سوچ – لوچ
ٽماهي ’مهراڻ‘ جو
آڪٽوبر- ڊسمبر 2023ع جو چوٿون پرچو ڇپجي اوهان
مهربان پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي چڪو آهي. محترم
چيئرمين صاحب، محترمه سيڪريٽري صاحبه ۽ ’مهراڻ‘ جي
ايڊيٽوريل بورڊ جي ڪوششن سان رسالي کي وقت تي آڻڻ
لاءِ ڀرپور تعاون سان ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي.
ثقافت ڏهاڙو:
هر سال وانگر هن سال 2023ع ۾ به ڊسمبر مهيني ۾ سنڌ
جي ثقافت جي حوالي سان ڀرپور نموني ڏهاڙو ملهايو
پيو وڃي.
گذريل ڪافي سالن کان سنڌ ۾ ثقافت جي ترقيءَ ۽
ثقافت بابت ڄاڻ جي سلسلي ۾ ادبي ۽ ثقافتي پروگرامن
سان اجرڪ ۽ ٽوپي توڙي سنڌي ڀرت ۽ سنڌي ويسن کي
فروغ حاصل ٿي رهيو آهي، ۽ سنڌ جي ثقافت واري هن
مهم ۾ سنڌ ۾ رهندڙ يا پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ رهندڙ
سڀ گڏجي سنڌ جي ثقافت جو ڏينهن ملهائيندا رهن ٿا.
اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته هر هنڌ ننڍا توڙي وڏا
سنڌ جي ثقافت سان مختلف طريقن سان محبت جو اظهار
ڪن ٿا. سنڌ جي ثقافت جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان
جون عورتون پڻ اڳيان اڳيان نظر اچن ٿيون. هن ڏهاڙي
جي ملهائجڻ سان سنڌي لوڪ گيتن ۽ سنڌ جي هنرن خاص
طور اجرڪ، ٽوپي، ڀرت ڀريل ويسن کي گهڻي مقدار ۾
استعمال سان پوئتي پوندڙ سنڌ جي هنرن کي هٿي ملي
رهي آهي. سنڌ جي ثقافت جي ڏينهن کي هر سطح تي
پذيرائي ملي رهي آهي، جيڪا اميد افزا ڳالهه آهي.
هن موقعي تي ملهائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته سرڪاري
سطح تي پڻ هٿ جي هنرن خاص طور اجرڪ، ٽوپي، سنڌ جي
ثقافتي ڀرتن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ مدد مهيا ڪئي
وڃي، خاص طور سنڌ جي ثقافت کاتي کي پنهنجو ڪردار
ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جا هنر ترقي ڪن. انهن
هنرن سان واڳيل ماڻهو ٻين جي زندگيءَ جي وهنوار
وانگر بهتر نموني پنهنجو پاڻ مڃرائي سگهن ۽
پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري سگهن ۽ ٻين ڪاروبارن
وانگر ثقافتي هنرن ذريعي بهتر نموني فائدو حاصل
ڪري سگهن.
پَڳهه ڇوڙي پنڌ پيا:
وليرام ولڀ:
سنڌ
جي ناليواري ليکڪ، مترجم ۽ دانشور وليرام ولڀ 82
سالن جي عمر ۾ 29 آڪٽوبر 2023ع تي حيدرآباد ۾
ديهانت ڪري ويو.
سنڌي ادب ۾ جن ليکڪن مترجم جي حيثيت سان پنهنجو
پاڻ مڃايو انهن ۾ وليرام ولڀ جو نالو اهم جاءِ
والاري ٿو.
وليرام ولڀ ابتدائي سال چيلهار ۾ گذاريا. شروعاتي
تعليم پڻ اُتي حاصل ڪيائين، 1964ع ۾ گريجوئيشن
ڪئي، جوانيءَ جي دور ۾ ڪجهه وقت شاعري پڻ ڪئي.
