انور ابڙو
ڪراچي
وڃڻ کان اڳ ۾
گلاب جڏهن پنجاهه سالن جي عمر ٽَپي هليو
ته کيس پنهنجي باقي عمر ٿوري محسوس ٿيڻ لڳي. هِن
کي پنهنجي گهٽ رهجي ويل عمر جو ايترو شديد احساس
شايد هونئن نه ٿئي ها، پر جڏهن ٻه سال اڳ سندس وڏو
ڀاءُ برين هيمريج سبب ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ
کان لاچار ٿي بستري تي ويهي رهيو هو ۽ اُن جي ٻئي
سال تي سندس والد صاحب پنهنجي وڏي پٽ جي اهڙي
لاچاريءَ وارو صدمو برداشت نه ڪري هميشه جي لاءِ
هليو ويو هو گهڻو گهڻو پري.....ته اُن بعد گلاب
پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو هو. اهي هُن جا ڀاءُ ۽
پيءُ نه، پر هِن جا دوست هئا، ۽ اهو هن جي وهم
گمان ۾ به نه هئو ته، هُو ائين اوچتو هليا ويندا!
انهن جو اِئين اوچتي وڃڻ ئي هِن کي پنهنجي اوچتي
وڃڻ واري سوچ جو قيدي بڻائي ويو هو.
ان بعد هِن کي پنهنجي حياتي اجائي ته محسوس نه
ٿيندي هئي، پر کيس اهو يقين ضرور ٿي ويو هو
ته،”زندگي هڪ مهمان آهي، جا ڪنهن به گهڙيءَ
موڪلائي وڃي سگهي ٿي.“
تنهن ڪري هِن چاهيو هو ته، هيءُ پنهنجي
هوندي پنهنجيون سموريون شيون پنهنجي گهرواري
سلميٰ ۽ پنهنجي اولاد جي حوالي ڪري وڃي. هِن جي ڪُل ملڪيت سندس هڪ
گَهرُ ۽ ٻنيءَ جا ٻه ٻارا هئا، جيڪي سندس وَئي
کانپوءِ
سلميٰ ۽ سندس اولاد کي ملي پئي سگهيا. هن جا ٻه
بئنڪ اڪائونٽ ته سولا هئا، جو انهن جي چيڪ بُڪس جي
سلميٰ کي به خبر هئي. هن جي ڪمپيوٽر ۾ جيڪي به تصويرون ۽ ٻيون
لکتون پيل هيون، سي به محفوظ هيون، جيڪي سندس گهر
وارا ڪڏهن به ڪمپيوٽر کولي اهي کڻي سگهيا ٿي، پر هِن جي، خاص
ڪري فيس بڪ، ٽوئٽر، انسٽاگرام، يوٽيوب چينل ۽ اِي
ميل ايڊريس جي پاس ورڊس جي
سلميٰ کي خبر نه هئي.
گلاب جو لکڻ پڙهڻ سان به واسطو هو، تنهن
ڪري هِن پنهنجي اي ميل اڪائونٽ ۾ پنهنجا ڪيترائي
ڪتابي مسودا، تصويرون ۽ ٻيون يادگار شيون محفوظ
ڪري رکيون هيون. ان طرح فيس بڪ تي به سندس تمام
گهڻيون اهڙيون پوسٽون پيون هيون، جيڪي هن جي
ڪمپيوٽر ۾ موجود نه هيون، تنهن ڪري انهن سڀني
ڳالهين کي ذهن ۾ رکي هيءُ سوچڻ لڳو ته، ”جيڪڏهن مان اوچتو هليو
ويس، پوءِ ته منهنجا پونئير منهنجي اِن سموري
خزاني کان محروم ٿي ويندا؟“
ائين سوچيندي سوچيندي سندس ذهن ۾ اها
ڳالهه آئي ته، هيءُ اُنهن اڪائونٽس جا پاس ورڊ
پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکي، اها ڊائري هڪ اهڙي جاءِ تي
رکي، جو سڀاڻي، جڏهن هيءُ هليو وڃي، ۽
سلميٰ صدمي مان ٻاهر اچي هن جون شيون ڳولڻ، ڏسڻ ۽ پڙهڻ لڳي ته،
کيس اها ڊائري به سولائيءَ سان ملي سگهي.
رات جو سمهڻ کان اڳ ۾ گلاب پنهنجي ڊائريءَ
۾ پنهنجي اِي ميل ايڊريس، فيس بڪ، ٽوئٽر ۽ يوٽيوب
چينل جا پاس ورڊ لکيا ۽ ڊائري پنهنجي وهاڻي جي
هيٺان رکي، اهو سوچي سمهي پيو ته، هُو صبح جو اها
الماريءَ ۾ رکي ڇڏيندو.
اڌ رات جو اوچتو گلاب کي دل جو دورو پيو.
سندس گهرواري
کيس ويجهي اسپتال کڻائي ويئي، جتي هن جو باءِ پاس
ٿيو. هُو بچي ويو.
....
