گذارش
تنقيد ۽ اصلاح جا اصول
تنقيد ۽ ان جا افادي پهلو ته اڪيچار ۽ بيشمار آهن،
پر ان فن جي فني اصولن ۽ شرطن کي نباهڻ ۽ ڪنهن
تعمير پسند ۽ اصلاحي تعبير تائين پهچڻ ، البت ڏکيو
معاملو آهي. غلطي ڪير نٿو ڪري؟ غلطين کان ڪير
پوتيءَ
-
پاڪ آهي؟ ڪمال جي ڪنهن کي دعويٰ آهي؟معصوم ته
فقط الله جا پيغمبر آهن، باقي هر ڪو چِڪَڻ ۾ گتو
بيٺو آهي ۽ هر ڪو پاند پسايون پيو هلي چلي! علم ۽
فن ، عمل ۽ ادب جي دنيا ۾ وڏن وڏن ڪُوپن
–
ڪَرارن کان لغزشون ٿيون آهن. فيلسوف هجن يا عالم
هجن، شاعر هجن يا مؤرخ
هجن، محقق هجن يا ناقد هجن، مذهبي پيشوا هجن يا
طريقت جا صاحب هجن: انسان خطا جو گهر آهي، ڪٿي نه
ڪٿي انهن کان به غلطيون ٿيون آهن، جن ماڻهن جي
نگاهه، اهڙن عالمن جي ”اعترافات“ تي آهي، اهي
چڱيءَ طرح پروڙي سگهن ٿا، ته ڪهڙن ڪهڙن نيڪ مردن ۽
اوليٰ العزم ماڻهن کان خطائون ٿيون آهن.
حقيقت هيءَ آهي ته انسان ويچارو
آهي ڪمزور، ناقص ۽ نامڪمل. نه سندس وسيلا آهن مڪمل
۽ نه سندس اخذ ڪرڻ جون قوتون آهن ڪامل. اٿاهه ۽
بي انت ڪائنات ۽ ان جي علم ۽ فن جي پرک ۽ پروڙ
لاءِ جو ساز مناسب آهي، سو اچي ڪٿان؟ انسان جا
ظاهري پنج حواس، سي به اڻپورا. هڪ حِسُ غلطي ڪري
ته پوءِ ٻيا حِسَ لازمي طرح سان غلطي ڪندا ويندا.
ٻيو ته
ويچاري انسان جي زندگي، گوناگون رابطن ۽ واسطن ،
پيچيدگين ۽ پريشانين ۾ گهيريل ۽ ڦاٿل آهي. ”پنڻ
کان پڙهڻ به وسريو وڃي!“ ماڻهو پيٽ
–
گذر ۾ پورا، سي ڪنهن علم ۽ فن جي تحصيل ۽ تڪميل
ڪن، سا ڪن ڪيئن ۽ ڪٿان ڪن؟ ان سان گڏ، پڙهڻ لاءِ
ايترو مستند ۽ صحتمند ڪتابن جو ذخيرو آهي ڪٿي ، جن
جي پڙهڻ سان، ماڻهو علم ۾ اڪابر ٿي سگهي ، اتي اچي
اهو ٿو سوال اٿي ته رڳو ”پڙهڻ“ به ڪافي ناهي،
”پڙهڻ“ سان گڏ” ڪڙهڻ“ ۽ ”پرجهڻ“ به گهرجي! پڙهيو
پر ڪڙهيو ڪين، ۽ ڪڙهيو پر جهيو ڪين، ته پوءِ ان
ماڻهوءَ نه ڪو ڪجهه پڙهيو ۽ نه ڪو سکيو ۽ نه ڪو
پرکيو نه ڪي ڪجهه ڄاتو ۽ سڃاتو! اهڙين حالتن ۾
غلطيون ته اوس ٿينديون، بلڪ غلطين تي غلطيون
ٿينديون، جن جو نه هوندو اَٿو نه مٿو!
علم ۽ فن جا سڀ ڪاڳر ۽ دفتر به ڪمال ۽ صحت
جي دعويٰ نٿا ڪن. هرڪو پنهنجي وت آهر پيو پڙهي ۽
لکي، پرجهي ۽ سوچي. هر ڪنهن جي راهه جدا ۽ راءِ
جدا . هڪ جو خيال ٻئي سان نٿو ٺهڪي، ۽ ٻئي جي
راءِ ٽئين کي نٿي آئڙي. بس اهو آهي سلسلي ۾
سلسلو، ڄاڻ سڃاڻ، سمجهه ۽ پروڙ جو. ان کان ٻاهر ته
ڪو به ڪين سجهي. هر ڪنهن فن جي اها حالت آهي، ۽ هر
ڪنهن عالم ۽ ڄاڻوءَ، فنڪار ۽ دانشمند جي اها ئي
پڄاڻي آهي. هر ڪنهن جو اهو حال آهي، جئن لطيف چيو
آهي:
مون کي مون پرين ، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
اڀا ايئن چون، ته مڇڻ پاند پُسائين!
چوڻ وارا ته پيا چوندا ته ”مڇڻ پاند پسائيين“، پر
لطيف فرمائي ٿو:
پئي جا پاتار، سا ڪئن پُسڻ کان پالهي رهي؟
اهو سمجهي ڇڏڻ جڳائي ته ڪُلي طرح سان، نه ڪنهن علم
۽ فن جي تحصيل جو امڪان آهي ۽ نه ڪو انسان لاءِ
ايترن وسيلن ۽ ذريعن جي فراواني آهي، جو انسان
ويچارو، علم ۽ مطالعي، فڪر ۽ تدبر جي اهڙي بلند
مقام تي پهچي وڃي، جتي کانئس ڪا غلطي، سَهو، خطا ۽
لغزش نه ٿئي. انسان هر حال ۾ انسان آهي. ان جون
صلاحيتون محدود، قوتون محدود، وسيلا محدود ۽ ذريعا
محدود. انسان، ڪيترو به پَرَ پائي، اُڏري، پر نه
ڪو فرشتو ٿي سگهندو ۽ نه ڪو معصوم عن الخطا جي پَد
تي پهچي سگهندو. چار چڱيون ڪندو ته چار مديون
ڪندو. هڪ
–
اڌ چڱي ۽ صحيح ڳالهه ڪندو ته ٻه
–
چار ڳالهيون غلط ڪري ويندو. اهو سلسلو آد جڳاد کان
شروع ٿيو آهي، پيو هلي، ۽ پيو هلندو. انسان، خطا
۽ نسيان، سهو ۽ لغزش، اجتهاد ۽ تحقيق جي راهن تي
هلندي، پيو سوچي، سمجهي، پڙهي ۽ پروڙي، سکي ۽
ڪَڙهي!
اها به حقيقت آهي ته انسان ۾ خير ۽
شر، حق ۽ باطل ، سچ ۽ ڪچ کي قبول ڪرڻ جون صلاحيتون
آهن. پنهنجي ڪوتاهيءَ ۽ ڪمزوريءَ، الغرضائيءَ
بيپرواهيءَ سان، ڪڏهن آزادي سان ته ڪڏهن لاشعوري
طرح سان، پيو ڪوڙ ڪَمائي ۽ ڪچ و ِهائي. هميشه لاءِ
’صاحب خير‘ ٿي نٿو سگهي. ڪٿي نه ڪٿي، ڪڏهن نه
ڪڏهن، وڃي ڪَچَ ۽ ڪوڙ اڳيان گوڏا کوڙي . اهو ته
آهي، حضرت انسان جي صلاحيتن ۽ قوتن جو مقدار ۽
معيار!