ڪانگريس اڳواڻ ولڀ ڀائي پٽيل کان متاثر ٿي ’ولڀ‘
جو تخلص اختيار ڪيائين، 1962ع ڌاري پاڻ گجراتي
ٻوليءَ جي ڪهاڻيڪار ”ڌومڪيٽو“ جي ڪهاڻي ”بهشت ۽
دوزخ“ ترجمو ڪئي. ان کان پوءِ سندس ترجمو ڪيل
ڪهاڻيون ۽ مضمون مختلف ادبي مخزنن ۾ شايع ٿيندا
رهيا، 1968ع ۾ ڪرشن چندر جو مشهور ناوليٽ ”غدار“
اردو تان ترجمو، 1977ع ۾ قرة العين حيدر جو نالو
”سيتاهرن“ سنڌيءَ ۾ ترجمو، 1978ع ۾ امرتا پريتم جو
پنجابي ناول بند دروازو جو سنڌيءَ ۾ ترجمو 1980ع ۾
سندس ترجمو ٿيل پرڏيهي ڪهاڻين جو مجموعو ”دنيا جون
ڪهاڻيون“، 1983ع ۾ البرٽوموراويا جي ڪهاڻين جو
ترجمو ۽ ترتيب ”ٿڪل سريت“ شايع ٿيو. ٻارڙن جي
موضوع تي سهيڙيل ڪتاب ”ٻار سنڌي ڪهاڻي ۾“ 1984ع ۾
شايع ٿيو. سنڌالاجي جو ڇهه ماهي ”سنڌي ادب“ پڻ
سهيڙيندو رهيو. آرسي مخزن جا پنج ضخيم جُلد پڻ
سهيڙيائين.
سُگهڙ
تاج محمد هاليپوٽو:
تاج محمد عرف تاجن هاليپوٽو ولد محمد هاشم
هاليپوٽو 10 سيپٽمبر 1956ع ڌاري پراڻي شادي پلي
ضلعو عمرڪوٽ ۾ هڪ خوشحال زميندار گهراڻي ۾ پيدا
ٿيو. پنهنجي تعليمي سفر دوران گهر جي بزرگن ۽
عالمن جي صحبت کيس سُگهڙائپ جي طرف مائل ڪيو.
غيرمعمولي ذهانت ۽ حافظي جي پختگيءَ کيس ڪامياب
سُگهڙ بنائڻ ۾ مدد ڪئي. سندس سُگهڙائپ جي فن ۾
سندس استاد محمد عمر معمور يوسفاڻي هو. پاڻ
پنهنجي استاد کان رهنمائي ورتائين ۽ ان کيس آڱر
کان جهلي لوڪ ادب جي اعليٰ مرتبي تي پهچائي ڇڏيو.
اسان
جي لوڪ ادب جي سونهي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
کين سنڌ جي سُگهڙن جي سرواڻ جي پڳ ٻڌائي. ’مهراڻ‘
۾ لاڳيت لکندو رهيو. تاج محمد هاليپوٽو 31 آڪٽوبر
2023ع تي وفات ڪئي.
سيّد گُل محمد شاهه- ڪنڌڪوٽ:
تازو سنڌي زبان جو مشهور شاعر سيّد گُل محمد شاهه
’گُل‘ بخاري تاريخ 25- آڪٽوبر 2023ع تي اسان کان
وڇڙي ويو. شاهه صاحب صدارتي ايوارڊ يافته هو، سندس
نعتيه ۽ حمديه ديوانن کانسواءِ ٻيا به شاعري جا
ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندن هڪ وڏي عاليشان لئبرري پڻ
موجود آهي. الله پاڪ کين غريقِ رحمت ڪري. سنڌي
ادبي بورڊ جا سڀ ملازم ۽ ٽماهي ’مهراڻ‘ جو سمورو
سٿ هنن سنڌي اديبن جي نامور ليکڪن ۽ شاعرن جي
پونيئرن سان سندن غم ۾ شريڪ آهن، ’مهراڻ‘ جي ايندڙ
پرچن ۾ اسين پنهنجن هنن معزز شخصيتن تي تاثراتي
ليک پيش ڪنداسين.
ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر ’مهراڻ‘
مرزا اسد بيگ ”اسد“
(1913ع – 1990ع)
ڪلام
شغل تنهنجي ياد ۾ منهنجو هي صبح و شام ٿيو،
ورد مون کي برزبان تنهنجو هي مٺڙو نام ٿيو.
عشق اوّل در دلِ معشوق پيدامي شود،
پر هتي الٽو ڦري، عاشق مٿان الزام ٿيو.
اشڪ اکين ۾ لبن تي آهه، دامن تار تار،
الله الله عشق جو ڪهڙو اهو انجام ٿيو.
ٿي شبِ معراج منزل عشق جي آهي عيان،
احد احمدؐ سان مليو ۽ ميم وچ ۾ مام ٿيو.
عين جي اُوليٰ ”اسد“ ۽ معرفت سان ميم جي،
عشق رک الله سان، جو اي سچو اسلام ٿيو.
(ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم
طالب الموليٰ)
*
محمّد اسماعيل ”فدا“ عرساڻي
(1906ع – 1986ع)
ڪلام
سڄي رات سورن جي ويٺي وهاڻي،
نه ڪئي ڪا قريبن قرب جي ڪهاڻي.
پڇيو ڪين دلبر ته ڪيئن رات گذري،
اسان جي مٿان ڪهڙي هيهات گذري،
لنگهيو صبح ڪهڙو ۽ ڪيئن ٿي سمهاڻي.
وصل جا صنم قول پنهنجا تون پارج،
جڏي کي جدائي ۾ هرگز نه مارج،
مرن ڏينهن هڪ ٻيا، مگر مان ڏهاڻي.
سڄڻ سور تنهنجا مون پل پل ٿا مارن،
سندءِ ناز نخرا وري دل ڌتارن،
نزاڪت ٻي تنهنجي ٿي ماري سهاڻي.
نه رُس روز، اڄ ريجهه راڻل اسان سان،
اچي ويهه سهڻل سياڻل اسان سان،
”فدا“ سان به ڪر ڪا رمز ۾ رهاڻي.
(ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم
طالب الموليٰ)
حاجي فتح محمّد خان لغاري
(1898ع – 1989ع)
ڪلام
باغِ محبّت آ بنايو، يار ڏسڻ سان هتي.
سڪ ساوڪ آهي لائي، پرين پسڻ سان هتي.
پيار جو پاڻي مليو، تڏهن روح اندر ريج ٿيو.
نياز جو ٿڌڙو هنيو، عشق اچڻ سان هتي.
غم وڻ پوکيو، ڳڻتي وڏا ڪيا ڳٽار
وهم ولهڙي ويئي پکڙي، ورهه وسڻ سان هتي.
اوت الفت هنئين اندر ۾، پاڙون تنهنجون ويون پاتار.
ڦل مان ڦرڙو ڪيو، پرت پچڻ سان هتي.
”فتح محمّد“ سان فضيلت، گل ڏٺو گلستان ۾.
هاءِ حيران ٿي پيو، سرهاڻ سنگهڻ سان هتي.
(ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم
طالب الموليٰ)
سيّد سليمان شاهه ”سالم“
(1918ع – 1975ع)
ڪلام
رهيو پڻ ڪٿي اشتباههِ محبّت،
تنهنجي هر ادا آ گواهِ محبّت.
منهنجي نيستي تي بقا ڀي فدا آ،
جو مان هان هلاڪِ گناهِ محبّت،
پتو راز ان جو ڪنهين ڪين پاتو،
ڪٿان کان ڪٿي آهي راِهِ محبّت.
هي دنيا ٿئي رشڪِ فردوس مون لئه،
اگر ٿئي ڪو سيرِنگاهِ محبّت،
نه ”سالم“ کي غم آهِ رسوائين جو،
مان هان واقفِ رسمِ راهِ محبّت.
(ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم
طالب الموليٰ)
سيّد علي ڏنو شاهه ”علڻ“
(1907ع – 1980ع)
ڪلام
الله لڳ عرض هي منهنجو اگهائج يا رسول اللهؐ،
پنهنجي در پاڪ جي چائنٺ چمائج يا رسول اللهؐ.
دنيا درياهه گناهه لهرون وري ويئي وير پاپن جي،
ڪنڌيءَ تي ڪارڻي ڪشتي پڄائج يا رسول اللهؐ.
ڀليل بدڪار ۽ غافل بدعتي بي ثمر آهيان،
رحمت للعالمين رهبر، رسائج يا رسول اللهؐ.
”علڻ“ اسان عيبدارن کي ڌڪيندا باهه دوزخ ڏي،
ڏيئي هٿ فيض برڪت جا بچائج يا رسول اللهؐ.
(ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم
طالب الموليٰ)
*
سڄڻ علي ”سڄڻ“ قبولائي
(1934ع - 1991ع)
ڪلام
نه لڳندي زور جي ميندي نه ڪڏهن اڳ لڳي آهي،
سڄي دل ٿي نه سگهندي سا جا ڀورا ٿي ڀڳي آهي.
زياده ڏاڍ تنهنجي کان عمر آ ڏک وڇوڙي جو،
اکيون آليون اڃا آهن غمن ۾ تازگي آهي.
ٿڌي ٿر ۾ وڌو مانڌاڻ هي تو اوچتو آهي،
عمر ناهي اميري هي نڪا هي خانگي آهي.
مقابل هر مصيبت سان رهيا آهيون اسين مارو،
اڃا تائين اسان جي همتن ۾ زندگي آهي.
پڳن وارا ڌڻن وارا اجهي منهنجا سڄڻ آيا،
مون کي غيرت ۽ عصمت جي پڙهائي جن پٽي آهي.
(ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم
طالب الموليٰ)
الله ڏنو فقير ماڇي
(1882ع – 1962ع)
ڪلام
چڱي ڪر چڱو ٿين ڀلي لا سڃاڻي،
هستي ۽ هئڻ جو تندو ڇو ٿو تاڻي.
مٺو گهرڻ پرکي، گهاٽو پوڻ گهر کي،
ڳهلا ڳالهه هيءَ اٿئي، صريحاً سچاڻي.
جهڙي آهي ڪرڻي، تهڙي آهي ڀرڻي،
ڪڍي ڇڏ قلبئون، ڪلفت جي ڪهاڻي.
جيڪا پوک پوکيندون، لڻي ساڳي ويندون،
نفعي ۽ ڇيهي جي، اها اٿئي اهڃاڻي.
ثابت ڪر سچائي، ڪوڙي ڪڍ ڪچائي،
”الهه ڏنا“ اهو جي، تون ڄاڻ ڄاڻي
(ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم
طالب الموليٰ)
محمد علي ”مخمور“ راڄڙ
(1998ع)
غزل
محمّد آه ٿيو مطلوب ۽ محبوب مولا جو،
خدا ڀي ٿيو آهي، ثنا خوان محمّد جو.
ڄمڻ سان ڄام جي ڪريا، قصر ڪسريٰ سندا ڪنگرا،
سڀن کان سرس آ الله وٽ مانُ محمّد جو.
ڪِٿي ڪافر ڪنبايائين، بدر ۽ اُحد خندق ۾،
قرب مان پيو پڙهج ”مخمور“ قرآن محمّد جو.
(ڪتاب: ’مهراڻي جا مور، معمور يوسفاڻي)
امير بخاري
(1941ع - 2007ع)
غزل
منهنجو گفتو ڪنهن جي ڪُک ۾ ڪانُ هو،
ڪنهن جي دل جي درد جو درمان هو.
هڪ مٿان ٻيو، ٻئي مٿان ٽيون وارُ ٿيو،
وقت تنهنجو ڪيترو احساس هو.
