ڏيئي ڇڏيندا ۽ پاسن ۾ مٽي ڀري ڇڏيندا آهن؛ زمين
ڪرڪ وارياسي هوندي آهي ته ڏڪَ وڍي، اهي کوڙي، مٿان
تڏو، گاهه يا ڪانا ۽ کٻڙ جا پن وجهي، قبر بند ڪندا
آهن؛ جبل طرف وري پٿرن سان سامي بند ڪن، پر ڪنهن
به صورت ۾ باهه جي سڙيل سر يا ڀتر استعمال نه ڪندا
آهن. اتي سامي، وچ ۾ ڪندا آهن، پر جتي زمين پٿريلي
۽ سخت ناهي، اتي دستور موجب، اولهه طرف ڳجهٽ کڻندا
آهن. پڙواڏو سَندرجي ويو ته قبر جي چئني ڪُنڊن تي
نشان ڪري يا ڪاٺيون کوڙي، پوءِ بُي يا تربت جي
مِٽي پَٽ کان فوٽ – ڏيڍ مٿي ڪري بيهاريندا آهن.
قبر جي مٽي ذرو به پري نه نه ڇڏيندا، پر کوٽڻ وارن
اوزارن کي به ڌوئي دز لاهي بُٺيءَ ۾ گڏيندا. ان
کان پوءِ ڪَچيون سرون تربت جي مٿان چوڌاري پکيڙي
رکندا ۽ زمزم جون خالي ٿيل دٻيون به سرانديءَ مٿان
رکي پاڻيءَ جي ڇٽڪار ڪري تربت کي سوگهو ڪندا.
ميت لاءِ دعائون: قبر جي ٺيڪ ٿيڻ تي، سڀئي ماڻهو اچي قبر جي ويجهو بيهندا. پوءِ
مُلان سيرانديءَ جي ڀرسان کاٻي پاسي قبر جي سيني
جي سامهون بيهي سوره حشر جو آخري رڪوع، يا ڪاٻي
سورة، چڱي آواز سان پڙهندو. ان کان پوءِ، ملون دعا
گهرندو. ان وقت ملون توڙي آيل ماڻهو سڀ جُتين ۽
بوٽن مان پير ڪڍي، جُتين جي مٿان رکي بيهندا، ۽
قُلّ پڙهي ثواب بخشيندس. هڪڙو ماڻهو يا مُلان قبر
جي سيرانديءَ کان کاٻي پاسي بيهي ٻانگ ڏيندو، ۽
دعا گهري، ختمو بخشي، ڪانڌي مقام مان ٻاهر نڪري،
ڪنهن پڌر يا جنازي نماز واري جاءِ اڳيان اچي ڪَٺا
ٿيندا. قبر وٽ، ميت جو ڪو مائٽ تيستائين ويٺو ڪلمه
طيب
ڪجهه وڏي آواز سان پڙهندو، جيستائين سڀ ماڻهو مقام
کان ٻاهر نڪري ويندا. اهو به پندرهن – ويهن منٽن
ترسڻ کان پوءِ، مقام کان ٻاهر اچي، گڏ ٿيل ڪانڌين
جي وچ ۾ ٿي ويهندو. ملان هٿ کڻي سورت فاتح پڙهندو،
ٻيا به ٻُڪ کڻي دعا پنندا. دعا پوري ڪري اتي
’عذرخواهي‘ ڪندس. چوندس ته ”بس يار، خدا ڏاڍو آهي!
بيپرواهه بادشاهه آهي! ويچاري تنهنجي مائيٽجي قسمت! ’خواهش هُجَنئي!‘ هاڻ مڙس ٿي دنيا کي منهن ڏي. مائٽ
ڪنهن کي به نيبهه نه ٿيا آهن!“ اتي هڪڙو ماڻهو
اڳواٽ ڪانڌين ۾ نَڪُلَ يا ريوڙيون، ڇوهارا يا
بسڪوٽ ورهائيندو، جنهن کي ’سُوٿي‘ چون. ان جو مقصد
هوندو آهي ته ڪانڌپي جي ماني تيار آهي، اها پٿر تي
هلي کائي پوءِ وڃجو.