اهڙين حالتن ۾، اهو امر لازمي طور تي ٿو
پيدا ٿئي، ته پوءِ ڀلا انسان پنهنجين ڪوتاهين ۽
غلطين کان واقف ڪيئن ٿئي؟ ان سوال جا جواب گهڻائي
آهن:
(الف) مطالع ۽ فڪر جي پختگيءَ ۽ ڪمال سوچ
–
ويچار کان پوءِ، ’انسان‘ پنهنجن عيبن
–
ثوابن کي ڄاڻي سڃاڻي سگهي ٿو.
(ب) عالمن ڄاڻن ۽ اهل فن ماڻهن جي صحبت ۽ تر بيت
مان ، پنهنجا اوگڻ پروڙي سگهي ٿو.
(ث) يا ته ڪو ڄاڻو ۽ ماهر پنهنجي تحرير ۽
تقرير سان، ڪنهن جي غلطين ۽ سَهون جي اصلاح ڪندو
رهي.
بس اهي ئي ذريعا آهن، جي ممڪن ٿي سگهن ٿا. انهن
سان ئي ڪنهن جي اصلاح ٿي سگهي ٿي.
پر هن دؤر ۾ اهي ٽيئي اصلاحي ذريعا ڪيتريقدر صحت ۽
ڪمال تائين پهتل موجود آهن، اهو به پنهنجي جاءِ تي
وڏو اهم سوال آهي.
مطالع لاءِ ڪتابن جا ڍير آهن، پر پڙهي ڪير؟ جي
پڙهي ته ڪڙهي ڪير؟ ڪڙهي ته پروڙي ۽ پرجهي ڪير؟
پڙهڻ پرجهڻ پاڻ ۾ وڏو فرق ڦير!
’پڙهڻ‘ ۽ ’پرجهڻ‘ ۾ وڏو فرق آهي. پرجهڻ ۽ پروڙڻ،
فڪر ڪرڻ ۽ تدبر ڪرڻ آهي مقصد. ڪتاب ۽ ان جو مطالعو
آهي ذريعو. پر اڄڪلهه ته ’ڪتاب‘ به ناياب آهن،
ڇو ته هر ڇپيل ۽ مجلد دفتر جو نالو ڪتاب ناهي!
لکين اهڙا ڇپيل ۽ مجلد دفتر موجود آهن، جي ظاهري
طرح سان ته ڪتاب ئي آهن، پر حقيقي طرح سان اهي
ڪتاب جي قطار ۾ ڪِٿي نٿا سگهجن!
ٻيو ذريعو آهي، اهل فن استادن جو ۽ انهن جي صحبت ۽
تربيت جو، سو اهو ذريعو به موجود ڪين آهي. هر ڪو
هريڙ رکيو پساري پيو سڏائي! نه رهيا آهن فيضور
استاد، ۽ نه رهيا آهن پڙهيل ڪڙهيل ڄاڻو. اهڙا اهل
فن ۽ استادان فن ته ناپيد ٿي چڪا آهن. باقي نمائشي
۽ ڌُڪئي دڪاندار عام جام آهن، جي فن جي آڙ ۾ پيا
ماڻهن کي لُٽين ۽ ڦُرين.
پر جي آهن به ته پوءِ انهن جي صحبت حاصل ڪير ڪري؟
۽ انهن کان تربيت ڪير وٺي؟ بيشڪ اڄ نه آهن استاد
ڪامل ۽ نڪو آهن شاگرد رشيد!
پر جي ڪٿي اهو سلسلو قائم ٿي وڃي ، ڪنهن استاد
ڪامل جي صحبت ۽ تربيت وسيلو ٿي ملي ته پوءِ اتي به
شاگردن جي صلاحيت ۽ ظرف ۽ استعداد جو فرق آڏو ٿو
اچي.
شاگرد آهي، ڇَٽيهه لکڻو، ڪم
–
چور، نمائشي ۽ ناٽڪي، سست ۽ بيمار ، ته پوءِ
استادن جي محنت وَئي کَڏ جي تري ۾! استاد جون
سمجهاڻيون ۽ فهمائشون ٿيون ڍنگهرن تي اٽي هارڻ جي
مثال، جنهن مان نه سود نڪو بهبود ! سعديءَ جي چوڻ
وانگر ، نااهل ۽ نالائق شاگرد تي اثر ٿئي سو ائين
آهي، جيئن گمبد جي مٿان بلور بيهاري ڏيکارجي! مطلب
ته
جيئن گنبد تي بلور نٿو بيهي سگهي، تيئن نااهل
شاگرد تي استاد جي فيض ۽ صحبت جو اثر نٿو بيهي!
ٽيون ذريعو بيان ڪيوسون، صاحب فن بزرگن جي تحرير ۽
تقرير جو . اگر ان تي ٿي نظر وجهجي، ته پوءِ اهو
ذريعو به ناقص ۽ غيرمعياري پيو لڳي. اڄڪلهه جا
صاحب تقرير توڙي صاحب تحرير، پنهنجي شخصي نمائش ۽
مرعوب ڪندڙ دعوائن ۾ پورا آهن، وٽن ڪنهن جي اصلاح
لاءِ صلاحيت ئي ڪا نه آهي. سندن تحرير ۽ تقرير جو
نه آهي، مُنهن نه سَر. اٽو، چي گهوٻاٽو! سندن
تحرير ۽ تقرير، فساد انگيز ۽ فتنه پرور آهي، ته
پوءِ شاگرد کي ڇا پلئو پوندو. جيڪو ڪُني ۾ هوندو
سوئي پاٽ ۾ پوندو! استاد آهي اڳيئي ڇٽيهه لکڻو ته
پوءِ شاگرد ٿيندو، ”ڏاچي هڻي ڏهه، ته توڏو هڻي
تيرهن“ جي مصداق! اهڙن جي تقرير ۽ تحرير ۾ بي
هنگام دعوائون ئي هونديون، باقي علم ۽ ڪمال جو ٿيو
خير! اهڙن جي ناقص ۽ زوال پذير لٻاڙن ۽ لکيتن مان
نڪو علم ۽ فن کي فائدو ، ۽ نڪو غلطڪار ماڻهن جو
ڪو ڀَلو ٿيندو!
هاڻي انهن حالتن ۾ ڏسڻو ۽ سوچڻو آهي ته تنقيد آهي
ڇا، ۽ اڄڪلهه تنقيد ڪيئن ٿي ڪئي وڃي؟
ان جو مختصر جواب هي آهي ته تنقيد آهي، حڪمت ۽
مصلحت سان، مِٺ محبت ۾، ڪنهن ٻئي جي غلطيءَ جي
اصلاح ڪرڻ. پيارن ۽ چُڀندڙ لفظن ۾، دلسوز ۽ دلنشين
لهجي ۾، ٻئي جي سڌاري لاءِ ڪجهه زباني چوڻ ۽ ڪجهه
قلم سان لکڻ، اها حقيقت ته ظاهر آهي ته اڄڪلهه
تنقيد نه پر تنقيص تي زور آهي. اڄڪلهه نقاد اهو
آهي جو ٻين جي ذاتيات ۾ اچي ،گند اُڇلائي، گارگند
ڪري، طنز ڪري، آبرو ريزي ڪري، ٻئي کي هيسائي، هيڻو
ڪري، ڊيڄاري، دهمان ٻڌي! ٻئي کي جاهل سڏي، بي علم
سڏي، ۽ چوي ته هي ڪجهه به نه ٿو ڄاڻي، اصل ڪورو ڄٽ
آهي، علم جي بوءِ به ڪا نه اٿس، فن جي ته خبر ئي
ڪا نه اٿس، اصل ڳالهائڻ به نٿو اچيس! چريو چَرٻٽ
آهي! نڪو آهي شاعر ۽ نڪو آهي محقق! اجايون پيو
لٻاڙون هڻي، ۽ ڪاڳر ڪارا ڪري!
