سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2023ع

باب:

صفحو:13 

خادم حسين همدم

هالا

 

 

 

غزل

تنهنجو اڄ انتظار ڇو آهي،

تڙپ ساڳي برقرار ڇو آهي.

دوستو ناهي خبر ته ڇا ٿيندو،

هُو سدائين اشڪبار ڇو آهي.

هر گهڙي شمسار آ دلبر،

هُو ڀلا شرمسار ڇو آهي.

سوچ دل ۾ آ اِهائي دوستو،

”بيوفا کي اڄ قرار ڇو آهي.“

ذهن ۾ ’همدم‘ جي ڪجهه ناهي اگر،

درد پو همڪنار ڇو آهي.

غزل

مزو ڏاڍو ملي ويندو، وڃي دلدار جي در تي،

سُڪون پڻ ڇا چوان ملندو گهڻو سرڪار جي در تي.

ڀلائي ۽ برائي جي ته ساڃهه ڇو هٿان ڇڏجي،

اجايو ڇو وڃون وهلور ٿي بيڪار جي در تي.

دلِ ناشاد جي حسرت ملڻ لئه تڙپندي آهي،

چوي ٿي اڄ وڃڻ گهرجي اکن جي ٺار جي در تي.

اِها منهنجي صداقت آ اِها منهنجي تمنا آ،

رکي جذبات سان وڃجي هنئين جي هار جي در تي.

هلو گڏجي هلون کاڻي جتي محفل متل آهي،

”مِڙيا اڄ محبتي آهن مٺي منٺار جي در تي.“

اگر احساس دلبر کي نه آهي منهنجي محبت جو،

وڃان پو ڇو ڀلا هُن بيوفا ڪنٽار جي در تي.

حسينن ۾ حسين آهي ڏسو تصوير دلبر جي،

ڏسڻ لئه سڀ وڃن ٿا چاهه سان شهڪار جي در تي.

اِهو دستور آ جڳ ۾، غمن ۾ ساٿ ڏي جيڪو،

هلي ويندو آ هرڪو قرب سان غمخوار جي در تي.

اجائي گفتگو ناهي حقيقت صاف آ ظاهر،

نه ويندو ڪوبه يارو بيڪس و لاچار جي در تي.

 

مير مجاهد پلي

عمرڪوٽ

 

 

 

 

غزل

هن جدائي ڪئي لڙڪ وهندا رهيا،

دور ٿياسين ٻئي لڙڪ وهندا رهيا.

آ چڪورن جي ڪيڏي عجب زندگي،

لڙڪ چنڊ ويو آ لهي لڙڪ وهندا رهيا.

مون ته ڀانيو سدائين ملن ٿيون خوشيون،

درد ڪو ويو ڏئي لڙڪ وهندا رهيا.

ڪنهن جي يادن ۾ ساغر ته اٿلي پيا،

سور صدما سهي لڙڪ وهندا رهيا.

ڄڻ وفا جو مٺا دور ظالم اندر،

’مير‘ سج ويو لهي لڙڪ وهندا رهيا.

غزل

مون ته جانچي ڏٺيون يار ساريون اکيون،

محب تن کان مٿي تنهنجون پياريون اکيون.

ڪنهن ڪده جو نه خم جو ڪڏهن خيال ٿيو،

جاني جانچيم جڏهن هي خماريون اکيون.

ڪشڪول بادام جهڙيون پرين،

تنهنجون سهڻيون اکيون سونهن واريون اکيون.

ڪيئن سرمي ڪجل کانسواءِ او پرين،

ڪيڏيون پياريون لڳن ٿيون هي ڪاريون اکيون.

مون ته ڀانيو اهي نيڻ منهنجا سندا،

ڪين ڀانيم ڪڏهن يار ڌاريون اکيون.

تون وڃين ٿو ڪڏهن دور جاني جڏهن،

تنهنجون واٽون نهارين ويچاريون اکيون.

