳَنرون؛ ڪُهڻ  لاءِ ڦنڊرون؛ ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون؛ درزيءَ کان گهوٽ جا ڪپڙا؛ مينگواڙ کان چانديءَ تي جُتي ۽ ٻيو سامان ، زالون ڳيچ ڳائي پيون آڻي ڪَٺو ڪنديون، جيڪي ڄاڃين جون ساگهرون پيون اينديون، تن کي به گهوٽيتيون، ڳوٺ کان ٻاهر نڪري پريان ڳائي، پوءِ گهر  آڻينديون.

        وناهه يا ونواهه جي رسم: بَنو ونُو يا وَنَههُ چون گهوٽ کي، اصل لفظ ’وَنَههَ وهانءُ‘ هو، جو بدلي جو ناهه يا ونواهه ٿيو آهي. ڪنوار کي وناهه ۾، شاديءَ کان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڏينهن ۽ وڌ ۾ وڌ، پنجن ، ستن ، يارهن ، ايڪيهن ڏينهن تائين ويهاريو ويندو آهي.

        پنج ــ ست زالون، شهر مان وناهه جو سامان: يعني ڪوڙو تيل، مِٺو تيل، ڄل ڦل، ڪيسر، ميدو، ڏونگهيون، اَکيو، مصري، حلوو، باداميون، ڊاکون، ڦوٽا، ميندي، مساڳ، سوبڙو، ڪجل ۽ پيٺيءَ جو سامان ڳيچ ڳائي، وڃي وٺي اينديون آهن. پيٺي ڇا آهي؟ هن ۾ ميدو، ڪيسر يا ميندي ۽ تيل گڏي، زالون هڪڙو مرڪب ٺاهينديون آهن، جو وناهه ۾ ويٺل ڪنوار کي روز  زور سان مکينديون آهن، جيئن چِٽي ڳوري ٿئي. اها پيٺي پوءِ ڪنهن واهه يا تلاءَ ۾ اُڇلين. گهوٽيتيون اها پيٺي ۽ پنهنجي گهران گيهه، مکڻ ۽ ماکي ٿانو ۾ وجهي، وناهه جو سڀ سامان هڪڙي وڏيءَ کاريءَ  ۾ رکي، مٿان ڳاڙهي ڪپڙي سان ڍڪي، رکنديون هڪ زال جي مٿي تي، ۽ پوءِ گڏجي ڳاچ ڳائينديون، اچي ڪنواريتن ۾  پهچنديون.

        رات جو ڳائي، ڪنوار کي اکيو مُنهن تي ٻڌنديون، ڪنوار کي ڪوٺيءَ ۾ يا گهر جي هڪڙي ڪُنڊ ۾ شاديءَ تائين ويهڻو پوندو. ڪنهن مڙس ماڻهوءَ جي منهن ڻه لڳندي. نڪي اکيو مٿي کڻي ڏسندي؛ ڪاتيءَ وڍيو کاڌو يعني گوشت، مڇي، پلو وغيره نه کائيندي. روز حجامڻ کيس پيٺي مَليندي رهندي. اکيي ٻڌجڻ کان پوءِ ست سهاڳڻيون، ڪنوار واريءَ ڪوٺيءَ جي سردري ۾ هٿ وجهي، روز رات جو سانجهڙيءَ جو ’ساٺ ڳيو‘ ۽ پيراڻا پنج ڳيچ ڳائينديون رهنديون.

        وناهه ٻڌڻ کان پوءِ سڄو  ڪاڄ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو: يعني گهوٽيتن جا پرڀ ڌار، ته ڪنواريتن جا پرڀ ڌار ٿي ويندا، ۽ گهوٽيتن ۾ هر رات جو ڳائڻ ٿيندو رهندو، جنهن ۾ ناچ ۽ سانگ پيا ٿيندا آهن.