مقام کان موٽ: هٿ فاتح بعد، سڀئي گهرن ڏانهن ورندا. ڪي سڌا ميت جي پَٿَر تي
اچي ‘ڪانڌپو‘،
يعني
دال ۾ رَڌل ڀَت کائيندا، ڪي رڳو گوڏي ٻيڪڙ ڪري اُٿندا. ڪانڌين
جي اچڻ کان اڳ، هڪڙو ماڻهو تڏو، کٽ، ڇاڙون،
قرآن شريف کڻي، ميت جي گهر پهچندو. ڇاڙون ۽ قرآن
شريف اندر گهر ۾ ڏيندو. کٽ، ٻاهر دروازي وٽ پاسيري
ڪري اُبتي رکي، ڀت ڀر ليٽائي ڇڏيندو، جنهن مان آئي
– وئي کي خبر پئي پوندي آهي ته هت قضيو ٿيل آهي.
ڪي تڏو بروقت جنازي واري مسجد ۾ ڇڏين. جي اهڙي
مسجد، مقام جي ڀر ۾ نه هوندي آهي ته اهو ماڻهو تڏو
مُلين کي گهر پهچائيندو. ڪي، وارياسي زمين هئڻ
سبب، لاش دفن ڪرڻ مهل تڏو به ڏَڪن مٿان وجهي پوري
ڇڏيندا آهن. ڦرهو يا ڏولي جتان آندي هوندائون اتي
پهچائيندا؛ وهنجڻ جي پاڻيءَ جي ديڳ به جي پرا.ئي
هوندي ته ڌڻين جي حوالي ڪندا. حَد، جنهن ۾ مڙدي جي
وهنجڻ جو پاڻي پيل هوندو، ان ۾ مڙدي واريون
اڳڙيون، غليظ ڪپهه ۽ پاٽ يا طباخ، جنهن ۾ ميٽ
مَليو هوندائون، انهيءَ کي به ڀڃي حَد ۾ وجهي لَٽي
ڇڏيندا.
لاش امانت ڪري دفن ڪرڻ: جيڪو لاش امانت طور زمين ۾ دفن ڪرڻو هوندو آهي، ان جو وارث، لاش
لاهڻ کان اڳ چوندو ته ”خدا واحد شاهد آهي ته هيءُ
لاش، آءٌ هن زمين ۾ امانتي دفن ڪريان ٿو. جڏهن
آساني ٿيندي، تڏهن اچي ڪڍندس.“ اهڙو لاش ڪنهن ڪاٺ
جي پيتيءَ (تابوت) ۾ يا تڏن ۾ ويڙهي سيڙهي دفن
ڪندا آهن. اهولاش سينگاريل هوندو آهي. اهو قبر جي
پڙواڏي جي وچ ۾ پوربو آهي. ان جي دفن بعد قبر مٿان
ٻانگ ڪانه چون، جنازي نماز پڙهي دفن ڪندا آهن، ۽
جي وري ڪائي ڪٿي رکيائون ته وري به جنازي نماز ٻيو
دفعو به پڙهندا آهن. ڪي معياد مقرر ڪندا آهن ته
”هيتري عرصي اندر اچي ڪڍايم ته واهه نه ته هن ئي
خاڪ جي سپرد آهي.“ امانتي لاش دفن ڪرڻ مهل ان قبر
جي چوڌاري ڪوڏر سان قط ڪڍندا آهن ۽ جي لاش نه
ڪڍيائون ته اهو قط کرڙي ڊاهي ڇڏيندا آهن، يا آڱر
سان ليڪو ڪڍندا آهن جو پوءِ پاڻهي ڊهي ويندو آهي.
وڌ ۾ وڌ ٽن سالن تائين لاش امانت رکي سگهبو آهي.
پَٿَرُ:
پٿر، ٻن قسمن جا پوندا، هڪ زالوڻو، جو ميت جي گهر
۾ پيل هوندو، ٻيو مڙساڻو، جو ٻاهر اوطاق ۾ هوندو.
(الف) مڙساڻو پٿر: هڪڙو عزيز اوطاق ۾ ٽن ڏينهن تائين تڏي تي ويٺو رهندو، جنهن وٽ
ماڻهو عذرخواهي ۽ هٿ سنوان ڪرڻ پيا ايندا. جيڪي
ماڻهو ڀترڀائي يا ڪانڌي نه ٿيا هوندا ۽ مڙدي جي
مائٽن سان تعلق رهيو هوندن يا جيڪي پرانهان مائٽ
سُڻي ٻُڌي آيا هوندا، سي سڀ عذرخواهيءَ لاءِ ايندا: آيل السلام عليڪم چئي ويهندو ۽ ٻُڪ کڻي سورت فاتح
پڙهندو، ٻيا ويٺل به هٿ کڻندا. سورت پوري ڪري
چوندو ته ”الله بي نياز، بادشاهه آهي! توبهه ڪبي!