نيڻ نازڪ مٺا تون ملائين نٿو،

’مير‘ منهنجون ڏين ٿيون ميارون اکيون.

 

عبدالمالڪ چانڊيو

 شير خان چانڊيو-ڪنري

 

 

 

 

 

حمد باري تعاليٰ

نفـعـــو نقــصان پھــچائڻ فقط الله جي وس ۾،

ٺَھـيو ڊاھي ڊَھـيو ٺاھڻ فقــط الله جي وس ۾.

نَڪِين تعويذَ ۽ ڌاڳا نِڪِين عامل ھٿان ٿي ڪُجهه،

رزق جُـــــون بَندَشُون لاھڻ فقط الله جي وس ۾.

سـَـــخـِــي ھَجــويــرِي يا داتا قَلــندر ۽ ڀِٽائي ڀي،

سَـــمورن تــــي فَنا آڻـــــڻ فقط الله جي وس ۾.

خراڙُون ڀَــل ته کَارائي بَنـدو آهي  کُھٽِي پوَندو،

سَڄــــي مَخلــوق کھارائِڻ فقـط الله جي وس ۾.

حِـفاظـت ۾ ھَــــزارن جـي ھُـيو نِمرود ھوندو پر،

مَڇـر ھِـڪڙي کان مَارائڻ فقـط الله جي وس ۾.

جَبل ميخُون ڪَيائين پو وِڇائي وڻ سَڄي ڌَرتي،

گُـــلن کـي ويــــسَ پارائڻ فقط الله جي وس ۾.

’عَبــدالمالڪ‘ سَڄي دُنيا مخالف ٿِي ته ڇا ٿِيندو،

عِـزَت سان جَڳَ ۾ جِيئارَڻ فقط الله جي وس ۾.

*

شعور گھرجي شعور گھرجي اسان کي يارو شعور گھرجي،

شعور زنده ضمير زنده ـ ضمير زنده ضرور گھرجي.

قلم اسان جو بندوق بنجي ھا دوشمنن جي دلين کي چيري،

علم آ پنهنجو ھٿيار يارو علم سندو ئي ٿو نور گھرجي.

ظلم جبر ۽ ھي ڏاڍ ڏھڪاء ۽ ظالمن جون ننڊون فٽايون،

ھنن جي بنگلن حويلين ۾ اٿو ۽ جاڳو فطور گھرجي.

اسان ھون دولھه دلير ڌرتي اسان ھون سنڌوءَ جي گوڙ وانگي،

 اسان ڪنڊن سان گھڻو نڀايو اسان کي ھاڻي انگور گھرجي.

ھا خان ابني آ خان پنھن تي صدين کان جيڪو رھيو به قابض،

لڦون ھٿن ۾ ھا جنهن جي ڏَھ ڏَھ اُھو ٿو حاڪم مزور گھرجي.

چوي ٿو چانڊيو ھي ’عبدالمالڪ‘ اٿو جوانو سُجاڳ ٿي پئو،

مچايُون مچ ڪو اسان به پنهنجو نٿو ڪو ھاڻي لنگور گھرجي.

 

اعجاز علي شاهه رضوي

 حيدرآباد

 

 

 

 

نعتيه ڪلام

ڪر صفت سردار جي جنهن جو سچو پيغام ٿيو،

هر عمل هر قول جنهن جو سنت اسلام ٿيو.

 

شان ۾ يٰسين و طُحا ۽ مزمل و انما مرحبا،

گيسو ها وليل و الشمس عارضي گلفام ٿيو.

 

اي شهنشاهِ دو عالم يا حبيبِ ڪبريا رحمت العالمين،

تون ڪيون ثابت ته دينِ حق فقط اسلام ٿيو.

 

تون شفيع اُلمُذبين تنهنجي هٿ اُمت جي شفا،

تنهنجي صدقي اُمتِ عاصيءَ تي فضل عام ٿيو.