جڏهن گلاب اسپتال مان واپس گهر آيو ته،
سندن گهر ۾ ڪم ڪندڙ هڪ مائيءَ هن کي دل جي پيل
دوري کانپوءِ واري صبح جو سندس بستري مان مليل اها
ڊائري
سلميٰ
کي اِهو چئي ڏني ته، هِنن کي اِها صبح جو صاحب جي
بستري مان، سندس وهاڻي هيٺان پيل مِلي هئي.
سلميٰ
جيئن ئي اُها کڻي کولي - ۽ اُن جي ٻئي صفحي تي
لکيل هنن لفظن تي سندس نظر پئي ته، سندس اکيون
اُتي ٽِڪي بيهي رهيون. هن پڙهڻ شروع ڪيو:”منهنجي
جيون ساٿياڻي
سلميٰ، تو ته مون سان سڄي عمر وفا ڪئي آهي، پر
جڏهن منهنجي زندگي مون سان وفا نه ڪري، ۽ گهڻو پري
هليو وڃان اوهان کان، جبلن جي چوٽين جي ٻئي پارِ،
ته تون هيءُ
پاس ورڊ پاڻ وٽ سنڀالي رکجانءِ ۽ اُهي اسان جي پٽن
کي به ڏجانءِ، ته جيئن اُهي منهنجن انهن اڪائونٽس
۾، جيڪي ڪجهه پيو آهي، اُهو کڻي پاڻ وٽ محفوظ ڪري
سگهن. منهنجي سموري زندگيءَ جي ميڙي چونڊي انهن
اڪائونٽس ۾ محفوظ ٿيل آهي. توکي گهڻو سک نه ڏيئي
سگهيس، ان لاءِ مون کي معاف ڪجانءِ.“
ان کانپوءِ پاس ورڊ لکيل هئا.
سلميٰ
جيئن ئي اِهي اکر پڙهيا ته سندس اکين مان ڳوڙها
وهي پيا. اُن لمحي گلاب اسٽڊي روم مان ٻاهر نِڪتو.
هُو
سلميٰ
جي هٿ ۾ پنهنجي ڊائري ڏسي پريشان ٿي ويو. زرد پتي
جهڙي مرڪ مرڪيو ته،
سلميٰ جي چپن تي ميارَ ۽ ڏکُ لکجي آيو. ٻنهي هڪ
ٻئي سان هڪ لفظ به نه ڳالهايو. ان دوران سندن
ننڍڙو پٽ بادل ڊوڙندو آيو، جنهن ماءُ جي هٿَ ۾
ڊائري ڏسي کيس چيو،”امان امان....، اها مون کي ڏي.
مون کي هن ۾ اسڪول جو ڪم لکڻو آهي.“ هُن جيئن ئي
اها ماءُ کان ڦري ته گلاب هاڻي ’سچي مرڪ‘ مرڪندي
چيو،”امانت صحيح هٿن تائين پهتي.“
سلميٰ
جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
حيدرآباد
سيٺياڻي
جيئن ئي ماسي (ڪم واري) گهر ۾ گهڙي ته
منهنجي وڏي پٽ مون کي سڏ ڪيو. آئون هونئن ئي
رڌڻي مان ٻاهر پئي آيس.
ڪم واريءَ کي جو ڏٺم ته دِلجاءِ ٿيم ته هاڻي نيرن تيار ٿي
ويندي. ڪجهه ڏينهن کان ڪم لاءِ ڪو به ماڻهو نه هجڻ
ڪري صفا بيزار ٿي ويٺي هيس. رافع جي سڏ تي ٻاهر
اچي چيومانس، ”پٽ ڇا آهي؟ رڙيون نه ڪر،
ڪم واري اچي وئي آهي. هاڻي بس جلدي نيرن تيار ٿي
ويندي.“
”هيءَ
ڪم واري آهي؟“ منهنجي پٽ جي اکين ۾ حيرت هئي سواليه نظرن سان مون کي
ڏسڻ لڳو.
”ها، اها ڪالهه ڳالهائي وئي هئي، اڄ شڪر
واعدي مطابق اچي وئي.“
هن ڊگهو ساهه کڻندي چيو، ”مون ته سمجهيو
ڪا آنٽي توهان سان ملڻ آئي آهي، هيءَ ههڙي ڪشميرڻ
ڪٿان هٿ ٿي. اڳ ۾ ته اهڙيون ڪاريون ڪوجهيون اصل
غيباتون رکندي آهين. جو گرهه ئي نڙيءَ مان ڪونه
لهندو آهي. هن انگريزياڻي حسينه جي هٿ جي ماني ته
دِل ڀري کائينداسين، واهه واهه!!“
دڙڪا ڏنا مانس. ”شرم ڪر، تنهنجي وڏيءَ ڀيڻ
جيتري آهي. ايئن ڪونه چئبو آهي، شڪل صورت الله
تعاليٰ ڏئي ٿو، شل سيرت سٺي هجي. اڇي چمڙيءَ کي ڇا
ڪبو، ايمان شل هجي.“
”اڙي امان! اهي ايمان جا ڊائيلاگ پاڻ وٽ
رک. اسين ته يقين ڪر بک مري ويا هئاسين.“
تيستائين شازيه به اچي نيرن اڳيان رکي.