ان مان اهو مطلب نه آهي ته تنقيد بنهه نه ڪجي، ڪجي
۽ ضرور ڪجي. پر پنهنجي حال ۽ اخلاق آهر، پنهنجي
علم ۽ بساط آهر، پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي، پوءِ
ٻئي جي پوتيءَ کي هٿ لائجي . ٻئي کي صلاح ڏجي،
پنهنجي علم ۽ مطالع جي وسعت ۽ حَدَ کي جاچي ۽
پرکي، ٻئي کي نصيحت ڪجي، پر اڳ پوءِ جاچي، سمجهي ۽
سوچي.
ان سلسلي ۾ ، ڀاءُ ڀاءُ کي سمجهائي، پيءُ پٽ کي
سمجهائي، استاد، شاگرد کي سمجهائي ۽ شاگرد استاد
کي سمجهائي؛ محبت سان، مروت سان، اخلاص سان ۽ خير
خواهيءَ سان
-اجائي
هلڪڙائي، پاڻ هرتڙائي ته مورڳو فساد پيدا ڪندي،
اصلاح ته ٿي پري! اگر اصولن ۽ شرطن سان تنقيد ڪئي
وئي ته پوءِ، لامحاله ان جو اثر خير تي ئي
انتهاءَ ڪندو.
هاڻي سوال ٿو اٿي ته ڀلا تنقيد ۽ اصلاح جا فني
اصول ڪهڙا آهن؟ ان جو مختصر جواب اهو ئي ڏئي سگهجي
ٿو ته، مشرق ۽ مغرب جي وڏن وڏن عالمن، جيڪي تنقيد
جي شرطن متعلق رايا پيش ڪيا آهن، تن جو تت ۽ ست
اهو آهي ته : تنقيد ڪندڙ ۾ اصلاح پسندانه ۽ خير
خواهيءَ جا جذبا هجن، هو ڪنهن کي ذليل ڪرڻ لاءِ
تنقيد نه ڪري، گارگند نه ڪري، اجايون سجايون
ڳالهيون نه ڪري، تيليءَ کي تنڀ ۽ ٿوم کي زعرفان نه
بنائي، وچتڙي واٽ وٺي، جانبداريءَ کان پاسو ڪري،
علم جي ميزان ۾ وکر کي تورڻ وقت، واڻئي واري ڀيڏي
نه هڻي، رڳو پنهنجن هم پياله ۽ هم نواله ماڻهن کي
صاحب ڪمال نه سمجهي، ٻين کي اکيون ٻوٽي، غلط ڪار ۽
ناهنجار نه سڏي: مطلب ته اعتدال ۽ احتياط جي واٽ
نه اورانگهي، نه ڪو ڪنهن تي اجايو گند اڇلائي ۽ نه
ڪو ڪنهن جي اجائي تعريف ڪري، پاڻ کي هلڪڙو ۽
خوشامندڙيو چوائي.
تنقيد جي سلسلي ۾، هڪ ضروري مرحلو آهي موقعي
شناسي، موقعي تي ڳالهه ڪرڻ حڪمت ۽ مصلحت جو گُرُ
آهي. هر وقت ’گامو سچار‘ ٿي لٺيون ڪڙڪائڻ، نه ڪو
اصلاح آهي نه ڪو تنقيد!
ٻيو ته تنقيد کي رڳو نڪته چيني ۽ اصلاح تائين
محدود نه ڪرڻ گهرجي، پر ڪنهن جي حسن ۽ خوبيءَ تي
به ضرور داد ڏجي. نه مداحون لکجن ۽ نه رڳو
هجونگاريءَ ۾ قوتون صرف ڪجن. مدح جي جاءِ تي قدح ۽
قدح جي جاءِ تي مدح، تحسين جي جاءِ تي سڪوت ۽
خاموشيءَ جي جاءِ تي تحسين ڪرڻ به نه جڳائي، نه
ڪو ڪم ظرفيءَ ۽ بزدليءَ کان ڪم وٺجي ۽ نه ڪو
خوشامند پسند ٿي ٻئي کي پڏائڻ جي واٽ وٺجي. ’صائب
‘ واه جو چيو آهي :
صائب ، دو چيز مي شکند حسن شعر را،
تحسين ِ ناشناس، سڪوتِ سخن شناس.
چوي ٿو، ”شعر جي حسن کي ٻه چيزون جهوري ٿيون وجهن؛
هڪ ‘ناشناس! جي تحسين ۽ آفرين، ٻي، ’سخن شناس‘ ۽
قدردان جي خاموشي ۽ بيپرواهي!“ اصل ۾ صائب جو
قول، تنقيد ۽ تعريف جي اصول جي وضاحت آهي.
تحسين ۽ آفرين ته وڃي کڏ ۾ پوي، اڄڪلهه جي
تنقيد، تاڃي
-
پيٽي سوڌي، محض نفرت، حقارت، ذاتي رنجش، شڪست
خوردگي، احساس ڪمتري، عناد ۽ بغض جي پيداوار آهي!
علم ۽ مطالع ته ٺهيو ، رڳو ”اخلاقي قدر“ به
نظرانداز ڪري ڇڏڻ، اڄڪلهه جو اصول بنجي چڪو آهي.
ڳالهه ڪجي، پر سنئين سولي نموني ۾، ورن وڪڙن،
”حالانڪ، خصوصن ، گويا، ڪِ“ کان بچي ڪري، ڀلائيءَ
۽ سڌاري جي خاطر، ته پوءِ اصلاح ٿي سگهندي.
اڄڪلهه جا ناقد، اگر شدبد، ڪجهه لکي پڙهي
سگهن ٿا، ۽ ٻئي ڪنهن ويچاري جي ڪا هڪ
-
اڌ غلطي به نظر اچي ٿي، ته پوءِ پاڻيءَ کان نڪري
ايندا. اصلاح جو جهنڊو جهولائي، وٺي رڙيون ڪندا،
اصل آسمان مٿي تي کڻي ڏيندا! چي: ههڙو ظلم! ههڙو
ناحق! ههڙيون غلطيون! فلاحي لفظ جي زير، سا زبَر
ٿي وئي آهي، فلاڻي لفظ جو پيش، جزم ۾ مَٽجي ويو
آهي؛ فلاڻي لفظ جو استعمال غلط ڪيو ويو آهي، هت
قرينو ناهي، هت ’قياس‘ هيئن نٿو چوي، هت استادن جي
خلاف لفظ ٻَڌو ويو آهي، هڪ فڪ اضافت آهي، هت تعقيب
آهي، هت تعقيد آهي، هت عيب تنافر آهي، هت وزن
شڪسته آهي، بحر غلط ٿي ويو آهي! اهو به ٺهيو، پر
ان سان گڏ اهو به چيو ويندو ته جاهل آهي، بيوقوف
آهي، احمق آهي، ناآشنائي فن آهي، ڪنده ناتراش آهي،
غير معقول آهي، ڪجهه نه ڄاڻي، ٻين کان ٿو لکارائي،
چور آهي، ترجمو ڪيو اٿس، فلاڻي ڪتاب ۾ هيئن آهي ڪِ
هونءَ آهي! ائين لکندي، قدم قدم تي نشتر زني ڪرڻ،
اڄڪلهه جي نقادن وٽ عام جام آهي. انهن کي ڪير
سمجهائي، ۽ ڪير پنهنجي پڳ کي وچ
-
بازار ۾ لهرائي ۽ پاڻ تي خلق کلائي! توبهه!