ڏانديا لڳائڻ يا ڏونڪا هڻڻ:  ٻاهران مڙد ماڻهو ڏونڪن يا ڏانڊين جي ڪوٺ ڏيندا. جيڪي ڏانڊين جا ڄاڻو هوندا، اُهي توڙي ڏسڻ ٻڌڻ وارا اچي ڪَٺا ٿيندا. رات جو ماني ٽِڪي کائي کارائي، موڪريون ميدان تي نکون تڏڌا وڇائي، گهڙو پاڻيءَ جو رکي ڇڏيندا. جڏهن يارن کي پُور پوندو، ته هڪ مڱڻهار فقير يا خود منجهانئن ئي هڪڙو همراهه دهل کڻي، وچ تي  ڍرڙي ’ڏانڊيا وڄت‘ ڪندو، جنهن جا پنج ماترا هي آهن.

ڍينجان ــ ڍينجان، ڍينچڪ ــ ڍينچڪ ــ ڍين....

ان کان پوءِ، پهرين جهِيل سان ترسي ترسي کڻندا صفت سبحان جي، جيئن ته:

اول  نانءُ  الله  جو ،  سو  ته  ٻانها ٻيءَ  مَ  لڳ  وو

لڳ ته ڀلي جي ير آسري، جنهن پر سارو جڳ وو

گهوريو گهوريو وڃان تنهنجي نالي تان،

صدقي     سڄڻ      تنهنجي      نالي     تان!

پڇاڙيءَ جو تکي لئي تي وڄت هيءَ وڃي بيهندي:

ڌِنتَڪ ــ تِنتَڪ  ــ ڌ ِنتان ــ تانـ ـ تان....

        انهيءَ وڄت تي، هٿن ۾ ڊگهيون ڪاٺيون فوٽ ــ ڏيڍ جون، جن کي ڏانڊيو يا  ڏونڪو چون، کڻي، سڀئي گول صف ۾ پير پير سان ملائي، لوڙائو سُر ۾ ڪافيءَ جو ٿلهه ۽ مصرعون چوندا آهن: انهن جا ٻه ــ ٽي ٿلهه هي آهن:

(1)  پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو، او، صورت جو سبحان.

(2)  واٽ ونِدر جي وڻ به ڏسيندا، ڇو ٿيون پڇو پنڌ پيرا پيرا.

(3)  وه  واه سڄڻ سائين عيد ڪرايئي، او ، نئنا خوب نظاري جي.

(4)  ساڏي ويڙهي آيا ڪرين، يار صبوح شام

هنن ٿَلهن کي ٻيڻي ـ ٽيڻي اٿلاڻي ڏيندا آهن، ۽ جهِيل سان ٽُڪر چئي، وري ماٺ ڪندا آهن، وري ٽڪر چئي ماٺ ڪندا آهن، پڇاڙيءَ جو ”آ، ها“ تي ڏيڍي ، يا ٻيڻي ڦيري ڏيئي، وڃي ڪو ڪٿي ته ڪو ڪٿي ڪِرندو آهي. اُن تال جي تکيءَ لئي تي يڪدم ٻيو ٽِڪو وٺڻ سان،  سڀ اُٿي ساڳين جاين تي پير پير سان ملائي، ناچ ڪندا آهن.(هي تماشو روبرو ڏسڻ وٽان آهي!)

گهوٽيتا پرڀ: پرڀ لفظ جي معنيٰ آهي پريه  شُڀ يعني چڱو موقعو. گهوٽيتا پرڀ هي آهن: گهوٽ کي ميندي لائڻ، ڳانو ٻڌڻ، وناهه ويهارڻ ۽ تيلاڙي جو ساٺ ڪرڻ، ڏِک ڪرڻ، پِڙو يا ڪوٺو ڏيکارڻ، سروَر هڻڻ ، ڄڃ نڪرڻ ۽ ڪنواريتن ۾ پهچڻ کان پوءِ اوجاڳو ڪرڻ، ڪَنڊيءَ جو وڻ وڍڻ ، نڪاح پوڻ، وهنجارڻ ۽ ڪپڙا ڍڪائڻ، سر گس چڙهڻ، نفل پڙهڻ، ڏاوڻ ڏائڻ ، رانءِ جهانءِ ڪرڻ، ڍَڪڻي ڀڃڻ ۽ لانئون لهڻ. انهن سڀني جو تفصيل سان بيان ڪريون ٿا.