رافع ڳالهيون ته ٻيون پئي ڪيون، خبر ناهي مذاق
مشڪريءَ ۾ يا ڇا، پر جيئن ئي شازيه نيرن کڻي آڻي
ڏنس
ڏانهس نظر ڪونه وڌائين. اک اڦراٽي ۽ بيضي ۾ هئس.
هوءَ
رڌڻي
۾ ويئي. مون کي ٻيهر چوڻ لڳو ته:
”ڏس امان ماڻهو سهڻو سيبتو ۽ صاف سٿرو هوندو ته ڪم
به سٺو ڪندو. ڏس! نيرن ڪيتري سٺي ٺاهي اٿس، ڇا ته
اڦراٽو آهي؟ ۽ بيضو به پورو پڪل ۽ چانهن به ڪڙڪ.
ان ڪري ته چوندو آهيانءِ ته ماڻهو ڪم لاءِ چست رک،
جنازن کان پاسو ڪر.“
مون وري ڇڙٻ ڏني مانس ته، ”گهڻو نه
ڳالهاءِ، چپ ڪري نيرن کاءُ.“
آچر ڏينهن گهر ۾ سڀ موجود هجن ٿا. ان ڪري
منهنجو به شازيه سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ڪونه ٿيو،
ٿورو ڪم سمجهائي ڇڏيو مانس هوءَ خوشدليءَ سان ڪندي
رهي. ان ريت هفتو کن گذري ويو. نئون ماڻهو هن دور
۾ سوچي سمجهي رکڻو ٿو پوي. ڪم ڪار لاءِ عورتون ته
گهڻئي ملن ٿيون، بيروزگاري به ڏاڍي آهي، پر دِل کي
سيبائڻ واريون ۽ سچيءَ دل سان ڪم ڪرڻ واريون تمام
گهٽ ملنديون آهن. شازيه مون کي هڏ ڏوکي لڳي، ٽوٽي
اصل ڪانه هئي، ڪم به دِل سان ڪندي هئي ۽ سمجهه ۾
به سٺي هئڻ ڪري سڄو ڪم ڪار جلدي سمجهي وئي؛ ڪهڙي
شيءِ فرج ۾ رکڻي آهي؟ ڇا فريزر ۾ رکڻو آهي؟ ڪيبنيٽ
جي صفائي ڪيترن ڏينهن بعد ڪرڻي آهي؟ ڪاڪروچ اسپري
ڪرڻ کان اڳ سامان ڪڍي رکڻو آهي، ڪچن جي پويان
گهٽي
به روز ڌوئڻي آهي ته جيئن مڇر ۽ مکيون نه ٿين.
مطلب ته رڌو پڪو، مهمانن جي خدمت سميت هر ڳالهه
هوءَ جلدي سمجهي وئي. آئون ته ڄڻ بي فڪري ٿي ويس.
الائي ڪهڙي نيڪي ڪئي هئم؟ جو ههڙي سلڇڻي ۽ سيبتي
مائي ڪم لاءِ ملي آهي؟ مون کي هِن جي پَڪَ سندس ئي
مائٽياڻي رحيمان ڏني، جا کيس ڪم لاءِ ڳوٺان وٺي
آئي هئي. رحيمان مون وٽ اڳ ۾ ڪجهه مهينا ڪم ڪري
وئي هئي. ماڻس کي ڪينسر ٿيڻ کانپوءِ
ڪجهه ڏينهن لاءِ
ڳوٺ وئي هئي. جنهن جي ڪري پوءِ مون وري ٻي
عورت رکي. رحيمان طبيعت ۾ سٺي هئڻ ڪري مون سندس
چوڻ تي اعتبار ڪري شازيه کي به بي ڌڙڪ رکي ڇڏيو.
پندرنهن ڏينهن مَسَ کن گذريا ته هڪ ڏينهن شازيه
روئيندي آئي.
”باجي! منهنجي ٻانهن ڀڳي آهي ڪم ڪري ڪونه سگهنديس، ڪجهه پئسا ڏيو
ته سول (سول اسپتال)
۾ وڃي ڏيکاريان.“
”پهرين ته مون کي باجي نه ادي چئو، مون سندس کي
چيو. ۽
مون پندرهن ڏينهن جا پئسا ۽ گڏ ڪجهه وڌيڪ علاج
لاءِ ڏنا
مانس. سندس جڳهه تي ڪجهه ڏينهن رحيمان ڪم ڪرڻ لڳي.
هوءَ چاڪ ٿي، ٽن هفتن ۾ آئي، پر فڪرمند ڏاڍي هئي، چيومانس:
”ڪا ڳالهه ناهي، ڪم نٿو ٿي سگهي ته خير
آهي. تنهنجي ٻانهن هاڻي ڪيئن آهي؟“
”
ادي!