 

هئي لباس آدميت ۾ نورِ مجسم سراسر،

منزلت اُن کي بشر پهچي خيل خام ٿيو.

 

تون مدينو علم جو ڄاڻين رمُوز راز حق،

ان مدينه علم جو اعليٰ روشن باب ٿيو.

 

آهي بَسم الله کان والناس تائين تنهنجي صفت،

سا صفت تنهنجي سندم آه ورد صبح شام ٿيو.

 

دين جي دولت سان تو دل ’اعجاز‘ جي مالامال ڪئي،

دور سڀ دنيا جي چاهت رنج ۽ آرام ٿيو.

 

قاضي منظر حيات

حيدرآباد

 

 

 

 

غزل

خوابَ جُدا تعبيرون ساڳيون،

غُربت جون تقديرون ساڳيون.

گهائيل چَهرا، سُڏڪيل سوچون،

بي رنگ سڀ تصويرون ساڳيون.

ڏاهن لئه مفتيءَ جون هر پل،

فتوا ۽ تحريرون ساڳيون.

ڄڀ ڪپيل، اظهارَ اڌورا،

ذهنن تي زنجيرون ساڳيون.

وقت، فضا ۽ فطرت بدلي،

 پنهنجون ڀاڳ لڪيرون ساڳيون.

سجُّ کاري ۽ قيد ڪرڻ لئه،

چمڙن جون تقريرون ساڳيون.

سنڌڙي ’منظر‘ سُر ڪيڏارو،

سنڌو باندي لهرون ساڳيون.

غزل

پاڇي پويان ڊوڙَ ڏُکي آ!

جَذبي ريءَ جاکوڙَ ڏُکي آ!

جيون رُڃ ۾ لانئون لَهندي،

مُک تي مُرڪن- موڙَ ڏُکي آ!

شينهَن جي پائي کَلَ گهُمن هُو،

گدڙن کان گَجگوڙَ ڏُکي آ!

جيڪو دَردُ وَنڊي دِل جيتي،

تَنهن کان جيئري تَوڙَ ڏُکي آ!

گهَاوَ ڏئي ڀَل پَاپِي دُنيا،

مُحبت ۾ مُنهَن- موڙَ ڏُکي آ!

ڪيڏي ڪوشش ڪيرُ ڪري پَر،

ٻن ٻُڙين جي جوڙَ ڏُکي آ!

جَڳُ وارياسو، ٿُوهر- ’منظر‘،

گَوڏي- سُور سان ڊَوڙ ڏُکي آ!

 

ياسين ڪنڀر

سلطانپور، پنوعاقل

 

 

 

 

نعت

آهن اوهان جا سڀ کي سهڻا سڄڻ سهارا،

چشمِ ڪرم اسان تي شل ٿي وڃي خدارا.

ويندا سي پهچي طيبه، امير خدا ملي پئي،

چمڪي پون اسان جي تقدير جا ستارا.

الله کان وٺي ڏي رزقِ حلال، راحت،

بيو ڪير ڏيندو آقا پئسا ڀلا اُڌارا.

دامن اسان جو خالي دل ۾ اوهان جي اُلفت،

شيشي ۾ جيئن پارو، پرور جا پاڪ پيارا.

نوري حرم حضوري پر آ اسان کي دوري،

روضي ۽ نبوي مسجد جا شل پسئون مُنارا.

مشڪل ڇڏيو آ ماري، ربَّ کان مدد وٺي ڏيو،

سڀ سير ۾ ٻُڏؤن ٿا ڪامل ڏيو ڪِنارا

نعتون لکون پڙهؤن ٿا مولود به اوهان جا،

ننڍپڻ کان ٿا هڻون سڀ نعرا هي نينهن وارا.

غم ميٽجن سمورا ’ياسين‘ پارا خوش ٿين،

ڪوثر جا پياسي آهيون صدين کان سڀ اُڃارا.

*

غربت پئي آ ڪاهي، ڪو هوش ۾ ئي ناهي،

احساس ويو ختم، پٿر ٿيو هرڪو آهي.