        ميندي لائڻ: شاديءَ کان ٻه ـ ٽي ڏينهن اڳي، گهوٽ کي ڀينرون ۽ سهاڳڻيون پهرين هٿن کي ۽ پوءِ پيرن کي، ڳائي ميندي لائينديون آهن. اها ميندي سُڪڻ کان پوءِ، ذرو پر زو ميڙي، ڪنهن کوهه، تلاءَ يا دُٻي ۾ وجهي ڇڏينديون آهن.

        وناهه ويهارڻ ۽ تيلاڙي جو ساٺ: رات  جو گهوٽ کي تيلاڙي جو ساٺ ڪنديون، گهوٽ منجيءَ تي ويهندو ۽ هوُو ’ساٺ ڳيا‘ پيون ڳائينديون. تيلاڙو پورو ڪري، گهوٽ کي ڏندڻ، ڪاتي، ۽ تسبيح ساڄي هٿ ۾ کڻڻ لاءِ ڏيندا! کيس ڪاتيءَ  وڍيو کاڌو کائڻ نه ڏيندا ۽ اڪيلو به نه ڇڏيندا. ويهندو ته جهُنڊ هڻي ويهندو.

        ڏک ويهارڻ: ڏينهن جو سڀ ڀائر گڏ ٿيندا . گهوٽ کي ’ٻِٽ‘  ڪرائي مٿان ’موڙ‘ ٻڌندس گهور اُڳاڙي، ناناڻي پُريءَ مان هڪڙو ’اهنيار يا اهنرمقرر ڪندا، جنهن سان شادي تائين جُٺيون ۽ چرچا پيا ڪندا. آهنر گهوٽ جي پوري حفاظت ڪندو رهندو.

        سَروَر هڻائڻ:  ڄڃ  نڪرڻ واري رات جو ڪي ماڻهو سرور جي ڍولڪ وڄارائين، ’سرور‘، ديري غازي خان ۾ ٻروچ قومن جو مرشد ۽ اولياءُ آهي، تنهن ڪري ٻروچ قومون سرور هڻائيندي سونهنديون آهن. پر ٻيون قومون، جيڪي سرور ٿيون هڻائين، تن کي ڪا به خبر ڪانهي ته سروَر ڇا آهي. فقط سروَر جي گهور، گهوٽيتيون پاڻ وٽ رکنديون آهن ۽ اها گهور ٻئي ڪنهن مڱڻهار يا ڳائڻيءَ کي ڏيڻي ڪانهي، تنهن ڪري سروَر کي چُهٽي پييون آهن. سروَر رات، خاص سروَر جو سهرو چيو ويندو آهي، جنهن ۾ سروَر جي مهربانين ۽ ڪرامتن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي.

پِڙو يا  ڪوٺو ڏيکارڻ: انهيءَ رات ئي گهوٽ کي ڏنل ’ڏيپ‘، جو مائٽ ڏيندا، سو پاڙي ۾ يا پرانهين پاڙي ۾ ڪنهن واقفڪار جي گهر، گهر واريون زالون رکي اينديون.سرور پوري ٿيڻ کان پوءِ، ڳائي ــ وڄائي ڪوٺاريءَ کان پِڙو کڻائي اينديون. پوءِ هڪ وڏي پَري زال، نالو وٺندي، سڀ ڪنهن جا ڏنل جورا يعني وڳا  ڏيکاريندي ويندي. تان جو مائٽن جون ڏنل سڀ شيون: زيور، سينگار جو سامان، ڪپڙا، هنڌ، ٿانءَ روڪڙا پئسا وغيره سڀ ڳڻائيندي. اهو سامان پيتين ۾ بند ڪري، ڄڃ سان گڏ ڪنواريتن ۾ کڻي هلنديون آهن.