اها ته پوري ڀڳي ڪانه هئي، سير پئي هئي. پٽو
چاڙهايو، هاڻي بلڪل ٺيڪ آهي. ٻانهن ڀڳيءَ کي ڇا
ڪنديس منهنجي ته دِل ئي ڀڄي پئي آهي!!“
”ڇو تنهنجي دِل کي وري ڇا ٿيو؟ ڪيتريون
بيماريون ڳوٺان کڻي آئي آن؟“
مون کلندي چيو.
اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳس.
آئون ته هيڪاري پريشان ٿي ويس ته ناحق
مذاق ڪيم، هيءَ ته ڪا گهڻي ڏکايل آهي.
”ڇو ڇو!! ڇا ٿيو؟ معاف ڪجان جي تنهنجي دِل
ڏکي آهي.“
”نه
ادي توهان جو ته ڪو ڏوهه ڪونهي. آئون به توڪل
جو ترهو ٻڌي ڳوٺان هتي آيس، پر هتي ته حال هيڻا ۽
سورَ ٻيڻا ٿيندا پيا وڃن.“
وري پاڻيهي ڳالهائڻ لڳي، روئيندي روئيندي
دِل هلڪي ڪندي چوڻ لڳي:
”آئون ڪا گهٽ ڪانه هيس، ڇهن ڀيڻن ۾ سڀني
کان سهڻي، هڏ هڻڻ واري، پر منهنجي ماءُ منهنجو
قدر ڪونه ڪيو، چئن
ڀينرن جون شاديون سٺيون ٿي ويون، پوءِ امان به اچي
ڪراڙي ٿي، چوي ته، هاڻي هنن ٻنهي جو بار لاهيان.
مون کان ننڍي ڀيڻ کي ته سئوٽ پسند ڪندو هو، هن
مائيٽي موڪلي سا سڀني کي پسند به هئي، باقي بچيس
آئون سو ٻنهي جي شادي هڪڙي خرچ ۾ گڏ ڪرڻ جي چڪر ۾
امان کڻي ڪنهن جي چوڻ تي هڪ اڌڙوٽ سان مون کي
پرڻايو. نه ماءُ نه پيءُ، نه ڀائر نه ڀيڻون، ماريو
ننڌڻڪو هو، نه گهر نه گهاٽ، بس هڪڙي نوڪري خاصي
هيس ته منهنجي ماءُ ۽ پيءُ جون اکيون ئي پورجي
ويون، کڻي مون کي باهه ۾ وڌائون. آئون ويهن سالن
جي ۽ عبدالحق چاليهن کان به مٿي جو هو. ٻه
ٽي ڏينهن ته ڏاڍا سٺا گذريا، چار پٽ به پيدا ٿيا. عبدالحق کي
بلڊ پريشر ٿيو،
ضدي ماڻهوءَ علاج نه ڪرايو، نيٺ فالج ٿيس.
پوءِ ته هيڪاري اچي هنڌ تي پيو. ڳوٺن ۾ عورتن لاءِ
ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو خاص ڪم آهي
ڪونه. آئون پوءِ رليون ٺاهي وڪڻندي هيس، محنت
ايتري جو حساب ئي نه هجي فقط ٻه ٽي رپيا ملن. نيٺ
اچي قرض چڙهيو، ڪَڪِ ٿي پيس، هاڻي جو مرد ماڻهو
گهر ۾ ويٺو آهي سو به رڳو ڪِر ڪِر لايو وتي. گهر
۾ کائڻ لاءِ نه هجي، هڪ ڇوڪرو به فوت ٿي ويو، ٻيو
پاڙي ۾ خداڪارڻ ڏيئي ڇڏيم. هاڻي ٻه ڇوڪرا وٺي
رحيمان
معرفت شهر آئي آهيان ڪمائڻ، پئسا ته مون کي هتي
خاصا ملن ٿا، ڳوٺ مڙس کي به ٿي موڪليان ۽ ڇوڪرن کي
به ڏيان، پر هُن جي به ڪو خدمت ڪرڻ وارو ناهي. روز
چورائي موڪلي ته ’تون واپس اچ!‘ اُنهيءَ سڃ تي
ڪيڏانهن وڃان. ماروٽ، ماسات اٿس، اهي کيس سنڀالين
پيا. مون کي رحيمان به چوي ٿي ته پنهنجا چار پئسا
ٺاهه. ڪالهه وڏو پٽ وڙهي پيو ته هل واپس ڳوٺ. ڇا
ڪريان، سمجهه ۾ ئي ڪجهه ڪونه ٿو اچيم اُتي ته ’هٿ
کنئي ڦڦڙ پيا ڏسجن‘ توهين پاڻ ٻڌايو؟ هن اوسر ۾
ڪير ڏئي وٺي ٿو؟“
”تون پنهنجا ڇوڪرا هتي اسڪول ۾ داخل ڪرائي
ڇڏ، سڌري پوندا؟“
ڳنڀير موضوع تان سندس ڌيان هٽرائيندي
اڳيان جي اميد ۽ آسري تي نئين صلاح ڏنيمانس.