اڄ اهو به عيب هر هنڌ موجود آهي : شل نه
ڪنهن ڪتاب ۾ ڪو اونڌو ابتو حوالو ملي وڃي، ان جو
نالو ٿيو مقدس روايت! ڪنهن حوالي ۽ روايت جي آڙ
وٺي، هاءِ گهوڙا ڪندا ۽ محشر مچائيندا. حالانڪ
روايت جي پرک ۽ پروڙ لاءِ ’درايت‘ جو فن گهرجي.
”جرح ۽ تعاديل“ جا اصول ڄاڻڻ گهرجن، اگر ’روايت ‘
کي ’دَرايت‘ جي اصولن تي نه پرکبو ته پوءِ، ان جي
آڙ ۾ ڪيل تنقيد نه درست چئبي ۽ نه معياري. اڄ هر
روايت کي درايت کان سواءِ تصديق ۽ تائيد ڏني وڃي
ٿي. عيني مطالعي ۽ عيني مشاهدي، ذاتي تحقيق ۽ ڪاوش
تي ڪو به خيال نٿو ڏنو وڃي. روايت هٿ آئي، پوءِ
وَهَي نه وَهي وٺ رينگٽ کي!‘
ان طرح رڳو ڪتابي روايت نه، پر زباني بيان
ٿيل روايت جو به ساڳيو حال آهي، ان ڪري فلسفه
اخلاق جي ماهرن چيو ته : هر ٻُڌل روايت تي ڳنڍ نه
ٻڌجي، پر تڪ
-
تور ڪجي.تحقيق ۽ تصديق کان سواءِ ڪنهن به روايت کي
قبول ڪرڻ، ناقدن ۽ تنقيد لاءِ سهڻو اصول نه چئي
سگهجي.
ان سلسلي ۾ ذاتي رنجش جي ڪري به بعض وقتن
تي، ڪي نهايت ڪُڌا ۽ غلط ڪم ڪري وجهجن ٿا. تاريخ
شاهد آهي، غلط فهميءَ ۽ بدگمانيءَ، بدظنيءَ ۽ بي
احتياطيءَ سان نه معلوم ڪيترن بي قصور ماڻهن کي
تنقيد جي ڦاهيءَ تي لڙڪايو ويو هوندو، جي تحقيق
کان پوءِ هوند بيقصور ۽ مظلوم ثابت ٿين ها. سوال
ٿو اٿي ته اهڙن مسئلن ۽ معاملن ۾ تحقيق ڪير ڪري؟
۽ تصدق ڇو ڪئي وڃي؟ هت ته جنهن جي ڳچيءَ ۾ ڦاهي
جُڙي اچي، ان کي ئي گوگهو ڏجي ۽ گهُٽي مارجي، ڪير
ٿو پڇي؟ ڪير ٿو ڪڇي؟
قرآن ان نفسياتي فساد کي ختم ڪرڻ لاءِ فرمائي ٿو:
”اي ايمان وارئو، گمان جا ڪئين قسم آهن، جن کان
بچو. ڇو ته گمان جا ڪي قسم گناهه ۾ داخل
آهن.“(يونس : 36)
ٻئي هنڌ فرمايل آهي :
”بيشڪ گمان، حق کان مستغني نه ٿو ڪري سگهي.“
قرآن ٻڌائي ٿو ته بدظنيءَ جا ڪيئي قسم آهن، ڪيئي
نفسياني ڪارڻ آهن، ڪيئي نفسياتي حيلا آهن، ڪيئي
غلط انديش اسباب آهن، انهن جي تحقيق ۽ تصديق کان
سواءِ جا به بدظني ٿيندي، اها غيبت ۽ تهمت ۾ شمار
ٿيندي ۽ اهي پنهنجي جاءِ تي گناهه ۾ داخل آهن.
قرآن، ’غيبت‘ کي پنهنجي مرده ڀاءُ جي گوشت
پٽڻ جي مفهوم ۾ ادا ڪيو آهي. ان طرح غلط قسم جي
تهمت تي ڪيترن قسمن جون شرعي سزائون مقرر ٿيل آهن.
نقاد لاءِ ضروري آهي ته هو بدظنيءَ کان بچي ،
تحقيق ۽ تصديق کان پوءِ ئي تنقيد ڪري، ۽ اصلاح
لاءِ لب ڪشائي ڪري. ائين ڪرڻ تي ”مڪارم اخلاق“ ۾
شامل آهي. ان طرح سان نه فقط اصلاح ٿيندي، پر علم
به وڌندو ، اخلاق به وڌندو ۽ عمل حسنه پيدا
ٿيندو.
نصيحت ڪندڙ ناقد ۽ ناصح لاءِ اهو به پروڙڻ
ضروري آهي ته هو انسان جي نفسياتي ڪمزورين کان به
واقف رهي، ان جو لحاظ رکي، نصيحت کان اڳ انهن کي
پاڻ ۾ به جاچي، پر جي پاڻ ۾ نه جاچي ته پوءِ ٻئي ۾
جاچي. ڇوته ڪو به فرد نه ڪو فڪري لحاظ سان معصوم
آهي ۽ نه ڪو عملي لحاظ سان فرشتو ! ماڻهو مڙيئي
ماڻهو آهن. هر ڪو عيبدار آهي، هر حال ۾ غلو ۽
مبالغو غلط آهي، احتياط ۽ ميانه روش مبارڪ آهي. هر
حال ۾ پنهنجو محاسبو ڪرڻ ته افضل ترين آهي. پرائي
ڦوري ڦولهڻ کان وڌيڪ مناسب آهي ته پنهنجي رنڍن جي
تند تورجي، ۽ درست ڪجي. جئن صرافن ۽ شرافن وٽ ڪنڌ
هيٺ ڪرڻو نه پوي.
ڪنهن عرب شاعر واهه جو چيو آهي :
”چيو: دنيا ۾ ڪو انسان نه ڪو معصوم آهي ۽ نه ڪو
ڪنهن جا سڀ ڪم وڻندڙ هوندا. ماڻهوءَ جي حقيقت ۽
شرافت جو اهو ئي ڪافي ثبوت آهي ته ماڻهو وتن سندس
عيب ثواب آڱرين تي ڳڻيندا.“
اهو به ضروري آهي ته ناصح ۽ ناقد جي زبان
۽ قلم ۾ آب حيات ۽ ماکي هئڻ گهرجي ۽ نه زهر هلاهل!
ناصح جو قلم، قلم هئڻ گهرجي ۽ نه چاقو ۽ خنجر!
ناقد جي زبان ۾ ميٺاج ۽ پيار، دلڪشي ۽ شيريني،
اخلاص ۽ مروت، احترام ۽ عزت نفس هئڻ گهرجي، حڪمت ۽
دانائي هئڻ گهرجي ۽ نه تمسخر ، استهزاء ، دل آزاري
۽ آبرو ريزي! ڇو ته خطاڪارن ۽ گنهگارن کي ذليل نه
ڪرڻو آهي، پر اصلاح لاءِ انهن سان مخلصانه روش
وٺڻي آهي، انهن کي ڪافر، مرتد، جاهل، مجهول، احمق،
بيشعور، بيعلم، نادان وغيره نه چوڻو آهي؛ بلڪ
نهايت دلسوزيءَ ۽ خير خواهيءَ سان پيش اچڻ، عمل
صالح ۽ تنقيد صالح ۾ شامل سمجهڻ گهرجي. ڀلا جي
پنهنجي صحت ۽ توانائيءَ جي زعم ۾ اچي، ڦونڊجي ۽
ڦوڪجي، ڪو حڪيم، پنهنجي مريض تي دست درازي ڪندو،
يا کيس گهٽ وڌ ڳالهائيندو ته پوءِ اهو ڪم ، حڪيم
جو نه پر ڪنهن جاهل جو چئبو. حڪيم لاءِ ته
همدردانه لب و لهجو سونهين ٿو ۽ نه دشمنانه!