ڄڃ نڪرڻ:  ڄڃ   نڪرڻ کان اڳ، پِني مڱي، سوارين جو بندوبست ڪندا آهن، جن ۾ بيل گاڏيون، جن جي ڍڳن کي مُڇيون موڙ ۽ سڱن ۾ مُهرا مٽر، ڳچين ۾ چنگ ٻڌل هوندا؛  ٻيا مهري اُٺ ، جن کي نَتون نقطا ، جهُلون جهاٻا ۽ گوڏن ۾ ڇيرون ۽ گهنگهريا ٻڌل هوندا؛ ٽيان هوندا گهوڙا، جي پنجسنجيءَ سان سينگاريل هوندا. اتي ’تون هين ئي تون‘ لڳي ويندي. ڀَلين جوڙين جو ميدان ۾ ٽَڪرو ٿيندو. گهوٽ کي به هڪڙي ڀلي مَهريءَ اٺ تي کڻي سوار ڪندا. رات جي نوائيءَ ۾ ڄڃ رواني ٿيندي. ڪونسيي سُر  مان گهوٽيتين جي ڳيچن جون للڪارون پيون پونديون. دُهلن جا ٽاڄا ۽ ڌڌڪارون، گهوڙن جون ڊڊي ڊوڙون ۽ ڊيڪارون ۽ هڻڪارون، ڇيرن جون ڇمڪارون ۽ شرنائن ۽ قرنائن جون ڪوُڪارون پيون پونديون، زمين ، آسمان تي کڻي وجهندا. اها ڄڃ  جتان پئي لنگهندي، اتان گاڏين جا چيچاٽ ۽ زالن جا آلاپ، اگهور ننڊ وارن کي به اُٿاري وجهندا ته هوُ  به ڪا ٻي شادي ڪري، ۽ جنهن جي نه ٿيل هوندي، سو ته اول ـ پتڻ ٿيڻ لڳندو ته في الحال ڪٿان به ڦٽ ڦَٽي ڪا اهڙي لئي سان شادي ڪريان ! اهي ڄاڃي، اهڙي دستور، اهڙيءَ رمز ۽ رنگ سان اچي ڪنواريتن ۾ پهچندا. ڪٿي ڪٿي آيل ڄاڃين سان ’پڙ ڄڃ‘ ڪندا آهن، يعني پنج سير کارڪن ملڻ لاءِ، گهوٽيتن ۾ لٺين جي اچي ڀڃ وجهندا آهن. پوءِ ڪي ڄاڃي ڦٽبا آهن، ته ڪي ڀڄي ويندا آهن، جيئن هنن کي کارڪون ملن.

ڪنواريتي هنڌ تي پهچڻ کان پوءِ، گهوٽ جا باقي پرڀ هي آهن.

اوجاڳو ڪرائڻ گهوٽ جا مائٽ خود گهوٽ کي ننڊ ڪرڻ نه ڏيندا، ان لاءِ سڄي رات ڇَني ۾ ڳائڻ ـ وڄائڻ ٿيندو رهندو آهي. ان رات، گهوٽ جو سمهڻ بدسوڻ سمجهندا آهن.

ڪَنڊي وَڍائڻ: شاديءَ رات جو، گهوٽ کي وٺي وڃي ڪَنڊيءَ جو وڻ وڍائين. ڇا ڪن، جو چار سهاڳڻيون گهوٽ مٿان اڇي چادر جهلي هلن ۽ ٻيون ڳائينديون هلنديون؛ ڳوٺ کان ٻاهر ڪو ڪَنڊيءَ جو ننڍڙو وڻ ڏسي، ان کي ڪهاڙيءَ ڪاتيءَ جي هڪڙي ئي ڌڪ سان وڍڻ لاءِ چونديس. جي ڪَنڊي نه هوندي، ته ڪنهن به سائي وڻ جي ٽاري ڪپائي، آڻي ڪنوار جي در اڳيان کوڙائينديون.