”ادي، اهي وري پڙهي ڪهڙا اَڪَ ڪارا ڪندا. سڀاڳا پٽ پينگهي ۾ ئي
پڌرا ٿا هجن. اهي به پڻهنس
تي ويا آهن. ساڳيا پَرڪار اٿن. ڳوٺ ۾ پڻ ڦٽين تي
پاڙي جي چاچي وَلوءَ جي معرفت موڪليندي هئس،
پر سندن ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه. ڦري گهري واپس
اچي ٿورو گهڻو ڪمائي، پاڻ ئي ئي خرچ ڪري ڇڏيندا
هئا. مون ته هنن ڪاڻ رحيمان کان مٿي ڪمرو به مسواڙ
تي کنيو ته ڀلي الڳ ٿلڳ هجون، ڪنهن جي ڪاڻ ڇا لاءِ
ڪڍون، پر ڇورا ٽڪن ئي نٿا. چون ته ابا وٽ ٿا وڃون.
ڀلي وڃي سوڪون کائين اُتي وري ڪهڙي انهن جي لاءِ
ڪُني ڍڪي پئي آهي.“
”چڱو تون دل نه لاهه تنهنجا هٿ سونا آهن،
پاڻ ڪمائين ٿي.“
لڙڪ اگهي وري وڃي ويچاري ڪَمَ کي لڳي.
وڌيڪ پئسا ڪمائڻ جي لاءِ ٻين گهرن جو به ڪم ڪرڻ
لڳي ته جيئن هتي ۽ هُتي ٻنهي هنڌن جي پورت ڪري.
سندس ڪم جو گاڏو رڙهندو رهيو. آئون به بي فڪر ٿي
ويٺي هيس، گهر جي ڪا به اون ڪونه هيم، منهنجا ٻار
به مطمئن ٿيا ته امان ڪم جي
فڪر کان ڇُٽي پئي آهي.
رحيمان سمجهي وئي ته شازيه وٽ روڪڙو گڏ
ٿيئي پيو سو اچي اکين تي لالچ جي پٽي پيس، مڙس کي
سبق پاڙهڻ لڳي ته ”هن وٽ پئسا جام جمع ٿي ويا آهن
ڇو نه هن کان کڻي پاڻ رڪشو وٺون، جيڪا ڪمائي ٿيندي
ان مان کيس واپس ڪندا اينداسين. پنهنجو به ڪم ٺهي
ويندو ته هن جا پئسا به محفوظ ٿي ويندا.“
هاڻي ته شازيه سوني ڪڪڙ ٿي وئي. سليمان به
اچي پاسو ورتس؛ بهاني بهاني ادي ادي ڪري ساڻس
ڳالهائڻ جي ڪندو هو. هونئن به شازيه کي پنهنجي گهر
۾ رهائڻ جي موڪل به انهيءَ ڪري ڏني هئائين جو سندس
وَرِ عبدالحق هِن جو پري جو مائٽ هو. سندن مالي
حالتون تمام خراب ڏسي شازيه کي اچڻ ڏنائين، جو
ڏٺائين پئي ته هتي رحيمان به صفائي، ڪپڙا ڌوئڻ،
رڌو پڪو، استري ۽ ٻيا گهرو ڪم ڪري خاصا پئسا گهر ۾
آڻي ٿي ۽ چئن
ٻارن کي اسڪول ۾ به پڙهائي پئي. باقي سندس ته حال
پورو هو. ريزڪي مانڊڻي هئس، پر اها ڪانه هلي جو هر گهٽيءَ ۾ ٽي ٽي
چار دوڪان هلن پيا. گهڻو پئسو هن وٽ به ڪونه هو جو
کڻي وڌيڪ وِکرَ دوڪان ۾ وجهي. ان ڪري آهستي آهستي
اهو ننڍو دڪان ختم ٿي ويو هو، هاڻي بي روزگاري
هئي، ڪڏهن ڪڏهن سوٽ جو رڪشو ڪاهي ڀاڙو ڪمائي ايندو
هو، جنهن مان اڌ کيس ڏيندو هو ۽ اڌ پاڻ کڻندو هو.
ان ريت پئي گاڏو هليو. پنهنجو رڪشو وٺڻ جي ڳالهه
ته سندس
هيانءُ
تي ڇنڊو وجهي ڇڏيو. ڪيترن ڏينهن کان دِلي خواهش
هئس ته پنهنجو وٺان. رحيمان وري مُرليون وڄايس ته
تون رڳو ٿورو ٺهينس، وڌيڪ آئون پاڻيهي ٿي کيس
پٽڙيءَ تي آڻيان.“
هو به سگريٽ دکائي دونهن ڪڍي مَنَ ئي مَنَ
۾ مُرڪڻ لڳو، هڪڙي ٽڪيٽ ۾ ٻه مزا، مائي ۽ مال مفت
پئي مليا.