ويچاري جي قسمت!“ پوءِ اڳلو اٿي کيس کينڪاريندو.
ويجها سڄڻ هوندا ته
روئي پوندا. پوءِ ويهي خبرون چارون ڪندا. ٽي
ڏينهن، اهو پٿر تي ويٺل عزيز صبح شام، مقام تي
مرحوم کي قل پڙهي ختمو بخشيندو رهندو. ٻيا ويجهڙا
مائٽ يا لاڳاپيدار بسترا کڻي اچي، ٽي راتيون پٿر
تي سمهندا ۽ ڪم ۾ هٿو باري ڪرائيندا، جيستائين
’ٽيجهو‘ ٿئي. پوءِ ٽيجهي تي وهنجي بسترا کڻي گهر
ويندا. ٽيجهي لاءِ پري توڙي ويجهو رهندڙن، دوستن ۽
مائٽنم کي دعوت موڪليندا ته ”مرحوم جي خيرات جي
ماني کائڻ لاءِ اچي حاضر ٿجو.“ ان ڏينهن پلاءَ
وغيره رڌين ۽ اهو ماڻهن کي پٿر تي کارائين. ڪن کي
گهرن ۾ ٿانءَ به موڪلين. ڪي ماڻهو اها ماني ’پهت‘
يا پاهت جي ڪري هلائين يعني کائڻ بعد هرهڪ ماڻهو
رپيو يا ٻه رپيا وارثن کي ڏيندو ويندو،
جيئن
ميت جي خرچ ۾ اوڄ
اچين،.
اُن ڏينهن تي، ميت واري
کٽ کڻي اندر گهر ۾ رکندا.
(ب) زالوڻو پٿر: جيئن ڪانڌي مقام تان موٽندا، تيئن باقاعدي ’سياڪو‘ يعني روڄ
راڙو شروع ٿيندو. اُن مهل، زالون ’منهن ڍڪڻ‘
لڳنديون. هڪ راڄ جمعدارڻ، جنهن کي راڄئي به چون يا
ڪابه وڏي پري زال اشارو ڪندي، جنهن تي سڀ زالون
پنهنجي پنهنجي منهن تي گندي يا پوتيءَ جو پاند
وجهي روئڻ شروع ڪنديون. هر ڪا پنهنجن پنهنجن مٽن
مائٽن کي، جيڪي ويجهڙائي ۾ گذريا هوندا، تن کي ياد
ڪري نالا وٺي پئي روندي ۽ ٻاڪاريندي. ان لاءِ ئي
چوندا آهن ته ”پٿر پرائو، سُور سڀڪا پنهنجا روئي“.
ٿوري وقت کان پوءِ هر هڪ زال ميت جي مائٽياڻين
سان، جي قطار ۾ ڀت جي ڀر وٺي ويٺيون هونديون،
ريڙهي وڃي ’ڳِري‘ لڳندي، يعني ٻنهي جي مُنهن تي
پلاند پيل هوندو. هڪٻئن جي ڪُلهن تي هٿ يا ٻانهو
رکي للهنگ پار ڪڍنديون ۽ جگر ڦاٽيون دانهون ڪري
پيون روئنديون. واري واري سان اوڇنگارون ڏينديون،
ڳِري لڳنديون وينديون. ٿڪجي پوڻ تي اها وڏي راڄئِي
روڄ بند ڪرائيندي، چوندي ته ”اما، توبهه ڪريو!
توبه ڪريو! ڌڻيءَ جي شيءِ هئي، ڪنهن جو وس ٿوروئي
ٿو هلي! الله ڏاڍو آهي. توهانجن هٿن ۾ سُرهو ٿيو،
گهڻن سورن کان چٽي پيو. الله مرهيندس! رب جي سرڪار
ڏاڍي آهي. گهڻو روئي، هن جي روح کي تڪليف نه ڏيو!
توهان وٽان ڇا نِيو اٿس! سڀڪجهه اتي ڇڏي ويو آهي.
هُو ته پنهنجو وارو وڄائي ويو. پاڻ ڪَڙهون پنهنجي
حال کي. هاءِ هاءِ ڪي ڪين ڪيوسين!“ سياڪو پورو ٿيو
ته آيلون هٿ مٿي سنئون کڻي، انهن عزيزاڻين سان
پرچاڻي ڪنديون. پوءِ دنيا جا لهوارا اوڀارا قصا
ڪُٽي نوِيسرا ڪري، گهر روانيون ٿينديون.