هُن چيو اڳتي نه وڌ ويندين مري،
پر وڌيس، دڙڪو ته بس دهمان هو.
يار جي زلفن ۾ ڪنهن ورتي پناهه،
ڪنهن ملهايو جنگ جو ميدان هو.
هڪ چيو وڙهه، ٻئي چيو مڙ، مون ڏٺو،
هڪڙو هو داناءُ، ٻيو نادان هو.
ڪير هو، جيڪو نه وڪيو واڪ تي؟
جنهن جو هت وڪجي وڃڻ آسان هو.
ڪنهن ڪنو ڪردار ٿي پنهنجو ڪيو؟
ٿا چون انسان ڇا انسان هو؟
سر جدا، ڌڙ ڌار، هي ڇا ٿي ويو؟
ڳالهه هي آهي ته شاهي شان هو.
مان سان آيو، ويو موٽي امير،
ٻن گهڙين جو ئي ته هو مهمان هو.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار سيال)
*
محرم مجاهد
(1983ع)
غزل
غفلت کي ڇڏي هاڻ ٿي هشيار مجاهد،
مظلوم ۽ مسڪين جو غمخوار مجاهد.
سُستيءَ کي ڇڏي، هوش ۽ همت سان هتي اڄ،
ظالم جي لڙڻ لاءِ ٿي تيار مجاهد.
پاسو نه وٺج رئيس، وڏيري ڪنهن وڏي جو،
مزدور ۽ هاريءَ جو ٿي يار مجاهد.
زوردار ڪيو ظلم، وڏو آهي زمان ۾،
بوتن کان رهج باز ۽ بيزار مجاهد.
ٿي شام و سحر ملڪ ۽ ملت جو محافظ،
بي وقت رهج ڪيم تون، بيڪار ”مجاهد“.
(ڪتاب: ’مهراڻي جا مور، معمور يوسفاڻي
ڊاڪٽر عبدالقيوم ”منصور ملڪ“
(1952ع)
غزل
عدم کان اڳي هو، قلم کان اڳي هو.
عقل سوچ حڪمت، فهم کان اڳي هو.
زبر پيش توڙي، جزم کان اڳي هو.
شڪل روپ صورت، جسم کان اڳي هو.
جهانن ٻنهي جي، جنم کان اڳي هو.
خدا جو هي پاڇو، قسم کان اڳي هو.
هي ”منصور“ تنهنجي، ڌرم کان اڳي هو.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار سيال)
*
غلام رسول ’غلام‘ هالائي
(1920ع – 1984ع)
ڪلام
دغا باز دائم دغائون ڪندا پيا،
جفا جون نيون کوجنائون ڪندا پيا.
ڀلي پيا ڌڪاريو ۽ انڪار ڪريو،
سوالي سدائين صدائون ڪندا پيا.
مٺا جان ۾ جان جيسين ڪه آهي،
هٿن جون اوهان تي هو ڇانئون ڪندا پيا.
ستمگر جا سهه تون ستم تي ستم جو،
ستم جون سوين هو سٽائون ڪندا پيا.
جو وڙ سونهين جن سان اُهو وڙ اُهي ڪن،
وفا ڪي ڪندا ڪي جفائون ڪندا پيا.
”غلاما“ نه ڊڄ تنهنجي نيت سچي آ،
گلا خور گڏجي گلائون ڪندا پيا.
(ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم
طالب الموليٰ)
مير عبدالرسول ”مير“
(1950ع)
غزل
ڪنهن جو قصور ڪونهي، ڪنهن تي ميارَ ڪانهي،
توکي به سار ڪانهي، مونکي به سار ڪانهي.
هي عشق ”عشق“ آهي، وهه جو وُروڌ آهي،
ماکي نه آهي اَڪَ جي، ماکيءَ جي لارَ ڪانهي.
مون نينهن سان نڀايو، پنهنجو نصيب سمجهي،
ڪائي به جيت ڪانهي، ڪائي به هارَ ڪانهي.