ٻئي ڏينهن شازيه جيئن ئي ڪم تان موٽي مٿي
وئي، سليمان به وٽس وڃي اوڀاريون لهواريون ڪرڻ لڳو
۽ خوامخواه جون همدرديون ڪندي چيائين، ”تون اڪيلي
جند آهين، مسواڙ ڇو ٿي ڀرين آئون پاڻيهي ڏيئي
ڇڏيندس.“
شازيه ته خوش ٿي وئي. اهو ضرور سوچيائين
ته گهڻو ٿورو نه کڻان باقي سندن گهر جو ڪم ڪار
ڪيان ته جيئن رحيمان کي به آرام ملي. هُن جي ٽنگن
۾ سور ٿو رهي گهڻا گهر ڪري نٿي سگهي، وري گهر جو
ڪم اچي ڪري سو آئون ئي ڪري ڇڏيان. انهيءَ مسواڙ جي
ٿوري لاهڻ لاءِ سندن سانجڻ جو ڪم هُن ڄڻ بنا چوڻ
جي پاڻ تي کنيو. هاڻي ته سليمان ٻئي ٽي ڏينهن مٿي
ايندو هئس ۽ کيس پنهنجا ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ ڏيئي ويندو
هو ته، ”تون سٺا ٿي ڌوئين، رحيمان چڱيان نٿي
ڌوئي.“
ڪڏهن ڪڏهن کيس ڪا بازار جي شيءَ وٺي
کارائيندو هو ته ڪڏهن ڪو تحفو ڏيندو هو، چوندو ئي
هئس ’سيٺياڻي‘ شازيه سڄي خوش ته منهنجي عزت ٿو
رکي. هاڻي ڪا اها ويهن ورهين جي وهيءَ واري شازيه
ڪانه هئي. هيءَ پاڻ ٽيهن سالن جي پڪي عورت، جنهن
دنيا جو سرد گرم ڏٺو هو. سمجهي وئي ته سليمان ساڻس
ڇو ٿو ائين هلي،
پر هو خود هن کي به وڻڻ لڳو جو سندو مڙس ته سالن
کان بيمار هو. جوان عورت هئي، کيس هنن جي گهر ۾
ڏاڍو مزو اچڻ لڳو. رنگ ئي نکري ويس. هيڏي پورهئي
جي هوندي به ڄڻ ڳلن تي گلاب وکري ويا هجنس،
ڪشميرياڻي ته ڄڻ اڳيئي هئي، پر هاڻي ته ويتر جو
سينڌ سرمو ڪيائين ته منجهائنس اک ئي ڪونه نڪرندي هئي.
سليمان
به ’سيٺياڻي‘ ’سيٺياڻي‘
ڪندي ڪونه ٿڪبو هو. هن به
جيڪو
الهو تلهه هئس کيس رڪشو وٺڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيو.
رحيمان پئسا ملڻ ۽ رڪشو خريد ڪرڻ تائين ته خوش هئي
جو سازش ئي سندس سٽيل هئي، پر جڏهن سليمان چيو ته
آئون شازيه سان نڪاح ٿو وجهان، تڏهن ته سندس ’ٻه
به ويون ته ڇهه به ويون.‘ ليلان واريءَ ڪرت کانئس
وَر ته کسي ڇڏيو، ’پنهنجي وڍيءَ جو نه ويڄ نه
طبيب‘ سو ’مٺي به ماٺ مٺي به ماٺ‘ ڪري پئي رنگ
ڏٺائين. وٽس جوان اولاد هو، سوچيائين ويندو
ڪيڏانهن؟ آخر ته اولاد منهنجو آهي، ان تان هٿ ڪونه
کڻندو، ٻي ڳالهه ته رڪشي جي ڪمائي به کيس آڻي
ڏيندو هو، چَپَ
سبڻ ۾ ڀلو سمجهيائين،
پر جڏهن به سليمان کي شازيه تي گهڻو اڪن ڇڪن ڏسندي
هئي تڏهن وَهَلور ضرور ويندي هئي، عورتاڻي فطرت
تحت هڪ ڏينهن سليمان کي ڦيري ڏنائين ته ”شازيه جي
بنگلي تي ويس هوءَ اُتي ڪم تي ڪانه هئي، وري ٻئي
هنڌ ويس اُتي به ڪانه هئي، الائي ڪيڏانهن ويئي؟“
سليمان جو ته مٿو ئي گهمي ويو. کيس شازيه
۾ شڪ پوڻ لڳو، جيئن ئي گهر ۾ گهڙي ته مٿانس وري
ويو ته، ”تون ڪاڏي ٿي وڃين؟ بنگلن تي ڪونه آهين!
پوءِ ڪٿي ڌوڙ پائڻ ٿي وڃين؟“
هوءَ جيئن ئي صفائي لاءِ ڳالهائي ٺڪاءُ جو
کيس ڌڪ هنيائين ته وڃي پري ڪري. هٿ ۾ چانهن جي
لوهي ڇارڻي هئس اُمالڪ اها اڇلي مٿي ۾ هنيائين جا
نڪ ۾ لڳيس نَڪَ مان اچي رت وهيو. پوءِ ته شازيه
بخيل ٿي وئي. کيس به گهڻئي لفظ چيائين. سڌي
روئيندي مون وٽ آئي، سربستي مٿئين ڳالهه ڪيائين.