سياڪي لاءِ اچڻ:
ٽي ڏينهن، صبح شام زالون پيون پٿر تي اينديون ۽
روئنديون. ڪَنڊ (اُڪنڊ) کڄڻ تائين رڳو شام جو
اينديون، ۽ عدت کڄڻ تائين سومر ۽ خميس ڏينهن
تي خاص طرح، ۽ باقي ڏينهن تي ڪڏهن ڪڏهن پيون
اينديون، جيستائين وڃي ’پڻڇ‘ کڄي. زالون چونديون
ته ”هنن جو وات رت سان ڀريل آهي، هلو ته پٿر تان
ٿي اچون.“
ڏينهن وار: زالن وٽ هڪڙا سعد ۽ ٻيا نحس ڏينهن ٿين. مئي جي لاءِ ’وار‘ جا
ڏينهن اڱارو، ڇنڇر ۽ سومر سنڀالين، ۽ سعد ڏينهن
جمع، آچر ۽ اربعا ليکين. سعد ڏينهن ۾ عذرخواهي
سياڪي لاءِ ڪنهن جي گهر ڪونه وڃن.
فقط جمع ڏينهن
به
ڪنهن جي ’منهن ڪاڻ‘ فاتحه لاءِ به ’جمعو بعد‘ ڪري
پوءِ وڃن. ڇڙي ماڻهوءَ جو چاليهه تي يعني چاليهن
ڏينهن بعد پڻڇ کڄندو ۽ سگهري جو عدت جي گذرڻ تي.
انهيءَ وچ ۾ جيڪو ڏينهن وار ٿيندو مثال اُڪنڊ کڄڻ
(جا نائينءَ يا يارهينءَ ڏينهن تي به کڄندي آهي.)
ايڪيهي وغيره تائين زالون، سياڪي لاءِ اينديون
رهنديون.
عدت ويهڻ: عدت جو معياد چار مهينا ۽ ڏهه ڏينهن آهي: مئل جون هڪ کان وڌيڪ
جيڪي
به زالون هونديون، سي سڀ عدت ويهنديون.موت مهل ٻانهيون ٻيڙا ڀڃي ڇڏين ۽ زيور
اهي رکن ۽ ڏهاڳ جو وڳو ڍڪين. مئل جي زالن سان گڏ،
سندس مائٽياڻيون به سوءَ (سوگ) رکن: سڀئي ’لسا
ڪپڙا‘ يعني بنا ڀرت ڀريل، سادا بنا رنگ وارا، اڇا
ڪپڙا ڍڪين.
اهي ڪپڙا ڪي بروقت ڍڪين ته ڪي ٽن ڏينهن کان پوءِ.
سوءَ واريون
زالون
کير کنڊ ڪونه کائين. سندن مائٽياڻيون هنڌ بسترا
کڻي اچي اتي پٿر تي سمهن. سيرانديءَ کان پڪي سِرَ
رکي
تڏي تي سمهندي ۽ گهر جي هڪ ڪُنڊ وسائي ويهندي، وڏي
سڏ نه ڳالهائيندي، سندس مُنهين ڪوبه رهائيندو مائٽ
نه لڳندو؛ باقي پٽ، ڀاءُ ۽ پيءُ پيا ايندا ويندا،
منهين لڳندا. پاڻ انهيءَ هڪڙيءَ ئي جاءِ تي قرآن
شريف، نماز ۽ صلوات ويٺي پڙهندي، جيستائين عدت جو
معياد گذرندو. جيڪي مائٽياڻيون رهنديون، سي ڪم ڪار
۾ همراهي پيون ڪرائينديون: مئل جي خدا ڪارڻ جي ڪڻڪ
جي ماني موڪلينديون. اها ماني وڃڻيءَ تي رکي
موڪلينديون آهن.
مٿا ڌوئڻ:
زالون ٻه ڀيرا مٿا ڌوئينديون آهن: هڪڙو دفعو ٽيجهي
يعني چوويهن پهرن پورن ٿيڻ تي، ٻيو ڪَنڊ (اُڪنڊ)
کڄڻ واري ڏينهن تي. مٿن ڌوئڻ لاءِ تيل ميٽ ۽ پاڻي
ڀرائي اهو ماڻهو ڏيندو، جنهن پهرين ’ڪُني‘ ڏني
هوندي. گهر وارين سان گڏ راڄ واريون به همدرديءَ
طور مٿو ڳچيءَ تائين نُوڙائي ڌوئارينديون آهن.