سَر تي سَکي نه آهي، جَر جو پکي نه آهي،
تَــڙَ تي تنوار ڪانهي، تِر جي تنوارَ ڪانهي.
جنهن ساڻ ابتدا ٿي، تنهن ڪاڻ انتها ٿي،
اکڙيون مليون ٻه، ليڪن، ٻي ڪا نهار ڪانهي.
هڪ کي ڏنو به آهي، جَڳ کان مِٺو به آهي،
جيڏي آ پريت پنهنجي، ايڏي ڄمار ڪانهي.
ڀُلجي به مون کي ڪڏهين، مهڻو ڏجان نه ساٿي،
اُن کان وڌيڪ مون لئه ڪائي ترار ڪانهي.
واڳون اسان جون پنهنجون پنهنجن هٿن ۾ آهن،
ڪنهن به ”مير“ هٿ ۾ پنهنجي مهار ڪانهي.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار سيال)
*
زخمي چانڊيو
(1961ع – 2000ع)
غزل
سورن ۾ ساماڻو آهيان،
پوءِ به ٿيو ويڳاڻو آهيان.
رڳ رڳ ۾ ناسور ٿا نسرن،
لوهه جي ڄڻ ڪو ڇاڻو آهيان.
پنهنجن لاءِ مان پارس اهڙو،
موتيءَ جو ڄڻ داڻو آهيان.
سور سهي سنڀران زخمي،
شايد ڪاڪ جو راڻو آهيان.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار سيال)
سوز هالائي
(1937ع)
غزل
زلف جانان تي لکيل منهنجو غزل،
مُشڪ جي خوشبو ڀنل منهنجو غزل.
سادگيءَ جي سونهن ۾ آهي رتو،
راڳ جو ردعمل، منهنجو غزل.
لفط ٽيڙن وانگيان، پئڙا ٽڙي،
پونماسي جي مثل منهنجو غزل.
ڪيترو مشهور ٿيو فيروز غزل.
شهر جانان ۽ غزل جي شهر ۾،
گيت جهڙو آ غزل، منهنجو غزل.
مون لکيو جو هُن جي نيڻن تي هئو،
ٿي ويو هن جو غزل، منهنجو غزل.
سُرَ، ردم اَلاپ سڀ هڪ ٿي ويا،
سارنگي سان سُر منڊل، منهنجو غزل.
”سوز“ سنڌوءَ تي ويهي جهونگاريو،
ڄڻ ته ڪو ٽڙيو ڪنول، منهنجو غزل.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار سيال)
”راز“ ناٿن شاهي
(1947ع)
غزل
تنهنجو جوڀن رنگ رتول، ماکي جهڙا منهنجا ڍول.
رات سموري چپ چپات، ٿوروئي، پر واتان ٻول.
هي جڳُ گذري ٻي دنيا ۾، تنهنجا منهنجا ساڳيا قول.
تارن ويري ڪارو اُڀ، ڌرتيءَ تي مون جهليو جهول.
تون ڀي جهونگارين ٿو يار، منهنجا شعر اهي انمول.
ڪهڙو ”راز“ مٿان ويساهه، منزل منزل جو آ رول.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار سيال)
فتاح هاليپوٽو- شرجيل
(1938ع)
آزاد نظم
ڪا خوشي آهي توکي
جو ويڙهجي سيڙهجي
پنهنجي خوبصورت هٿن ۾
ڪو پيڪيٽ کڻي آئي آهين
ڏاڍي فارمل
۽ پرائي پرائي پئي لڳين
ڪا اهڙي ڳالهه ڪانهي
مان ساڳيو آهيان
رڳو وقت جا فاصلا آهن
ها، مان کاوان ٿو
تو پيڪيٽ کولي
چاڪليٽي ڪِريم لڳل
خوبصورت ڪيڪ رکيو آهي.
مون وٽ،
چاقو، ڇُري ۽ ڪانٽو ڪونهي
ها، ترس.....