هيڻي کي ڏاڍو ٿو اڄ تڙپائي ٺاهي ٺاهي،

نادار کي ڪو جابر ٿو ڳاهه وانگي ڳاهي.

پاڙو لحاظ ڇاجو؟ سڀ ڪجهه ئي پئسو آهي،

قرآن کي پُٺي آ، ايمان ٿيندو ڇاهي؟

مجبور جي ڪو ناحق کلَ اُبتي ويٺو لاهي،

ڪنهن جي سزا ۾ ٻيو ڪو ڦاٿو آ ڪنهن جي ڦاهي.

دولت گهري ٿو بي حسُ، غربت اٽو ٿي چاهي،

بيٺي جو هرڪو آهي ڪوئي ڪِري جو ناهي.

دنيا ڀلي هجي پئي منهنجي کڻي مخالف،

’ياسين‘ پنهنجو آخر الله پاڪُ آهي.

 

عابد نياز ميمڻ

حيدرآباد

 

 

 

 

غزل

تون ڪڪر جو ڇانورو ۽ مان ھوا،

ڪيئن رھون ھت پاڻ ھڪٻئي کان جدا.

 

زندگي آھي ڏکي ۽ عارضي،

آءُ گڏجي پاڻ ان سان ڪيون وفا.

 

ھن کي سينگاري سنواري ٿا ڇڏيون،

ھي زمانو آ ڏنو جوڙي خدا.

 

ڪيتري آ ڪشمڪش ۾ مبتلا،

ڪيترو آ آدمي ھتڙي خفا.

 

ڪيترو مجبور  انسان آ ’نياز‘،

ڪو ٻڌي ٿو ڪين ڪنھن جي ڪا صدا .

غزل

ھر راھ خاردار خراشن ۾ رات ڏينھن،

گذري ٿو دلفريب سرابن ۾ رات ڏينھن.

 

ھر ھر ڪيم تلاش گھڻي سک جي من اندر،

پر سي رھن ٿا پيار جي پناھن ۾ رات ڏينھن.

 

ڪو دوست يار بار کڻي ڪنھن جو ڪين ٿو،

مطلب رکي ٿو ھرڪو نگاھن ۾ رات ڏينھن.

 

سنگلاخ پيچرا ھا ڏکيا زندگي جا سڀ،

ڇانيل ھو سڪتو خوف جو راھن ۾ رات ڏينھن.

 

اجڙيل اڱڻ اداس کي بخشي ڪو رونقون،

’عابد نياز‘ گھاري ٿو آسن ۾ رات ڏينھن.

 

علي عاجز شر

حيدرآباد

 

وائي

ھئه ھئه! جِيوَن جَي پوتِيءَ ۾ ٿِيون،

دردَ سَدائين واڻُيون ڀَينَرُ.

نَيٺِ غُلامي ڀي ٽُٽِڻِي آھي.

هيءَ غلامي ڪَيتَر سھندُيون سَي؟

ڄاڻَ اِھا جَي ڄاڻيون ڀَينَرُ.

نَيٺِ غُلامي ڀي ٽُٽِڻِي آھي.

غَيرَن جَي ھَٿِ ڇا جَي لئه آيُون؟

ھِنَ ڌرتيءَ جُون کاڻيون ڀَينَرُ.

نَيٺِ غُلامي ڀي ٽُٽِڻِي آھي.

ھاڻ بَغاوَتَ تَنِ سان ڪَرڻِي آ،

جَي تلوارُون تاڻيون ڀَينَرُ.

نَيٺِ غُلامي ڀي ٽُٽِڻِي آھي.

ھيءَ خاموشي ڪوڙُھ وَڏو آھي،

رُلنديُون راڄَن راڻيون ڀَينَرُ.

نَيٺِ غُلامي ڀي ٽُٽِڻِي آھي.

ڪا ڌيءَ حوا جِي روئي ڇا لئه،

آزادي جَي آڻيون ڀَينَرُ.