ان سلسلي ۾ اها به اهم ضرورت آهي ته ناقد
۽ ناصح کي خود پنداريءَ جهڙي موذي ۽ نفسياتي مرض
کان پڻ بچڻ گهرجي. رڳو پاڻ کي صحيح ۽ صالح نه
سمجهڻ گهرجي. ممڪن آهي ته پاڻ ئي خطا ۾ مبتلا
هجي!
ناقدن ۾ اگر ڪو عالم سڳورو ناقد بڻبو ته پوءِ
اٽلندو ڪفر جون فتوائون ڏيندو. ڪفر، شرڪ ، بدعت ۽
الحاد چوڻ کان سواءِ ٻي ڪا به واهه ڪا نه ملنديس.
حالانڪ امام اعظم ته نوانوي سيڪڙو ڪفر جي علامات
تي، فقط هڪ سيڪڙو مسلمانيءَ کي ترجيح ڏيڻ جو حڪم
ڪري، مسلمانيءَ تي فتويٰ ڏني آهي؛ ۽ ٻيو ته امام
صاحب، اهل قبله جي تڪفير جو قائل ناهي. اهو ساڳو
حال ادبي نقادن جو هئڻ گهرجي. ڪٿي هڪ - اڌ اسقام ۽
زير زبر جو فرق ٿيو يا توارد ٿيو ته سرقي جي تهمت
آئي رهي! ائين نه هئڻ گهرجي. ويچاري اديب ۽ شاعر
جي پوري علمي محاسن کان اکيون پوري ڇڏبيون! ته
پوءِ فن ڪيئن وڌندو!
جرح ۽ تعديل ، تنقيد ۽ فن جي عالمن هڪ اهم شرط اهو
به رکيو آهي ته اگر ڪو مسئلو اهڙو اڳيان اچي، جو
فهم ۽ اجتهاد جي خيال کان ڪيئي مختلف رايا ۽ نتيجا
رکندو هجي، ۽ ان متعلق عالمن وٽ ڪيئي مڪاتب، فڪر
پيدا ٿي ويا هجن ، ته پوءِ هڪ محقق لاءِ لازم آهي
ته هروڀرو تنقيد نه ڪري، ۽ احتياط کان ڪم وٺي
خاموشي اختيار ڪري. ان حالت ۾ به اگر تنقيد ڪئي
وئي ته پوءِ اهو ٿيو انساني فڪر تي پنهنجي طرفان
ڪنهن راءِ جو زوريءَ مڙهڻ. ڪنهن به علم جي صاحب
لاءِ، ان غلط روش تي هلڻ جائز نه آهي.
تنقيد جو اخلاقي اصول اهو به ٻُڌايل آهي ته تنقيد
۽ اصلاح، تنهائيءَ ۾ ڪجي، جيئن لوڪ لکا نه پوي.
پيغمبر ڪريم ۽ صحابه ڪرام ۽ ائمه طاهرين جي اصلاح
۽ تنقيد جو اصول اهو ئي هو. ڇو ته تنهائيءَ جي
اصلاح مخلصانه به آهي ۽ اثرائتي به رهي ٿي. باقي
ذلت آميز ۽ شهرت واري تنقيد نه فقط رياڪارانه
آهي، ان ۾ حسد ۽ ڪيني ، انتقام ۽ نفرت سان گڏ،
پنهنجي علم ۽ ڪمال ، تڪبّر ۽ وڏائيءَ جو اظهار ۽
اعلان پڻ لڪل آهي، يا پنهنجي احساس ڪمتريءَ کي
برتريءَ ۾ آڻڻ جو غلط وسيلو اختيار ڪرڻو آهي.
حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن، اڪثر ڪري،
اجتماعي طرح سان تنقيد ۽ اصلاح ڪندا هئا،
فرمائيندا هئا: ”ماڻهن کي ڇاٿيو آهي، جو هيئن
هيئن ٿا ڪن!“
حضرت علي عليه السلام، هڪ ناقد کي وراڻيو ته:
”اختلاف ڪجي، ڀلي ڪجي، راءِ جي اظهار جو
اختيار آهي، پر اخلاق جي حدن اندر. ٻيو ته نصيحت ۽
تنقيد مخلصانه طور ڪجي، حڪمت سان ڪجي، تنهائيءَ ۾
ڪجي، دلسوزيءَ ۽ همدرديءَ سان ڪجي، ٻيءَ حالت ۾
مان به تنهنجي باري ۾ بيخوف ٿي سگهان ٿو، ۽ جيئن
تون چئي رهيو آهين، بلڪل ان طرح سان چئي سگهان
ٿو!“ ۽ ناصح نظر انداز ڪرڻ لاءِ مجاز نه آهي.
خليفي منصور هڪ ڀيري هڪ ناقد کي چيو:
”ائين ته نه آهي ته تون پنهنجي علم ۽ شهرت کي عام
ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ رياڪارانه تنقيد ٿو ڪرين!
پوءِ ڀلي ته اها صحيح ڇو نه هجي!“
تنقيدنگارن لاءِ اهو به خيال ڪرڻ گهرجي،
ته هڪ غلطيءَ جي اصلاح جي سلسلي ۾ ڪي ٻيون بيپناهه
غلطيون ته نٿيون ڪيون وڃن! اهو به هڪ شرعي مسئلو
آهي ته ننڍي مُنڪر جي جاءِ تي وڏو منڪر نه پيدا
ڪرڻ گهرجي.(منڪر معنيٰ فعل قبيح يا جنهن تي گرفت
ڪري سگهجي)
ائين نه ٿئي جو هڪ انفرادي غلطيءَ جي
پويان پئجي ۽ اجتماعي فساد پيدا ڪري وڃي مٿي
چڙهجي! روميءَ چيو آهي:
”بي ادب رڳو پاڻ کي تباهه نٿو ڪري، پر سڄي
ملڪ کي ٿو باهه لڳائي.“
مطلب ته ناقدن کي احتياط ڪرڻ گهرجي. حڪمت ۽ مصلحت
کي نه ڇڏڻ گهرجي، اصلاح ۽ فساد، تنقيد ۽ تذليل ۾
ڪو فرق ڪرڻ گهرجي.
قرآن ان متعلق فرمائي ٿو :
-اَدع
اليٰ سبيل ربڪ بالحڪمة والموعظة الحسنة
يعني: ’رب جي راهه ڏي، حڪمت ۽ سهڻي انداز سان،
ماڻهن کي سڏڻ گهرجي.!
-لا
اکراه في الدين، يعني: ’دين ۾ جبر ناهي.‘
-و
الفتنة اشد مِن القتل، يعنى ’فتنو ۽ فساد قتل ڪرڻ
کان شديد تر چيز آهي.‘
-
ولا تسبوا الذين يدعون من دون الله... يعني: ’هي
ماڻهو جن هٿرادو بتن کي پڪارين ٿا تن کي به گاريون
نه ڏيو.‘ (مبادا هو اوهان جي سچي الله کي گهٽ وڌ
چون.)
-ولا
تجادلوا اهل الکتاب الا بالتي هي احسن، يعني: ’
اهل ڪتاب سان بحث ڪريو، پر تمام سهڻي طريقي سان.‘
ان طرح، قرآن اهو حق به ظاهر ڪيو آهي ته
ڪنهن به شخص جي خلاف، ثبوت کان سواءِ ڪا به
ڪارروائي نه ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ قرآن ۾ آهي:
ان جاءکم فاسق بنَبَا فَتبَينوا ان تصيبوا قوما
بجهالة فتَصبحوا عليٰ ما فعلتم نادمين.