روئيندي چوڻ لڳي، ”
ادي
ڪجهه پئسا ڏئي ته ڳوٺ وڃان. هنن مردارن وٽ ڪونه
رهنديس، ٻار وٺي ٿي اچان، الڳ گهر ڪري رهنديس.“
مون کيس پئسا ڏنا.
مون کي تسلي ڏيندي، چيائين، ”واپس ضرور
اينديس ۽ توهان وٽ ئي اينديس. ڳوٺ ۾ ته سڃ پئي
واڪا ڪري. روزگار آهي ڪونه، پر
في الحال هتان وڃان ٿي.“
ٻئي ڏينهن ڏسان ته شازيه ساڳئي وقت کان اڳ
کلندي ڪڏندي پئي اچي. آئون عجب مان کيس ڏسڻ لڳيس.
هن جي ڪاوڙ ۽ تڙي ته ڄڻ هوائي هئي، پر ڪجهه به
ڪونه پڇيومانس. پاڻ ئي چوڻ لڳي.
”
ادي
سليمان مون کي سامان ۾ هٿ ئي نه وجهڻ ڏئي. اصل
منهنجي پيرن ۾ ڪري پيو. چوي تون منهنجي راڻي آهين،
سيٺياڻي آهين. مون کان تنهنجي لاءِ ڪا به غلط
ڳالهه برداشت نٿي ٿئي. مون کي مٺي آهين، مون کي
معاف ڪر. روئي پيو.“
شازيه جي ڳالهه ٻڌي مون کيس ايترو چيو ته،
”شازيه، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هُو توتي ايترو
حق ڇو ٿو جتائي، نه تون هن جي زال آهين؟ نڪا ويجهي
مٽ؟“
”
ادي!
مِٽَن کان وڌيڪ آهيان، نڪاح لاءِ ايلاز پيو ڪري.“
”پوءِ رحيمان؟ اها ڪونه چوندي ته هن سان
مون نيڪي ڪئي، هيڪاري مون کان مڙس ئي ڦري
ورتائين؟“
”ادي ڇو چوندي؟ اسان وٽ گهڻا ٻه ٻه شاديون ڪندا آهن. آئون ڪا
بڇڙي رن آهيان ڇا؟ پنهنجو ڪمايان ٿي، پنهنجو کاوان
ٿي؟ ڪنهن تي بار ڪونه آهيان، حقي شرعي نڪاح ٿي
ڪيان، رحيمان به راضي آهي.“
”پوءِ تنهنجو عبدالحق؟“
”ادي هن کي مون چيو آهي ’طلاق ڏي!‘ سو زباني ڪلامي ڏئي ٿو ، لکت
۾ نٿو ڏئي.“
”پوءِ؟“
”مون چورائي موڪليو اٿمانس ته پنو لکي ڏي
ته تومان آجي ٿيان؟“
”تنهنجا پٽ ڇا ٿا چون؟“
”اول ته
ادي اهي ايترا وڏا ۽ ڪمائو ڪونهن جو منهنجي معاملي ۾ ڳالهائين ۽
سليمان به انهن کي ڀائيندو آهي، شيءَ شگل وٺي
ڏيندو اٿن. اهي اعتراض ڪونه ڪندا.“
”جڏهن ڪنهن کي اعتراض ڪونهي پوءِ تون
مارون ڇو پئي کائين؟“
”بس نصيب ڦٽل آهن، ڊڄان ٿي وري نه سورَ
ڪنڌ ۾ پون. سڄي حياتي پورهيو ڪري ڪمايون، اسان کي
مڙس ٿورو ئي ٿا پالين، اهي ته جيڪو ڪمائينداسين سو
هوٽلن تي سنگت ساٿ ۾ چانهن پيئڻ، مين پوريءَ جا
نشا ڪرڻ ۾ ڦٽائيندا. رڳو گهر جي مسواڙ ڏين ته به
لک کٽيو، باقي ته سڄو اسين عورتون ڪمايون ۽ گهر
سنڀاليون. ٻار به اسان جي ڪنڌ ۾ ٽن چئن گهرن ۾ ڪم
ڪرڻ سان گهر جو سيڌو نڪري ايندو آهي. پراڻو سراڻو
گندي ڪپڙو بنگلن مان مليو وڃي. نوان ڪپڙا ۽ گهمڻ
ڦرڻ ته اسين سوچي ئي ڪونه ٿا سگهون. ڪڏهن ڪجهه
پئسا بچائي ميلي تي وڃي زيارت ڪري دُعا پني اچون،
پوءِ به ٿڪ بُجو اسان جو
مقدر آهي.“
”دلگير نه ٿي، جڏهن سڀ راضي آهن ته پوءِ
سڻائي ٿيندي. ٻڌ! رحيمان جي دِل نه ڏکائجان!“
”نه
ادي، اسان وٽ اها ريت ئي ڪانهي، سڀ کير کنڊ ٿي رهندا آهيون.