        نڪاح پوڻ: گهڻو ڪري پوئينءَ رات جو نڪاح پڙهائين. نڪاح آخوند پڙهندو. آخوند پهريائين ٻه شاهد ۽ هڪ وڪيل(جي انهن جي عزيزن يا پاڙيوارن مان منهن لڳ هوندا) تن کي ڪنوار ڏي ايجاب يا قبوليت لاءِ موڪليندو ته وڃي رايو پڇي اچن. پوءِ وڪيل ٽي دفعا خود ڪنوار کان پڇندو ته ”توکي فلاڻو پٽ فلاڻي جو حق نڪاح ۾ قبول آهي؟“ ڪي ڪنوارون ان لاءِ هائوڪار جو ڪنڌ لوڏينديون، ۽ ڪن کي ڀر واري ويٺل مائٽياڻي ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪرائيندي آهي؛ ڪي خود زبان سان هائوڪار ڪنديون آهن، ته ڪن جي پاران ڀر واري مائٽياڻي هائوڪار ڪندي آهي. ڪي چونديون آهن ته ”منهنجو وارث ابو، ادو يا چاچو آهي، انهيءَ کان پڇو.“ پوءِ وڪيل جواب وٺي شاهدن سميت ڇني ۾ ايندو ، ڇني ۾ گهڙندي، ڏاڍي خنڪيءَ سان ڪندو السلام عليڪم، ڇَني ۾ ويٺل وعليڪم السلام چوندا. ان کان  پوءِ آخوند کي حال احوال ڏيندا. هائوڪار جي ٻُڌي ، آخوند، گهوٽ کان پڇندو ته ”مهَر يا ڪابينَ ۾ ڇا ٿو ڏين؟ هوُ ڪجهه زيور، وهٽ يا روڪڙ ٻڌائيندو. پوءِ وڪيل کان پڇندو يا جيڪو وارث هوندو تنهن کان پڇندو ته ”فلاڻي ڌيءَ فلاڻي جي، حق مَهر هيتري يا هن سان، تون فلاڻي پٽ فلاڻي جي کي شريعت محمدي موجب ڏيڻ قبولين ٿو؟“ هُو هائوڪار ڪندو. اهڙي طرح آخوند کانئس ٽي ڀيرا پڇندو. ان بعد ، وري گهوٽ ڏي مخاطب ٿي ٽي ڀيرا پڇندو ته ”فلاڻي ، ڌيءَ فلاڻي جي، حق مهر هيتري؛ ڪي ههڙي سان، شريعت محمديءَ موجب تون حق نڪاح ۾ مقبول ڪرين ٿو؟“ هو به هائو چوندو. پوءِ نڪاح جون دعائون پڙهجي پوريون ٿينديون ۽ چوڌاري مبارڪون مبارڪون ٿي وينديون. آخوند کي نڪاح جو اُجورو سوا رپيو ۽ کارڪون ڏيندا. نڪاح جون کارڪون سڀني ويٺلن ڀائرن کي به ورهائي ڏيندا.

        وهنجارڻ ۽ ڪپڙا ڍڪائڻ:  نڪاح  پوڻ کان پوءِ زالون ڳائي، گهوٽ جا ڪپڙا ۽ تيل ـ ميِٽ ڇَني ۾ ڏيئي وينديون. ڪوٺاري، گهوٽ کي منجي يا صندلي يا کاري اونڌي ڪري ان جي مٿان ويهاري وهنجاريندو. وهنجي، وار  سڪائي ، هو ڪپڙا ڍڪيندو. ڪپڙن ۾ سلوار، پهران، جُتي، رومال، پاڳ(پَٽڪو ) جنهن ۾ هڪڙي سُرهاڻ جي ڳاڙهي ڳوٿري اٽڪيل هوندي، ڪُلهن ۾ ڪرڻ لاءِ اجرڪ يا لونگي به هوندي. اهي ڪپڙا ڪنواريتا ڏيندا آهن،  ۽ ڪٿي ڪٿي گهوٽ پنهنجي مرضيءَ موجب وٺندو آهي. ڪوٺاري، ڀائرن کان موڪل وٺي، پوءِ پٽيل کان موڪل وٺندو. گهوٽ پهرين پهراڻ، پوءِ سٿڻ، پوءِ جُتي پائيندو. پاڳ جو ورُ پهريون پٽيل ڏيندو، پوءِ گهوٽ سمورو پٽڪو ٻڌي پورو ڪندو. ڪپڙن پائڻ بعد مٿانئس ٻِٽَ رکي ، موڙ ٻَڌي ڇڏيندا آهن. انهن موڙن کي ’سهرو‘ به چون. پوءِ ڪنواريتا ڳڙهاڙيون يا بُسريون موڪليندا جي گهوٽ جا مائٽ کائي، گهور ڏيندا.