نَيٺِ غُلامي ڀي ٽُٽِڻِي آھي.

ڇَڏِڻُيون پَوَندُيون ڇَڏِڻُيون ئي آھن،

ريتون ھاڻِ پُراڻيون ڀَينَرُ.

نَيٺِ غُلامي ڀي ٽُٽِڻِي آھي.

ڪَيرُ پَڙھي جَيڪَر، جيڪي آھن،

اکڙين ۾ آکاڻيون ڀَينَرُ.

نَيٺِ غُلامي ڀي ٽُٽِڻِي آھي.

ڪَي آزاديءَ جا سِجَّ اُڀاري،

مُرڪِي منزل ماڻيون ڀَينَرُ.

نَيٺِ غُلامي ڀي ٽُٽِڻِي آھي.

وڙھندَي وڙھندَي ڏاهَرُ ماريو وِيو،

قيد ۾  سنڌُ ڌَڃاڻيون ڀَينَرُ.

نَيٺِ غُلامي ڀي ٽُٽِڻِي آھي.

 

امر اقبال

خيرپورميرس

 

 

 

نينهن  جا ناتا

 

نينهن  جا ناتا پراڻا ٿي ويا،

سڀ اھي کاتا پراڻا ٿي ويا.

موھ مان منهنجي  اڱڻ تي تو ڪڏهن،

پير ھا پاتا پراڻا ٿي ويا.

ٻارڙن جيئن لاڏ مان تنهنجا اھي،

ٻول سي ٻاتا پراڻا ٿي ويا.

مينهن  جي موسم  سمنڊ تي ٿون ۽ مان،

گيت ھا ڳاتا پراڻا ٿي ويا.

ساڙ مان جيڪي رقيبن ھا ڏنا،

سڀ سي پاراتا پراڻا ٿي ويا.

بک ان داتا پڪاري ٿي ھينئر،

دل سندا داتا پراڻا ٿي ويا.

ڄاڻ جا گفتا ھدايت جي ڪيا،

ڪنهن  نه  سي ڄاتا  پراڻا ٿي ويا.

 

غزل

 

چَريءَ لاءِ چاھَتَ سَڀو ڪُجهه ھُئي،

اھا ئي ته عــادت سڀو ڪجهه ھئي.

اِھـــــا دل تُنــــھنــــجِي رَھِي ديد ۾،

سھاڻي سا ساعت سڀو ڪجهه ھئي.

اکيـن کي ھــئي آس اينــــدا اوھين،

اکيـــــن لاءِ آٿت سڀــو ڪجهه ھئي.

ڌڻي جــــــاڳِيا جـــــــو ڌرتي کــــِلِي،

اھا ئي ته طاقت سڀـــو ڪجهه ھئي.

 

عبدالحئي ڀٽو

گهوٽڪي

 

 

 

اسان جو نبي ﷺ

سڄي جڳ کان آ نيارو، اسان جو نبيﷺ،

سڀن کان آ پيارو، اسان جو نبيﷺ.

 

ڪائنات جي آ سراسر سونهن ۽ سچ،

سمورن جو آ ناميارو، اسان جو نبيﷺ.

 

جڙيو آ جهان هي محمدﷺ جي صدقي،

ڀلن کان آ ڀلارو، اسان جو نبيﷺ.

 

محمدﷺ جي ڪري ملي ڪائنات ۾ روشنائي،

وڏو شان آ يارو، اسان جو نبيﷺ.

 

سڀيئي سبق سهڻا ڏيئي اسان کي ويو،

سچو پچو آ سارو، اسان جو نبيﷺ.

 

اسان کي پڙهايو انسانيت جو فرمان جنهن،

اهوئي آ سهارو، اسان جو نبيﷺ.

 

اهو شفاعت ڪندو سڀ جي ’حئي‘،

واهه جو هو آ سونهارو، اسان جو نبيﷺ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org