آئون به ڏاڍي سوچ ۾ آهيان، هونئن جو منهن اَڇو
ڪيان، تنهن کان حق ڪريان ته آڱر ته نه کڄي، ماءُ ۽
ڀائر به راضي آهن. ٽنڊي الهيار مان صبح ايندا، آچر
جي ڏينهن نڪاح جو رٿيو اٿن. خرچ ڪوبه ڪونهي، گهر ۾
ئي ملان ايندو، ٻه اکر پڙهائي ويندو.
ٻين بنگلي وارين
عيد جو جوڙو ڏنو آهي، اهو پائينديس، پٽ لاءِ سون
جي ڦلي ٺهرائي هئم، اها پائي ڇڏينديس. سليمان تي
ته روپيو به خرچ ڪونهي.“
آئون سندس بي وسيءَ واري حياتيءَ تي افسوس
کائيندي به هن جي بي جگريءَ ۽ ڏاڍائيءَ تي حيران
ضرور هيس، پر ڪجهه ڪونه چيم. زباني ڪلامي جيڪڏهن
کيس ڪا نصيحت ڪيان ها ته اها بي سود هجي ها جو
هوءَ هاڻي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي ڪيفيت کان مٿي هئي. هڪڙو
ئي جنون هئس ته سليمان کي خوش رکان، نڪاح ڪريان،
کيس ڪمائي کارايان. بينظير پروگرام وارا چوڏهن
هزار مليس، اهي به وڃي رحيمان ۽ سليمان جي هٿ تي
رکيائين. عشق جي نشي ۾ پنهنجا سڳا پيٽ ڄاوا پٽ به
وسري ويس.
ٿورن گهڻن ڏينهن
کانپوءِ ٻئي
پيون جهيڙو ڪنديون هيون. اڪثر رحيمان کيس گهڻو
تنگ ڪندي هئي. سليمان ڪڏهن هِن کي ٻه هٿ ڪڏهن هُن
کي گاريون ڏيئي چپ ڪرائيندو هو. رحيمان هاڻي بي
حيثيت چڪي هئي، ڄاڙي هڻي ٿڪجي پوءِ پاراتا ڏيڻ
لڳندي هئي. شازيه جو رنگ به ڪجهه ڏينهن ۾ ڪومائجڻ
لڳو، گهڻو ڪم کانئس نٿي پڳو،
پر هنن کي جو پئسن تي هيرايو هئائين ڇا ڪري.
اسان جي هتان بدلي ٿي وئي. منهنجي دِل تان
به شازيه ميسارجي وئي، پر جڏهن به ڪراچيءَ ۾ ڪا
شڪل جي موچاري ڪم واري ڏسندي هيس ته هڪدم خيال
ايندو هئم ته شازيه شڪل صورت جي ڪيتري نه سهڻي
هئي؟ ۽ ڪهڙو نصيب هئس جو سک جو ٽڪر ڪٿي به نه مليس
جو ويهي کائي.
ڪافي سالن کانپوءِ حيدرآباد ۾ ساڳي
ڪالونيءَ ۾ هڪ ساهيڙيءَ سان ملڻ ويس. اتفاق سان
مون واري ساڳي ماسي شازيه انهيءَ جي گهر به ڪم ڪيو
هو. پڇيومانس ته ٿڌو ساهه ڀري ٻڌايائين ته، جييڪا
پنهنجي اولاد لاءِ سڳي ماءُ نه ٿي، انهيءَ سان ڪير
سچو ٿيندو؟ سليمان ته وري وڃي ٽين شادي ڪئي. شازيه جا پٽ هاڻي جوان ٿي ويا
آهن، ڪمائين پيا پر ساڻس واسطو نٿا رکن. پهرين پاڻ
هئي ڪمائڻ جي مشين، جيسين هئس سرير ۾ سَت، سڀني
ڌارين کي خوب ڪمائي کارايائين. هاڻي جڏهن ڪمزور ٿي
بستري ڀيڙي ٿي آهي، تڏهن ڪير پڇيس به ڪونه ٿو.
مڙيئي هڪ ٻن گهرن ۾ ڪم ڪري پنهنجي پيٽ قوت ڪري
پيئي، پر سليمان جي بي وفائيءَ سندس اندر اڌ ڪري
ڇڏيو آهي. سڀ ڪم واريون مايون چون پيون ته پاڻ به
عبدالحق ۽ پٽن کي ڇڏي دل ڏاڍي ڪئي هئائين، هاڻي
اهو ته جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻيءَ وانگر حساب ڪتاب
آهي.
آئون هن جي عشق جي اهڙي انت جو ٻڌي سراپجي
ويس. ’سيٺياڻي‘ سان هن ريت ٿيندو. اهو خود هن
ويچاريءَ به ڪڏهن ڪونه سوچيو هو!! |