        سرگس جي تياري: گهوٽ ڪپڙا ڍڪيا، ته هلندي ڇني ۾ ماني، يعني گوشت جي ڀت جون ڦيلهيون ڀري ڄاڃين اڳيان رکندا، جي کائي ڄُڃ ڪندا، پوءِ اُڳڙندو ’پُوئو‘ ۽ ڳانن موڙن جي گهور. پُوئو، اصل پَئُون لفظ ٿو ڀانئجي، جنهن جي معنيٰ ايڪڙو ، انگ، داءُ آهي. مطلب ته گهوٽ جي لاءِ حساب ڪتاب وٺڻ يا رقم جي ڪا ايڪائي ڏيڻ  پوءِ بدلجي ويو ٿو ڏسجي. پُوئي وٺڻ  بعد گهوٽ کي سرگس چاڙهيندا . اڳيان دهلاري، شرنائن وارا، ناچو ۽ ڳائڻا هلندا. پٺيان ڀلي گهوڙي يا سينگاريل اٺ تي گهوٽ چڙهندو.  گهوٽ جي گهوڙي تي چڙهڻ مهل، ماءُ آکا اڇليندي، يعني چانور ۽ کارڪون ماٿنئس گهوري اڇليندي، گهوٽ جي پٺيان آهنر کي به ويهاريندا آهن. جتي دهلن وڄائڻ جو رواج نه هوندو آهي، اتي مولودي، مولود چوندا  هلندا . رستي ۾ ڪا مسيت آئي، ته گهوٽ لهي، اندر وڃي، ٻه شڪراني جا نفل پڙهندو، ۽ پوءِ ماڻهو گهورون  گهوريندا  ۽ گهوٽ مٿان پئسا اڇليندا هلندا. تان جو سڄو ڳوٺ ڦري، گهوٽ کي آڻي ڪنوار جي در تي لاهيندا. جي سرگس رات ۾ هوندي آهي ته بجلين جي سوجهري ۾ شاندار سرگس ٿيندي آهي ۽ پٺيان زالون به  ڳائينديون هلنديون آهن.

        گهوٽ، ڪنواريتي در تي پهچندو ته کيس منجي ڪڍي، ان تي ٻاهر ويهاري ڇڏيندا، ۽ مٿانئس ٻِٽ لاهي وڃي ڪنوار کي ڍڪائيندا، پاڻ رڳو اجرڪ ڪلهن ۾، ۽ موڙ مٿي سان ٻڌيو ويٺو هوندو. جيستائين راڄ جون سڀ زالون اچي گڏ ٿين.


(1)  هيءُ چئن ماڻهن جو مقرر هجڻ ڪن خاص قبيلن سان لاڳو آهي . اڪثر ڪري هڪڙوئي پريو مڙس ٿئي، جو ٻيا ڪم موقعي موقعي تي پنهنجي مرضيءَ موجب، قبيلي جي ڪن باهمت ۽ لائق ماڻهن جي خاص حوالي ڪندو آهي.

(1)  سانباهي جي رقم سڀ ڪنهن قسم جي سڱ ۾ مروج آهي، بدي وارو، توڙي بنا بدي، وڙ وارو توڙي ٽڪن وارو.