گهڻيون زالون وهنجي سڄو بدن ڌوئن. مٿن ڌوئڻ ۽
وهنجڻ ۾ زالون هڪٻين کي مدد ڪنديون آهن.
ڪَڙيون ڪُنيون:
پهرين ڪُني
ناٺي ڏينبدو (مئل زال کي سندس ڀاءُ ڏيندو)، پوءِ
ڀائر، عزيز ۽ مٽ مائٽ ڏيندا. ڪنيون، ٽي راتيون ۽
ٽي ڏينهن ڏيندا. پهرين ڪنيءَ کي روزو کولائڻ چون؛
انهيءَ ۾ ڪانڌپو
به اچي ويندو آهي. ڪني ۾ چانور، چڻن جي دال، گيهه
وجهي ديگ رڌي لاهين.
اهو ڀت، ٻوڙ، آچار ڌؤنري سان کائين، پر مٺاڻ يا کير سان هرگز نه کائبو. جيستائين ختمو ٿئي؛
تيستائين ڪنيون هلائين؛ پوءِ بند ڪن. ڪي ڪُنين جي
عيوض روڪڙا پئسا وارثن کي ڏين. ڪنين جو ڀت، پاڙي
وارن ۽ مٽن کي به گهرن ۾ موڪلي ڏين. ڪي گهڻو ڪري
اتي پٿر تي کائين. گهر ۾ ڀت اچڻ ۽ کائڻ تي حِيلو
آڻين.
فضل الاهي انصاري
اَکا
هير.
عام چوڻي آهي ته هير ئي سندي هير ٽنگ ڀڳي به نه لهي. هير جو ٻيو نالو عادت
آهي.
عدد عادت کي وجود
ڏي ٿو. جيڪڏهن ڪو شخص تمام گهڻا ڀيرا ٻيڙي ڇڪيندو
ته ان ۾ ان علت جو جذبو نهايت گهرو گهر ڪري ويندو.
نسبت رغبت جو ٻيو پهلو بنجيو وڃي. ميلاپ ۾ اثر
آهي. ان ڪري ٻيڙي پياڪ جنهن به مهل تي ٻيڙي ڇڪيندڙ
هوندو،
ان وقت ازخود هن جو هٿ ٻيڙي ماچيس ڏانهن وڌندو. جي هٿ نه آيس ته
تيسين پيو هٿوراڙيون هڻندو، جيسين ٻئي وڃي ميسر
ٿيندس. اوتارن ۾ ۽ رستن تي ڪئين سائينءَ جا
سنواريا اڌڙ چونڊيندا وتندا آهن. ڪيترا مولائي
ماچيس جي تيليءَ لاءِ هٿ ڊگهيرڻ ۾ ڪا هٻڪ ڪانه ڪندا آهن، پوءِ ڏيندڙ واقف هجي يا نه. مجبوري آهي جا
انسان کي ڪيرائي ٿي. تماڪ جا طالب هن ڇڪ کي ٻاڙ
چوندا آهن. هو هڪ قسم جي ضرورت محسوس ڪن ٿا، جا
وڃيو ڇڪ جي صورت اختيار ڪري. اهڙي جذبات کي هڪ ڪمي
چئبو، جن جي پورائي ڪرڻ فطرتي تقاضا ليکي وڃي ٿي.
اهو سوداءُ ڏاڍو زور ڀريو ٿو ٿئي. صحيح معنيٰ ۾
وٺبو ته هن قسم جون خواهشون اصلي ڪمزوريون ڪونهن.
چاءِ پياڪ مقرر وقت تي چاءِ طلبيندا آهن، پوءِ جي
مهل تي نه ملي ته وئل ٻري ويندو. عادت جي پورائي
نٿي ٿئي ته بيچيني ۽ تڪليف وڌيو وڃي عذاب جا وڻ
ٿين. ڪن حالتن ۾ ته ويچارو انسان ايترو بي وس ۽ بي
اختيار بنجيو پوي جو
ڏهاڳڻ خاطر ذلت برداشت ڪرڻ جي قوت پاڻ ۾ پيدا ڪيو
وجهي. ضمير کي ڪُهي اچيو قدمن ۾ هڻيس.