يعني: ’اگر ڪو فاسق اوهان وٽ ڪا خبر آڻي ته پوءِ
تحقيق ڪريو، ائين نه ٿئي جو ا
توهان ڪنهن گروهه کي بنا ڄاڻ جي نقصان پهچائي وجهو
۽ پوءِ پنهنجي ڪَئيي تي پڇتاءُ ظاهر ڪريو.‘
-واذا
حڪمتم بين الناس ان تحڪموا بالعدل،
يعني: ’جڏهن ماڻهن جي معاملات ۾ فيصلو ڪريو ته
پوءِ عدل سان ڪريو.‘
ان طرح چيو ويو ته :
’لايجرمنکم شنآن قوم عَليٰ الا تَعدلوا اعِدِلُوا
هوُ اَقرب للتقويٰ .‘
يعني : ’ڪنهن به قوم جو اوهان سان اختلاف، اوهان
کي عدل ۽ انصاف ڪرڻ کان باز نه رکي، عدل ڪريو،
اها روش تقويٰ جي نزديڪ ترين آهي.‘
انهن آيتن ۾، آزادي راءِ، بحث، ۽ طريقِ
ڪلام متعلق مثالي تعليم موجود آهي.
فرعون ڏانهن حضرت موسيٰ عليه السلام کي نصيحت لاءِ
موڪليندي، کيس الله تعاليٰ فرمايو ته :
”ڪلام نرم ۽ دلنشين ڪرڻ گهرجي. سخت
ڪلاميءَ سان، فرعون مان، حق کي قبول ڪرڻ جي صلاحيت
ئي سلب ٿي ويندي، ۽ پوءِ نصيحت ڪرڻ جي ڪا به ضرورت
نه رهندي.“
غزالي فرمائي ٿو:
”ڪڏهن ناقد جو اهڙو حال هوندو آهي، جو کيس
فڪر و نظر جا کَپُر پيا پٽيندا آهن؛ پر پاڻ ٻين جا
مڇر پيو هڪليندو آهي.“
حضرت عيسيٰ عليه السلام يهودي ناصحن ۽ ناقدن کي
فرمايو :
”اوهان هاٿي ڳهي وًڃو ٿا، پر منهن تان مَکيون پيا
ٿا هڪليو!“
ان طرح سخت تنقيد ڪندڙ جي بدڪلاميءَ ۾
خاموش رهڻ افضل چيو ويو آهي. ڪنهن شخص گوتم جي
منهن تي ويٺي مٿس تنقيد ڪئي، پاڻ خاموش ويٺي
ٻڌائون، آخر ڪڪ ٿي ناقد چيو ته: مون کي جواب ڏيو!
پاڻ فرمايائون: مون ته توکي جواب ڏئي ڇڏيو آهي!
ناقد وراڻيو ڪيئن؟ فرمايائون :” جو ڪجهه تو چيو
اهو مون خاموشيءَ سان واپس ڪري ڇڏيو آهي.“
حضرت عيسيٰ عليه السلام، هڪ گنهگار تي
سنگباري ڪندڙ ٽولي کي فرمايو ته: اڳ ۾ مٿس اهو پٿر
اڇلائي، جو پاڻ پوتيءَ
-
پاڪ هجي!“
مطلب هي آهي ته اسان جي اڳيان تاريخ،
فلسفي، اخلاق ۽ دينيات جي دفترن ۾ باهمي تبادله
خيالات ، اختلاف راءِ، تنقيد ۽ تحقيق لاءِ ڪيئي
سهڻا اصول موجود آهن، جن تي هلڻ گهرجي.
سرڳواسي، ساڌو ٽي. ايل . واسواڻي
شاهه جي حضور ۾
]سرڳواسي
ساڌو ٽي. ايل. واسواڻيءَ جي عالمانه شخصيت ۽ بين
الاقوامي شهرت کان ڪير واقف ناهي! سندس نالي ۽
پيغام کان، مشرق ۽ مغرب جا سڀئي علمي ۽ فڪري ادارا
واقف ٿي چڪا آهن، سندس خيال ۽ عقيدا، امن ۽ صلح،
عبادت ۽ پريم ڀڳتيءَ وارا هئا، ۽ تصوف ۽ ويدانت جو
وڏو ڄاڻو هو. پاڻ پنهنجي عمل ۽ ڪردار لاءِ، ميران
ٻائيءَ کي مثالي ۽ آدرشي آئينو بنائي، عمر
گذاريائون، اها حقيقت آهي ته ساڌو واسواڻي، علم ۽
خيال ، فڪر ۽ فلاسافي، پريم ۽ شيوا جو سچو مثال
هو.
سندس خيالن، مضمونن، تقريرن ۽ ٻولن جي اشاعت جي
سلسلي ۾، ننڍڙو رسالو”سنت مالا“، اڄ تائين،
پوني(ڀارت) مان هلندو رهي ٿو. ان ۾ سندس ڪلام
’نوري‘ ۽ ’نماڻي‘ تخلص سان شايع ٿيندو رهيو آهي.
بيشڪ هڪ آدرشي مهاپرش هو، جنهن پنهنجي ساري حياتي،
خلق جي خدمت ۾ گذاري ڇڏي. پاڻ ، 16 جنوري 1966ع
تي پوني ۾ گذاري ويو، ”شاهه جي حضور ۾“، جا پاڻ
عقيدت ۽ پيار جي ورکا ڪئي اٿائون، سا پيش ڪجي ٿي،
اميد ته ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن لاءِ ڪارائتي ثابت
ٿيندي. –
ادارو.[
ڪافي زمانو گذر ٿي چڪو آهي، ورهيه لنگهي ويا آهن،
صديون سميٽجي چڪيون آهن
–
ليڪن، لطيف جي مزار تي، جمعي وارو هفتيوار اوجاڳو،
انسانذات جي روح کي اڄ به روشني ڏئي رهيو آهي.
لطيف، اڄ به انسانيت جي عجيب طرح سان رهبري ڪري
رهيو آهي!
سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڀلا، سنڌ جي هن
عظيم شاعر، نه ، عظيم ترين شاعر جو مطلب ۽ مقصد
ڪهڙو آهي. ٻن صدين کان مرد توڙي زالون، سندس ڪلام
مان فيض ۽ لاڀ حاصل ڪندا پيا اچن، سندس ڪلام دردن
جو علاج ۽ زندگيءَ جي ڊوڙ ۾، ڪيترن هيڻن لاءِ قوت
بخش ۽ غمگينن لاءِ خوشيءَ جو ڪارڻ ٿيندو آيو آهي!
سندس دُکن ۽ دردن وارو، سوز ۽ فراق وارو،
راز ۽ نياز وارو، ڪلام، ڪيترو نه دلگداز آهي، سندس
ڪلام جذبي ۽ محبت سان سرشار آهي. سندس ڪلام پٿر کي
به پاڻي ڪيو وجهي!
هن عظيم مرتبي واري شاعر جي مزار مبارڪ ڀٽ ۾ آهي،
اها ڀٽ ، سندس نالي پٺيان ڀَٽ شريف ٿي چڪي آهي.