مون وت، پينٽنگ نائيف گهڻا آهن
پوءِ تنهنجي خوبصورت هٿن ۾
پيٽنگ نائيف ڏسي
الائي ڇو
ائين محسوس ڪيم
ڄڻ تون
ڪنهن جو اندر چيري رهي آهين،
ڄڻ-
”گلن“ کان،
”ڪنڊن“ جو ڪم وٺي رهي آهين.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار سيال)
سمورا اوائلي اسلامي شهر وسيع پيماني تي رٿابنديءَ
سان تعمير ڪيا ويا هئا. تعمير ٿيل گهرن جي ماپ ۽
انهن ۾ جيڪو قيمتي چن جو گارو استعمال ڪيو ويو
آهي، ان مان اسلامي معاشري جي ابتدائي معاشرتي ۽
اقتصادي قدرن جي نشاندهي ٿئي ٿي. شهرن جي درمياني
۽ ڳتيل آباديءَ وارن حصن ۾ هڪ وڏي جامع مسجد جڙيل
هوندي هئي. مسجد جي ويجهو مدرسو يا سرڪاري عمارتون
ٺهيل هونديون هيون. انهيءَ ڳالهه جي ثابتي ڀنڀور
جي جامع مسجد جي ڏاکڻي دروازي جي سامهون هڪ وڏي ۽
گهڻن ڪمرن واريءَ مستطيل عمارت جي نشانن مان ملي
ٿي. شهرن ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جي لاءِ هڪ اثرائتو
نظام موجود هو، جنهن جو اندازو ڀنڀور ۽ منصوره جي
آثارن مان هٿ آيل سڪل کوهن جي موجودگيءَ مان لڳائي
سگهجي ٿو. مسجدن سان لاڳاپيل پاڻيءَ جي نيڪال جون
ناليون چن جي گاري سان لنبيل ۽ سرن سان ڍڪيل
هونديون هيون. مسجدن سميت سڀني عمارتن جي ڇتين کي
ڪاٺ جي سهاري تي قائم رکيو ويندو هو.
پيداواري مرڪز ۽ تجارتي حصا شهر جا اهم حصا هوندا
هئا. ٻنهي اهم شهرن، ڀنڀور ۽ منصوره، ۾ روزمره جي
گهريلو شين ۽ بين الاقوامي منڊين ۾ وڪري جي سامان
لاءِ الڳ ايراضيون مقرر ڪيل هونديون هيون. ڀنڀور ۽
منصوره جي آثارن مان مقامي سطح تي عاج، برتن،
تسبيح جا مڻيا، سڪن ۽ شيشي جي سامان ٺاهڻ جا واضح
ثبوت ملن ٿا وڏي پيماني تي صنعتي مشغولي قلعي کان
ٻاهر هوندي هئي، جنهن جو مثال ڀنڀور جي انهن ڪوٺين
جي قطارون ۽ کليل ايراضيءَ جا نشان آهن، جن مان
ڪپڙي رڱڻ جا ڪيترائي وڏا ٿانو ۽ مٽ دستياب ٿيا
آهن. منصوره جي کوٽائيءَ مان لوهه جا جيڪي پنجاهه
کان پنجهٽ ڪلو گرامن جا وزني دروازن جا ڪڙا هٿ آيا
آهن، تن جي ٻاهران نقش ڪيل ڇلي ۽ عجيب غريب تصوير
۾ ٽين، شيهي ۽ ٽامي کي جنهن تناسب سان ڪتب آندو
ويو آهي، تنهن مان انهيءَ ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي
ته اوائلي اسلامي دور ۾ منصوره ڌاتن صاف ڪرڻ جي فن
۾ تمام گهڻو ترقي ڪري چڪو هو.
ڊاڪٽر محمد رفيق مغل
سنڌيڪار: عبدالرزاق گهانگهرو
رسالو مهراڻ 1-2/1994ع تان کنيل |