(1)  ڪي زالون چانورن جو ڳارو جنڊ ۾ وجهي، ان کي ست اُبتا، ست سُبتا ڦيرا ڏيئي، ٻُڪيءَ جي رسم پوري ڪن؛ ۽ ٻُڪ ڀري، سارين جو ڳارو جنڊيءَ ۾ وجهي  ڌرين، تنهن ڪري ان رسم کي ’ٻئڪي‘ چون

(*)  اکيو، تسر يا ريشمي ململ جهڙي ڳاڙهي  يا سائي اڳڙيءَ کي، اکين جي برابر ٽنگ ڪڍي، ۽ ڪُنڊن کان ڏورا ٻڌي، وچ ۾ چِمڪ ، گونٽو، ستار ۽ ٽِڪون مڙهي ٺاهين.

(1)  ٻه گنديون يا پوتيون، انهن مان هڪڙي کُهنبي يا گلابي رنگ جي هوندي آهي، جنهن کي ’ڪيسريو‘ به سڏيندا آهن ۽ ٻي ڀرت ڀريل بوڇڻي هوندي آهي، انهن گندين ۾ هيٺان ڪيسريو ۽ مٿان بوڇڻي ملائي  گهوٽ جي مٿان وجهن، ان کي ٻٽ چون، ان جي مٿان پوءِ موڙ ٻڌندا آهن.

(2)  لڙهين سان هڪڙي پاٺي جو ٽُڪر جو نراڙ تائين پورو ٿي سگهي، اُن تي رنگا رنگي پَنيون هڻي، چمڪائي، هيٺ لڙهين ۾ ڪاغذ جا ٽُڪيل گل وجهي ٺاهيندا آهن. پاسن کان مٿي جي چوڌاري ٻڌڻ لاءِ ڌاڳا وجهندا اٿس. اُنهيءَ کي ڪاڳر جا موڙ چون . ٻيا ڪپڙي تي ٽڪون ستارا هڻي، ڀرت  ڀري هيٺان ڪڄ ڪوڏن جون لڙهيون ٺاهي، تن کي پَٽ جا ڦُندڻ وجهي ٺاهين. انهن کي پڪا موڙ چون.

(3)  اصل لفظ اُنهِروار آهي. آنهر چون مڙد کي، مثال آنهر آڻي اوبڻي ته رن وڃائي رنبو‘ وار چون واريندڙ يا پٺيان ايندڙ کي، يعني آنهروار(مخفف)آنهيار.

(1)  (1)پِڙو، اصل لفظ ’پيڙهائتو‘ هو، پوءِ رڳو پِڙهو سڏيندا هئا، هاڻ بدلجي پڙو ٿيو آهي، معنيٰ آهي پيڙهه ٻڌڻ، گهوٽ جي بنيادي ضرورت پوري ڪرڻ. ڪوٺو، ڪوٺيءَ جو مذڪر لفظ آهي، جابلو ماڻهو، گهوٽ جو جيڪو ڏيپ ڏين، سو تڏن توُنرين سان بنا ڇت جي هڪڙي چوڪنڊياري ڪوٺي ٺاهي، اُن ۾ کٽ وجهي، ان تي سامان پکيڙي رکي ڇڏين، جو آيل ماڻهو پيا ڏسندا آهن. يعني ڪوٺيءَ ۾ رکيل سامان ، ڦري ڪوٺ ٿي پيو.

(1)  پوئي لاءِ ڪي چون ٿا ته : اهو شاديءَ ۾ مدد طور ڏنل حساب، چٺيءَ ۾ لکي، ’پوُئي‘ رکيو آهي. اهو چٺو ڏسي، وري اوترئي وڃي ٻي شاديءَ ۾ ڏبو، جيترو اڳلي  کان مليو هوندو، تنهن ڪري ان پوتل چٺي واري رقم کي ’پوئو‘ ٿو چئجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com