اسان ان کي پيار وچان، ڀٽ شاهه سڏيون ٿا؛ ۽ کيس
ڏاڍي چاهه ۽ چوڄ منجهان، لطيف، عبداللطيف، شاهه
ڀٽائي ، ۽ گهوٽ سڏيون ٿا. اصل ۾ ڀٽائيءَ جو مقام،
هر سنڌيءَ جي مَنَ ۾ آهي، ۽ ڀٽَ شاهه، هر سنڌيءَ
جي هردي اندر آهي. ان منجهان ئي ساري انسان ذات
کي، ساءُ ۽ هڳاءُ اچڻو آهي. نيٺ اهو ڏينهن به
ايندو، جڏهن دنيا ڀٽ شاهه تي اچي مٿو ٽيڪيندي ۽ هن
پياري جي چرنن ۾ سيس نمائيندي!
سنڌ جي هن بي تاج بادشاهه، سڳوري سمي ۾
جنم لڌو. درويشن جي حويليءَ ۾ نپنو ۽ وڏو ٿيو.
ڄائي ڄام ته اڳهين هو، ٿورو وقت، هالا حويليءَ ۽
ڪوٽڙيءَ ۾ رهيو. عشق جي مام سَلي، سير ۾ نڪتو. هند
سنڌ، ڪڇ گجرات، ڪابل ڪشمير، هنگلاج ۽ گرنار، گهمي
عالمن ۽ فاضلن، جوڳين ۽ اداسين سان صحبتون ڪري،
وري اچي، ٻيو قيام گاهه هڪ ننڍڙي ڀٽ تي ڪيائين.
ڀٽ جو مطلب ٿيو، واريءَ جو دڙو. اها ڀِٽ
واريءَ جي دڙن تي هئي، هينئر ان جي ذري ذري ۾ نور
پيو تجلا ڏئي. هينئر اها اسان لاءِ زيارت گاهه
بنجي چڪي آهي، جا ايندڙ سمي تي، پوري دنيا ۽
انسانيت جي مَن ۾ مندر اڏيندي، محبت ۽ سوز جو! ان
ڀٽ تي، ٻارهوئي پيا پياسا اچن، هفتي ۾ جمع تي پيا
ميڙا لڳن، ڇه ماهي حاضري به پئي ڏجي، ٻارهه ماهو
وڏو ميلو به پيو لڳي.
ڀانت ڀانت جا دکايل پيا اچن ۽ عقيدت منجهان، ”جيءُ
لطيف“ جي تنوار ڪن!
اهي هت خاموشيءَ جي عميق درياهه ۾ پيا تڙڳن، پيا
روئن ۽ رڙن، پيا ڳائن ۽ وڄائن. اڌ صديءَ اڳ جو حال
اهو آهي ته
–جڏهن
جديد سنڌ جي هڪ وڏي شخصيت، رشي ڏيارام گدو مل
ڀِٽ تي ويو هو، تڏهن سڄي رات عبادت ڪندي جاڳيو،
لطيف جي چرنن ۾ سيس نمائي، اندر کي آنند ڏنائين؛
پر ان سمي پاڻ کي اٽڪل هڪ سئو کن مردن، ٻارن ۽
زالن جي وچ ۾ ڏٺائين. ان کان پوءِ مون پاڻ کي
اتي، هزارن مردن ۽ ٻڍن، ٻارن ۽ زالن جي وچ ۾ ڏٺو.
شاهوڪار طبقو موجود ڪو نه هو، مون اتي هاري ناري،
ڪمي ڪاسبي ڏٺا. اهو به ڏٺم ته اهي سادا سودا،
ايمان ۽ نوڙت جي جذبي سان ڀرپور هئا.
مان جڏهن اتي ويس، منهنجي نظر جڏهن لطيف
جي اوچي روضي تي پئي، جڏهن نيل جو ديدار ٿيو، تڏهن
منهنجَي مَنُ ۾ شانتيءَ ۽ سڪون جي ازغيبي لهر
ڊوڙي وئي. بجليءَ جي ڪرنٽ وانگر، هلڪي هلڪي، وڻندڙ
سرسراهٽ، منهنجي جيءَ کي لوڏي وڌو. وڻ وڻ مان واس
پيو اچيم، ذري ذري مان ’تون هي تون‘ جي تنوار پئي
ٻڌم، ڇا نه رنگ لڳو پيو هو، هن ابدي ۽ ازلي عاشق
جي قدمن ۾! اندر گهڙيس، وارفته ٿي چانئٺ چميم.
اڃا اندر ويس، عطر ۽ عنبير جي واس ۾ واسجي ويس.
واهه واهه! سنڌ جي جيئري شهنشاهه جي درٻار! اکيون
خود بخود جهڪي ويم، آليون ٿي ويم. سڏڪا ڀريندي ۽
ڳوڙها ڳاڙيندي چولي جي دامن ڀڄايم. بيخود ٿي لطيف
اڳيان جهولي جهليم، لطيف اسان کي ڏي، پيارا، ڪجهه
ڏي! جيڪا توکي وَٽَ سري آهي، ان مان اسان کي به
ذرڙي ڏي! ليلايم، ٻاڏايم، اندر جا احوال اوريم،
رنم ۽ دل کي ٺاريم! لطيف به دلداريون ڏنيون، آٿت
ڏنائينم، آدرش جي راهه بتايائين، محبت جو مَڌ
چکايائين، مست ڪري ڇڏيائين! ڪنڌ کڻي، نوري نماڻيءَ
وانگر اٿي، هٿ ٻڌي بيٺس. داتا کان دان ورتم، وَڌي،
سندس دستار کي اکين تي لاتم! ڇا نه منجهس ساءُ
۽هڳاءُ هو! ذري ذري پئي ڳالهايو. هرچيز خبردار ۽
خاموش پئي نظر آئي!
ٻاهر آيس، هڪ باريش ۽ جراتمند فقير کي
سينگاريل ۽ تارن وارن سازن سان”الاهو“ ڳائيندي
ٻڌم. ٻڌڻ سان منهنجي دل ۾ هڪ پرجوش ڪيفيت طاري ٿي
ويئي. رات، سندس پيرانديءَ ۾ پاسيرو ٿي، ليٽي
گذاريم!
ڳوٺ جا ماڻهو سادا، جايون ساديون، دليون ساديون ۽
محبت واريون. پير صاحب جو گهر البت نئين نموني جو
هو. بزار به گهميس، هر طرح جا دڪان هئا. چانهن جي
دڪانن تي نئين قسم جا گراموفون پئي وڳا. انهن جو
آواز، ڳوٺاڻي ماحول ۽ نظاري کان بلڪل علحدو هو.
هت ته لطيف جي ڪلام کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ڪلام ڳائڻ
گهرجي؟ لطيف هڪ عالمي براڊڪاسٽنگ اسٽيشن کوليون
ويٺو آهي، آڪاسواڻي پئي هر ويل تي نشر ٿئي!
ڀٽ، قدرتي لطف اندوزيءَ کان به خالي ناهي.
نظارا ته آهن ئي ڀٽ تي، عشق جا ۽ محبت جا! ڪراڙ جي
ڪپ تي ڇا نه رنگ ۽ امنگ پيا اٿن!
هڪ روايت آهي ته شاهه لطيف، ڀٽ شاهه جي
ڳوٺ اڏيندي، تعمير ڪرائيندي، پنهنجن هٿن سان مسجد
جوڙائي هئي؛ ۽ اها به ڳالهه ٻڌم، ڀٽ تي سڀ کان
اول، پياري لطيف، مسجد جوڙائي هئي، ان کان پوءِ
حويليون ۽ حجرا ٺهيا هيا. بيشڪ اها پَر ِ، پيغمبر
جي هئي، جن صاحبن، مڪي کان مديني ايندي، ٻاهر سڏ
پنڌ تي، پنهنجن هٿن مبارڪن سان مسجد جوڙائي هئي!