هيرون جدا جدا قسمن جون ٿين ٿيون. ٻهراڙيءَ ۾ ڏاڏي
حوا جون نياڻيون
ٻارهين مهيني پيٽ کي هٿ هڻائينديون آهن ڪٿي وري
ڄئورن ذريعي
ڪنو رت ڪڍرايو ويندو آهي. ڪي ماڻهو وري پيا اجايون اکيون
ڇنڀيندا آهن. اهي سڀ رَوشون هير جون محتاج آهن، جن جو لاهڻ ضروري ٿيو
پوي. ڪٿي ڪٿي ننڍڙن ٻارن کي مائر چهو کارائينديون
آهن. اها عادت جا ٻالڪپڻي ۾ پرورش پائي ٿي، وڏپڻ
تائين هلي اچي ۽ قبر تائين ساٿ نٿي ڇڏي. علحده
علحده عادتون انسان
تي قابو
پائين
ٿيون، پوءِ انهن مان ڪي مطلب واريون ۽ ڪي بي مقصد
آهن.
ڪابه هيرَ چڱي ڪين چئبي. جو به ڳڻ لاچاري ۽ بي
وسيءَ جو بنياد ٿو وجهي، اهو حقير ۽ برو
فعل چئبو. جو ڪجهه به لاڳيتو ڪبو اچبو اهو نيٺ وڃي
عادت بنبو. ان ڪري نهايت نيڪ ڪم ۾ پڻ ناغو وجهڻ
ضروري آهي. اهو ئي هڪ ذريعو آهي نجس علت جي پاڙ
پٽڻ جو. ان ڪري اها عبادت جا ’عادت‘ ٿي بڻجي، تنهن
کي خلوص سان واسطو نه آهي.
عادت هڪ مرض آهي، هڪ بيماري آهي، جنهن جو نالو آهي
وهم. ان جو علاج سُتي پيڻ سان نٿو ٿئي، هي دماغي دونهان
ذهني ڦوڪن سان وائکا ٿين ٿا، هن درد کي دور ڪرڻ
لاءِ وڏو تحمل کپي. مغز کي صاف ڪرڻ سٿرو ناهي.
ڪيترن هنڌن تي ته هن موذي مرض لاءِ ڪا شفا ئي
ڪانهي. موجوده زماني،
وهم دور ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. حڪمت روڪ ۾
آهي ۽ نه علاج ۾.
آخري سفر.
جنازي سان هلندي، اڪثر ڪنن تي اهو پڙلاءُ پوندو
آهي: ’آهستي آهستي، لوڏو نه اچي ميت کي، عذاب
ٿيندو‘” لفظن ٻڌندي ئي ڪانڌين جا پير ڍرا ٿي ويندا
آهن.
هاڻي سوال ٿو اٿي ته لوڏي اچڻ سان واقعي ميت کي
تڪليف پهچي ٿي يا مٿي ڄاڻايل لفظ بي مطلب آهن، ۽
صرف دنيوي دستور موجب رسم جي پوئواري ڪرڻ لاءِ
پڪاريا
وڃن ٿا. ان حالت ۾ خيال ٿو اٿي ته آخر هيءَ روايت
ايجاد ڪيئن ٿي. رواج جو بنياد پختو آهي، چيڪي
مٽيءَ جي ڪچي ڀتر وانگر ڪينهي
جو جهٽ ڀري پوي، زماني جي گردش کڻي کي ڪئين رنگ
بدلارائي، پر اصليت نيٺ وڃيو پاڻ ڏ ڇڪي. ظاهر ٿيو
ته عام روايتون خالي کوکا ڪونهن.
مماتيءَ بعد جسم ته بيڪار بڻجيو وڃي، روح جو تعلق
هن جنسار سان ڪونهي، ازلي شيءِ ته اوس اڏاميو وڃي.
قبر
جو عذاب به ته روح کي رسندو، پر ڀيڙ به ته تڏهن
ايندي جڏهن لاش وڃي لحد ۾ لهي. ڏوليءَ
۾ ته ڏک ڪونه ڏيندس.
صاف ڳالهه آهي ته مُئي کان پوءِ جسم بي اثر، ته
پوءِ عذاب ڪيئن؟ منهنجي ناقص نظر ۾ هيءَ رسم ڪنهن
ڏاهي جي تلقين جو اثر آهي، انساني عيب ڍڪڻ لاءِ هي
جملو چونڊيو ويو آهي.
|