لطيف جي مسجد ۾ به لنگهي ويس، عجيب مسجد
آهي! سڪون ۽ اتساهه جو ساگر پيو ڇوليون هڻي. اهو
کٻڙ به ڏيکاريائون، جو چون ٿا ته لطيف جي واري جو
آهي. ان کي به سلام ڪيم، هٿ لاتم، پيار جي آسيس
ورتم. هڪ پن پٽي ان کي چکيم!
لطيف جي قبي جي پويان، ڀرسان، سندس والد
بزرگوار حبيب شاهه جو پڻ مقبرو آهي، جنهن 1742ع ۾
وفات ڪئي هئي، کيس ڀٽ تي دفن ڪيو ويو هو. انهيءَ
ساڳيءَ ڀٽ تي، هن عظيم شاعر پڻ، چند سالن کان پوءِ
وفات ڪئي.
هو گوشه نشينيءَ مان ٻاهر آيو. هن پاڻ کي
ڌوتو ۽ اڇي چادر ڍڪي، پنهنجن مريدن کي سندس ڪلامن
ڳائڻ لاءِ چيو. جيئن راڳ ختم ٿيڻ تي آيو، تئن هو
سماڌيءَ (مراقبي) ۾ داخل ٿيو ائين ڪندي، لطيف
خاموشيءَ ۽ سڪون ۾ هليو ويو! واقعي اهڙو موت هڪ
سچي عاشق جوئي ٿي سگهي ٿو. سندس مقبرو، حيدرآباد
جي حاڪم غلام شاهه ڪلهوڙي جي خرچ تي 1754ع ۾ تعمير
ٿيو.
مون لطيف جا يادگار پڻ ڏٺا، جيڪي اڃا
تائين ڀٽ ۾ محفوظ ٿيل آهن، انهن ۾ شاهه جي دستار
مبارڪ، سندس ڊگهي لٺ، سندس چوغو(ڪفني) ۽ ناريل جي
کل مان ٺهيل ڪشتو پڻ شامل آهن، جنهن ۾ هو کاڌو
کائيندو هو ۽ پاڻي پيئندو هو.
مون انهيءَ ڪچيءَ مٽيءَ سان ٺهيل ننڍڙي
گهَر َ ڏانهن بار بار پئي گُهوريو، جتي شاهه صاحب
جن رهندا هئا!
منهنجي ذهن ۾ ان وقت ڪيترائي اُمنگ پئي
اُڀريا. اتي مون کي، ارڙهين صديءَ جي هن سنڌي شاعر
جو، ارڙهين صديءَ جي انگريزي شاعر کان به زياده
بلند مقام نظر آيو.
مون کي خبر آهي ته شيڪسپيئر کي سندس هم
وطن، عقيدت مان پوڄيندا آهن، پر اسان سنڌي اڃا اهو
عقيدت جو فرض نه لاٿو آهي، جيڪو شاهه صاحب جن،
سنڌين لاءِ ڇڏيو آهي. اسان اهو قرض هرگز لاهي نٿا
سگهون !
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شيڪسپيئر هڪ وڏو شاعر
هو؛ پر شاهه لطيف نه صرف هڪ عظيم شاعر هو، پر ان
سان گڏ، هڪ صوفي، هڪ اولياء ۽ هڪ عالم ۽ بزرگ پڻ
هو. شيڪسپيئر هڪ ڳائڻو ۽ هڪ اداڪار هو، پر شاهه
صاحب وانگر روحاني اسرارن کان واقف نه هو. جڏهن
اليگزينڊر پوپ کان پُڇا ڪئي وئي ته ”شيڪسپيئر
پنهنجا هيڏا سارا ڊراما ڇو لکيا؟“ تڏهن هن وراڻيو
ته :
”هر شخص کي ڪجهه نه ڪجهه کائڻو پوندو آهي“.
ان ڳالهه وانگر، اهو فن ۽ اهو شعر، جيڪو پيٽ لاءِ
آهي، ان مان ڪهڙو سود ٿيندو؟ شاهه صاحب جو ڪلام ۽
آکاڻيون، سڀ روحاني جذبي سان پلٽيل آهن. شيڪسپيئر
ڪا به روحاني يا دائمي ڳالهه نه چئي آهي. شاهه جو
ڪلام، پاڻ ۾ ازلي ۽ ابدي دائميت رکي ٿو. سندس واڻي
ڪڏهن به پراڻي نه ٿي آهي ۽ نه ڪو ٿيندي! جئن پوءِ
تيئن، ويندي، اڇي اُجري ٿيندي. شاهه جو چشمو هردم
صفا آهي، زماني جي صدين جي وهڪ به منجهس ڪو مير نه
آندو آهي. اهو چشمو تا قيامت ائين اڇو اُجرو رهندو
ايندو ۽ ماڻهو پيا ان تان پياس اجهائيندا. پر اها
پياس روحاني هوندي ۽ نه نفساني. نفساني اُڃ ته
جانور به پيا لاهين. ان ۾ ڪهڙو ڪمال چئبو!
ٻيو ته شيڪسپيئر جي دل ۾ نا اميدي ۽
مايوسي هئي–
پر شاهه ڀٽائيءَ جي دل، اميد
جي روشنيءَ سان ٻهڪندڙ ۽ جرڪندڙ هئي، جيڪا انساني
روح ۽ دل لاءِ هميشه رهنمائيءَ ۽ رهبريءَ جو چشمو
ثابت ٿيندي آئي آهي، ۽ اڳتي هلي به، انسانذات
لاءِ، رڳو اها روشني ڪارگر ٿيندي، ڇو ته ان
روشنيءَ کي سدا حيات ۽ امر هجڻ جو نشچيه حاصل آهي–
مادي روشني ته تيل ۽ وٽ جي محتاج آهي، اهي کُٽا ته
روشني به گم!
لطيف، اها روشني مهاپرش رسول اڪرم(صلي
الله عليه وآله وسلم) کان حاصل ڪئي، جنهن جي جوت،
ڪائنات جي گهر ۾، قنديل ۽ نوراني لاٽ وانگر آهي.
اها جوت به امر آهي، ۽ ان مان لطيف جو ٻاريل ڏيئو
به امر آهي. سندس رسول اڪرم (صلي الله عليه وآله
وسلم) ۾ ڪامل يقين ۽ ايمان هو. چيائين :
مڃ محمد ڪارڻي، نرتئون، منجهان نينهن!“
انهن پنجن اکرن ۾ مَڃ ،محمّد، ڪارڻي، نرت ۽ نينهن
آيل آهي.
اهو به هڪ اونهو راز آهي. تڏهن چيائين ته ”انهيءَ
۾ آهي، اونهي ڳالهه اسرار جي!“ اڄ پري کان، منهنجي
ڪنن ۾ ان لطيف جي فقير جي ”الاهو، الاهو“ واري
ٻولي ۽ لولي گونججي رهي آهي، جيڪا مون ڀٽ تي، ڪئين
سال اڳ ٻڌي هئي!
ان عقيدت جي خيال کان، جا منهنجي من ۾،
لطيف جهڙي اٿاهه ساگر لاءِ آهي، اڄ مان هتان،
پرانهين هوندي به کيس نوڙي سلام ٿو ڪيان. سنڌ جي
هن صوي اولياءَ ۽ شاعر کي پرنام ڪندي، دل کي
خوشيءَ سان ٽمٽار ٿو ڪريان. شال اسان جو سر هميشه
لاءِ، لطيف جي چائنٺ تي رهي!
پڇاڙيءَ جو اهو سوال پڇان ٿو ته:
”هن اسان لاءِ ايترو سارو ڪم ڪيو، پر اسان هن لاءِ
ڇا ڪيو؟“
(هندو واسي، مئي 1965ع تان ورتل آهي) |